راءُ گهراڻو:
هون لوڪن کان ترت پوءِ سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن راءِ گهراڻي سن 499ع ۾ حڪومت جون
واڳون ورتيون. جن پاڻ کي راءُ گهراڻي جي لقب سان
سڏايو.(1)
سندن راجائن جو تفصيل هن ريت آهي:
1. راءُ ڏيواجي، 2. راءُ سهاراس پهريون، 3. راءُ سهاسي پهريون، 4. راءُ
سهاراس ٻيو، ۽ 5. راءُ سهاسي ٻيو ٿي گذريا آهن.
راءُ گهراڻي جي سنڌ تي حڪومت جي دؤر ۾، ايرانين هن ديس ۾ ڦرلٽ ڪئي، پر کين
سنڌ جي راجا ڀڄائي ڪڍيو. انهن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي
گادي نيرون ڪوٽ يعني حيدرآباد لڳ هئي.
برهمڻ گهراڻو:
راءُ گهراڻي کان پوءِ سن 642ع ۾ وري برهمڻ گهراڻي، سنڌ تي ڌاڪو ڄمايو، هنن
جا مشهور راجا: چچ، چندرا، ڏهر ۽ ڏهرسين ٿي گذريا
آهن. هنن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ سنسڪرت ٻوليءَ زور ورتو
۽ سرڪاري لکپڙهه پراڪرت ٻولين ۾ ٿيڻ لڳي. هنن جي
گاديءَ جو هنڌ الور هو.
عربن جون ڪاهون:
عربن سنڌ تي ڪل چوڏهن حملا ڪيا. سن 712ع واري عربن جي ڪاهه جو بظاهر سبب اهو
هو ته سرانديپ / سري لنڪا جي راجا، خليفي وليد سان
دوستي قائم رکڻ خاطر ڪي غوراب (ٻيڙا) ڀرائي دمشق
موڪليا، جن ۾ ڪي حاجي، حج ڪرڻ لاءِ سوار هئا ۽
انهن ٻيڙن ۽ ٻانهيون، موتي ۽ جواهر، ٻيون به
سوکڙيون پاکڙيون جام هيون. اهي غوراب، جڏهن سنڌ جي
حدن واري سمنڊ ۾ داخل ٿيا، ته ڪي قزاق (درياهي
چور) انهن کي ڦري آيا. سمورا غوراب لٽي ديبل بندر
تي پهتا. انهيءَ ويل مال جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ
خليفي، ان وقت جي راجا ڏاهر کي لکيو ته چورن کي
جهلي سزا ڏيئي، سامان ۽ ماڻهو اسان ڏانهن موڪل، پر
ڏاهرَ هن جي خط جي ڪاڻ نه ڪڍي. نتيجي طور سنڌ تي
عربن کي ڪاهڻ جو موقعو مليو.
محمد بن قاسم:
سن 711ع ۾ بزيل جي مارجي وڃڻ کان پوءِ، ٻئي سال محمد بن قاسم ثقفي، جيڪو
بغداد جي گورنر حجاج بن يوسف جو ڀائٽيو ۽ ناٺي هو.
سو ڪاهي آيو ۽ فتحياب ٿيو ۽ سنڌ تي قبضو ڪيائين ۽
ڏاهر مارجي ويو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ ديس دمشق جي
ماتحت رهيو.
عربن جي حڪمرانيءَ وارن ڏينهن ۾، سنڌ ملڪ تي عربي ٻوليءَ، مذهب اسلام،
اسلامي روايت، رهڻي ڪرڻي ۽ لباس جو گهڻو اثر ٿيو.
عربن جي حڪومت جي زماني ۾ هڪ ڀيرو پرمار راجپوتن
حملو ڪيو، پر شڪست کاڌائون.
هباري خاندان:
عربن، سوا سؤ ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي. پڇاڙيءَ ۾ عربيءَ النسل سنڌي هباري
خاندان سن 854ع ۾ سنڌ جو خودمختيار حاڪم بڻجي ويو.
جن کان سن 1010ع سومرا راجپوتن مڪمل نموني سنڌ وٺي
پنهنجي قبضي ۾ ڪئي، ۽ عربن جو باجگذار ٿي رهڻ پسند
ڪيو، جڏهن 60 ورهيه اڳ سن 950ع ۾، پهريون سومرو
حاڪم نالي سومار ملتان کي گادي بنائي تخت تي ويٺو.
محمود غزنوي جي ڪاهه:
سن 1028ع ۾، محمود غزنويءَ سنڌ تي ڪاهه ڪئي. هن جي ڪاهڻ جو ڪارڻ هيءُ هو ته:
فردوسي شاعر، جنهن سان محمود انجام ڪيو هو ته هو
مون کي شعرن ۾ سڄو شاهنامو، ايران جي بادشاهن جي
تاريخ جهڙو لکي ڏيندو ته کيس هرهڪ مصرع لاءِ هڪ
سوني مهر ڏيندس. ان ۾ ڪل سٺ هزار مصرعون ٿيون.
ايتري رقم، وزير جي صلاح موجب، محمود، فردوسيءَ کي
ڏيڻ قبول نه ڪئي. تنهنڪري فردوسي شاهنامي جي
پڇاڙيءَ ۾ هن تي هجوَ (گلا جا بيت) لکي پاڻ وڃي
دمشق ۾ خليفي قادرباالله وٽ پناهه ورتائين.
محمود، خليفي کان فردوسيءَ جي ٻانهن جي گهرُ ڪئي، جنهن ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
جيئن ته ان زماني ۾ سنڌ جون واڳون اڃا خليفي جي هٿ
وس هيون، تنهنڪري خليفي کي مجبور ڪرڻ واسطي، هن
سنڌ تي چڙهائي ڪئي. پوءِ سنڌ تي حملو ڪري وڏي ڦرلٽ
ڪيائين، پر سنڌ ڪڏهن به غزنوي سلطنت ۾ شامل نه
رهي.
غوري جي ڪاهه:
محمود کان پوءِ سن 1032ع مطابق 571هه ۾، شهاب الدين غوريءَ پهريون دفعو سنڌ
تي حملو ڪيو، پر ڪامياب نه ٿيو، وري سن 1040ع
مطابق 558هه ۾، ٻيو ڀيرو زبردست حملو ڪري سنڌ فتح
ڪئي، ۽ سنڌ کي افغانستان جي ڏن ڀروڪيائين.
سومرا گهراڻو:
سن 1030ع کان پوءِ سومرا راجپوت محمود غزنوي جي حملن جي ڪري سڄي سنڌ جا
ملتان تائين حڪمران بڻجي ويا. ان ريت سومرا سنڌ تي
حڪومت هلائڻ لڳا. گاديءَ جو هنڌ وگهه ڪوٽ ڪيائون.
سن 1125ع ۾، سومرن راجپوتن کان سوڍن راجپوتن ڏکڻ سنڌ جي حڪومت کسي ۽ پاڻ
مسلمان ٿي سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳا. هنن پنهنجي
گاديءَ جو هنڌ عمرڪوٽ رکيو.
سن 1226ع مطابق 427هه ۾، ترم شيرين عرف علاؤالدين نالي دهليءَ ۾ رهندڙ
ايراني سالار، سنڌ تي ڪاهيو، جنهن سان سومرن سخت
مقابلو ڪيو ۽ ترم شرين پوئتي موٽ کاڌي.
سن 1236ع ۾، هندستان جي التمش بادشاهه، پنهنجي وزير نظام الملڪ کي سنڌ تي
چاڙهي موڪليو. ان وقت رڳو بکر خطي جو حاڪم
ناصرالدين قباچه هو، باقي سنڌ جا والي سومرا هئا.
نظام الملڪ ناڪام ٿي پوئتي موٽيو. سومرن اٽڪل ٽي
سؤ ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي. جيئن ته سوڍا راجپوت
مسلمان ٿيا هئا، تنهنڪري هنن جي ڏينهن ۾ اسلام زور
ورتو.
سمن جي اقتدار وٺڻ جي هڪ لوڪ روايت:
سن 1333ع ۾، سومرن جي پوئين حاڪم معين الدين عرف ارمائيل عرف همير کان سمن
حڪومت هٿ ڪئي. سومرن سمن کي غيرت ڏياري، نه ته سما
سدائين سندن صلاحڪار رهندا ٿي آيا. اهو ذڪر هن طرح
آهي ته: هڪڙي جشن لاءِ سومرن جي شهزادن کي پاڏي جي
گوشت جي ضرورت ٿي. سو بنا پڇاڻي سمن جي گهر مان هٿ
ڪري وڃي ڪٺائون. اها ڏاڍائي ڏسي، سمن جي زالن،
مردن کي هشڪاريو ته اڄ بنان موڪل جي پاڏو ڇوڙي ويا
آهن، سڀاڻي توهان جون زالون به وٺي ويندا. انهيءَ
طعني سمن کي مجبور ڪيو، ته سومرن کان حڪومت کسي
پنهنجي قبضي ۾ رکن.
سما گهراڻو:
سن 1335ع سمن جو پهريون حاڪم ڄام انڙ پٽ ٻانڀيڻو(1)،
جيڪو لشڪر جو سردار هو، تنهن کي تخت تي
ويهاريائون.
سمن جا حاڪم، جن ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو ۽ ڄام جوڻو بهترين حڪمران ٿي
گذريا آهن. ڄام جوڻي سنڌ جي اُترئين حصي بکر تي
ڪاهه ڪري، اهو حصو ترڪن کان ڇڏائي، سنڌ جو حصو
بنائي ڇڏيو. اهو حصو گهڻو زمانو سنڌ کان ڌار ليکيو
ويندو هو.
ڄام فيروز جي ڏينهن ۾ ڄام صلاح الدين کي حڪمران بڻائڻ لاءِ گجرات جي راجا
سنڌ تي ڪاهه ڪئي، جنهن کي وزير اعظم ۽ سپه سالار
دولهه درياهه خان سخت شڪست ڏيئي، پٺتي ڀڄائي ڪڍيو.
سمن جي گاديءَ جو هنڌ ساموئيءَ جو شهر گهاري
درياءَ جي ڪپ تي هو.
سن 1351ع ۾، محمد شاهه تغلق سنڌ تي ڪاهه ڪئي، بکر وٽ پهتو ته پلو تيار ڪرائي
خوب کاڌائين، جنهن جي ڪري پيٽ ۾ ولوڙ پيس ۽ مري
ويو ان ريت اهو لشڪر وڃي.
سن 1362ع ۾، محمد تغلق جي جاءِ نشين فيروز شاهه تغلق، سنڌ تي چڙهائي ڪئي ۽
سنڌ کي فتح ڪري، دهليءَ جي تابع ڪري ڇڏيو. ستت ئي
ڄامن لشڪر گڏ ڪري ڄام جوڻي ۽ ڄام خيرالدين، تغلق
جي لشڪر سان وڙهي سنڌ آزاد ڪرائي.
(سمن جي راڄ ۾ ڄام صدر الدين عرف ڄام ٻانڀڻيو
II
جي دور ۾) سن 764هه / 1362ع ۾ دهليءَ جي سلطان
فيروز تعلق ڪاهه ڪري پوکون ساڙائي ڇڏيون، تنهنڪري
ملڪ ۾ ڏُڪار پئجي ويو هو.
ارغون گهراڻو:
سن 1520ع ۾، سمن جي پوئين حاڪم ڄام فيروزالدين کان ميرزا شاهه بيگ ارغون جنگ
کٽي. هن جنگ ۾ سمن جو بهادر سپهه سالار دولهه
درياهه خان شهيد ٿي ويو، سمن هارايو ۽ ارغونن جي
سنڌ تي حڪومت شروع ٿي، هنن پهريائين گاديءَ جو هنڌ
ٺٽو ۽ پوءِ نصرپور ڪيو.
همايون جي ڪاهه:
سن 1540ع ۾، هندستان جي بادشاهه همايون کي، بنگال جي حاڪم شير شاهه سوريءَ
شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو، جو ٻه لک فوج ساڻ وٺي
راجپوتانا مان رلندو سنڌ ۾ اچي سهڙيو. پورا ٽي سال
سنڌ ۾ پئي ڦريو.
سن 1542ع ۾ همايون کي سنڌ ديس اندر عمرڪوٽ کي ويجهو اڪبر نالي پٽ ڄائو، جو
پوءِ هندستان جو شهنشاهه ٿيو.
همايون، سيوهڻ تي حملو ڪيو، پر ميرزا شاهه حسن کي تابع ڪري نه سگهيو. پوءِ
سنڌ مان نڪرڻ جو خيال ڪيائين، پر وڃڻ لاءِ سواريون
به هٿ ڪري نه سگهيو. آخر مخدوم سرور نوح رحه، هن
کي ٻيڙين جو بندوبست ڪرائي ڏنو ۽ سنڌ مان ڪوچ ڪري
ايران هليو ويو.
ترخان گهراڻو:
سن 1552ع ۾، ارغونن جي ميرزا شاهه حسن حاڪم کان ترخانن جي اڳواڻ ميرزا عيسيٰ
پهرئين حڪومت هٿ ڪئي. جڏهن ارغونن ۽ ترخانن جي وچ
۾ ويڙهه هلندڙ هئي، ته ميرزا عيسيٰ ترخان اول بکر
جي حاڪم محمود ڪوڪلتاٿس خلاف پورچوگيزن کي مدد
لاءِ لکيو هو.
سن 1555ع ۾، پورچوگيزن جو جنگي ٻيڙو پيڊرو بئريٽو جي سرڪردگي هيٺ ٺٽي ۾ اچي
وارد ٿيو. پر ميرزا عيسيٰ ترخان پورچو گيزين جي
پهچڻ کان اڳيئي بکر جي حاڪم سان ٺهي ويو هو،
انهيءَ ڪري هن پورچوگيزين جي ڪابه پرگهور نه لڌي،
تنهنڪري هنن ڪاوڙجي ٺٽي شهر ۾ ماراماري ۽ ڦرلٽ
ڪيائون ۽ پڇاڙيءَ ۾ شهر کي باهه ڏيئي ساڙي هليا
ويا.
مغل:
سن 1593ع ۾، اڪبر بادشاهه عبدالرحيم خان خانان جي اڳواڻيءَ ۾ فوجون موڪلي،
ترخانن جي پوئين حاڪم جاني بيگ کي شڪست ڏيئي، سنڌ
کانئس ڇڏائي، دهليءَ جي تابع رکي ۽ سنڌ ملڪ کي
ملتان جو هڪ ضلعو ڪري ليکيو. هڪڙي درويش ان وقت
پيشنگوئي ڪئي ۽ چيو.
جيسين نديءَ نير، تيسين طبل تنهنجو،
ڪلهوڙو قلات مان آندوسين اُڪير،
ڪلهوڙي جا ڪيرَ، پورياسين پاتار ۾.
مغلن جي قبضي ۾ اچڻ کان پوءِ، سنڌ تي ڀار هڪ سؤ ورهيه کان مٿي (1621ع -
1737ع) تائين مغلن حڪومت ڪئي.
سن 1600ع ۾، ترخانن جو زور گهٽجي ويو. ڏاکڻي سنڌ جي حصي تي مغلن پاران مقرر
ڪيل اهلڪار خسرو خان چرڪس خودمختيار ٿي حڪومت ڪرڻ
لڳو. ترخانن جي گاديءَ جو هنڌ پڻ ٺٽو ٿيو(1).
دائودپوٽا:
سن 1617ع ۾، اتر سنڌ تي دائودپوٽن قبضو ڪيو ۽ شڪارپور کي گاديءَ جو هنڌ مقرر
ڪيائون. اهي ڪلهوڙن جا سڳا سوٽ هئا.
ڪلهوڙا گهراڻو:
سن 1657ع ۾، ڪلهوڙا، قلات کان سنڌ ۾ موٽي آيا. هيءُ قبيلو اصل سنڌ جو رهواسي
آهي، هنن جي ڏاڏي جو نالو اوڍاڻو هو. سنڌ ۾ ڪل هڪ
گاهه جو نالو+ واڙ معنيٰ ”لوڙهو“. اها زمين جنهن
تي ڪل جو گاهه گهڻو نڪرندو هو اتي رهيا. تنهنڪري
کين ”ڪلهوڙا“ ڪوٺيائون.(1) هيءُ هڪ ويڙهاڪ قبيلو هو. هنن کي سن 1570ع ۾ مغلن باغي چئي،
کين ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي. هنن قلات ۾ وڃي پناهه
ورتي هئي.
سن 1558ع کان سنڌ ۾ هن قبيلي جا ڪي درويش فقير: ميان آدم شاهه ميان شاهه
محمد ۽ ميان الياس پيري مريديءَ وسيلي پنهنجو
سماجي، مذهبي ۽ سياسي زور، وڌائيندا رهيا، پر مغل
حڪومت جو هنن طرف اڳ ۾ ڪو ڌيان نه هو.
سن 1658ع ۾ ڪلهوڙن لشڪر ٺاهي، مغلن سان چوٽون کاڌيون، مغلن مجبور ٿي، دهليءَ
تخت پاران ميان يارمحمد ڪلهوڙي کي سندَ ڏيئي،
پنهنجو نائب ڪري سنڌ جو والي بنايو.
سن 1700ع ۾، ميان يارمحمد پاڻ کي سنڌ جو خودمختيار حاڪم سڏايو ۽ پنهنجي
گاديءَ جو هنڌ خداآباد کي بنايو. سن 1718ع ۾ سندس
پٽ نورمحمد ۽ محمد خان به قلات کان لڏي سنڌ ۾ آيا.
سن 1719ع ۾، ميان نورمحمد ڪلهوڙي اتر سنڌ مان
دائودپوٽن جو زور ڀڃي، سنڌ جي سياسي وحدت کي
مستحڪم ڪيو.
نادر شاهه جي ڪاهه:
سن 1739ع ۾، ايران جي بادشاهه نادر شاهه هندستان تي ڪاهه ڪئي ۽ محمد شاهه
مغل جي ڌيءُ پنهنجي پٽ کي پرڻائي ۽ سنڌ، هن کي ڏاج
۾ ڏني، نادرشاهه سنڌ کي ورهائي ڇڏيو. اتر سنڌ وارو
حصو دائودپوٽن کي مليو،
اتر - اولهه وارو ڀاڱو قلات سان ڳنڍيو ويو. سنڌ
وري ٽڪر ٽڪر ٿي ويئي.
سن 1747ع ۾، نادرشاهه جي موت کان پوءِ، احمد شاهه ابدالي سنڌ تي چڙهائي ڪري
آيو، ڏاڍو نقصان ڪيائين. نورمحمد ڪلهوڙو وڃي
عمرڪوٽ جي قلعي ۾ بند ٿيو، پوءِ ڏن ڀرڻ جي ضمانت
ڏئي، پنهنجي تخت تي ويٺو.
ٽالپر خاندان:
سن 1781ع مطابق 1198هه ۾، ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي مدد لاءِ، افغانستان جي
حاڪم تيمور شاهه، هڪ وڏو ڪٽڪ، مدد خان پٺاڻ جي
ڪمان هيٺ سنڌ ڏي ڏياري موڪليو. جنهن کي عبدالنبيءَ
کان وعدي ڪيل ڏن جي رقم نه ملي. هنن سڄي سنڌ ۾
ٻائيتال ٻاري ڏنو: ڦرلٽ ڪئي، شهر ساڙيا، ماڻهن کي
ماريو اصل مانڌاڻ وجهي ڇڏيو. مدد خان جي قهري
ڪارنامن ڪري سنڌ ۾ هيءَ چوڻيون عام ٿيون:
گهل ڙي گهل، گهوڙا! ڙي گهوڙا!
ڇو ڪو مدد خان پويان پيو اٿئي ڇا؟
هن دور ۾ نصرپور، اگهم ڪوٽ، عمرڪوٽ، ڇاڇرو، ڪانٽيو، فتح باغ، جوڻ ۽ بدين جا
شهر ڦريا لٽيا ۽ ساڙيا ويا. عبدالنبي ڪلهوڙي جي
ظلم کان تنگ ٿي هڪ درويش بيت ڏنو(1).
نڪو نديءَ نير، نڪو طبل تنهنجو،
ڪلهوڙو قلات جو، تڙي ڪيوسون تغير،
ڪلهوڙي جا ڪيرَ، پٽياسون پاتار مان.
نيٺ مدد خان کي، فتح علي خان ٽالپر ٻروچن جو لشڪر وٺي، ان سان وڙهي سنڌ مان
ڊوڙائي ڪڍيو.
ٽالپر خاندان کي، ڊيره غازي خان کان ميان محمد خان پٽ يارمحمد خان ڪلهوڙي
لڏائي، آڻي سنڌ جي لشڪر ۾ ڀرتي ڪرايو هو.
ٽالپر: سن 1782ع ۾، هالاڻيءَ جي جنگ ۾ مير فتح علي خان، ميان عبدالنبي
ڪلهوڙي جي لشڪر کي زبردست شڪست ڏئي، سنڌ پنهنجي
قبضي ۾ آندي.
سن 1783ع ۾، مير فتح علي خان، ٽالپرن پاران سنڌ جو پهريون حڪمران ٿي گاديءَ
تي ويٺو. گاديءَ جو هنڌ حيدرآباد کي ڪيائين.
ٽالپرن پنهنجي حڪومت، ٻن چؤيارن بنائڻ سان ڏاڍي قرب ۽ محبت سان هلائي، سنڌ
ديس کي ٽن حصن ۾ ورهايائون ۽ هر هڪ پاڙو جدا جدا
ملڪ سنڀالڻ لڳو.
اعظم خان جي ڪاهه:
سن 1810ع ۾، قنڌار جو هڪ وزيراعظم خان وڏي فوج وٺي سنڌ تي ڪاهي آيو. لاڙڪاڻي
واري حصي تي حملو ڪيائين. ميرن نوَ لک رپيا خراج
ڏنس جيڪا وٺي، هو خوش ٿي روانو ٿي ويو.
شاهه شجاع جي ڪاهه:
سن 1828ع مطابق 1248هه ۾ شاهه شجاع، هندستان جي لڌياني شهر مان منزلون
هڻندو، سنڌ ۾ افغانن جو خراج اڳاڙڻ لاءِ پهتو.
جنهن جي ڪري کرڙيءَ واري جنگ لڳي، جنهن ۾ سوين
سنڌي شهيد ٿيا.. پر پوءِ سگهو ئي صلح ٿيو. اهو به
خراج وٺي افغانستان هليو ويو. جو انگريزن کيس وري
تخت تي ويهارڻ جو سانباهو ڪيو هو. ميرن جون شڪستن
تي شڪستون سڻي صوفي صادق فقير سومري بيت چيو:
نڪي ٿو چاڙهيان لانگ، نڪي ٿو چاڙهيان ٻانگ،
ڀورا اچي ڀيل، ساري سنڌ صادق چوي!
(يعني لانگ وارا هندو ۽ ٻانگ وارا مسلمان حڪومت ڪرڻ کان ڇٽا، مرڳو نئين قوم
ڀورن (انگريزن) جي ٿي اچي.)
انگريز جي حڪمراني:
سن 1838ع ۾ انگريزن سنڌ ۾ پختا پير ڄمايا. ٽالپرن کان اجازت وٺڻ لڳا ته:
اسان کي شاهه شجاع جي مدد ڪرڻ واسطي، افغانستان
ڏانهن لشڪر موڪلڻ لاءِ، سنڌو نديءَ مان لنگهڻ جي
اجازت ڏيو. گهڻي ڪوشش کان پوءِ اها اجازت حاصل
ڪيائون. سنڌ ۾ ته اڳئي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ واپار
سانگي ڪوٺيون وڌيون هئائون. جڏهن ميرن کي شڪست ڏئي
سنڌ جي حڪومت هٿ ڪيائون، ته ماڻهو چوڻ لڳا ته ”آئي
ٽانڊي ڪاڻ، ٿي ويٺي بورچاڻي“ ڇو جو واپار جو بهانو
بنائي، سنڌ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جاچي دغا سان ميرن کي
منجهائي ۽ پاڻ ۾ ويڙهائي حاڪم بنجي ويا، پر ميرن
لاءِ به اها ڳالهه مشهور ٿي ويئي ته: ”ميرن کي
ڪٿان لڳي؟ چي: گهر مان.“ هنن انگريزن جي چالاڪي نه
سمجهي هئي، هو ويا معاهدن تي معاهدا ڪندا ته ٽالپر
به ويا صحيحون وجهندا!
سن 1843ع ۾، مياڻي ۽ دَٻي ڳوٺن وٽ پوئين ميرن نصيرمحمد ۽ شيرمحمد خان
انگريزن سان جنگيون ڪيون، پر پڄي نه سگهيا.
انگريزن قبضو حاصل ڪري سنڌ جو پهريون گورنر سرچارلس نيپئر کي مقرر ڪيو ۽ سنڌ
جي گادي ڪراچيءَ ۾ ڪئي.
سن 1847ع ۾، سنڌ مان گورنري راڄ ختم ڪري، انگريزن سنڌ صوبي کي ممبئي پرڳڻي
سان ملائي ڇڏيو. سنڌ جو پهريون ڪمشنر پرنگل کي
مقرر ڪيائون.
سنهان ڀانءِ مَ سپ، وياءَ واسنگن جا،
جنين جي جهڙپ، هاٿي هنڌان ئي نه چري.
سن 1914ع ۾، يورپ ۾، انگريزن سان جرمنن جي لڙائي لڳي، جنهن ۾ سڄو ننڍو کنڊ
انگريزن جا مددگار رهيو. اها جنگ جرمنن کان
انگريزن کٽي ورتي.
اچي عزرائيل ستي جاڳائي سسئي،
ٿي ڊوڙائي دليل، ته پنهونءَ ماڻهو موڪليو.
سنڌ جي بمبئي کان انتظامي جدائي:
سن 1937ع ۾، قائداعظم محمد علي جناح، سر سلطان محمد شاهه آغا، سيٺ حاجي
عبدالله هارون، سر غلام حسين هدايت الله، محمد
ايوب کهڙي، جي. ايم سيد ۽ ميران محمد شاهه جن
گڏجي سنڌ کي ممبئي پرڳڻي کان ڌار ڪرايو. سنڌ هڪ
صوبو سڏجڻ ۾ آيو، جنهن جو پهريون گورنر سرلانيسلاٿ
گرهام مقرر ٿيو.
سن 1939ع ۾ وري جرمنن سان انگريزن جي ٻيو ڀيرو لڙائي لڳي. ان ۾ به انگريزن
کٽيو. هن دفعي هند ۽ سنڌ انهيءَ شرط سان انگريزن
جي مدد ڪئي، ته جي انگريزن کٽيو ته هند ۽ سنڌ کي
مڪمل آزادي ڏيندا.
انگريزن پورا هڪ سؤ ورهيه سنڌ ملڪ تي حڪومت ڪئي.
پاڪستان جو ٺهڻ: سن 1947ع ۾ انگريزن جي پوئين وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن جي
ڏينهن ۾ هند ۽ سنڌ آزاد ٿيا ۽ انهن جو ورهاڱو ٿيو.
هڪ نئون ملڪ ”پاڪستان“ وجود ۾ آيو. هن ۾ پنجاب،
بلوچستان، سرحد ۽ سنڌ صوبا الهندي پاڪستان جي نالي
سان ٺهيا ۽ اڀرندو بنگال نالي، اڀرندي پاسي اوڀر
پاڪستان جو حصو قائم ٿيو، جن کي گڏي پاڪستان نالو
ڏنو ويو.
انهي نئين ٺهيل ملڪ پاڪستان جو گورنر جنرل، قائداعظم محمد علي جناح ٿيو.
ڪراچي کي گاديءَ جو هنڌ بنايو ويو.
منڪر ۽ نڪير کي، جڏهن ڏٺائين،
اڳيان اٿي ان کي، پنهون پڇيائين،
ادا! اُئائين، ڪو ويو ساٿ سڄڻ جو؟
ون يونٽ: سن 56 - 1955ع ۾، پاڪستان جي گورنر جنرل غلام محمد، سنڌ کان صوبائي
اختيارات کسي، سنڌ کي اولهه پاڪستان جو هڪ انتظامي
حصو قرار ڏئي ”ون يونٽ“ ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ لاهور
کي گاديءَ جو هنڌ بنايو.
هيڪليائي هيل، پوريندس پنهونءَ ڏي،
آڏا ڏونگر لڪيون، سوريون سجهن سيل،
ته ڪر ٻيلي آهن ٻيل، جي سور پريان جا ساڻ مون.
ان وقت سنڌ جو وزير محمد ايوب کهڙو هو. جنهن سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل ڪرايو.
ان ريت ٻٽيهه ڪروڙ رپيا سنڌ جو فنڊ به اولهه
پاڪستان جي خزاني ۾ جمع ٿي ويو.
ٻلر لڳو ٻاڻَ، پسو! جوءِ جرا ٿئي،
سا منڌ مري نه جيئي، پيئي پڇاڙي پاڻ،
سسئي سورن ساڻ، سنڀوڙي سيد چئي.
مٿين ڪاهن، جنگين ۽ ڦيرين گهيرين، سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن تي وڏو اثر وڌو آهي:
ماراماري، ڀڄ ڀڄان ۾ ماڻهن پنهنجا ڌنڌا، گهرگهاٽ،
هنر حرفتون وقت بوقت پئي تبديل ڪيون، تنهن کان
سواءِ ڪاهيندڙن جي ظلمي ڪاررواين ڪري امن ۾ سدائين
خلل پوندو آيو. خونريزيون، ڏڪار، بيماريون به نڪري
نروار ٿيون. ڌارين پنهنجا قاعدا قانون به زوريءَ
سنڌ جي رعيت مٿي مڙهيا.
انهن ڪاهن ڪندڙن ۾ هڪڙا ته اهي هئا، جي سنڌ کي وطن بنائي ويٺا ۽ ٻيا وري
اهڙا هئا، جي ماري هاري بگريون ڀري هليا ويا.
تنهنڪري ماڻهو مطمئن ۽ مستقل مزاج نٿي رهي سگهيا.
ڪنهن چيو آهي ته:
سنڌ سونهاري سڦري، ڪي ماڻهو منجهس خام،
جيڪو هڻي موچڙو، تنهن جو ڀرين سلام!
لطيف سائين چيو آهي ته:
آدمين اخلاص، مٽائي ماٺو ڪيو،
هاڻِ کائي سڀڪو، سندو ماڻهوءَ ماسُ،
دلبر هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس،
ٻيو سڀُ لوڪ لباس، ڪو هڪدل هوندو هيڪڙو.
(لطيف)
ڏڪار:
سن 1806ع ۾ ڪڇ ملڪ ۾ ڏڪار پيو، ڏڪار ڪري ماڻهو سنڌ ڏانهن اٿلي پيا.
سن 1811ع ۾، هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ ڏڪار منهن ڪڍيو، سن 1856ع ۾ هڪ ٻيو ڏڪار
جنهن کي ”ڇپني“ جو ڏڪار ٿا ڪوٺين. هن ڏڪار جي ڪري
ڪاٺياواڙ، گجرات، مارواڙ ۽ ڪڇ جي ماڻهن سنڌ ڏانهن
رخ رکيو. معصوم ٻار خاص طرح نياڻيون وڪڻي ويلا
وارڻ لڳا.
سن 1869ع ۾ برساتن نه پوڻ ڪري، هڪ وڏي ڏُڪار سنڌ جي نارا ويليءَ کي وڪڙ ۾
ورتو. ان جو گهڻو اثر ٿر واري حصي تي ٿيو هو. ان
وقت جي سرڪار ڏُڪار جي ماريلن کي اُهڄ ڏيڻ ڪاڻ
نوان واهه کوٽايا ۽ نوان رستا ٺهرايا.
سن 1892ع ۾ وري ٿر ۾ ڏُڪار پيو. سرڪار جمڙائو واهه جي رٿ رِٿي. هي واهه، ٻن
ڀاڱن ۾ کوٽائڻ شروع ڪرايائون. هڪڙو ميرپورخاص جي
اڀرندي پاسي وهندڙ يعني وڏو جمڙائو ۽ ٻيو
ميرپورخاص جي الهندي طرف کان وهندڙ يعني ننڍو
جمڙائو. انهيءَ واهه جي کوٽائڻ ڪري ڏڪاريلن کي پيٽ
۾ ساهه پيو ۽ خوش ٿي چوڻ لڳا.
جيئي جمڙائو، جنهن جي کڄي پئي کاٽي،
ٿيندو اَنُ سهانگو، پئسي لڳندي پاٽي،
سن 1899ع ۾ جمڙائو واهه جو سرڪار مهورت ڪيو، ته ساڳئي سال وري ڏڪار ڏند
ڏيکاريا!
بيماريون:
سن 60 - 1659ع ۾ ۽ سن 99 - 1698ع ۾ مهامري يعني وڏي پليگ جي بيماريءَ سنڌ کي
نهوڙي نيو.
سن 1764ع، سن 1847ع، سن 1886ع، سن 1900ع ۽ 1921ع سن 1934ع ۾ ڪالرا قهر ڪيا،
شهرن جا شهر دُف ٿي ويا. لکين ماڻهو ٻن - ٽن ڪلاڪن
۾ اُلٽين ۽ دستن وگهي لڇي لڇي ڦٿڪي ڦٿڪي ٿي مئا.
روئان ڪئين ڪري، مادر ملاحن کي.
سنڌو ندي (سپت سنڌو)
گهڙو ڀڳو، منڌ مئي، وسيلا ويا،
تنهان پوءِ سئا، سهڻيءَ سڏ ميهار جا.
(لطيف)
سنڌو نديءَ جا نالا:
سنڌ ۽ سنڌو نديءَ جي انهيءَ نالي پوڻ بابت ڪقيتريون روايتون ۽ قصا آهن،
جهڙوڪ: حضرت نوح نبيءَ جنهن کي آدم ثاني سڏيو ويو
آهي. ان جي هڪ پوٽي جو نالو ”سنڌو“(1)
هو. اهو پاڻ ۽ سندس اولاد، شام کان هلندو هلندو
اچي هن درياءَ جي ڪناري تي آباد ٿيو ۽ اتي ئي
پکڙيو. هنن کيتي ٻاڙي ڪرڻ، ٻيڙيون هلائڻ ۽ مڇي
مارڻ جي هنرن ۾ ڪمال حاصل ڪيو. انهن ڌنڌن ڪري،
”گنڌرا“ نالي سان سڏجڻ لڳا. گنڌرا معنيٰ پاڻيءَ جي
ڀر تي جاليندڙ ماڻهو.
هنن جي رهڻ جو وڏو مرڪز پشاور جي ويجهو هو، تنهنڪري انهيءَ مرڪز کي گنڌار(1)
ڪوٺيندا هئا. هنن پنهنجي وڏي ڏاڏي کي عزت ۽ مانُ
ڏيڻ خاطر هن درياءُ جو نالو سنڌو رکيو، هن نديءَ
جيڪو ملڪ آباد ۽ سرسبز ٿي ڪيو، ان ساري پرڳڻي کي
سنڌ ٿي سڏيائون.
2. چيو وڃي ٿو ته: جڏهن سامين ۽ عڪادن، سميرين کي بابل ۽ نينوا جون حڪومتون
ڦري کين ڀڄائي ڪڍيو، تڏهن هو عراق ملڪ جي ڏکڻ ڏي
هلندا وڌندا هندستان ڏي آيا. جڏهن هن نديءَ جي
ڪناري تي پهتا، ته پرينءَ ڀر اُڪرڻ اڙانگو ٿي پين
۽ اتي ئي رهي پيا ۽ ان ريت وڌڻ ۽ ويجهڻ لڳا ۽ جن
هنڌن تي وڌيا، انهن کي ”سامراڌ“ يعني سامرين جو
اڏو سڏيائون. تنهنڪري نديءَ جو اهو نالو سامراڌ
هو، جو پوءِ بدلجي سنڌو ٿيو آهي.
3. ائين به چيو وڃي ٿو ته: چوڏهن سؤ ورهيه ق.م، آريا لوڪ وچ ايشيا کان لڏي،
ڀارت ڏي آيا. منهن ۾ اچڻ شرط هيءُ درياءُ ڏسي
ڀانيائون ته ڪو سمنڊ آهي ۽ هن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾
سينڊو يعني سمنڊ سڏيائون.
4. آرين کي سفر ڪندي هيءَ ندي سامهون آئي. هنن ايڏي وڏي ندي اڳي ڪابه ڪانه
ڏٺي هئي، تنهنڪري هن کي ”سندر“، يعني سامهون روڪ
ڪندڙ ڪوٺيائون. جنهن تان ڦري، هن جا نالا سنڌو ۽
سنڊو پيا.
5. جڏهن انڊوسٿين، سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هنن سنڌ کي اُنڊوسٿاءِ سڏيو ۽ هن
نديءَ کي ”انڊس“ نالو ڏنو.
6. ڪن هن نديءَ کي مهراڻ به ڪوٺيو آهي. مها+ ارڻو، جنهن ۾ مها معنيٰ وڏو ۽
ارڻو معنيٰ پاڻي. اهو نالو اٺين صديءَ کان به اڳ
اُچاريو ويندو هو.
جيئن ته هن نديءَ جي اُٿلن، ٻوڏن ۽ ڦيرين گهيرين ملڪ جي ثقافت تي ڳوڙهو ۽
گهرو اثر ڇڏيو آهي، تنهنڪري هن جو بيان ڪرڻ پڻ
لازمي آهي.
سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ،
وَهه وڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين.
(لطيف)
سنڌو نديءَ کي ست ٻيون نديون، جن مان ٻه الهندي طرف کان ۽ پنج اڀرندي طرف
کان ڀرتي ڪندڙ هيون ۽ انهن کان سواءِ ٻيا ڪيترا
واهڙ به سنڌوءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون آهن.
اها ندي، هماليه جبل جي مانسرور ڍنڍ جي ڪيلاش پربت وٽان نڪري، ڪيترين ئي
شاخن، نهرن، ڇاڙهن ۽ ڦاٽن ۾ ورڇجي، پوءِ وڃي سمنڊ
۾ ڇوڙ ڪندي آهي.
هن نديءَ گهٽ ۾ گهٽ ته به پنج لڱا پنهنجو پيٽ پئي ڦيرايو آهي. انهيءَ ڪري هن
کي ”پورالي“ ندي به ڪري ڪوٺيندا آهن، جا سراسري ٻن
- اڍائن صدين کان پوءِ پيٽ بدلايو وڃي. هن جي
وهڪري جو رخ دائمي طرح سن 1829ع ۾ ڦري گهري دنگ
ٿيو. ان کان پوءِ ساڳين ڪنارن ۽ پڊن تي وهندي اچي.
انگريزن ته هن کي بند مٿان بند ٻڌائي، انهن کي
اندرين پاسن کان پٿرن جي پچنگ ڪرائي ڇڏي آهي. جيئن
ڪنهن پاسي چري نه سگهي.
هيءَ ندي جڏهن سنڌ ديس جي ڏکڻ ۾ گهڻين ڇاڙهن ۾ ورهائجي وهندي هئي، تڏهن سندس
صورتحال هن طرح هئي: سمنڊ ۾ ڪل ست ڇوڙ ڪندي هئي،
انهن مان ٻه ڇوڙ، ڪڇ رياست جي ڏکڻ - اڀرندي واريءَ
ڪنڊ وٽ، ٽي ڇوڙ، هاڻوڪي ساماري تعلقي جي سڌو ڏکڻ
۾، ڏيپلي ۽ بدين تعلقن کان سڌائي ۾ هيٺڀرو ڪاڇيل
تي ۽ باقي ٻه ڇوڙ، ميرپورساڪري تعلقي جي اولهائين
طرف سمجهجن ٿا.
نديءَ ملتان جي حدن مان نڪرڻ کان پوءِ ٻه ڇاڙهون اڀرندي طرف ٽي واهيون ٿي،
انهن مان هڪڙي جو نالو هاڪڙو درياءُ(1)
هو. اهو درياءُ جيسلمير کي آباد ڪري ننگرپارڪر
تعلقي مان وهي پاري ننگر بندر وٽان (رڻ ڪڇ کان
ڪوري نار ۾ وڃي ڪرندو هو) سمنڊ ۾ ٿي پيو. هن مان
جيسلمير ۾ هڪ ندي ڪوري نالي جدا ٿئي ٿي، جنهن ڪڇ
ملڪ کي آباد ٿي ڪيو ۽ ننگرپارڪر تعلقي ۾ منجهانئس
هڪ ڦاٽ ملهار(2)
نالي ٿي نڪتو، جنهن ننگرپارڪر جو اتريون ڀاڱو آباد
ٿي ڪيو.
ٻيو هو نارو درياءَ، جنهن جي ڪپ تي ڏيجيءَ جو مشهور وڏو شهر آباد هو. سنڌ
پرڳڻي جو اڀرندو حصو آباد ڪري، لکپت وٽان نڪري،
ڏوتڙ بندر وٽ (رڻ ڪڇ) سمنڊ (ڪوري نار) ۾ ٿي ڪريو.
هيءَ ندي، الوُر وٽان پوريون ٽي شاخون ٿي وهندي هئي. هڪ جو نالو مهراڻو
درياءُ هو. هن تي ڪيڪائوس(1)
جو شهر (هاڻي ڪائو جو دڙو) عمرڪوٽ ۽ وڳهه ڪوٽ
مشهور معروف شهر هئا. ساماري تعلقي جي سڌو ڏکڻ ۾
سنڌڙي بندر وٽان ڦيرو کائي، لوهاڻي درياءَ سان وڃي
ٿي مليو، ٻي ڇاڙهه هئي لوهاڻو درياءُ، جنهن جي
ڪنڌيءَ تي بانڀڻياهه، منصوره، نصرپور ۽ اگهم ڪوٽ
جا وڏا وڏا شهر هئا. هي ٻئي درياءَ اگهم ڪوٽ کان
هيٺڀرو پاڻ ۾ گڏجي ويندا هئا، جنهن کي درياءُ پراڻ(2)
سان سڏبو هو. اهو پراڻ درياءُ رحمڪي بازار وٽان
اُڪري، سمنڊ ۾ ٿي داخل ٿيو. ٽين شاخ خود پاڻ سنڌو
ندي هئي، جا وڏو وڪڙ کائي موجوده ڏوڪري تعلقي جي
ڦٽل شهر موهن جي دڙي (واهه مهن) ۽ سيوهڻ (واهه
سهن) کان ٿيندي، منڇر (منوچهر) جي ڍنڍ جو پيٽ ٺاهي
وري اڀرندي طرف ڦيرو کائي هالڪنڊيءَ(3)
(پراڻا هالا) ڇڏي هيٺڀرو ٿي ٿيو ته منجهانئس ساڱرو
درياءُ ٿي نڪتو. هيءُ درياءُ به ساري سماواتري(4)
پرڳڻي کي آباد ڪندو هو. هن کي منڍ ۾ ساڱرو ۽ هيٺ
لاڙو ٿيڻ تي ريڻ(5)
(ريڻي ندي) سڪوٺيندا هئا. مٿس ٽنڊي الهيار تعلقي ۾
اَبل جو مشهور شهر هو. جنهن کي هينئر ابل جو دڙو
چيو وڃي ٿو. هن درياءَ تي جوڻ، فتح باغ جا پڻ شهر
هئا، بديڻن (بدين) جي اولهائين طرف کان سمنڊ ۾ ٿي
پيو.
نديءَ جڏهن گنجوگام ٿي ڇڏيو، ته جبل جي دامن وٽان هن مان ٻيو هڪ ڀاڱو، پٽيهل
درياءُ جنهن جي منڍ وٽ پٽيالا(6)
پٽاسلا جو شهر هو، ٿي نڪتو. هن درياءَ تي پير پٺو
جو شهر هو، هيءَ درياءَ تعلقي شاهبندر ۽ ساڪري(1)
کي آباد ڪري شاهه بندر وٽ سمنڊ ۾ ٿي داخل ٿيو،
باقي هلندڙ ڇاڙهه، گهاري درياءَ جي نالي سان سڏبي
هئي. هن تي ساموئي، ڀنڀور ۽ ديبل جا شهر هئا.
پوڇڙيءَ ۾ ڪيترن ڦاٽن ڊيلٽائن (ٽڪنڊي شڪل) جي صورت
۾ لاهري بندر، ڌاراج بندر، وڪر بندر. اورنگا بندر،
وستي بندر ٺاهي، ڪراچي تعلقي مان سمنڊ ۾ ٿي ڇوڙ
ڪيائين.
جن هنڌن تي اهي ڇاڙهون لٽجي ويون آهن، انهن کي ڦٽو يا ڍورو ڪري ڪوٺين ٿا، ٿر
۾ ته اتانهيون واريءَ جون ڀٽون ۽ ڍنڍون انهن شاخن
جي گم ٿيڻ جا پورا نشان پتا ڏيئي رهيون آهن.(2)
جيڪي ڏٺو مان، سو جي ڏٺو جيڏيين،
گهر وَرَن سان، هوند گهڻين گهوري ڇڏيا.
(لطيف)
سنڌو نديءَ جون اٿلون ۽ ٻوڏون:
سن 1740ع ۾، 1874ع ۾، 1944ع ۽ 1956ع ۾ هن نديءَ ٻوڙان ٻوڙ ڪئي، پر پيٽ نه
ڦيرائي سگهي. ڳوٺن جي ٻڏڻ ڪري لوڪ لڏا کڻي رلندو
ٿي وتيو. هن جي اُٿل آسپاس جا ڳوٺ، چوپايو مال ۽
اسباب، ته ڪٿي ماڻهو پئي ٻوڙيا آهن. مٿين سالن ۾
وڏيون وڏيون اٿلون ٿيون.
موجوده وقت جو وهڪرو:
هاڻ به هيءَ ندي هماليه جبل جي مانسرور ڍنڍ جي ڪيلاش پربت وٽان نڪري، ڪشمير،
پنجاب ۽ سنڌ علائقن مان 1800 سؤ ميل وهي تعلقي
گهوڙاٻاريءَ جي ڪيٽي بندر وٽ (ٽڪنڊو) ٺاهي، سمنڊ ۾
ڇوڙ ڪري ٿي. هن کي الهندي طرف گلگت ۽ ڪابل نديون ۽
اڀرندي طرف جهلم، چناب، راوي، ستلج ۽ بياس نديون
ڀرتي ڪن ٿيون.(1)
مٿس اٽڪ، ڪالا باغ، ديرو اسماعيل خان، ديرو غازي
خان، مٺڻ ڪوٽ، ڪشمور، روهڙي، سکر، ڪوٽڙي ۽ گدو
بندر مکيه شهر آهن. هن تي اٽڪ، سکر ۽ روهڙي،
ڄامشوري، ڪوٽڙي ۽ گدوبندر وٽ پليون ٻڌل آهن(2).
هن مان اڀرندي طرف ڦليلي، پڃاري اوچتو، حجامڙو ڦاٽ
نڪري وهن ٿا، الهندي طرف بگهاڙ، ڪلري، مير ڄاڃيو ۽
ڦراڙي ڦاٽ نڪري وهن ٿا. هن نديءَ کي ڪنهن زماني ۾
”سوسامان“ به سڏيو ويندو هو.
سنڌ جون سرحدون:
هن ملڪ جي طبعي ڏيک جو به سنڌ جي سڀيتا تي وڏو اثر رهيو آهي، تنهنڪري سرحدن
کان واقف ٿيڻ به بيحد ضروري آهي.
سپريان جي ترهي، ٻڏي! هٿ مَ لاءِ،
صباح تو چونداءِ: اسان تو اُڪاريو.
(لطيف)
سنڌ نالو:
هن ديس تي سنڌونديءَ تان ”سنڌ“(1)
نالو پيو. جڏهن سٿين يا ساڪ لوڪن هن ملڪ تي قبضو
ڪيو، ته انهن نالو ڦيرائي ”انڊوسٿا“ رکيو، پر
انهيءَ نالي گهڻو جٽاءُ نه ڪيو. پراچين سنڌ جي
سرحدن درجي بدرجي گهٽجڻ شروع ڪيو. پنجاب پاڻ کي
پنجن ندين وارو الڳ صوبو سڏايو ۽ ٻيون ڀرواريون
رياستون ۽ ملڪ ناتا ٽوڙائي ٽٽي ڌار ٿيا. سن 1592ع
۾ اڪبر بادشاهه سنڌ کي فتح ڪري، هن ملڪ جون سرحدون
گهٽائي باقي ايتريون ڇڏيون جي موجوده نقشي ۾ ڏسون
ٿا. اڃا به سنڌ ملڪ سان سسيءَ واري ڪار آهي: مڙيا
مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي. (لطيف)
طبعي بيهڪ:
قدرتي طرح هيءُ پرڳڻو پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. سرو، وچولو، لاڙ، ڪوهستان ۽
ريگستان يعني ٿر.
وچولي کان سواءِ ٻين ڀاڱن جي آبهوا سياري ۾ سرد ته اونهاري ۾ تمام گرم رهي
ٿي. البت لاڙ جي آبهوا گهميل آهي، ڇو ته سمنڊ
ويجهو اٿس. وچولي کان سواءِ ٻين ڀاڱن جي آدمشماري
به گهٽ آهي. اتي جي ماڻهن جو گذران گهڻو ڪري
چؤپائي مال ڌارڻ تي ٿئي ٿو. چؤپائي مال جو جياپو
برسات آهي. خاص طرح ٿر ۽ جبل جا ماڻهو جن جي حدن ۾
ڪو واهه يا درياءُ ڪونهي، آسمان تي اک رکن ٿا.
جيڪڏهن هڪ سال به مينهن نه وسندو آهي، ته ماڻهو
ڏتڙجي ويندا آهن ۽ ڏڪار ڏائڻ وانگي ڏند ڪڍي ڏيکارڻ
شروع ڪندو آهي. ماڻهو ۽ مال پريشان حال ٿي ويندا
آهن. جيڏانهن به ڪا گاهه جي جوءِ يا وسڪاري جي واس
سجهندي اٿن، ته اباڻا ڇاڄا ڇڏي، ڌڙڪيون ڍوهي
اوڏانهن اُسهندا آهن. جي سندن ملڪ تي مينهن مانڊاڻ
ڪيا ۽ بارش برهاڙا ڪيا، ته رانجهن لڳي ويندا آهن.
ملڪ ڪشمير جون سڪون ڀلائيندو آهي. ”وٺو ته ٿر، نه
ته آهي بر.“ مشهور پهاڪو آهي. جي نٿو وسي ته
برجنسي رت جي بوءِ اچڻ لڳندي آهي. تڏهن ته شاهه
صاحب کين هميشه جي لاءِ دعائون ٿي ڪيون.
سائين سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوس! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين.
(لطيف)
حدون: هن ديس جي اتر - الهندي طرف کان هالار جبلن جي قطار آهي. جنهن ۾ ڪرُو،
کيرٿر ۽ پٻُ جبل اچي وڃن ٿا. اهي جبل اهڙا ڪي
اتانهان ڪين آهن، جي گرم سرد هوائن ۽ ڌارين جي
ڪاهن کان سنڌ ملڪ کي بچائين ٿا. هنن تان ته ماڻهو
پوٺي ڍڳن ۽ گڏهن تي لڏون لڏي، اچ وڃ پيا ڪن. هنن
جبلن مان حب نالي هڪ ندي سؤ سورهن ميل ڊگهي وهي،
سنڌ جي حد کي قلات جي حد کان پري ڪري، راس ڪماري
وٽ اچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
اتر ڏي پنجاب جو وڏو ويڪرو ۽ وسيع علائقو آهي. اڀرندي ڏي جيسلمير، بيڪانير ۽
جوڌپور رياستون ۽ انهن سان لاڳيتو ٿر جون ڀٽون به
ڳرو ڏيو بيٺيون آهن. (اهي ڀٽون پنهنجن مائرن کي
اوچا ڳاٽ کنيو پيون ڳولهين، جن جي پيٽن مان پيدا
ٿيون آهن!)، ڏکڻ ڏي ڪڇ جو رڻ ۽ عربي سمنڊ آهي،
جنهن جون ڇوليون، ٻانهون مٿي کڻيو سڀني ڌارين قومن
کي دعوت ڏئي سڏ پيون ڪن ته ”هيڏانهن هليا اچو. هتي
نڪو آهي ڪو اوچو جبل، نڪي ٻيلا، نڪي گهاٽ. ماڻهو
سکيا ستابا، مهمان نواز، لاپرواهه توڪلي ”ڀلي بک
ڀرم جي شال مَ وڃي شان“. اچو اچي هتي وسي پئو.
هيءُ دنيا جي چال ۽ ڍنگ کان واقف نه آهن. نون هنرن
۽ حرفتن جي پروڙ ڪانهين، سادو کائين سادو هنڊائين،
ٿلهو ڳالهائين، ٿلهو سمجهن، پر محبت ۾ گهر تڙ
لٽائڻ لاءِ تيار آهن. هنن کي اچي چؤ ته ”اسان
توهان وٽ آيا آهيون، اسان کي ڇا ٿا ڏيو ۽ توهين
اسان وٽ ايندا ته اسان لاءِ ڇا کڻي ايندا؟“ ائين
چئي کين جيئڻ جا جتن ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
پائي ڪان ڪمان ۾ ميان مار مَ مون،
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
جي اسان جي سنڌ جون قدرتي طور حدون ڪمزور نه هجن ها، ڊکڻ هندستان وانگيان هڪ
پاسي الهندا گهاٽ، ته ٻئي پاسي اڀرندا گهاٽ، مٿان
ونديا ساتپورا جبل، ڏکڻ هندي وڏو سمنڊ هجي ها، ته
هزار ورهين تائين به اسان جي تهذيب ۾ ترَ جيترو به
ڦيرو نه اچي سگهي ها. هن طرح ڪيتريون قومون ڪڪڙن
جي قتلَ، حدن جي حفاظت جا بهانا بنائي، ٽانڊي لاءِ
اچي بورچي بنجي نه ويهي سگهن ها! خير قدرت، سنڌ
ديس کي چونڊيو ئي هو دين فطرت جي آبياري لاءِ، سو
نيٺ ته سنڌ ديس ”باب السلام“ بنيو، سندس گود مان
ڪئين گوهر نڪري نروار ٿيا. جي هنڌين ماڳين مشهور
ٿيا. وري به سنڌ سونهاريءَ کي انهن تي فخر آهي.
اوڙاهه ويا نه وريا، آءٌ تن ماري ويڻ!
ڪري سامونڊي سيڻ، جسي جارُ پرايو!
(لطيف)
وچور:
متو آهين مچ، ٿلهو ٿو ٿونا هڻين،
جا تو ڏٺي اڇ، تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا. (لطيف)
چار صديون ق.م کان ڇهه صديون ق.م تائين سنڌ ايرانين جي قبضي ۾ هو، اهي پورا
ٻه سؤ ورهيه ايراني نشست - برخاست، ادب اخلاق جو
اثر مٿس رهيو.
چوٿين صدي ق.م کان ٽيءَ صدي ق.م تائين پورا هڪ سؤ ورهيه هي ديس يونانين جي
قبضي ۾ رهيو، ايراني تهذيب تي يوناني تهذيب جو اثر
غالب پئجي ويو.
سنڌ تي پنجاهه ورهيه تائين موريا گهراڻي حڪومت ڪئي، هيءَ خالص ڀر واري ملڪ
جي سڀيتا هئي، تنهنڪري سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جلد ۽ گهڻو
پکڙيو ۽ ڪيترائي پوئلڳ پيدا ڪيائين.
ٻڌمت واري سنڌ تي آرين اڳرائي ڪئي، راجا جئدرٿ ۽ ان جي پوين سنڌ ۾ هندو ڌرم
آندو، هنن پورا هڪ سؤ ورهيه راڄ ڪيو.
عيسوي پهرين صديءَ کان سنڌ تي جدا جدا قومن حڪومتون ڪيون. جهڙوڪ: سٿين،
پارٿين وغيره اهي چوٿين صديءَ تائين هئا، پر سنڌ
جي سڀيتا تي ڪو خاص اثر ڪونه پيو.
پنجين صديءَ کان ڇهين صديءَ راءُ گهراڻي کي سنڌ جي حڪومت هٿ لڳي، هنن به هڪ
سؤ ورهيه حڪومت ڪئي. ڪو خاص ڦيرو ڪونه آيو. ڇهين
صدي عيسويءَ کان ستين صدي عيسوي تائين وري آرين جي
برهمڻ گهراڻي کي سنڌ قبضي ۾ آئي، هنن ملڪ کي
وڌايو، هندو ڌرم کي زور وٺايو، تڏهن به سنڌ مان ٻڌ
ڌرم کي ختم نه ڪري سگهيا.
اٺين صديءَ کان ڏهين صديءَ عيسويءَ تائين، اٽڪل اڍائي سؤ ورهيه سنڌ ملڪ عربن
جي زيردستيءَ ۾ رهيو. هنن جي حڪومت ۾ مذهب، علم ۽
ادب، نشست برخاست، لباس، ڍنگ سڀڪجهه بدلجي ويو ۽
ٻوليءَ ۾ به وڏو ڦيرو اچي ويو.
ڏهين صدي عيسوي کان اڻويهين صدي عيسوي تائين رڳو مسلمانن حاڪمن جو سنڌ تي
راڄ رهيو. اٽڪل اَٺ سؤ ورهين تائين اسلامي تهذيب
سنڌ ۾ پنهنجا پرَ پکيڙيا، تنهنڪري پراچين سنڌ وارو
مذهب ٻڌ ڌرم مان بدلجي اسلام ٿيو. ان جو اثر
ٻوليءَ ۽ سنڌ جي تهذيب تي به ٿيو.
پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي! (لطيف)
اڻويهين صديءَ کان ويهين صديءَ تائين سنڌ تي انگريزن پورا هڪ سؤ ورهيه راڄ
ڪيو. هنن جي ڏينهن ۾ نوان قاعدا قانون هلڻ لڳا.
سائنسي ۽ پولٽيڪل علمن زور ورتو. روحانيت جو نالو
نڪري ويو. يورپ جي انڌي تقليد ماڻهن پنهنجو شيوو
ڪري ورتو. ”لباس المؤمنين ۽ قلوب الڪافرين“ ماڻهن
جو متو ٿيو. هيءَ تهذيب سڀني تهذيبن کان گوءِ کڻي
ويئي. هڪ سؤ ورهين ۾ هتي جي ماڻهن تي مغربي طور
طريقن ۽ تهذيب وارو اثر وڌي ويو.
اڄ گهرجين يار، بڊاماڻي پنرا،
ڪاڇي ٻئي پار، اچي ويرين ويڙهيا.
(لطيف)
آزاديءَ جا متوالا:
جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائج،
آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو!
(لطيف)
سنڌي سڀيتا ۾، جي حريت جي پروانن جو ذڪر خير نه ڪيو ويو، ته محنت ئي رائيگان
ٿي ويندي. اُهي حق جا علمبردار جيڪڏهن نڪري نروار
نه ٿين ها، ته سنڌ ديس جو وجود ئي هن دنيا جي تختي
تي اڄ ڏسڻ ۾ نه اچي ها. انهن سرويچن پنهنجي جان تي
کيڏي، سدائين ڪاميابيءَ جا سهرا سر تي پئي سونهايا
آهن. ۽ پوئين لاءِ آزاديءَ جهڙو مقدس ميوو ميراث
ڪري ڇڏي ويا آهن، ته ڀل ايمان جي پرک پوي ۽ اهي به
مچي مڙس ٿين.
سن 1518 - 450 ق.م تائين سنڌ جا وارث هخامنشي سلطنت جي قبضي کي ختم ڪرڻ ۾
رڌل رهيا.
سن 325 ق.م ۾ سڪندر جي وڃڻ کان پوءِ ستت پوءِ سڄي سنڌ ۾ بغاوتون شروع ٿي
ويون.
سن 324 ق. م، بهار جي مورين گهراڻي وارن، يونانين کي سنڌ مان هڪالي ڪڍيو.
سنڌ ۾ گهر ڪري ويٺا.
سن 184 ق.م ۾ يوناني باختري گهراڻي جي هڪ شهزادي لاڙ تي هلان ڪري قبضو ڪيو.
70 - 46 ورهيه ق.م، سٿين سنڌ فتح ڪئي، پر مورياگهراڻي وارن، انهن کي دٻائي
سنڌ پنهنجي حڪم هيٺ رکي.
سن 46ع - 78ع تائين پارٿين
جو سنڌ تي قبضو رهيو.
سن 750ع ۾، سومرا راجپوتن،
عربن کي هٽائي، سنڌ پنهنجي حوالي ڪئي ۽ وڳهه ڪوٽ
کي گادي جو هنڌ بنايو.
سن 1125ع ۾، سومرا راجپوتن
کان سوڍا راجپوتن واڳون ورتيون. پاڻ مسلمان حاڪم
ٿي، حڪومت هلايائون ۽ گادي جو هنڌ عمرڪوٽ کي مقرر
ڪيائون.
سن 1368ع ۾، جڏهن فيروز شاهه
تغلق، سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته: خيردين ۽ جوڻا خان سمي(1)
۽ فيروز شاهه تغلق وچ ۾ مخدوم جهانيان صلح ڪرايو.
سن 1520ع ۾ جڏهن شاهه بيگ
ارغون جي سپاهين ٺٽي ۾ برجنسي قيام پيدا ڪري ڏني
هئي، تڏهن قاضي قادن سيوهاڻيءَ هڪڙو درد ڀريو خط،
دل جهلي ميرزا شاهه بيگ ارغون کي لکيو. جنهن جي
پڙهڻ سان، ميرزا کي رحم اچي ويو ۽ هلندڙ خونريزي
بند ڪرايائين.
سن 1540ع ۾، جڏهن همايون بادشاهه تخت ڇڏي، رلندو
اچي سنڌ ۾ پهتو ۽ سيوهڻ تي قبضو ڪرڻ لاءِ ان کي
گهيرو ڪيائين. سندس ماڻهن سنڌ ۾ ظلم جي بازار گرم
ڪري ڇڏي ۽ ميرزا شاهه حسن پاڻ کي سيوهڻ جي قلعي
اندر محفوظ رکيو، تڏهن مخدوم سرور نوح رحه، همايون
سان اچي ڳالهايو ۽ کيس سنڌ ڇڏي وڃڻ تي مجبور ڪيو ۽
کيس سيکاٽ مان ٻيڙين جو بندوبست ڪري ڏنو ۽ هو
ايران ڏانهن هليو ويو.
سن 1592ع ۾، اڪبر بادشاهه،
مغلن جو وڏو ڪٽڪ سنڌ تي چاڙهي موڪليو، جن سنڌ کي
فتح ڪري، دهليءَ جي تابع ڪري ڇڏيو. سنڌ، پورا ٻه
سؤ سال مغلن جي ماتحت رهي. ان کان پوءِ سن 1658ع
۾، ميان يارمحمد ڪلهوڙو مغلن جي لشڪر سان ڏاڍو
وڙهيو، نيٺ مغلن، کيس پنهنجو نائب ڪري سنڌ جو والي
بنايو، پوءِ سن 1701ع ۾ هن پاڻ کي خودمختار حاڪم
ڪوٺايو.
سن 1719ع ۾، نورمحمد ڪلهوڙي،
دائودپوٽن جو زور ڀڃي، شڪارپور وارو ڀاڱو، سنڌ سان
ملائي ڇڏيو. انهيءَ مهم ۾ سندس سپهه سالار شالمين
شيديءَ پاڻ موکيو.
سن 82 - 1781ع ۾ مدد خان
پٺاڻ، سنڌ تي ڪاهه ڪري، ملڪ کي برباد بالا ڪري
ڇڏيو، جنهن کي مير فتح علي خان ٽالپر، سنڌ مان
هڪالي ڪڍيو.
سن 1843ع ۾، جڏهن ٽالپرن ۽
انگريزن جي وچ ۾ مياڻيءَ واري جنگ لڳي، ته سپهه
سالار هوش محمد شيديءَ نعرو هنيو ته: ”مرويسون، پر
سنڌ نه ڏيسون.“ ميرن جي مدد لاءِ سيد فتح علي شاهه
لڪياري درٻيلي وارو پنهنجا مريد خادم وٺي، انگريزن
سان لڙڻ لاءِ آيو. هن جنگ ۾ پهرين لغاري ۽ پوءِ
ٺوڙها ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڀرڳڙي به ڀڄي ويا، پر شاهه صاحب
ڏانهن ماڻهن سوڌو اتي شهيد ٿي ويو.
سن 1830ع ۾، پير صبغت الله
شاهه اول، پهرين حرن جي فوج، سکن جي خلاف، سيد
احمد شاهه بريلويءَ ۽ اسماعيل شاهه شهيد جي مدد
لاءِ تيار ڪري موڪلي ڇو ته سکن جو ارادو سنڌ ملڪ
وٺڻ جو هو.
سن 1847ع کان 1890ع تائين،
سنڌ ديس جي بچاءَ ۽ ننڍي کنڊ جي انگريزن کان
آزاديءَ لاءِ حرن جا لشڪر تيار ٿيڻ لڳا.
سن 1857ع ۾، هندستان ۾ جنگ
آزادي جي تحريڪ شروع ٿي. انهيءَ کان متاثر ٿي ڪري.
جيڪب آباد ويجهو هڪ سيد شاهه عنايت نالي ۽ ٻن سندس
خاص دوستن انگريزن جي خلاف ماڻهن کي ترغيب ڏيئي،
لشڪر تيار ڪيو. جاسوسن، جيڪب صاحب کي ٻڌايو. جنهن
فوج ڪشي ڪري، ٽنهي کي گرفتار ڪيو ۽ سندن لشڪر کي
پسپا ڪيو. شاهه عنايت جي ٻنهي دوستن کي ڦاسيءَ تي
لٽڪايو ويو، ۽ شاهه صاحب کي توب جي منهن ۾ ڏنو
ويو. قدرت خدا جي! ٽي دفعا توب هلائڻ سان به نه
ڇٽي ۽ منجهانئس پاڻي وهڻ لڳو. جنرل جان جيڪب، شاهه
جي اها ڪرامت ڄاڻي، کيس هميشه لاءِ سندس ڳوٺ ۾
نظربند ڪري رکيو، جيستائين سندس طبعي عمر پوري ٿي.
سن 1896ع ۾ پير صبغت الله
شاهه ثانيءَ انگريزن جي خلاف ٻي حرتحريڪ تيار ڪئي.
جاسوسن انگريزن کي خبردار ڪيو.
انگريز، حر مجاهدن کي گرفتار
ڪري، لوڙهن ۾ بند رکيو. جڏهن سن 1914ع واري لڙائي
انگريزن ۽ جرمنن جي وچ ۾ لڳي، ته ان وقت جي گاديءَ
تي ويٺل پير شاهه مردان عرف ڪوٽ ڌڻيءَ انگريزي فوج
کي مدد ڏني، تنهنڪري انگريزن حرن کي لوڙهن مان ڪڍي
آزاد ڪري ڇڏيو.
سن 1930ع ۾، پير صبغت الله
شاهه ثالث، انگريزن جي خلاف، ٽين حرتحريڪ تيار
ڪئي. سن 1939ع ۾ وري ٻي جنگ انگريزن ۽ جرمنن جي وچ
۾ لڳي. انهيءَ وقت جي گادي نشين، انگريزن کي ڪابه
مدد نه ڪئي، تنهنڪري ڪيترن بي گناهه حرن کي غدار
سڏي ڦاسيون ڏنيون ويون ۽ گولين سان اُڏايو ويو ۽
سندن ٻارن ٻچن، پوڙهن پڪن کي لوڙهن ۾ قيد رکيو
ويو. خود پير سائين صبغت الله شاهه کي انهيءَ
آزاديءَ جي تحريڪ هلائڻ جي پاداش ۾ 20- مارچ
1943ع ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيو ويو.
آيل اُن نه وِسهان، هنجون جي هارين،
آڻيو آب اکين ۾ ڏيهه کي ڏيکارين،
سڄڻ جي سارين، سي نڪي روئن نه چوَن ڪي.
(لطيف)
سن 1915ع کان 1944ع تائين انگريزن جي خلاف، مولانا عبيدالله سنڌي ننڍي کنڊ
جي، آزاديءَ جي تبليغ ڪرڻ لڳو. هن روس، ترڪي،
عربستان ۽ افغانستان جا دؤرا ڪيا. ساڻس گڏ مولانا
عبدالله لغاري به شريڪ حال هو. انهن کان سواءِ
مولانا تاج محمد امروٽي، غلام محمد خان ڀرڳڙي
بئريسٽر، جان محمد جوڻيجو ۽ پير تراب علي شاهه
راشدي هئا، جن ريشمي رومال تحريڪ هلائي، جلسا جلوس
ڪڍيا ۽ پاڻ کي افغانستان جي رعيت ڪوٺايو ۽ ڪلي طرح
انگريز سان قطع تعلقات ڪئي.
سن 1936ع کان سنڌ کي، ممبئي پرڳڻي جي انتظام هيٺ هئڻ کان جدا ڪرائڻ لاءِ
قائداعظم محمد علي جناح، آغا سلطان محمد شاهه، سر
غلام حسين هدايت لله، سيٺ حاجي عبدالله هارون، شيخ
عبدالمجيد، جي - ايم سيد ۽ ميران محمد شاهه جهڙن
رهبر سياستدانن، همتون ۽ مڙسيون ڪري، سنڌ کي
انتظامي طرح آزاد ڪرايو.
ور سين وجهي ڪاڻ، کرَ سين کلون پانئيين،
ڀوري منڌ اَڄاڻ، ڪڻ ڇڏيو تهه ميڙيين.
(لطيف)
-------
|