سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 2

صفحو :4

 

باب ٻيو

ريتون رسمون

مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لانئون!

پرڻي جون رسمون

سڱ جي ڳولا:

ڇوڪر وڏو ٿيو، ساماڻو ۽ کٽيءَ ڪمائي جهڙو ٿيو ته مائٽن کي لڳندي هوراکورا ته پنهنجي جيئري ئي آسون اميدون ڏسن، ”الهه جڙئي“ کي پرڻائي ارڻائي وڃون. حياتيءَ کي بقا ڪونهي، الائجي ڪير مرن ته ڪير جيئن! پوءِ، جي ڇوروڇنو ٿيو پيو ڌڪا ڌوما کائيندو، تنهن کان کيس اڏي گڏي وڃن مائٽن جو ئي جس آهي!(1)

ماءُ کي ته ماڳهين جهوري لڳي ويندي. ”پنهنجائپ ۾ ڪا ڏاڏي پوٽي ملي وڃي ته چڱو“ ڪيئن اٺسٺا پئي جوڙيندي ۽ ڦٽائيندي. نيٺ اٿندي وروڙون وجهڻ، باسون باسڻ ۽ مڃتائون مڃڻ. راڄ - ڀاڳ سڀ ڌوڻيندي. جي پنهنجائيءَ ۾ ڪا نينگر آماڻيل ساماڻيل بوراڪ ۽ ويٺل نظر چڙهيس ته سک ڦٽي پوندس. هن سان ڪينرو پئي ڪندي، چي: جواڻ جماڻ ڌيءَ گهر ۾ ويهاري انصاف ٿا ڪن! ڄڻ مٿي جي جوُن مئي پيئي اٿن! مائي، اهڙا به ڪي مائٽ چئجن! وڏا چوندا هئا ته جنهن گهر ۾ ڌيءَ سامائجي، اُن گهر جو تيسين پاڻي پيئڻ به حرام آهي، جيسين فرض نه لاٿو اٿن! مائي! اڄ تيل ڪونه ٿو ٻري، پر رت ٿو ٻري، گهر گهر کي پيو کائيّ آڏو ڏائي سڀڪنهن کي وٺي ويئي آهي! اسين جي غريب آهيون ته به الله ڪيا آهيون ته جهڙن ئي اشراف! ڪو سندن ذات پات، مٽي مائٽي ۾ نه به آهيون ڇا! جي منهنجي الهه جوڙيي کي سڱ کڻي ڏيندا ته ڪو نڪ ڪونه لهي پوندن! ابو ابي جهڙو ڏاڏو ڏاڏي جهڙو، ڳالهه تيهان ئي تيتري، گهوڙي ڪن ٻئي برابر!

جي بدي (بدلي يا ڦيري) تي سڱ ڪرڻا هوندن ته چوندي، اسين به پاڻ وٽ ڪپر ُ ويهاريو ويٺا آهيون، آءٌ پهريائين پاڻ کي ٿي گار ڏيان، پوءِ ٿي ڪنهن ٻئي شريڪ ڀاءَ جو نالو وٺان. ڌيئون ته شل دشمن پيٽان به نه ڄمن! منهنجي ڇوڪري کي ڇا ٿيو آهي، ڪهڙي منجهس وِڏَ آهي: ڪو منڊو آهي، ٽنڊو آهي! ڪارو آهي يا ڪاڻو آهي، جو اسان کان پنهنجا پري ٿا ڀڄن! الله ائين، کيس ساڃهه بخشي آهي. پنهجي ڌنڌي ۽ پورهيي پوئتان رات ڏينهن رُڌو پيو آهي. ٽڪو ڪمائي ٽڪو کائي، ڏهن جو پيٽ پاري! اشراف به وري اهڙو جو نياڻين جي وچ کڻي ويهارجيس! سڀڪنهن سان امان! ادي! کان سواءِ ڳالهائي ڪونه. الله ڏينهن ڏئيس باقي جهڙي رڍ ڏٺوَ!

زالاڻي ڳالهه ٻولهه:

ميان الهه جڙئي جي ماءُ هر هنڌ اهڙا قصا ۽ ڪؤنسلا ڪندي وتندي. تان جو ڪي همدرد ۽ هڏ ڏوکي زالون پيدا ڪري وجهندي. ڀلا زالون زالن جو کاڄ، سو ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن منهه مارڪي (معرڪي) ۾ اهو قصو به ڇڙندو نبرندو. چوڻ واريون چئي ڏينديون. جي ٻي ڌر ”آنهه“ ڪئي ته اُهي مايون چونديون ته: اسين راضياڻيون آهيون، پر اسان جو وس ڪونهي. مڙسن جي ڪن ڳالهه وجهي ڏسو ته ڇا ٿا چون. اسين به ساڻن ذڪر چورينديونسين، هشڪارينديونسون کٽن پوءِ مائيءَ جا ڀاڳ!

ڳالهه، نئون سئون، نيٺ ته هڪڙي ڏينهن، نينگريءَ جي وارثن کي به کڻنڪ ڪن پوندي ته فلاڻا اسان کي ڇڪين ٿا ۽ سڱابندي ڪرڻ جي لاءِ آتا آهن.

مرداڻي ڳالهه ٻولهه:

هاڻ ملندو مردن کي وارو، ٻه - ٽي ڄڻا پاڻ ۾ پيهي، رات جو سهي سنڀري اچي چتايل ڀاءَ جي در جو ڪڙو کڙڪائيندا. ضرور ڪا پهر ٻاهر نڪري ايندي. آيلن کي کيڪاري، وٺي آڻي اوطاق يا اوتاري ۾، ڪٿي گهر يا پڌر تي ويهاريندا. چلم تيار ٿي ويندي. مانيءَ ٽڪيءَ جي صلاح هڻندن، پوءِ وري وڏي پريي جي اچڻ تي نئين طرح کيڪار کرڙي ٿيندي: ادا، ڀلي ڪري آئيو، خوش چاق، چڱا ڀلا جوڙ متارا، مردانا، کير پٽ، ٻار ٻچا، ننڍا وڏا...... سڀ خوش؟ آيل ورنديءَ ۾ ڀلائي هجيوَ! دعا آهي! شڪر آهي! رب جون مهربانيون آهن وغيره وغيره! چئي جواب ڏيندا. وري مهمان به ساڳيءَ ريت گهروارن کي ڀليڪار ڪندا. کيڪار پوري ٿي ته پوءِ هلنديون ڳالهيون.

نينگريءَ جو وارث: ڏيو خبرون چارون خير جون ته ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟ آيل خبرون مڙئي خير! ذات ڳوٺ نالي جا واقف آهيو. ڀائر آهيون. ڀائرن ورَ ويڇو ڪونهي. فلاڻي کي سڃاڻو ٿا. ڌڻيءَ جي ٻاجهه سان سندس ڇوڪر ڪرائيءَ قوت وارو ٿيو آهي. رب سائين شل بخشي بچائي ڏئيس! هڪڙي تند اٿس. مائٽ جي دل. سو، چيائين ته ساهه تي بقا ڪونهي، اِنسان مئو ويٺوآهي. دم کنيو نه کنئي جهڙو! توهين ڀائر آهيو. چيائين ٻيلي! هلو ته هلي فلاڻي ڀاءَ کي ڏسون. ڀاءَ جي منٿ ڳري ٿي. ڪم ڪاريون کڻي ڇڏيونسين، هاسيڪار (حاصل ڪار) هڪلي آياسون. چيوسون ته اول آهن پنهنجا، سيواڻي چريو ته ڀي ڀتر اڇلي گهر ڏي! پڪين ٻيرين ۾ هرڪو ٿو ڀتر هڻي! ٻيو سارو خير! (انهي وچ ۾ ڪو بلغاري چلم جو ڊُڙڪو پيو ڪندو ته ڪو ٻيانگڙيءَ ۾ ٻيڙي تڻڪيو ويٺو هوندو ته ڪو ڪکَ پيو پٽيندو. سڀئي انهيءَ ويچار ۽ ماٺ ۾ هوندا ته هاڻ ڏسون ته ڪهڙو ٿو مانُ مليس!)

مائٽيءَ جي پڪ:

سڱ جي ڏيڻو هوندو ته ان جو وارث  چوندو ته: آءٌ ڀائرن کان پري ڪونه آهيان. اَڪَ کاڌي ڌيءَ ڪاڻ ڀائرن کي بي مانو ڪونه ڪندس. نياڻيءَ جو جيئن لکيو هوندو تيئن ئي ٿيندو. ڏک سک الله جي وس آهن، جي قسمت سولي هونديس ته اولي ڪڏهن ڪانه ٿيندي. ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ! مون نياڻي توهان ڀائرن جي جهوليءَ ۾ وڌي. کير جو وٽو توهين ڀريو ته کنڊ جو ٻڪ آءٌ ٿو وجهان! هو مٿان چوندا ته ويچارو سچ ٿو چوي. نياڻي جا لکيا اٽل آهن. مائٽ سڀڪو ڀانئيندو ته سرهي ڀري سرتان لاهيان. نياڻين شينهن ڪلهي چڙهي ته سک ٿيو، مٿي جي جون مئي چڱي، ادا، نياڻيءَ جي ماني بادشاهه جي گهر ۾ به ڪانهي. تو اسان کي سونو نڪ وجهي ڇڏيو. بڻائتو آهين. اهي ئي ڪم اشرافن جا آهن.

نينگري، ننڍي اڻسامايل هوندي ته وارث چوندو ته “اڃا نينگر ماشوم (معصوم) آهي، پئي روئي کائي، الائجي مري ڪِ جيئي! جڏهوڪا چڪ تڏوهوڪا پاڻي! جڏهن وڏي ٿيندي، پوءِ جيئن لکيو هوندو تيئن ٿيندو. اسان کي کائي ڪونه کتايو اٿس. اسان کي اڃا ڪو اونو ڪونهي.“ هو ورائي چوندا ته ميان ڌيئون ڊڀوڙيون آهن. نياڻي ڪا ننڍي چئبي! نياڻي ڄائي ته ڄڻ ناٺي در تي آيو. اها وڌندي ڪيتري ويرم ٿي ڪري! چوندا آهن ته اڀري لڏ کي سجهندي پلاڻڻ گهرجي يا ته چوندا ٻيلي، ڀاءَ پاڻ کي مانُ ڏنو. هاڻ هن جي به مرضي کڻي رکجي! ائين چئي اُٿندا.

پر جي بدي (بدلي) جو سڱ نه هوندو ته چوندا ته ”هڪڙي ڏاڏي جو اولاد آهيون، جي ڀاءُ ڀاءَ تي وڙ ڪندو، اڀري ڀاءَ سان وارَ وڇائيندو ته الله ۽ ان جو رسول به مٿس سدائين راضي رهندو. اسان به سڄي ڄمار تنهنجا ڳڻ پيا ڳائينداسون. تنهنجي هڪڙي ٿوري به نه پڄون. چڱن کان ئي چڱايون ٿينديون آهن...!

جي سڱ ٽڪن تي وٺڻو هوندو ته چوندا ”انسان جو ملهه ڪونهي، پر پنهنجي غريبي حال سارو جيڪا ڦلن جي مٺ مناسب هوندي سا هٿ جوڙي جهوليءَ ۾ پائي اڳيان آڻينداسون. تنهن هوندي به اوهان جو اُٺ جيڏو احسان اسان تي ٿيندو...!“

جي ڪنهن ڏَنيل، ڏهاڳڻ زال جي گهرُ ڪرڻي هوندي ته چوندا “اوهان وٽ ڦلاوتني (ڦلاونتي) ٻانهن يا ٻار ويٺل آهي. اڄڪلهه ٻار ويهارڻ جو زمانو ڪونهي، نبين جي نياڻين به حق ڪيا آهن! اسان توهان جا غلام آهيون، جي اسان سان پير ڀريندؤ ته وڏو ٿورو ٿيندو...!“ ڏَنيل جو وارث ورائيندو ته مون کي ڪجهه مهلت ڏيو ته تن من پڇان، پوءِ جيئن هوندو تيئن ٿيندو“. گهر ۾ اچي اهو وارث پنهنجي ڏهاڳيل (ڀيڻ يا ڌيءَ) کان رايو پڇندو. چوندو امان! جي مٿي جي ڇانوَ ڪرين ته اسان جي جهل پل ڪانه اٿئي. فلاڻا فلاڻا ڀائر گهرُ ڪري رهيا آهن. اسان تي بار ڀري ڪانه آهين. جيڪي پيٽن ۾ ٿيون مائين، سي ٽڪرڀور ۾ ڪين اڙنديون! ائين نه سمجهه ته مائٽ مون مان ڪڪ (بيزار) ٿيا آهن. اهو خدا ساکي آهي. تون پنهنجيءَ مرضي واري آهين. چوڻ اسان تي فرض آهي. پنهنجي نيڪي بديءَ جي تون پاڻ مختار آهين. سوچي سمجهي، پنهنجو دل من پڇي، پوءِ جيڪا راءِ بيهارين سا اسان جي ڪن وجهه...! جي هن کي مڙس ڪرڻ جي خواهش هوندي ته چوندي ”آءٌ اوهان وارثن جي چوڻ کان ٻاهر ڪانه آهيان، جيئن توهان کي مناسب اچي تيئن ڪريو، آءٌ حاضر آهيان...! پر جي شاديءَ ڪرڻ جو بنهه ارادو نه هوندس ته چوندي: ”ڪجهه گذريو آهي، ڪجهه گذري ويندو. آءٌ توهان جن ٻچن جي چاڪري ڪريو ٽڪر کايو ويٺي هونديس يا ته پورهيو ڪريو پئي پيٽ پالينديس. توهان تي ڀري ٿي ڪين ڪرنديس. الله ڪندو ته منهنجي بديءَ بڇڙائي جي ٻڙڪ نه ٻڌندؤ! اشراف آهيان، اشرافن جو اولاد آهيان. ويهي وقت گذاري مري وينديس....!

مائٽيءَ کان جواب: جواب (نهڪر) جي حالت ۾ جيڪي ڀائر هام هڻي هلي ملهي، جنهن ڀاءَ جي تڏي تي اچي نڪتا هوندا، تن سان کارو کٽو ڳالهائي، انهن کي اهو ڀاءُ اُٿيڙي نه ڪڍندو، نڪي سرڪشي ڏيکاريندو. مڙيئي ڪنهن نيت پات سان پرچائي سرچائي روانو ڪندو. چوندو ته “آئيو ته ڀلي ڪري آيئو! ڀائر آهيون، چُهڙن جون ونڊيون چُهڙا کڻندا. اوهان جا پير منهنجون اکيون. شرع ۾ شرم ڪونهي. موت ناهي مهڻو، پرڻو ناهي گار! دل ۾ نه ڪجو. اسان جا پنهنجائي مسئلا موڙها پيا آهن (يا اسان ٻئي هنڌ اکيون اٽڪايو ويٺا آهيون). مجبور آهيون، (اسان کي ايڏانهن پير کڻڻ جو ارادو ڪونهي) اهڙا وٽ تي جواب ڏيندو، پر ٺپ ناڪار نه ڪندو ۽ ساڻن ملي کلي کيڪاري کين روانو ڪندو.

پڌريءَ جي ريت:

ڇڪايلن ”آنهڪار” ڪئي ته پڌريءَ جو سانباهو ٿيندو. ڪجهه ڏينهن ترسي، گهوٽ ۽ هڪڙو - ٻه مرد ۽ ٻه - ٽي زالون گڏجي، ڪنواريتن ۾ اينديون. گهوٽ آڻڻ جو مقصد اهو هوندو آهي ته ڀلي ڪنواريتا به گهوٽ کي ڏسن وائسن (جي اڳ ڏٺل نه هوندو اٿن) ۽ پاڻ ۾ گهائل مائل ٿين. اهي هڪ رات اتي رهندا.، جي ڪو ڦيڏو نه هوندو ته ڪنواريتا کين تسلي ڏيندا. وهانءَ بابت جيڪي شرط شروط هوندا، سي ساڻن ظاهر ڪندا. اُهي، جي آيلن قبول ڪيا ته کين پهرين مبارڪ جو شربت پياريندا. موڪلائڻ وقت، گهوٽيتيون، ڪنوار کي خرچي هٿ ۾ ڏيئي موڪلائينديون.

ڀائرن جا اڳواڻ:

راڄ ڪاڄ جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ اصلي چار ماڻهو(1) مقرر ٿيل هوندا هڪڙو پريو مڙس، پٽيل يا جمعدار، جنهن جو فيصلو هر صورت ۾ ڀائرن کي قبول ڪرڻو پوندو آهي، ٻيو وزير يا صلاحڪار، جيڪو پريي مڙس سان صلاح مصلحت ۾ شامل رهندو آهي ۽ پريي مڙس جي غير حاضريءَ ۾ پاڻ فيصلا ڪندو آهي، ٽيون ڇڙيدار، شادي توڙي غميءَ جي پرڀن جي ڪارروائي هن جي چوڻ تي هلندي آهي ۽ چوٿون ڪوٺار، جيڪو ڀائرن کي حاضر ڪندو آهي ۽ نينڊون ۽ ڪانڍون ڏيندو آهي.

ڀائرن جو ميڙ:

        پڌريءَ تي پڪ ملڻ کان پوءِ، ڪاڄيتو، ڀائرن جو ميڙ ڪوٺائيندو، جنهن مان خبر پوندي ته ڪهڙا ڀائر ساڻس وک ڀرين ٿا، يعني ڪاڄ کائين ٿا ۽ ڪهڙا نٿا کائين ۽ ڇو نٿا کائين. ان لاءِ پريي مڙس کي ڄاڻ ڪندو. پريو مڙس کيس هڪ تاريخ مقرر ڪري ڏيندو ۽ چوندو ته مٺائي کڻي ان ڏينهن اوطاق، اوتاري، پريي مڙس جي جاءِ يا پڌر تي حاضر ٿج! ۽ ڪوٺار کي حڪم ڪندو ته ان رات سڀئي راڄ جا ڀائر گڏ ڪري. ڀائر اچي گڏ ٿيندا. چلم کي ٺش ڪري ڪچهريءَ جي وچ ۾ ڪري رکندا. سڀڪو واري وٽيءَ تي چلم جو ڊڙڪو پيو ڪندو. پريو مڙس پڇا ڪندو ته سڀ ڀائر اچي ويا يا اڃا ڪو رهيل آهي؟ ڪوٺار جواب ڏيندو ته “فلاڻا فلاڻا، هن ڪي هن سبب ڪري ڪونه آيا ۽ پنهنجي فتوا فلاڻي ڀاءَ تي رکي اٿن، کين ڪاڄ نه کائڻ جو عذر ڪونهي”. پوءِ ڇڙيدار اُٿي چوندو ته “ڀائرو! فلاڻو پنهنجو ڀاءُ ڪاڄ ٿو ڪري، فلاڻي جي گهران، ان جي مٺائي ورهائڻي آهي. ڪنهن به ڀاءَ کي هن تي ڪو ڏک سور هجي يا پاءُ پاڻيءَ جو ڀاءَ ڏانهن رهيل هجي ته پڌرو ڪري، جيئن سڀئي ڀائر سڻن!”

ڀائر پرچائڻ:

ڀائر وري هن ريت عذر پيش ڪندا: ڪو چوندو ته منهنجا وٽس پئسا رهيل آهن. گهڻي گهرڻ هوندي به نٿو ڏي. وٺي ڏيو، ته ڪاڄ اکين سان کائيندس. ڪو چوندو ته اسانجو سڱابندي جو وهنوار رهيل آهي. ڪو چوندو ته اسان سان مئي/غميءَ جو پير ڪونه کنيو اٿس نه پٿر تي آيو نه ”الله ميان ڏاڍي“ ڪئي اٿس. ڪو چوندو ته اسان وڙهيل آهيون. جي هڪٻئي سان بڇڙي ڪئي هوندائون ته اها به ٻولي ڏيندا، جي هٿين پيا هوندا ته اهو ذڪر به ڇڙندو ۽ نبرندو.

ڀائرن ۾ ڪي قصور واري جو پاسو کڻندا ان کي ٽيڪو وٺائيندا ته ڪي قصوريل کي. آخر گهڻن جي رايي سان پريو مڙس فيصلو ڏيندو. ڪنهن به اهو نبيرو قبول نه ڪيو ته ڀت پهت، حقي پاڻيءَ مان ڪڍي ڇڏيندس، جي پرچي سرچي ويا ته برادريءَ جي هيڪ - ميڪ ٿيڻ جي مٺائي ڳڙ، کارڪون يا پتاشا ورهائيندا، جيڪو غير حاضر هوندو ان جي ورڇ فتوا رکيل ماڻهوءَ کي ڏيندا ۽ ڪاڄيتي کي هيءُ ڀيرو به مبارڪون ملنديون ۽ پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ڀاڪر پائي اُٿندا.

مڱڻي جي رسم گهوٽيتن ۾:

جڏهن گهوٽيتا ست ساريندا، تڏهن اول اول مڱڻو ڪندا. مڱڻي جي معنيٰ آهي گهرڻ. پر اها گهرُ پڌريءَ تي ئي پوري ٿي ويندي آهي. تنهن هوندي به وري اوري پري وارن ڏانهن ڪانڍون ڪڍندا. ڪوشش ڪري مڱڻو ڌام ڌوم سان ڪندا. چڱي موچاري ڄڃ وٺي ڪنواريتن ۾ وڃي لهندا. مڱڻو ڪري اچڻ کان پوءِ مند - شاخ (جنهن کي ساک به چون)  جيڪا به مندائتي جنس پئي لهندي، سا ڪنواريتن کي پيا موڪليندا ۽ وچ ۾ ڪو عيد جهڙو ڏڻ-وار ٿيو ته هڪ اونڌر يا وڳو به ڪنوار کي موڪليندا. جيستائين ڪِ وهانءُ نبري. روزانو مڱڻهار شام ۽ صبح جو در تي دس وڄايو پيا ويندا.

مڱڻي جي ريت ڪنواريتن ۾:

گهوٽيتا، جيئن ڄڃ ڪري ڪنواريتن ۾ رسندا ته ڪنواريتا، کين اوطاق (ڇنو) ۾ نک، تڏو، تؤنري، ديگ، ٿانءَ ٿپو موجود ڪري ڏيندا. ڪنواريتا، پنهنجيءَ برادريءَ يعني ماڃين ۾ سڏ اٿاريندا انهيءَ رات جو سڀئي ڀائر ۽ سياءَ اچي ڪٺا ٿيندا. اجازت سان ڇڙيدار، گهوٽ جي ڪلهن ۾ لونگي يا ملير وجهندو، جنهن جي جهول ۾ موڙو به هوندو. موڙي ۾ ڏونگهيون، مصري، ڦوٽا، باداميون، جوهر جون ٽڪيون ۽ رومال به هوندو. ان کان پوءِ ڪنواريتا، مٺي ڪڙهيل کير جا وٽا (گلاس) ڀري ڄاڃين توڙي ماڃين کي پياريندا. رواج سارو سڀئي ڄاڃي گهور ڏيندا، جا ڪنواريتا کڻندا. ٻاهر اها ريت پوري ٿيندي، تنهن کان پوءِ زالون ڳائي، ڪنوار کي کيرول منڊي ۽ ويڙهه آڱرين ۾ وجهنديون ۽ مٿان پوتي ڍڪائينديون. ڪنواريتا، ان کي ”پوتي پوڻ“ جي رسم ڪوٺيندا آهن. ڪي وري پوتي پوڻ تي ڪنوار جو نڪ به ٽوپي ڇڏين، جيئن شاديءَ ٿيڻ تائين سندس نڪ به ڇٽي وڃي ۽ نٿ پائڻ جهڙي ٿي پئي. نڪ هن نموني ٽوپين، سئيءَ ۾ ڪارو پٽ جو ڌاڳو وجهي نڪ جي ڇوٽيءَ مان اُڪاري ٽونگ ڪن، سئي ڪڍي وٺن ۽ سڳو نڪ ۾ وٽي ڇڏين. مڱڻي تي زالون زالن تي ۽ مرد مردن تي گلابي يا ڳاڙهو رڱ اوتين. زالون سڄي رات ڳائي وڄائي، نچي ٽپي صبح ڪن. صبح جو ڄڃ واپس گهر يا ڳوٺ ڏانهن رواني ٿي هلندي آهي.

ڏينهن چٽا ڪرڻ/ڏينهن وٺڻ / ڏينهن ٻڌڻ:

گهوٽيتن وٽ جي چار ڏوڪڙ گڏ ٿيا ته هڪدم ڏينهن وٺڻ جو سعيو ڪندا. هڪڙي - ٻه زال، هڪڙو - ٻه گهوٽ جو مائٽ، ڪنواريتن ڏانهن هلي ويندا، ڪنواريتا راضي هوندا ته ڏينهن چٽو ڪري ڏيندا. گهوٽيتا ان وقت به ڪنوار کي پوتي ڍڪائي، سانباهي جي رقم پوتيءَ ۾ ٻڌندا(1) ۽ ڪنواريتا گهڻو ڪري اهڙو ڏينهن شادي ڪرڻ جي لاءِ مقرر ڪري ڏيندا آهي، جنهن ۾ ڪنوار ڇوت ڇات کان آجي هوندي.

ٻڪيءَ جي رسم: 

ٻڪيءَ وجهڻ ڪري ڀائرن کي معلوم ٿيندو ته شاديءَ جو گهماگهم ڀت ٿيندو، جنهن کي ”ڄڃ“ به چون. اهو ڀت کائي ڄاڃي رڄ ڪندا. ٻڪي(2) تڏهن پوندي جڏهن شادي واسطي چانور اچي ميسر ٿيندا. زالون پنج - ست گڏجي برادريءَ توڙي سيالن کي ٻڪيءَ جو سڏ ڏينديون ته ”سڀاڻي فلاڻي جي ٻڪي آهي سهاڳڻيون اچجو!“ پوءِ ان ڏينهن تي سهاڳڻيون زالون ٺهي ٺڪي اچي ٻڪيءَ جو پرڀ ملهائينديون، يعني گهر آيل چانورن مان پنجن چوٿاين يا پنجن پاٽين جي واڌائي (ماڻ) اُکريءَ ننگهه ۾ وجهي ۽ انهيءَ ۾ ست جوڙا کارڪن جا وجهي. اکرين مهرين کي داءَ (دانگ) جا لينگها ڪڍي، ست سهاڳڻيون مهريون کڻي، چانور ڇڙڻ ويهنديون، ست ئي مهريون واري سان پيون ڦرنديون. انهن ۾ جيڪا هوشيار ڇڙڻ واري هوندي، سا کارڪون ڪڍندي کائيندي ويندي، ٻيون چپ پيون چٽينديون ڪي اتي ٻڪيءَ جو ”ساٺ ڳيو“ بيٺيون ڳائينديون. تان جو سڀ چانور ڇڙي اُٿنديون.

گهر چٽڻ:

ٻڪيءَ واري رات گهوٽيتيون گهر چٽڻ شروع ڪنديون. ڪنڀر کان داءُ گهرائي، سڄي گهر جون ڪنڊون ڪڙڇون، جارا، ڀتيون، لينگها ڪڍي ڳاڙهيون ڪري ڇڏينديون. انهن ليڪن ڪڍڻ مهل به ڳيچ پيون ڳائينديون.

شاديءَ جي تياري:

گهوٽيتا، پهريائين پنهنجائيءَ جون ڪنواريون نياڻيون ٽڪڻ ڪاڻ وٺي اچي پاڻ وٽ رهائيندا، جي ڪم ڪار ۾ هٿوباري به پيون ڪرائينديون ۽ اک ٽيٽ سان سڄي ڪاڄ جو انتطام رکڻ به پيون سکنديون. مرد ماڻهو منهه يا ڇنو ٺاهڻ شروع ڪندا، جيئن ڄاڃي سولا اچي رهن. ان کان پوءِ وهانءَ جو سامان جهڙوڪ: ٺڪر جون پاٽون ۽ طباق، ڪؤنرا ۽ چلمچيون، ڦيلهيون ۽ ڳنرون، ڪهڻ جي لاءِ ڦنڊرون، ٻارڻ واسطي ڪاٺيون، درزيءَ کان گهوٽ جا ڪپڙا، مينگهواڙ کان گهوٽ جي جتي ۽ ٻيو ڪل سامان گهوٽيتيون ڳائي آڻي پيون گڏ ڪنديون، جيڪي ڄاڃين جون ساگهرون پيون اينديون تن کي به گهوٽيتيون گهر کان ٻاهر ڀرو نڪري، پري کان ڳائي وٺي اچي گهر ۾ ويهارينديون.

ونواهه جي ريت:

ڪنوار کي وناهه ۾ شاديءَ رات کان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينهن، وڌ ۾ وڌ پنجن، ستن، يارهن، بلڪ ايڪيهن ڏينهن تائين به ويهاريو ويندو آهي(1) .

پنج - ست زالون شهر مان وناهه جو سامان، ڪؤڙو مٺو تيل، جل ڦل، ڪيسر، ميدو، ڏونگهيون،اکيو(1)، مصري، حلوو، باداميون، ڊاکون، ڦوٽا، ميندي، مساڳ، سوئڙو (سرمه) ڪجل ۽ پيٺي (اڳٺ) جو سامان ڳيچ ڳائي، وڃي وٺي اينديون آهن، ان کي؟ وناهه ڀڃائڻ”چون. پيٺي، هن ۾ ميدو اٽو، ڪيسوڦل تيل سان گڏي اُٻٽڻ (مرڪب) ٺاهين، اِهو اُبٽن يا ٻٽڻو ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار کي روز روز ڳوٺ جي حجامڻ پئي مکيندي، جيئن ڪنوار چٽي گوري ٿئي، سندس منهن ۽ ٻانهن، هٿن، پيٽ، ٽنگن ۽ پيرن تي زور سان مهٽي ويندي آهي، (پڇاڙيءَ ۾ اُها ڪنهن واهه يا تلاءَ ۾ اڇلي ڇڏين) اهو اُٻٽڻ ۽ پنهنجي گهران گيهه، مکڻ ۽ ماکي ٿانون ۾ وجهي سڀ اسباب هڪ وڏي کاري ۾ رکي، مٿان ڳاڙهو ڪپڙو ٻڌي، هڪڙي زال جي مٿي تي رکنديون، پوءِ گڏجي ڳيچ ڳائينديون اچي ڪنواريتن ۾ پهچنديون آهن.

رات جو ڳائي وڄائي اهو اکيو، ڪنوار جي منهن تي ٻڌنديون. ڪنوار کي ڪوٺيءَ ۾ (گهر جي هڪڙيءَ ڪنڊ) ۾ شاديءَ تائين ويهڻو پوندو آهي، ڪنهن به مڙس ماڻهوءَ جي منهن نه لڳندي، نڪي اکيو مٿي ڪري ڏسندي. ڪاتي وڍيو کاڌو يعني ماهه مڇي پلو وغيره ڪين کائيندي. روز حجامڻ کيس پيٺي پئي مليندي. اکيي ٻڌجڻ کان پوءِ ست سهاڳڻيون ڪنوار واريءَ ڪوٺيءَ جي سردري (مٿين چانئٺ) ۾ هٿ وجهي، روز شام جو سانجهڙيءَ جو ساٺ ڳيو، ۽ پنج پيراڻا ڳيچ ڳائينديون رهنديون آهن.

ونواهه ٻڌجڻ کان پوءِ سڄو ڪاڄ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو. هتي گهوٽيتن جا پرڀ ڌار ٿيندا ته ڪنواريتن جا ڌار هوندا. گهوٽيتن ۾ هر رات جو زالن جو ڳائڻ ٿيندو ۽ مڙسن جو وري ڌار مارڪو پيو مچندو جنهن ۾ ناچ، سانگ ۽ ڏونڪا يا ڏانڊيا راند به شامل هوندي آهي.

گهوٽيتا پرڀ:

گهوٽيتا پرڀ(1) هيءُ آهن: گهوٽ کي ميندي لائڻ، ڳانو ٻڌڻ، وناهه ويهارڻ، تيلاڙي جو ساٺ ڪرڻ، ڏِک ويهارڻ، پڙو يا ڪوٺو ڏيکارڻ، سروَر هڻڻ، ڄڃ نڪرڻ ۽ ڪنواريتن ۾ پهچڻ کان پوءِ، اوجاڳو ڪرائڻ، ڪنڊيءَ جو وڻ وڍائڻ، نڪاح وجهائڻ، گهوٽ وهنجارڻ، ڪپڙا ڍڪائڻ، سرگس چڙهڻ، نفل پڙهڻ، ڏانوَڻ ڏائڻ، رانءِ جهانءِ ڪرڻ، ڍڪڻي ڀڃڻ، ۽ لانئون لهڻ. انهن سڀني پرڀن  رسائڻ ۾ سنوڻن جو پورو تفصيل سان بيان هن طرح ڪريون ٿا:

ميندي لائڻ:

شاديءَ کان ٻه - ٽي ڏينهن اڳي، گهوٽ کي ڀينرون ۽ سهاڳڻيون پهرين هٿن کي ۽ پوءِ پيرن کي، ڳائي ڳائي ميندي لائينديون (جي ڪرڙوڍ هوندو ته پاڻهي ڏاڙهيءَ کي اڳواٽ ميندي ڪري ڇڏيندو). اها ميندي سڪڻ کان پوءِ، ذرو پرزو ميڙي سيڙي، ڪنهن کوهه، تلاءَ، ڍنڍ يا دُٻي ۾ اڇلي ڇڏيندا آهن.

ڳانو ٻڌڻي: ميندي لائڻ کان پوءِ، سهاڳڻيون ڳيچ ڳائي، گهوٽ کي جيئڻي هٿ جي ڪرائيءَ ۾ ڳانو ٻڌن. ڳاني ۾ سجاتي جو سڳو، لوهه جا ٽي ڇلڙا ۽ سرهي موڙهي هوندي آهي.

گهوٽ کي ونواهه ويهارڻ ۽ تيلاڙي جو ساٺ ڪرڻ:

رات جو گهوٽ کي تيل جو ساٺ ڪن، سهاڳڻيون زالون، سرهي تيل ۽ ماکيءَ مان آڱريون ٻوڙي گهوٽ جي مٿي تي مکينديون ۽ ساڻ ڳيو/ڳيچ، گهوٽ مٿي ڦلڙا، مرچڪيو لڳي، پيون ڳائينديون. تيلاڙي جو سوڻ پورو ڪري، گهوٽ کي ڏندڻ، ڪاتي ۽ تسبيح ساڄي هٿ ۾ کڻڻ جي لاءِ ڏيندا. ڪاتيءَ وڍيو کاڌو کائڻ نه ڏيندس، اڪيلو به نه ڇڏيندس، جهنڊ هڻي ويهندو.

ڏک ويهارڻ:

ڏينهن جو سڀ ڀائر گڏ ٿيندا گهوٽ کي ٻٽ(1) ڪرائي مٿان موڙ(2) ٻڌندس، پوءِ اڳاڙيندا گهور ۽ ناناڻي پريءَ مان هڪڙو اهنيار (اهنر)(3) مقرر ڪندا، جنهن سان گهوٽ جي لانئن لهڻ تائين تعديون پيا ڪندا آهن، ڪپڙا ڦاڙڻ، چونگون ڏيڻ، چرچا ڀوڳ ڪرڻ وغيره. اهنر گهوٽ جي ٽهل ٽڪور، اٿيءَ ويٺيءَ ۾ مدد جي لاءِ رکيو ويندو آهي.

سروَر هڻائڻ:

گهر مان ڄڃ نڪرڻ واري رات جو ڪي گهوٽيتا سروَر(4) جي ڍولڪ وڄارائي گهور وٺي پوءِ ڄڃ ٻاهر ڪڍندا. ٻروچ سروَر جو دهل وڄرائيندي پيا سونهندا آهن، پر ٻين سنڌ جي ذاتين ۾ سرَورَ جو دهل وڄرائڻ ۽ ڪاڄ ڪرڻ جو رواج ڪونهي، پر جيئن ته سروَر جي گهور مڱڻهار ۽ ڳائڻين کي نه، پر ڪاڄيتن کي ملندي آهي، تنهنڪري سروَر رات، سروَر جي ڪرامتن جو خاص ڳيچ ڳايو ويندو آهي.

پڙو يا ڪوٺو ڏيکارڻ:

ڄڃ نڪرڻ واريءَ رات جو گهوٽ کي ڏنل (ڏيپ) ڏيج جيڪو مائٽن، عزيزن ۽ دوستن ڏنو هوندو، سو گڏ ڪري پيتيون ڀري، زالون ساجهرئي ڪنهن واقفڪار يا مٽ مائٽ جي گهر پرڀرو کڻي وڃي رکي اينديون آهن. سروَر پوري ٿيڻ کان پوءِ، اهو ڪوٺاري(1) کان اهو ڪوٺو(2) يا پڙو(3)  کڻائي اينديون. کڻڻ وينديون به دهلارين ۽ ڳيچن جي للڪارن سان ۽ وري موٽنديون ته به اوهيئي شغل سان. گهر پهچڻ تي هڪ وڏي پري زال يا راڄ جي چڱي، پڙي جون سڀ شيون: وڳا، زيور، ٿانءَ، روڪڙ ۽ ٻيا تحفا هر هڪ ڏيندڙ جو نالو وٺندي ڏيکاريندي ويندي، آخر ۾ گهر وارن جا وسلا، جن ۾ بسترو به هوندو آهي، ڏيکاريندي ۽ پوءِ بند ڪري ڪنواريتن ڏانهن نينديون.

ڄڃ نڪرڻ:

ڄڃ نڪرڻ کان اڳ، پني مڱي سوارين جو بندوبست ڪيو ويندو آهي. جن ۾ بيل گاڏيون جن جي ڏاندن کي ساز پيل هوندا، ٻيا مهري اُٺ، جن کي به سينگار جا ساز پيل هوندا ۽ ٽيان هوندا گهوڙا، جن تي پنج سنجي پيل هوندي يا ته ڪونه ڪو سينگار هوندو، آڻي ڪٺا ڪندا. ڄڃ جو ڪٽڪ ڏسڻ سان دل ٽپا پئي ڏيندي، هر ڪنهن جي ڀل ڀلان لڳي پئي هوندي. جوڙين جو ميدان کڻڻ جو ٽڪر، گهوٽ به هڪ ڀلي مهري اُٺ تي يا گهوڙي تي سوار هوندو، رات جي نوائي، ڄڃ جي روانگي، ڪونسي سر مان گهوٽين جي ڳاچن جون للڪارون، ڊڊن جون ڊيڪارون ۽ گهوڙين جون زيلون ۽ گهوڙن جون هڻڪارون، ڇيرن جون ڇمڪارون، شرناين، قرناين، متن بينن جون ڪوڪارون پيون پونديون. بس زمين، آسمان تي کڻي ڏيندا. اڳيان ناچو پيا نچندا هلندا، جڏهن اڌ پنڌ ۾ ايندا ته وٺي ڀڄ ڀڄان شروع ٿيندي. ڄڃ جتان پيئي لنگهندي ته گاڏين جا چيچاٽ ۽ زالن جا آلاپ، اگهور ننڊ ۾ نهوڙيلن کي به اٿاري کڙو ڪندا. جنهن جي شادي ڪيل هوندي، ان جو منُ به اٿي پوندو ته ٻي ڪا شادي ڪريان، پر جنهن جي نه ٿيل هوندي سو ته ڦٿڪڻ لڳندو ته ڪٿان به ڦٽ پٽي اهڙي ڪا لئي ڪرايان!

ڪنواريتن ۾ پهچڻ:

اهي ڄاڃي اهڙي دستور، اهڙي رمز ۽ رنگ ينگ سان اچي ڪنواريتن ۾ پهچندا. ڪٿي ڪٿي ته ڄاڃين سان ”پڙڄڃ“ ڪندا آهن. يعني پنج سير کارڪن وٺڻ خاطر گهوٽين ۾، ڪنواريتي ڌر جا ماڻهو لٺين جا اچي ٽاڄا وجهندا آهن. پوءِ ڪي ڄاڃي ڦٽبا آهن ته ڪي ڀڄي ويندا آهن. جڏهن هنن کي کارڪون يا پئسا کارڪن جا ملندا آهن تنهن کان پوءِ اها ماراماري بند ٿيندي آهي.

ڪنواريتي هنڌ تي پهچن کان پوءِ گهوٽ جا باقي پرڀ هيءُ آهن:

اوجاڳو ڪرائڻ:

گهوٽ جا مائٽ، خود گهوٽ کي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا. ان ڪري سڄي رات ڇني ۾ ڳائڻ، وڄائڻ، کل - ڀوڳ پيو ٿيندو. شاديءَ رات گهوٽ جو سمهڻ بند ٿي ويندو گهوٽ جي سمهڻ کي بهسوڻ ليکيو ويندو آهي.

ڪنڊڙي يا سائي ٽاري وڍائڻ:

شاديءَ جي رات جو ٻهراڙين ۾ گهوٽ کي ڳائي وٺي وڃي ڪنڊيءَ جو وڻ يا ڪنهن وڻ جي ٽاري، ڪاتيءَ سان ڪپارائينديون آهن. چار سهاڳڻيون گهوٽ مٿان اڇي چادر جهلي هلنديون، ڳوٺ کان ٻاهر، ڪاتيءَ جي هڪڙ ئي ڌڪ سان ڪا لام وڍڻ لاءِ چوندس، اها ٽاري کڻي اچي ڪنوار جي در اڳيان کوڙائينديون. جنهن جو مطلب ته ساهرن جو گهر هريو ڀريو هجي شال!

نڪاح پوڻ:

گهڻو ڪري شادي رات پوئين پهر ۾ نڪاح پڙهايو ويندو آهي. نڪاح مولوي يا آخوند(1) پڙهندو ٻه شاهد ۽ هڪ وڪيل (جي انهن ڪنواريتن جا عزيز قريب يا پاڙيوارا منهن لڳ هوندا) تن کي ايجاب ۽ قبوليت جي لاءِ ڪنوار ڏانهن موڪليو ويندو. جي وڃي ڪنوار جو رايو وٺندا. اتي وڪيل ڪنوار کان ٽي دفعا پڇندو ته ”توکي فلاڻو پٽ فلاڻي جو، هيتري مهر يا ڪابين سان شريعت محمدي موجب حق نڪاح ۾ قبول آهي؟“ ڪنوار ٽئي دفعا هائوڪار جو جواب ڏيندي. ڪي چونديون ته منهنجو فلاڻو وارث(2) آهي، ان کان اجابت ڪرايو. ڪن جي پاران سندن ويجهي مائٽياڻي هائوڪار ڪندي آهي. وڪيل ۽ شاهد جواب وٺي، ڇني ۾ ايندا ۽ خنڪيءَ سان اسلام عليڪم ڪندا. ويٺل سڀئي و عليڪم سلام جواب واريندا. ان کان پوءِ مولوي/آخوند ڀر ۾ ويهاري کانئن خبر وٺندو. صحيح جواب وٺي وري گهوٽ کان پاڻ پڇندو ته مهر گهڻو ٿو ڏين؟ هو جيڪو مهر چوندو سو ٻڌي وري کانئس پڇندو ته ”فلاڻي ڌيءَ فلاڻي جي تو واري مقرر حق مهر (معجل يا عندالطلب) سان شريعت محمديءَ موجب توکي حق نڪاح ۾ قبول آهي؟“ اهو سوال ٽي ڀيرا پڇندو. هو هائوڪار ڪندو ته نڪاح جي ديني رسم - شروع ٿيندي ۽ سڄو نڪاح پڙهي پورو ڪندو. نڪاح ختم ٿيڻ تي چوڌاري مبارڪن مبارڪن جو هل مچي ويندو. آخوند کي نڪاح جو اُجورو سوا روپيو ۽ کارڪون مٺيون ڀري ڏيندا ۽ سڀني آيلن کي به مٺ مٺ کارڪن جي ڏيندا ويندا.

گهوٽ وهنجارڻ ”ڪپڙا ڍڪائڻ“:

نڪاح پوڻ کان پوءِ زالون ڳيچ ڳائي اچي گهوٽ جا ڪپڙا ۽ تيل ميٽ ڏينديون. ڪوٺاري، گهوٽ کي منجيءَ، (کاريءَ يا صندليءَ) تي ويهاري وهنجاريندو. تيستائين زالون بيٺيون ڳائينديون. وهنجڻ کان پوءِ وار سڪائي ڪپڙا ڍڪائيندس، ڪپڙن ۾ سلوار، پهراڻ، جتي، رومال ۽ پاڳ (پٽڪو) جنهن ۾ هڪڙي سرهي موڙهي ڳاڙهي ڳوٿريءَ واري پڻ هوندي. ڪلهن ۾ ڪرڻ لاءِ اجرڪ / لونگي به هوندي آهي، وهانءُ جو وڳو ڪنواريتا، گهوٽ کي ڏيندا آهن. ڪن ڪن هنڌن تي گهوٽ پنهنجيءَ مرضيءَ تي وٺندو آهي. ڪوٺاري، ڀائرن کان ڪپڙن پهرائڻ جي موڪل وٺي، پوءِ پٽيل جي حڪم موجب ڪپڙا: پهرين پهراڻ، پوءِ شلوار، پوءِ جتي، پوءِ پاڳ، جنهن جو پهريون ورُ پٽيل پاڻ پنهنجي هٿ سان ڦيريندو پوءِ باقي پٽڪو گهوٽ ٻڌي ڇڏيندو. ڪپڙن مٿان ٻٽ وجهندس ان تي موڙ ٻڌندا. موڙن کي سهرو به چون. اهو سمورو وقت زالون ڪپڙن جا جدا جدا ڳيچ بيٺيون ڳائينديون. ڪپڙا ڍڪجي ويا ته ڪنواريتا بُسريون يعني ڳڙهاريون موڪليندا، جي گهوٽيتا کائي گهور ڏيندا.

سرگس جي تياري ڪرڻ:

گهوٽ جي تيار ٿيڻ شرط هلندي ڇني ۾ ماني، يعني گوشت جو ڀت. ڦيلهيون ڀري ڄاڃين اڳيان رکندا جي کائي ڪندا جڃ. پوءِ اڳڙندو پوئو/ پهت(1) ، ۽ ڳانن موڙن جي گهور. اها ڪاغذ تي لکبي جيئن ان ڀاءُ کي سندس وهانءَ ۾ موٽائي ڏجي. ان کان پوءِ گهوٽ کي سرگس چاڙهيندا. اڳيان دهلاري، شرنائن وارا، ناچو ۽ ڳائڻا هلندا، وچ ۾ ڀلي گهوڙي/ اُٺ تي گهوٽ چڙهيل هوندو.(1) گهوٽ جي گهوڙي تي چڙهڻ مهل ماءُ يا ڀيڻ اَکا اُڇليندي يعني چانور ۽ کارڪون گڏي مٿان گهوريندي. گهوٽ جي پٺيان سندس اهنيار کي به ٻيلهه ويهاريندا آهن. جتي دهلن وڄائڻ جو رواج نه هوندو آهي. اتي مولودي مولود پڙهندا اڳيان پيا هلندا آهن. رستي ۾ ڪا مسيت (مسجد) آئي ته گهوٽ گهوڙي تان لهي اندر وڃي ٻه شڪراني جا نفل پڙهندو ۽ دعا گهرندو وري اچي گهوڙي تي چڙهندو. پوءِ گهورون گهوريندا، ڳائيندا، ڪافيون ڪڇندا نچندا ٽپندا اچي ڪنواريتي در تي پهچندا. جي سرگس رات جو هوندي آهي ته بجليون ۽ گولا ٻري ويندا آهن، رات مان ڏينهن ٿي ويندو ۽ زالون به پٺيان لاڏا ڳائينديون پيون هلنديون آهن.

گهوٽ ڪنوار جي در تي پهچندو ته کيس در جي ٻاهران منجي وجهي ڏيندا ته ان تي ويهي، جيستائين راڄ جون زالون سڀئي اچي ڪٺيون ٿين ۽ لانئون ڏينس. پوءِ مٿانئس ٻٽ پيل لاهي وڃي ڪنوار کي ڍڪائينديون ۽ گهوٽ مٿان اجرڪ وجهندا آهن. ڄاڃي ۽ دهلاري پوءِ سڀ ٽڙي پکڙي ويندا آهن. ۽ ڇني ۾ وڃي ويهندا.

ڏانوڻ ڏائڻ:

زالون اچي گڏ ٿينديون، ساٺ ڳيا ڳائڻ سان ساليون ڏاوڻ ڏائينديون يعني سجائتي جي ويڙهي اوبري تي چاڙهي، گهوٽ کي چونديون ته ”ساڄي هٿ جي چيچ اُڀي ڪري جهل!“ پوءِ اُڀي چيچ ۾ ٽي ڀيرا ڌاڳو اڇلي وجهنديون جئن اُٺ کي مهار اڇلي ڪنڌ نوائي ناڪيلي يا لاٽيءَ ۾ ٻڌندا آهن. هوشيار گهوٽ سڳو ٽوڙي ڇڏيندو، پر چيچ ٻڌجڻ نه ڏيندو. ڏاوڻ ڏائڻ مهل هڪڙي سالي ڪوشش ڪندي آهي ته جهٽ لڳي ته ڪنوار وارو اکيو گهوٽ جي منهن تان گهمائي، ڪا وري نڪ پٽڻ جي ڪوشش ڪندي. گهوٽيتيون وري گهوٽ کي وقت بوقت هوشيار پيون ڪنديون ته گونگهٽ ڏاڍو ڪري جهل! ڪا وري منهن ۾ اکن يعني چانورن هڻڻ جي تڪ ۾ هوندي ۽ گهوٽ سان ڪي تعديون به ٿيو گذرن، پر ڪو ڪو اٽڪلي بچي ويندو. ڏاوڻ ڏائڻ بعد گهوٽ کي سهارو ڏيئي ڀيڻ پلؤ ڏيئي سيج ڏانهن وٺي هلندي ته ڪنواريتيون ڪنوار کي وهنجاري آگهاريل ڌوپ جو پاڻي پيرن ۾ هارينديون.

رانءِ جهانءِ ڪرڻ:

گهوٽ جي در اندران مٽڻ تي سندس ڀيڻ پنهنجي وات ۾ کارڪ وجهي چٻاڙي ستَ ڍڪ پاڻيءَ جا ڀريندي ۽ زالون رانءِ جهانءِ جو ساٺ گيو(1) چونديون.

ڍڪڻي ڀڃڻ:

گهوٽ جيئن ئي سيج کي ويجهو ٿيندو ته ٽانڊن تي هرمرو وجهي مٿان ڍڪڻ اونڌو رکي اُهو ڀڃائين، ڪي خالي ڍڪڻي ڀڃائين. اها ڍڪڻي گهوٽ کاٻي لت جي کڙيءَ سان ڀڃندو، پوءِ ايندو سيج تي لانئون لهڻ.

ڪنواريتا پرڀ:

تيلاڙي جو ساٺ، ٿار گهمائڻ، گهڙي ڀرڻ، ڏيپ يا ڏاجو ڏيکارڻ، مينڍو کولڻ، وهنجارڻ، سينگار ڪرائڻ ۽ ويس ڍڪائڻ، سيج تيار ڪرڻ ۽ لانئون لهڻ.

تيلاڙي جو ساٺ:

هي ساٺ ڪنوار کي به انهيءَ نموني ڪندا آهن، جيئن مٿي گهوٽ واسطي چيو ويو آهي.

ٿار گهمائڻ:

هڪڙي ٿالهه ۾ ڪڻڪ جو اٽو ڳوهي ٿڦي ان جي چوڌاري ڪانا کوڙي وچ ۾ ڪڻڪ جي اٽي جا ست ڏيئا جوڙي، انهن ۾ ڳائو گيهه ۽ ماکي وجهي روشن ڪن، ڪانن مٿان ڳاڙهو ڪپڙو وجهن. زالون ڳائي سڄو ڳوٺ ڦري اچن ۽ پوءِ اهو سنجٽ ڪنهن واهه يا تلاءُ ۾ اڇلين. اهو ٿالهه به ڪوٺاري کڻي هلندو. جنهن کي هيرن جا ڳيچ ڳائي جٺيون ڪنديون هلنديون آهن. مثلاً: ڪوٺاري ڪوٺاري ڊول بڊلو، ڪوٺاريءَ چيلهه ۾ کوڙيو ڪلو. اهو ٿار گهمائڻ جو رواج گهڻو ڪري ٻهراڙين ۾ آهي.

گهڙي ڀرڻ:

ڪوري ٺڪر جي دِلي، جنهن کي گهڙي به چيو وڃي ٿو. زالون دهلارين سان گڏجي ڳائي انهيءَ ۾ ستن کوهن جو پاڻي ڀري اچن، پوءِ ان پاڻيءَ سان ٻيو گهر جو پاڻي ملائي ڪنوار کي وهنجارين.

ڏاجو يا ڏيپ ڏيکارڻ:

گهڙي ڀري اچڻ کان پوءِ هڪڙي راڄئي (پٽيل) جي زال،آيل زالن کي ڏاجو ڏيکاريندي، هر هڪ مٽ مائٽ جيڪي گهوٽ توڙي ڪنوار کي ڏنو هوندو. يعني مائٽن ۽ ساهرين طرف جو مليل اسباب، نالو وٺي وٺي، راڄ وارن کي ڏيکاريندي ۽ ٻڌائيندي ويندي. انهن ۾ جورا، اونڌر، وڳا، زيور، بسترو، پيتيون، ٿانءَ، سينگار جو سامان، بلڪ سئي سڳي تائين سامان هوندو آهي. ڪي وڏا ماڻهو ڏيپ ۾ زمين جا نمبر ۽ ٻيلي ٻانهان به ڏيندا آهن ۽ سيد، پير وري مريد ۽ خادم به ڏيج ۾ ڏين. ڏسڻ واريون شيون ڏسنديون ۽ واه واه ڪنديون.

مينڍو کولڻ ۽ ڪنوار وهنجارڻ:

مينڍو چون ٻالجتي وارا ڇتڙا، جي سينڌ کان نراڙ مٿان اڳيون جتون ڳتي وڃي ڪياڙيءَ تائين چوٽيءَ ۾ اٽڪائبيون آهن. زالون ڳيچ ڳائي اهي ننڍڙي هوندي جي نشاني، وار کولينديون. پوءِ ڪنوار کي ڪنهن ڪونڊي، (پاٽ يا ٿالهه) ۾ ويهاري، تيل ميٽ سان وهنجارينديون ۽ آڇريل پاڻي گوشائتو رکي ڇڏينديون، جو گهوٽ جي اچڻ مهل ان جي پيرن ۾ هارينديون آهن.

ڪنوار کي سينگارڻ ۽ ويس ڍڪائڻ:

ڪنوار کي وهنجاري، ان جو بدن اگهي صفا ڪري سهاڳ جو وڳو: پهرين سوسي، گلبندن (گيگم) ۽ موٺڙي جي گوڊ واڙ (ججهي ۽ ڳري)، ڇڙي يا چوڙن سان سٿڻ پارائيندس يا پڙو،(1) چولو زريءَ يا سرمي ستاري تي ڳلو ڀريل هوندو، ڪي لاوڻي يا گج ڍڪائين، پيرن ۾ ٽؤنرن سان جتي. اکين ۾ سرمو يا ڪجل، مٿي ۾ سرهو تيل وجهي چوٽي ڪري سينڌ ڪڍندس، پوءِ چوٽيءَ ۾ چانديءَ جا چوٽيڦل ۽ پؤڙين ۾ چانديءَ جي ڳرين سان سڳيون، نڪ ۾ وينڊو يا نٿ يا بئنسر ان سان گڏ بولو، ڏاڻ واري نٿ جنهن ۾ ڏاڻ ڳاڙهي ريشم يا سون جي هوندي آهي، اُن ۾ چانديءَ جو ڪنڍو جو ڪياڙيءَ ۾ وارن سان وڃي اٽڪندو آهي ڪي نراڙ تي آلي ۽ ٽڪڙو به اٽڪائين. ڪنن ۾ جهومڪ، نسبيون ڦل وغيره ۽ ڳچي ۾ هسي (هس)، دهري، تائيٿ، ٻانهن ۾ چوڙيون، چوڙ يا چوڙا، ٻانهين ڏورن ۾ ٻانهوٽا، ٻارکيون، ڪرائن ۾ منگليون ۽ ڪتريا واڍولا، آڱرين ۾ منڊيون ۽ آڱوٺڙا، پيرن ۾ ڪڙيون، پازيب، نورا ۽ آڱرين ۾ پيرن جون منڊيون ۽ وڇوئڙا پارائيندس. هي ڳيچ ڳائين جنهن تي پنهنجيون توڙي سياليون (سيڻون) ڏاڍو رئنديون آهن.

ڳيچ جا ٻول:

اسان جي وينڊڙي وارڙي جهمي، ڙي جهمي اسان جي لال ڪنوار،

سون جو ٻيڙو، ڙي لاڏي تنهنجو وات، ڦلڙن ڇانيو، ڙي جيڏل تنهنجو ڳاٽ،

توکي لکيو ڄام جراڙ - ڌيءَ ٻائي ڪنديم هار سينگار!

سيج تيار ڪرڻ:

سيج، چون گهوٽ ۽ ڪنوار جي هنڌ کي، جو جتي به رکي ان مٿان ٻنهي کي لانئون ڏين. اهو هنڌ پٽ تي نک يا تڏي مٿان ۽ کٽ تي به وڇايو ويندو آهي. جنهن جاءِ تي سيج تيار ڪن ته اتي ڪيترائي کرمٽ يا کريب ڪن. سيج جي هيٺان زمين ۾ لکيل ڪڪڙ جا آنا پورين، ٻه بوتا ڪڻڪ جي اٽي مان ٺاهي، هڪڙي تي گهوٽ جو نالو ۽ ٻئي تي ڪنوار جو نالو رکن. گهوٽ واري بوتي جي وات ۾ سڳو لغام ڪري وجهن ۽ اهو ڪنوار جي بوتي جي هٿ ۾ ڦاسائين، هيٺ زمين ۾ پوري. ڪنوار جا لاٿل چڪڙ ٿيل ڪپڙا، بستري ۽ تڏي جي وچ تي گهوٽ جي ويهڻ واري پاسي پکيڙي وڇائين. لانئن جي جاءِ مٿان، سڌو کڏ تي هنو رکي تنهن ۾ لغام اٽڪائي لانئن ڏيڻ مهل هڪڙي ڪنوار جي مائٽياڻي مٿي چڙهي هني تي ويهي لغام ويٺي تڻڪيندي، جيستائين لانئون پوريون ٿين. هڪڙي ڪنواريتي ڪنهن ڪنڊ ڪوٺيءَ ۾ ٽامي جو ٽڪو هاون دستي سان ويٺي ڪٽيندي. انهن ٽوڻن ڪرڻ مهل ڪامڻن جو ساٺ ڳيو پيو ڳائبو: ڪامڻ زوران زور لڳي، گهوٽيتون انهن ڪامڻن جي اثر کان بچڻ خاطر گهوٽ کي ڏَس ڏينديون ته هو اهو سمورو وقت ڪاڳر ويٺو ڪتري، يا سوناري کان سون جي تند ڪڍائي ڏيندس ته ڏاڙهه ۽ ڏانٺ جي وچ ۾ زور ڏيئي جهلي ويهي، جيئن انهن کريبن جو مٿس اثر نه ٿئي.

لانئون لهڻ:

پهريائين گهوٽ اچي سيج تي ويهندو. پوءِ ڪنوار کي ويڙهي سيڙهي موٽڙي ڪري آڻي گهوٽ کان پرڀرو سيج تي ويهارينديون. گهوٽ کي چونديون ته ”رڙهي ويجهو ٿيءُ“ گهوٽ، جي رڙهيو ته کل پئجي ويندي ۽ چونديون ته پهريون شڀ سولو ٿيو! هيءُ پهرين گيسي ڪنوار مهندان (اڳيان) ڪئي اٿس! ڪٿي ڪٿي وري پهرين ڪنوار کي سيج تي ويهارينديون آهن، پوءِ لانئون ڏين. شادي/وهانءُ ۾ هيٺيان ساٺ ڪيا ويندا آهن.

لانءَ:

مٿو ٽڪرائي ٿنڀن چٽڻ ٿنڀن(1) جو ڳيو ۽ لانئن جو ساٺ ڳيو هن طرح چون: هيءَ پهرين لانءَ چنڊ ٻائڙيءَ، ٿنڀ چٽڻ: هي پهريون ٿنڀ اَڏڙيو من ُ هريو، دولت ڀريو اسان جو لاڏو سيجڙيءَ چڙهيو. اهو پورو ڪري وري مٿو ڪنوار جو گهوٽ سان، وريئتي يا سهاڳڻ زال ٽڪرائيندي. ڪٿي ڪٿي اهڙو مٿو ٽڪرائڻ يا لانءَ گهوٽ جو پيءُ، مرشد ۽ راڄ جو پٽيل به ڏيندا آهن. (ان کان روپيو اڄڪلهه مرضيءَ موجب ڏنو ۽ ورتو وڃي ٿو.) اُجورو لانءَ جو وٺن. ڪل ست لانئون انهيءَ طرح ڏين.

(1) کير پيارڻ جو ساٺ، (2) منڌي يا مانڌاڻيءَ جو ساٺ (3) ڊامڻ لٺڙيون (ڇمڪون) يا وڃڻيءَ جو ساٺ، (4) سونڳي يا سونگيءَ جو ساٺ،(5) مٺ کولڻ يا ڏوري ڇوڙن جو ساٺ، (6) ترمئڻ (تر ميڙڻ) جو ساٺ، (7) ڦل (گل) چونڊائڻ جو ساٺ.

1. کير پيارڻ جو ساٺ:

مٺو کير وٽيءَ ۾ وجهي گهوٽ ۽ ڪنوار جي وچ تي رکن. پهرين گهوٽ جون ڏَهئي آڱريون کير مان ٻوڙائي ڪنوار جي اُرهه کي ڇنڊا هڻائين. ائين ٽي گهمرا ڪن ۽ پوءِ وري ڪنوار جون ڏَهئي آڱريون ٻوڙائي گهوٽ کي ٽي ڀيرا ڇنڊا هڻائين. گهوٽ کي چون ته ڪنوار جا رومال سان هٿ صاف ڪري ۽ پنهنجا به. ڪي کير جو ڍُڪ ڍُڪ ٻنهي کي ڀرائين، باقي کير آسائتن کي ڏيئي ڇڏين. چون ته پيئو ته توهان جي شادي به جلد ٿئي. وچ ۾ ساٺ ڳيو پيو ڳائبو آهي.

2. منڌي يا مانڌاڻي جو ساٺ:

جنڊيءَ جي ڳن واري منڌي کڻي، گهوٽ جي اجرڪ جي ڪنڊ کي ڳنڍ ڏيئي، منڌيءَ جو ڦل ان ۾ ٽڪائي، پهريائين ڪنوار جي ساڄي گوڏي، ڪلهي، مٿي جي سينڌ کي ڇهي، کاٻي ڪلهي ۽ کاٻي گوڏي تائين پهچنديون. اهڙي نموني ٽي لڱا ساٺ ڪنديون. پوءِ وري ڪنوار جي بوڇڻيءَ کي ڳنڍ ڏيئي، ڦل ڦاسائي ساڳيءَ طرح گهوٽ کي ٽي دفعا اهو سنوڻ ڪنديون ۽ ساٺ ڳيو چونديون.

3. ڊامڻ لٺڙيون يا وڃڻيءَ جو ساٺ:

ڊامڻ هڪڙو گاهه جو قسم آهي جيڪو ڪوهستان ۾ پيدا ٿئي ٿو. ان جون ٽاريون يا لامون پٽي ان جي موڙي ٺاهي ساٺ ڪن. جتي ڊامڻ ناهي اتي وڃڻيءَ جي ڳن سان، مانڌاڻي جي ساٺ وانگر گهوٽ ۽ ڪناور کي ٽي - ٽي دفعا اهو ساٺ ڪيو ويندو آهي، پر ساٺ ڳيو ڊامڻ لٺڙين (ڇمڪن) وارو ڳائين. مثال: ڊامڻ لٺڙين ڇايا، سڄڻ مون گهر آيا.

4. سونگي يا سونگيءَ جو ساٺ:

 هي ساٽ به منڌيءَ وانگر سونگو ڪنوار ۽ گهوٽ جي اجرڪ ۽ گنديءَ جي ڪنڊ ۾ ٻڌي، بدن ڇهڻ سان ٽي گهمرا ڪن ۽ ساٺ ڳيو ڳائين.

5. مٺ کولڻ ۽ ڏوري ڇوڙڻ جو ساٺ:

ڪنوار کي هٿ ۾ کارڪ يا منڊي ڏيئي چونديون ته مٺ ڀيڙ. گهوٽ کي چونديون ته ڏائي هٿ سان هٿ جو بڪ مٺ مٿان رکي، زور ڏيئي، مٺ کول! ٻيو ڪوبه زور ڏيڻ جو ڍنگ قبول ناهي. جي مٺ نه کوليائين ته چوندس ڪنوار جو ٿورو مڃ. جي کولي ويو ته گهوٽيتيون واه واه ڪنديون، پر گهڻو ڪري مٺ کانئس ڪانه کلندي. وري ڪنوار جي پوتيءَ جو پلاند گهوٽ جي لونگيءَ يا اجرڪ جي پلاند سان ڳنڍيون به ڏيئي ٻڌنديون ۽ گهوٽ کي چونديون ته کٻي هٿ جي چيچ ۽ آڱوٺو ملائي پوءِ ڳنڍ کول! کوليائين ته واه، نه ته چوندس ته ڪنوار جو ٿورو مڃ. انهيءَ وچ ۾ ڏوري کولڻ جو ساٺ ڳيو پيو ڳائبو.

6. تر مئڻ جو ساٺ:

جي تر موجود هوندا آهن، ته اُهي، نه ته چانور ۽ کارڪون ٿالهه ۾ وجهي، گهوٽ ۽ ڪنوار جي وچ تي رکن. پهرين ڪنوار ٻڪ ڀري ٽي ڀيرا گهوٽ جا ٻڪ ڀريندي، وري ٽي دفعا گهوٽ پڻ ٻڪ ڀري ڪنوار جا ٻڪ ڀريندو. ساٺ ڳيو پيو ڳائبو. جو هن طرح ڳائبو آهي.

جيترا تر مڻيندي، اوترا پٽَ ڄڻندي.(1)

7. ڦل چونڊائڻ:

جي سچا گل نه مليا ته ڪپهه جي پوڻيءَ مان پها يا ڦڙا ٺاهي، ست سهاڳڻيون اهي ڦل ڪنوار تي اڇلينديون ۽ گهوٽ کي چونديون ته تڪڙو تڪڙو چونڊ. ساٺ ڳيو ڳائجي پورو ٿيندو. اهي ٻڙا گهوٽ جي پاڳ ۾ وجهنديون ته ٻاهر وڃي ڪنهن کوهه يا تلاءَ ۾ اُڇل.

رسمون:

ساٺ پورا ٿيڻ کان پوءِ هيٺيون رسمون ادا ڪيون وينديون آهن:

ڪنوار جو منهن ڏسڻ:

گهوٽ کي ڪنوار جو منهن ڏسڻ کان اڳ ڪنواريتيون چونديون ته چؤ ”ڪانو ڪانو، آءٌ ٻائيءَ جو ٻانهو!“ وري ستت ئي گهوٽيتيون چوندس ته چؤ ”ڪانو ڪانو، آءٌ الله جو ٻانهو!“ انهيءَ تي وڏي ڪشمڪشان هلندي، نيٺ گهڻي ريڙه پيڙه کان پوءِ ڪنوار جي جوٽن تي آهري يا آرسي رکي گهوٽ کي چونديون ته هن آرسيءَ ۾ منهن ڏس. ڪٿي ڪٿي منهن تان پاند کڻي منهن ڏيکارين ۽ ڪانو ڪانو به ڪونه چوائين. ڪي وري منهن ڏٺي کان پوءِ گهوٽ کي ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃي ڪنوار جا پير ڌئارائين. پوءِ ٻنهي کي اڪيلو ڇڏين. ته محنت جو ڦل ماڻين ۽ مائٽن جا پورهيا صاب پون ۽ اميدون پڄن!

انهيءَ ڏينهن شام جو يا بروقت مارڪو (معرڪو) مچندو. سڀ ڪاڄيتيون گهورون گهمائينديون ڳائينديون نچنديون. کين چونديون ته هر ڪا آس پني جي ڦيري ڏي ۽ سياءُ - ڀيڻون پڻ گهورون ۽ مبارڪون ڏينديون.

نيکيٽي:

جي ڪاڄ ساڳئي ڳوٺ ۾ ڪيل هوندو ته ورنديءَ رات جو ڪنوار کي مائتن مان ئي نکيڙي ڪڍندا، پر جي ٻاهرتو ڄڃ هوندي ته ڪنوار کي پنهنجي ساهراڻي ڳوٺ آڻي، ڪنهن پنهنجائپ جي گهر ۾ ترسائيندا. پوءِ اتان پنج ساٺ، جن ۾ 1. کير پيارڻ جو ساٽ، 2. منڌيءَ جو ساٺ، 3. وڃڻيءَ جو ساٺ، 4. سونگي جو ساٺ، 5. تر مئڻ جو ساٺ ڪري، گهر وٺي ايندس. نکيٽيءَ جي رات به، تر مئڻ جي ساٺ وقت جيڪي مائٽياڻيون ڪنوار سان تر ڀرينديون اهي ڪجهه نه ڪجهه ڏکڻا ۾ ڪنوار کي ڏينديون، پوءِ ان ۾ زيور ۽ روڪڙ به اچي وڃي ٿي.(1)

تمام پري جي ڄڃ هوندي ته ڪنواريتا هڪڙي رات گهوٽيتن کي پاڻ وٽ ٽڪائي ڇڏيندا ۽ اها رات، سڄي ڄڃ جي پاڻ مهماني جهليندا. ڪنوار کي نکيڙي اچڻ مهل سندس پوتيءَ جو پلؤ گهوٽ جي لونگي يا اجرڪ سان ٻڌي نکيٽيءَ جو ڳيچ ڳائي پوءِ گهر اينديون. هنن سان دهلاري نه هوندا آهن. جيڏي مهل ڪنوار گهر کان ٻاهر مائٽن کان موڪلائي نڪرندي آهي، اوڏي مهل روڄ  راڙو پئجي ويندو آهي ڄڻڪ جيئرو جنازو گهر مان ٻاهر ٿو وڃي. ڪنوار سان ڀيڻ، ماسي (ٻي ويجهي عزيزياڻي) گڏجي گهوٽيتن ڏانهن هلندي ۽ وري جڏهن ڪنوار ستاوڙي تي پيڪن ڏانهن موٽندي، ته ساڻس گڏجي ايندي. اهو ان لاءِ ڪندا آهن ته ڌاريا ماڻهو ڌاريو ماحول جيئن ڪنوار گهٻرائي نه، سندس مائٽياڻي کيس دلڌير ڏيڻ خاطر ساڻس گڏ هجي!

لاڳ ڏيڻ:

ڪنوار جي گهر پهچڻ تي راڄ وارا مبارڪي ڏيڻ ايندا. جن ڪاڄ جي رهبري ڪئي هوندي انهن کي اجرڪون، پٽيل کي لنگي ڏيندا (روڪڙي رقم) ڏني ويندي. مڱڻهار جدا لاڳ جي گهور وٺندا. ڪٿي ڪٿي کدڙا فقير به اچي نڪرندا آهن ۽ ڳائي وڄائي گهور وٺندا. ان کان سواءِ مينگهواڙ جنهن چاندي جي جتي جوڙي هوندي، ڪنڀار جنهن ٺڪر جا ٿانوَ موجود ڪري ڏنا هوندا. سي به اُجوري بجاءِ لاڳ وٺن، ان کان پوءِ جيڪو ماڻهو گهوٽ جي لاءِ ڊوهڻو (سوکڙي) آڻيندو ۽ اچي مبارڪ ڏيندو ته ان کي به ڪجهه ضرور ڏبو آهي. جيڪي نياڻيون ڪاڄ ۾ آڻي ٽڪايون ويون هونديون. انهن کي به جورا ۽ اونڌر ۽ روڪڙي خرچي ڏيئي ڳوٺ اماڻي ايندا ُجي مائٽ گڏ هوندا ته پنهنجن آيل مائٽن سان روانيون ٿينديون. جيڪو ليکو چوکو هوندو سو به پهت پوئي مان لهڻيندارن کي ڏيندا. اُڌارو آندل سامان ڌڻين کي واپس ڪيو ويندو ۽ کٽل سامان جي قيمت ڀري ڏني ويندي آهي.

ستاوڙو:

ڪٿي ٽي ڏينهن، ڪٿي پنج ڏينهن ۽ وڌ ۾ وڌ ست ڏينهن. ڪنوار ساهراڻي گهر ۾ ڪوبه ڪم ڪار ڪانه ڪندي. گهوٽ کيس راضي رکڻ جي لاءِ روز رات جو ميوا، مٺايون ۽ ڦل ڦول پيو کارائيندو. وڏي شان عزت ۽ ٺٺ سان رهندي، سندس آيل مائٽياڻي سندس اُٿيءَ ويٺيءَ جي حاضري پئي ڀريندي ۽ ٻيون به ٻلهار پيون وينديون. راڄ ۽ ڳوٺ جون زالون پينڍون ڪري ڪنوار جو منهن ڏسڻ پيون اينديون. پوءِ لوڪ منهن موڪ آهي، ڪا چوندي ته ”هڙ هلاڪ پئسا پاڻي ۾“ ڪي چونديون ته هنن جا وڏا ڀاڳ جو ههڙي سدا ملوڪ سلڇڻي ننهن ملي اٿن. ڪنوار به گهر جو سمورو چالامانو ۽ ڪم تي پئي اکٽيٽ ڪندي. رواج سارو مدي گذرڻ کان پوءِ ٿيندي پيڪن ڏانهن رواني ۽ گهوٽ به ساڻس گڏ هوندو. ٻه - ٽي ڏينهن مائٽن ۾ رهي واپس ساهرين ايندي، پوءِ جي مائٽ دوري تي هوندا ته شادي مرادي، ڏک غميءَ تي وڃي ٿيو پئي ايندي. جڏهن مائٽن ۾ پهچندي ته گهوٽ ڪنوار جي لاءِ ويچارا پيڪا، وسعت سارو ڏاڍيون خوشامدون ڪندا. انگل آرا پورا ڪندا. ساهرين موٽي اچڻ کان پوءِ جي پهريون سهانجو (ويم)، پيڪن ۾ ڪندي، ان لاءِ مهينو ڏيڍ اڳواٽ مائٽن ۾ وڃي رهندي، جي نه ته اتي ساهرن ۾ ئي ٺهي ملي هيڪ ميڪ ٿي ويندي. چوندا آهن ته نئين ڪنوار نوَ ڏينهن، ڇڪيتاڻي تيرهن ڏينهن، ماري ڪٽي مهينو. جي ساهرن ۾ هري مري ويئي ته پوئتان جي ڇڪ توڙي سڪ سگهي لهي وينديس!

ڪنوار کي کهنبا ڍڪائڻ:

نئين نول ڪنوار، جڏهن پهريون گهمرو ڳرکري (گرڀڻي / پيٽ سان، اميد واري) هوندي آهي ته ان کي ستين يا نائين مهيني پيٽ هئڻ تي کهنبو وڳو مائٽ ڍڪائيندا آهن!

هڪڙي ڄڻي، راڄ کي وڃي ڪوٺ ڪندي، چوندي ته: اڄ شام جو فلاڻيءَ جي ننهن کي کهنبا ڍڪائبا. جڏهن اهو وقت ٿيندو ته سيڻ سڄڻ ۽ سيالڙيون زالون به اچي ڪٺيون ٿينديون. پهريائين مارڪو لڳندو، جنهن ۾ پٽ ڄمڻَ جا سهرا ڳائينديون. مارڪي هلندي. ڪنوار کي کهنبو وڳو، جنهن جو رنگ گلابي يا لياري يا نارنگي رنگ جو هوندو، پوتي، چولو ۽ سٿڻ راڄ کي ڏيکاري، راڄ وڏيري پنهنجي هٿن سان ڍڪائيندي ۽ ڳهه ڳٺا ۽ زيور به پارائيندس، کيس لال ڪنوار ڪري ڪوٺينديون.

ڪنوار گونگهٽ ڪري پوتي منهن مٿان ڍاري، اچي مارڪي ۾ ويهندي، مٿانس کهنبي جي ٻٽ يا ڪيسريو يعني لياري گندي پوندي ته مبارڪون ۽ واڌايون وري وينديون. مٿي تي هٿ رکي پڪيون پوڙهيون ۽ مائٽياڻيون هن طرح دعائون ڪرڻ لڳنديون: ورَ سهاڳڻ، سڀاڳي سدوري، پٽن ماءُ، شال چوٽي ٿڌي هوَنئي! ست پٽيتي، راڄ راڻي، گهر ڌڃاڻي. پنهنجا ڄڻي پاڻ نپائيندينءَ الله ڪندو ته سدا سهاڳڻ هوندينءَ ائين چونديون مٺائي سندس اڳيان رکنديون جنهن ۾ مصري، پتاشا، حلوو، ڳڙ، مستي، ڏونگهيون وغيره هوندو آهي، سا سندس اڳيان پنهنجيءَ پهچ سارو سير اڌ سير رکنديون وينديون. ڪي ڪنوار تي مارڪي ۾ رڳو لياري پوتي يا ڪيسريو وجهن باقي ڪپڙا، گهروارا پوءِ اوڍائي ڇڏينس. ڪپڙن ۾ گڏوچڙ رنگن جا ڪپڙا، گلابي، ڳاڙها ۽ لياري به هوندا آهن ۽ مٿان گهورون گهوري ڳائڻين کي ڏينديون وينديون آهن.

ڪنوار کي مليل مٺائي تنهن سان گڏ ڦوٽا، ڏونگهيون، باداميون، مصري وغيره گڏي پوءِ سڄي راڄ ۾ ورهائين.

کهنبن ڍڪڻ کان پوءِ، ڪنهن به اڪي انگ واري تاريخ جي رات جو، مائٽاڻي دائي (ڳوٺ/راڄ جي دائي) چار - پنج سير کير وٺي ڪنوار جي گهر ايندي پاڙيواريون ۽ پنهنجون اچي گڏ ٿينديون. فلاڻي ڪنوار کي کير جو سوڻ ٿيون ڪريون. پوءِ اها کير جي چونئري (ٿانوَ) پهرين ڪنوار جي هنج ۾ هيئن چئي رکنديون ته الله پنهنجا کير پٽ ڏيس، وڏي ڀاڳ واري وڏي وڳر واري ٿئي شال! پوءِ کير سان کنڊ ملائي، وٽڙي ڀري کيس پيارينديون، ان کان پوءِ سندس گهوٽ، سس ۽ ٻيون زالون کير جون وٽيون پيئنديون ڪنوار پهريون سهانجو (ويم) اباڻن ۾ ڪندي آهي. هن جي ماءُ ۽ ڀينرون کير پي گهورَ ڏينديون، ۽ پوءِ سڄي راڄ ۾، سينڌ سڻات ۾، اهو کير ورهائبو ۽ گهورَ چار آنا، اَٺ آنا يا روپيو بلڪ ان کان به مٿي ملندي(1). اها سموري گهور، ويم ڪرائيندڙ دائي کڻندي ۽ سندس ٿيندي، کير به پڻ پنهنجن پئسن سان آڻيندي.

کير جهوليءَ ۾ رکڻ وقت به آس پنيءَ جو ڳيچ ڳائينديون آهن.

ڇٺي ڪرڻ جي ريت(2):

ننڍي هوندي جو نينهن ڇنا ته ڇوري ٿيان!

ڇٺي جي نه ڪبي، ته ”بيبي ڇٺي“ ڪاوڙجي پوندي. جنهن گهر ۾ ٻار ڄمندو آهي ته ڇهين ڏينهن اتي اچي حاضر ٿيندي آهي. اچڻ سان ٻار جو جيئڻ کان وٺي مرڻ تائين سمورو احوال نصيب ۾ لکي ويندي آهي. تنهنڪري ڇٺيءَ جي رسم پٽ لاءِ ڄمڻ کان ستينءَ رات ۽ ڌيءَ جي ڇهين رات ڪبي آهي.

1. ڇٺيءَ رات ملهائڻ:

ويائل زال کي سوا رپيو پير هيٺان رکي وهنجاري، کهنبو وڳو ڍڪائين، کير جو سوڻ ٻار جي ڳلن، نراڙ ۽ کاڏيءَ تي ڪن. ڇٺيءَ رات مٺي ماني گهڙي، اُن جا چار چوٿا ڪن، هر هڪ چوٿو ٻار تان ٽي لڱا گهوري، چئني ڏسن تي اچلي ڇڏين.

هڪڙي کٽ تي ويائل زال ۽ ٻار کي سمهاربو آهي ان کٽ جي چوڌاري پاڳن سان لڳ، هڪ هڪ ٻاجهر يا جوئر جو ڪانو کڙو ڪري ٻڌي ڇڏبو آهي. ان ڪانن جي ڀر ۾ هڪ هڪ ڇوڪر هٿ وجهي جهلي بيهندو آهي. پوءِ کٽ جي چوڌاري چئني ڪانن کي سٽ جا سڳا زالون ويڙهينديون، جيستائين ست تندا پورا ٿين. سوڻ پورو ٿيو ته ڇوڪر ڪانن مان هٿ ڪڍندا. صبح جو اهي ۽ سٽ ويم ڪرائيندڙ دائي پنهنجي گهر کڻي ويندي. هن جو مقصد هوندو آهي، ڇوڪر ۽ سندس ماءُ کي بيبي ڇٺي حفاظت ۾ رکي.

ڪٿي ڪانن ۾ سٽ ويڙهڻ بجاءِ، ”آيت الڪرسي“ جو ڪوٽ چاڙهيو ويندو آهي. اها پڙهي ٻار مٿان دم ڪرائي ويندي آهي. اُهي اکر هي آهن.

آيت ڪرسي، ڪڇُ ڪمان، لوهه جي ڪنجي رُڪ جو ڪوٽ.
يا علي! يا علي! تنهنجي اوٽ، تنهنجي اوٽ، تنهنجو ڪوٽ.
ڇٺيءَ رات، ٻه ڪوريون ٽڀيون ٺڪر جون تن ۾ کير ۽ ٽامي جو پئسو وجهي، ٻار جي سيرانديءَ کان کٽ يا منجيءَ هيٺان رکي ڇڏين. ڇٺيءَ رات، ٻار جي رلڪي کي ست سيون هڻي کٿي جي لوڏَ ٻڌي ان ۾ رلڪو وڇائي، ٻار سمهارين. ٻار جو مائٽ، گز ڪمان کڻي لوڏ مٿان چٽين. پوءِ موکايا ويل ڏين.

ڇٺيءَ رات، قرآن، مس ۽ ڪاغذ ٻار جي سيرانديءَ کان رکن. ٻار کي ڳچيءَ ۾ سون، هٿ ۾ سوني منڊي پائين. ڇٺيءَ رات مٺو ڀت رڌين. پاٽ ڀري بيبي ڇٺيءَ ڪاڻ ٻار جي سيرانديءَ کان رکن، صبوح جو ان ڀت تي بيبي ڇٺيءَ کي ختمو ڏيارين. ڇٺيءَ رات، ويم ڪرائيندڙ دائي، ويائل زال جون ڏهه ئي آڱريون کير مان ٻوڙائي، پهرين الهندي طرف، پوءِ اُتر، تنهن کان پوءِ اڀرندي آخر ڏکڻ، ان کان پوءِ آسمان ڏانهن ۽ زمين تي کير جا ڇنڊا هڻائي. اهي ڇنڊا ٽي ڀيرا هڻايا ويندا آهن. ڇٺيءَ گذرڻ کان اڳ، ڪنهن ماڻهوءَ کي گهر مان جاڳتو يعني ٻريل ٽانڊو کڻڻ ڪونه ڏين، نڪي اولانڀيون (اُماڙيون) پاڻيءَ سان اُجهائين. چون ته ائين ڪبو ته ٻار کي ڦوڦينڊا ٿي پوندا. ڇٺيءَ رات ڪاري سٽ جا ڌاڳا ٻاروٽا ٻار جي ٻانهن ۽ ٽنگن ۾ ٻڌن. ٻار کي ان ۾ توري اهو اَن خيرات ڪن. ڇٺيءَ رات ڪنهن پڙهيل يا بزرگ شخص جي ڦيڻي ٻار جي تارونءَ کي مکائين. ڇٺيءَ رات، ٻار کي هنج ۾ کڻي سڄي رات گهوڙيءَ جو لغام ڇڻڪائين.

ڇٺيءَ جو سڏ دائي سيالن (سيڻ) توڙي برادر کي ڏيندي آهي. سڀئي گڏ ٿي ڇٺيءَ جا ڳيچ ڳائين ۽ مٿيان سنوڻ ساٺ ڪن. مٺو ڀت رڌي آيلن کي به کارائين ۽ ٿانءُ گهر گهر به ڏياري موڪلين. اتان جيڪا گهور ملندي سان دائي کڻندي آهي.

2. عقيقو ڪرڻ:

عقيقي جو سڏ پنهنجن توڙي پاڙيوارن کي موڪليو ويندو آهي. ڪوبه حلال جانور ذبح ڪري گوشت ۾ ڀت رڌي اتي ئي ويهي کائين، چون ته عقيقي جي ڀت مان چانور به ڪو پکي يا جانور نه چڳي، تنهنڪري باقي بچيل هڏا چانور، ذبح ڪيل جانور جي کل، رت به وڏي کڏ کوٽي پوري ڇڏين. عقيقو، جنهن ڏينهن ٻار ڄمي ان کان هڪ ڏينهن اڳ يا پوئتي انهيءَ هفتي ۾ ڪندا آهن.

3. جهنڊ يا جاد:

عام عقيدو آهي ته، جهنڊ نه لهرائبي ته ٻار کي بيماري ٿيندي. جهنڊ ضرور ڪنهن اولياءَ تي لهرائجي، جنهن وليءَ تي جهنڊ باسيل هجي ته اتي ڏجي. ماڻهن جهنڊ سان گڏ جاد يا چوٽي به باسندا آهن. يعني سڄو مٿو ڪوڙائي يا ڪترائي ٿوري چڳ وارن جي ڇڏيندا آهن. اها جاد وڏو ڪاڄ ڪري پير تي باسيل باس ڀري خير خيراتون ڪري لهرائي ويندي آهي. ان تي شادمان ڪيا ويندا آهن. جهنڊ، الهندي ڏي منهن ڪري لهرائين. ڪي ماڻهو ٻار جي ڄمڻ شرط جهنڊ لهرائين ۽ پوءِ ٿڃ ڏيارين، چون جهنڊ جا وار پليت ۽ ٿڃ پاڪ آهي. ڪي يارهين مهيني جهنڊ ڪترائين، ڪي وري ڏندن اچڻ کان پوءِ.

جهنڊ، مٿي جي پهرين وارن کي ٿو چئجي. جي وارَ ٻار جي منبر مان نڪرڻ سان مٿي تي اُسريل هوندا آهن. انهن کي پليت شمار ڪندا آهن.

بلوچ قبيلا، اڱاري ڏينهن جهنڊ لهرائين ۽ سماٽ قبيلا، اربع ڏينهن جهنڊ لهرائين.

جهنڊ لاءِ پڻ شاديءَ وانگر پري پري جي عزيزن قريبن کي ڪوٺ موڪلبي آهي. جنهن اولياءَ تي، جهنڊ باسيل هوندي آهي اتي ڄڃ وٺي وڃي ڏاڍا گوشت ۾ ڀت رڌي، جهنڊ لهرائين. ڄڃ سڄي واٽ ڪڪي جي آسن اميدن جا ڳيچ ڳائيندي هلندي آهي. درگاهه جي پڙَ ۾ پهچي، مجاور کان جهنڊ لهرائي، ڳاڙهي هلواڻ جي ڪپڙي ۾ اُهي وارَ ۽ انهن سان چاندي يا پنج پئسا گڏي، ڳوٿري سبي اتي بيٺل ڪنهن وڻ جي ٽاريءَ ۾ ٻڌي ڇڏين. جهنڊ لهڻ کان پوءِ ڳائڻ ۽ ناچ ڪري پوءِ ڀت کائين ۽ گهورون ڏين.

جهنڊ لهرائڻ جي ڏينهن ماءُ، پيءُ ۽ حجام يا مجاور کي روزو رکائين. جهنڊ لهڻ تائين ڪوبه اتي حقو ٻيڙي به ڪونه ڇڪيندو. جهنڊولي جو چولو حجام کي ڏيندا. ڪي جهنڊ لهڻ وقت ڦلا ورهائين، ٻار تان ڪوڏيون گهوري اڇلين، ڪي ڪٽي ورهائين. ڪٽي، ڪڻڪ ڏري ان ۾ مٺاڻ وجهي، گيهه ۾ ڀڃن جا لپئي ٿي پوي، اها کائين، ورهائين. ماءُ - پيءُ ان مان ڪون کائين، چون ته جي ماءُ پيءُ ان مان کاڌو، ته ٻار گونگو ٿي پوندو.

جهنڊ واري ٻار کي اڪيلو ڪونه ڇڏين. جهنڊ لهرائڻ ۾ ڏينهن هوندا ته جهنڊولي جي وارن ۾ ميڻ يا ڪئنچي اٽڪائي ڇڏين. وارن مان جوؤن به ڪونه ڪڍن، جي ڪڍن ته مارين ڪونه اُڇلي ڇڏين.

وڌاڻو:

جن گهرن ۾ جهٽ جهٽ ڪو خوشيءَ جو موقعو پيدا نه ٿيندو آهي، ته اهي ٻار جو وڌاڻي (سروَر) جي خوشي ڪرائيندا آهن، جنهن ۾ پلاءُ (برياني) رڌي ماڻهو سڏي انهن کي کارائي گهور گهاٻار وٺندا آهن.

واڌڻو آهي ٻار وڏي ٿيڻ جي خوشي، جڏهن ٻار بانبڙا پائڻ ڇڏيندو آهي، تڏهن گهروارا ان کي چوندا آهن ته ”اُٿي وڏو ٿيءُ“ ٻار پيرن تي بيهڻ جي ڪوشس ڪندو آهي، اٿي بيهندو پر توازن قائم رکي نه سگهندو ۽ ڪري پوندو، آخر ايئن ڪندي ڪندي اٿي بيهندو، پوءِ پير کڻندو تان جو هلڻ لڳندو. جنهن ڏينهن ٻار ڦد ڦد ڪري هليو ته مائٽ خوش ٿيندا، ڪوڏاڻا ڏيندا، چوندا:

پپن پنڌڙو ڪري! وڏو پريو ٿئي، ماڻس رٻڙي رڌي. ماءُ کي ڪمائي کاراءِ وغيره.

پنڌ واري ڏينهن تي مڱڻهار گهرائي ٻار جي واڌ کائڻ ۽ هلڻ جو وڌاڻو وڄارائين، مٽن مائٽن کي سڏين. گهڻو ڪري ڪڻڪ يا ٻاجهر جا ڳڙ ۾ مٺا ڪوهر رڌي ورهائين. هاڻ ته چڻا به رڌي ورهائين ٿا. پوءِ جيڪا گهور ملندي سا مڱڻهار کي ڏيئي ڇڏيندا آهن.

طهر/سنت /ختني جي ريب

طهر، معنيٰ پاڪائي، هن ۾ پيشاب جي نليءَ جو غير ضروري چمڙو ڪپيو ويندو آهي. طهر جو رواج حضرت ابراهيم عليه- السلام جي ڏينهن ۾ پيو. ڇا هو ته جنگ ۾ سسي لهڻ کان پوءِ ڪافرن ۽ مسلمانن جا ڌڙ سڃاڻي ڪين سگهبا هئا. تنهنڪري طهر ويهارڻ جو مسلمانن کي حڪم ٿيو ته جيئن اهي پنهنجن مجاهدن جا ڌڙَ هٿ ڪري پوري سگهندا هئا. اسان جي نبيءَ سڳوري محمد ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم جن پڻ انهيءَ رواج کي قائم رکايو. تنهنڪري طهر کي سنت ابراهيمي يا خالي سنت پڻ سڏين. ختني جي معنيٰ چمڙو ڪپڻ آهي.

طهر ڇوڪر جي ڇٺيءَ گذرڻ کان پوءِ، ويندي بالغ ٿيڻ تائين ڪرائي سگهبو آهي. جيستائين ڇوڪرو طهر نه ويهندو تيستائين شادي نه ڪرائيندا آهن. طهر جا ڏينهن ٻڌبا آهن.

طهر جي ڪانڍ (ڪوٺ) سڀني مٽن مائٽن توڙي سيالن ۽ اوري پري وارن کي ڏني ويندي آهي. ڄاڃي اچي گڏ ٿيندا. ٻڪي پوندي آهي. ڪٿي ٻن ڏينهن تائين در تي دس پيو وڄندو آهي، ڪٿي ست راتيون ڳيچ پيا ڳائبا آهن. مقرر رات جو گهوٽ کي هٿن پيرن کي ميندي لائينديون ڳانو ساڄي هٿ ۾ ٻڌنديون ۽ سڄي رات آس پنيءَ ۽ طهر جا ڳيچ زالون ڳائينديون آهن. صبح جو ڏِک ٿيندي.

ڏک:

گهوٽ کي ڇني ۾ ويهاريندا. زالون ڳيچ ڳائي ڪپڙا کڻي اينديون. پوءِ طهر ويهاريندڙ حجام گهوٽ کي وهنجاري نئين سٿڻ، پهراڻ، پٽڪو يا ٽوپي وجهي اُن جي مٿان ٻٽَ يعني کهنبي پوتي ۽ ڀرت ڀريل بوڇڻي گڏي، مٿي تان وجهندو، تنهن جي مٿان موڙ ٻڌندو. پوءِ گهور اڳاڙيندو. ڳانو، موڙن جي گهور ٿالهيءَ ۾ وجهندا، جنهن ۾ چانور ۽ ڪپڙا کڄي آيا هوندا. چانور ۽ گهور کڻندو پاڻ ۽ گهوٽ جا لٿل پراڻا ڪپڙا به کڻندو. پوءِ نڪرندي سرگس. ڄاڃي ۽ دهلاري ڳائيندا ڪافيون چوندا، ناچ نچندا سڄي ڳوٺ کي ڦري ايندا گهر. گهوٽ گهوڙي يا اڻ سنجيل تي چڙهيل هوندو، ساڻس اهنيار به هوندو. جنهن سان تعديون پيا ڪندا. گهر پهتو ته سٿڻ لاهي اڇي يا ڳاڙهي هلڪي ڪپڙي جي گوڏ ٻڌائيندس ۽ ٺڪر جي ڪونڊي پاٽ يا ٽامي جي ٿالهه تي ويهاري پوءِ طهرائيندس.

طهر:

حجام ڇوڪر کي پاٽ تي ويهاري، تکي پاڪي چمٽو ۽ ڳني ڪاٺ جي، اندرين ماس کي آڏي ڏيئي چمٽي، غير ضروري چمڙي جي پڇاڙي ۾ وجهي، چمڙيءَ کي اڳڀرو ڇڪي، پاڪيءَ سان چهڪ ڏيندو. بروقت رت تي ڳائي ڇيڻي جي ڦلهيار (ڇار) وجهي ڇڏيندو. مبارڪن جو هل پئجي ويندو ۽ اُن وقت گهور وري طهر ٿيڻ جي پوندي. طهر ويهارڻ مهل جيڏي مهل ڪونڊيءَ تي ڇوڪرو ويهندو ته مائٽ سوا روپيو پير هيٺان رکندس. پيءُ يا ٻيو عزيز کيس جهوليءَ ۾ جهلي ويهندو. ڪي ڪي ڇوڪر، حجام کي چمات به هڻندا آهن، جنهن تي حجام ڪاوڙجي اُٿي ويندو، پوءِ پاڻهي پرچي ويندو. جنهن جي عيوض مينهن يا ڍڳي حجام کي ملندي. اهو وڏن ماڻهن جو رواج آهي. چهڪ ڏيڻ کان اڳ ڇوڪر کي شربت پياريو ويندو آهي ۽ مصريءَ جو ڳنڍو وات ۾ وجهندس. حجام چوندو ته ”مٿي سوني جهرڪي ته ڏس“ هو نهاريندو ته طهر ٿي ويندو، پوءِ طهريل کي گوڏن وٽان اوڪڙو کڻي گهر ايندا آهن.

گهر اندر ريت:

طهر ٿيڻ جي مهل تي نينگر جي ماءُ ]ويجهي مائٽياڻي) جنڊ يا قرآن مٿي تي رکي ڪونڊيءَ ۾ پاڻي وجهي، ان پاڻي ۾ پير وجهي بيهندي آهي، الله تعاليٰ کان خير جون دعائون گهرندي آهي. طهر جي ٻاهران مبارڪ ٻڌڻ تي جنڊ يا قرآن لاهي رکي هڪٻئي تي پاڻيءَ جا گهڙا اوتينديون آهن ۽ مبارڪن جو هل پئجي ويندو ۽ ويجهي سڱ واريون مائٽياڻيون ۽ مڱڻهاريون ڳائڻ ناچ کي لڳي وينديون آهن. ڇوڪر کي سٺي هنڌ تي ٻنهي پاسن کان طول وهاڻا ڏئي سئين ڪرنگهي سمهارين (يعني سڌو ڪري سمهارين) سندس کاڌو خاص هوندو آهي. ٽن ڏينهن کان پوءِ اٿي هلندو آهي. انهيءَ وچ ۾ حجام، روزانه سندس خبر پيو وٺندو، ٻورو ۽ دوائون ڏيندو ويندو. اٿڻ تي جنڊيءَ جو چمٽو ٻه ڦاڪي ڏڪر وانگر ڳني هوندي سا هٿ ۾ کڻندو ۽ اها رانَ تي هڻي وڄائيندو وتندو، تان جو ڦٽ ڇٽڻ کان پوءِ مٿي تي صحتياب ٿيڻ (چڱي ٿيڻ) جو پاڻي وجهندو ۽ پوءِ وڃي ڪم ڪار کي لڳندو.

------

سنڌو سڀيتا، پنهنجي اوج ۾ هڪ ٻلوان ۽ ڪرشماڻي سماج جي حيثيت ۾ زنده رهي آهي، هن جو اهــو ڳڻ گهڻ رخو رهيو آهي، هڪ پاسي سنڌ جي پڻي لوڪن جو واپاري وهنوار، وچ اوڀر، آفريڪا ۽ يورپ سان رهيو. ٻئي پاسي انهيءَ سماج جي اُن وقت جي مهندارن جو رابطو ۽ ڳانڍاپو سنڌ جي زرعي سماج ۽ ڀرپاسي جي ڌوٿي ۽ شڪاري سماجن سان به تهائين پختو ۽ مضبوط رهيو. اهي سمورا تعلقات پنهنجي بنياد ۾ واپاري هئڻ سان گڏ ثقافتي به هئا. ڏيتي ليتي واري انهيءَ وهنواري ۽ ڪاروباري لاڳاپن سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي گهڻ رنگو بڻائي ڇڏيو. اڄ جي سنڌي ٻوليءَ جا لاڳاپا دنيا جي مڙني ٻولين سان ثابت آهن. ان ريت سنڌ جو ثقافتي تعلق آريائي ۽ دراوڙي سماجن کان متاثر ۽ کين ۾ متاثر ڪندڙ رهيو آهي.

محترم ولي محمد طاهرزادي پنهنجي ڪتاب “سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثي” جي منڍ ۾ اهڙي ڪٿا بيان ڪئي آهي. هن جو هيءَ ڪتاب سنڌي لوڪ ادب ۽ ثقافت جي هڪ وڏي سهيڙ آهي. سنڌي سماج پنهنجي بنياد ۾ زرعي ۽ واپاري سماج هئڻ وارا گڏيل ڳڻ رکي ٿو.

آڳاٽي سنڌي سماج ۾ گهوٽ کي تيار ٿيڻ مهل “هر” تي ويهاري وهنجاريندا هئا، اهو ساٺ ان ڪري ڪندا هئا، جيئن هو ٻني وارو ۽ پنهنجي جوڳ وارو ٿئي.

شادي جي رسمن ۾ تر مئڻ مهل گائل ڳيچ آهي ته:

جيترا تر مڻيندي، اوترا پٽ ڄيڻدي

*    *    *

ڪنوار جي گهر ۾ اچن مهل گائل ڳيچ آهي ته:

ڪونج ڪاڏئون آتي ڙي!

ڪونج ولر واري!

ڀيڻن ڀائرن واري.

*    *    *

ٿري لوڪ گيت:

مارا لال وڻجارا وؤ

منان لئي هالو گجرات وؤ

مارا لال وڻجارا وؤ

*    *    *

لطيف سائين جي هيءَ وائي به وڻجارن جو گيت آهي.

وڻجارا ٿا ورن ڙي،

ڏينهن ڏٺي ٿيا تن کي.

*    *    *

اهي وڻجارا جيڪي جاوا، سماترا، مسقط ۽ بحرين تائين ويندا هئا.

هڪ ساحلي سنڌ ڳيچ آهي ته:

چيڻا هنب چڙيسان

مسقط مان ٻيڙي آئي،جنهن ۾ آيا انب،

آءٌ کايان کلي کلي، توکي ڌيان ڏنڀ

چيڻا هنب چڙيسان

هڪ ڪراچيءَ جي ساحلي علائقي جي ميربحرن جو گيت آهي ته:

لئي لئي خـُـشان خشان،
ٻڌ لئي خشان خشان.
شادي ٿئي ميلي ۾
ڀت رڌان چيلي ۾

 

 

لئي لئي خشان خشان،
ٻڌ....................

 

زيبل کي ڪڪو کپي،
مومل کي ڇڪو کپي.

 

لئي لئي خشان خشان،
ٻـُـڌ لئي..................

 

ميرايو! ميرايو!
گهوٽ گهمي گهر آيو...
لئي لئي خشيان خشيان

سمورن سنڌي لوڪ گيتن ۾ عوامي امنگ آهن پوءِ اهي سنڌ جي ساحل جا هجن يا ٿر جا هجن. سنڌ جي لوڪ ثقافت جا انيڪ رنگ آهي. جنهن جو حدون تمام وسيع آهن. هن ۾ سنڌ جا سمورا لهجا ۽ ٻوليءَ جا رنگ ۽ دؤر شامل آهن.

هڪ سنڌي پهاڪو آهي ته:

“ڪهڙا ڦاڙها ماريا اٿس.”

هيءَ شڪاري دؤر جي نمائندگي پهاڪو آهي.

هڪ ٻيو سنڌي پهاڪو آهي ته:

“ڀاڳ ڏي ڀيڙو ته دال مان سيرو.”

اهو لفظ “ڀاڳ” اصل ۾ ڀاڱ/ڀاڱو ُحصولله آهي، هيءُ لفظ شڪاري دؤر سان تعلق رکي ٿو. انهيءَ زماني ۾ انساني قبيلن جو گذران جو مک ذريعو رڳو شڪار هو، شڪاري قبيلن جي “نيات” جي اصولن مطابق سڀ شڪاري پنهنجو پنهنجو ڪيل شڪار پنهنجي چڱي مڙس وٽ جمع ڪرائيندا هئا، اِهو “مکي” سموري گڏ ڪيل شڪار جا ڀاڱا ڪري، سڄي برادري ۾ ورهائيندو هو، جيئن ڪو بکيو نه رهجي وڃي. شڪاري دؤر جي انهيءَ چڱي مڙس کي “ڀاڱوان” ڪري ڪوٺيندا هئا، شڪاري دؤر جو اِهو برادريءَ جو پريو مڙس زرعي دؤر ۾ “ڀڳوان” ُخدالله  سڏجڻ ۾ آيو.

ان ريت اهو لفظ “ڀاڳ”، “ڀاگ” اڄ سڄي ننڍي کنڊ ۾ نصيب جي مفهوم ۾ استعمال ٿئي ٿو.

انهيءَ نموني ڌنارڪي دؤر ۾ جڏهن ماڻهن جهنگلي جانور: اُٺ، ڳئون، مينهن، رڍ ۽ ٻڪري ڌارڻ شروع ڪيا ته وڌيڪ نوان پهاڪا ٻوليءَ منجهه آيا جهڙوڪ:

“ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي.”

ڌن دولت، اهو لفظ “ڌن” اصل ۾ ڌڻ ئي آهي، انهيءَ زماني ۾ ۽ اڄ به جتي جتي سانگي لوڪ رهن ٿا. اُتي ملڪيت جو ڪاٿو “ڌڻ” جي ڳاڻيٽي تي لڳايو وڃي ٿو.

لطيف سائين جي هڪ بيت جي سٽ آهي:

“ٿوري قوت قراريا، رهن سٻر ست.”

اهو لفظ قوت يا “پيٽ قوت” ڏوٿي دؤر جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن جي معنيٰ پيٽ گذران ڪرڻ آهي. ان ريت سنڌي سماج پنهنجي جوڙجڪ ۾ گذران جي لحاظ سان گهڻين سطحن تي ورچيل رهيو آهي، هتي ڏوٿي ۽ آهيڙي، زرعي ۽ جديد سماج جا نه رڳو لفظ ڀر ڪيترن جاين تي اهي سماج اڄ به پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود ۽ چرپر ۾ به آهن.

ڪيتريون چوڻيون مڇي مارڻ واري انهيءَ شڪاري سماج جي نمائندگي ڪن ٿيون. جهڙوڪ:

“ٻيڙيءَ تريا”

يا ڪنهن کي پٽ ۽ پاراتو ڏيڻ ته:

“ٻيڙي ٻڏئي!”

سنڌي سماج جون ڪيتريون رسمون ۽ ريتون پنهنجي قدامت ۾ تمام جهونيون آهن:

ننڍن ٻارن کي ننڍ ۾ ڇرڪ پوڻ تي سندن ويهاڻي هيٺان بگهڙ جي کل رکڻ، مڇي مارڻ واري ڄاري منهن رکيءَ جي مٿان وجهڻ وغيره. انهيءَ قديم شڪاري دؤر جو سونسائي ڳالهيون آهن، جيڪي اڄ به سنڌي سماج ۾ موجود آهن ۽ موجود رهنديون.

سنڌي سماج پنهنجي اصل جوهر ۾ پنهنجي سڄي قدامت کي سانڍيندڙ ۽ سنڀاريندڙ رهيو آهي. هن جي قدامت ۽ ڪلاسڪ ۾ گهرو رابطو ۽ رشتو رهيو آهي.

لطيف چيو آهي ته:

گهوڙن هنيون گهڻيون، اٺن هنئي آنءُ،
جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سا مون جيئن پوندي مامري.

 

مطلب: گهوڙن ُوارنلله  ته گهڻن ُسڄي قوملله  سان هاڃا ڪيا آهن پر مون سان اُٺن ُوارنلله  ظلم ڪيو آهي.

هن بيت ۾ سڄي سنڌ جي ويجهڙ واري تاريخ اچي وڃي ٿي، ته گهوڙن تي چڙهي سنڌ تي ڪيتريون ڪاهون ڪيون ويون.

لطيف چيو آهي ته:

سي ڪوهيارا ڪـُـنَ نيا، ماريا جن ٿي مـَـڇ،
گهوڙا! تن گهوٽن جا، پيا رُلن رَڇَ،
پاڻهي مرو مڇ! ويو ماٺُ مرڻ جو.

 

****

جاڳي جان ڏٺائين ته، گهوڙا! گهر نه سپرين.

****

اِهو لفظ “گهوڙا” اڄ سنڌ ۾ ظلم ۽ هاڃي ٿيڻ تي استعمال ٿئي ٿو.

سنڌ ۾ شاديءَ جي رسم ۾ ڪنوار جي گهر جي چائنٺ تي ڍڪڻي ٽوڙڻ جي رسم ٿيندي آهي. لطيف سائين انهيءَ رسم تي چنيسر جي ڦڏن پيرن بابت چيو آهي ته:

پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا،

پروڙيم تنهين ويو، ته ڪوجهي ڪندو پريتڙي.

ُگهوٽ (چنيسر) جا پير ڊولائتا نه هئا، ڪنوار (ليلا) ڍڪڻي ٽوڙڻ مهل اهي پير ڏسي سمجهي ورتو ته هن جي محبت به اهڙي ئي )عيب واري)  هوندي. لله

ان ريت هن ڪتاب ۾ لکيل ريتون رسمون زماني جي بدلجڻ سان ڀلي بدلجي وڃن، پر هيءَ ڪتاب “سنڌ جي لوڪ ثقافتي ورثي” کي هڪ ثقافتي جي اهم اڀياسي ڪتاب طور صدين تائين ياد رکندو.

هن ڪتاب ۾ ولي محمد طاهر زادي پنهنجي وت ۽ پورهئي آهر اهي سمورا رنگ اُوتڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن سنڌي ۽ سرائيڪي ۽ ٿري گيت سڀ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ڪنهن هڪ ڪتاب ۾ هيڏي وسيع سنڌ جا سڀ رنگ اوتجي سگهجن، چاچي محمد خان مجيدي جي چوڻ مطابق:

جوئي آهيان، سوئي سنڌ،
توکي ڳايان، رنگ رچايان،
منهنجو رنگ اهو ئي سنڌ،

        هيءُ ڪتاب سنڌ ۽ سنڌي سڀيتا سان پيار جو املهه پورهيو آهي.

        هن ڪتاب جي ٻولي اِهائي آهي جا قاضي قاضن کان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ ڪتب آيل آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ جي اُتم شعر واري ٻوليءَ جو لهجو رکڻ جي ڪري به خاص اهميت ۽ جوڳو ڌيان لهڻي ٿو. هن ڪتاب کي لکڻ ۽ سهيڙڻ ۾ محترم ولي محمد طاهرزادي جيڪو پورهيو ڪيو، جو پنهنجي مشاهدي ۾ آيل تمام ثقافتي وٿن، شين، ڳالهين بابت لفظن جو تاڃي پيٽو ويهي جوڙيو آهي. هن ۾ سنڌ جي تاريخ، رهڻي ڪهڻي، هـُـنر، ڪلا، سنگت، زيور، ريتون، رسمون، ڪرتون، وندرون ۽ لاڙ جي شاهڪار ٻوليءَ کي استعمال ۾ آندو آهي.

        هن ڪتاب جي سوڌ سنوار ڪندي مون پنهنجي ۽ سڄڻ غلام محمد لاکي جي صلاح سان گڏ محترم اعجاز منگيءَ سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ کان به گاهي ماهي رهنمائي حاصل ڪري نئين ترتيب سان هيءَ ڪتاب درست ڪري راس ڪيو آهي.

جوڳيئڙا جهان ۾، هڪڙا نوري ٻيا ناري،

ٻري جـــن ٻــــاري، آءٌ نــــه جيئندي اُن ري.

                                 (عبدالحفيظ قريشي)


(1)  ليکڪ جو ساڳئي متن وارو مضمون رسالي مهراڻ 3 - 1967ع ۾ شايع ٿيل آهي. (ادارو)

(1)  هيءُ چئن ماڻهن مقرر هجڻ ڪن خاص قبيلن سان لاڳو آهي. اڪثر ڪري هڪڙو ئي پريو مڙس ٿئي جو شاديءَ جا ڪم موقعي سارو ٻين باهمت ماڻهن جي مدد سان نباهيندو آهي. (ليکڪ)

(1)  سانباهي جي رقم سڀ ڪنهن قسم جي سڱ ۾ مروج آهي بدي وارو، توڙي بنا بدي، وارو توڙي ٽڪن واري سڳ هجي. (ليکڪ)

(2)  سهاڳڻيون ڇانورن جو ڳارو جنڊ ۾ وجهي ان کي ست اُبتا سبتا ڦيرا ڏين يا ٻڪ ڀري سارين جو جنڊيءَ ۾ وجهي ڏرين، يا ڇڙين.

(1)  بنو، وَنو يا وَنهه چون. گهوٽ کي، اصلي ونههَ وهانءُ لفظ هو جيڪو گهڻي استعمال کان ونواهه يا وناهه چيو وڃي ٿو. پر اڄڪلهه وڌ ۾ وڌ پنج ست ڏينهن ويهاريو ويندو آهي.)

(1)  اکيو، تسر يا ريشمي ململ جي ڳاڙهي يا سائيءَ مستطيل اڳڙيءَ کي اکين جي برابر ڏنگ ڪڍي ۽ ڪنڊن کان ڏورا ٻڌي وچ ۾ چمڪ، گونٽو، ستارا ۽ ٽڪون مڙهي اڌ هٿ لنبو ٽڪر ٺاهين.

(1)  پرڀ لفط جي معنيٰ آهي پريه+ شڀ يعني چڱو موقعو.

(1)  ٻه گنديون يا پوتيون، انهن مان هڪڙي کهنبي يا گلابي رنگ جي هوندي آهي، جنهن کي ڪيسريو به ڪوٺين، ۽ ٻي ڀرت ڀريل بوڇڻي. انهن ۾ هيٺان ڪيسريو ۽ مٿان بوڇڻي ملائي گهوٽ جي مٿي تان وجهن. ان کي ٻٽ يعني ٻه پوتيون چون مٿان موڙ ٻڌن. (ليکڪ)

(2) هڪڙي دفتري يا ڀاٺي جو ٽڪر جو نراڙ تي پورو ٿي اچي، ان تي رنگا رنگي پنيون هڻي چمڪائي هيٺان گل ڪاغذ جا نرين ۽ موتين جون لڙهيون ٺاهي، پاس کان مٿي جي چوڌاري ٻڌڻ لاءِ ڏورا وجهندا اٿس انهن کي ڪاڳري موڙ چون. ٻيا ڪپڙي تي ٽڪون ستارا مڙهي، ڀرت ڀري هيٺان ڪچ ڪوڏن جون لڙهيون ٺاهي اتڪائين ۽ پٽ جا ڦنڌڻ به ٽاڪين انهن کي پڪاموڙ چون. (ليکڪ)

(3)  اصل لفط آنهر وار هو آنهريا آهر معنيٰ مرد وار معنيٰ حفاظت ڪرڻ يا وارڻ. اُن مان اهنيار ٿيو. آنهر آڻي اوپڻي، رن وڃائي رنبو، مشهور چوڻي آهي. (ليکڪ)

(4)  سروَر ديري غازي خان ۾ ٻروچ قبيلن جو مرشد ۽ اولياءُ آهي. ان جو مخدوم سرور نوح رح سان واسطو ڪونهي. (ليکڪ)

(1)  ڪوٺاري: ڪوٺي جو سامان کڻندڙ. (ليکڪ)

(2)  ڪوٺو: ڪوٺيءَ جو مذڪر لفط آهي. ڪوهستاني ماڻهو. مليل ڏيپ، تؤنرين ٽوئن جي چوڪنڊي جاءِ ٺاهي ان ۾ کٽ وجهي ان تي رکي ڇڏين، جو سڀ ڄاڃي اتي بيهي ڏسن، ان اڏاوت کي ڪوٺي ۽ منجهس رکيل سامان کي ڪوٺو چون. (ليکڪ)

(3) اصل لفظ پيڙهائتو هو پوءِ پڙهو آخر پڙو ٿيو معنيٰ پيڙهه جو يا بنيادي سامان. (ليکڪ)

(1)  هاڻ نڪاح يونين ڪائونسل جو مقرر ڪيل مولوي رجسٽري ڪري پوءِ پڙهندو آهي. (ليکڪ)

(2)  وارث جي حالت ۾ ڪنوار جي بجاءِ سندس وارث کان ٽي دفعا پڇيو ويندو، فلاڻي ڌي فلاڻي جي هيتري ڪابين سان فلاڻي پٽ فلاڻي جي کي شريعت محمدي موجب حق نڪاح ۾ ڏين ٿو؟ (ليکڪ)

(1) پهت جي معنيٰ جيڪي سهسائي سگهجي، ۽ پوئو جي معنيٰ عقلي ورتل آهي. ڇاڪاڻ ته اڳ ليکي چوکي جي ڪاڳرن کي سڳي ۾ پوئي رکيو ويندو هو. انهن پوتل ڪاغذن کي پوئو چوندا هئا. اهڙي طرح ڀائرن کان اُڳاڙيءَ واري رقم کي پوئو ڪوٺبو هو، جو پوءِ پوئي رکندا هئا. (ليکڪ)

(1)  اڄڪلهه موٽرڪار جو واهپو آهي. (ليکڪ)

(1) ساٺ ڳيو = ساٺ جا گيت.

(1) ڪنوار کي وهانءَ رات پڙو پارائڻ جو رواج سماٽ ذاتين ۾ هو. هاڻ گهٽجي ويو آهي. (نظرثاني ڪندڙ)

(1)  ٿنڀن جو جيڪو ساٺ ڳيو چون ٿيون. سو صحيح هن طرح آهي. هي پهريون ٺنڀ ٺريو منُ هريو دولت ڀريو. يعني ٺنڀ معنيٰ ٺار پر هو ٿنڀ، غلط ٿيون چون. (ليکڪ)

(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

(1)  ڏِکڻا = اهڙي خرچي جا ڏيکاري ڏجي (نظرثاني ڪندڙ)

(1)  هاڻ گهور ۾ وڌيڪ رپيا ڏيڻ جو رواج آهي. (ليکڪ)

(2) ساڳئي متن وارو مضمون ڀر ۾ ڇاهي عنوان سان رسالي مهراڻ 3 - 1967ع ۾ شايع ٿيل آهي. (ادارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org