سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 15

صفحو :23

 

پاڃاري:

هڪ ٿلهيري ساڍا چار - پنج فوٽ ڊگهي ڪاٺي هوندي آهي، جيڪا گهڙي ڇلي ان جي ڪونهٺ وارو پاسو لسو ۽ ڪونهٺ وٽ سلاميءَ وارا  اڌ گول اُٿاڳ ۽ وچ ۾ بونبڙي يعني ڪرهو، ٻنهي پاسي سوراخ، اٿاڳن ۽ پڇاڙين کان ٽي انچ پرڀرا هوندا اٿس. جڏهن ڏاند جوٽجن ته انهن سوراخن ۾ ڪاٺ جا ڪلا جن کي ڏورڻا چون، وجهي انهن ۾ چمڙي جا اَرنگا يا جوٽا اٽڪائي رکن، جيئن ڍڳي جي ڳچي پانڃاريءَ هيٺان ايندي ۽ پانڃاري سندس ڪلهي يا ڪونهٺ تي بيهندي، ته اهي ارنگا يا جوٽا ڳچيءَ هيٺان ڦيرائي ٻاهرئين سوراخ جي ڏورڻي ۾ وڪڙيندا آهن، ته ڏاند سوگهو ٿي پيو هلندو آهي.

بيل گاڏين جا ٻيا نمونا:

ايڪا، ڇڪڙا به ٿين ۽ هڪ ڍڳي واري بيل گاڏي به ٿئي. ان جي ٺانٺي جي پاسن ۾ ٻه ڊگها ايسوٽا لڳائين جي ٽانگي گاڏي جي پولن وانگر ٿي بيهندا آهن ۽ مٿان انگڙياٺ، ڪونهٺ تي بهيڻ جيترو اڍائي - ٽي فوٽ ونگڙو ڪاٺ ٺوڪي ڇڏين، جو ڍڳي جي ڪلهي تي رکي گاڏي هڪلبي آهي.

هرهڪ گاڏيءَ جا چاڪ، دُري گسي نه وڃي ان جي لاءِ هڪ لوهه جو دٻو بانڪ ۾ ٽنگيل هوندو آهي، جنهن کي آواڻ ڪوٺين. منجهس تيل ۾ ٻڏل اڳڙيون پيون هونديون آهن، جتي به گاڏي چيچٽ ڪندي، ته گاڏير اها چڪني يا سڻڀي اڳڙي ڪڍي، نانهن جي سُرلي ۾ دَٻاڙي وجهندو ته چاڪ ترڪڻو ٿي ڦرندو. گاڏي جي کيپ ڀرڻ مهل گاڏي وارو، چاڪن کي اونگٽ يعني ڪامروڪ ڏيئي بيهاريندو ۽ پوءِ مٿان مال سٿيندو ويندو. جي پول واري پاسي مال گهڻو ڀرجي پيو، ته گاڏي داٻائو ٿي پوندي ۽ جي پاڙڇي پاسي مال کي ليٽ ٿي ته اها گاڏي اُلار چئبي، ۽ جي مٿي چوٽ ڀري ته اُن کي اُٽ چون. اُٽ تي گاڏير ڏکيو ويهي سگهندو آهي، ڀرپ مهل مال سٿڻ ۾ پورو خيال رکيو ويندو ته مال جو وزن گاڏي تي هڪ ساريڪو ورڇيل هجي. کيپ ڀري ته گاڏير چهبڪ (جنهن ۾ ٽي فوٽ بانسوڳن ۽ پويان ٽي - ساڍا ٽي فوٽ چمڙي جي رسي ڳن سان ڇڪي ٻڌل هوندي آهي، سو هٿ ۾ کڻي ڍڳا جوٽي ڪندو الاتوهار.

گاڏيرن جي لاءِ، چون ته ڪڏهن ڪين سڌرندا، هڪ ته الله جي زمين ٿا چيري هلڻ جي ڏکيائي ڪن، ٻيو ڳوڀن گگدامن تي چهبڪن جو شپڪو ڪندا وتن ۽ انهن تي ڪڏهن قياس ڪونه اچين، ٽيون انهن جي پوري پرگهور ڪونه لهندا آهن، جتي آيو اتي ڇڏي هليا ويندا نه گاهه جي، نه پاڻيءَ جي نه ڇانوَ ۾ آرام ڪرڻ جي پوري خبر وٺندن، پر وٿاڻ به پورو صفا ڪونه رکندا اٿن.

ڍڳن جا قسم:

ڍڳو، جيڪو هرَ، هلر ۾ هلي تنهن کي ”هاري ڏاند“ ۽ جيڪو گاڏيءَ ۾ وهي تنهن کي ”بيل“ [ڍڳي گاڏيءَ کي بيل گاڏي به چئبو آهي] جيڪو نار يا هرلي ۾ هلي تنهن کي ”جوڳي ڏاند“ ۽ جنهن جي پٺيءَ تي سواري ڪجي يا سامان سڙو ڍوئجي يا پخالون ڀرجن، تنهن کي ”پوٺي ڏاند“ چون. جنهن ڏاند کي ڪنهن نئين ڪم ۾ واهڻ لاءِ ڪيڙين سيکارين ان کي آڌاري يا جڙو ڏاند چون. بنان عيب واري کي سڙهه ڏاند ۽ پوڙهي کي ڦريو ڏاند يا ڍانڍو سڏين. ڪو ڍڳو چورائجي وڃي ته چور ۽ پاٿاريدار ان کي ڪنڊائتو ڍڳو ڪوٺين. ڪيترا ماڻهو ڀرميل آهن، ته هيءَ ڌرتي ڌٻي ڏاند جي هڪ سڱ تي بيٺل آهي.

ڍورن جي سينگار جو سامان:

هن سامان جا ٻه قسم آهن: هڪڙو واڄي وارو سامان، جنهن ۾ سانڀارا، سنڀارون، سانڀر، چڙا چڙيون، ٽلا ٽليون، کڙڪا کڙڪيون، گهنڊڻيون گهينگهريا، مٽر مٽريون، چنگ ڇيرون اچي ٿيون وڃن. هنن مان جن جو آواز ڳرو ۽ ٿلهو هوندو آهي [لار جي لڳڻ سان جيڪو آواز نڪرندو آهي،] ته ان کي هڪڙُ، سڏين ۽ جيڪو سنهون ۽ تکيرو جهانءِ تي هوندو آهي، ان کي ”سرَئُون“ سڏين. ٻيا آهن ڳچيءَ جي ٻڌڻ جا سامان. هنن ۾ ڳانيون، سهليون جي مڻڪن، ڪوڏين ڪوڏن ۽ ڀرت سان ڀريل هونديون آهن، ماهينڊ، مڇيون، مکراڻا، انڌاريون، موڙ، مهرا وغيره.

مال پهرائڻ:

صبح واري ڏهائي ڪرڻ کان پوءِ ڌنار يا ڌڻار مال جا رسا ۽ نير ڪڍندو جي واڙيل مال هوندو، ته اَرليون لاهيندو ته مال ڀاڻو ڇڏي نڪري ٻاهر اچي اُگهل تي بيهندو. اتي ساروڻي ڪري پوءِ هڪلي اچي پاڻي پياريندن. جتي نرن جا ساڳا جدا ڪري پياريندو. ڇو ته متان اوکون هڻي هڪ ٻين کي پاڻيءَ کان ٽاهين. پاڻي پيارڻ جي لاءِ ڍورن کي ڇيڪاريندو، سنهيون سنهيون سينڍو هڻندو، ڀوڪرون ڪندو، توئي توئي چوندو ٽاهڙ مال ۽ ڏورامن کي پهريان آنهه تي آڻيندو. مال تسجي پوءِ تسيو ته ڪو راڳ ڪاهيندي ڪنهن سر کي جوءِ يا ڪنهن ريل ڏي. پاڻ راماڻا ڪندو، هونگرون ٻُٺڪارون ڪندو ڊگهي ڏانگ ڪنڌ تي رکيو ڏئا ڏيندو هلندو. هونگر ۾ اي.... هي.... امان.... امان ۽ او.... هو..... آ.... هو.... هو... ڪندو وتندو. ڪنهن جي ڀيل ٿيڻ نه ڏيندو. ڪا هرياري (ڇاڄوڪڙ) تڪ يا وهڙي هوندي، ته ان کي ڪنهن هيراڪ سان سلهڙ هڻي سلهاڙيندو يعني ٻنهي جي سڱن يا ڳچيءَ ۾ هڪڙو ئي رسو واجهي ڇڏيندو. يا جتي گهڻو گاهه هوندو ته اتي پير ۾ ڊگهو رسو وجهي ڪنهن وڻ، ٿڙيءَ، ڊڀ جي يا سرَ جي ٻوڙي سان ٻڌي پاڍي ڇڏيندو. اهو پاڍيل وهٽ اتي جو اتي پيو ڦرندو ۽ چرندو. ڪن کي ارل يا ڳٽ ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏين، ته ڪن کي دٻڪ ڏيئي ڇڏين. باقي مال اَجلا ڇيڪ پيو چرندو.

ٽاڪ منجهند ٿي، ڌرتتي ته وڻن جي جُهنڊ جي ڇانءَ ۾ آڻي وسرام وٺائيندن، ڍور ڇانءَ ۾ اچي ويساهي وٺندا. ڪي ٽيڙا ٽيڙي پئي ڦوڪون پيا هڻندا ته ڪي ويٺا اوڳر ورائيندا. ڪي وري اکوڻي پيا ڪندا يعني ڌرتي کرُن سان کوٽي ٻڪي [دز] پيا اُڏائيندا ته ڪي اوساڪون ڪندا يعني پنهنجو ڪنڌ مٿو آسمان ڏي کڻي رنڀندا ناسون هڻندا.

ڏينهن آجهاڻو، پاڇولا وريا ته ڌنار مال کي جهٽ جهوڙ وهڻائيندو، چڪ وات ڪرائيندو، تنواريندو، تائيندو، تڙيندو، تاهوت ڪندو اوهير يعني ڏهائي مهل تي آڻي وٿاڻ تي ٿانيڪو ڪندو يا ڀاڻ ڀيڙو ڪندو. اوسر اوڪاڻيو، سمي ڀائي سک ٿيو سانوڻ سڌايو ته سنبيڙيا. سانگي ۽ سنگهار سنڀت ڪندا سرچيءَ سيم ڏي، ولها ۽ ونهيان ڪو راڳ ڪاهي وسوئنن تي وانڍون هڻي ڀٽن ڀيڙا ٿي ڀاڻا بنائي ويهي رهندا. اتي گاهن جا گدام ساوڪن ۽ سبزن جون مينگهه ملهاريون لڳيون پيون هونديون آهن.

آيل مال کي وٿاڻ تي ڍورن کي ٿوڻي ٿنڀي، مني منگهي، نيهري نير سان ڪلي ڪيري سان، ڪنهن کي ٽوڙهو ٽنگ ۾ ته ڪنهن کي ڳراهو ڳچيءَ ۾، ڪنهن کي سرڪڻ سڱن ۾، ته ڪنهن کي پينگهي (پينڍي)، پنجوڙي پير ۾، ڪو منهيءَ جي منڍ ۾، ته ڪو سنگهر سان لانڍ ۾، ته ڪو وڳر سان وانڍ ۾، ونگيو وراڪيو پيو هوندو.

ڦر - ٽڪر، لار لشڪر جيڪي مال جي پهرجڻ کان پوءِ ڇڙيا وتا ڇيڳون ڪندا، تن کي مال موٽڻ کان اڳ ۾ واجهي وڪوڙيندا ۽ جيڪي مال سان گڏ چراگاهه چرڻ ويا هوندا، ته انهن کي ڌائڻ جي سوس کان ٻوٿاڙيون ۽ ڇڪا جي نوڙين سان واڻيل ڄاريل هوندا آهن، ٻوٿ تي چاڙهي ڇڏين ۽ ڪن کي وري آنگهو يا ٻلڻ ٻوٿ تي ٻڌي ڇڏين. ٻلڻ، ٻن ڪاٺين کي جن جون چهنبيون گهڙيل هونديون وچ ۾ کپُ ڪري قئنچيءَ وانگر ٺاهي مٿان سوڙهيون ۽ هيٺ ويڪريون، سي نوڙيءَ سان ڦر جي بونار مٿان رکي ڄاڙيءَ هيٺان ڦيرائي ٻڌي ڇڏين. اهو ڦر جي ماءُ کي ڌائڻ جي ڇڪ ڪندو ۽ بگو هڻندو ته ماءُ کي اوهه ۾ ٻسانگيون لڳنديون ته بل ڏيئي، ٽهي، هٽي پري ٿي ويندي. 

ڏُهائي ڪرڻ:

مال چارو چري ٿيندو واندو ته سنڊَ ۽ رڇَ آڻيندا، جن ۾ پاڻي لپ پيل هوندي. هرهڪ سرڳي جيڪا ڦر تي مڙندڙ هوندي، تنهن جو ڦر ڇوڙيندو، پوءِ سنئين مهاڙيون ڏهڻ لڳندو. ڇٽل ڦر وڃي ماءُ کي ٿڻن ۾ بگا هڻندو، ڌڳڙيندو ۽ چڳڙيندو ته مادي مڙي بيهندي ۽ پيشاب ڪندي. ڌنار يڪدم ٻاڙڻ ڪندو، يعني ڦر کي ڪن کان جهلي ماديءَ جي اڳينءَ ٽنگ سان ڍنگ جي هڪڙي ڇيڙي سان سلهڙيندو ۽ ڍنگ يعني رسي جو ٻيو ڇيڙو ماديءَ جي پوين ٽنگن ۾ پڇ اٽڪائي ڏاوڻ ڪندو. ڦر جو پولهه ٿيندو ماءُ ڏي ۽ ٻوٿ ٿڻن ڏي. ماءُ ڦر کي پئي چٽيندي، ۽ کير لاهيندي. ڏُهائي ڪندڙ ڪوبه رَڇ کڻي، اُڀڪرو يا اوڪُڙو ويهي، اهو سَنڍُ گوڏن جي اَڙ تي مٿي جهلي، پاڻي جي ڍُڪ سان ٿڻ ڌوئندو ۽ سوئيندو، پوءِ بسم الله ڪري مٺيون ڪراين جي زور سان ٿڻن کي نچوئڻ لڳندو ۽ کير جون سيڙهون ۽ گوها بوهاڙا ڪري ٿانءَ ۾ پيو هڻندو، تان جو ڏهي وڃي ٿانءُ ڀريندو. ان وقت کير جا بوهاڙا، سيڙهن جا سرڙاٽ ۽ گوهن جا گهوگهاٽ مادين جي ڦرن کي چٽ چٽان ۽ ڦرن جي چسڪ چسڪان ۽ ٻين جي رنڀ رنڀان ڏاڍي نزاڪت واري پئي لڳندي آهي. هرهڪ ماڻهو ڀاڳيي بنجڻ جو خواهشمند ٿيندو آهي.

ڦرُ، جي آلياوڙو [تازو ڄاول] هوندو، ته ڌنار ان جي لاءِ اوراسو ڪندو يعني هڪڙو پاسو ٿڻن جو ان جي ڌائڻ واسطي ڇڏيندو، ۽ ڪجهه گاهه چروُ هوندو ته هڪ ٿڻ لاڪائس ڇڏيندو، پر اوٽاڪ هوندو ته پوءِ رڳو چڳڙ ڏياري وڃي آهوري تي ٻڌندس.

جيڪي ارڳيون هونديون ڦرن تي آر نه هوندن سي ڪراڍيون رهنديون [ڏهائڻ ۾ ڏُکايون ڪنديون.] انهن کي کَٽَر يا کيٽو ڪندڙ چون. ڏُهڻ وقت انهن جي لت ڇڙيءَ جو ڦهڪو پيو پوندو ۽ ڪي اوسر هونديون يعني ڦرن تي آرنڀ هوندن، مگر ڦر مري ويو هوندو، ته ان ڦر جي کل لاهارائي اُن جو بهائتو يا بهاڻو يا کلڙي ڀرائي، اهو بوتو ماديءَ اڳيان بيهاري ڏُهائي ڪندا آهن ۽ ڪي وري ڀاڙڪ يا آريتي ٿينديون آهن. مطلب ته اهي چاري کائڻ سان مڙنديون آهن. انهن کي کاهرون، ڪوٺين.

ڌنار، ڏُهائي ڪري کير جو ٿانءُ رکندو ويندو، ته کير جي ڦيڻ ٺري، ماهيڙ، جيڪي کير وڪڻندا آهن، سي بروقت اهڙو اکين ڏڌو کير ٿيتين کي اتي جو اتي مئپ ڪري ڏيندا آهن ۽ جيڪي کڻي وڃي شهرن ۾ وڪڻن، انهن کي ڀچا (بيچوا) چيو ويندو آهي. انهن کي کير توڙي پس کائڻ جي پل آهي. رات ڏينهن جهڻ ورتائين ۽ جي ڪو کير کڻي پيئندو به، ته ان سان ڏڌ ملائي ٻيهَڙ يا ڦيڏرو ڪري پوءِ کائيندو آهي.

تازي ويائل ٽڪَ جو کير آوانڪو [ڪَچو] هوندو آهي، جنهن کي آلوڙو به سڏيندا آهن. ڦر جي ڄمڻ جي پويان ڄر نڪرندي ته اهو آلوڙو کير ڏهي وٺندا آهن. اهو کير نڪي پاڻ ڪم آڻين نڪي گهڻو ڦر کي پيارين پر ماڻهن کي ورهائي ڏين، جي وري انهيءَ ڪچي کير ۾ کنڊ ڦوٽا وجهي هلائي هلائي چاڙهي باهه ٻاري پاڻي ٽهڪائين ۽ ان ديڳڙي مٿان اهو ٿالهه ڍڪي رکن جو پاڻيءَ جي ٻاڦ يا اُٻ تي رجهي چَڪ ٿي پوندو آهي. جنهن کي پِس ٿا سڏين ۽ اهو چڪيون چڪيون ڪري ورهائي کائين. ماديءَ جي ويم کَان پوءِ به ٽي ڏينهن کير اَوانڪو هوندو آهي. جو پوءِ به کنڊ ڦوٽا وجهي ديڳڙي ۾ رڌيندا ته دِڳ دِڳ ٿي پوندو آهي، ان کي چون ”ٻرهي“ سا پڻ سُرڪي کائين.

ماهيڙ: هر ڪنهن مهيني جي يارهين تاريخ رات وارو کير ڪونه وڪڻن اهو کير گراهڪن کي مُبري پوري ڪري ڏيئي، باقي معصومن کي پياري ڇڏين. گراهڪن کان به اُن رات جا پئسا ڪونه وٺن. اُن مفت کير ورهائڻ ۽ پيارڻ کي ”رات وارڻ“ يا بادشاهه پير، پيران پير، داتا دستگير سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي نالي تي خير ڪڍڻ ڪوٺين.

ڍورن جون ماديون ڪي کير ٿورو ته ڪي کير گهڻو ڏينديون آهن. جيتري ٽيهه ڪبن [خدمت ڪبي] اوترو کير وڌائينديون آهن، پر جيڪي گهڻو کير ڏين تن کي ڀٽاريون سڏين. انهن ۾ ڪي وري کير ٿورو ڏهائينديون آهن، پر مکڻائتيون هونديون، هنن جي کير مان مکڻ جام پيدا ٿيندو آهي.

پنجن - ڇهن ڏينهن کان پوءِ آلوڙي ماديءَ کي سُئا سڏيندا، سئا وري ڍڪي ٿيڻ تائين پئي ڏهائيندي، پڇاڙيءَ ۾ کير گهاٽيرو ۽ کارسرو هوندو آهي، ته ان کي ”ڪانگهاري“ ڪوٺين. جي اوچتو ڏهائي بند ڪيائين، ته ان کي بِسَوڪي/وهڪيل چون ۽ وري جڏهن اڳتي هلي ڦرجي تيستائين ڦنڊي سڏيندس. هڪڙيءَ مادي کي ٽڪَ به چون. جي ڪنهن تڪ جي هڪ ٿڻ ۾ خرابي ٿي پئي، ٿڻ چڙهي وڃي يعني کير منجهانئس نه اچي ته ان کي ٽِلهه ۽ ٻن ٿڻن ۾ خرابي يا بيماري ٿي پوي، ته ان کي ٻِلهه ڪوٺين، ۽ چارئي ٿڻ چٽ ٿي وڃن ته ان کي ڪوسڙ ڪوٺين. جا قصاب يا ڪاسائيءَ کي وڪڻي ڇڏين.

ڳائو توڙي ماهو مال حلال آهي. مسلمان ماڻهو انهن ڍورن کي ذبح ڪري انهن جو گوشت کائيندا آهن ۽ کلون ۽ هڏا وڪامندا آهن، جن مان ٻيون ڪيتريون شيون ٺهنديون آهن. هنن جي ڦرن جي گوشت کي حلواڻ چوندا آهن.

هن وقت ملڪ ۾ اٽڪل ٽي ڪروڙ نوَ لک ڳائو مال آهي.

کير مان ٺهندڙ شيون:

نبار [نج کير] کير مان پس، مائو، رٻڙي، برفي، پيڙا، ٿر يا ملائي، ڌؤنرو يا پنير، ڏڌ، مکڻ ۽ گيهه ٺهندو آهي. گاڏر کير مان کيرڪون [کير ۾ کارڪون رڌل جن کي کيڪون به چون]، کير سيون [کير ۾ سيون رڌل]، کيرڻي (کير ۾ گهوٽيل چانور رڌل) کير جي [کير ۾ سڄا چانور رڌل] اِسڪري ملائي، آئيس ڪريم، ڪلفي، فالودو ملائي، [ڪونج ملائي]، پڊنگ (کير ۾ بيضا ڪڪڙ جا رڌل)، ملڪ روز [کير ۾ شربت ملايل] ٺاهيندا آهن.

کير کيرول جي وڻن جي پاڙن ۾ ڀاڻ طور اوتيندا آهن. ٻاڪري کير ۾ پاڻي ملائي لسي ڪري پيئڻ سان پيشاب جو ساڙو ڇڏي ويندو آهي. کير کي ”پيراڪسير“ ڪري چوندا آهن. ان جو مطلب آهي ته ڪابه شيءِ کائي (شراب کان سواءِ) ان جي مٿان کير پئبو ته جيوري ويندو يعني اها شيءِ کير کي جاءِ ڏيندي، پر کير کائي مٿان ڪابه شيءِ ڪانه کائي سگهبي، ڇو ته بد هضمي ٿي پوندي. اڃا به جي کير کائڻ مٿان گدرو، مڇي پلو، ڪڪڙ جو ٻوڙ وغيره کائبو ته بدن تي اڇا داغ چٽيءَ جا يا ڪوڙهه جو مرض ٿي پوندو.

کير کي ڪنهن خراب جاءِ يا اڻ ڌوتل ٿانءَ ۾ رکبو ته يڪدم کري دِڳ دِڳ ٿي پوندو ۽ کائڻ جي لائق نه رهندو. ان ڪري عام چوڻي آهي ته ”جيڪو پئسو پلي تي ڏجي سو کير تي نه ڏجي“. مطلب ته ان پئسي کي ککو هٿ لڳو هوندو ۽ ککي هٿ وارو پئسو کير واري وٽ ويو ته ککيءَ ڇَٽ سببان سمورو کير کاري رکندو.

کير مان ڏڌ ٺاهڻ:

ڏڌ مان مکڻ ۽ گيهه ٺاهڻ: وڪري ڪرڻ ۽ کائڻ کان پوءِ جيڪو کير بچندو سو ڀاڳياڻيون يا گهر جون سگهڙ زالون انٻيڙين يعني ٿورو ڍُڪ ڏڌ، جنهن کي سنڀاڻ چون، سو يا ڪو پنير جو ڦوٽو رات جو کير چاڏي يا ماٽيءَ ۾ نائي ان ۾ وجهي ڇڏين. اهو ٿيو کير سنبائڻ. ماٽي يا چاڏي ٺڪر جي هوندي آهي ۽ ڪنڀارن وٽان ملندي آهي. اها آڻي ان کي اموهي پوءِ کير نائيندا آهن. اها سنڀائل کير واري ماٽي ڳيجڻيءَ سان ويڙهي يا کليو ڪنهن کاري هيٺ رکن سياري جي موسم ۾ کير کي باهه جو سيڪو ڏيئي، چڱيءَ طرح ٽپڙن ۾ ويڙهي بند ڪري ڪنهن مَنجهين جاءِ ۾ رکنديون آهن. صبح جو سويل اٿي مانڌاڻي، جهرڻو، منڌيئڙو، منڌي يا ڪٿي ته اُڀيد يا اُڀينگ سان ماٽي ۾ ڄاول کير [ڌؤنرو] ولوڙينديون آهن.

مانڌاڻيءَ جي بناوت:

هڪ گول ڊگهي ڪاٺي ڏنڊي وانگر ان کي ڳن يا ڳني چون. ان جي مٿئين ڀاڱي واريءَ چوٽيءَ ۾ انچ - انچ هيٺڀرو ٻه - ٽي کپ ٿيندا اٿس. هيٺين پڇاڙيءَ ۾ جاگولائي ۾ مخروطي هوندي آهي، سل چوڙ ڪري، گدري جي ڦاڪن وانگر ٻه کهيون هڪٻئي مٿان آڏيون رکي ڳنيءَ سان ٺوڪي ڇڏين. ان کي ڦل سڏين. ڳنيءَ جي وچ ۾ هڪڙو گهرگهلي سوراخ سان گول چڪرو ماني وانگي ڪاٺ جو ٺهيل وجهن جنهن کي من چون جوماٽيءَ مٿان ڍَڪ جو ڪم ڏيندو آهي ۽ ڳنيءَ جي وچ ۾ چمڙي جي وڍي/نيتو/سٽ جي نوڙيءَ جا ٻٽي وراڪا ڏين ۽ انهن جي پڇڙين ۾ ٻه گِليون يا اِٽيون، جن جو وچ کپُ ٿيل هوندو آهي، ڇڪي سوگهيون ٻڌي ڇڏين، وري هڪڙي ڪاٺ جي پٽي، اڌ ڦرهي وانگر جنهن جون پڇاڙيون ڇليل ۽ نپيل، وچ ۾ اڌگول سوراخ جنهن کي سِنگرَ سڏين. ان جي پڇڙين ۾ نوڙيون ٻڌي، نيهريءَ کي ڦيرائين. اهو سنگرَ من جي مٿان من کي قابو جهلڻ لاءِ ٻڌنديون آهن.

ولوڙو:

ولڙڻهاري، جڏهن صبح جو ڏسندي ته ڌؤنرو پختو ڄاول آهي، ته ماٽيءَ کي نيهري يا منگهي جي ڀر ۾ رکي ماٽيءَ جو ڍڪ لاهي مانڌاڻيءَ جا ٽي ابتا ٽي سبتا گرڻ مٿان گهمرا ڪڍائي، پوءِ ڦل اندر وجهندي، ۽ پاڻ ڪنهن منجيءَ تي ويهي، پٻن سان ماٽيءَ جي ڪنارن کي روڪي بسم الله ڪري گِليون ڇڪي ولوڙو شروع ڪندي. انهن گلين کي اڳتي پوئتي ڇڪڻ سان ماٽيءَ مان ولوڙي جو اوزار: گه ..... گهو... گهو..... گهُ.... گهو... گهو پيو ايندو. ”پرهه جو پٽن تي ڪن ولوڙا وايون“ آرڙهه يا اونهارو هوندو ته ڌيري ڌيري ولوڙا ڏيندي. جيئن مکڻ تپي پٽڙو نه ٿي پوي. مکڻ جي تپندو ۽ پٽڙو ٿيڻ لڳندو ته ٺرڻ جي لاءِ ڇڏيندس يا ٿڌو پاڻي ملائي ٺاري پوءِ گڏيندس. مکڻ، ولوڙڻ تي سڻڀا ڦُٽ ڦُٽ ٿي ڏڌ کان ڇڄي ڌار ٿي بيهندو. تان جو جهڻ جهڳي، اَڇ آڇلائي، هٿ سان مکڻ تاري، ٿاڦي ٿاڦي چاڻو بنائي ڪڍي ٻاهر ٿانءَ ۾ رکندي. بدنظر کان بچڻ جي لاءِ، نيهري جي پٺيان ڀت تي ڇيڻي جو ڀونڊو ٿڦي ڇڏيندي يا پادر اونڌو ڪري ماٽيءَ جي ڀر ۾ رکندي، متان ڪا رَن مکڻ سيٽي يعني غائبانه چورائي نه وڃي يا چوي هڻ منجهاڻي هيترو مکڻ! ته ان واسطي اهو سوڻ اڳواٽ سٽي رکندي آهي.

مکڻ نڪرڻ کان پوءِ، باقي پاڻياٺ کي مهي، ڏهي، جهڻ ۽ ڏڌ چون. ڏهي، ڪي ڌؤنري جي لسين ڦٽين کي چون، مهي، اڌ ولوڙيي ڌؤنري کي سڏين جيڪا پيئڻ سان پيچن ۽ سوري جي لاءِ هِڪ ڪاڪ علاج آهي. ٻاڪري ڏڌ ۾ جي پاڻي گهڻو وجهن ته ان کي پاهي يا پاکي ڪوٺين. ڀاڳيا ماڻهو، ڏڌاويءَ سويءَ کي کائڻ جي لاءِ ورهائي ڏين. غريب ماڻهو ڏڌ ماني کائي خوش ٿين. ڏڌ ڏيندڙ جي ٻچن کي دعائون ڪن. ٻارن کي چون:

”کير ته آهي پر،

ڌؤنرو ڌِڱ، ڀڃي ٿو لڱ،

مکڻ، ڌيانءِ نه چکڻ،

ٻچڙا، کٽڙا پيءُ، ڏُٽڙا ٿيءُ“

ٿورو ڌؤنرو ڄاول هوندو آهي، ته مايون جهرڻي سان، جو هڪ ڳني ۽ چڪرائون ڦل ڳنڍيل هوندو آهي. ان جي ڳني کي هٿن ۾ ئي جهلي ڦيرائي ڌؤنري کي لسو ڪري ڇڏين ۽ لوڻ پاڻي وجهي کائين، مکڻ ڪونه ڪڍن.

اُڀينگ، اها مانڌاڻي آهي، جنهن جي ڳني ٿلهي ۽ ڊگهي ٿيندي آهي ۽ اڌمڻ کان مٿي مڻ تائين ولوڙڻ لاءِ اهو ڪم ايندو آهي، ۽ ان کي ماڻهو بيهي ولوڙيندو آهي. ان جي ماٽي اونڻ يعني کَڏ ۾ سوگهي رکي پوءِ ولوڙو ڪن. اُپيد يا اڀينگ وانگر ٺهيل آهي، پر اهو مڻ کان مٿي کير ولوڙڻ وارا ڪم آڻيندا آهن. هن کي ٻه ماڻهو ڇڪيندا آهن، هڪڙو هڪڙي گلي ٻنهي هٿن ۾ قابو جهليندو ۽ ٻيو ٻي گلي هن جي چاڏي پڻ اونڻ ۾ رکي ويندي آهي.

زالون ڇهه ڏينهن مکڻ گڏ ڪن ۽ ستين خميس جي ڏينهن تي سمورو گڏ ٿيل مکڻ ڪنهن ديڳ يا ديڳڙي ۾ وجهي باهه تي رجائين. مکڻ مان کٽ ڪڍڻ جي لاءِ به اناج ٻاجهر، چانور وغيره ڏري ان ۾ وجهن، مکڻ جي کٽاڻ اناج کي وڃي ڍهٽندي، باقي نبار گيهه وڃي بچندو. ان کٽاڻ کي وسنان يا وشنان چون ۽ ان ۾ ٿوري کنڊ ملائي کائين. جيڪو ان نموني گيهه تيار ڪن ان کي ”اَن سڙيو گيهه“ سڏين، پر جي اناج بدران لوڻ جي لپ وجهي گيهه ٽڙڪائي ڪڍن ته  اُن کي ”پالرُ گيهه“ ڪوٺين. اهو گيهه وزن ۾ اَن سڙيي کان گهڻو وزنائتو هوندو آهي. گيهه لاءِ چوڻي آهي ته، ”جيڪي ڪري گيههُ، سونه ڪري ماءُ نه ڪري پيءُ“.

مينهن - ماهو مال

مينهون هن ميهار جون، چاهون چهڪ چَرن

مينهن ۽ ڍڳين جي ڌڻ کي گڏي گوهر يا وانڍيون ڪوٺين. مينهن کير ڏهائيندڙ ٻاکر يا ٻيکر چؤپايو مال آهي. مينهن ڦرجڻ جي ايامڪاريءَ ۾ ايندي آهي، ته ڍِڪو ڪندي آهي. جتي به ڪو سانهه، ڪونهان ۽ پاڏو سجهندس اوڏانهن سير ڪري هلي ويندي. بعضي ته ڌڻي خود وٺي وڃي ڦرائي ايندا اٿس. هيءُ ڏهن مهينن کان پوءِ ويامندي آهي. هن جي نر ڦرن کي پاڏڙا، پاڏا، ڪونهان، سانهه ڪوٺين، مادي ڦرن کي پاڏڙيون پاڏيون، وڇون، ٽهاڻيون، اٺوريون ۽ مينهون سڏين. اهي سڀئي ماهو مال سڏجن، پر ننڍي مال کي لار يا وڇرا به چون.

رنگن موجب نالا:

گجر، [ڳاڙهي ڪڪي رنگ واري]، ڪاري، [نڀور ڪارو رنگ] ڀوري، سفيد ميٽائون رنگ، ڀولي بت جو رنگ اڇو ۽ ڪارو پر برف جهڙو جيئن ڪوڙهه واري ماڻهوءَ جنڙي جي اولاد واري ماڻهو جو رنگ ٿيندو آهي(1). چاوُل/چال [جنهن جي بونار تي ٻولهه يا بانو هجي[ بگي بو ] جنهن جا چار پير اڇا هجن[ بَنبُل ] اڇي پُڇ واري[ بور، جي پڇ جي چوٽي ۽ چارئي پير اڇا هجن]، پنج ڪلياڻ، ]جنهن جا چارئي پير اڇا ۽ ٻوٿ تي بانُو هجي.]

سڱن موجب نالا:

ڪنڍي، [جنهن جا سڱ چوڙي وانگر گول وريل هجن]، چوڙ ڪنڍي، [جنهن جا سڱ ڇلاوان يا چوڙن وانگر گول چڪر وانگر ڳتجي بيهن ۽ وچ مان آڱر مس مٽي]. گوشي، [سڱ ڪنڌ ڏانهن ۽ ٿورا اُڀيرا]. تاسري، [سڱ ڪنن مٿان پکڙيل ۽ ٿورڙا پاسيرا ۽ اُڀسرا]. هاليءَ، ُجنهن جو هڪ سڱ مٿي چڙهيل ته ٻيو هيٺ لڙيل]. ٺونٺي، [جنهن جو هڪ سڱ ڀڳل هجي يا پاڙؤن چٽ ٿي وڃي]. ڏٻي، [جنهن جا سڱ صفا نه هجن]. دڏر، [جنهن جا سڱڙا تُڪن وانگر ننڍڙا ۽ ٿورڙا ٻاهر نڪتل هجن]، ڀل، [جنهن جا ٻيئي سڱ ڪنن کان هيٺ لڙڪيل ۽ ڳچيءَ ڏانهن وريل هجن].

اکين موجب نالا: ماڻڪي، [جنهن جي اکين جي تارن هيٺان اڇاڻ گهڻي هجي ۽ اها اڇاڻ چٽي هجي]. ڪجلي، [جنهن جون اکيون ڀؤنر ڪاريون هجن].

پيار جا رکيل نالا: ڍولي، پياري، مومل، راڻي، ڊيل، مور، ڪونج، نڀوڙي، ڀنڀوري، پاڳاري ۽ مهندار. انهن نالن سان جڏهن ڪوبه رکيل نالو وٺي ڌنار هڪل يا راماڻو ڪندو آهي، ته اها نالي واري مينهن پڇ ٽور ڪري ڍَڪندي ايندي.

مينهن جي ڄمار بابت:

هن جي تازي ڄاول ڦر کي آلياوڙو، پوءِ کير ڌائڪ يا کيرو ۽ کير ڇڏڻ تي اوٽاڪ سڏيو ويندو آهي. ٻن سالن کان پوءِ ڪُنڊاربو آهي، يعني نوان ٻه ڏند ڪڍندو ته کيس ٻڏندو، وري ٻن سالن کان پوءِ ٻيا ٻه ڏند ڪڍندو ته چوڳو، وري ٻن سالن کان پوءِ ٽيان ٻه ڏند ڪڍندو ته ڇڳو وغيره سڏيو ويندو. اٺوريل، اها ٽيهاڻ، جيڪا ڦرجڻ کي بلڪل ويجهي هوندي آهي. ڦري ته پوءِ ان کي ڦريل/ ڍڪي ڪوٺين. هڪ سال واريءَ کي ٻارهائي، پهريون ڀيرو ويامندڙ کي اَڙائي، پهريات، اَهنو، اهنوڙي، انوڙي، ايهوُ، اِينهن وغيره نالا ڏين، ٻي پيٽ واري کي ”ٻهار“ ۽ ٽئين پيٽ واري کي ٽهار سڏين، جيستائين نه ويامي ته اَيائي سڏجي ۽ جيڪا ڦرجڻ کان پوءِ ڦر نه جهلي ڪيرائي ڇڏي، ان کي اُٿلاڻ. اهو چون ٿا ته گهڻي وههُ پيدا ٿيڻ يا مچڻ ڪري مينهن ۾ ڦر ڪيرائڻ جو ڀوانسرو ٿيندو آهي. ويامڻ جي خبر، سندس اوهه جي لهڻ مان پوندي آهي. جي ”اوهيل“ هوندي ته مهينو - ٻه ويامڻ ۾ مس ڪڍندي ۽ جي آس، يعني سار ِ جي سوڄ ٻاهر نڪري آيس، ته ويامڻ ۾ ويرم ڪانه ڪندي.

مال ۾ ڪي آڳاٽيون به ٿينديون آهن، يعني جيڪي ڏينهن لڳڻ جا هوندن ان کان اڳڀرو ڦرجي پئي، ته آڳاٽي سڏبي. ڪن ڪن مينهن کي جلد اَٽار شهوت جي گرمي پيدا ٿيڻ ٿيندي آهي.

اَٺاڻو، اٺن سالن واري ڄمار جي مال کي چون، جنهن ڄمار ۾ اَٺ ئي ڏند نڪري نروار ٿيندا آهن. ڪن کي ته ست به ڏند نڪرن ته ڪي ڇهن ڏندن نڪرڻ کان پوءِ وري ڏند ڪونه ڪڍن. اهڙي مال کي ستڙيو يا ڇڪڙيو چيو ويندو آهي. اَٺاڻو مال ٽن سالن کان پوءِ موٽيل يا مڙيل سڏيو ويندو آهي. اهو مال پوءِ ڪک نه وجهندو آهي، يعني متارو نه ٿيندو آهي، ان کي آڍوڙي چئبو. آڍوڙيءَ کان پوءِ گونديو ۽ ان کان پوءِ ڀُوڏ يا ڀُڏ يعني ڏند صفا چٽ!

ڪرت يا ڪم: ماهي مال جو ڪُونهون يا پاڏو گاڏين ۾ وهي، کوهن مان ڪوس ڪڍي، ايڪا ۽ ڇڪڙا ڇڪي، پوٺي هئڻ جي حالت ۾ مٿانئس پخالون رکي پاڻي ڀريندا آهن.

مينهن جو بيان: مينهن ۽ ڍڳين کي گڏي گوهر چون. گوهر لفظ سنسڪرت جي گوتر مان نڪتل لفظ ٿو ڏسجي، جنهن جو مطلب هڪ نُک يا نسل وارا آهن.

ڀاڳين جا ڀاڻ ونهين جا وٿاڻ خالي ڪين رهن!

مال ۽ مارو هڪٻئي جو حال آهن. مارن بنان مال سُڃو! مال کي ڪي پِنڊ پاڻ چارين يا بهي يعني اجوري تي چارائين. ڪي وري چوٿ يا اڌياري تي ڏين، چوٿ ۾ چوٿون حصو ڦرن ٽڪرن جو ۽ اڌياري ۾ اڌو اڌ ڦرن ٽڪرن ۾ ٿين، ڪي رڳو پڳو ڏهائي ڏيئي مال چارائيندا آهن. مارن کي مالوندُو، وَنهيان، ولهار، سانگي، سنگهار، سانبيڙا ڌرار ۽ ڀاڳيا ڀوتار سڏين. ڀاڳيو معنيٰ ڀاڳ وارو. هنن ماڻهن جا ڀاڳ ڀلارا آهن، جن کي ههڙو برڪتي مال الله سائين عطا ڪيو آهي. چوندا آهن ته ڀاڳين جا ڀاڻا اڻهي ڀٽارين سان ڀريا پيا آهن.

مال جو وٿاڻ:

جتي جتي مال جا اَنبل آهن، اتي انهن جي وٿاڻن ۾ اُلٺا يا آهورا، [مٽي/ٺڪر جا ڪونڊا] ۽ ڪونر يا ڪونار لتل ۽ ٺهيل هوندا آهن. وٿاڻ مٿان اولو، ڇنو، منهه يا ڇاپرو ٺاهي ۽ ڇڙيون ڇانگي ڇانولو ضرور ڪن. مال کي اَرليون ڏين، يعني ڀاڻي ۾ آڻي بند ڪن، تنهن لاءِ آهورن جي لڳ ڪلا، ڪيرا، منيون، منگها، ٿوڻيون، ٿنڀا، نيهه، نهيرا، کتل هوندا آهن، جن سان مال کي سنگهرون، ٽوڙها، زنجيرون، پنجوڙيون، نوڙيون، رسا، نير، ڳراها، پينگها [پيند، پينڍا] ۽ پيڪڙا پائي وجهي ٻڌي قابو ڪن.

مال جي چوڪيداريءَ جي لاءِ وٿاڻ تي ڪُتا به ضرور ٻڌل رکندا آهن. خاص طرح انهن جي ڪتن جا ههڙا نالا هوندا آهن: موتي، راڱو، لڌو، ڪڪڙ، بگهڙ، ٻهڙو ۽ ٻيلائي. اهي ڌَنيِر ۽ دَک ڪتا هوندا آهن. انهن کي ڏينهن جو وڍيون وجهي واجهي رکن ۽ رات جو ڇُڙيا ۽ ڇريا وتن. تَنر مانين جا کايو مواڙيا گهمن. مجال آهي ڪنهن اوڦٽوءَ ماڻهوءَ يا چور چَڪار جي، جو اهڙي مال ڏانهن اک به کڻي ڏسي، جنهن جي رکوالي ڪتا ڪري رهيا هجن.

اَرليون لاٿائون ته مال ڀاڻي کان ڀڙڪو ڏيئي ٻاهر نڪتو ته پويان ڀاڳيو پاهوڙي کڻي ڇيڻا ۽ مٽاڳو اوڳاٽ ۽ اولڙ ڳاهه جو ميڙي سيڙي ٻاهو اروڙيءَ تي  اڇليندو، جو گهڻي وقت جي اتي سڙڻ کان پوءِ وري ڄم يا ڀاڻ ٿي پوندو ۽ ٻنيءَ ۾ وجهڻ سان پيدائش وڌائڻ جو ڪم ڏيندو، يا ته بوسا سڪائي ٻارڻ جي ڪم آڻيندا آهن. چون ته: سون جي رتيءَ کان رت جي رتي وڌيڪ!

چؤپايو مال جيڪو ڏُهي ۽ هيرائي اُن جو اوسڙ يا علاج وغيره ڪري ان کي ڌراڙ يعني ڌڻ ڌاريندڙ چئبو آهي ۽ جيڪو مال کي رڳو چاريندو وتي تنهن کي ڌڻار يا ڌنار يعني ڌڻ چارڻ وارو چيو ويندو آهي. تنهنڪري مينهن جي چاريندڙ کي ميهار ۽ وڇن جي چاريندڙ کي وڇيار ڪوٺيندا آهن.

مال، وٿاڻ کان ٻاهر نڪري اچي اُگهل تي ويهندو آهي، جنهن کي اَجهور به چون ۽ جيستائين ڌنار اچي. ڌنار آيو ته اوٿاڳ ٿيندي يعني مال کي جهنگ ڏانهن پهريندو. ڪي راتوڌو يا رات پيٽ ۾ وڃي مال چارين ۽ اَڏوهيون بنا ڏهائيءَ جي هڪلي وڃن ته ڪي وري ڏهائي ڪرائي پوءِ ڍڪيءَ، فجر، پئسي پرک، باک ڦٽيءَ، ڀيڄ ڀنيءَ، پرڀات، ڀنڀرڪي، ڀنوريءَ وقت مال نين. ڌنار، آنگر ڏيندو، هونگاريندو، هوڪريندو، اولڻ لڳندوَ يعني سُر سان آواز ڪندو، مال تڙيندو ويندو، جي مال کي اُڃ، اَڻهن، اُڻيههَ يا تسيو هوندو ته سڄو ڪيراڳ ڪاهي ڪنهن تڙ، تلاءَ، ترائي، سرَ، ڊهي، کڏ، کَوهه، گهيڙ، حوض، آواڙي، آنهه، ٽوٻي، دٻي، چشمي، نياڻ، ڪوس ڏانهن نيندو، جتي ڪا نِڪ يا چلهو يا ”اُها“ ڀريل ڏسي ساڳا ڪري مال پياريندو ويندو ۽ مال کي ڇيڪاريندو رهندو: ڇي.... ڇي.... امان! توئيو..... توئي! پيو ڪندو. مال بر ٿي بيٺو ته پاڻيءَ لوههُ نه ڪندو ۽ اتاڙجڻ يا ٽِهڻ لڳندو، پوءِ ته ڌنار ڪيترائي وس حيلا ڪري پر سڄو ”اَهڙُ“ منهن ڪري ٿيندو راهي.

مال چارڻ جي لاءِ نيڻ:

مال پاڻي پي پُر ٿيو ته ڌَنار هڪلون ۽ هوڪرون ڪندو، لٺيون واهيندو، مال کي رَند ۽ چارا وٺائي ڪنهن ريل يعني ساوڪ واري ڪوڻڇي ۾ آڻي ڪڍندو يا ڪنهن جائتي جوءِ ۾ نيندن يا ڪنهن جهنگ ۾ اجلا ڇڏيندن، جتي ڍورن جا ٽولا ڇيڪ پيا چرندا. ماهي مال کي ته واهن ۽ دريائن جون ڪنڌيون، نهرن ۽ نيڙن جون ڪٺارون. ڪورون ڪَسُيون، گٺون ۽ ڪڙين جا ڪپ ڪنارا وٺي پيو چاريندو، پڻ سينڍون هڻندو، ڏانگ/لٺ پٺن پاڏؤن ڪنڌ تي ڪنواٽي وانگي رکي، ٻانهن جي کنج مٿان ورائي لڙڪائي، پهاڙي سُر ۾ ڏُئا ڏيندو هونگرون ڪندو وتندو.

هونگر: هوُن....... اوُن........ هو، اوُن...... آ... هو...... هو.

ٻڀڪي: امان.... اما.... اي...هي.

ڏئو: آ.. هو.... ئو..... او.... هو.... هو...

منجج ڪو منجيو [نياپو يا سنديسو موڪلج].

آلاپيندو، جهرجهنگ جهونگاريندو، مال کي پيو چاريندو. ڪا مينهن ٽاهڙ هوندي، ته ان جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ يا طوق وجهندو يعني ڪاٺ جو ڌُڪو يا ڏنڊو جنهن کي ارل به چون. ان جو مٿيون پاسو کانچيل هوندو، ان ۾ نوڙ ٻڌل ڳراهو ڪري ڳچيءَ ۾ وجهندس ته ڀڄي ٽهي نه سگهندي. ڇاڪاڻ ته اهو ڌُڪو اڳين ٻنهي ٽنگن جي وچ ۾ اڙي بيهندو ۽ هلڻ مهل وچڙندو ۽ گهِربَو پيو هلندو. بعضي ڪن مينهن کي دَٻڪ به هڻندا آهن يعني سڱن ۽ هڪ اڳين ٽنگ کي هڪ رسي سان سوڙهو ڪري ٻڌندا ته جيئن مينهن جو ڳاٽو هيٺڀرو جهڪيل رهي.

هن مال جو بعضي ڌڻيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن ماڻهوءَ سان هيج يا اوسر ٿيندو آهي. ڏهائي ۾ ته خاص انهيءَ ماڻهوءَ جي هٿ کان سواءِ ٻي هٿ تي نه هرندو آهي، نڪي مڙندو آهي. بعضي ڪن ماڻهن وٽ هي مال هرگز جٽاءُ ڪين ڪندو آهي، يا ته چور ڪاهي ويندا آهن، يا ته اُڦٽ مري پوندو آهي. اهڙي حالت ۾ ڀاڳيا ”اَل“ وجهندا آهن يعني ٻي ڪنهن مارو ماڻهوءَ جي نالي تي ڌارين.

جهنگ ۾ هڪٻئي کي مينهون اَڙا يا ٿونا هڻنديون آهن، جي ويڙهه ۾ هڪڙي جو سڱ ٻئيءَ جي چوڙي ۾ چڙهي پيو ته هڪڙو سڱ پاڙئون چٽ ٿي پوندو، جي چٽ نه ٿيو ته ڪارائي سان سڱ ڪپي ڌار ڪندا آهن. ماهو مال عجيب طبيعت رکندڙ آهي، ڪڏهن ته ٺاٺ سياري ۾ به پاڻي ۾ پيو تڙڳندو آهي ته ڪڏهن قهر جي ڪاڙهي ۾ به دونهين تي پاڻ پيو تئيندو آهي. مينهن جو ڦر ڄمڻ سان پاڻي ۾ ترڻ ۽ تڙڳڻ لڳندو آهي.

اوسڙ ٿيو ته مال اوساڪون ڪندو يعني آسمان ڏانهن بونار ڪنڌ مٿي کڻي، مينهن جي لاءِ واجهه وجهندو. الله سائين کي ٻاڏائيندو، مينهن پئي بس ٿيو يا اوسر اوڪاڻو ته الله جي رحمت جا شڪرانا ٽاڏيون ڏيئي بجا آڻيندو آهي.

اوهير يا ڏهائي جي مهل ٿي، ته هيءُ مال موٽ کائيندو وٿاڻ ڏي ۽ ڍڪندو ايندو.

ڀِڄنديون ڀٽاريون وري وٿاڻين آئيون. (ڀٽائي رحه)

انهيءَ ٽاڻي ٽاپيون ڏيندو، ٿونا ۽ ڦوڪا هڻندو، ٽاهه ٽپا کائيندو، دڙها ڊيهون ڪڏڪارا ۽ ڊوڙون ڪندو ايندو. نيريءَ وچينءَ جو ميهار آڻي اجهور تي ٻٽڪارون ۽ ٻچڪارون ڪري بيهاريندُن.

ڪانڌ مَ وڪڻ ڪنڍيون، ڌڻ سڀوئي ڌار،
اڀريون، سڀريون سسيون، سڀئي پنهنجيون سار،

ته اچي اگٌّڻا ٻهار، سرلا ڪنديون سڏڙا.(1)  (ڀٽائي رحه)

مال، وٿاڻ تي ٻڌجي چڪو ته آڻي اڳيان چارو وجهندن، جنهن ۾ گاهه، ڪڙٻ، ڪانا، ٺوٺا، لوسڻ، برسيم، ڪاسني، پلال يا پرار، پالي، ول، ناڙو، بهه جيڪو موسم سارو هوندو، سو ڏيندن. سڪار هوندو ته ڀاڪر ڀَري يا ڀرين جون ڀريون اڳيان آڻيندن، پر جي ڏڪار هوندو ته به مينهن کي قوت ڪرائيندا آهن. مينهن کي جيترو به چارو چاريو ويندو، سو سڀ ٿورو. چوندا ڪين آهن ته ”ڍو جَهلي هڪڙي مينهن ٻيو ڀاڀڙو“، کير وارين کي ته سائي سڪي ڪُتر، کڙ، ڏارو، جنهن ۾ گوار، بوسو، چنو يا ڏريل اناج به هوندو آهي، کارائيندا آهن.

ڏُهائي/ڏوڀ ڪرڻ:

رات ڏينهن ۾ ڏُهائيءَ جون ٻه ويلون ٿينديون آهن، هڪڙي وچينءَ کان سمهاڻي تائين ۽ ٻي آڌيءَ لڙهيءَ کان پوءِ پهر سج مٿي چڙهيي تائين.

مال چارو پيو چرندو ته ڏهائي ڪندڙ کير جا سنڊ آڻي ڪٺا ڪندو، جن ۾ ساڙها، چؤنريون، ٽامي جست جا گهڙا، چؤنريون، ڪِيانَ، لوٽا، لوٽيون هونديون آهن. جڏهن ڏسندو ته کائي ڍؤ ڪيو اٿن، ته ڌوتل ڪو رڇ کڻي جنهن ۾ پاڻيءَ لپ پيل هوندي هٿ ۾ ڪندو، پوءِ وڇ يا پاڏو ڇوڙي ڇڏيندو جو ماءُ کي اچي ٿڻن ۾ ٿونا هڻي ڌائڻ لڳندو، کير ڏهائڻ جي لاءِ مڙي بيٺي ته يڪدم ٻاڙڻ ڪندو، يعني لار کي ڪن کان جهلي ماءُ جي اڳين ٽنگ سان ڍنگ واري رسي جي هڪڙي پوڇڙ سان وراڪيندو ٻئي پوڇڙ سان مينهن جون پويون ٽنگون ۽ پڇ ونگيندو. سُنڊ جي پاڻيءَ سان ٿڻ ڌوئي، سنڊ گوڏن جي وچ ۾ اُڀو جهلي، اوڪڙو ويهي. بسم الله ڪري ٿڻن کي مٺين جون ڀيڙون ڏيئي گوها ڪڍندو. ساڙهو ڀريندو ويندو. سرڳي هوندي ته کير بوهار ڪري پيو نڪرندو جي ڪراڍي يا ٻانڌار هوندي ته کيٽو ڪندي، ڇڙيون هڻندي ڏُهائي ته ڪرائيندي ڪين، پر جي ڪرايائين ته ڏاڍن سورن سان مڙندي. بَسوڪي يا وهڪي ويل ته ماڳهين ڪين مڙندي ۽ ڦر جي آرنڀ واري تي ڦر مري وڃڻ کان پوءِ ڏهائي واري کي گهڻي محنت ڪرڻي پوندي آهي. بُهائڻو يا کلڙي مڙهائي مئل ڦر جو بوتو ٺهرائي(1) اڳيان اڀو ڪندو جي اهو نه ٺهي سگهيو ته ڪاري گهٽيي جي پٺيءَ تي کير جون سيڙهون هڻي اهي چٽارائي ميڙائڻ جي ڪوشش ڪندو. ڀاڙيتي/ڀاڙڪ ڪندو يعني ”چاري کي کائڻ سان من مڙي پوي“، ”اوبڻ“ جي هوندي ”ڦر تي آر نه هوندس“، ته چاري تي مڙي پوندي. جي ڦر الياوڙو، تازو ڄاول هوندو ته ڏهندڙ ان جي ڪاڻ اوريا سوڪندو يعني هڪڙي پاسي وارا ٻه ٿڻ ڏهي وٺندو ۽ ٻيا ٻه ٿڻ لار جي لاءِ ڇڏيندو نه ته نچوئي ڏهندو، جيڪو ڦر ماءُ کي ڌائي نه سگهندو ته ان کي اُهائو يا هٿايو ڪندو يعني هٿن سان کير پيارڻ تي هيرائيندو. ڀٽاريون آمڻ يعني گهڻي چاري ملڻ تي کير وڌائينديون آهن. مينهن شل نه آرو ڪري، ڏهندڙ ڪيترائي وس ڪندو، پر لت هڻي بيهي رهندي. ڪڏهن ڪڏهن کير لاهڻ جي لاءِ مال کي ٻل ڏيندا آهن. ڇا ڪن جو ان جي سار ۾ ڦوڪ ڏين يا هٿ ڌوئي، سار ۾ اندر لنگهائي موئڙو گهمائين! ڪي ڪي ڏهائي ڪرائيندي ئي آراتيون/سنڍوڙيل ٿين [يعني ٻن مهلن بجاءِ فقط هڪ مهل تي ڏهائي ڪرائين]. هن مال جو گهڻي گرميءَ سببان کير گهٽ حاصل ٿيندو آهي. جنهن مان سمجهبو ته مال کي اُساٽ ٿي آهي. ڪي وري ٻيکر/ٻياکر هونديون آهن، ڪڏهن ڪڏهن مڙن ته ڪڏهن ماڳهين نه مڙنديون آهن.

تازي ويائل ڀٽاريءَ جي کير کي آلوڙو چون، جو ولوڙڻ ڄمائڻ جي ڏانءَ جو نه ٿيندو آهي. ان جو پس بنائي کائين. پورا ٽي ڏينهن تازي ويائل جو کير اوانڪو [ڪچو] هوندو آهي، جنهن جي ٻرهي ڪاڙهي پيئندا آهن ۽ جڏهن کير پڪو ٿيندو ته ڄمائڻ لڳندس. ان ۾ ٿورو سنڀاڻ يعني ڏڌ ڍُڪ وجهي انٻيڙيندا آهن. صبح جو ڄاول ڌؤنرو ولوڙي ڏڌ ۽ مکڻ ڪڍن. ماهي مال جي کير لاءِ مانڌاڻيون اُڀينگ [اُڀنديا] ٿين. انهيءَ کير جون ماٽيون اونڻ [کڏن] ۾ رکي اٿي بيهي ولوڙين هنن کي ٻه ٻه ماڻهو ولوڙيندا آهن.

بنان ڦرجڻ جي جيڪا مينهن کير ڏئي، ان کي سڪر سڏين. ٻي ڏهائي سوا پهر سج تائين ٿي ويندي آهي. اها ڪُڪُڙن جي دسن [دڦن] ٻڌڻ سان اٿي شروع ڪندا آهن. ٻنهي ڏهائين جو کير استعمال ۾ اچڻ کان پوءِ باقي ڪاڙهي يا ڪچو ڄمائي ڇڏين.

پرهه جو پٽن تي ڪن ولوڙا وايون.

ڍورن جون بيماريون ۽ علاج:

ماهي توڙي ڳائي مال کي گڏي ڍور سڏبو آهي. انهن جي اَوَسڙ يا علاج جو ڀاڳيا پاڻ بلو ڀيڻي ڪندا آهن.

سمهڙو:

هن بيماريءَ ۾ ڍور جو وات ۽ کر جهلبا آهن، وات چوري پوري نه سگهندو آهي، پيرن ڀر بيهي نه سگهندو آهي، وات ۽ پيرن جي کرانڊين ۾ ڪيڙا پئجي ويندا اٿن، جي علاج نه ڪبو اٿن ته چڙي چڙي مري ويندا آهن.

علاج:

وات ۾ سمهڙو ٿئي ته ڪُڪُڙ جو بيضو ڀڇي وات جي اندران مالش ڪجي، ته ٻن - ٽن ڪلاڪن کان پوءِ جانور اوڳر ورائيندو ۽ اٿي گاهه چرندو. لوڻ جي تري ڀري ڍور جي تارونءَ کي هڻجي ۽ ان جي پيرن ۾ گاسليٽ نائجي يا فنائل جون گوريون ڀوري پيرن اندر ٻرڪجن، ڌان [وکر] پساريءَ کان وٺي، اهو سڱن تي مالش ڪجي.

ڪيڙا پوڻ:

جنهن ڍور کي ڪيڙو پوندو، ان جو رت اوچتو ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳندو آهي.

علاج:

ان جاءِ تي کانار ڪري سوئي سوئي ڪيڙو ڪڍي وٺجي. ڊي - ڊي - ٽي پائوڊر جو ان جاءِ تي ليپ ڪجي.

اڀامڻ:

ڀرجي پوڻ/آڦرجڻ: ڪو وهٽ گهڻو گاهه کائيندو آهي، ته ڀرجي پوندو آهي، خاص طرح لوسڻ کائڻ سان ويچارن گگدامن سان جهٽ ٿي پوندو آهي.

علاج:

ان لاءِ ڪوشش ڪبي آهي، ته اوڳر ورائي ته پيٽ هلڪو ٿئيس. وات ۾ اڪ جي ٽاري وجهي چٻاڙائين، نسوار اکين ۾ وجهن، ڪي نڙيءَ مان ٻانهن اندر لنگهائي گاهه جا مچن جا مچا ڇڪي ڪڍي وٺن. يا ڪک ۾ ڏانٽو هڻي اوجهري ڦاڙي ان مان گاهه ڪڍي، وري ٽانڪو هڻي، مٿان ڊي - ڊي ٽي پائوڊر ٿڦي ڇڏين، ته ڦٽ ڇٽيو وڃي.

کنڀ واءُ:

ڍور چاري سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن پکين ڪڪڙن وغيره جا کنڀ به چري ويندو آهي ۽ آڀامجي پوندو آهي.

علاج:

پراڻو ڳڙ ۽ پنير ڪاڙهي پيارجي. مٿان ڪپڙو وجهي ڇڏجي، پگهر ورندس يا ٽيڪون هڻندو ته ڇٽي پوندو.

ڪارو واءُ:

هيءُ مڪڙ وانگر ڊگهو سائو جيت آهي هن کي بيبيءَ جو گهوڙو به ڪوٺين: وهٽ هن کي گاهه ڄاڻي کائي ويندا آهن ۽ اڦرجي پوندا آهن.

علاج:

ڍور جي ڪنن جي چوٽين کي ٽڪو ڏيئي ڪارو رت ڪڍندا آهن. آليون ليون تن جو مچ ٻاري انهيءَ جي دونهي جو واس ڏجي. وهٽ کي بند جاءِ ۾ رکجي جئن واءُ نه لڳيس مٿانئس ڳوٿرا ٽپڙ گِڊ وغيره وجهي ڇڏجن پگهر اچڻ تي خاصي فرحت ٿيندس.

گهٽي گوگهي: هن بيماريءَ ۾ ڍور کي نڙي ۾ ڳنڍ [ڳوڙهو] نڪري پوندو آهي. جانور ڳاٽ سڌو جهليو دانهون رنڀون ڪندو وتندو آهي.

علاج:

ڪاپار تي ڏنڀ ڏجي ڇٽو ته واهه نه ته اهو لاعلاج مرض آهي.

ٿڌي:

هيءُ ڍورن ۾ هڪ ماتا جي قسم جي بيماري آهي.

علاج:

هن جي لاءِ چيڪلو ڦيرائين، مصحف مال جي وٿاڻ تي رکن. پر لاعلاج مرضن ۾ هيءُ پڻ شمار ٿئي ٿو.

ويائل ڍور:

ويامڻ کانپوءِ ڍور کي گهڻي تڪليف هوندي آهي.

علاج: هن کي ٻاجهر جا ڪوهر ڳڙ سان رڌي کارائجن، ته ڄر نڪري ايندي ۽ رت پت ڇڏي ويندو.

ڦر جو پيٽ ۾ مرڻ:

بعضي ماديءَ جي پيٽ ۾ ويامڻ کان اڳ ڦر مري ويندو آهي.

علاج: هنجهو، واهو، ڳڙ  جاڻ گهوٽي پيارجن، ته مئل ڦر ٻاهر اچي ڦهڪو ڪندو.

ڇن: مال هڪٻئي کي اوکلون هڻندو آهي، وڙهڻ مهل ڊيهه ٿونا زورائتا هڻندا آهن، اهڙي حالت ۾ بعضي اندران اندر مال جا آنڊا وچڙجي پوندا آهن.

علاج:

ڦٽڪي ۽ هيڊ تازي ڏڌل کير ۾ ملائي پيارجي.

اوگهر يا انگهارو:

مال جو اوهه سڄي پوندو آهي، ۽ منجهانئس پاڻي پيو سمندو آهي. چون ته ”ارهڻ“ ٿي پيو اٿس.

ڦرَ جو اَمهاڙو اچڻ:

ڪن مادين جا ڦر منهن کان اچڻ بجاءِ پٺ کان سارِ مان نڪرندا آهن ۽ پوءِ ڦاسي پون ۽ نڪري نه سگهندا آهن.

علاج:

جي ڦرُ جيئرو هوندو آهي، ته ڏاهو معالج هٿ ڌوئي هن کي سڻڀ مکي هٿ سارِ مان اندر لنگهائي ڦر کي سمهاڙو ڪري ڦيرائي ڪڍي وٺندو آهي، پر جي ڦر مئل آهي ۽ ڦري نٿو سگهي ته پوءِ ان هٿ ۾ تمام تکو کرو کڻي هوشياريءَ سان ڦر کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ٻاهر ڪڍي وٺندوآهي. هيءُ تمام نازڪ ۽ هوشياريءَ جو ڪم آهي، جنهن تنهن کان ٿي نه سگهندو آهي.

اهنڊ ٿيڻ:

نر وهٽ ڪو مارڻو/اؤنٿرو جيڪو رڳو پيو پنبندو آهي ۽ ويجهو اچڻ ڪين ڏيندو.

علاج: ان جا آنورا ڪڍائي/چپائي کسي [خصي] ڪرائي ڇڏين، يا ته ڪن کي نٿ ٽوپين - ڇا ڪن جو ڪاٺ جو سؤ گهڙي اهو نڪ جي بينيءَ ۾ هڻندا ۽ پوءِ نڪ مان ڪڍي ڏاس جو ڏورو نڪ ۾ وجهن. نڪ ٽوپڻ مهل وهٽ کي وڻ سان ڏاڍو ڪري ٻڌو ويندو آهي.

وروهي: هيءُ جانورن جي لاءِ هڪڙي قسم جو بخار آهي.

علاج:

مال جي پٺيءَ تي کرڙي پکيڙي وجهي ڇڏين، ته پگهر ٿئين، ۽ ڪارن مرچن جو دونهون نڪ ۾ ڏين.

اڀرو ڍور ٿيڻ:

ڪي ڍور کاڌي جا سچر ٿين جيڪي کائين سو جلد هضم ڪري وٺن، پر ڪي ڏچر هوندا آهن يا ريج جي بيماري هوندي اٿن، ته هرگز ڪين مچن.

علاج:

اڀري ڍور کي اوتڻي/ڍڪ ڏين يعني تيل ڏڌ گڏي پيارين ريج جو علاج به ڪن.

رڍ - ريڍو مال:

”رڍ ڇا ڄاڻي راڳ مان، ٻولي جنهن جي ٻي“

هن دنيا ۾ پهريائين هڪ دنبو بهشت مان آيو ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي قربان ٿيڻ بدران ذبح ٿيو.

رڍن کي ريڍو مال ڪوٺجي ٿو. رڍ ۽ ٻڪري گهڻين عادتن توڙي لڇڻن ۾ هڪجهڙيون آهن. ٻڪرين کي برڪتي مال ڪوٺيو ويو آهي، ته رڍن ۾ به برڪت جي گهٽتائي ڪانهي.

رڍ ڇهين مهيني ويامندي آهي. مادين سان گڏ نر به پيا چرندا آهن، هن جي ڦرجڻ جي ڪابه موسم ڪانهي. ڦرن کي دنبا دنبيون، گهيٽا گهيٽيون، گڊا گڊيون نالن سان سڏيو ويندو آهي. سڀني ڦرن کي گڏي سَسُون سڏين.

هتي سنڌ ملڪ ۾ ريڍي مال جا ٻه قسم آهن: هڪڙو سڱر پڇُر جنهن جي نر کي دنبو ماديءَ کي دنبي ٿو ڪوٺجي ۽ ٻيو ٺوڙهو مال، جنهن جي نر کي ڪُڪُو ۽ ماديءَ کي ڪُڪِي ٿو ڪوٺجي. عام طرح سڀني کي رڍون چئبو آهي.

سڱر پڇڙ:

گهڻو ڪري ڪوهستان جي ڀاڱي ۾ ٿيندا آهن. هنن مان ڪن ڪن نرن کي ٻن جي بجاءِ چار سڱ به ٿيندا آهن، پر مادين کي رُڳي ٻه سڱ هوندا آهن. رڍن سڀني جا گهڻو ڪري ٻوٿ ڪارا ٿين ٿا، پر ڪن جا ٻوٿ ناسي رنگ تي يا اَڇا به هوندا آهن، پر پهاڪي ۾ چون ته ”رِڍون، مڙئي ٻوٿ ڪاريون“ جبل ۾ ريڍي مال کي پاهو مال سڏين ۽ رڍ کي پهون به چوندا آهن ۽ هن جي چاريندڙ کي پهنوار ۽ رڍ جي چاريندڙ کي ريڍار نالن سان سڏيو ويندو آهي. رڍ کي ايل به چوندا آهن، تنهنڪري انهيءَ جي چاريندڙ جو ٽيون نالو آهي ايلپهنوار.

جاتي لاڙ ڀاڱي ۾، جيڪي ڳاڙها ڪُڪا ٿين تن کي ٿري توڙي سنڌي ماڻهو ”رڇون“ چوندا آهن ۽ ٿر جا ٿري پنهنجي ڀاڱي جي اڇين رڍن کي ”ڀاروڙيون“ ڪوٺين.

جيسلمير جي کاڏار واري ڀاڱي جي رڍن کي ”کاڏاري“ ڪوٺيو ويندو آهي. هنن جا پڇ گڏهه جي پڇ جيڏا ڊگها ٿيندا آهن.

رڍن توڙي گهيٽن جي وارن کي، جي ڊگها هجن ته ”اريٺ“ ۽ ننڍا هجن ته اُنَ ڪوٺيو ويندو آهي، ۽ جڏهن اهي وار رڍ جي بدن تان ڪتري لاٿا ويندا آهن، ته ان کي پُٺي چون ۽ نر جي بدن تان ڪتريا ويندا آهن، ته اُن کي پُٺا سڏين. پٺيون ۽ پُٺا وڪوڙي ڌار ڌار رکن.

اُن جڏهن ڪتبي آهي، ته ان جي تند کي ”پيڻ“ سڏبو آهي ۽ اڻ ڪتيل کي پهو يا پانڌو چئبو آهي. اُن کي جڏهن سٽي ڪٽي ڌوئين ته اُن کي ”ٻيبرڪ“ سڏين ۽ جڏهن سڪي صفا ٿئي، ته اروڻي ڪوٺين ۽ رڱجڻ کان پوءِ ”پشم“ چونس. اُن يا پٺي ڇهين ڇهين مهيني ڪتري لاهيندا آهن. اَيون، سڀني رڍن توڙي ٻڪرين کي گڏي سڏيو ويندو آهي. اُري يا اُريون، رڍن جا هڙئي قسم جن ۾ دنبيون ۽ گهيٽيون به اچي وڃن ٿيون. ايبري، کيري رڍ جو نالو آهي، پر اُرڀ يا اورنب جيڪا رڍ ڦرجڻ کي ويجهي هوندي آهي ان کي چوندا آهن.

رڍن جا قسم هيءُ آهن: اوٺي رڍ، هن جي بدن جو رنگ ۽ ڪن هوبهو اُٺ جهڙا هوندا آهن.

ٻُسري: ننڍڙن ڪنن واري رڍ، ٻوهڻ به رڍ کي چون.

ايڙڪ: ويڙهو گهيٽي/وڏي دنبي کي سڏيو ويندو آهي.

بچي ٻوٿ ڪاري: هن رڍ جي کاڏي تي ڊگهن وارن جو مچو هوندو آهي.

بيماريون: رڍن توڙي مينهن جون بيماريون بلڪل ساڳيون آهن.

بيان: اڀري دنبي/گهيٽي جي دنب/پڇ متاري ڪرڻ جي لاءِ اُن جي پڇ جي چَڏن واري لسي پاسي کي جنڊ جي پهڻ سان ٿورو گهي، پوءِ ٽي مهينا هن کي چڻا پسيل ۽ گاهه کارائبو ته دنب جي چرٻي پندرهن - سورهن سير تور ۾ ٿي ويندي.

دنبي جي پڇ جي هيٺئين پاسي واري کل اهڙي ته سنهڙي ٿيندي آهي، جو هن کي ڪتي جو نوهنڊڙو لڳي ويو، ته سڄي ڄمار اهو ڦٽ نه ڇٽندو ۽ چؤڙا کائي مري ويندو.

رڍ کي پوين ٽنگن جي پؤتان ٿڻ ڇڪي ڏهبو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڏهائيندي ڦولهڙيون به لاهي وجهندي آهي، جي کير ۾ وڃي پونديون آهن. ان تي پهاڪو ڏين ته:

”رڍ کير ڏي پر ڦولهڙين آڌيار“.

هن جو کير گهاٽو ۽ مکڻياتو ٿيندو آهي،تنهن کان سواءِ ملي  به هوندو چوندو آهي، يعني هن جي کائڻ سان بدن تي ملو ۽ ڦٽ ڦرڙيون نڪري نروار ٿيندا آهن. حڪيم ريڍي کير ۽ گوشت کائڻ جي بيمارن کي منع ڪندا آهن، ڇو ته هن جو کير ۽ گوشت پراڻيون بيماريون به اٿلائي رکندو آهي. ماتا يا سيتلا جي بيماري واري کي ريڍو کير گهڻو پياريو ويندو آهي، ته سندس بدن مان ماتا جون ڦرڙيون ڀرجي نڪرن.

رڍ جي آواز کي ٻيڪاٽ/ٻي ٻي سڏين. هن جو کاڌو هرگاهه، ٻوٽو، ڦل ڦول آهي. گهيٽو چوندو آهي ته ”اُٺ چري ٻٽيهه پر آئون چران ڇٽيهه“ ڪوبه ٻوڙو سئين  لڱين ڌرتيءَ تي نه ڇڏيندو آهي. رڍ ۽ گهيٽو اهڙا ته هوشيار جانور آهن، جو ڏکئي کان ڏکي چاڙهي ۽ ترڇن آڏن پاسيرن لڪن تان به بي ڊپا پيا هلندا ڊوڙندا آهن. هي مال نرا کڻي مٿي ٻڪرين وانگر ڪين چرندو آهي، پر منهن سدائين هيٺ ڪيو پيو پيٽ پاليندو آهي. هنن جو پاڻ ۾ جهيڙو جنگ ڪانه ٿئي. هڪڙيءَ وڙهڻ جو خيال ڪيو ته ٻي امالڪ ڀڄي ويندي. چوندا ڪين آهن ته فلاڻو جهڙي رڍ ڏٺوَ.

ڪي ڪي ماڻهو اپڙڪ گهيٽا پالي تاتي ويڙهائيندا آهن ۽ بازيون کٽندا آهن.

وچولي:

هي مال حلال آهي، تنهنڪري هن کي ذبح ڪري گوشت کي کائين. خاص طرح سنڌ جا ماڻهو ريڍي گوشت کائڻ کان ڪؤ ڪندا آهن. لاچار کان سواءِ ڪونه چکن متان ڪنهن بيماريءَ ۾ ٽڳڙجي نه پون. اهو ڀؤ دل ۾ سدائين هوندو اٿن. هن وقت پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ ٽيهه لک رڍون موجود آهن.

ٻاڪرو مال:

”ٻڪر ٻاٻاڻن جا ولر ڪيو ٿي واري، ڳڻتي اباڻن جي مون کي ٿي ڳاري!“

هيءَ کير ڏيندڙ مال ۾ شمار ڪئي ويندي آهي. ٻڪري برڪت وارو مال آهي، هڪ کان وٺي چئن ڦرن تائين ڄڻيندي آهي، ۽ هر ڇهين مهيني ويامندي آهي. ٻڪريون نبين سڳورن چاريون ۽ ڌاريون آهن.

ٻڪري کي جڏهن ٻڪر ٻور (آواز) ڪري ٻوڪيندو آهي، ته سڄي ڏوڙي ٿي ويندي آهي. هن جي نر ڦرن کي مملو، شملو، ليلو، ڇيلو، باگار، ٻوڪ، لائو [لاڳڙ جو ٻڪرين تي پوي]، ٿير ۽ سانهه ٻڪر سڏيو ويندو آهي، ۽ مادي ڦرن کي ميمي جيڪا مهيني کن ڄمار جي هجي، ڇيلي جا ٽن مهينن جي هجي، پٺ سال ڏيڍ جي ۽ ائٺ يا اوٺ جا لڳڻ يا ڦرجڻ جي ايامڪاري ۾ هوندي آهي تنهن کان پوءِ ٻڪري ڪوٺين.

ناري پاسي ٻڪريءَ جي ليلي/ليليءَ کي عمر جي حساب سان هنن نالن سان سڏين.

1. ڌاوچ [کير پئيندڙ] 2. کڙهي [پن ۽ گاهه کائيندڙ ۽ کير پيئندڙ]
3. پن چري [پن چرندڙ]، 4. ڇيلي [ڏيڍ سال جي]، 5. پٺ [ٻن سالن جي]،
6. ايٺ [ٻه ڏندي]، 7. پهريات [پهريون ڦر ڄڻيندڙ]، 8. ٻڪري [مڪمل ٻڪري]. ساڳيءَ ريت ليلو، ڌاوچ، کڙهو، پن چرو، ڇيلو ۽ پوءِ ايٺ [ٻه ڏندو] ٿي ٻڪر سڏبو آهي(1) .

نالا: ٻڪري کي ائي، ايمي، ڇارڪي نالن سان به سڏيندا آهن.

ڄمار:

ٻڪرين جي ڄمار پڻ ٻين جانورن وانگر ڏند مان ڏسي ڪٿبي آهي. پهرين کير ڌائڪ ڦر، کيدو يا کيرو، کپر ڇڏيندڙ ارڙو، پوءِ ٻڙانڊي، ٻڏندو، چوڳو چؤڏندو، ڇڳو ڇهه ڏندو وغيره. پوءِ مڙيل، جنهن کي ٻه ڪليون ڦٽي نڪرنديون آهن. ٻڪريءَ کي اَٺ هؤڙون مٿان ۽ هيٺان اَٺ ڏند نڪرندا آهن. حلال جانورن سڀني ۾ ڄمڻ وارا ڏند ڀڄندا ويندا آهن، ۽ انهن جي جاءِ تي ڇهن مهينن کان پوءِ جوڙي نون ڏندن جي پئي نڪرندي آهي، جا اٺن ڏندن يا چئن جوڙين تي وڃي ختم ٿيندي آهي. جيئن ڏند نڪرندا ويندا ته چوندا ته آماهجي پئي. ٻن سالن واري کي اَئي چوندا آهن.

ٻڪرين جا قسم:

سنڌي، ڪاموري، لاکي، بري، ٿري، بڊي، بربري، بوتري، جابلي، ڪاڇڻ، ٽاپري.

سنڌي:

قد جي پوري پني، کير ٻن سيرن تائين ڏهائيندڙ سندس رنگن ۾، ڪاري، ڪيٽي، ميٽي/اَڇسري، بگي، سفيد ڀولي [ڀوري رنگ واري]، نيري [ڪجهه ساواڻ تي]، چانهين [سائي ميرانجهڙي]، پٽوري، [جنهن جي ڇاتي ۽ پيٽ اڇو ٿئي]، ڪمري يا چٽڪمري (اڇا ۽ ڪارا يا اڇا ۽ ڳاڙها دٻڪ دٻڪ هوندا اٿس]، ٽڪڙي، [منهن تي اڇو ٽڪو يا بانو هوندو اٿس]، ٽپري يا ٽاپري [پيٽ ڪارو پٺا اڇا ۽ پير به اڇا هوندا اٿس]، مڪڙي [جنهن کي ڳلن ۽ اکين وٽ ڳاڙها لينگها هجن]، ٻولاهي [منهن جو گهڻو حصو اڇو هوندو اٿس]، ان کان سواءِ ڪاري، ناسي ۽ ڳاڙهي رنگ جون به هونديون آهن.

ڪاموري:

هن جو نسل ايران، عراق ۽ عرب ملڪن جي ٻڪرين ۾ ڏٺو ويو آهي، هيءُ قداور ٿين. مهل تي چار سير کن کير ڏهارائين. هنن جا ڪَنَ ۽ ٿڻ ڪارا پر ڊگها وڏا ۽ هيٺ گهڻو لڙڪيل هوندا آهن. رنگ جون ناسي، ڪاريون، چٽڪمريون ۽ دٻڪن واريون به ٿينديون آهن. هنن جو کير مٺو هوندو آهي. منجهس ٻڪراڻي ڀٽ نه هوندي آهي. هنن جو کير مکڻياتو ٿئي ۽ ڄمائيندا پڻ آهن. ڪام اها گول ڪاٺي جيڪا جاءِ جي مهاڙي ۾ وجهبي آهي. هنن جا ٿڻ به گول ڪامن جهڙا آهن تنهنڪري ڪاموري نالو ڏنو اٿنس.

لاکي:

هيءَ ڪاموريءَ کان قد ۾ لاٺيري ٿيندي آهي. ٻه - اڍائي سير کير ڏهائي ڪرائيندي آهي. هن جا ٿڻ ڳئون جي ٿڻن جي رنگ جهڙا ڳاڙها ٻُڙ ٻُڙ وارا هوندا آهن، هن جا ٻيا قسم بيرڪ ۽ بوتري آهن.

بري:

بري ٻڪري قد جي ننڍڙي ۽ هلڪي، ڏسڻ ۾ وڻندڙ، کير وڌ ۾ وڌ اڌ سير کن ڏيندڙ. هن جو کير نهايت طاقت وارو آهي ۽ دوائن ۾ گهڻو ڪتب ايندو آهي. هن نسل جي ٻڪريءَ کي سندس نسل جو ئي ڇيلو ڦريندو ته ويامي سگهندي، پر جي ڪنهن ٻئي نسل جي ٻڪرَ ڦري ته ويامي ڪانه سگهندي ۽ اڦٽ مري ويندي، تمام نازڪ ۽ نفيس بنياد جي آهي. سندن سڃاڻپ لاءِ ڪي قسم هيءُ آهن: بگي بري [رنگ اڇو، ٽنگون ننڍڙيون، ڪن ننڍڙا ۽ اڳتي وريل البت ٿڻ وڏا هوندا اٿس]، اڇي بري [وار ننڍڪا، ڪن کڙا، بعضي وارن ۾ ناسي يا ڳاڙهي رنگ جي ٻُر ٻُر به هوندي اٿس]، ڳاڙهي بري [هن جا وار به ننڍڙا هوندا آهن]. ڪل برين ٻڪرين جا قسم هت ڏجن ٿا: ڪيٽي بري، ڏوڙاڪي بري، ڀوري بري، جهري بري، ڪاري بري، بگي بري، ڳاڙهي بري، وانڱڻائي بري، هيڊي بري، ڪٻري بري، ٽاپري بري، بادامي بري ۽ چيني بري.

”بريون ٻڪريون سڱن واريون ته بنا سڱن جي به هونديون آهن، بريون اڇيون، سال ۾ ٻه ڀيرا ويامن، انڪري ڪي ”اجڙوال“ اهي شوق سان ڌارين جو هنن جو نسل گهڻو وڌندڙ آهي.“(1)

جبلي ٻڪري:

هيءَ قد جي ننڍي بدن تي بج، گهاٽا وار ڊگها، ڳچيءَ ۾ ٻه لڙڪا جن کي جبلي ماڻهو چوڙا چون. اهڙين ٻڪرين کي چوڙيليون ڪري ڪوٺين. هي ميٽوڙي رنگ جون ٿين ٿيون. گهڻو ڪري سڀ جاڙا يا جڙوان ڦر ڏينديون آهن(2) .

ٿري:

هيءَ به قد جي ننڍي ۽ بوجري، کير گهٽ ڏيندڙ گهڻو ڪري ڪوس جي لاءِ ڌڻن جا ڌڻ وڏن شهرن جي مال جي پڙين تي وڪري لاءِ بيٺل ڏسڻ ۾ ايندا آهن.

مڱياڻيون/وڱياڻيون:

”ٻڪرين جو هيءُ قسم هالا، سانگهڙ، ٽنڊوآدم ۽ ٺٽي پاسي جا ڌنار ۽ مالوند شوق سان پالين، هنن ۾ ڪيترائي رنگ آهن، جنهن ۾ ناسي ۽ ڪارو هوندو آهي. هنن جا ڪن اڇا هوندا آهن.

ٻڪرين جي هن قسم کي ڪاڇڻ به چوندا آهن، ڪاريون ڪاڇڻيون، کير ۽ گوشت جي حساب سان سٺيو ليکيون وينديون آهن.“(3)

بگي تُوري:

”هيءُ نسل سنڌ ۾ ايترو عام ڪونهي، ڪن شوقين ڀاڳين وٽ اهو نسل ڏٺو ويو آهي، اهي سڄيون اڇيون، سڱ اُڀا ۽ وڪڙن وارا، قد وڏو ۽ سهڻيون هونديون آهن. ٽنڊي الهيار پاسي جي زميندارن وٽ هنن جو نسل اڄ به موجود آهي، چوندا آهن ته اهو نسل ابن بطوطه نالي سياح سنڌ ۾ آندو هو.(1)

ڪنن موجب سڃاڻپ جا نالا:

ليڙي [ڪن ڪارا ويڪرا ۽ ڊگها هوندا اٿس]، بوتي يا ٻوٿي [ڪن ننڍڙا هوندا اٿس]، لهري [ڪن ڪارا، سوڙها ۽ ڊگهيرا اٿس]، لپي [ڪن ڪارا ويڪرا پر ننڍڙا اٿس]، پتني [ڪن ڪارا سوڙها انچ کن ڊگها اٿس]، ٻندي [ڪن ڪارا سنهڙا ٻه انچ ڊگها]، ڪزي، قضي [ڪن ڪارا سوڙها چار انچ ڊگها]، ٻوري لهري [ڪن اڇا سوڙها ۽ ڊگهيرا]، ٻوري لپي [ڪن اڇا ويڪرا ٿورا ننڍيرا] ٻوري ليڙي [ڪن اڇا ويڪرا ۽ ڊگها]، ٻوري [ڪن اڇا ۽ انهن تي ٻُر قُر هوندي اٿس]، ٻسري [ڪن اڇن چٽڪنوار ٻه انچ ڊگها] اوٺي ڳلهي [ڪن ڳاڙها چا رانچ ڊگهيرا]، هرڻي [ڪن اڇا، ڪنوٽيون وريل ۽ اُڀا وار] ٻوٽار يا ڪري [ڪنن ڪٽي]، اينڌڪي [اڇي رنگ واري]، اڇوني [رنگ ڳاڙهو، ڪن اڇا، کير جي ڀلي]، ٻولهائي [رنگ ڪارو بت تي ڊگها وار، ٿڻ ڊگها، سڱ پورا پنا ۽ وريل قد پورو پنو] ٻيون آهن، اڇي چانهين ۽ بؤنري ٻڪريون.

سڱن موجب سڃاڻپ جا نالا:

نهري [سڱ وڏا ۽ مٿي اُڀا]، ڪوسي يا گوشي [سڱ تاسارا ۽ ٿورا مٿڀرا اُڀا] اڇوني ريڍي [رنگ ڪجهه ڳاڙهو، ڪجهه ڪارو، ڪجهه اَڇو، سڱ سنوان ۽ ڊگها، ٿڻ پورا پنا]، بهري [وڏن سڱن واري]، تاساري [سڱ پوئتي لڙيل]، ڪنڍي [سڱ ڪنڍي يا چوڙي وانگر وريل] ڏٻي [هڪڙو سڱ هيٺ لڙيل ٻيو سڱ مٿي اُڀو اُٿيل] دُڏر [انچ کن سڱ مغز ۾ گتل] ٺوڙهي [بنان سڱن جي موڏي]، ٺونٺي [هڪ سڱ ڀڳل]. ٻيا ٻڪرين جا نمونا ڪمري، ڪوراڙي، ڦلڦلي رنگن ڪري نالا ڏيندا آهن.

ٻيون حالتون:

اوهيل [جنهن جو اوهه نڪري آيو هجي] ويامو [ڦر ڏيڻ جي ويجهي هجي]، آلوڙي [تازي ويائل] سئا [گهڻن ڏينهن جي ويائل]، پهريات يا اينوڙي (پهريون ڀيرو ويائل)، ڪانگهاري [گهڻو وقت کير ڏهائيندڙ ۽ کير پڇاڙيءَ ۾ کارسرو ڏيندڙ]، ڦنڊي [کير نه ڏيندڙ نڪي ڍُڪي ٿيل]، ڍُڪي [ڦريل، ٻڪر مٿس چڙهيو هجي ۽ پيٽ ۾ ڦر قرار وٺي چڪو هجي]، تاندوري، يا ٽانبوري يا ٽنبيل يا ٽٻيل [جنهن ويامڻ جي ايام کان اڳ ڦر ڪيرائي ڇڏيو هجي] سنڍ يا مُناوَڻ [جيڪا ڦر صفا نه جهلي]، اِنڊي [بنان لڳڻ بنان ويامڻ جي کير ڏهائي اهو کير مڪروهه سمجهيو ويندو آهي].

ٻڪريءَ جي ويم بابت:

ڪي ٻڪريون سمهاڙيون ويامن يعني سندن پيٽ مان ڦر سنئون سڌو ٻاهر نڪرندو آهي، پر ڪي آمهاڙيون ويامنديون آهن يعني ڦر پيٽ ۾ ابتو ٿي ويندو اٿن ۽ ڄڻڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي اٿن. ڦر پٺيرو ٿي ويندو آهي. پهريائين پولهه ٻاهر ڪڍڻ لڳندو آهي، جو نڪري نه سگهندو آهي، ڪاريگر ۽ ڄاڻو ماڻهو ٻڪريءَ جي سار ۾هٿ سڻڀو ڪري وجهي، ڦر کي سبتو ڪري ٻاهر ڪڍن جي مري ويل هجي، ته کرو يا چاقو تکو هٿ ۾ جهلي ڦر کي وڍي ٽڪي ٻاهر آڻين. ٻڪريءَ جي دير سان ويامڻ جي لاءِ هيءُ علاج ڪن:

1. گهوڙا ول سڪل، جي اها نه هجي، ته سائي هٿ ڪري، ڪتري، رڌي پوءِ ٺاري پيارجي ته يڪدم ويامندي.

2. پراڻي ٻاجهري ڏري، ڪاڙهي پيارجي.

ويامڻ کانپوءِ ڳڙ ۾ ٻاجهر يا ڪڻڪ جا مٺا ڪوهر رڌي کارائجن، ته رت پت ڇڏي - ڦر کي به تولو کن ڳڙ کارائجي. تازي ويائل ٻڪري کي سندس آلوڙو کير پيارجي ته کير تمام گهڻو ڏيندي.

کاڌو:

ٻڪري جهنگ چري جيڪو وڻ منهن سامهون آيس ته نرا کڻي چڙهي وينديس، جيستائين ڳچي پهچنديس اوستائين پئي چرنديس، نِمَ ٻير، ٻٻر، اڪ وغيره ڪوبه ڪونه ڇڏي. گهر ۾ ڌاريل /پالتو ٻڪري کي ڏارو، گوار، بوسو، پاروٿين مانين جا ٽڪر پسائي کارائيندا آهن. پهاڪو ڏين ته ”ٻڪريءَ جو کير هن جي هؤڙ هيٺ آهي.“ مطلب ته جيترو چرندي، اوترو کير ڏيندي، ٻڪرين چارڻ جي لاءِ چالاڪ ۽ هوشيار ڌنار جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ کسڪڻ ۽ ڀڄڻ جي ڇوهي هوندي آهي. انجلي چرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، ڌنار پورو ڌيان نه ڏنو، ته ڀيل ڪندي نه گسندي. ٻڪرين جي مرد چاريندڙ کي، اَير، ٻڪرار، پهنوار، نالن سان سڏين، ڪا زال چاري ته ان کي ائياري چون. ٻڪريون ڌاريندڙ کي ڌراڙ/ڌنار چئبو: ٻڪرين جي ڌڻ کي اَيون پڻ چون. هن جي ڇيڻي کي ڦولهڙيون، پولڙيون، ميڱڻيون ۽ ڦوڱڻيون سڏين. ٻڪري جي آواز کي ٻيڪڙاٽ چوندا آهن.

ٻڪريءَ جو بيان:

ڍُڪي ٻڪري ولهه ۾ بيهڻ ڪري ٽُٻجي پوندي آهي، تنهنڪري ان جي لاءِ اولو يا ٻاڏ رکڻ ضروري آهي. هن جي تازن ڦرن اَلياوَڙا ۽ ننڍڙن کي لار ۽ ڌائيندڙن کي نوراپا، کير ڇڏيندڙن کي اوٽاڪ چئبو آهي. جيڪو ڦر هٿ سان کير پيارڻ تي هيرائجي، ان کي هٿايو يا اُهائو چون. ڦرن کي جنهن جاءِ ۾ بند رکجي، ان کي گوندو يا گندلو يا برٿو ڪوٺين، ۽ ٻڪرين کي جنهن جاءِ ۾ ڍڪجي، ته ان کي واڙ، ايواڙو، اَجهار/ايواڙو/لوڙهو به ڪوٺين. ٻڪريءَ جي ڊگهن وارن کي ڏاس يا بج ڪوٺين. اهي سال ۾ هڪ ڀيرو ڪتري لاهين ۽ ٻولانڊو يعني منڌل چونس. پوءِ وٽي رکن. ڏاس مان رسا، توبرا، کرڙيون، کاهيون، اوجا، پلاڻ، ٻورا ۽ فراسيون ٺهنديون آهن. ننڍڙن ڇيلڙن جي کلن مان دُهل ۽ ڌڪڙ مڙهبا آهن ۽ ان جي کل مان زيهون ڪڍي ڇڄ، گاگڙا ۽ ڪونڊا سبي ٽوپي ڏاڍا ڪندا آهن. ٻڪريءَ جي کل کي رڱي چمڙو بنائين. جنهن مان تمام گهڻو چمڙي جو سامان ٺهندو آهي. بوٽ، سپليپر، سپاٽا، چمپلون، پيتيون (پيگون) دستانا، موزا، ڪڙتا، بڊون، پخالون، ڪوٿرا، پرس يعني ٻٽون، فوٽ بال، والي بال، تنگ، هنن جا ڪور، بالاتنگ، [گهوڙن جا سنج گهوڙي گاڏين جي وهٽن جو سامان جنهن ۾ ٻين جانورن جي چمڙي کي به ڪتب آڻين ٿا] وغيره.

ٻڪري حلال جانور آهي، هن جي گوشت کي ٻاڪرو گوشت چوندا آهن. ننڍي ڇيلي جي گوشت کي حلواڻ چون. ٻڪريءَ جون ڦولهڙيون ۽ مٽانگون ڀاڻ طور ٻنين ۾ استعمال ڪندا آهن. ٻڪريءَ جي اوجهري ويائل زال کي کارائين ته ٿڃ گهڻي ٿيندي اٿس. اڳي بخار واري يا بيمار ماڻهوءَ تي ٻڪري ڪهي ان جي کل بدن تي چاڙهيندا هئا ته نئوبنو ۽ تندرست ٿي پوندو هو.

ٻاڪري کير جا فائدا:

* هيءُ کير ماڻهو کائين، ڄمائي مکڻ ڪڍن، جي ڪنهن ٻار جي ماءٌ کي ٿڃ نه هوندي آهي، يا ڇورڙو ٻار هوندو آهي، ته ان کي ٻاڪرو کير پياريو ويندو آهي.

* جيڪو ماڻهو ٻاڪرو کير کائي ۽ نم جي ڇانوَ ۾ رهندڙ هوندو، ان کي سلهه جو مرض ڪڏهن به ڪين لڳندو.

* پيشاب ۾ ساڙو ٿي پوي ته ٻاڪري کير ۾ پاڻي ملائي، لسي بنائي پيئجي ته ساڙو ڇڏي ويندو.

* وات اُٿي يا ڦلارجي پوي ته ِٻاڪري کير جا گوها وات ۾ هڻائجن ۽ ڪاڪڙو لهي پئي ته پڻ سيڙهون هڻائجن.

* اکيون اُٿن ته ٻاڪري کير مان ڪپهه جا پها پسائي اکين تي رکجن، ته ڇٽي وينديون.

* کوهه ۾ پونئرا پيدا ٿين ته پنج - ست سير ٻاڪرو کير کوهه ۾ وجهڻ سان سڀ مري ويندا آهن.

* مرداني طاقت جي لاءِ، بري ٻڪريءَ جي ٻن سيرن کير ۾ سفيد موصلي هڪ آنو، سفيد بهمڻ اڌ پاءُ ۽ مصري هڪ آنو ڪٽي کير ۾ وجهي ڪاڙهجي. جڏهن اڌ جيترو مال بچي ته لاهي ٺارجي. روزانو نيراني پنج تولا، بري ٻڪريءَ جي تازي کير سان وٺڻ سان طاقت/مردمي زور وٺندي، پر وچ ۾ جماع ڪرڻ کان پرهيز ڪري، جيستائين خوراڪ ختم ٿئي. دل جي طاقت واسطي، بري ٻڪريءَ جي هڪ پاءُ کير ۾ پنج ڇوهارا، ڏهه گورا بادامين جا، پنج ڪارا مرچ پسائي رکجن. اهي صبح جو ڏنڊي ڪونڊي ۾گهوٽي اڌ آني ماکيءَ سان گڏي کائڻ سان دل جي طاقت وڌي ويندي، اهو نسخو ٽيهه ڏينهن ڪرڻو آهي.

دماغ جي طاقت لاءِ، بري ٻڪريءَ جو کير اڌ سير، ان سان هڪ آنو ماکي ملائي رات جو روزانه وٺڻ سان ويهن ڏينهن ۾ دماغي طاقت مڪمل ٿي ويندي.

ٻڪرين جون بيماريون:

1. ڦيٽ/ڦڦڙي هن کي سوڙهيءَ گهٽ به چون. اوچتو ڌڻ ۾ ٻيڪاٽ ٿيندو، ٻيڪاٽ سان گڏ ٻڪري ڦٿڪي مري پوندي آهي.

2. اڄڪلهه آفريڪا جي هڪ بيماري پ پ آر سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهي، جنهن ٻڪري کي زڪام ۽ بخار ٿئي ٿو.

علاج:

هن مرض جي لاءِ کِپ جو ٻوڙو ڪڍي، ان کي ڪتر ڪري پاڻيءَ ۾ رڌي اهو پاڻي ڇاڻي ٺاري سڀني ٻڪرين کي پيارجي جيئن سير کن هرهڪ ٻڪري پيئي ۽ ٽي ڏينهن اهو علاج چالو رکجي. ٻيو ٻاجهر جا پراڻا ڪانا ساڙي انهن جي ڇار پاڻيءَ ۾ ملائي سڄي ڌڻ کي پيارجي.

سمهڙو:

1. پيرن جي کرن ۾ جيت يا جيوڙا پيدا ٿين ٿا، جنهن کان منڊيون ٿيو پون ۽ اوڳر به ڪانه ورائين.

2. هن جو علاج ٽيرامائسن (ائنٽي بائٽڪ) آهي.

علاج:

هن لاءِ واڙ ۾ واري وڇائجي ۽ هنن جي کرن جي چيرن ۾ گاسليٽ اوتجي يا فنائل پوري ٻرڪجي. ٻيو هيڊ ۽ سينڌو لوڻ ڪٽي بيل ۾ ساڙي لپڙي ڪري پيرن تي ٻڌجي.

گگهي:

هيءُ مرض نڙيءَ ۾ ٿئي ٿو. نڙي سڄي پوي يا نڙيءَ ۾ ڳوڙهو نڪرندو آهي.

علاج:

هن واسطي اُٺ جو هڏو ٻي ڪنهن جانور جي کل سان گڏ، ٻڪرين جي ڦولهڙيون ۾ ساڙي ان جي رک جي آڍ نڙيءَ تي ڪجي، ٻيو ڪنن جون ٿوريون ٿوريون چوٽيون ڪپجن. جيئن رت نڪرڻ ڪري ڳوڙهيءَ جو زور گهٽجي.

ماتا:

هن ۾ ٻڪرين جي بدن تي ڦرڙيون نڪرنديون آهن ۽ وار ڇڻي ويندا آهن.

علاج:

هن جي لاءِ ماکي، پپريون ۽ ڪارا مرچ، ڪڻڪ جي سڪل ڏاري سان گڏي کارائجن، ٻيو شيشن ۾ گرم پاڻي وجهي، سڄي بدن تي ٽاڪور ڪجي.

پيٽ جو سور:

هن سور جي سڃاڻڻ جي نشاني هيءَ آهي، ٻڪري کي اُٿ ويهه گهڻي ٿيندي ۽ ٻيڪون پئي ڪندي.

علاج:

هن جي لاءِ کير ٻاڪرو جيترو به ملي سگهي، ان ۾ لوڻ وجهي ڳاري پيارجي ته سور ڇڏي ويندو. ٻيو مٺو تيل ۽ ٻاڪرو کير گڏي پيارجي ته پيٽان ڇٽي پوندي ۽ سور ڇڏي ويندو.

آڦري:

گهڻي گاهه کائڻ سبب خاص طرح لوسڻ يا اناج گهڻي کائڻ کان پيٽ بمجي يا ٻڦجي پوندو آهي.

علاج:

هن لاءِ اڪ جا پن کارائجن ۽ ناس اکين ۾ وجهجي.

گر يا خارش:

بدن ۾ خارش ٿيڻ تي ٻڪريءَ جي کنهه کنهان پئي پوندي آهي.

علاج:

هن واسطي ٿوم ڪڻڪ جي اٽي ۾ ڳوهي کارائجي. وار ڪتري روزانا ڪار بالڪ صابڻ سان سوڍا ائش سان ٿڌو پاڻي مٿان نائي وهنجارجي.

پتو وڌڻ:

هن ڪري ٻڪري ڏٻري ٿيڻ لڳندي آهي ۽ کاڌو نه کائيندي آهي.

علاج:

کِپَ ڪاڙهي پيارڻ گهرجي ۽ پڇ مٿان منڌيئڙي وانگر ڏنڀ ڏيڻ گهرجي.

ڦِرڻو:

هن مرض کان ٻڪريءَ کي ڀوانٽي يا ڦيري ٿي پوندي آهي ۽ چڪريون پئي هڻندي آهي.

علاج:

ٻنهي سڱن جي وچ تي ڏنڀ ڏجي.

اک جو ڇلر:

اڪ جي رس جي اک کي لڳنديس ته اک ڪڙهي ڪڙهي ڇلر ڪري ويندي آهي ۽ نظر، ان اک جي ٻٽ بند ٿي ويندي آهي.

علاج:

کجيءَ جا ساوا پن گهوٽي، انهن جو پاڻي ٻه - ٽي ڏينهن اک ۾ وجهجي ٻيو نيرانو وات ۾ لوڻ وجهي، جيتري پڪ گڏ ٿئي اها اک ۾ وجهي اک کي مهٽجي ٻه - ٽي ڏينهن روز ائين ڪندو رهجي.

بت آڪارجڻ:

اڪ جي ٻوڙن سان کنهڻ ڪري ٻڪرين جو بت پچي پوندو آهي.

علاج:

ٻڪريءَ کي گهاٽو ميٽ ملي، سڄي بدن تي ٿڦجي.

تيڪ ٿيڻ:

ڪي ٻوڙا کائڻ جي ڪري ٻڪرين کي تيڪ ٿي پوندي آهي.

علاج:

ٻڪريءَ کي گهوڙاول ۽ کِپَ ڪاڙهي، ٺاري پيارجي.

وات پچڻ:

واڇن وٽ ڳوڙهيون ڳوڙهيون نڪرنديون آهن.

علاج:

ککر جو مانارو جيڪو پراڻو هجي، سو ساڙي، ان جي ڇار مکڻ سان ملائي ڳوڙهين تي ليپ ڪجي.

نوريئڙو ٿيڻ:

ڪنهن به ٻاڪري مال کي ڪن کان جهلي گهلبو، ته ڪن سڄي پوندو ان کي نوريئڙو نڪري پوڻ ڪوٺين.

علاج:

تنهن واسطي انچ کن ڪن جي ماپ چوٽيءَ کان به ڇڏي، باقي ڪپي ڇڏجي، ان جي ڦٽ ڇٽڻ جي لاءِ ڳائي ڇيڻي جي ڇار/بڀوت روزانه ڪن مٿان ٻرڪڻ کپي.

ڄوا:

ڄيون ۽ چچڙيون پوڻ: اهي باهه جي توَ تي ويهندڙ مال کي پوندا آهن. اهڙو ڪو ٻيو چچڙ ورتل مال جي انهيءَ هڪڙيئي واڙ ۾ ڍڪبو ته ان جا جيوڙا ڇٽل مال ۾ اچي پوندا آهن.

علاج:

مال جا وار ڪتري، ايريو پسائي ان جي پاڻيءَ جو بدن کي مک ڏجي ۽ پنج - ڇهه ڀيرا ائين ڪرڻ گهرجي.

ڳڙڪون پوڻ يا ٿڻ کڻڻ:

اوهه ۾ ڪٿي ڪو ڪنڊو يا ڪاٺي لڳندي، ته اهو ٿڻ خراب ٿي ويندو آهي ۽ منجهانئس کير نه اچي سگهندو آهي.

علاج:

ان جي لاءِ گهوڙا ول گهوٽي، ڇاڻي، مصري وجهي پيارجي، ٽي هفتا ائين ڪجي. ٻيو اوهه توڙي ٿڻن کي روزانه ترن جي تيل جي مالش ڪجي، ٽيون ميندي پسائي ٿڻن تي ٿڦجي.

کير وهڻ:

گرميءَ سبب يا گهڻي کير هئڻ سبب ٿڻ وهڻ لڳندا آهن.

علاج:

ٻاڪري کير ۾ اڌ جيترو لوڻ ملائي پيارجي، ٻيو گهوڙا ول ڪاڙهجي ۽ پاڻي جڏهن ڪڙهي ڳاڙهو ٿئي، ته ٺاري، سير کن روزانه پيارڻ گهرجي، اهو علاج ٻه هفتا ڪرڻ گهرجي.

اکين ۾ پچيون [چپيون] پوڻ:

هيءُ گرميءَ ۾ گهڻي مٽيءَ جي اکين ۾ پوڻ کان ٿينديون آهن.

علاج:

ٻاڪري کير جي لسي ٻڪرين کي پيارجي.

بوزارد:

هن ۾ ٻڪرين جا چپ ڦُٽي ڦاٽي پوندا آهن ۽ گاهه وغيره کائي نه سگهنديون آهن.

ٻيون بيماريون آهن:

بج/ٻرڪو/ٻاڪرڪٽو جنهن ۾ ٻڪري رڙ ڪري مري  ويندي آهي.

وڌيڪ فائدن واريون حقيقتون:

پاروٿيون مانيون، ڪڻڪ جو ڏارو، گوار ۽ سڻيءَ جي ٻج کائڻ سان ٻڪريون - کير وڌيڪ ڏينديون آهن. جنهن ٻڪريءَ جي بدن جي کل سنهڙي هوندي، سا کير گهڻو ڏيندي. ٻڪريءَ کي ٿورو چيلهه تي زور ڏيڻ سان ٻڪري جهڪي وڃي ته اها کيرائتي هوندي.

* ٻڪريءَ جو پتو ڪڙهندڙ آڱر جي ڏوڏي يا پور تي چاڙهبو ته ڦٽ ڦاٽي پوندو ۽ ڇٽي ويندو. پتي جي رس، مٿي جي سور لاءِ لوندڙين تي ملبي ته سور ڇڏي ويندو ۽ ڪن جي سور لاءِ ڪن ۾ وجهبي، ڏاٺ جي سور لاءِ هؤڙ تي ملبي ته فائدو ٿيندو.

* ٻڪريءَ جي جيري ۾ سرمو گهوٽي چاليهه ڏينهن تائين رکجي ۽ پوءِ اهو استعمال ڪجي، ته شپڪوري  ]شب خوري(1) [ ڇڏي ويندي.

ڪاسائي ٻڪريءَ جي دستي ران ڪپي، ان جو هيٺيون پايو وڍي باقي دستي توريندا آهن. ان جي جيتري تور ٿيندي ان جي حساب سان سڄي ٻڪريءَ جي گوشت جو چؤڻو ڪاٿو ڪندا آهن. جن ٻڪرين کي گهڻو کير ٿڻن ۾ هوندو آهي، ته کير کي روڪڻ جي لاءِ گهاڻ ڪندا آهن، يعني ٿڻن تي ڳوٿري چاڙهين يا ريڙن سان ٿڻن جون چوٽيون وڪوڙي ٻڌي ڇڏين.

ٻڪريءَ کي سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ]اج[ چئبو آهي. اجگر جيڪو ٻڪري ڳهي ويندي آهي، تنهن جو نالو به ان ڪري اج ٻڪري، گر ڳهندڙ رکيو ويو آهي. ٻڪرين جي ڌنار/ٻڪرار کي ]اجڙوال[ پڻ سڏيو ويندو آهي.

ٿوري وقت لاءِ ٻڪرين چاريندڙ کي وري ]اڳيار[ چون. ويهن - پنجويهن ٻڪرين جي ڌڻ کي ]براٽو[ چيو ويندو آهي. ٻڪرين جي ڦرجڻ جي خاص مند سانوڻي آهي. جنهن ۾ نر ٻڪرن جو ٻڙڪو/شهوتي آواز پري پري ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.

سگهاري تور پيدا ڪرڻ جي لاءِ ]جيئن ننڍڙا لاڳڙ ٻڪرا، ٻڪرين تي ٽپي نه سگهن[ انهن جي ٻونڊ ]آلت[ ڌاڳي سان ڇڪي ٻڌي ڇڏيندا آهن. ڪن ٻڪرين جي ٿڻن کي ”ٻنڊيندا“ آهن، جيڪي پاڻهي پنهنجو کير ڌائي ڇڏينديون آهن يا ٻوٿ تي ٻوٿاڙو چاڙهي ڇڏيندا اٿن. انهيءَ ٻوٿاڙي ڏيڻ کي ٻه ”ٻنڊو“ سڏين. بِر، اها ٻڪري سڏين جيڪا، ماڻهن کان به ٽهندي آهي. ”اڪوڙ“ اها ٻڪري، جنهن جا وار سال تي نه ڪتريا ويندا آهن.

--------


(1)  ڪن ڀولين جي بدن تي دٻڪ دٻڪ هوندا آهن، اکين جون پنجڻيون به اچيون سفيد هونديون اٿن.

(1) نظرثاني ڪندڙ طرفان واڌارو آهي. (ادارو)

(1)  اهڙي بوتي کي ٺوري چوندا آهن. (نظرثاني ڪندڙ)

(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

(2)  هرڻ ڪنهن لاکي ٻڪريءَ کي ٻوڪيندو آهي ته ان مان جيڪو گاڏڙ نسل پيدا ٿئي ان کي بري چوندا آهن. (ليکڪ)

(3)  نظرثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

(1)  رات جو نظر ڪم نه ڪرڻ واري بيماري. (ادارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org