سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو

باب: 10

صفحو :14

 

باب ڏهون

عام وندرون

اسان جي ديس ۾ ڪيترن ئي قسمن جون وندرون هيون ۽ آهن. هتي ڄمڻ کان پيريءَ تائين وندرن جون حقيقتون ملن ٿيون. ٻار ڄائو ته پهرين ان کي ڪوڏاڻا ڏين. ٿورو وڏيرو ٿيو ته رات جو ان کي ڪهاڻيون ٻڌائي پرڀائين، ان کان پوءِ خود ٻار پنهنجي واتان”ٻاراڻا ٻول“ ٻوليندو وتي. ڇڙيون ڇانڊ زالون، چتون يا طوطو ڌاري ان کي پاڙهين ۽ چتونءَ جون چانگارون ٻڌڻ تي خوش ٿين ۽ وندرن. مرد ڪڪڙن ۽ تترن کي ڌارين، تيارڪن ۽ ويڙهائين. منهن معرڪي آبت ونگار جنگ توڙي شادين ۾ هڪٻئي سان چرچا گهٻا ڪري پاڻ وندرائين. موالي نشي وٺڻ مهل صدائون هڻن ۽ ان کان سواءِ ٻاراڻي وهيءَ کان وٺي ٻڍاپي تائين ڪئين نمونن جون رانديون رونديون ڪري ماڻهو، پاڻ کي ڀائين.

ڪوڏاڻا:

ٻارڙي جي ڄمڻ شرط مائٽن جو من اڇلون کائڻ لڳندو آهي. ٻار کي ماءُ، ڀيڻ، پڦي، ڏاڏي ڪوڏاڻو ڏيئي پنهنجي محبت جو اظهار ڪنديون آهن. سـِـڪي پـِـني ڄاول يعني سڪيلڌي ٻار کي تمام گهڻا ۽ اثرائتا ڪوڏاڻا ڏين. جيئن ماءُ جي مونجهه ۽ درد تڪليف خوشيءَ ۾ بدلجي وڃي ۽ دلشاد رهيس. ڪوڏاڻا ٻڌي، پٽ ماءَ ته ڪپڙن ۾ نه پئي مائيندي آهي. وڏن ماڻهن خاص طرح پيرن، ميرن ۽ اميرن جي گهرن ۾ نرينو اولاد ديرائتو ۽ ٿورو ڄمندو يا نه بچندو آهي،انهن کي مائٽياڻين سان گڏ گوليون ٻانهيون، نوڪرياڻيون، چاڪرياڻيون، دايون ٻايون ۽ سائڻيون سڀئي واري وٽيءَ تي هٿن ۾ کڻي ڪـُـڏائي ڪـُـڏائي ڪوڏاڻا ڏينديون آهن.

ڪوڏ+ هاڻا، معنيٰ پيار جا جملا. هنن ۾ سچ پچ پيار محبت، آس اُميد ۽ زندگيءَ جي خوشيءَ جو سامان نقش ٿيل هوندو آهي. سرندَ ماڻهن جي ٻارن جي ڪوڏاڻن ۾ عشق بازي، شيل شڪار، بيپرواهي ۽ البيلائي جا راز رمزون ڄاڻايل هونديون آهن.

        ڪوڏاڻا نه رڳو پٽن کي ملن، پر ڌيئن کي مائرون ڏينديون آهن، ته سدا سکيون ستابيون، سوليون سهنجيون حياتي گذارين ۽ پنهنجيءَ هلندي چلنديءَ واريون ٿين.

ٻارڙو هونگڙيون ڏيندو ته ماءُ ٻلهار ٻلهار پئي ويندي. ان کي چمندي چٽيندي، اکيون پايو پئي ڏسندي، خوش ٿيندي، مـُـرڪندي مـُـشڪندي: منهنجو الهه جوڙيو، منهنجو الهه ڏنو، مون تي رب جو ٿورو، ههڙا ٻچا مـِـنا، الله اٿم ڏنا، منهنجو گلاب جو گل، منهنجو اکين جو ٺار! ائين چوندي چتائيندي چنبڙندي وڃي ڪوڏاڻن تي پوندي.

        اسان جي شاعرن نظم جي ٻين جنسن سان گڏ ڳيچ ۽ سهرا به چيا آهن، پر اڄ تائين ڪوڏاڻا چئي نه سگهيا آهن. تنهن جو سبب اهو آهي، ته ڪوڏاڻن ۾ مامتا گهرجي جا شاعرن ۾ هرگز پيدا ٿي نه سگهندي.

الف پـُـٽاڻا ڪوڏاڻا:

ٻڍو پريو ٿيندو، ماءُ کي کٽي ڪمائي کارائيندو.

ڳاڙهي هندوري وجهان پٽ جي ڏور،

جنهن ۾ ابل لڏندم شهزور.

*       *        *

ابل منهنجو ننڍڙو، پوئانس ڪنڍڙو.

*       *        *

ابل منهنجو ٻار، پوئانس هار.

*       *        *

ابل ايندم هل ڪري، جورو ڌوئي ڏيانس گل ڪري.

*       *        *

ابل ايندو ڊوڙي، جنهن جي مينهن ويائي ٺوڙهي،

جنهن کي رسو نڪو نوڙي.

*       *        *

ابل جي جاد [چوٽيءَ] ۾ جون، سا ته چونڊي ڪڍي مون.

*       *        *

پٽ پٽ ڪنديسانس، ٽڪو روڪ ڏينديسانس،

ساڻم گڏ شهر گهمائينديسانس.

کپيس ته توت وٺي کائي، کپيس ته صوف وٺي کائي.

*       *        *

ابل ميان، توکي خٿاب (خطاب) نيان، فرحي (ڦرهي) لکائي ڏيان،

تون پڙهه ته آءٌ جيئان، ميانجيءَ کي لال لونگي ڏيان، خٿابن ۾ مٺائي ورهائي کنيان.

*       *        *

ٺري ٺري آئون، ڏيانس لائون،

ٻڌانس موڙ، ڇنانس ڳور.

*       *        *

ابل ڀلي گهوڙي پاڻ چڙهندو، گڏهه مٿي دائي،

انبن هيٺ پاڻ ويهندو، توتن هيٺ سپاهي.

*       *        *

ابل منهنجو آري، ٿيندو باغ جو بڪاري،

پٽي ايندو ٽاري، لونگن ڦوٽن واري،

زال پرڻبو سوناري، ننگر ٺٽي واري.

*       *        *

دوڙ دوڙ دنگي، ماما دي ڌيءَ منگي،

مامانهين ڏيندا، چاچا سڏ ڪر پيا ڏيندا،

ماما دي ڌيءُ گوڏي دا بند، چاچا دي ڌيءُ دل دا بند.

جي چاچي دي ڌيءُ اُڪاڻي، پٽ پرڻسين روهه پٺاڻي.

*       *        *

پٽ پٽيتيءَ جو، ڄاٽو ڄيٺيءَ جو.

*       *        *

پٽ پٽيتيءَ جو، ڪنگڻ پائيندو هزاري،

ناٺي زميندار جو، ناٺي شاهوڪار جو،

زميندار نه ڏيندو ته شاهوڪار سڏ ڪري ڏيندو.

*       *        *

ابل جي نرڙ تي ٽڪو، وڃي لالر لاءِ لڪو،

لالر تون نه ڏينس ڌڪو، تنهنجي ليهي لاءِ لڪو منجهه سس

*       *        *

ڊوڙي ڀڳو: آڏي آيس ڪنڊي،

ڪنڊيءَ ڦاڙي ڏنس گندي،

ڇڏ ڙي ڪنڊي، مون تي جيجل ڏمر ڪندي.

پٽ ته اٿم شينهن، مٿان پوي ٿو مينهن،

ته گهتون هڻي ٿو گهر ۾.

*       *        *

ابل ونيون ست: هڪ ماڙيءَ ٻي کٽ، ٽي پر هي ويٺي پٽَ،

چوٿين سوڍي سنگهار، ٻين به اسٽين تي آر، ڏاڏي پوٽي سڀني جي سردار.

*       *        *

لالڻ لوڏيو آڻي شئي، ماءُ کي ڪي ڪ نَ ۾ چئي،

سس کي نميو پيرين پئي، زال کي جيءُ جيءُ ٻيو چئي،

ڀيڻ کي جورو وٺيو ڏي.

*       *        *

ٺري ٺري لوءِ. اٿس ٻانهياري جوءِ، جيڪا مرَ سين مٿو ڌوءِ.

*       *        *

ابل ماري روجهڙي، دوڳ درياءَ تي ڏنئين،

ڀورو ڀيڻ کي ڏنئين، وههُ ونيءَ کي ڏنئين،

ماءُ کي ڪي ڪنَ ۾ چيئين.

*       *        *

ب - ڌيئاڻا ڪوڏاڻا:

امي امي چوٽيءَ لمي، منهه نينڍا مڱي

هيءَ ڌيءَ اٿم ستن پٽن کان چڱي.

*       *        *

ڌيءَ اٿم طوطي، منهن ۾ اَهنس موتي،

سائي ڍڪايانس پوتي.

*       *        *

اما منهنجي تون، تنهنجيءَ جادڙيءَ ۾ جـُـون، سا ڳولي ڪڍي مون.

*       *        *

ڌيءَ ڌنا، کائي ڳنا، ڀر هي پٽولا، درياءَ تي پاند وجهي گهري ڀائيڙا.

*       *        *

اما! اما! حور، تنهنجي ڪنن ۾ ڪـَـپـُـور، توڏانهن سج نه ڪري گـُـهور،

تنهنجا ڪن اکيون نه ڪن سور.

اما! اما! تولئي ساهي سنڀائيندا سما.

*       *        *

2- آکاڻيءَ جي کڻڻي ۽ ڪهاوت:

        دنيا ۾ لوڪ ڪهاڻين کڻڻ ۽ چوڻ جو پنهنجو پنهنجو رواج آهي. پر اسان جي ملڪ ۾ آکاڻين جي کڻڻ وقت ڪهاوت [ڪـَـهوت] ۾ جيڪو وڌاءُ ڪيو ٿو وڃي، سو هرو ڀرو هر هنڌ ناهي.

آکاڻيون ۽ آڇاڻيون سياري جي مند ۾ جڏهن راتيون وڏيون ٿينديون آهن تڏهن پوڙهيون، ٻڍڙيون مايون يا گهر جا ڀاتي ننڍڙن ٻارن کي ٻڌائيندا آهن، جي يا ته لوليءَ سان گڏ ذهني اوسر جو به ڪم ڪنديون آهن، يعني ٻارن کي ننڊ ڏيارين يا انهن جي ذهن ذڪاءَ کي هوشيار ڪري، وڌائينديون ويجهائينديون آهن. انهن آکاڻين جي ٻڌڻ سان ڪن معصوم ٻالڪن جي دل ”سچ پچاڻي هئڻ“ جهڙي حقيقت ۽ اثر ٿيندو آهي.

انهن ڳالهين کڻڻ ڪري رات جو گهڻو حصو پڻ کلندي ڪڏندي نبري ويندو آهي. سـَـپڙ ڪـَـنا ٻار، اهي ڳالهيون جهٽي ياد ڪري وٺندا آهن، پوءِ پنهنجن هڪجيڏن ۽ مڪتب ڀاين کي ڪري به سڻائيندا آهن. انهن مان ڪي ته پاڻ کي ان آکاڻي جي قالب يا پيٽي ۾ خيالي طرح اُڻي تصور ۾ ئي ان جو مانجهي يا جوڌو جوان ڄاڻي، دل ئي دل ۾ پيا چوندا ته: اهو شهزادو، وزير، سوداگر، جادوگر، فقير يا درويش آءٌ هجان: ته چڱو. يا ته ماڳهين ڪي مقام، ڏائڻ، چراخ، آفت، ديوَ ۽ راڪاس جي ڳالهين ۽ چورن ۽ خونن جي ڳالهين ٻڌڻ سان سوڙها ٿي سمهي پوندا آهن يا ته مرڳو سڏ ڪري چوندا ته بابا، او اما، آءٌ توسان ٿو سمهان؟ هتي گروهه ڪهاڻين جو ٺاهيندڙ ۽ ٻيو ٽولو آکاڻين جو کڻندڙ شمار ڪيو وڃي ٿو. اسان هت ڳالهه جي کڻڻ ”الف“ ۽ ڳالهه جي پڄاڻي ”ب“، يعني نمونا پيش ڪريون ٿا.


 

الف - ڳالهه جي شروعات:

        ڀلاڀائي، ٺاٺ باٺ سان نخري ناٽ سان، ڪيسر تلاءَ سان، تنهن مٿي ماري، تنهن ۾ گل بيگ راڻي، تنهن جون ٻانهيون ٻه، هڪڙي مهران ته ٻي محبت!

        هوشيار ٿي ڳالهه سڻجو: ڳالهه تي ٽڪا لڳا آهن! اک نه پورجو، ڳالهه جو مٿو نه ڪوڙجو!

        ها، ته هڪڙو هو بادشاهه، بادشاهن جو بادشاهه پاڻ خدا آهي، پر هو هن ڪوڙيءَ دنيا جو بادشاهه هو. سندس نالو خدا ترس بادشاهه هو. الله جو ڏنو وٽس سڀ ڪجهه هو: راڄ ڀاڳ، مال رزق، لشڪر خزانا، ٻيڙا ٻانها بلڪ ڪنهن به شيءِ جي هن وٽ کوٽ ڪانه هئي، سندس عدل به اهڙو هو جو شينهن ٻڪري گڏ چرندا هئا ۽ هڪڙي ئي تلاءَ تان پاڻي پيئندا هئا. تنهن هوندي به بادشاهه اولاد جو سيڪڙيات هو، پاءُ مٽيءَ جي پنوڙي ڪاڻ واجهائيندو وتيو.

        گهڻيئي ڏيهه ڏوريائين، خير خيراتون ڪيائين، مڃتائون مڃيائين، سکائون سکيائين، باسون باسيائين، پير فقير ڀيٽيائين، پر ڪٿان به مراد جو موتي حاصل نه ٿيس.

        هڪڙي ڏينهن، هڪڙي چؤواٽي تي منجي اونڌي ڪري ان جي مٿان چڙهي سمهي رهيو. اتان هڪڙي سامين فقيرن جي قطار اچي لنگهي، ٻي لنگهي، ٽئين لنگهي، اهڙيءَ طرح جڏهين ڇهه قطارون لنگهي ويون ۽ ستين قطار آئي ته اُن ۾ هڪڙو جهور پوڙهو سامي هو، جنهن جي اکين جا ڀرون/ ڀنجر به اڇا ٿي ويا هئا ۽ ڇپر اکين تي لڙڪيل هئس، ان فقير جو پير منجيءَ کي لڳو ۽ ڇرڪ ڀري پوئتي هٽيو ۽ بيهي پڇڻ لڳو ته ”جن آهين، ڪي ڀوت آهين، پري آهين، ڪي ديوَ آهين، ڪير به آهين؟ اٿي پري ٿيءُ ته آءٌ لنگهي وڃان.“ بادشاهه چيو ته ”نه جن آهيان، نه ڀوت آهيان، هڪڙو انسان آهيان. جيئن ٻيون قطارون لنگهي ويون آهن، تيئن تون به لنگهي وڃ“. فقير چيو ته: ”اي آدم جا ٻچڙا! مون پنهنجيءَ حياتي ۾ ڪڏهن ڪا ڪـِـيل به نه اورانگهي آهي، سو تو هيڏي ساري ماڻهوءَ کي ڪيئن اورانگهيندس! اٿي جاءِ ڏي ته هليو وڃان“. بادشاهه چيو ته انهيءَ ڳالهه تان لهي وڃ، مـَـٽين يا نه مـَـٽين سا تنهنجي دل جي خوشي! باقي جيستائين منهنجي من جو مطلب پورو نه ٿيندو، تيستائين هتان هرگز نه اُٿندس.“ تنهن تي جوڳيءَ چيو ته ”اي آدمزادا! تون پنهنجي من جو مونجهارو ٻڌا“، آءٌ الله کان پني اول تنهنجي من جي مـُـراد پوري ڪندس، پوءِ اڳتي وڌندس.” انهيءَ تي بادشاهه اٿي فقير آڏو گوڏا کوڙي هٿ جوڙي چوڻ لڳو، فقير سائين! آءٌ پٽ جو گهوريو آهيان، سو موليٰ جي گنج مان وٺي مون کي ڏيار.“ فقير بادشاهه جي ڪنڌ تي هٿ رکيو ۽ پٺي ٽپري دعا ڪري چوڻ لڳو ته ”الله سائين سڄي جڳت جو والي آهي، گهٻراءِ نه، تنهنجون به جوڙيون سجوڙيون ڪندو، دل وڏي ڪر، هيئون نه هار. آءٌ توکي ڏَس ڏيان ٿو سوڪن لائي ٻڌ. اُئين ڪندين ته اُميد پائيندين، جهولي ڀريندين!“.

بادشاهه چيو ته ”امر ٿئي؟“.

        فقير چيو ته ”سڀاڻي صبوح جو سويلي گز ڪمان کڻي پنهنجي باغ ۾ وڃي انب جي وڻ ۾ ڌڪ هڻج، جي انب ڪريو ته پٽ اٿئي، پر جي پن ڇڻيو ته ڌيءَ اٿئي. اهي پنهنجي راڻيءَ کي کارائج، ڪندو منهنجو خدا، باقي پڪ پڪاڻي اولادي ٿي پوندين ۽ اها آس الله توکي پاڻهي پسائيندو“. بادشاهه خوش ٿي فقير کي گس ڏنو، رمتو فقير رمندو رهيو ۽ پاڻ سڌو محل جو رخ رکيائين. سڄي رات سٻاجهي سائين کي ستائيندي، ليلهائيندي، زاريون ڪندي صـُـبوح ڪيائين. صبوح جو فقير جي فرمودي موجب هٿ منهن ڌوئي، تير ڪمان کڻي باغ ۾ آيو. پنهنجي پروردگار کي سنڀالي، بسم الله ڪري، گز کي گوشي ۾ چليءَ تي چاڙهي، ڪمان کي ڪشي وٺي جو تير کي تڻڪ ڏنائين ته ڪرم ڪريم جا رحمتون منهنجي رب العالمين جون ٿيون، ڌڪ سان گڏ، هڪڙو ڳاڙهو گدري جهڙو پڪل انب ڇڄي اچي پٽ تي پيو. بادشاهه خوش ٿي اُن کي کنيو،  ڇنڊي ڦوڪي، ڌوئي ڌمالي، چمي پوءِ کڻي اچي پنهنجيءَ راڻيءَ کي پنهنجن هٿن سان کارايو.

- هاڻ ڳالهه کڻندڙ ٻارن کان پڇندو:

سوال: ڪيئن ڳالهه پيا سڻو يا ننڊ پيا اُڻو؟ ورندي ڏيو؟

جواب: ٻڌون پيا، ننڊ ناهي. هائو، جيءُ.

کڻندڙ:

* جيءُ، ته کير پيءُ، وڏو ٿيءَ، ابو ٿيءَ ٻڍو ٿيءُ ڏاڏوَ ٿيءَ!

* وهي ڏاند، پيڙجي ڪماند، مري نه چاڪي ته ڇٽي نه ڏاند.

* ڊاڳ ڊڳڙيون، ڍنڍ شوروو ماڻهو سهي جي کل.

* ٺڪ ٺڪ جون ريوڙيون، ڪاٺ جو ڳٻيت، ناني سڏي، جوهر جلي، ماءُ پٽ کي نه پلي! سڀني سهيلين سان سور سلي، هٿ هڻيو ٿي هار ڇني.

* ٺٽي جو تماڪ، صاف پاڪ، ڦوڪ ڀري، دم وٺي پوءِ ڳالهه سڻجو، ڇو ته ڳالهه تي ٽڪا لڳا آهن.

* سو ڳالهيون سگهيون گذرن پر ڏينهن پنهنجي مدار تي نبرن.

- خدا جي حڪم سان راڻي پيٽ سان ٿي ته سندس چوگرد دايون دَدايون، گوليون ٻانهيون هٿ ٻڌيو، چيلهه چست ڪريو، چوگرد چاڪريءَ ۾ بيٺيون هونديون هيون. ويچاريون حڪمَ جون بنديون، خبر ناهي ته ڪيڏيءَ مهل ڇوٽڪارو ٿئي! الله الله ڪندي نيٺ ته ڏينهن به اچي ڀريا، نائين مهيني ڏهين ڏينهن راڻيءَ پاڻ سنڀاليو. هڪڙو سج کي شرمائڻ وارو، چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙو شهزادو ڄائو. چوڌاري واڌايون وري ويون، مبارڪن جو هل هلاچو هلي ويو، شرنايون قرنايون، دهل دماما، نيل نفيلون (نفيرون) وڄي ويون، نغار خاني ۾ شادماني جي شاهي نوبت وڄڻ لڳي.

        بادشاهه شهزادي جي بخت معلوم ڪرڻ لاءِ ڪئين نجومي، رَمال، مـُـلا مـُـوسڙا گهرايا. ڪن ڍارو هنيو، ڪن فال وڌي، ڪن نقش ڀريو. پر سمورن صلاح ڪري چيو ته، ”شهزادي جو بخت بالا آهي، پر ارڙهن ورهين جي عمر ۾ خلل خيال آهي.

        بادشاهه انهن کي انعام اڪرام ڏيئي روانو ڪيو. قادر جي قدرت تي قائم رهي. شهزادي جي ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ بادشاهه هڪ مهيني پوري جو جشن ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

        سڀڪو شاهي توشاخاني مان توڻ کڻي، بورچين وٽ وڃي جـُــڃ ڪري. گهر جي اٽي کي هٿ نه لائي، نڪي پنهنجو پاڻ پڻائي، دل کولي جشن ملهائي.

        شـِـيرڻيون ڦـِـيرڻيون، ڪوفتا ڪباب، نان پڪوان، اکروٽ بادام موجود ٿي ويا.

*      چوڌاري ڪڃريون پيون ڪسن، ٻڪريون پيون نچن، گلمن ۽ قالينن تي طول وِهاڻن سان مالڪ ۽ مهمان لڳا ويٺا آهن.

- ڳالهه جو ڳانو ته گهر گهرَ کهنبو ويس ڍڪجي ويو، غريب غربو ڏٽجي ويو. بين متو وڄڻ لڳو، هرڪو خوش ٿي کلڻ لڳو. طرحين طرحين جا طعام تيار ٿي ويا، کائڻ وارا به کپ کوڙي جنبي ويا. موالي سوالي کائي خوش ٿي مڇ تي هٿ هڻي ڏاڪار ڏيندو ڀڳو ويو، شهزادي جي حق ۾ دعا خير هٿ کڻي پنندو رهيو.

- جن اسان جهڙن وٽ سگهو ڪپڙو ڪونه هو، تن به ڏهه اڳڙيون ڏيڍيون پاسيريون سٿڻ ۾ سبي، گليءَ جو گرٽو چاڙهي، پٽڪي کي پيلي پڪ ڏيئي، ليڙون لڪائي، ڏاٻ تي پٽڪو ٻڌي، قميص کي ڪلف ڏئي، جتيءَ کي جـُـنڊا وجهائي، ڪؤڙو تيل مکي، مڇ مروٽي، محلات ڏانهن منهن ڪيو. هڪٻئي کي هلو هلو جو هوڪو ٿي ڏنو، جيڪو رهيو تنهن ڏانهن ڪنرو ڪونه ڏنو. کاڌن جا ڪيئي قسم: قورما، چورما، تريناڪ چوزو، چلغوزو، سوڍا لمليٽ، سيل سگريٽ.

- کـُـپ گوڏا کوڙ، پيٽ ڦوڙ، اوگرائي ڪوڙي، اميدپوري. اسرار غم وسار، وات ڦاڙ، جيڪي اچي سو ڌو پيٽ ۾! پيٽ به ڦوڪجي ڦوڪجي سيڻاهه ٿيو، هر ڪنهن پيٽ تان هٿ کنيو. پر جي ڪنهن چشڪي ڪاڻ چوريءَ جو گرهه ٿي کنيو، ته پيٽ ڦاٽو ٿي، پر لـُـڪيءَ هيٺان نٿي نيو.

- شهزادو اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو نيٺ اچي جوڌو جوان قوتڪرائي وارو ٿيو. اميرن وزيرن جي پٽن جا وڳر ۽ ڇانگ ڇوڪرن جي وٺيو روز شيل شڪار تي ويندو هو، سارو ڏينهن گهوڙا ڊوڙائي ڊوڙائي رات جو اچي آرامي ٿيندو هو. اهو شهزادي جو ڏهاڙي جو نيم ٿي ويو هو. هڪڙي رات جو دير دير سان شڪار تان موٽيو اها چوڏهين جي رات هئي. جڏهن شهزادو شهر جي ٻاهران تلاءَ تي پهتو ته عجب اسرار ڏٺائين: پرين جي شهزادي سؤ سهيلين سوڌو تلاءَ ۾ تاريون پئي ڏنائون ۽ ڏاهيءَ راند رچايون بيٺيون هيون. شهزادو به اتي بيهي تماشو ڏسڻ لڳو. جڏهن پريون، وهنجي سهنجي ٻاهر اچي کڙيون ٿيون ته شهزادي ۽ شمشاد پريءَ جون اکيون اکين سان لڙيون، عشق جي پيچ چڙهيون، دليون دلين سان اڙيون. هيڏانهن هيءُ هڪو ٻُڪو اور گهور ٿيڻ لڳو ته هوڏانهن پري به عشق ۾ چري ٿي پئي. نڌان هڪٻئي سان ملاقات ڪري. پريءَ پنهنجيءَ ولايت جو شهزادي کي نشان پتو ٻڌائي، سينڌ  جو وار ڇني ڏنو ۽ وعدو وٺي ويندي رهي.

ان ڏينهن کان وٺي شهزادي جو کائڻ پيئڻ حرام ٿي ويو، نه ستي سک نه ويٺي آرام، پريءَ جي سوداءِ ۾ ٿڌا شوڪارا ڀرڻ لڳو. بادشاهه کي اها خبر پئجي ويئي، جنهن جو دين دنيا ۾ اهو هڪڙو پٽ هو تنهن شهزادي جي چترائڻ ڪاڻ ڪئين حيلا حوالا هلايا، هزارين ويڄ حڪيم گهرايا. سوين شهزادين جا سڱ سڳايا. پر ڪنهن به ڦڪي فرق نه ڪيو. هڪڙي ڏينهن پيءُ کان موڪلائي اڇي ڳاڙهي جون خـُـرزينو ڀرائي اڻ ڏٺي ڏس ڏي روانو ٿيو.

        ڀلاڀائي، جتي ڪلهه خوشيءَ جا جشن جلسا هئا، اتي شهزادي جي پٺ ورائڻ تي گهر گهر ماتام مچي ويو، سڀڪو ناڪام ٿي ويو.

- ساڻي جن سائين لهر نه لوڏو تن کي، چڱو جن جي من ۾، مدو سي نه پسن، توڙي رُڃ رهن، تان به کنڊون کائين کير سان.

- ڳالهه کڻندڙ پوءِ انهيءَ شهزادي کي جنن، ڏائڻين، ديون، راڪاسن، ارڙ نانگن، آفتن ۽ جادوگرن سان جنگيون ڪرائيندو، جملي ڄڻن کي جيتيندو، نيٺان نيٺ اچي منزل مقصود تي پهچندو يعني اُن پريءَ دل چريءَ سان شادي ڪرائي، اڌ راڄ اڌ ڀاڳ وٺي پنهنجي وطن ورائيندو. پڇاڙيءَ ۾ هن طرح چئي ڳالهه ختم ڪندو.

ب - جيئن منهنجي مٺي محبوب هن شهزادي جي من جي مـُـراد پوري ڪئي. تيئن جڳ جهان جون مرادون پوريون ڪري. کارڪون ورهائيون ڇهه: ٻه مون کي مليون، ٻه ڳالهه ڪرڻ واري کي ڏنائون، ٻه آکاڻي ٻڌائڻ واري کڻي ورتيون. جهڙو ميڙو تن جو، تهڙو جڳ جهان جو!

سوال: ڪيئن ابا، جاڳو پيا يا جـَـوَ ڍيري گڏهه رکوال؟

*      *       *

ٻاراڻا ٻول:

شاعري سکي ڪانه ويندي آهي، پر شاعري اها جنهن کي کڻي ڏاتر ڏياري. ڪن حالتن ۾ شعر جو بنياد ”ٻاراڻا ٻول“ آهن. جيڪي ننڍي هوندي ٻالجتيءَ ۾ ڇوڪريون توڙي ڇوڪرا پيا ورجائيندا آهن. انهيءَ ٻولن ڪري سندن ٻولي پڪي پختي ٿيندي آهي. اهي اهڙي طريقي سان ٺاهيل آهن، جو ٻارن کي ياد ڪرڻ ۾ دير ئي ڪانه ٿي لڳي. ڇو ته منجهن دهرائڻ ۽ ورجائڻ جو ڊول رکيل آهي. ٻارڙا اهي آکاڻين وانگر ياد ڪري راڳ سان چوندا ۽ ٻين کي چئي ٻڌائن ٿا. مثال طور:

پئسو لڌم پٽ مان، پئسي جو ورتم گاهه،

گاهه ڏنم گانءِ کي، گانءِ ڏنو کير،

کير ڏنم امڙ کي، امڙ ڏنو لولو،

لولو ڏنم ڪانءَ کي، ڪانءَ ڏنو کنڀ،

کنڀ ڏنم راجا کي، راجا ڏنو گهوڙو.

چڙهي گهمان چڙهي گهمان،

چندن ڦٽاڪو،

جيئي منهنجو ڪاڪو،

ڪاڪو ويٺو ماڙيءَ تي،

وڇونءُ ڏنگيس ڏاڙهيءَ تي.

ڪاڪي ويٺي ڪوٺي تي، وڇون چهٽس چوٽيءَ تي.

*      *       *

ٽنڊڻي ڙي ٽنڊڻي! اسين تنهنجا ماڻهو،

چٻينداسون ڏاڙهون،

هيءَ کـِـرکـِـر ڪهڙي، ستن ڀائن جهڙي،

ستئي پرڻايا، اڇو ڳڀو (ٻانهين) پايان.

اڇي ڳڀي ليهه، ڀائر منهنجا ٽيهه،

ٽهين آنديون ڪٽوريون،نيون نڪوريون،

الله ڏيندو ابي کي، ڀلا گهوڙا پٽن کي،

ڌن ڏيندو ڌييـُـن کي، هيرا موتي ننهن کي،

لنڊي گڏهه دائيءَ کي.

*      *       *

ديڳڙو دم تي، ڀائر منهنجا ڪم تي،

ديڳڙو هيٺ، ڀائر منهنجا سيٺ،

ديڳڙو پٽ تي، ڀائر منهنجا کٽ تي.

*      *       *

ايندي ويندي، گوڏا گسائيندي،

چلهه پٺيان لڪندي، ناريل ڀڃندي،

مونکي نه کارائيندي، پيٽ سورَ مرندي.

*      *       *

اوجو بوجو، ٽانڊو روپو،

ڌَن ٻائي ڌن ڏي، پپر جو پن ڏي،

پينگهي ۾ پـُـٽَ ڏي، پـُـٽن ڳاڙهي کٽَ ڏي،

در در مٺڙا، ڳانا جيما پڇڪون پون!

*      *       *

ايندس ويندس، ڀاءُ کي لوڏيندس،

ڀاءُ منهنجو هاري، پٽي ايندو ٽاري،

لونگن ڦوٽن واري، ڀاڄائي موچاري،

نٿ بولي واري، نٿ بولو نڪ ۾،

ڦيرائي هڻونس پٽ ۾.

*      *       *

ان ڏي ڌن ڏي، پپر جو پن ڏي،

پپر پراڻو، ٻانڀڻ ڪاڻو،

سيتا ڍُڪي، ڄايس ڪـِـڪـِـي،

ڪوسيون مانيون ٿڌاڙا سيرا،

ججمان کائين، پري پاسيرا.

*      *       *

ارچڪ - مرچڪ - ڌاڻا ڌرچڪ -

آگ پٽيهر - ٽويو ٽيهر -

لوهو لاٽئون - چنڻ

گهاتئون

نانگڻ جوڳڻ کارا کـُـٽ ي، ٻـُـٽي ڇـُـٽي.

*      *       *

هن پڙيءَ تي نور ڄائو، تنهن جو نالو ٻلو،

ٻلي جو ٻوٿ ڪٽيان، سهي جو سـِـسو.

اوري وڃان موري وڃان،

ڪلڪ تارو، سونو والو،

روپو ڏندو، ڀڄي ڀنڊو.

*      *       *

آ ڏي ڏکڻ پاڏي،

ڏکڻ ۾ ساندارو،

پي چڙهيو تارو،

تاري هنيو منڊ،

پي چڙهيو چنڊ،

چنڊ ڪئي چانڊاڻ،

پي چڙهي ماڇاڻ،

ماڇاڻ لاٿا آنا،

پي چڙهيا ڪانا،

ڪانن ڪئي هير،

پي چڙهي وير،

وير ڏني پٺ،

پي چڙهيو اُٺ،

اُٺ سان ٿي جٺ.

*      *       *

ماڪوڙا ڙي ماڪوڙا ماڻهين پڪي ماني،

مانيءَ ۾ ڪنڊا، هڻ ماڻهين پڻهين کي ڏنڊا.

*      *       *

ماڻڪ منڊڙا! آيو آهين؟

هائو بيبي آيو آهيان،

تنهنجي ڪتي ڏاڙهيو آهيان،

لٺ کڻي ڀڳو آهيان.

*      *       *

انوکي تلي زير زبر اُو پيش پنگا،

ڌرتي ڌٻي تنوين تندا،

جزم ڪنڍلي مـَـدَ لنبا.

*      *       *

جو ڊمبو جو ڊيمبو واٽڙيءَ ڦٿو،

جا واٽ جا واٽ، ڇٻر سان ڇانئي،

جا ڇٻر جا ڇٻر، گهوڙا کائين،

جي گهوڙا جي گهوڙا لڏڙي لاهين،

جا لـِـڏ جا لـِـڏڙي، ڪنڀار آڻين،

جي ڪنڀار جي ڪنڀار، ٿانئڙا جوڙين،

جي ٿانوَڙ جي ٿانوَڙا، ماڙهوڙا وٺين،

جي ماڙهو جي ماڙهو، رٻڙي رڌين،

جا رٻڙي جا رٻڙي، ٻارڙا ورتين،

جي ٻارڙا جي ٻارڙا، لئي لئي تيڪين.

هم ڇڪ، ڌم ڇڪ، ڪالا بادام ڇڪ،

گهوڙي دا لغام ڇڪ.

*      *       *

الف بي، اما ماني نٿي ڏي، ڏاڏو ڏوئيءَ سان ڏنڀي،

بابو بڇ ٿو ڪري

چاچو چماٽون هڻي،

مامون مار ٿو ڪڍي، الف بي.

مڇو ماما ڪيڏانهن وئين؟ ـــــــــــــــــــــ ننگرَ ٿاڻي.

اُتان ڇا آندءِ؟   ـــــــــــــــــــــ ڀلوگهوڙو.

ڪٿي ٻڌين؟   ـــــــــــــــــــــ جاءِ بجاءِ.

هنگي ڇا؟ ـــــــــــــــــــــ ٻه پولڙيون.

مٽي ڇا؟ ـــــــــــــــــــــ تيل ڦڙي.

دهل ڪي توتاڙي؟ ـــــــــــــــــــــ ڍيچڪ ڍيچان.

*      *       *

رات ڏيئو ڇا ٻاريو هووَ؟ ـــــــــــــــــــــ        ماما آيو هو.

ماما ڇا آندو؟ ـــــــــــــــــــــ صندوق.

صندوق ۾ ڇا هو؟ ـــــــــــــــــــــ بندوق.

بندوق تي ڇا هو؟ ـــــــــــــــــــــ ڪارو کٿو.

کٿي ۾ ڇا هو؟ ـــــــــــــــــــــ        ٿالهي، وٽو.

ٿالهي، وٽي ۾ ڇا هو؟ ـــــــــــــــــــــ تيل ميٽ.

تيل ميٽ ۾ ڇا هو؟ ــــــــــــــــــــ ڦڻي ڦڻوٽو.

ڦڻي ڦڻوٽي ۾ ڇا هو؟ ـــــــــــــــــــــ جون.

جون ۾ ڇا هئي؟ ـــــــــــــــــــــ ليک.

ليک ماري تيڪ، مون کي ڪوسا ڪوسا ڪوسامڙا چکاءِ.

*      *       *

نانگي گـُـڪي ڇاپئي ڳولين؟ ـــــــــــــــــــــ سئي.

سئيءَ کي ڇا ڪندينءَ؟ ـــــــــــــــــــــ       ڳوٿري سبينديس.

ڳوٿريءَ کي ڇا ڪندينءَ؟ ـــــــــــــــــــــ      پئسا وجهنديس.

پئسن کي ڇا ڪندينءَ؟ ـــــــــــــــــــــ       مينهن وٺنديس.

مينهن کي ڇا ڪندينءَ؟ ـــــــــــــــــــــ      کير ڏهنديس.

مون کي چکائيندينءَ  ـــــــــــــــــــــ ابا هائو.

ڀلا ٿورو چکائيندينءَ؟  ـــــــــــــــــــــ نانيءَ جو کير کارو کارو.

مٺا! چکي پوءِ ٿا کارو پيءَ پوءِ ٿا کار چئو.

*      *       *

ناني گڪي ڪيڏانهن ٿي وڃين؟ ـــــــــــــــــــــ     ڪاٺيون ڪرڻ.

اسين به هلون؟ ـــــــــــــــــــــ پير سڙندوَ.

جتي پائي ٿا هلون؟ ـــــــــــــــــــــ بک لڳندوَ.

ماني کڻي ٿا هلون؟ ـــــــــــــــــــــ اُڃ لڳندوف.

دلو کڻي ٿا هلون؟ ـــــــــــــــــــــ ابا هلو.

ناني گڪي پير سڙي ويا.ـــــــــــــــــــــ      مئا ڇو ٿي آئيوَ.

*     *     *

منڊا ڙي منڊا! ڪيڏانهن ٿو وڃي؟ ـــــــــــــــــــــ    جاءِ وٺڻ.

جاءِ اجها.ـــــــــــــــــــــ بس، ايتري؟

هيءُ ڇا هي؟   ـــــــــــــــــــــ صفو. ـــــــــــــــــــــ واه واه!

هيءُ ڇا هي؟   ـــــــــــــــــــــ رنڌوڻو. ـــــــــــــــــــــ واه واه!

هي ڇا هي؟    ـــــــــــــــــــــ آڳنڌ.ـــــــــــــــــــــ   واه واه!

هي ڇا هي؟    ـــــــــــــــــــــ ورانڊو ـــــــــــــــــــــ  واه واه!

هي ڇا هي؟    ـــــــــــــــــــــ ڪاڪوس ـــــــــــــــــــــ واه واه!

ڪرف کوليو؟ ـــــــــــــــــــــ ڪنجي ڪانهي.

چڱو آءٌ جاءِ جو، جاءِ منهنجي.

*   *    *

- راند ڪرڻ ڪاڻ گڏ ٿيڻ ۽ آگ ٻولائڻ جون جدولون:

اَڪ جي ڪاٺي، نم جو پايو، راند جو سعيو،

جيڪو نه ايندو تنهن جي ناني گونگي، چلهه ۾ ٻارڻ جي بنڊي.

- هيڏي هيڏي پڳ، ڪنهن جي پيءَ تي ـــــــــــــــــــــ منهنجي پيءَ تي.

*   *    *

ارچڪ مرچڪ ڌاڻا ڌرچڪ.

آگ، پٽولڻ، نانگڻ، جوڳڻ،

کارا، کٽا، ٻٽا، ڇٽا.

*   *   *

ڇڪو، نوڙي، ڊٻڙڪ، ڊؤن.

*    *    *

اوڙيان ڌوڙيان، چؤڪٺ ڦوڙيان،

ڪاڃڻ(1) جهڙو ڪاٺ ڪيان ـــــــــــــــــــــ ننڍ کپي ڪي وڏَ؟

*   *   *

لڪ لڪوتي، ڪينگر ڪي لوٽي، پاڻيءَ ڀري ڦوٽي.

ڦوٽا چٻيندي، لونگ لٽيندي، عطر ڇٽيندي.

هيٺيون ڀڄي ڪي مٿيون؟ ـــــــــــــــــــــ ڀڄ ڙي مٿيان.

*  *  *

يڪٽ، لئن مون، نار، آر، ويئي، يڪو.

*   *   *

اُرم، ترم، تيتال، ميڪال، مڪا، چڪا.

فال، فرينگ، لاٽونگي، ٽيٽونگي، چل.

*   *   *

اسين وياسين ڪاٺين تي، مٿان پيو مينهن.

لڌي سين سوپاري، ڏٺيسين سوناري.

تنهنجي ننڍڪي وڏ؟ يا تنهنجو گدڙ ڪي شينهن؟

*   *   *

من منياريو جهار، پيرون پڪار پار،

منهنجا ڀيچي تون نظر ڪري نهار.

*   *   *

چيڪلي پايان، پيرڙو گسايان،

پير ۾ ڪڙي، لال سوناري گهڙي.

پير ۾ ڪنڊو، هڻ سوناري کي ڏنڊو،

ڏنڊو ويو گسي، ماڻس ويئي رُسي.

*   *   *

نينگرا! تون چريو آهين ڇا!

واڍي گهڙيو آهين ڇا!

واڍو چور آهي ڇا!

تون مون آهين ڇا!

*   *   *

راند ڇڏي ڀڄي وڃڻ تي چون:

آگ نه ڏيندو آگي جو،

پٽ سو ليمي ڀنگيءَ جو.

*   *   *

ڪڪل ڪڪل (گوڪل گوڪل) کير کير وٽي! ڌؤنرو ڪي دکي؟

*   *   *

ڪان ڙي ڪان، سسيءَ سمر ٻڌان

ڳائو کير پيان، کير اڌ ڪڙهيو،

راڻي جي رال ۾ گدرو ڪچو ڪو پڪو؟

 

پکي ڌارڻ واريون وندرون

سنڌ ۾ چـَـتون ڌارڻ واري وندر گهڻو ڪري زالون ڪنديون هيون، جڏهن ته مرد ماڻهو ڪڪڙ، تتر، بربلون، ٿاريليون، باز، بانشا ۽ شڪرا ڌاري ورونهه ڪندا هئا.

چتونءَ جون چانگارون:

سنڌ ۾ طوطا ڌارڻ ۽ کين پاڙهڻ جو گهڻو رواج آهي. خاص طرح سان سنڌ ۾ ڇڙٻ ڇنڊيون، سـُنڍ، بي اولاد زالون ۽ وڏيون ڪنواريون نينگريون طوطو يا مٺو ڌاري، ان کي پاڙهي پاڻ وندرائينديون آهن.

        طوطي جا کنڀ ساوا، چهنب ڳاڙهي، زبان ماڻهوءَ جهڙي، ڳلي ۾ ڪنٺي هوندي آهي. طوطو گهڻو ڪري وڻن جي پورن ۾ آکيرو ٺاهي ويهندو آهي، ۽ شيون خاص طرح پير سان جهلي کائيندو آهي.

        ڌاريندڙ زالون، چتونءَ کي لوهه جي تارن يا لوهه جي پٽن واري پڃري ۾ جنهن ۾ اُن لاءِ پاڻي ۽ اَٽي کٽي جون ڪٽوريون، ويهڻ واسطي وچ ۾ سيخ ۽ لڏڻ لاءِ لڏڪڻو پڻ ٺهيل هوندو آهي. هن جي بازن وارا کنڀ ٿورڙو ڪتري ڇڏين.

طوطو شيخ تي، يا پڃري جي تارن يا پٽن تي پير مضبوط ڦٻائي گردوليون يا بازوليون پيو پائيندو ۽ لڏندو آهي. هن کي کاڌي کائڻ لاءِ ٻاجهر جو اٽو کـَـٽي ڏُڌ يا جهڻ سان ملائي کارائين. ڦل ڦول، جن ۾ انب، گدرو، بادام، انجير، صوف، سائو مرچ، ڪريلو پڪل وغيره به کائڻ لاءِ ڏين. پوئين رات جو يا فجر مهل زالون چتونءَ جو پڃرو کڻي يا هن کي پڃري مان ڪڍي پڙهائڻ شروع ڪنديون آهن. ڪي وري ٻنپهرن يا منجهند جو جنهن مهل سانءَ ستي [ماٺ ميٺ] لڳي پيئي هوندي آهي، منهن مٺوءَ جي ڪنن تي رکي مٺو هٿ ۾ پڪڙي اهي جملا سندن ڪنن ۾ ٻرائينديون آهن، جي گهڻو وقت ٻڌي نيٺ مٺو پاڻ ورجائيندو آهي، يا پنهنجي سر ويٺو دهرائيندو آهي. انهن کي چتونءَ جو پڙهڻ يا چتونءَ جون ڇانگارون چون. اهي زالون منجهند جو مٺوءَ کي ڏيهاڙي آرڙهه ۾ وهنجارين ۽ سندس پڃرو پڻ ڌوئي صفا رکنديون آهن.

طوطي کي ڪـُـلان ذات [بي وفا] ڪري ڪوٺيندا آهن. سو هن ڪري جو هو ڪڏهن به ماڻهوءَ سان هري مري نه ويندو آهي، جڏهن به ڇوٽڪارو يا آزادي مليس، ته امالڪ ڀڙڪو کائي اُڏامي ويندو آهي. ڌاريندڙ جي سڏن واڪن جي پرواهه نه ڪڍندو آهي، انهيءَ ڪري زالون هن جا پرَ يا کنڀ ڪتري ڇڏينديون آهن. ته اُڏامي نه سگهي. چتون ٻليءَ کان ڏاڍو  ڊڄندو آهي، جڏهن ان کي ڏسندو آهي ته سڀ باتيون ۽ لاتيون وسري وينديون اٿس، پنهنجي اصلي خانداني ٻولي ”ٽيون ٽيون“ ڪري سر کپائيندو آهي. هيءُ پکي ڪڏهن ڪڏهن مٺيون مٺيون لاتيون به لوَندو آهي ۽ ڪائن ۽ ڪٻرن جي آوازن جا هوبهو نقل ۽ اهلون به ڪندو آهي. مٺوءَ بابت ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ ڪهاڻين ۾ عجيب غريب ڳالهيون آيل آهن، پر انهن سڀني ۾ سٺي ۾ سٺي ڳالهه پارسي ٻوليءَ ۾ ”دراين چه شڪ“ مشهور آهي.

سنڌي ٻول:

ڍانگارون هيءُ آهن:

* مٺو پٽ! اما کي پپي ڏي.

* پڙهي پٽ طوطو، پٽ گلين ڦلين پهتو.

* مٺو پٽ پڙهي، ڪاڄ سري، وائيءَ وري.

* مٺو پٽ پڙهي، الله نبي ياد ڪري.

* مٺن مٺائي، پٽ کائي کير کنڊ ملائي.

* بيبي پٽيتي، پٽ پڙهي ٿو.

* در تي حلوائي، پٽ کائي کير ملائي

* سـُـهڻي طوطي جي طوطي، پٽ جي چهنب تي موتي.

* چور چور، قـُـْٽ جو اُٽو کٽو کائي ويو چور.

* پير پير، خواجه خضر پير، داتا دستگير.

* مٺوءَ پٽ جو وڳو، جنهن کي سوا سؤ جو صابڻ لڳو.

* چور چور، ڊُٽي، انب وڻ تان لٿي،

* کائي ويئي مٺوءَ پـُـٽ جي ڪـُـٽي.

سرائيڪي ٻول:

* طوطي ڪون طوطي، پٽ مٿي سائي پوتي،

سا لال کٽيءَ ڌوتي.

*      *       *

* جـُـڳ جـُـڳ جيءُ، پير نبي، حق الله، پاڪذات الله.

* حقا حقا، پٽ ڀيٽي مڪا، دين ڪون سلام، ڪفر ڪون ڌِڪا.

* جـُـڳ جُڳ جيءُ، تساڏا نانءُ تساڏا جيءُ،

* چل ڄل بزار، پٽ دا هٽ هي خدمتگار.

*      *       *

* علي وَ ولي، ڪل بلا ٽلي، مسيت ۾ محمد، چوغان ۾ علي،

* علي علي جو ڪهي، مشڪل تنهن کي نه پئي،

* بيبي پٽيتي سوني رُپي رانديون رهي.

* ڇٽ پٽ پونچي چتر سجان، پڙهي پٽ طوطو صحيح قرآن.

* پڙهي قرآن، ٿئي مسلمان.

هندون زالون چونديون هيون:

ڇٽ پٽ پونچي چتر سجان،

چئو پٽ طوطا، الله ئي الله.

ڪـُـڪـِـڙ:

        ڪڪڙ ڌارڻ جي وندر عورتون توڙي مرد ٻئي ڪن. انهن مان بيدا ۽ گوشت گهر ۾ ٻوڙ لاءِ ڪتب اچن. جڏهن ته مرد ڪڪڙ ويڙهه لاءِ ڌارين(1) .

ايڪيهه ڏينهن آري تي ويهڻ کان پوءِ ڪڪڙ جا آنا ڦٽندا آهن، جن کي چوزا چون، انهن کي جڏهن کنڀڙيون ڄمنديون آهن، ته ٻچا يا پٺا ڪوٺجن، ان کان پوءِ دُڏر، تان جو وڃي جوان ٿيندو ته ٻانگون ڏيندو. ان حالت ۾ ٻچن پيدا ڪرڻ لاءِ نر ٻانگو يا ٻانگر ڪوٺبو ويندو، پوءِ نرين تي دُڏا يا تـُـڪا وڌڻ لڳندس ۽ اهي تڪا وڌي وڃي کڙهون ٿينديون، پوءِ هن کي زير دُڏيو يا پڪ نريو ۽ کڙپيل چون. اهو ڪڪڙ ويڙهه ڪرڻ جي لائق سمجهبو.

ڪڪڙن ۾ هڪڙا اصيل جي قدبت ۾ ڳؤرا ٿين ۽ ٻيا ٽرڙا، جي هلڪڙا هوندا آهن ۽ وڙهي ڪونه سگهندا آهن. هنن جا ڪئين رنگ ٿين ۽ انهن رنگن جي نالن سان ڪوٺجن. جهڙوڪ: کهنبو، ڦليو، ڪارو، ڳاڙهو، پيلو، جائو، هيرو، خاڪي، لالپر، ڪبوتر، تيتريو، پيلو ڦليو، ڪارو ڦليو، ڪارو جائو، بصريو جائو، کهنبو هيرو، خاڪي هيرو، مسيو وغيره.

نسلي ڦيريون گهيريون به منجهن ٿينديون آهن. جيئن ته ڪرڪنات، هن جون اکيون، چهنب، نريون بلڪ بدن جي کل به ڪاري هوندي آهي. موزپر، هن جي نرين تي، پير جي چيچ تائين کنڀڙيون ٿينديون آهن. ڳيجهو، هن جي ڳچي کٿل، کنڀن کان سواءِ هوندي آهي. پشوري، هن جو مغز وڏو، پير ننڍڙا، آڱريون سنهڙيون، اک ننڍڙي، جوئر جي داڻي جيتري، قد لاٺيرو، سينو ويڪرو، مٿي تي موڙ، هن جي پير جي تري پٽ تي نه کپندي آهي.

موڙن موجب ڪڪڙن جا قسم:

چنڊول، تڪمو، ٽڪيءَ موڙ يا منو، سنياسي يعني موڙ لڙڪيل، ست موڙ يعني گهڻن موڙن وارو.

ڪڪڙ، ويڙهه واسطي ٺاهڻ:

ڪوڪڙي، کڙپيل ڪڪڙ کي ڏور تنهن ۾ ڀؤنر ڪلي ٽامي جي، تنهن ۾ پنجوڙي وجهي، ڪڪڙ جي نريءَ ۾ اٽڪائي ڪليءَ ۾ ٻڌي ڇڏين. انهيءَ جاءِ تي واري وڇائي ڇڏين ۽ جي آرڙهه هجي ته ڏهاڙي واريءَ تي ڇنڊڪار ڪن. هن جي اڳيان هڪ طس يا لوٽي جي منهن تي اڳڙي ڇڪي ٻڌي اُن تي اَن ُ رکي کارائين. جيئن سندس چهنب کي ڪا سخت شيءِ نه لڳي، متان چهنب ڀـُـري پوي، ٻيو پاڻيءَ پيئڻ ڪاڻ هڪڙي ٺولهي يا جمن ۾ پڻ ڀري رکندا آهن. ڪوڪڙي، ڪڪڙ کي ڏيهاڙي ڳٽڪارون پيا ڪندا آهن ۽ چپٽي وڄائي ٻانگن ڏيارڻ تي هيرائيندا اٿس. جيئن چپٽي پيئي وڄندي ته ڪڪڙ، ”ڪڪڙوڪو ڪڪڙوڪو“ آواز ڪري ٻانگ ڏيندو آهي. گهڻن ڪڪڙن جي آواز کي جي اَسور (سحور) جوڪندا آهن. ڪڪڙن جا دَس (دڦ) چون جنهن ۾ کنڀڙاٽيون کٽيري ۽ بدن سان هڻي هڻي ٻانگ ڏيندا آهن. ڪڪڙ چپٽيءَ تي نه رڳو ٻانگون ڏيندو آهي، پر پرَ ٽيڙي ڪانڊربو به آهي. ان تي ڪوڪڙي کيس شاباس پيو چوندو آهي ۽ آڀاريندو پيو اٿس.

ويڙهه جي ميدان کي ڪڪڙ جو آکيڙو چون، جتي ويڙهو ڪڪڙ ۽ ڪوڪڙي، خفتي ۽ تماشبين سـَـوَن جي تعداد ۾ اچي گڏ ٿيندا آهن. اڳين اهي ڊايون جمعي ڏينهن تي ۽ هاڻ هر آرتوار تي ٻڌيون وڃن ٿيون.

ويڙهه کان اڳ بازي، روڪڙن پئسن ۾ لڳائين ان کي ”تر“ چون، ويڙهه شروع ٿيڻ کان پوءِ جيڪا بازي لڳي، تنهن کي مٿُ يا مٿاڳي ڪوٺين. اها بازي بعضي بعضي وڌي وڃي هزارن سان لڳندي آهي ۽ هارائيندڙن جو گهر ڏول ڪري ڇڏيندي آهي. آکيڙي ۾ ويڙهائڻ کان اڳ ڪڪڙ ويڙهائڻ کي ڪڪڙ ڦڙڪائڻ سڏين. جڏهن ڪڪڙ آکيڙي ۾ وڙهڻ لاءِ ايندو ته هن کي خفتي ڦوهاري تي ڦوهارو ڏيئي تازو توانو پيا ڪندا. ڪڪڙ هڪٻئين کي چهنبن، نرين ۽ کڙهن سان ڌڪ هڻي رتورت ڪري ڇڏيندا آهن. انهن ۾ گلوءَ واري، چوٽَ، قنداق، اڌڳچي، پٺا، نري، کڙهه ۽ خالي ڌڪن جا نالا ڳڻيا ويندا آهن ۽ جي ڪي ڌڪ ڏکڻن هنڌن تي لڳن تن کي ”اَثر“ ڪوٺين. خاص ڌڪ کي ”ڪاري“ سڏين. هن ڌڪ لڳڻ سان ڪڪڙ ڦيريون پيو کائيندو آهي ۽ توائي ٿي ويندو آهي. هن ڌڪ لڳڻ تي تماشبين کان دانهن نڪري ويندي آهي ۽ چوڌاري هلاچو ۽ ڪوڪريو پيو ٻرندو آهي.

ڪوڪڙي، ڪڪڙن کي سارو ڏينهن ويڙهائيندي نه ٿڪبا آهن، جيستائين ڪو ڪڪڙ، اُتي جو اُتي مري پوي، يا ڌڪ هڻڻ ڇڏي ڏي يا انڌو ٿي پوي يا آکيڙي مان ڀڄي ڪنهن پاسي منهن ڪري ڀڄ وڃي.

بيماريون:

ڪڪڙن ۾ ڪيترن ئي قسمن جون بيماريون ٿينديون آهن، جن ۾ ڪڪئي يا لڙهو تمام نـُـگرو مرض آهي. هن ۾ ڪڪڙن کي اڇا دست ٿي پوندا آهن ۽ ٽن ڏينهن ۾ ڪڪڙ چـُـڙي چـُـڙي مري ويندو آهي. ان جو علاج گهڻو ڪري ڪڪڙ جي پڇ مٿان لڙهي جي ڄنڊي ڪنهن اُماڙيءَ سان ساڙي ڇڏيندا آهن ۽ ”ڳڙ ۽ ٿوم“ جام کارائيندا آهن.

تتر:

ڪڪڙن وانگر تترن کي به ماڻهو چوڄ چاهه سان پالين. هنن جا ٻه قسم ٿيندا آهن. هڪڙا ڪارا تتر ۽ ٻيا اڇا تتر. پر گهڻو ڪري شوقين اڇن تترن جي ڌارڻ جو اٺسٺو ڪن، ڇو ته اهي هن ملڪ ۾ گهڻا ۽ عام جام آهن. ڇا ڪن جو بانس جي بانگهن، ڦانگن، ڇينڀن ۽ چيهن مان ٺهيل خاص تترن جو پڃرو وٺي ان ۾ انَ پاڻيءَ لاءِ ڏاٻليون رکن ۽ هڪ يا ٻه تتر ڌار ڌار منجهس رهائين. تتر کي سينڊ هڻڻ تي ٻولائين يا تنوار ڪرائين. جيئن خفتي سينڍ هڻندو ته تتر ”ڪيڙا ڪڪ ڪيڙا ڪڪ، ڪيڙو ڪيڙو“ تنواريندو، ڌاريندڙ خوش ٿي شاباس ڏيندس جيڪو سينڍ هڻي نه ڄاڻندو سو وري چوندو ”ٽهه ٽهه“ ته ان تي ٻولي ڪندو رهندو. تترن جا ننڍا ٻچا پاليا ويندا آهن، انهن جي پالنا تي وڏي محنت ڪئي ويندي آهي. انهن کي جهنگ ۾ سڪل ڇيڻا ڀوري، پڃري مان ڪڍي اُڏوهي کارائيندا آهن، جنهن تي گهڻو زور وٺندو آهي. ڪي خفتي تترن کي به ويڙهائيندا آهن، پر هنن جي ويڙهه ڪڪڙن جهڙي شاندار نه ٿيندي آهي. توهان ڏسندا هوندا ته تترن جا شوقين ميڙن ملاکڙن ۾ ڳاڙهيءَ ڳني ۽ ڳاڙهي پوش سان تترن جا ٻٽا يا هڪا کٽا پڃرا کڻي پيا هلندا آهن. اها هنن جي وڏي وندر آهي.

بلبل ۽ ٿاريلي:

بربل / بلبل کي ڀوري به ڪري ڪوٺيندا آهن. اهو هن ڪري هوءَ جلد هري مري ويندي آهي ۽ مرندي مري ويندي آهي، پر پنهنجي ڌاريندڙ جي ڪڍ ڪين ڇڏيندي آهي. هيءُ پکي جهرڪيءَ کان جان تان وڏو هوندو آهي. هن جا ٻه قسم آهن. هڪ بلبل جنهن جي ماديءَ جي پڇ هيٺان زرديون کنڀڙيون هونديون آهن، جڏهن ته ٻي قسم جنهن کي ٿاريلي چون هنن ۾ وري هڪڙا نر جن کي ”ڪالرو“ ڪوٺين انهن جي مٿي تي مور يعني ڳاڙهو ٿلهو وار بيٺو هوندو آهي ۽ ٻيا سينڌرو يعني ماديون آهن، هنن ٿاريلي بلبلن جي پونجهڙيءَ ۾ پڇ هيٺان ڳاڙهي رنگ جون کنڀڙيون ٿين ۽ سفيد ڳل ڪارن گول گهيرن ۾ ۽ کنڀن جو ناسي سليٽي رنگ ٿيندو آهي.

سياري جي مند ۾ جڏهن کٻڙن ۾ مـَـڪِ ٿيندي آهي ۽ پيرون پچندا آهن. ته بربلين/بلبلن جا ولرن جا ولر اچي نڪرندا ٿيندا آهن. پوءِ ڪي حريف هنن کي ڪوڙڪن ۾ ڦاسائي وڪڻندا آهن ۽ شوقين وٺي هنن کي پيٽ جي چوڌاري وٽيل سڳو پيٽي ٻڌي، ان ۾ ڦنڌڻن ۽ موتين وارو ڏورو وجهي، هٿ تي کڻي پيا هلندا آهن ۽ هن کي ڪتل، گجر، خوراڪ، ۽ ٻيا سٺا سٺا کاڌا کارائيندا آهن، سندس اڳيان هڪڙو هٿ مٿڀرو جهلي چوندا ته ”هل ڀوري چپي تي“ يا سينڍ هڻي ٽپا ڏياريندا اٿس. گهر جي ڀت جي ڪنڊ ۾ هڪ ڪماڻ وانگر ڪاٺي کوڙي ان تي ويهاريندا آهن ۽ چون ته بربل اڏي تي ويٺي آهي. ٿاريلي، هي پکي بربل کان ٻيڻو آهي. هن کي بربل وانگي ڦاسائي وڪڻندا آهن، پر هن جي قيمت ڳري هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ پکي بربلن وانگر ولرن جا ولر نه هوندا آهن. هن کي به پيٽي ۽ ڏورو وجهي هٿ تي کڻندا آهن. هن پکيءَ جي پونجهه ۾ پڇ هيٺان وري کهنبي رنگ جون کنڀڙيون ٿينديون آهن. ٿاريلي ڇڊي پاڊي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. سندس کاڌو ساڳيو بربل جهڙو هوندو آهي.

بانشو، باز ۽ شڪرو:

هي شڪاري پکي آهن. هنن ۾ باز جي جنس مادي آهي. هنن کي هيرائڻ جي لاءِ پهريائين اکين تي چمڙي جا کوپا جن ۾ ٻه سنهڙا ٽونگ هوندا آهن چاڙهين، پيرن ۾ وڍيون جن کي دوال چون ۽ هڪڙو گهنگهريو به وجهن. هنن پکين جا چنبا تکا آهن. تنهنڪري چمڙي جا دستانا هٿ تي چاڙهي، پوءِ هن جي ڏور هٿ ۾ قابو رکن. هنن پکين کي تلور پکي ۽ هرڻن جي شڪار ڪرڻ جي سکيا ڏني ويندي آهي. هنن جي تاتيندڙ کي ”بازدار“ چون بازدار جي بڇ جنهن کي هڪل چون اُن تي باز ان پکي يا هرڻ پويان اُڏامندو، پکي هوندو ته وڃي اوراٽيندس ۽ هرڻ هوندو ته سندس سڱن تي ويهي اکين ۾ ٺونگا هڻي انڌو ڪندس. هن جي گهنگهري جي ڇمڪي تي بازدار گهوڙو ڊوڙائي، اتي پهچي، شاباش ڏئي کانئس اهو ڇڏائي حلال ڪندو. جي مري ويو ته باز کي طعام ڪرائيندو. باز جي وٺ کي ”پخالءِ“ سندس آواز کي ”زيل“ چون. اونهاري ۾ جڏهن گرميءَ کان کنڀ ڇڻي ويندا اٿس ۽ جيستائين ٻيا کنڀ نڪرن، تيستائين چون ته باز ”ڪـُـريز“ ۾ آهي. هي پکي مزاج ۾ نازڪ به آهن ۽ پهلوان به آهن. اصل ٿڌن ملڪن جا رهاڪو آهن.

ڪتا:

هن ملڪ ۾ رکوالي، وندرن ۽ شڪار لاءِ ڪتا ڌارڻ پڻ شمار ڪيا وڃن ٿا(1). جتي ماڻهو رهن ٿا اتي ڪتو به اوس ملي سگهندو. ڪن صدين کان وٺي ڪتي جو ماڻهن سان گهاٽو سٻنڌ آهي. ڪتي ڇهين مهيني ويامندي آهي ۽ ڪيترائي گـُـلر ڄڻيندي آهي. ڪتو نر بالغ تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن پوئين ڄنگهه مٿي کڻي پيشاب ڪندو آهي. ڪتي کي پگهر اصل ڪونه ٿئي! ڪيترو به ڊوڙندوآهي ۽ ڊوڙي ڊوڙي ٿڪي پوندو آهي يا گهڻي گرميءَ سببان ڪنهن ڇانوَ ۾ ويهي آرام ڪندو آهي ته ڄڀ لڙڪي پوندي اٿس، جنهن مان گگ ريلا ڪيو پئي وهندي اٿس. ڪتي جي هيءَ به خصلت آهي ته ڪڏهن به پيٽ ڀري نه کائيندو آهي، جي روزانو پيٽ ڀرڻ جيترو کاڌو ڏبس پيو ته وچ ۾ ضرور ويلا واريندو يا لنگهڻ ڪڍندو، ڇو ته هي تمام سمجهو جانور آهي، هن کي هيءَ ڳالهه ڪـُـکي ٿي ته متان ڪڏهن سک مان نڪري وڃي ڏک ۾ پوان، ته پوءِ ڪٿان پوري ڪندس.

ڪـُـتن ۾ جيڪو ڪتو رڳو پيو ڀؤنڪندو آهي، سو ڪڏهن به چڪ نه پائيندو ۽ ڪهڙو به ڪتو اُلر ڪري اچي ۽ جي گهروڙي ڀونڊو يا بجو ڏبس ته هشمت هلي ويندس ۽ ڀؤنڪڻ کڻي بند ڪندو. ڪتو، جي ڇتو ٿي پوندو آهي تڏهن به پنهنجي ڌڻي يا مالڪ جي ساڃاهه هوندي اٿس.

ڪتو هڪڙو سياڻو ۽ وفادار جانور آهي،(2) تنهنڪري ٻهراڙيءَ ۾ جتي ڇڊو پاڍو گهرڙو، يا ڪا وانڍ يا اوطاق جتي مال موجود رهندو آهي، ته ڪتو به ضرور رکڻو پوندو اٿن. خانه بدوش، رولو ۽ گهومو قبيلا پاڻ سان ڪتن جو چڱو تعداد وٺي هلندا وتندا آهن. ڌنارن، ڌراڙن ۽ پهنوارن جي لاءِ ته ڪتو سر جون سٽون ڏيندوآهي. مالدار پنهنجو چؤپايو مال الله داني، پر ڪتي جي آسري تي ڇڏي وتندا آهن، الوليون ڪندا. ڪتي جي وفاداري بابت گهڻيئي ڳالهيون سنڌ ملڪ ۾ مشهور آهن، جن مان ڏاڙهيارو جبل جيڪو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ آهي. اتي وفادار ڪتي جي قبر جي نالي سان هڪ ماڳ مشهور آهي.

ڪتي کي ”ڪـُـور ڪـُـور“ ڪبي ته ڊوڙي اچي اڳيان بيهي پڇ کي لوڏي، پنهنجي وفاداري ۽ فرمانبرداريءَ جو مظاهرو ڪندو آهي. جي ڪنهن تي بڇ ڪرائڻي هجي، ته رڳو هو رڇڇ هورڇڇ چوڻ سان ان جي مٿان چڙهي ويندو ۽ رک رکان ڪندو ئي ڪين!

سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪو آهي ته ”ڪتن بنا شڪار ڪهڙو؟“ ڪتن کي شڪار ۽ مـِـرُن (سوئرن) جي ويڙهه واسطي پڻ ماڻهو شوق پئي ڌاريندا آهن. سهي ۽ ٻليءَ جي وٺڻ لاءِ سينڊ هڻي بڇ ڪندا آهن. پر مرون (جنهن جي نر کي سوئر يا سور ۽ ماديءَ کي قـُـَونڊڻ چون) جي مارڻ ۽ رڇن سان ويڙهه ڪرائڻ جي لاءِ هوشيار ڪتن کي سکيا ڏيندا آهن. تعلقي ٽنڊي الهيار جي شهر بڪيرا شريف ۾ مخدوم صديق محمد شاهه قريشيءَ جي لوڌ، ٽنڊي سومري تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ رئيس الهه بخش نظاماڻيءَ جي لوڌ ۽ مٽياري تعلقي هالا ۾ ڄاموٽن واريون لوڌون ۽ پير مهدي شاهه روهڙيءَ واري جون لوڌون مشهور هيون. اهي مرونءَ تي وٺي وڃي بڇون ڪرائيندا هئا. هڪڙا ٽونڪي ڪتا، بـَـهي بـَـهي مرونءَ کي ٿم مان ڪڍندا هئا، ته ٻي لوڌ لڳندي هيس پٺيانس، پوءِ جيڪو هوشيار، ڄاڻو ۽ ڏيکاريل ڪتو هوندو سو ساڻس ٻٽ ڊوڙندو ويندو ۽ جتي به ڪو وجهه لڳس ته يڪدم مرونءَ کي ڪنَ ۾ بند (چڪ) هڻي بل ڏيئي ٻئي پاسي تي اُٿلي پوندو ۽ اٿلڻ سان مرونءَ جو ڪنڌ (جيڪو پاسيرو چوري پوري نه سگهندو آهي) وٽجي ۽ مروٽجي پوندو ۽ پوءِ وٺي هـِـڏڪارون ڪري زمين آسمان مٿي تي کڻي ڏيندو. تان جو ڏڦي وارو پهچي، ڏڦو هڻي آنڊا گجيون ڪڍي ڪندس ٻاهر. اهڙيءَ طرح ڪتن ۽ سوئر جي ويڙهه ڪرائي شوقين ماڻهو تماشو يا رونشو ڏسندا آهن.

        سنڌيءَ ۾ هڪ پهاڪو به مشهور آهي: ”مروان موت، ملوڪان شڪار(1)“

        ڪتو ڪڏهن به پنهنجي ڌڻيءَ جو نقصان ٿيڻ برداشت نه ڪندو آهي(2) . پر ڪتي ۽ فقير جو پاڻ ۾ ڪو الستي وير آهي. فقير ڏٺائين ته ڪتو مڇريو. چون ٿا ته: ڪتو ڏاڙهي، فقير کي اها ڏانائي ٿو ڏي ته ”اي بيوقوف، ڏس ته بک، ڏک ۽ سک ۾ آءٌ پنهنجي ڌاريندڙ جي در تي ڪريو پيو آهيان ۽ تون اِنسان ٿي ڪري، پنهنجي حقيقي مالڪ جي چانئٺ ڇڏي ۽ ان کان منهن موڙي وتين ٿو بندن جي درن تي جتيون گسائيندو ۽ ليلڙاٽيون ڪندو. ڪو شرم ڌار!“ ڪتو، ڪتي جو دشمن به هوندو آهي. سندس حد مان هروڀرو ڪو اوپرو ڪتو لنگهڻ جي همت نه ڪري سگهندو آهي. جي بيمار هئڻ سبب ٻيو ڪجهه ڪري نه سگهندو آهي، ته گرندو ضرور، تنهنڪري چوڻي آهي ته: ”وڙهڻ ڪم ڪتن جو.“

        ڪتو ڪتيءَ سان لڳ ڪرڻ کان اڳ ان جو سوڪ چٽي پوءِ ٻـُـڪي هڻندو آهي. هن جي ڌات نڪرڻ کان پوءِ سندس بولانڊو اندر سڄي وٽجي ڳنڍ ٿي پوندو آهي ۽ ڳڀ پڪو ڪرڻ ۾ اٽڪل 15 - 20 منٽ ڪتيءَ سان اٽڪي بيهي رهندو آهي.

ڪتي کي ڪتيءَ سن سنجوڳ ڪرڻ لاءِ راتين جون راتيون پٺيان هلي چڪ چنبا سهي آماده ڪرڻو پوندو آهي. جيڪو ڏاڍو ڪتو هوندو آهي، ته ان لاءِ ٻيا ڪتا ميدان ڇڏي پري ٿي بيهندا آهن، جيستائين هو پنهنجي هوس پلي وٺي.

سال ۾ ٻه ڀيرا ڪتن ۾ ڪت ٿيندي آهي. ڪت جي وقت پاڻ ۾ وڙهي وڙهي ڦٽجي پوندا آهن. ڪتن جا رنگ ۽ نسل ڪري جدا جدا نالا رکيل آهن.


(1)  ڪاڃڻ = شهتير = ڇٽ جي مک وڏي ڪاٺي، مٿان ڇت پوندي آهي. (نظرثاني ڪندڙ)

(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

(1)  ڪتا، بگهڙ جو هڪ نسل آهن، جنهن کي سڄي دنيا ۾ سڀ کان پهرين ايشيائي لوڪن ڌارڻ شروع ڪيو. سنڌ جي شڪاري قبيلن وٽ ڪتن جا ولر ٿين ٿا، ان مان وسهڻ ۾ اچي ٿو، ڪتا ڌارڻ جو ڪم سنڌ ۽ ڏکڻ هندستان جي شڪاري قبيلن شروع ڪيو هوندو. (نظرثاني ڪندڙ)

(2)  ولايت جي ڪتن بابت گهڻيون ڏاهپ جون ڳالهيون ٻڌايون وڃن ٿيون، اتي کير جا ڀاڳيا، شيشي جي ٺهيل ٽانڪين ۾ جن کي ڦيٿا لڳل هوندا آهن ۽ پاسي ۾ ماپ جي پٽي پڻ جڪڙيل هوندي آهي، اها ٽانڪي ڪتا ڪاهي وڃي ٿيتين کي روزانو کير ڏيئي ايندا آهن. ڪتا گاڏي ڪاهي گراهڪ جي در تي پهچي ڀونڪ ڪندا، ۽  ٿيتي، ٿانءُ کڻي ان ٽانڪيءَ جي نل جي ٻنجي کولي کير واهيندو. ڪتو بيٺو ڏسندو، جڏهن سندس نشان ٿيل سنڌي تي کير پهچندو، ته ڪتو وري ڀؤنڪ ڪندو. گراهڪ ٻنجي بند ڪري کير کڻي گهر ويندو ۽ ڪتا وري ٽانڪيءَ کي اڳتي ڇڪيندا تان جو هفتي پوري ٿيڻ تي ٿيتيءَ جي گهر جي در تي ڀونڪي بل ڏيندا ۽ پئسا وٺي مالڪ کي اچي پهچائيندا.

            ڪتن ۾ قوت مشام يا نوس نوس جي عادت زوردار ٿيندي آهي. ولايت ۾ ڪتن کي، ڏهاڙي ماڻهن جي هٿن پيرن جي بوءِ سنگهايو ڇڏين، پوءِ ڪتا نوس نوس ڪندا وڃي منزل مقصود تي پهچندا آهن. ڇو ته ولايت ۾ پٿريلي زمين تي ڏوهارين جا پيرن يا هٿن جا نشان ظاهر بظاهر ڏسڻ ۾ نه ايندا آهن. هتي اسان جي ملڪ ۾ به پوليس کاتي ڪتا ڌاري، سيکاري، ڏوهارين کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ٿي. سرڪسن ۾ به ڪتا عجيب ۽ غريب ڪرتب ڏيکاريندا آهن.(ليکڪ)

(1)  نظرثاني ڪندڙ پاران اضافو آهي. (ادارو)

(2)  ڳالهه ٿا ڪن ته: هڪڙو بيمار ڪتو، هو هوا ۾ پيو هو، ٻن ڏينهن کان وٺي مالڪن هن جي اڳيان مانين ۽ ڀت جا ڍير کڻي گڏ ڪيا هئا، پر ڪتي اک کنئي نٿي ڏٺو ته ڇا آهي، ڇا نه آهي؟ انهيءَ اناج جي ڌپ تي هڪڙي ڪتي اتي اچي اهي کاڌا کائڻ لڳي، ته اهو ڪتو ڪتيءَ جي بانس تي ٿورڙو ڪنڌ مٿي کڻي هن کي ڏسي وري ڪري پيو. اتي ڪو ڀڳوان جو ڀڳت به بيٺو هو، تنهن ڪتي جي ههڙي حالت ڏسي يڪدم چئي ڏنو ته اي ڪام ديوتا، توکي به نمشڪار هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org