ائين چئي سسئي گهر کان ٻاهر نڪتي. اتي ماڻس سهي ڪيو ته مار!
سسئي ته هٿن مان ٿي وڃي. سو ڊوڙي اچي جهليائينس، ۽
دڙڪو دهمان ڪري، کيس گهر ۾ ويهاري، در بند ڪري،
ٻاهران لٺ کڻي ويهي رهي. پر سسئي کي هئي سڪ
پنهونءَ جي پسڻ جي، سو کيس ڪنهن به طرح سک نه پيو
اچي. نيٺ ڪنهن بهاني سان گهر مان نڪري، ساٿ ڏانهن
رواني ٿي. اچي ڏسي ته سندس باغ ۾ اُٺ بيٺا چرن.
ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس، پوءِ ته اچي اُٺن ۾ ڪامون وڌائين.
پريان ٻاٻيهو بيٺو هو، تنهن اِهو لقاءُ ڏسي چيس
ته: سهڻي نينگري! تون پنهنجو باغ سنڀال. باقي
منهنجن اٺن کي نه مار!
نڪ سنهي مُنهن ڦُٽري، تون اچي جا نار!
باغ رک تون پنهنجو، منهنجي ڪَرهن ڪام نه مار.
اتي سسئي، ٻاٻيهي کي ڏسي سهي ڪيو ته اهي اُٺ ڪيچ ڌڻي پنهونءَ جا
آهن، سو پشيمان ٿي ٻاٻيهي کي چوڻ لڳي: انهن ڪرهن
تان باغ ته گهوريان پر باغ جا مالڪ به گهوري
ڇڏيان، مون کي ڪهڙي ڪل ته ڪرها اوهان جا آهن. هي
باغ ته مون وڏي ڪوڏ سان ڪيچين ڪارڻ پوکايو هو،
تنهن کي ائين برباد ٿيندي ڏسي ڪاوڙ آيم، تڏهن
اوهان جي ڪرهن کي ڪامون هنيم:
باغ ڌڻين سوڌو گهوريان، گهوريان ساهه سندوم
مون تان ڪوڏ پوکايو، ڪارڻ ڪيچ ڌڻين.
پوءِ پڇيائين ته: پنهون ڪٿي لٿو آهي، ۽ سندس ساٿ؟ ٻاٻيهي چيس
ته: اهي تنهنجي باغ ۾ لٿا پيا آهن. سسئي ٻاٻيهي
سان گڏجي قافلي ۾ آئي، بهانو ڪيائين ته ڪيچ جو
سُرهو وکر وٺڻو اٿم. انهيءَ بهاني پنهونءَ کي
ڏنائين. پنهون، ٻاٻيهي کي چيو ته: سسئي کي وکر
پنهنجي هٿ سان توري ڏي، پر هن ريت ڏجانءِ:
مهتا! محبوبن کي وکر ڏي وڻي
ڦوٽا تورج ڦٽڙا، ٻي اٽل ڪج گهڻي.
*
مهتا! محبوبن کي وکر وڻي ڏي
کٿوريءَ پاند ڀري، تنهن ۾ جا فرجال ڏي.
پنهونءَ جو حڪم ٻڌي ٻاٻيهي ساهمي کنئي، تڏهن وري به پنهون چيس
ته: ساهمي ڪهڙي ٿو کڻين، ائين پٺارڪ ڀري کڻي ڏي.
انهيءَ تي سسئي به خوش ٿي. وڃڻ وقت پنهون کي
چيائين ته: اسان جو ويڙهو ٻاٻيهي ڏٺو آهي،دل چوئي
ته اسان جي گهر اچجئين. ائين چئي سسئي موڪلايو.
سسئي وکر کڻي گهر آئي، ماءُ پڇيس ته: ڪيڏانهن وئي هئين؟ جواب
ڏنائين ته: وکر وٺڻ وئي هئس. هي اڃان انهن ڳالهين
۾ هئا ته پنهون به پيرو کڻي اچي در وٽ بيٺو. سسئي
جو پاليل مِٺو اوڦٽو ماڻهو کي در تي بيٺل ڏسي ”ٽين
ٽين“ ڪري وٺي اڏاڻو. پنهون ڀري کڻي جو گز هنيس ته
طوطو ۽ گز ٻئي وڃي گهر ۾ ڪريا. اهو ڏسي سسئي جي
ماءُ گهر کان ٻاهر نڪتي. ڏسي ته دروازي تي ڌاريو
ماڻهو بيٺو آهي، ڏمرجي چيائينس ته تون آهين ڪير جو
پراين گهرن ۾ گز هڻندو وتين؟ تنهنجي افعالن مان
ائين ٿو لڳي ته کاٽڙيو آهين يا چور!
ٽلين ويڙهن وچ ۾، تون ڪنهين جو مور
هڻندين کاٽ کڏن کي، آهين ڪپڙ جو چور.
اتي سسئي جان کڻي ڏسي ته پنهون در تي بيٺو آهي. تنهن ڊوڙي ماءُ
کي چيو ته: امان! اهو چور نه آهي، پر منهنجو
ٻاروچو آهي، جنهن تان سڄو ڀنڀور گهوري ڇڏيان.
ٽلي ويڙهن وچ ۾، ماءُ! منهنجو مور
نڪي هڻندو کاٽ کڏن کي، نڪي ڪپڙ جو چور.
ٿيو مون سڱ ٻاروچل سان گهوريان سڀ ڀنڀور.
ماڻس سهي ڪيو ته هيءَ ڇوري هاڻي جهلئي جهل نه ڏيندي، سو پنهنجي
مڙس محمود کي وڃي چيائين ته: سسئي وڃئي ٿي، جي
پرڻائڻو اٿئي ته پرڻائينس. محمود زال جي ڳالهه دل
۾ رکي. زال پنهون جي باري ۾ ٻڌايس. تڏهن محمود ٻين
کٽين کي سڏائي چيو ته وڃي پنهون کي وٺي اچو ته خبر
وٺونس. کٽي ويا سي پنهون کي وٺي آيا. سڀني گڏجي
پڇيس ته: ذات جو ڪير آهين؟ پنهون جواب ڏنو ته :
آءٌ ذات جو نيروٽي، کٽي کٽيءَ جو پٽ آهيان، بابو
ٻانڌڻا ٻڌندو آهي، ۽ امڙ ڪپڙا رڱيندي آهي. اسين
ٻروچن جي راڄ ۾ رهندا آهيون. آءٌ اٺن تي چڙهيو پيو
گهمندو آهيان، ڇو ته مون کي ڪوبه ڪم ناهي:
پنهون ذات پڇن ٿا، پاڻ ۾ مڙي پرٽ
چئي: ذات نيروٽي آهيان، کٽي کٽيءَ جو پٽ
رهون ٻروچن جي راڄ ۾، اٿئون مال اکٽ.
*
بابو ٻڌي ٿو ٻانڌڻ، امڙ رڱي رڱ
آءٌ اٺن تي چڙهان، ٻيو نه ڪريان ڪم.
چيائونس ته: تو ڪپڙا برابر ڪين ڌوتا، پر ڌوئيندي ڏٺا هوندءِ،
ڌوئي ڏي ته تنهنجي اصل جي خبر پئي. پنهون چيو ته:
ڏيو ته ڌوئي آڻي ڏيانوَ. ڪپڙا ڏنائونس، سي کڻي
هليو. اها خبر پئي سسئي کي، تنهن ڏاڍو ارمان ڪيو ۽
چيو ته: اهو ڪم پنهون مون لاءِ ڪيو آهي، ۽ پاڻ کي
پرٽ چوايو آهي. اهڙي پنهونءَ تان آءٌ پرٽن جون
پُريون گهوريان ته به گهٽ آهن:
پنهون پرٽ چوائيو، مون ڪميڻيءَ لاءِ
پنهون تو مٿانء، پُريون پريٽن گهوريان.
هوڏانهن پنهون ڪپڙا کڻي تڙ تي ڌوئڻ لاءِ ويو، هيڏانهن سسئي
دعائون پنيون، من پنهون ڪنهن حيلي ڪپڙا ڌوئي اچي:
پنهون هليو آ ڌوپ تي، ڪونڊي ڪنڌ ڪري
لوڏ هليو آ، نينهن ڪي، هليو نٿو ڄاڻي
دعا ڪجو جيڏيون، مَن اچي اَگهاري!
پنهون تڙ ڏانهن پئي ويو ته واٽ تان ٻه پريٽ، گنجو ۽ ڪاڻو پئي
آيا. پنهونءَ کي ته خبر ئي ڪانه هئي ته ڪپڙا ڪيئن
ڌوئجن، سو ٻنهي کي ڌوتل ڪپڙن جون هڙون ڏسي، کانئن
پڇيائين ته: ادا! گنديون ڪيئن ڌوئان؟ تن چيس ته:
واهه يار واهه! اسان تان چٿرون ٿو ڪرين! پر جڏهن
پنهونءَ کي چتائي ڏٺائون ۽ سهي ڪيائون ته هي ڪنهن
لاچار کان ڌوٻي ٿيو آهي، تڏهن سٽ سٽي، سيکت ڏيڻ
لاءِ صلاح ڏنائونس ته: گندين ۾ سروٽا ٻڌو، ڦرهي تي
سٽجئين، پوءِ ٻيڙين تي سُڪڻا وجهي ڇڏج. جڏهن سُڪي
وڃن تڏهن ڇڪي لاهجئين ته ڪپڙا ڌوپجي ويندا:
آئين جي اچو ڌوٻيا، گنديون ڪيئن ڌوئجن
ته کريل کٽي ورسيا، چٿرون تان نه ڪجن
ميڙي سرون ۽ سروٽا، کڻي کوڙ ڪجن
وجهي گندين جي وچ ۾ ڦرهي تي سٽجن
جڏهن ٻاهر نڪرن ٽيند مئون، تڏهن کوئي کنب ڙهن.
پنهون ته اها صلاح ٻڌي تڙ ڏانهن ٿيو روانو، پر سسئي ساڳيءَ واٽ
تان گنجي ۽ ڪاڻي کي ايندو ڏسي سهي ڪيو ته هنن ضرور
ڪا حرڪت ڪئي هوندي، سو بهانو ڪري ساهيڙين کي
چيائين ته: هلو ته پاڻ به هلي درياءَ تي ڏسون ته
ڪيئن ٿا مهاڻا رڇ ٻڌن ۽ مڇيون مارين ۽ ڪيئن ٿا
ڌوٻي ڪپڙا ڌوئن!
هلو هلو جيڏيون، پسون پاڻيءَ پيار
ڪنهن پر مرن ٿا مڇرا، ڪنهن پر ٻڌن ٿا ڄار
جي ڌوٻي ڌوئن ٿا ڪپڙا، هلي پسون تن جا پار.
سرتيون نه هليون، تڏهن سسئي اڪيلي سر اٿي هلي. تڙ تي آئي ڏسي ته
ڪپڙا ڦاٽا ليڙون ليڙون ٿيا پيا آهن ۽ پنهون جي هٿن
مان رت پيو وهي. ڇو جو گنجي ۽ ڪاڻي جي صلاح موجب
ڪپڙن ۾ پهڻ وجهي، پنهون ڦرهي تي ڪپڙا سٽيا ته اهي
ڇيهون ڇيهون ٿي ويا. پنهون جا بادشاهي هٿ نازڪ
هئا، تنهنڪري سندس هٿ ڦاٽي رتورت ٿي پيا هئا. ويتر
درياءَ جي سُتين (ننڍڙين سپن) به پير وڍي ڇڏيا
هئس، پنهون جو اهو حال ڏسي سسئي کي ڏاڍو ارمان ٿيو
۽ چوڻ لڳي ته: منهنجي لاءِ پنهون اچي پريٽ بنيو
آهي، پر هتي پرديس ۾ ڪير سندس دوا دارون ڪندو!
منڻ سنياس رت ۾، ڦاٽل هٿ وچاءِ
پرڏيهي پنهونءَ سان ڏسو جاڙ ٿياءِ
*
ڪونڊارو رت ڀريو، سُتين وڍيس پير
پرڏيهي پنهونءَ کي هت پٽيون ٻڌي ڪير؟
پوءِ پنهونءَ کي چيائين ته: ڪپڙا ائين نه ڌوپندا آهن، جيئن تون
ٿو ڌوئين. پهرين کار ۾ ڪپڙا مني پوءِ پاهه جي لغار
ڏينس، آءٌ هوند درياءَ ۾ گهڙي توسان ڪپڙا ڌئاريان،
پر پيءُ جي ڊاءُ ڀر ڊڄان ٿي. هاڻي هينئن ڪر جو
ڪپڙن جو ٻيڻو ملهه ڪري ڌڻين کي موٽاءِ.
آءٌ پاڻ مٿانهون گهوريان، ٻيڻون ڪري وراءِ
پهرين مني کار ۾ پوءِ پاهه چٽڪو لاءِ
توسان هوند گهڙي ڌئاريان، پر ٿي ڊڄان ٻاٻل جي
ڊاءِ.
تيسين پڻس محمود، ڌيءَ جو پير کڻي ڀڳو اچي. سسئي پيءُ کي ايندو
ڏسي ٻٻر تي چڙهي وئي، محمود پڇيس ته، سسئي ڇا پئي
ڪرين؟ چيائين ته: ٻٻر مان ٻير ٿي پَٽيان. اتي پڻس
چيس ته:
ٻٻرن کان ٿي ٻير گهرين، سسئي سنڌ ڀوري
پرڏيهي پنهونءَ سان متان لڳئي لَهه ڇوري!
وري سمجهائيندي چيائين ته:
پرڏيهي جي پريتڙي اٿئي، پاڻيءَ مٿي باهه
ٻري ٻرندي ڪيترو، اِها اُجهاڻي آهه
ڀوري نينهن نه لاءِ، سسئي، ساٿيڙن سان.
وري چيائينس ته:
پرڏيهي جي پرتڙي اٿيئي جهڄڻ ۽ جهوري
پرڏيهي ويندءِ نڪري، ويندينءِ گهوري.
سسئي پيءُ جي ڳالهه ٻڌي جواب ڏنو ته:
پرڏيهي سان پرتڙي، لنؤن سان جال لڳيام
پنهون پاڻ نه وڃڻو، ٻاٻل! ڏسِ کٽيام.
محمود وري به سسئي کي سمجهائيندي چيو ته: سسئي! پنهنجي پريٽن جي
راڄ ۾ سوين هنرمند ويٺا آهن، انهن مان کڻي ڪو حق
ڪر، باقي پرڏيهي پنهون مان هڙ نڪي حاصل:
نَوَ سوَ وڃن کار کي، ڏهه سوَ تڙ گهڙن
تني ليکو ناهه ڪو، جيڪي ويٺا رڱ رڱن
حق نه ڪرين سسئي، تون ڪو منجهان تن.
سسئي پيءُ کي جواب ڏنو ته: بابا، انهن سڀني کي آءٌ پنهنجو ڀاءُ
ٿي ڀانيان، منهنجو لکيو آهي هوت پنهون سان:
سي سڀ ڀائر ڪري ڀانيان، ڪو ڀاڻيجو، ڪو ڀاءُ
حق به ڪنديس هوت کي، جيڪو ٻاروچو آهه.
*
ڪاٺي ڀڃي ٻه ڪري، سسئي ڇڏيو لِيو
مون ور ڏٺو آهي پنهنجو، مون کي ٻاٻل پرڻايو.
محمود ڏٺو ته سسئي صفا جواب ڏئي ڇڏيو، سو گهر هلڻ لاءِ چيائين،
پر سسئي چيس ته: منهنجو لکيو هوت پنهونءَ سان آهي
تون هل ته آءٌ ساڻس ڪا گهڙي خبر چار ڪري اچان.
محمود ماٺڙي ڪري گهر موٽي آيو. پوءِ سسئي پنهونءَ
جو حال ڏٺو، جيڪو ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪيو حيرانيءَ ۾
بيٺو هو. سسئي صلاح ڏنس ته: جيڪي ڪپڙا ڦاڙيا اٿئي،
تن ۾ چار چار مهرون ۽ جيڪي ثابت سلامت آهن، تن ۾
هڪ هڪ مهر ٻڌي ڇڏ. پنهون ڪپڙن ۾ مهرون ٻڌي گهر کڻي
آيو ۽ کٽين کي چيائين ته: پنهنجا ڪپڙا سڃاڻي کڻو.
هنن ڪپڙا کنيا، ڏٺائون ته ڀلا ڀائي! هنن ۾ مهرون
ٻڌيون پيون آهن، سو ڪپڙا وٺي ماٺڙي ڪري ويهي رهيا.
محمود پڇين ته: ٻڌايو ڪپڙا ڪيئن ڌوتا اٿس؟ جواب
ڏنائون ته: نئين ڪپڙي ۾ هڪڙي مهر ٻڌائين ۽ پراڻي
ڪپڙي ۾ چار مهرون ماڻهن کي جو اُهي مليون سي ڏاڍا
خوش ٿيا آهن؛ ۽ چون ٿا ته اهڙا کٽي ٻيا به ٻه چار
آڻ:
نئين ٻڌائين هڪڙي، پراڻيءَ ۾ چار
مڙيو چون ماڻها، ته اهڙا کٽي ٻيا به ٻٽي ڌار.
محمود به پنهونءَ جي عشق ۽ سسئيءَ جي سِڪ کي ڏسي، نيٺ فيصلو ڪيو
ته کين پرڻائي ڇڏيان، نه ته سسئي ويندي هنُهين.
تنهنڪري ڇو نه پنهونءَ کان قول قرار وٺي سسئي جو
سڱ ڏيان، جيئن سسئي هميشه مون وٽ ڀنڀور ۾ رهي. سو
پنهونءَ کي سڏائي شرط وڌس ته: سسئي سان شادي تڏهن
ٿيندي. جڏهن کٽي ٿي اسان وٽ رهندين. پنهون شرط
قبول ڪيو. يڪدم سندن شاديءَ جو بندوبست ٿيڻ لڳو.
سسئي ٻڌو اکيو، پنهونءَ موڙ ٻڌن
ٻنهي لائون لڌيون، ويٺا منجهه ڀنڀور
مَنهن موتين ڇانئيو، هيري نڌيندس کٽ
جا پرس سمن سومرن، سا پر ڪي پرٽ.
*
سسئي شهر ڀنڀور جي، پنهون سندو ڪيچ
ٻانڀڻ سان ٻروچ، لکئي آڻي لوڙيا.
ائين پنهون پرڻي ڀنڀور ۾ ويهي رهيو. ساٿ وارن کي چيائين ته: جي
ويهو ته ويٺا ماني ٽڪر کائو. باقي جي وڃو ته اوهان
جي مرضي، آءٌ ڪونه هلندس. ساٿ وارن چيو ته اسان جو
ڀنڀور ۾ ڪهڙو ڪم. سو ساٿ ڪاهي هليا. منزلون ڪندا
اچي ڪيچ پهتا. پنهون جي ماءُ ساٿ ايندو ڏسي خوش
ٿي، پر پنهون نه ڏسي ڏاڍي ويڳاڻي ٿي. ساٿ وارن کان
پڇيائين ته: خبر ڏيو، منهنجو پنهون ڪٿي؟ ٻڌايائونس
ته: پنهون ڌوٻياڻيءَ سان پرڻجي ڀنڀور ۾ ويهي رهيو.
اُڀي پڇي ساٿيا، اچو پنهونءَ ماء
ساٿ سمورو آئيو منهنجو پنهون ڪيئن پُئاء؟
چئي: پنهون پرٽائيءَ سان ريجهي ويٺو راءِ.
اهو ٻڌي ماءُ منهن مٿو پٽي، ماٺڙي ڪري ويهي رهي. هوڏانهن سهجان
وري اچي ڀنڀور ۾ ويٺي، تنهن جي خبر سسئي کي به
هئي، ته اها به پنهون جي گهوري آهي، سو پنهون کي
جهلي ڇڏيائين ته: سهجان واري بازار ۾ نه وڃج، باقي
ٻيو سمورو شهر پيو اٿئي. هڪڙي ڏينهن پنهون خيال
ڪيو ته سسئي منع ٿي ڪري، ڏسان ته ڇا آهي؟ سو سهجان
واري بازار ۾ ويو، ڏسي ته سهجان ويٺي آهي! تنهن
پنهون کي ڏسي چيو ته: سسئي ائين ڪانهي جيئن تون
سمجهي پرڻيو آهين، اها ڪچي ٻير ڪانهي، پر پڪي ٻير
آهي، جنهن کي منهنجي ڏير ڇاڙيون هڻي ڇاڻي ڇڏيو
آهي:
ڦرهيون ڦاڙهن کاڏيون، وڃي رهيس دل
ڪيچئون ڪيچي آيا، تن ڪوڙي ڀري ڍل.
*
توجا ڪچي ڀانئي، سا پڪي ٻير
تنهن کي لکين لڳيون ڇاڙڻيون، نائي منهنجي ڏير.
سهجان جي ڳالهه ٻڌي پنهون جي دل ۾ شڪ جاڳيو ته سهجان لاشڪ سچ ٿي
چئي. سهجان پنهنجي تير کي نشاني تي لڳندو ڏسي،
پنهون کي وري چيو ته: هاڻي ڪيڏانهن ويندين؟ مون وٽ
ويهي پنهنجي اکين سان تماشو ڏس، جو سسئي منهنجي
ڏير لاءِ اجها آئي ڪي آئي. پنهون خاطري ڪرڻ لاءِ
اتي ئي ويهي رهيو. اڃا گهڙي به ڪانه گذري ته سسئي
به اچي منهن ڪڍيو. سهجان پنهون کي چيو ته: ڏس سسئي
اچي پئي منهنجي ڏير وٽ. اهو لقاءُ ڏسي پنهون کي
ڪاوڙ چڙهي ويئي ۽ اهڙي جوش مان اٿيو جو سندس چيلهه
۾ ٻڌل ترار جي مياڻ ٺڪاءُ ڏيئي اڌ ٿي پئي. پوءِ
سسئي کي چيائين ته: اڄ کان پوءِ پنهنجو ناتو ٽٽو.
هاڻي وڃي سونارن سان رهاڻ ڪر:
پنهون ڪاوڙجي اٿيو ڀڳس بيٺ مياڻ
سسئي! سونارن سان وڃي ڪر رهاڻ
سسئي سمجهي وئي ته اها باهه سهجان جي ٻاريل آهي. سو سمجهائڻ
خاطر پنهون کي چيائين ته: جن جي ڏاڙهين مان ڪڙي
تيل جي دونهين جي ڌپ ايندي هجي، تن کي آءٌ ڪيئن
پنهنجو قرب آڇينديس!
جن جون ڏاڙهيون دونهن ڌنڌوڙيون، ڇڏين ڦوڪ فهم
سا سسئي سونارن کي ڪيئن آڇيندي انگ.
پر پنهون اِن تي ويساهه نه آڻي هلڻ لڳو. تڏهن سسئي وري چيس ته:
پنهل! هاڻي باهه جي مچ مان لنگهي پرکا ڏينديس،
پوءِ من توکي منهنجي سچائيءَ تي ويساهه اچي!
هاڻي ميڙيو ڪاٺ ڀنڀور جا، پنهون ٻارايا مچ
جڏهن سچي ٿئي سسئي، تڏهن تون پرچ.
پوءِ سسئي ڪاٺ گڏ ڪرائي، مچ ٻارائي آڙاهه ڪيو، جڏهن ٽانڊا ڌؤنڪڻ
لڳا ۽ ماڻهو به اچي مڙيا تڏهن سسئي، سهجان کي چيو
ته: اچ ته باهه مان اڪرون. پوءِ جيڪا سچي هوندي سا
صحيح سلامت اُڪري ويندي. اتي سهجان انڪار ڪري بيهي
رهي پر سسئي ڪنن ۾ هٿ وجهي آڙاهه ڏي ڇڪيس. سهجان
پوئتي ڇڪ ڏني ته ٻئي ڪن پاڙئون پٽجي پيس. پوءِ
سسئي آڙاهه مان اُڪري صحيح سلامت وڃي پنهونءَ جي
ڀر ۾ بيٺي. اتي پنهونءَ کي پڪ ٿي ته سسئي سچي آهي
۽ سهجان ڪوڙي. سهجان جڏهن ڏٺو ته آءٌ ڪوڙي ٿي پئي
آهيان، تڏهن دانهون ڪري ماڻهن کي چوڻ لڳي ته:
هيترن ماڻهن جي اڳيان سسئي ظلم ڪري منهنجا ڪن پٽيا
آهن، منهنجو داد ڪريو. پر ڪنهن به ڪونه ٻڌس. ڦڪي
ٿي پنهنجي گهر هلي وئي.
هيڏي شهر ڀنڀور ۾ ڪو جو پيو ٻَن
سسئي، سوناريءَ جو پٽيو ناحق ڪن.
هوڏانهن آريءَ کي پنهون جي تانگهه ٿي، سو پٽن کي چيائين ته:
پنهون کي وٺي اچو. اچي ته اچي، نه ته ٻڌي وٺي
اچوس.
آريءَ پُٽ پَڇنڊيا، سيگاري سيئي
ڪامڻ سان ڪيهي، وڃي جتو! جاڙ ڪري اچو.
آريءَ جو حڪم ٻڌي، هي ڀائر سنڀري آيا ڀنڀور ۾. پاڻ ۾ صلاح
ڪيائون ته کِريب آهي ڀنڀور جي پاڻيءَ ۾، جو جيڪو
ٿو پئي سو اتي قابو ٿيو وڃي، تنهنڪري پاڻي به
پنهنجا ڀري کنيائون ۽ اٽو به پنهنجو ٻڌي کنيائون،
متان ڀنڀور جو پاڻي پيئون ۽ پنهون وانگر پاڻ به
ڦري وڃون. ڀنڀور جي بازار ۾ گهمندا پهرين ڪلال جي
دڪان تي آيا ۽ ويهي شراب پيئڻ لڳا. پنهونءَ جي
ڀائرن ۾ هڪڙو ڀاءُ بلڪل پنهون جهڙو هو. سسئي به
گهمندي بازار ۾ آئي، پريان ڏسي ته پنهونءَ جا ڀائر
بيٺا آهن. پنهونءَ جي ڀاءُ کي سمجهيائين ته پنهون
آهي. وري خيال ڪري ڏٺائين ته هن کي اڇا ڪپڙا آهن ۽
پنهونءَ جا ڪپڙا ڳاڙها. سمجهيائين ته پنهون کي
شايد ساڻيهه جي سڪ ٿي آهي، تڏهن اڇا ڪپڙا ڍڪيا
اٿس. سو چيائينس ته:
رتا لاهي ڪپڙا، پنهون! اڇا ڪيئن اوڍياءِ
ڪر تو سڪ ساڻيهه جي، ڪر ڏيهي ڪي گڏياءِ.
ائين چئي ويجهي آئي، ڏٺائين ته پنهون ڪونهي، سو ڦڪي ٿي، مُنهن
تي پلئه ڏيئي موٽي. پنهونءَ جي ڀائرن به سمجهيو ته
هي جا ”پنهون پنهون“ پئي ڪري، سا لاشڪ سسئي آهي.
تڏهن چيائونس ته: مائي! پنهون تنهنجو تو وٽ آهي،
وڃي گهر ڳولينس، پر اسين به تنهنجا ڏير آهيون،
منهن ڏيکاري پوءِ وڃ!
مورين مُنڊين لُڏڻي، ڀاڀي! منهن ڏيکار
پنهنون تنهنجو تو ڳَري، وڃي کٽ نهار.
سسئي کين ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ۽ تڪڙي تڪڙي گهر موٽي آئي، ڏسي ته
پنهون ويٺو آهي. چيائينس ته: پنهون تو جهڙا ٻه
ماڻهو ڪلاڙڪي هٽ تي ڏسي آئي آهيان:
مون جي ڏٺا ٻه ڄڻا، پنهون! تو پارين
پِي پِي ڪندا پاڻ هئا بيٺا ڪلاڙين.
تڏهن پنهون جواب ڏنس ته :چري! مون جهڙا سوين اوٺي هتي پيا اچن،
متان ڪڏهن ڀلجي انهن جي پٺيان لڳي هلي وڃين:
مون جيڏا، مون جهڙا، اوٺي لک اچن
متان منڌ ورسجي وڃي پٺيءَ لڳين تن.
سسئي چيس ته: پنهل! مون کي ڀاڀي ڪري سڏيائون ۽ تنهنجي مهانڊي
هئا، تنهن مان پڪ اٿم ته تنهنجا ڀائر آيا آهن،
اُٿي انهن کي سڏي آءُ ۽ سندن مهماني ڪر!
پنهون ڀائرئين آئيا، ڏي مون وڌائي
آڌر ڪر ڪو آيل جو، ڪر ڪا مهماني.
پنهون چيس ته: سسئي! ڏير ڏسي خوش نه ٿيءُ، اهي مون کي وٺڻ آيا
هوندا:
سرهي ٿي نه سسئي، ڏسي ڏير سنداءِ
مون کي نيندا پاڻ سان، رن توکي سَهه ڪندا.
تيسين ڀائر به هڪلي سسئي جي گهر آيا. سسئي کهنبي ۾ هٿ ويڙهي،
ڊوڙي وڃي ڏيرن کي ڀليڪار ڏني ۽ پنهونءَ کي سڏي
چيائين ته: پنهل! تنهنجا ڀائر اچي ويا آهن:
سا کُهنبي ويڙهيو هٿڙا، ٿي منڌ ڏيرن کي ڏي
پنهون! ڀائر ئي آئيا، اچي لڳ ڳري
پنهون به ڊوڙي اچي ڀائرن سان مليو. پاڻ ۽ سسئي سندن آجيان ڪري،
کين گهر ۾ آڻي ويهاريو. پوءِ ته سسئي رڌ پچاءُ ۾
لڳي وئي، قسمين قسمين طعام ٺاهي آڻي سندن اڳيان
رکيائين:
سسئي سيرا چاڙهيا، ڀتين ڀتين پوڄن
مندي ڏيرن ڏٺو ته مَن ۾، اوڏا وڃن نه آن.
سسئي جڏهن ڏٺو ته ڏير ماني نٿا کائين، تڏهن وري کين عطر عنبير
ڏنائين ۽ کين پنهنجي هٿ سان پکو هڻڻ لڳي:
سسئي سيڻن مهندان لک ڪري لُٽڪا
ور ڏيو تيل تريمان هڻي، اوتيو ارڳچا
مورڇل مٿاء، هڻي پاڻ هٿن سان.
پر ڏير نڪي کائين نڪي پين. پنهنجو پچايو ويٺا کائين. وجهه وٺي
پنهون کي ڀنڀور هلڻ لاءِ چيائون، پر پنهون انڪاري
ٿيو. جيڪي ڪجهه ٿي ڳالهايائون سو پنهنجي ٻولي ۾،
سا سسئي نڪي سڻي نه سمجهي ته سندس ڏير ڪهڙي سٽ پيا
سٽين:
پيم پٺاڻن سان، ٻولي ٻي نه ٻُجهن
سنڌي سمجهن ڪينڪي، پيا پارسيون پڇن
منهنجي مهندئون تن، شل وائي ونگي نه ٿئي.
پنهون جڏهن اصل انڪار ڪيو، تڏهن ڀائرن چيس ته: اسين آيا هئاسين
توکي وٺڻ، پر جي تون نٿو هلين ته اسان جو ٽڪڻ
اجايو آهي. هاڻي ست اٺ وکون ڀري اسان کي اُماڻي
اچ. پنهون ويو سسئي وٽ، چيائين ته: ڀائر چون ٿا ته
اسان کي ست اٺ وکون ڀري هلي اُماڻي آءُ. چئين ته
اُماڻي اچان نه ته، نه! سسئي چيس ته: ڀلي اُماڻي
آءُ، منهنجي موڪل اٿئي:
ستن وکن سنرا، مر ڏهين ڏير وڃن
ويهه به ڀرج وتريون، ڪارڻ ڪيچ ڌڻين.
پنهون گڏجي اٿي هليو. شهر کان نڪري ڀرپرو ويا. موڪلائڻ لڳو ته
ڀائرن چيس ته: تون اسان کي شايد پنهنجو ڀاءُ ڪري
نٿو سمجهين. جي ڀاءُ ڪرين ته ڀاڪر وجهي موڪلاءِ.
پنهون ڀائرن کي ڀاڪر وڌو. اُنهن ۾ هڪڙو ڀاءُ ٻٻر،
سڀني کان سگهارو هو، تنهن کي پنهون ڀاڪر وڌو ته هن
ورائي کڻي سوگهو ڪيس:
ٻٻر ٻانهين جهليو، ڀيڙي ٻڌو ڀاءُ
پنهون اُن مٿاءُ، ڇهه ڀيرا ڇڻي پيو.
پنهون پاڻ ڇڏائڻ لاءِ اُٺ تان ڇهه ڀيرا ڪِريو، پر هنن نه ڇڏيس.
نيٺ پنهون ٻٻر کي منٿ ڪئي ته: مون کي ڇڏيو، جو مون
کانسواءِ سسئي لاءِ ڀنڀور وِهه ٿي پوندو:
ٻٻر ٻانهين ٻڌ مَ تون، ڀيڙي جهل مَ ڀاء
ڳوري ڳوٺ منهجاء، ٿي ٻڙڪيو ٻاهر نڪري.
پر ڪنهن به سندس دانهن ڪوڪ نه سُڻي، نيٺ لاچار ٿي پنهون دانهن
ڪئي ته: سسئي! متان مون کي بيوفا سمجهين آءٌ بيوس
آهيان جو ڀائر زوري کنيو ٿا وڃنم:
هاري! ڪج مَ هيتريون، سسئي گلائون
چاڙهائونم چانگن تي، ٻڌائونم ٻانهون
انهيءَ پر آئون، وڃان ٿو وڻڪار ڏي.
اهڙيءَ طرح پنهونءَ جا ڀائر کيس ٻڌي اُٺ تي کڻي ڪيچ ڏانهن روانا
ٿيا.
هوڏانهن سسئي ننڊ مان اُٿي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، ڏسي ته
پنهون آهي ئي ڪونه. سسئي دانهون ڪري گهر جون ڪنڊون
پاسا ڳولڻ ۽ هيڏانهن هوڏانهن جهوتون هڻڻ لڳي:
گهورون ڏيو گهر ۾، ٻاهر ٻاري مچ
پنهون ناهي پلنگ تي، آيل اوري اچ
هئس ڳالهين جو ڳچ، سا پٺاڻي پالهي ٿي.
سسئي کي رڙندو دانهون ڪندو ڏسي، سموريون سرتيون مڙي آيس. انهن
کي چيائين ته: اديون! پنهون مون کان هليو ويو،
هاڻي منهنجو هتي رهڻ اجايو آهي. ڪيچ ڏي ڪاهي وڃي
پنهون سان ملنديس. ائين چئي وڃڻ جي سنبت ڪرڻ لڳي.
سرتين سمجهايس ته: سسئي! چري نه ٿيءُ، اڄوڪي رات
رهه سڀاڻي اسين به توسان گڏجي هلنديونسين:
مڙي آيون سنڌ ڏي سرتيون سڀيئي
رهه اڄوڪي راتڙي، هياري! هتيئي
صبح سڀئي، توسان هلنديونسين سسئي!
سسئي وراڻي ڏني ته: اديون! صبح تائين سور ڪير سهي؟ آءٌ هينئر ئي
هوت ڏي وينديس:
صبح توڻي سور، ڪير سهندي سرتيون!
گهاٽا اٿم گهَٽن ۾ پيغامن جا پور
آءٌ مُيائي معذور، هينئر هلنديس هوت ڏي.
سرتين تڏهن به وڃڻ کان روڪيس، جنهن تي سسئي ڪاوڙجي سرتين کي چيو
ته: هڪڙو ته مون سان گڏجي هوت ڏي نٿيون هلو، ٻيو
وري وڃڻ کان روڪيو ٿيون. اوهان کي ڇو نٿو اعتبار
اچي ته آءٌ هوت کانسواءِ هتي ڪانه رهنديس:
هڪ هلو نٿيون هوت ڏي، ٻيو ڀال نٿيون ڀلايو
سانگ سرتين جي من ۾، ٽيون رويو رهايو
ائين ٿيون ڀانيو ته هيءَ ڪا رهندي هوت ري!
وري روئي ماءُ کي چيائين ته:
کڻ پٿراڻي پنهنجي، پوتي ۽ چوريِ
ڪوهيارو ڪيچ ويو، تنهين وينديس گهوري.
اهي ڳالهيون ڪندي ڪندي اچي صبح ٿيس، تڏهن سرتين کي چيائين ته:
آءٌ پنهنجي حق پويان ويندس، جنهن کي مون سان هلڻو
هجي، سا هلي. جواب ڏنائونس ته: توسان گڏ
هلنديونسين ڪونه، باقي موڪلائڻ ضرور هلنديونسين.
سسئي ڀنڀور ڇڏي ٻاهر نڪتي، سرتيون ساهيڙيون کيس اماڻڻ لاءِ
هليون، پر سمجهائينديون به ويون ته: سسئي!پوئتي
موٽ، اڳيان رائو رڃ، تنهن ۾ تون اڪيلي ڪيئن جبل
جهاڳي سگهندينءَ؟ جي نٿي موٽين ته اسين به توسان
گڏ هلنديونسين. تنهن تي سسئي کين چيو ته: اوهين
ورن واريون، هتان ئي موٽي وڃو، ۽ وڃي پنهنجن ورن
سان سکيون ٿيو، متان ڪا اُڃ مري منهنجي پنهونءَ کي
پاراتو ڏئي. اهو ڏونگر منهنجي نصيب ۾ آهي، سو آءٌ
وڃي ڏورينديس:
اَئين جي ورن واريون وڃو سڀ وري
متان ڪا اُڃ مري، ڏي پاراتو پنهون کي.
*
آ.ين جي ورن واريون، سرتيون سڌڙيون
آرياڻي پنهونءَ جي ٻول نه ٻڌڙيون
لکئي لڌڙيون، ڏونگر سي ڏورينديون.
تڏهن سرتين وري به سمجهايس ۽ جبل جي جانورن جا ڊپ ڏيڻ لڳيس ته:
سسئي! وڃ نه سڃ کي، نئن نئن نانگ سُڄن
رڇ ڀَٽون ۽ ڀولڙا، سينهن سمايون ڪن
وجهو وات وڻن ۾ ٿيون ڪوراڙون ڪڻڪن
تنهن کان پري سُڄن، ٿا پکا ڄام پنهونءَ جا.
سسئي سندن انهيءَ ڊپ کان نه ڊني، ۽ چيائين ته: جن کي نينهن لڳو
هوندو سي ئي ڏونگر ڏورينديون. اوهين پنهنجن ورن
سان وڃي گهرن ۾ سکيون ٿيو:
آئين جي ورن واريون، وڃو سڀ وري
ٻُنڀان جن ٻري، ڏونگر سي ڏورينديون.
سسئي جي زور ڀرڻ تي سرتيون ته پوئتي موٽيون، پر ماءُ ساڻس هلندي
رهي. تڏهن ماءُ کي چيائين ته: امڙ! هن ڀنڀور ۾
جيڪڏهن سڳي ماءُ هجيم ها ته سُورن ڀائي ٿي مون سان
گڏ ڪيچ ڏانهن هلي ها. تون ڌاري ماءُ آهين، موٽي
وڃ، متان رائي رڃ ۾ رڙي مرين:
هيڏي شهر ڀنڀور ۾ ڪا سڳي هيم ماء
سورن ٻڌي سندرو، هوند ساڻ هلي ساء
موٽ پرائي ماء، متان رائي منجهه رڙي مرين.
سا به وري پوئتي موٽي. باقي پاڻ اڪيلي وڃي رهي، سا ڏونگرن ۽ وڻن
سان پئي ڳالهيون ڪري، ۽ وري نيڻن کي ٿي چئي ته:
لڙڪ نه وهايو، متان پنهونءَ جو پير نه لهي سگهان:
اونچا ڏونگر مَ ٿيو، وڌو ڪيم وڻاء
ٽمو نه نيڻاء، ته پير سڃاڻان پرينءَ جو.
سسئي قافلي جي واٽ وٺي، واري ۽ پهڻن مان ڪيچ ڏانهن هلندي وئي.
ڪي پاهڻ، ڪِي پيچرو، ڪِي واري، ڪِي واٽ
لُڙهي منجهه لَڙاٽ، پير ڏٺائين پرينءَ جو.
جبل جا وڻ واءُ سان لڏڻ لڳا، سسئي ليکي ته ساهوارا آهن، سو
کانئن پڇڻ لڳي ته: اوهان ڪو پنهونءَ جو ساٿ ويندي
ڏٺو؟
ڪري سنڌ ڳالهيون، هي وڻ ڌوڏي ٿو واءُ
سچ ڪِي آن وٽاء، لنگهيو ساٿ سڄڻين؟
اُتي ڏٺائين ته ڏونگر جي ڏار ۾ سَر جو سائو ٻوٽو بيٺو آهي، چوڻ
لڳيس ته: سَر! تون جو جبل ۾ سائو بيٺو آهين؛ شايد
توکي جدائي جو صدمو نه رسيو آهي. دعا ڪر ته جيئن
تون گوندر کان آجو ٿيو بيٺو آهين، تيئن آءٌ به
پنهنجي پنهونءَ سان ملي تازي توانائي ٿيان:
سنديء ڏونگر ڏاڙهه ۾، تون ڪيئن سَر سائو
نه تو گوندر گڏيو، نه تو ڦورائو
مان ورمن وچ ۾، ڪن پانڌي پارائو
مولو ميڙائو، هادي ڪندم هوت سان.
سسئي کي جبل ۾ هلندي هلندي اُڃ اچي هلاک ڪيو. هيڏانهن هوڏانهن
نظر ڊوڙايائين، ڏٺائين ته پريان هڪڙو ٻڪرار، ڳاڙهي
ڳن سان ڪهاڙي ڪلهي تي رکيو ٻڪريون پيو چاري، ڊوڙي
وڃي چيائينس ته: ادا! اُڃائي آهيان پاڻي ڍڪ پيار ۽
ڌڻي جي واسطي ڏيرن جو ڏس به ڏينم:
اُڃ مرندي آهيان، ادا ڙي پهنوار!
ڳاڙهو ڳن ڪهاڙيءَ ۾ ٽليو وڍين ٽار
ڌڻي لڳ ڌنار، ڏي ڪو ڏس ڏيرن جو.
انهيءَ ٻڪرار جا اوصاف به جانورن جهڙا هئا. نه ڪڏهن پاڻيءَ جو
منهن ڏٺو هئائين، نه ڪڏهن سنوارت ڪرائي هئائين،
ڏاڙهي ۽ مڇن جا وار گڏجي ويا هئس، جن جي وچان وات
به ڪونه ٿي ڏٺو. مَر جا مڻ جان تي چڙهيل. سندس بدن
۾ ٻڪرين جي بوءِ؛ سڏ پنڌ تي ٿي آئي. ماءُ کي
سڪيلڌو پٽ هو، سو ان ڏينهن ماءُ سان انگل ڪيو
هئائين ته اڄ ٻڪرين سان ڪونه ويندس. ماءُ چيس ته:
پٽ! خدا ڪندو ته برپٽ مان ڳاڙهي ڪنوار ملندئي.
انهيءَ تي خوش ٿي ٻڪرين سان پهريو هو. سو برپٽ ۾
ههڙي حسن وند ڪنوار ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، سسئي کي
چيائين ته: امان مون کي دعا ڪئي هئي ته ٻڪرين سان
پهرجي وڃ. ڌڻي ڪندو ته توکي جهنگ ۾ ڳاڙهي ڪنوار
ملندي، سا تون مون کي ملي آهين، هاڻي توکي ڪٿان ٿو
ڇڏيان! تڏهن سسئي چيس ته: ادا ٻڪرار! مون کي هٿ نه
لاءِ جو آءٌ اڳيئي سورن ۾ سڙي پئي آهيان. متان
منهنجي درد جي تنوار سڻي تنهنجون ٻڪريون به ڇڙوڇڙ
ٿي وڃن.
مون تي ٿو مچ ٻري، پاسي ٿيءُ پنهوار
سڻي سور تنوار، متان ڇيلا ٿينئي ڇلنگيون.
پر پنهوار پنهنجي خوشيءَ ۾ مست، سو ڪٿي ٿو سسئي جي ڳالهه ٻڌي!
هو سسئي ڏانهن وڌڻ لڳو. سسئي به سندس بد نيت ڏسي
خيال ڪيو ته ٻڪرار کان ڪنهن طرح جند ڇڏائجي، سو
اٽڪل ڪري چيائين ته: ٻڪرار اڃ ٿي مران،، وٽو وٺ،
پاڻي نٿو ڏين ته کير ڍڪ ڏي! ائين چئي، مُنڊي هڻي
وٽي کي ڀڃي، ٻڪرار کي ڏنائين. ٻڪرار به خوش ٿي
ويٺو ٻڪريون ڏهي، پر وٽو ڀرجي ئي نه. اَنڌَ ۾ وٽي
جي ٺينڍي ڏسجڻ ۾ ئي ڪانه آيس. تيسين سسئي وٺي پنڌ
پئي. اتي هڪڙو بگهڙ اچي ٻڪرين ۾ پيو. ٻڪرار بگهڙ
ڏٺو، سو ڪڇ مان مَرُ جو ڳوڙهو پٽي ڀر ڪري هڻي بگهڙ
کي ته بگهڙاُڦٽ مري پيو. تڏهن چيائين ته: اهو
هيلوڪو هنيومانءَ، جي پروڪو هئڻئين ها ته پڇ به
ڪونه چورين ها. اتي سندس نظر وڃي وٽي جي سوراخ تي
پئي. اهو به ڪڇ جي ڳوڙهي سان بند ڪري، کير ڏهي وٽو
ڀريائين، کير هٿ ۾ کڻي لڳو سسئي جي پٺيان. سسئي
ڪنڌ ورائي ڏسي ته پهنوار مينهن واءُ ڪندو پيو اچي.
اتي پڪ ٿيس ته هن بدوءَ مان جند ڪانه ڇٽندي. تڏهن
ڌڻي در سوال ڪرڻ لڳي ته: يا خدا! آءٌ پنهنجي حق جي
پٺيان هلي آهيان، هاڻي هن بدوءَ کان بچائج! سندس
دعا اگهاڻي، زمين ڏري جاءِ ڏنس، ٽپي پئي اندر ۽
زمين وري پورجي ويئي، پر سندس گنديءَ جو پلؤ ٻاهر
رهجي ويو. ٻڪرار اُهو ڪپڙي جو ٽڪر ڦاڙي بيرق ڪري،
انهيءَ جاءِ کي لوڙهو ڏيئي ويهي رهيو.
هوڏانهن ڀائرن پنهونءَ کي وڃي ڪيچ ڇڏيو، پر پنهونءَ جي دل ڪٿي
ٿي سسئي کان سواءِ رهي، سو نڪو کائي نڪو پيئي،
ائين پيو هجي! آري سندس اِهو حال ڏٺو ته پڪ ٿيس ته
هيءُ هتي مري ويندو. سو حڪم ڏنائين ته: سسئيءَ کي
هتي نه آڻجو، باقي پنهون کي وڃي ڀنڀور ۾ ڇڏي اچو.
پوءِ لَلو نالي هڪ جت، اُٺ سنڀرائي، پنهون کي کڻي
ڀنڀور ڏانهن هليو. واٽ تي آيا ته هڪڙي قبر ڏٺائون.
پنهون حيران ٿي چيو ته: اڳي آياسين ته نڪا قبر،
نڪو مجاور، سو لَلي کي چيائين ته: ادا، اُٺ جهل،
قبر جي ته زيارت ڪريون:
زيارت ڪريون لوڙهه جي، لَلا! اُٺ جهليج
آءُ ڪا ويرم لائيان ته اُٺ پاڻ سان نيج
اُتي ائين چئيج ته، پنهون پرين گڏيو.
اُٺ تان لهي پنهون ٻڪرار وٽ آيو ۽ چيائينس ته: تون ڪير آهين ۽
هيءَ قبر ڪنهن جي آهي؟ ٻڪرار چيس ته: هڪڙي عورت
هئي، جيڪا هن زمين ۾ پيهي وئي آهي.
اتي ڏسجي ٿو آدمي، ڪهڙو مرد مڪان؟
چئي: پيهي وئي آهه پڙ ۾، مهري منجهه ميدان.
پنهون چيس ته: عورت جا پار ڏي! جواب ڏنائين ته: کُنهبا ڪپڙا پيل
هئس، ۽ ”پنهون پنهون“ ٿي ڪيائين. اُڃ ٿي مُئي، مون
کان پيئڻ لاءِ کير گهريائين. جيسين ٻڪريون ڏڌم،
تيسين زمين ۾ غائب ٿي ويئي. مون کي به ماءُ جي دعا
سان ڪنوار گهر ويٺي ملي هئي، سو ڪٿي ٿو ڇڏيانس،
نيٺ ته اتان نڪرندي، آءٌ به انهيءَ زمين ٽڪر کي
لوڙهو ڏيو، ٻڪريون ٻڌو انتظار ۾ ويٺو آهيان. تنهن
تي پنهونءَ چيس ته: انهيءَ جا ڌڻي اچي ويا آهن،
هاڻي تون ڀڄي وڃي مال جي ڪر! اِتي سسئي به پنهون
جو ڳالهاءُ سڃاتو، سو چيائينس ته:
سوڙهي ڀانءِ مَ منَهي، پنهون آءُ پيهي
اندر باغ بهاربا، ميوا منجهيئي
ڪيچ خبر پيئي ته، پنهون پرين گڏيو.
اتي زمين ڦاٽي پئي، پنهون به ٽپي پيو اندر، ۽ زمين زمين جهڙي ٿي
وئي. پوءِ قاضي ڄاڻي، قاضيءَ جي قيام ڄاڻي:
ڏينهن ٿيندو هڪڙو، ٻي مڙيائي رات
ڪلمون جن جي وات، ڇٽندا سڀ ايمان سان.
ـــــ |