سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :22

 

 

آري فقير چانڊئي جا چيل بيت*

1- ساراهه ڪريان صاحب جي، مرسل منهنجي من
ڪوڙ کان ڪمينيءَ کي، الله ڏيندو اَمن
پڄائي شال پورو ڪريان، هيءُ بيان منجهه بيتن
داستان شروع ٿو ڪريان، ٻيون ڪريو ئي ٻَن
قصو سسئي پنهونءَ جو، چڱا هيئن چون
آءٌ اڻ ڄاڻ آهيان، مون ٻڌو کان ٻين
سڻي سو سائل کان، اوهين ڪجو ڪن
آهيان بندو باريءَ جو، ”چانڊيو“ پيا چون
فائق ٿيس فقيريءَ لاءِ، مانَ ساڌو سڏن
ارواح آڌوتي اٿم، جيءُ منجهان جوڳين
آري چئي، اميدون شال پوريون ٿي پڄن
هاڻي سڀ ڀلي سڻن، جو ڪريان قصو ڪامڻ جو.

 

2- ڪريان قصو ڪامڻ جو، ٻڌو سا ٻاڪار
ته ڀٽ برهمڻ هو نائون نالي نروار
سو سمجهو سيوهڻ شهر ۾، هو پڙهيل پوٿيدار
سوالي سدائين هو،  سو پُٽ لاءِ پينار
سَرهو نه هو سرير ۾، هوس اهو آزار
مايا ملڪيت تنهن وٽ هئي بنهه بيشمار
تنهن ٿي پوٿي پٽي، ور ور ڪريو ويچار
لکيل ڏٺائين ٿي ليک سو رُنو ٿي زار و زار
تڏهن عورت پڇيو اُن کان، ته سچي ڪر سچار
ٻڌايائين ٻول تنهن کي، هيڪاندو هيڪار
ته لکيل ڏٺم لوري، نياڻي سا نيڪار
ليک سان لوڙيندي، بلوچن سان بيڪار
آري چئي، ان اکر تي، عورت ڏني اوڇنگار
ته ٻانڀڻياڻو ٻار، وڃي ملندو مسلمانن کي.

 

3- مسلمانن جي ملڻ کان، ٿيس هنئين منجهه هوري
ٻُڌائج ٻانڀڻ، جڏهن ڇيهه ٿئي ڇوري
گهڻي ٿوري ڏينهڙي، جڏهن ڄائي نياڻي ندوري
ته ٻانڀڻ پنهنجي ٻيٽي تي، لڙهائي لوري
اُڇليائون اوڙاهه ۾، ڇولين منجهه ڇوري
درياءَ تنهن کي دل سان چيو، ته ڀَلي آئينءَ ڀوري
سا واءُ واريو ٿي سير ۾، چاهه منجهان چوري
آري چئي، اوڏي ٿي اچي ڀنڀور کي ڀوري
جتي ڪم ڪري ٿو ڪوري، ڌوٻي پنهنجي ڌوپ ۾.

 

4- ڌوٻي پنهنجي ڌوپ ۾، محمد هئو مستان
اولاد لاءِ اڳيئي هو، سو سائل در سبحان
ايندو ڏٺائين اوچتو، ڪو درباء منجهان دان
پسي تنهن پرور جو ڪيو شوق مان شڪران
ته اکين ڏٺم، آري چئي، ڪو اولاد سندو انسان
پوءِ نياپو سا نيشان، هو پڌرو ڪري ٿو پاڻ کي.

 

5- پڌرو ڪري ٿو پاڻ کي، سانڍيو سائڻ سا
سانڍي ٿي سسئي کي، سا مَرڪيو محبت ماءُ
ائين پيئي چوي ته آهي اسان جو ڳر وياءُ
خوش ٿيو کٽياڻي ٿي ورسيو ويس ڪيا
ته اڄ آهن اسان سان ڀلي جا ڀال ٿيا
آري چئي، انهن جا آهن سائين سڏ سئا
هاڻي ڪر ٿي دل سان دعا، ڌوٻياڻي پنهنجي ڌيءَ کي.

 

6- ڌوٻي پنهنجي ڌيءَ لاءِ ڪيو سائينءَ کي سوال
ته نانگائيءَ جو نالتاڻو، لاٿي نياڻي نال
سو صاحب تنهن سسئي جو، تون بخت ڪر بحال
پيدا تنهن مان پٺ ٿئي، اسان جو اقبال
صورت تنهن کي سائين ڏي، جلوو جوت جمال
نالو تنهن جو نروار ٿئي، ڀلا ڪر ڀال
ٻيا لڇڻ تنهن لاڏليءَ جا، ”چانڊيو“ چئي چڱي چال
ٻڌي اهو احوال، قادر سو قبول ڪيو.

 

7- قادر سو قبول ڪيو، ٿيو مائيءَ تي مهربان
سسئي ٿي صورتوند، ٻي وڏيءَ سُرت سجان
سَکي تنهن جي سهيلي، هئي عاقل اخوان
ٻيون به ٻانهيون تنهن کي، دايون ٿيون دربان
پورهيو ڪريو پرٽ جو، هو گوليون ڪن گذران
ايڏو تنهن کي آري چئي، مليو شرف شان
مولى وڌايو مان، تنهن ڌوٻياڻيءَ جي ڌيءَ جو.

 

8- ڌوٻياڻي جي ڌيءَ ڏسيو، کٽي خوش ٿيو
دم دم سو ڌيءَ لاءِ وٺيو ويس ويو
کارايائين ٿي خومچا، نوان نوان نيو
کٽياڻي ٿي خوش ٿي پيالا پيو پيو
آري چوي، انهيءَ سان ايڏو ڪرم قادر ڪيو
جنهن جو لڙهي لاش ويو، سا پئي نپائجي ناز مان.

 

9- پئي نپائجي ناز مان، اچي سسئي ساماڻي
مشهور ٿي ويئي ملڪ ۾ هاڪ  حبيناڻي
ٻُڌي وڃي ٻاٻيهي ڏني جنهن ڌاڪ هڻي ڌوٻياڻي
بار هئس بلوچ جو، سا رکيائين روح ۾ راڻي
خط لکيائين خان ڏي، ڪا واري وراڻي
ته مون ڏٺي آهي مَٽ تنهنجي، ڄاڻي سڃاڻي
آري چئي، اچي ڏس اها خان به کٽياڻي
سگهو مون سان ساڻي، اچي پنهون ٿي پرديس ۾.

 

10- اهو پرزو پنهونءَ ڏي، لڪائي لکيائين
ٻيو خط خلاصو، آريءَ ڏي اُماڻيائين
سو سچو سردار سان، ڪوڙ ڪيائين
ته آءٌ آهيان باندي بند ۾، سگهو رس سائين
پنهون موڪل پلٽڻ سان، ”آري“ چئي اُتائين
آهيان تو در دانهين، واڻيو تنهنجو وڻجارو.

 

11- واڻيو تنهنجو وڻجارو وڏو هئو واپاري
سيٺ سدائين ڪندو هو، ڪيچين جي ڪامگاري
ڪڏهن هوندو هو ڪيچ  ۾، ڪڏهن سنڌ ۾ سوداگري
ڪيچين کي ڪيچ جي هئي سائينءَ ڏني سرداري
سي موڪليندا هئا ملڪن ۾، وڻجي واپاري
ٻاٻيهو به ٻروچ جو ويو هو بار ڀري باري
سي ٻُڌيو ٻول ٻاٻيهي جو، ڪن ٿا ترت تياري
ڪاوڙجي ڪست مان، سي اُٿيا، چئي آري
چؤطرف چوڌاري، ڪيائون جوڙ جنگ جو.

 

12- ڪيائون جوڙ جنگ جو، سفر جو سعيو
واڻئي جي وارثيءَ لاءِ، تن ٿي هوت هلايو
پر لَلي پنهنجي لشڪر سان ٿي ساٿ سنڀايو
پنهون پنهنجي پيءُ کان، ٿي محب موڪلايو
پيءُ ٿي پنهنجي پٽن جو، آري چئي، عرض اونايو
پر جنهن روح جو رايو، سو سنڀري وڃي ٿو ساٿ سان.

 

13- سنڀري نڪتا سفر تي، ليڙون مٿي لشڪر
بانڪا تن بلوچن جا آهن اُٺ به ازگر
مَيا سي مڪراني ڪيائون هيڪاندا هيڪر
هلڻ مهل هوتن جي ٿيا هل حشر
آري چئي، اُسهيا، سي سڄڻ مٿي سفر
پيئي خان خبر، سو پيءُ موڪلائي ٿو پٽن کان.

 

14- پيءُ موڪلائي ٿو پٽن کان، رويو رويو رت
وڇوڙي جي ورهه ۾، سڄڻ ڇڏي ويو ست
اوهين لکجو اتان وڃي خير سندو ڪو خط
آري چئي، اُڇت، موڪلجو سنيهو ساٿيا.

 

15- موڪلجو سنيهو ساٿيا، جوڙي جلد جواب
جدا اوهان کان جانب هتي، ڪسي ٿيس ڪباب
سهيو ڪين سگهان هتي ايڏو آءٌ عذاب
آري چئي، اوهين آهيو منهنجي سند نينهن نواب
هاڻي سڄڻ ٿيندو ثواب، هن درويش جي دعا جو.

 

16- درويش جي دعائن سان، اُٿي ڪيائون الله توهار
آسري الله جي، موڙيائون مهار
 وٺي سي واٽ ٿيا، ڪرهن جي قطار
آريءَ کي انهن جي، هئي پلپل ۾ پچار
ساڻي جن سردار، سي ڀلي وڃن ڀنڀور ڏي.

 

17- ڀلي وڃن ڀنڀور ڏي، جن سان سيد آهي ساڻي
هُت واڻيو ٿو واجهائي ته مانَ اچن آرياڻي
اِجهي ايندم آري چئي، اڄ يا سڀاڻي
سي سڄڻ سانگ سڃاڻي، اچي حامي ٿيندا هاڙهي ۾.

 

18- حامي ٿيندا هاڙهي ۾، پيو ٻاٻيهو ٻاڪاري
آهيان پياسي پنهونءَ لاءِ، سو ڏاتر ڏيکاري
سائينءَ سڏ تنهن جو سُئو، سي آيا هاڙهي هاڪاري
آري چئي، اڄ آيا، هو ڪرها قطاري
هاڻ پنهون ٿو پچاري، ٻيا ٻول ٻاٻيهي سان.

 

19- ٻُڌي ٻول ٻاٻيهي کان، وڏو ٿين ويچار
سڻائي سڀن کي، هوت ڪيو هوشيار
ٻڌي ڳالهه ڳجهي، للَي ڪئي للڪار
واڻئي جي وڍڻ لاءِ هو چَنو ڦِري چوڌار
ڏسي حرڪت هندوءَ جي، لڳي ٿيا لاچار
ٻي جا وائي وات ڏٺائون، پنهونءَ کي پچار
سي مڙيو مصلحتون ڪن، انهيءَ جو آچار
ڪيچي سڀ ڪٺا ٿيا، اچو سمجهائين سردار
ته سائين! سمجهه رک پنهنجو ننگ نهار
آري چئي، اُٿي تون، واڳ وطن تي وار
پنهنجو ڌيان ڌار، گڏجين ٿو گهٽ ذات سان!

 

20- گڏجين ٿو گهٽ ذات سان، اهو ٽِڪو نه لاءِ
اُچي ذات اسان جي، سو تون وڙ نه وڃاءِ
سسئيءَ جي سڱ جو،  تون هڏ نه هُل هَلاءِ
نڪي کَٽي ٿي کُنڀ ۾، رڱاوت رڱاءِ
هاڻي وطن تون وراءِ، آري چئي، اسان کي.

 

21- وطن وڃو نه وڃو، مرضي اوهان جي ميان
آءٌ ته هوندس هتي، جا سين دم جيان
ڀيڙو ٿي ڀنڀور ۾، شال پيالو پيان
شال پريت پڪي ڪري، نباهي نِيان
آري چئي، انهيءَ سان، وڃي ٿانيڪو ٿيان
راتئين ۽ ڏينهان، اٿم پچار پرينءَ جي.

 

22- اٿم پچار پرينءَ جي، مون جنهن سان قول ڪيو
نيئي مون کي نيٺ سو پارڻو پيو
خلاصو پوءِ خان ٿي، ٻاٻيهي کي چيو
ته سڱ وٺڻ سڄڻ جو، پاڻ وانگي ڪونه ويو
ٻُڌي ٻول ٻابيهي کي جلدي جوش ٿيو
آري چئي، انهيءَ وڃي، کٽيءَ کي خوش رکيو
تڏهن پرٽَ پنهونءَ ڪوٺيو، رنگريز جي راضپي لاءِ.

 

23- رنگريز راضي ٿيو، پر ڪيڏو ڪيچين ساڻ قهر؟
اچي اوچتي چرهي لَلي کي لهر
تنهن مرد موٽائيو، واپس سو وڳر
سڻايائين ثابت اچي، آريءَ کي اکر
تنهن ڪيو هُل حشر، پِٽيو ٿي پنهون لاءِ.

 

24- پِٽيو ٿي پنهون لاءِ، پيو آري اوساري
ته مولى منهنجي محب کي وطن شال واري
رويو رت ڦڙا، ٻيون هنجهون پيو هاري
وڃي پرچائي اچو پرين سو دادلو ڌتاري
مون کي ٿو ماري، وڇورو تنهن وير جو.

 

25- وڇوڙي ۾ تنهن وير جي، جلي ٿي جان
جيئري جت ملايو، پنهل سو پهلوان
ارواح اُداسي جنهن لاءِ هينئڙو ٿيو حيران
آري چوي، اُسهيا، سي موٽي منجهان مڪران
پوءِ کڻي سنبت سامان، سي ڪاهي ڪيچي هليا.

 

26- ڪاهي ڪيچي هليا، اچي رسيا اُتي
ڇڏي ويا هئا، ڇِني سي، جاني به جتي
اچي چيائون عجيب کي ته هل تون هتي
سڄڻ تو لاءِ سُتي، آري پيو اوساري.

 

27- آري پيو اوساري، هل وطن ڏي وري
چئي: هلندس هاڙهي ڏي، پر پرينءَ سان پت پري
شوق ڪيو اٿم شاديءَ جو، سعيو ڪريو سنڀري
سا سڄڻ اوهين ڏسو، ڪريو خوشخبري
پوءِ هلنداسون پوئتي، ”آري“ چئي اڏري
پين دل ٺري، ٻُڏي قول ڪامل کان.

 

28- ٻڌي قول ڪامل کان، سڀن ڪو سعيو
شوق مان شاديءَ جو اَٿن هُل به هلايو
ته هوت وڃون ٿا هٿن سان، پنهون پرڻايو
خانن کٽيءَ ڏسيو، راضپي جو رايو
کٽيءَ به خوش ٿيو ٿي محفل کي مچايو
هڪڙي خوشبوءِ کٿوريءَ جي، ٻيو عطر اَڻايو
خلاصو پوءِ خان لاءِ، تنهن ٿي پنهون پهرايو
اٿي تنهن، چانڊيو چئي، ٿي پنهون پهرايو
کٽي ته خوش ٿي آيو، ڏيڻ وڳا وير کي.

 

29- وڳا تنهن وير لاءِ، آندائين اَنبار
پوشاڪون پَٽ جون، جوڙايائين جلويدار
ٻي آندائين عجيب لاءِ موڙ مڻيادار
ڪيمخابي قميص تي، سونهري پاتائين سلوار
سر تي سوني تاج هئي، پڳ ٻڌي پڳدار
جهاٻا جهُومڪ جهائين جهرمر عجب اسرار
حسن تنهن حبيب جو، کليو گل گلزار
عطر ۽ عنبير سان واسطي سڀ وڻڪار
پنهونءَ جي پرڻي جي پيئي پٽَ پچار
ڄاڃي ساڃي اُت مڙي، سڀئي آيا سردار
ميندي رکيائون مرد کي، ڳائي ڳاچ هزار
سهرا ڳايا سرتين، ڪيا ويس وينجهار
گهوڙي تي گهوٽ هو هلي ٿيو هسوار
وڌائون گهورون گهوٽ تي، ”چانڊيو“ چئي چوڌار
سرگس ساڻ سينگار، هو گهوٽ گهمي گهر آيئو.

 

30- گهوٽ گهمي گهر لهي، لانئن تي آيو
سهرا ڳايو سرتين ٿي پنهل کي پرڻايو
لانئن ويلي لالڻ جي، تن سيج کي سنڀايو
چئي: پلنگ پٿرڻيون پالڪيون، وير لئي وڇايو
گل ڦل وجهي گاديءَ کي، ٻيا موتي مڙهايو
محب مليا محبن کي، ڏسو رب جو رايو
آري چئي، انهيءَ ريت، تن راءُ کي ريجهايو
جن کي مولا ملايو، تن جا گوندر گڏجي ويا.

 

31- گڏجي گوندر ويا، ڪيو رب رحم
محب سي مليا، ڏس ڀلن جا ڀرم
”چانڊيو“ گهري ٿو چاهه مان، فقيريءَ جو فهم
قادر ڪيو ڪرم، جلدي سي جانب مليا.

 

32- جلدي جانب مليا، خوش ٿيو سي کِلن
حال ۽ حقيقتون، ٿا اندر جون اورِن
ليٽيو لعل پلنگ تي، سُور به ٿا سلن
آزار جي عشق جا، سي ڏيو وَرَ ونڊن
پرچيو پين پاڻ ۾، کير ساڻ کنڊن
آري چئي اُنهن، ٿي سراهيو صاحب کي.

 

33- ساراهيو صاحب کي، ڪن شوق مان شڪران
ته اڄ اسان تي ٿيو آهي مالڪ مهربان
ڏسو ڪم قادر جا، جو وريو ٿو ڪري ويران
اچي اوچتو ٿيو جتن کي جؤلان
تن پنهون کي پياري ڪيو مرد سستان
سسئي به سُرڪيءَ سان، هڪدم ٿي حيران
پوءِ پنهون کنيائون پاڻ سان، ٻڌي ڪري ٻانُ
ليرا سي لڏي هليا، ڪاهي اُٺ اخوان
صبر سڀ کي هو، ”آري“ چئي آسان
باقي رهي بيران، سسئي ستل سيج تي.

 

34- سسئي رهي سيج تي، ستل سڄي رات
ننڊ تنهن کي نهوڙيو، وائي نه آڻي وات
سيج ڇڏي سجاڳ ٿي سا پرهه ڦٽي پرڀات
پنهل نه ڏٺائين پلنگ تي، لاتائين اِها لات
ته هوت هڻيو وڃي هئين ۾، قرب سندو ڪات
هئي هئي هُل هنبسا ڪري، ڏکن مليس ڏات
سڄڻ سندي سڪ ۾، مري ٿي سا مات
آري چئي، اها ناهي، هوتن ريءَ حيات
جنهن کي برهه سندي بات، هوت ڏيئي ويو هٿن سان.

 

35- هوت ڏيئي ويو هٿن سان، ڪري سور ثَمر
روئي زار و زار ڪري ٿي هئي هئي هُل حشر
سڻي سور سسئي جا آيس سهيلي سڌر
تنهن سمجهايو سسئي کي ته مائي ماٺ ڪر
توکي جتن ڪين جاڳايو، هو ڏيرن کي ڏمر
اهي توکان، آري چئي، ولهي وٺي ويا ور
هاڻي ڇڏي پنهونءَ جي پچر، صبر ڪري ويهه سسئي.

 

36- صبر ڪيئن ڪري سسئي، جنهن کان وٺي ويا وريام
پنهون پنهون پيئي ڪري، حشر حل هاگام
رويو رت گاڏئون جر وهائي جام
فراقن ڦٽائيو تنهن جو ”آري“ چئي آرام
جنهن کي دل ۾ دام، پنهون هڻي ويو پريت جو.

 

37- پنهونءَ جي پريت ۾، ماندي ٿيو مري
نيڻين ننڊ ڦٽائيو، ٿي ڳاراڻي منجهه ڳري
اُٿيو آڌوتڻ پيئي سڄڻ ڏي سنڀري
پيرين پيادي پنهونءَ ڏي ڪاهون ٿي ڪري
موڪلايو مائٽن کان نڌر ٿي نڪري
ٻڌي آهون، آري چئي وار مانَ وري
جنهن جو پنهل ٿيو پري، سا هليو وڃي ٿي هوت ڏي.

 

38- هليو وڃان ٿي هوت ڏي، رکيو روح رايو
مون کي مائي اوهين، نه سکي سمجهايو
سور منهنجي سيني ۾، وڃي جَت جاڳايو
جو هو جلوو جَت ۾، سو مون کي پرين پسايو
اُهو ڏسي، آري چئي، مون وکر وهايو
تنهن مون کي تپايو، سودي سپرين جي.

 

39- سودو سڦيرين جو، شال نيان نباهي
پت منهنجي پنهونءَ سان پرور پڄائي
ڏيکاريندو ڏير مون، هتان هادي هلائي
سنڀري نڪتي سسئي، ڪيچ ڏي ڪاهي
الله تنهن کي، آري چئي شل واٽ وِرِسائي
جنهن کي سڪ ٿي ستائي، سا ورندي ڪين ورَ ري.

 

40- وري نٿي وَرَ ري، سسئي سا سڌير
اچي رسيس رڻ ۾ بلائن جا بَهير
بگهڙ باندر ڀولڙا، ٻي وانرَن جي ويِر
ڊپ نه ٿيو ڊاءُ جنهن کي ”آري“ چئي اُڪير
سا پئي پڪاري پِير، ته سگهو رسينم سڃ ۾.

 

41-  سگهو رسندم سڇ ۾، جيڪي هِئين منجهه هُرن
اچو مون تي اَلرون ڪن، پکي ساڻ پرن
هيڻيءَ تي هاڙهي ۾ سي ڏيو وَرَ ورن
پسان پيئي پٻ ۾ ته چيٽا ٿا چُرن
ماڻهوءَ جو ماس سي گهايُون ڏيو گهرن
ٻيا اجايا، آري چئي، سوين سپ سُرن
ٻيلي منجهه ٻُرن، اڃا ڪوراڙيون قوت لاءِ.

 

42- ڪوراڙيون قوت لاءِ، گهڻيون ٿيون گڏ
مون هيڻي ٿي هُل ڪيا، پر هو هٽن نه هڏ
ٻانڀڻ جون هي ٻاڪارون، سائين سڻندو سڏ
آري چئي، اُتي هي توڏا جهلين نه تڏ
چئي، اُتي هي توڏا جهلين نه تڏ
تڏهن مٿي تي مڏ، سسئي کنيا سورن جا.

 

43- سسئي کنيا سورن جا، گوندر جا گهمسان
هڪڙو پنڌ پهاڙ جو، جيڪو ڪورو ڪوهستان
ٻيو جبل ٿو جاڙون ڪري، الله ڪري آسان
ڏاتار مون کي ڏيکاريندو خير سان خان
هتي اچي حامي ٿئي سو پنهل پهلوان
اکين سان ڏسان، آري چئي، شالا جت جوان
ٿيءُ مولى مهربان پسي حال هيڻيءَ جو.

 

44- پسي حال هيڻيءَ جو، ڪرم ڪيو ڪلتار
راحم تنهن سان رحم ڪيو، ويجهي ٿي وڻڪار
اتي ڏٺائين ايندو ڪو ٻڪرين سان ٻڪرار
دڄي ويئي ڊپ ۾، هيني ٿي هيڪار
سوال ڪيائين سائينءَ کي ته ڍڪج ڍڪڻهار
پر اوچتو آيو، آري چئي، هُو ڇڏي ڌڻ ڌنار
ڪئي تنهن تنوار، ته اڄ سائين منهنجو سبب ڪيو.

 

45- سائين منهنجو سبب ڪيو، لڳيم دل سان دُعا
ته جيڪا ماءُ مون کي چئي، هئيءَ به ساڳي سا
چئي ڏاتر توکي ڏياريندو لال ڪنوار ڪا
آءٌ ڀانيان اڄ، آري چئي، آئي آهي اها
پوءِ جلدي انهيءَ جاءِ، پنهور اچي پهتو.

 

46- پنهور اچي پهتو، ويجهو ٿيو وري
سسئي کي ساهه تي ٻارڻ ويا ٻري
الله! تون امن ڪر ته وڃان تار تري
ٻائيءَ ٿي ٻڪرار کي، ڏني دم دم دلبري
ته آءٌ آهيان تنهنجي، پر وڃان ٿي اُڃ مري
سو پنهور هليو پَهُن ڏي، ڪُلهي پائي ڪَرِي
سا ڀڳل ڪين ڀَري، ڏَهَن جي ڏهڻ سان.

 

47- ڏهه ٿي ڏڌائين، وڏي خوشيءَ خيال
حُسن جي حرص ۾، هن ميريو پنهنجو مال
تاسين قادر کي ڪيو، سسئيءَ اُت سوال
ته غرق ڪرينم غار م، لهي جيءَ تان جنجال
سو سائينءَ سوال سڻائو ڪيو، ڏسي هيڻيءَ جو حال
سا غرق ٿي غار ۾، لڄ رکيس لڄپال
تڏهن زمين زور مان، ڦاٽي سا في الحال
الله تنهن جو، آري چئي، ڪيو بخت بحال
پوءِ ڀلي ڪري ڀال، هوءَ بچائي ورتي بدوءَ کان.

 

48- بچائي ورتي بدوءَ کان، الله ڪري امن
هاديءَ واري هڪ ڪئي، ڀِڙي ڀُون ڪَپن
تِت رهجي ويو تنهن مان، چنيءَ پاند چون
ٻڪرار ويٺو ٻڪريون ڇڏي، ڏيئي ويڙهه ولين
پر مائيءَ جي مقام تي، ٿا آرياڻي اچن
هاڻي ڪريان بيان ڪيچ سندو ”آري“ چئي انهن
سي موٽي محب ملن، جي قطارون ڪاهي ڪيچ ويا.

 

49- قطارون ڪاهي ڪيچي هليا، ڇني ناتو نينهن
سڄڻ سو سجاڳ ٿيو جڏهن ڏاتر ڪيو ڏينهن
گوڙيون ڪري گولن تي اُٿيو ڪيهر شينهن
ته ڊوهي ڊوهه ڪري آيا، ”آري“ چئي اوهين
هاڻي توڏا تاڻيو توهين، آءٌ موٽان ٿو محبوب ڏي.

 

50- موٽان ٿو محبوب ڏي، جنهن سان اٿم جيءُ جڙيو
پوءِ سچائي ڏسي سڄڻ جي، هو للَو ٿي لڙيو
پرچي پنهون تنهن سان چانگي تي چڙهيو
سسئيءَ جي سڪ ۾ ٿي توڏو تيز تڙيو
لکيل انگ، ”آري“ چئي جبل منجهه جڙيو
تڏهن پنهون ٿي پرهيو، دفتر انهيءَ درد جو.

 

51- دفتر انهيءَ درد جو، خوشيءَ مان کنيائين
صفحو سورن سندو، ٿي پنو پڙهيائين
لنگهندي لڪن مان، ڏوران ڏٺائين
ويٺل ماڻهو ميدان ۾، ڪو آدمي اُتائين
ته محبوب ستائين، ٿي آيو پٺيان پير جي!

 

52- ٿي آيو پٺيان پير جي، تنهن ٻول ٻڌايو
پنهور قصو پنهنجو، ٿي سڄو سڻايو
ته معشوق مون وٽ، ڪو اوچتو آيو
تنهن کي مون مسڪين کان آهي ڇپر ڇپايو
ويٺو آهيان تنهن جاءِ تي ٺاٺ هي ٺاهيو
پوءِ پنهونءَ تنهن تربت سان، ڳجهو ڳالهايو
انهيءَ اندر به، آري چئي تنهن ماتم مچايو
تڏهن سائينءَ کي ستايو، پنهونءَ پرينءَ جي پسڻ لاءِ.

 

53- پنهونءَ کي پرين پساءِ، تون هٿ ڏيئي هادي
آگي احسان ڪيو، کُلي نُور سندي نادي
اڳيان اتي، آري چئي، وهي ٿي وادي
سو گهوٽ ماڻي گادي، وڃي سرهو ٿيو سسئيءَ سان.

 

54- سرهو ٿيو سسئيءَ سان، ڪري سچو سچائي
سسئي به سڪ ۾ هئي باري بچائي
رب جن تي راضي ٿيو، تن محفل مچائي
الله تون، آريءَ جي ڪڍ قلب مان ڪچائي
جا دِل رمزن رچائي، سا ٿي روئي راماڻا ڪري.

 

55- روئي دل راماڻا ڪري، هنجهون روز هاري
اُٿيو آڌيءَ رات جو سانبيڙا ساري
سانگي سي ڇڏيندا تار منجهان تاري
”آري“ انهن عجيبن لاءِ، کڻيو نيڻ نهاري
والي واڳ واري، ملائيندو محبوب سان.

 

56- ملائيندو محبوب سان، هيءَ گولي گنهگار
آءٌ اڻ ڄاڻ آهيان، ڪوجهي اٿم ڪار
ٻاجهه سندي ٻيڙي تي، آهي باريءَ جي بار
الله هن ”آريءَ“ کي، نيئي مديني مار
جنهن کي ڪلمي جي پچار، سو جلدي ملندو جانب کي.
 

لاالـــٰھ الاالله محمد رسول الله.

 ــــــــ


* هي بيت خود شاعر جي زباني، 12 جنوري 1963ع تي قلمبند ڪيا ويا. آري فقير ولد پنهون خان چانڊيو، ويٺل ڳوٺ ور تعلقو گهوڙا ٻاري ضلعو ٺٽو. سال 1920ع ۾ ڄائو. ننڍو ئي هو ته سندس پيءُ وفات ڪئي، جنهنڪري تعليم پرائي نه سگهيو. مال جي واپار جو ڌنڌو ڪراچي ۾ ڪندو هو. هڪ دفعي مال سودڻ لاءِ بدين آيو، جتي سندس هڪ همراهه ٺڳي ڪري پئسا کڻي ويو، ۽ کيس کاڌي ۾ ڪجهه کارايائين، جنهنڪري بيمار ٿي پيو. پوءِ علاج لاءِ سمن شاهه جي درگاهه تي ويو ۽ ترت چاق ٿيو. پوءِ اتي ئي رهي درگاهه جي سيدن جون مينهون چاريندو هو. رات جو درگاهه ۾ سمهندو هو. سندس خيال مٽجي ويا. ڀاڻس کيس ڳوٺ وٺي آيو پر هن کي ڳوٺ آرام نه ايندو هو. هڪ رات سمن شاهه درويش خواب ۾ چيس پڙهه. سجاڳ ٿي پهرين ڪافي چيائين:

مـــون کــــي اکر الف کان، ڇــــــڏيو پرين پڙهائي

سو ڪيئن ورد وساريان جو سهڻو ويو سمجهائي

سنڌي سرائڪي ۾ ڪلام چيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org