ٻيا ڪن جهنگن ۾ جهيڙا
ڳاڙها ڳورپٽ، آدمخور، راڪاس رڻن ۾ ٻيا ممَن جا ميڙا
جتي پکا ڄام پنهونءَ جا اتي وڃي ٿيا ڀنگن سان ڀيڙا
هِت وڃايو حال هوتن لاءِ تون ڪامڻ ڪرين ٿي ڪهڙا
اتي اٿئي واٽن تي ويڙها، ڪي ميجر مرون ملڪ ۾.
29- ميجر مرون ملڪ ۾، سي ڀانيان پنهنجي ڀاڳا
هينئان حيف هجيئي، آيئي ننڊ نڀاڳا
وٺي وهان ها کٽون خانن جون، جهلي پيرن جا پاڳا
ڪوهيارو هڻي ويو قرب ۾، مون کي سورن جا ساڳا
لنگهائيندو اچي لطف سان، ڪي لکئي جا لاڳا
ٿيا سامهون سور سسئيءَ کي، اُتي آيل اوجاڳا
ڌِڪن جا ڌاڳا، سي ڏئي ويو هوت هٿن سان.
30- ڏئي ويو هوت هٿن سان، ڀاڳ پنهنجي کان ڀانئين
هر هنڌ هوتن لاءِ ور ور ڏيو وڇائين
کٿوريون کٿن تان کڻيو ٿي لال لڱن کي لائين
اوڍڻ پهرين انگ جا، سي تون پَٽن جا پائين
زيور زريون سونَ جون سي ڳهه ڳٺا ڳائين
ويڙهي جي وڏيري ٿيو، ٿي سانئڻ سڏائين
بڪم وڳا ڀنڀور جا، سي ٿي ڇانگون ڇڏائين
ماءُ پيءُ کي ماري، مولا بخش چئي، وڃ نه اَمان
ايڏاهين
ڪُڇ مَ ڪيڏانهين، تون شرم رکي ويهه سسئي.
31- شرم وٺي ويو ساٿ ڌڻي، ڙي اديون! الله تهار
مينا ڪاري منڊيون، لاٿائين هَس ڪڙولا هار
ڪارا ڪيا ڪيچين لاءِ، وينگس ڇوري وار
جيڪو ضعيفن جو ضمان، سو محمد آهي مهندار
ٿيس جوڳياڻي جن لاءِ، سي پنجئي پنهنجو پار
ڪوهيارو هڻي ويو قرب جا، مون کي لُونءَ لونءَ
منجهه لغار
پَهري پيئي پَٽن تي، سڀ ڇڏي سينگار
هٿ کڻيو هڪلون ڪري، ڏسي ڏونگر ڏار
مون کي ميا ميلين، مولابخش چئي، ڏيهه ڌڻي ڏاتار
ٿي پُڇي پرين جا پار، ته ڪي جبل جت لنگهيا.
32- تنهنجا جانب جت لنگهيا، تون وينگس ڪرين ها وارا
ڪاهيندا ويا ڪيچ ڏي، ساٿ سڄا سارا
آڌيءَ رات اُٺن جا، مون ٻڌا نيشن جا نارا
لنگهي ويا لاهوت ڏي اوٺي اوڀارا
سنجهي ڀڃين ها سسئي، ٻُڌي هوتن هونگارا
تو هت ويهي رات وهائي، تڪيندي تارا
هاڻ ته توکان هوت ويا، ڏيئي لاکيڻا لارا
هاڻ ته توکان هوت ويا، پرين سي پيارا
هاڻ ته توکان هوت ويا، ڇو ڪرين ڪيچين لاءِ ڪارا
هو رهندا ڪين رڃن ۾، نڪي آهن اڏيل اوتارا
ملڪ ۾ مولابخش چئي، اٿئي مِرُن جا مارا
متان لُڪن ۾ لڳي مرين، ڪرين جبل ۾ جارا
گهيڙ، گهٽيون، گهارا، مون ڏکيءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو.
33- ڏونگر ڏکوين کان، هو هليا هيڪاندا
منهنجا سِياڪا سيڻن سان، ڦاٿل هئم ڦاندا
هليا ويا حلب ڏي، اُهي اوٺي آواندا
نٿا ڪين لهور ۾، نڪي ڪيئون ڇپر ۾ ڇاندا
بُکون بانڪا برن ۾ ويا، سُڃن ۾ سهندا
جي ويا ڪيچ ڏي ڪهندا، سي آءٌ جبل جت نهاريان.
34- تنهنجا جانب جت لنگهيا، تون سنجهي پڇين ها ساٿ
مون سڃاتي هئي سسئي، ڪا جتن جي جمات
(1)
رائي منجهه رڙيون ڪيون، اُٺن آڌي رات
پئي هونگارون هوتن ڪيون، واڪا پنهنجي وات
حجت نه هلندي، هنن سان، يار زوراور ذات
لَڪ اڳيئي لال هئا، ٻي ملي ڏونگر کي ڏات
تنهنجو وٺي ورَ ولات، ويا ڪرها ڪيچ دَنوار ڏي.
35- ويا ڪرها ڪيچ دنوار ڏي، منهنجا هيڻا ڏسي حال
ڇڏي ويا ڇپرين، ڪامل مون کي ڪال
ڏکيا ڏاڪا ڏونگر جا، آءٌ ضعيف نماڻي زال
پياريم ٿي کير کٽن تي، جتن کي سي جال
ڪرم منهنجي ۾ قافلو، آءٌ ساعت نه ڀانيان سال
هيون خوشبويون خانن کي، ٻيا مَڻ کٿوري مال
واسي هليا وندر جا، لڪ اڳيئي لال
جتن بنان جيڏيون، فنا ٿيان في الحال
منهنجو ماس، مولابخش چئي، آهي هوتن کي حلال
ڪُٺي منجهه ڪلال، مون جهڙي ڄائي نڪا ڄمندي.
36- تو جهڙي ڄائي نڪا ڄمندي، ذات براهمڻ ڀوري
توکان سنجهي ساٿ لڏيا، چڙهي ويا چوري
هاڻ وؤڙ واٽون وندر جون، توکي لڳي آهي لوري
وساءِ واري وڻڪار جي، جئن هندو ڪن هوري (1)
جت نه ڀائي رت هئا، ذات زوراور زوري
ڇپر ڇڏ ڇوري، تون هاڙهو وؤڙ ته هوت لهين.
هاڙهو وؤڙيان هوت لهان، ڪريان هوتن لاءِ حيلا
پري پٽيون پنڌن جون، ٻاروچاڻا ٻيلا
ڏکي ڏولِي ڏونگرين، ڏيئي ويا ٺوڳي مون کي ٺيلا
اڳيان مَيا ملندم، مولابخش چئي، گسن تي ڳيلا
قادر ڪيچ ڌڻين سان، ڪندو منهنجا ميلا
ساجهر سويلا، آءٌ اکين سان اوٺي ڏسان.
38- اکين سان اوٺي ڏسين، هُو هوت لنگهيا هاڙها
وڳ وڃن ٿا ويڙهه ڏي، هو ماڳ ڇڏيو ماڙا
سک ڇڏي سانگ ويا، هڻي ڌوٻڻِ سان ڌاڙا
جن لاءِ ڪرين وائي ۾ واڙها، سي اڃان اٿئي انهيءَ
ڪنڊ تي.
39- ڪيچان آيون قطارون، سي آريءَ جون چئجن
ڪهڙو بار بودن تي، ڪهڙو وکر سندن
پوکيم باغ بلوچن لئي، چانگا مَن چرن
ٻَهه ٻَهه ٻاروچن جي، هَي هَي هونگ سندين
ڳجها خط پنهونءَ ڏي، منهنجا راتو ڏينهن وڃن
مَنهَن منجهه ميي کي ڪي لعلون لک لڏن
جنهن کي سونا والا نڪن ۾، موتي جهرمر ڪن
جنهن کي سائِي لونگي ڪلهن ۾، سو پنهون نانءُ چون
سڀيئي سِير لنگهن، ڪلمون جن جي قلب ۾.
ــــــ
بچائي رند جا چيل بيت
*
1- اٿي سنڀر سسئي، اتي ڪين اُوهاٽ
توکي ننڊ نهوڙيو، سُتئين ساري رات
توکان ور وٺي ويا، اُٿاري اڌ رات
ٻڌئي ڪين ٻروچ چئي روڏن جا رڙهاٽ
نه ته سُکي ٿي ستئين ڪينڪي، رُنين ساري رات
سِکئين ڪين سرتين کان بلوچاني بات
هاڻي اُٿي وؤڙ وندڙ ۾، ٿيندئي هوت حمات
پرور پڇي ڪينڪي، ظاهر ڪنهن جي ذات
ڇڏ ڀنڀور، بچايو چئي، هت اٿئي توبهه سندي تات
ته ساجن پنهنجي ساٿ، من توکي وندر مان وٺي اچان.
2-
سرتيون! سج لهي ويو، مٿان رات پيئي
هوتن ٿي هلڻ جي ڪئي، تڏهن مون کي ڪل نه پيئي
پنهون الائي پاڻهي ويو، ڪي ڪئي ڏيرن ڏاڍائي
آيم ننڊ نڀاڳ جي، سرتيون سنجهيئي
جاڳيس ڪين جانب لاءِ، ڪيم ڪَچائي
بودن جي، بچايو چئي، اڳي آءٌ واقف ڪين هئي
ڪُڻڪون ڪنواٽن جون، مون کي سيباڻيون سيئي
وس پنهنجي کان ويئي، تڏهن ٿي حوالي هوت جي.
پنهون وس نه پنهنجي، چوري ويا چاڙهي
مدي ڏيرن من ۾، ويا آڌيءَ اُٿاري
ڪَل هيم ڪانڪا، نه ته وجهان ها ليڙن کي لاڙي
هاڻي به مون برهمڻ سان، بچايو چئي من پنهون ڳالهه
پاڙي
ڇڏيس مام انهيءَ ماري، جو ساجن وٺي ويم سيج تان.
3- سسئي سر ڪَڙو ڪيو، هلي لاڳاپا لاهي
سڏيو تن سرتين کي، گهر ٿي گهرائي
جنهن ساجن سان مون سڱ ڪيو، سو ڪيچ ويا ڪاهي
بچايو چئي، ڀنڀور ۾، هتي منهنجو ڇاهي؟
بيٺي موڪلائي، ويچاري وڳر کان.
4- ويچاري وڳر سان، رويو ڪري رس
سرتيون پرتيون رب کي، اڄ منهنجو هيڻو ٿيو هوس
مون سان ڪانڌ ڪري ويو، نه ته آءٌ هئس سڀني منجهه
سرس
بچايو چئي، ڀنڀور ۾، ٿي بيحالي بيڪس
ويو منهنجو وس، مَن پوي ٻاجهه ٻروچ کي.
5- پوي ٻاجهه ٻروچ کي، مون ڪمينيءَ تي ڪهل
آڌيءَ اُٺ اُٿي ويا، موڳا ڪهڙيءَ مهل
سڌ نه هيم سرتيون، نه ته جاڳان ها جيجل
هنيون هوت پنهونءَ لاءِ اندر ڪري اُڇل
روئان ويٺي، رند چئي، ڳوڙها مٿي ڳل
ڪري هوت هڪل، ساجن ساٿ وٺي ويو.
6- ساجن ساٿ وٺي ويو، ڇڏي ننڊ ۾ نماڻي
ڪوهيارو ڪري ويو مون سان پنهل پڄاڻي
انهيءَ واٽ وندر جي، هيس اڳي اڻڄاڻي
ڀينر شهر ڀنڀور ۾، هيس راڻين جي راڻي
هاڻي ٿي ريهون ڪريان، رند چئي جڏهن وئي وهاڻي
ساجن ٿيندو ساڻي، تڏهن دوکا لهندا دل تان.
7- دوکا لهندا دل تان، ٿيندو حامي حضرت شاهه
ڇڏي مون ڇپر ۾، جيجاج جت ويا
مون ويچاريءَ کان وک نه پوي، ڇڄي ڇهه پيا
منهنجي باب بچايو چئي، هئا لوح لکيا
پاڙڻ مون کي پيا، ڪونهي ڏک ڏيرن تي.
8- نڪو ڏک ڏيرن تي، نڪا هوتن سان حجت
پنهون وٺي ويا پاڻ سان، ڪري هوت هلت
ڪيم ڪيهون ڪيتريون هتان کڻي هٿ
رسڻ جي، رند چئي، مون ۾ ڪانهي ڪا طاقت
پنهونءَ ۾ اٿم پڪ، مون ڇپر ڇڏيندو ڪينڪي.
9- ڇپر ڇڏيندو ڪينڪي، تڏهن سسئي ڪر سنبت
صلاحون جي سرتين جون، موڳي! وٺ نه مت
جهڪون جهولا جهنگ جا، هاديءَ جي اٿئي هٿ
مرون مانگر ڪيترا، ڪن ڪوراِڙيون ڪيرت
سسئي تنهنجي سِر لاءِ، اٿئي سرس سنبت
هوت گڏيئي هت، تڏهن لهندا غم گجر تان.
10- لهندا غم گجر تان، جڏهن ايندو گيلاني غم ٽار
سسئي هلي سُڃ کي، ڪري الله تهار
اڳيان گڏيس اوچتو، پاتال ٻڪرار
جنهن جو پيچ پنهونءَ سان سا ويهي ڀڃي نه وار
هيءَ پرور ڏياري پَٽ ۾ مون کي ڪونج ڪنوار
ان جو سِر ڇڏي ويو سار، جنهن کي بدو گڏجي ويو بر
۾.
11- بدو گڏيو هو بر ۾، جنهن جو هيڻو ٿي پيو حال
ويچاريءَ وٽيءَ کي ڀڃي هنيو ڀال
هن ۾ ڏڌ ڏهي ڏي، منهنجو کير تي ٿيو آهي خيال
ڀاڳيو ڀرجي ڪينڪي، ان ميڙيو سڀئي مال
هن جون اکيون عاشق ڏي، نيڻي ٿيون نهال
رسيو وڃي، رند چئي، ڏاڍي خوب خيال
هُن جو سائين سُئو سوال، تنهن کي جُڙي جاءِ جبل ۾.
12- جُڙي جاءِ جبل ۾، هن تي آگي ڪو احسان
اُن بُٺيءَ تي، بچايو چئي، کڻي وڌو مير مڪان
هاڻي ته اٿم پڪ پنهونءَ ۾، ايندو آري ڄام
ڇپر ڇڏيندو ڪينڪي، جو آهي صغيفن زمان
وري ايندو وريام، جنهن کنيا بار کُهين جا.
13- اتي آري لهي اُٺ تان، پنهون ڪئي پڇا
سسئي ڇڏيوَ سڃ ۾، ڪي آهن اُٺ پٺياء
چيائون: رهجي وئي، رند چئي، آندي ڌڻين ڪين ڌُرا
عاشق کي اکين مان لهي لڙڪ پيا
ڪانه ٻڌيسون ڪڏهن، ڪا ڇڏي ور ويا
هاڻي ساجن سنج ڪيا، آهن آريءَ پنهنجي اُٺ تي.
14- آري پنهنجي اُٺ کي، ٿي پنهون پلاڻيو
پوشاڪون پلاڻن تي، پيو ور وجهي ورايو
شيشا لعل گلاب جا کڻي هوت مٿان هاريو
بودن کي بچايو چئي، بيٺي ساجن سينگاريو
پنهون ڳالهه پاريو، ٿو هوت وڃيئي حُور ڏي.
15- هوت وڃي ٿو حُور ڏي، پنهون ڪيو پڪ
هليا هوت پنهون سان ڪري ساٿ سنبت
هاڻي لطف سان لنگهائين، لڪيون سڀئي لڪ
برهمڻ تي، بچايو چئي، رڳا قادر رکيا آهن ڪک
جنهن تي هوت پنهون جا هٿ، تنهن کي وسو ناهي وندر
۾.
16- وسو ناهي وندر ۾، جنهن جو چي پيو آري
ڪونهي ڪم ڪنواٽن جو، ٿا بار کڻڻ باري
پنهون ڳالهه پاري، سو وريو اچي ولهو.
17- وريو اچي ولهو، مير ڪيو منزل
ويندي واٽهڙوءَ کان پڇي ڪوهياري ڪل
اوهان ڏٺي اوچتي، ڪا موچاري مومل
چئي: هئي برهمڻ، بچايو چئي، هتي ڪونج ڪنول
هاڻي هو اٿئي لوڙهه لٽيل، هن جا ڪانڌي ڪالهه لنگهي
ويا.
18-
ڪانڌي ڪالهه لنگهي ويا، پنهون آيو پوءِ
ڏسي لوڙهه لهي پيو، ڪيچي ڪوهيارو
نَڪو ملڪ عزرائيل هو، نڪو موت ٻيو
عاشقن اڳي هو مرڻ قبول ڪيو
پر ٿيو آواز اندر مان قدرت سان ڪو
”سوڙهي ڀانءِ نه سپرين! اندر باغ بنيو“
سڏ تنهن جا ثاب پيا، جنهن پورهيت پنڌ ڪيو
بخش گناهه بچايو چئي، مون کي سيد جو صدقو
جنهن جو عشق اڇو، قادر تنهن جا ڪم ڪيا.
19- قادر جنهن جا ڪم ڪيا، تنهن تي مولى ٿيو مهربان
هن کي جڙي جاءِ جنت ۾، جنهن تي آگي ڪيو احسان
کليا پلنگ پنهونءَ لاءِ جنت ۾ جام
آيا هندورا هوت لئي، گولا ٻيا غلام
پسي پوشاڪون پنهونءَ جون حورون ٿيون حيران
سڻي سڏ سائل جا تون عالم جا به امام
ڪيم ڪچايون ڪيتريون مون ڪا ڏوهه ڪِيام
بخشين ڏوهه، بچايو چئي، رازق رب رحمان
چون ڪلمون قلب ساڻ، سي امتي ڇٽندا ايمان سان.
لاالـــٰـھ الا الله محمد رسول الله
جاڙي خان مري جا چيل بيت*
1- ساراهيان سچو ڌڻي، ايڏي سگهه ستار
باريءَ جي باطون جو، آهي انت نڪو شمار
نڪا ”ڪُن فَيَڪُون“ هئي، نڪا ٻي پچار
مَلَڪ چار، مري چوي، هئا خلقيا خلقڻهار
انهن کان ئي اڳي هئي، پرينءَ جي پچار
سو ته مير محمد پيدا ڪيو، پنهنجي نور منجهان نروار
تڏهن اُٺو نُور نبيءَ جو، جنهن مؤن ٿيا اِلاهي
اسرار
سوَنَ اچي سجدا ڏنا، جيڪي هئا مَلڪ وڏا موچار
انهيءَ ڏينهن عزازيل کي، هو سڏايو سردار
تون سِر نائي ڏي سجدو ته پَسنئي منهنجا يار
ته سَڙئي تنهن سونهارن کي، هو مڃيو ڪين مردار
انهيءَ ڏينهن عزازيل تي، ٿيو ڏاڍو ڪوپُ قهار
انهيءَ ڏينهن ابليس ڪري تڙائين تڪرار
انهيءَ ڏينهن اُمت جا ڪي جوڙيئين ٿي جنسار
تَنهين ڏينهن تيار، ڪيائين لکي انگ عاشقن جا.
2- لکي انگ عاشقن جا، ٿيو قلم ڪا ڍارو
منزل ڏور، مري چوي، ٿيو پري پسارو
رب روحان تن جو جوڙيو جنسارو
کٿوري خوشبوءِ جو اُتي اٿيو اُٻارو
عاشق تنهن معشوق تي، ڪيو محبت جو مارو
پوءِ سرجيو سونهارو، پنهون ڪيچ دَنوار ۾.
3- اتي سِرجيو پنهونءَ، هتي سِرجيا سور
لکيا لوح قلم سان، ٿيا مُٺي تي منظور
سا ناهي ڏکن کان ڏُور، جا سِرجي هئي سسئي.
4- سِرجي مُنڌ سُڄاڻ ٿي، پئي پاڙي منجهه پچار
اچي ٿيا آهن الله ۾، ته ڪي اُتي اميدوار
ورتيا وٺي آئيا، پڙهيل پوٿيءَ دار
ٻانڀڻ گهر ٻيٽي ڄائي، جنهن کي ڏني سونهن ستار
تنهن جو لکيو لکڻهار، آهي انگ مسلمان سان.
5- هن جو انگ مُسلمان سين، لکئي لئون لايئين
ڪڍن ٿا ڪتابن کي، هو ورَتيا واريو ئي
اهو حال هندوءَ کي، ڏنو ورتئي ويڃايئين
پوءِ تڏهن ويساهيئين، جڏهن ڏٺئين انگ اکين سان.
6- ڏسي انگ اکين سان، اُٿيو اتاهين
محلي منجهه، مري چئي، جا ڄاپندي ڄائي
ادب رکجن ان جو، هي آئي ڄاپندي ڄائي،
نائين مهيني ننڍڙي، آهي سسئي سِر ڄائي
سِرڄي ٿيس سور گهڻا، ڏنيس ڏکن ڏهنائي
صندوق صلاحن سان، هن جُودِي جوڙائي
تنهن منجهه مال خزانا ڪيترا، هن ڏاج به ڏنائين
پوءِ لُڙههَ ۾ لوڙهيائين، اِها وجهي سام صندوق ۾.
7- وجهي سام صندوق ۾، ڇڏيائين اهڙي سنڌ ملوڪ
ڪنڌي نڪو هئس ڪپرو، نڪا سُئي ٿي ڪُوڪ
پوءِ وٺيو سام صندوق، لُڙهندي ويئي پئي لُڙ ۾.
لُڙهندي ويئي لُڙ ۾، لَهر بَحر ۾ جيئن
هادي پنهنجي حڪم سان، رکي ورتي تيئن
اچي پيئي ٽولاونَ ۾، سسئي سِرجڻ سيئن
پوءِ مهينو ۽ ڏهه ڏينهن، هئي سسئي حوالي سِير جي.
9- سسئي حوالي سِير جي، وري ٿيس وَسيل
مَلڪن اچي سَدارتُون ڏنيون، جي مٿئون هُئا
مُڪا ربّ جليل
هي ته نڪي چڙهي منهن مڇيءَ جي، نڪي اوڏو آيس
عزرائيل
بي اولادي تنهن بحر تي، بيٺي ڪيِڙا دؤڙ دليل
پوءِ منجهئون سام سنَديل، وڃي چڙهي منهن محمود
کٽيءَ جي.
10- چڙهي منهن محمود کٽيءَ جي، ڏورئون ڏنائين
هادي پنهنجي حڪم سان، آڻي ڪپر جهَل ڪيائين
پوءِ آخر اُتاهين، هُو ڪڍي آيس ڪُن مان.
ڪڍي آيس ڪُن مان، جان ڌري ٻاهر
ته ڪُنجون ڪرف ڪاسٽا، هن کي مال مڙوئي حاضر
هڻي ڪُنجون ڪرف کي، ڌيان اندر ئي ڌر
ته سوين مهرون سونَ جون، ٻي زور گهڻي آ زر
پر ستي پيئي آ ننڊ ۾، ڪا ڇٽيهه لکڻي ڇوڪرِ
پوءِ کٽيءَ پنهنجي گهر، نيئي نپائي ننڍڙي.
12- نيئي نپائي ننڍڙي، کڻي خوشيون ڪيائون.
ڇهين ڏينهن ڇوڪرِ جي، کڻي ڇٺي ڪيائون
ڌري نالو پنهنجي ڌيءَ تي، کڻي سسئي سڏيائون
هنن به ڪيئي اولاد لاءِ، هيون مڃيون مَنتائون
اهي سڀئي ڏنائون، جي ڪيئون پڄائون پيرن جون،
13- ڪري پڄائون پيرن جون، لٽيائون لک هزار
سڌ ٻڌ جهڙي سسئي، پئي پنڌرهين ورهين پچار
پوءِ ڪتڻ جي ڪار، سکي آهي سسئي.
14- سسئي ساهيڙين جا، پيئي وڳر ويهاري
سارو شهر ڀنڀور جو، کنيو عورت اِجاري
ڪيچئون آيو قافلو، مُڪو ڪوهياري
پوءِ ونگي وهاري، تنهن جا جهليائين اُٺ اِجاري ۾.
15- جهليائين اُٺ اِجاري ۾، جا ڪل هئي به قطار
مهتو اڳي ملوڪ هئو .... ..... ..... .... .....
.... ...
ٻيو اچيو آتڻ وچ ۾، ڏي پنهل جا ٿو پار
هاڻي آتڻ ۾ اپٽار، اچي پيئي خان پنهل جي.
16- اچي پيئي خان پنهل جي، جوڪس ٻولي جوان
هندو هلي آئيو، چلي منجهه چوغان
اوهين جي آتڻ واريون، ڌرم رکو ڪو ڌيان
اڳتي پوندو اسان جو، آري ڄام ضمان
جيڪي ڏيهه ڀرين ٿا ڏان، سو ساري وٺو ساٿ کئون.
17- سان جي اِجاري مان، اوهين وڃو نه هاڻين
اهي ونگي اَٺ وهاريا، آهن سسئي سڃاڻين
ڇڏيو ڇوڙي باغ ۾، چاريو ليڙن کي لاڻين
ڪري ڪاغذ ڪيچ ڏي، هوند اوڏهين اُماڻين
پنهل کي آڻي، ته تو ساٿ ڀرايان سون سان.
18- ڪاف ڪشالا ڪيچ جا، سڄن پٽيون پنڌ ڪري،
آءٌ به آري ڄام جو، وڃان ثابت ساٿ ڀري
پوءِ ويهين ڏينهن وري ايندس وٺي پنهل پاڻ سان.
19- ساٿ نه ڏنائينس سمورو، ڏنائينس ويهارو واري
سسئي ساهيڙين سان، هاڻي گڏ نٿي گهاري
ته ٻاٻيهو ڀنڀور ۾، آيو هو ڪرها قطاري
مون کي ويو ماري، ڪري ڳالهيون ڪيچ جون.
20- ٻُڌڻ هليون ٻاٻيهي جون، ڪري پرڏيهيءَ پچار
مَهتو ويٺو مُڇَ جا، ڏئي ٿو قؤل قرار
اچي آتڻ وچ مان، ڇڪي مڙد مهار
هي رڻ جهاڳي ويا رات جو، جيڪي سُئا ٿي ڪاف قهار
پوءِ ستين ڏينهن ستار، نيئي ويجها ڪيا وڻڪار کي.
21- ويجها ٿيا وڻڪار کي، آهي اڃا پنڌ اڳاهون پيچ
پهرا ڏنائون پاڻ ۾، جي سڀئي هئا سرويچ
اک لڳي اوٺي اٿيا، ڏيئي پڳن کي پيچ
پوءِ ڪَهي ڪهي ڪيچ، اچي اوٺي نڪتا.
22- ٻاٻيهو ڀنڀور مان، آيو هو ڏاڍا ڏک ڏسي
ڏسي خان پنهل کي، پيس ڦاڪُون هانءُ ڦسي
روئي زارون زار ٿو، جيئن وهن مينهن وسي
آندئين آب اکين مان، جيئن باد پيئي برسي
هن جو حال ڏسي، هن به آندو آب اکين مان.
23- آندئين آب اکين مان، ٿو پڇي خان پنهون
سڌ پنهنجي انهيءَ سور جي، هاڻي ڪر معلومت مون
پوءِ آخر ڏسنداسون، هلي اها صورت سهڻي.
24- ڪري پيهه پنهل سان، پوءِ لاٿائين بار
آڻي وڌو شهر ۾، سڏو شاهوڪار
اها آري وٽ اُپٽار، وڃي سُر ڀُر پيئي ساٿ جي.
25- سُر ڀُر پيئي ساٿ جي، تنهن پڇي خان خبر
ته تو ڪيئن اُٺ اَڙائيا، اي پَسون ڪهڙيءَ پَر
چئي مون کي آهي ماريو، تنهنجي تالان ڪيو تڪبر
آهن اوٺيڙن جا، ڪي ساٿ جهليا پيا سَر
سوين سوداگر، جي روهيا پيا آهن رڻ ۾.
26- روهيا پيا آهن رڻ ۾، اُهي اوٺي ڪين اچن
هي پيا آهن وير وماس ۾ مِڙيئي مونجهارن
اها آري ڄام کي، کڻي ڳالهه وڌائون ڪن
اوتو، نوتو، چنو، جکرو، مَرُ وينجهار وڃن
پر مڙس مصلحتون ڪريو، اچو پنهل کؤن به پڇن
هاڻي سؤ سؤ صلاحن، هي ڪن ٿا روز قطار جون.
27- ٻڌيو سو ٻاٻيهو، ٿو رويو ڳالهه ڪري
ته اهو هوتو، نوتو، چنو، جکرو، مَرُ هجن گهوٽ گهري
تنهنجو ساٿ نه وري، هن پنهل ڌاران بادشاهه.
28- اِهي ته اُتي رهيا، مَر ٻيا ته وِيهه وڃن
هڪڙيون هيبتون هَب جون، ٻيا ٿا قهري قاف سجهن
آءُ رولي منجهه رُڃن، نڪي ڇڏيان خان پنهل کي.
29- سُڻي ڳالهه اها، هيءَ پوئتي موٽيو پوءِ
انهيءَ ڳالهه گذر ئي کي، ڪو ڏهون ڏينهن ٿيوء
ڏهين ڏينهن پڄاڻان، ڪو اچي اهڙو ڦِرڪ ڦريوء
جو ڪارو ڏينهن قيام جو، وڃن ماڻهو بک مريوء
پوءِ ڪِيهون ڪريو، اچيو پون اڱڻ آريءَ ڄام جي.
30- اڱڻ آريء ڄام جي، در جهليئون درٻار
تو جو پيارو ڪيو آهي پٽ کي، اهو ڇڏ آريءَ ڄام
انڌار
آري ڄام انهن سان، ڪي ڪيا قؤل قرار
ماڻهو موڪليئين ٻاٻيهي ڏي، ته هيڪر اچ هڪوار
هي هوتو، نوتو، چنو، جکرو وٺي وڃ وينجهار
ڪري ٻيءَ قطار، وڃ ڪنهن ٻيءَ ولائت ڏي.
31- عرض ڪري ٿو ٻاٻيهو، ٻڌيو ٻئي ٻانهون
نڪي وڃان ٻي ولائت کي، نڪي عرصو ڏيئن آئون
ويٺو ڪرين ڪيچ ۾، ڪهڙيون ڪٿائون
نڪو سَنڌو هو سورن جو، ڪيئي اورون اوريائون
ٻانهن ٻاٻيهي کي، پنهل جي، ڏوري ڏنائون
هاڻي پنهل پڇائون، آءٌ ڪندس تنهنجون ڪِن کان.
32- پٽ موڪلايو آهي پيءُ کان، پيرن تي پئي
اکيون آريءَ ڄام جون، لڙڪ وهن ٿيون ٻئي
محلي منجهه، مري چوي، راڙهو راڙهه پئي
اهڙا سور سهي، هُن وڌو پير رڪيب ۾.
ـــــــ
|