پهچڻ قافلي جو ڪيچ ۾ ۽ بيتاب ٿيڻ آريءَ ڄام جو:
سڻي ورندي پنهونءَ جي نا اُميدي
وريا ساٿي سڀئي سي ڪيچ جلدي
ڪندا دانهون ويا سڀ ساٿ وارا
ڪندو وو ووءِ وڃن هئي هئي ويچارا
اچي سي مرد ڪيچي ڪيچ پهتا
لنگهي لڪ سخت لانگها ڪيچ نڪتا
ڪنهين جاسوسي جلديءَ ساڻ آري
ڪئي تنهن ڪيفيت ڪيچن جي ساري
چنون آيو نه موٽيو يار تنهنجو
پنهون سردار ۽ دلدار تنهنجو
ٻڌي ورندي ٿيو داناءُ بيهوش
ڪيو کائڻ پيئڻ دل تان فراموش
هلي آيا جڏهن ساٿي سڀيئي
چنون آيو ڪچهريءَ پاڻ پيهي
سڀو احوال آريءَ سان ڪيائين
ڪيو هئي هئي رتو رت اُت رنائين
پنهون ويو ساڻ ڌوٻڻ جي ته اڙجي
اندر محبت جي قابو خان ڪڙجي
ويو سردار ڇورا سڀ ٿياسون
اچڻ لئي ساڻ اُن جي وس ڪياسون
نه يو خان ويو ڪيچي وساري
ويو سو غم اندر محبوب ماري
آيو منجهه هوش جڏهن ڄام آري
ڪري افسوس هئي هئي هاءِ زاري
وري گفتگو ڪچهريءَ ۾ هلايو
آهي دل جو چنون هاڻي مون رايو
وڃن ڪي مرد مانجهي زور وارا
هجن هاتڪ هزاري سمجهه وارا
ڪري قابو اچن منهنجو پيارو
ڪيو اهو ته جلدي هاڻ وارو
ڪرن پاسي او بلبل اُن گل کان
لهي غم ۽ الم منهنجي ته دل تان
چنونءَ ٻوليو فڪر بابا ته تون ڪر
اجهو آڻيان پنهل قابو ڪري گهر
ڪئي اُتهين چنونءَ جلدي تياري
وٺي موڪل هليو کان ڄام آري.
وڃڻ پنهونءَ جو ڀنڀور ۾ ۽ بيهوشيءَ جي حالت ۾ پنهونءَ کي آڻڻ:
لنگهي لڪ سخت لانگها سي هليا ويا
ڀنڀورين مرد غازي جلد آيا
اچي سردار پنهل جا ٿيا اوطاقي
ٿيا سي مرد ساڻس سڀ ملاقي
گهڻيءَ سڪ مان پنهل سان مليا ٿي
ڪيون کيڪار ساڻس سڀ کليا ٿي
مليا ٿي ساڻس سسئيءَ جي سي غازي
گهڻي پيا ڪن اڳيون اُن جي سي آري
سگهو سسئيءَ چڱي ماني پچائي
ڏسو هيءَ بي قضا يارو خدائي
اچي پئي رات انڌاري اُنهن تي
کلي سي خان ويٺا سڀ کٽن تي
ڪيون مجلس موچاري ساڻ ڀائن
پين پلايا خوشيءَ مان طعام کائن
پيالو پي پنهل بيهوش ٿيئڙو
سسئيءَ کي پڻ نشي بيهوش ڪيڙو
اُثي اڌ رات جو پنهل ٻڌائون
اُٺن تي خان قابو سو ڪيائون
ٿيا سي ڪيچ راهي ڪيچ وارا
ڪيون مردود سسئي سان ڌاڙا
ڪئي يعقوب سان يوسف جدائي
ڪئي تن ڀائرن پڻ بيوفائي
کڻي پنهل هليا سي مرد چوري
ڪئي تن ساڻ پنهل جي ته زوري
هليا هڪلي اُتاهون چست چانگا
ميا المست موڳا سي اڙانگا
کٽي سا رات آئي صاف پرڀات
ملان آندي اُتانهين ٻانگ سا وات
اُٿي ننڊ مان سسئي سهجون ويچاري
ڪري ووءِ ووءِ هئي هئي قيام ڪاري
پنهون پيارو کڻي ويا ڪيچ زوري
ڪئي ڪيچين اُمالڪ صاف چوري
ڪري هئي هئي ڏيان ڪنهن دانهن هاڻي
پنهون من پاڻ پنهنجو ننگ سڃاڻي
ڪري ڇوري نماڻي ويو برن ۾
ڇڏي ويو هيڪلو هاتڪ ٿرن ۾
ڪيان ڪيئن هاڻ ڪنهن کي دانهن ڏيان مان
اندر جو سور هاڻي ڪنهن سلان مان
ڪري کان درد دانهون جلد فرياد
ڪري ووءِ ووءِ ۽ بيداد بيداد
ڪئي ڏيرن صفا مون سان پڄاڻي
ڪري ڇوري ويا هتڙي نماڻي
پيو غوغاءُ ساري شهر ڌمچر
آئي قيامت صفا حشام حشر.
وڃڻ سسئيءَ جو پنهل جي ڳولا ۾:
ڪري ويو سيج خالي مرد مانجهي
ٿيان گولي انهيءَ لئه صبح سانجهي
دکيو ڌوٻڻ کي دل ۾ عشق آزار
ڪري دانهون روئي اُت زار زار
سسئيءَ کي سڪ سندا سو سور تنهن دم
هلي ڳولڻ پنهل کي پاڻ يڪدم
چوي مون ساهه ساجن ساڻ ويڙو
بنان جانيءَ جڏو مون جيءُ ٿيڙو
ٽڪان هت ڪيئن پنهل کي پاڻ ڳوليان
جبل ۽ ڏونگرن ۾ پاڻ روليان
هلي هيڪل ڇڏي گهر تڙ ويچاري
ڪري افسوس مان فرياد زاري
لڳس سڀ لوڪ پٺتون سڀ سهيليون
پدر مادر ڇڏي پنهنجون حويليون
ڏسڻ پيرو نظر آيو نه تنهن کي
نڪو پنڌ پيچرو معلوم اُن کي
پدر مادر جهليو وڃ ناڳهيلي
وڃين ڪيئن تون بلائن ۾ اڪيلي
اڳيون ڏونگر ڏيکا ڏاڍا سجهن ٿا
گهنا چيٽا ۽ باندر رڇ ٻجهن ٿا
الهه واهي نه ڪئي جنهن ساڻ توڏي
وڃن ناهي مناسب هاڻ اُن ڏي
چيو سسئيءَ نه ٿي بابا چريو تون
پنهون وارث اصل آهي اجهو مون
لکيو تقدير جو هو انگ ازلئون
وڃڻ ٿيو آهه مٿي مون فرض اصلئون
خداحافظ سندم من اُت رساڻي
پنهون شل پاڻ پنهنجو ننگ سڃاڻي
نه تنهنجي ڌيءَ نا مادر جي ڄائي
هيو اصلئون لکيو بابا خدائي
هيس مهمان اوهان وٽ آءٌ مسافر
الهه واهي اٿو الله توآهر
ساڙيون اُن جي پدر مادر حويليون
وري پهتيون اچي سڀئي سهيليون
چون سسئي پڍيءَ پيءُ جي نه وڃ تون
ادي ڪو ڌيان ڌر ۽ ڪر شرم تون
وڃڻ ويلي نه توکئون موڪلايو
وڃڻ اُن جي پٺيءَ آهي اجايو
چيو سسئي نه آهيان اُن جهڙي
پنهل پارس کي منهنجي ڪاڻ ڪهڙي
ڪٿي ور کي وساريان مون سهيليون
وڃو پٺتي وري موٽي ڳهيليون
وري پوئتي وريون سڀئي سهيليون
پيا تن ياد گهر تڙ ۽ حويليون
وريو سڀ لوڪ مادر پدر سهيلي
هلي سسئي پنهل ڏي هڪ اڪيلي
نه ٿيندو ساڻم سنگتي لوڪ سارو
پدر مادر قبيلو ڀاءُ پيارو
پئي سر تي قضا سسئيءَ خدائي
ڏجانءِ توفيق مون کي يا الــٰهي
ڏوري ڏونگر ڏکيا ڏک سور سهندي
پٺيءَ پياري جي ڪستئون ڪاهه ڪهندي
ڪري سڏ ڪوڪ واڪا درد فرياد
ڪري وا حسرتا بيداد بيداد
پنهون ڇڏ نا پيادي تون پٽن ۾
ڇڏج چوري نه تون دلبر دکن ۾
اچي اڄ سور ڏک ساٿي ٿيا مون
ڪري سر بار سورن جا پيا مون
پنهونءَ لئه ٿي سدا شب روز شادي
وتان رڙندي پيارا هت پيادي
اچي دلدار سڻ فرياد انور
اچي منهنجو مٺا ڪر داد دلبر
لنگهي لڪ سخت وئي دريا ڪناري
ڪري فرياد دمدم ٿي پڪاري
نڪو ٻيڙو نه ترهو ڪونه تارون
ڪري کان درد دمدم ٿي پڪارون
خدا جي حڪم سان کئين عشق جي باز
وڃي هُن ڀر ڪيو تنهن ويل پرواز
سچو صاحب جنهين جو آهه ساڻي
وڻي درياء ٽپي سسئي نماڻي
خداحافظ سندو سسئي جو بر ۾
هيو حافظ سدا شب روز ٿر ۾.
پهچڻ سسئيءَ جو لس جي ملڪ ۾ ۽ ڌنار کان ڊڄڻ ۽
الله تعالى کان امان گهرڻ ۽ داخل ٿيڻ زمين ۾:
آئي سسئيءَ جي ڪارڻ هاڻ واري
وڃي ڪهندي ڪندي فرياد زاري
تکي تابش گهڻو آڙاهه جهڙي
ڏٺيسون ڪانه اهڙي واءُ اهڙي
پٿون ٿيس پير منجهه واريءَ جي يڪدم
آئي منجهه جوش جي سسئي سا تنهن دم
تتو هڪ ڏينهن ٻي آهه ظلم واري
آهي ويتر وڇوڙو مرض ماري
اچي رس تون هتي ڪيچي ڪوهيارا
نماڻيءَ جا وسيلا هوت پيارا
اچي چوگرد باهيون برهه ٻاريون
ڪري دمدم ويچاري ٿي پڪارون
اُتي ڌوٻڻ اڳيان ٻڪرار آيو
ڊڪي سسئي انهيءَ کان پنڌ پڇايو
ادا ڏس ڪي ڏٺئي ڪيچي ڪوهيارا
لنگهيا بودن سان هتڙئون ڪيچ وارا
وتان شب روز جن لئه راهه رڙندي
وتان پنڌ پيچرا پرين جا پڇندي
ڏني ورندي اڳيون ٻڪرار سڻ تون
پري ٿي ڪيچ اهڙو دم نه هڻ تون
پري ٿيو ڪيچ ناهي بات پيادن
پڄن سي ڪين توڙي ٺينگ مارن
سڻي ورندي هلي سسئي ويچاري
پڇي ڏونگر ڪنان ڪٿ ملڪ آري
وري ٻڪرار کي آئي دغائي
خدا اميد منهنجي اڄ پڄائي
مليو اڄ محب مونکي آهه بر ۾
ڏسو قدرت خدائي جهنگ جهر ۾
ڇڏيان ڪيئن هاڻ اهڙي ٻانهن هتڙي
نيان گهر هاڻ قابو جلدي پڪڙي
ڏٺو سسئيءَ وري موٽيو آهه مردود
دکيو دل ۾ سسئيءَ کي عشق جو درد
ڪيائين آهه، پهتي عرش تائين
خدايا هن بدوءَ کان تون بچائين
مٺا مرسل اچي ڪر ماڙ منهنجي
علي سرتاج اڄ ڪر ماڙ منهنجي
ڦٽي ڌرتي انهيءَ ۾ مون گنوايو
بدوءَ بڇڙي بلا کان مون بچايو
پنهنجو مادر پدر ۽ ملڪ ڇوڙيم
لکيو تقدير جو هت هاڻ لوڙيم
ويا عرش اُتي دردن جا سي واڪا
ڌٻي ڌرتي ڦٽي ٿي جلد ڦاڪا
گهڙي سسئي ڪري يڪدم هوشياري
وڃي ٿي ڀونءَ داخل اُت ويچاري
چُني جو ڪو پلوَ ٻاهر جو پيئڙو
ڏسي ٻڪرار سو بيهوش ٿيئڙو
ڏسي قدرت الــٰهي ايهو اسرار
وجهي ديرو اُتي ويٺو سو ٻڪرار.
پنهونءَ جو هوش ۾ اچڻ ۽ ڀائرن کان جدا ٿيڻ ۽ سسئيءَ سان گڏ داخل ٿيڻ زمين ۾:
لنگهي جڏهين ويا لڪ سخت لانگها
ٿيا الست بودا سي اڻانگا
ٿيو اُت هوش ۾ پنهل پيارو
ڏسي حيران ٿيو قدرت نظارو
ڪٿي مان ڪٿ پياري ملڪزادي
چنون ڏاڍي ڪئي مون سان تعدي
دکيو دل ۾ درد ۽ جوش بسيار
ڇني واڳون لهي پيو هيٺ سردار
ڦري چوگرد آيا ساٿ وارا
پوين ٿو موت ۾ تون ڪيئن پيارا
گَجو پنهل ڪري جيئن شينهن گجگاڙ
ڪڍي سرڙي اُتي تنهن ترت تلوار
چيو پنهل جيڪو ايندو مون اوري
ڪندس ڳترا سڀئي مردود جهوري
پنهل کي جوش جا آيا اُٻارا
ڊڄي بيزار ٿيا سڀ ساٿ وارا
وريو پٺتي اُتان بانڪو بهادر
ملائج مون پرين ساڻ هاڻ قادر
سڃاڻي واٽ ٿيو شهزادو راهي
پرين سان ميل مون جلدي الــٰهي
لنگهي لڪ سخت جان سردار آيو
نظر ڏينهن کي اڳيون ٻڪرار آيو
پڇو اُن کان پنهل پنڌ پيچرو ڪو
هتي ڪا ڪامڻي رلندي ڏٺي تو؟
ڏني ورندي اڳيون ٻڪرار اُن کي
ڏٺي هڪ ڪامڻي رلندي مون وڻ تي
ڊڪي ڊوڙي ڪري کان درد دانهون
اچي رس تون ڪوهيارا اڄ ڪيڏانهون
هليس اُن ڏي ڏسي سا سونهن واري
وڻي پيهي اندر ڌرتيءَ ويچاري
پلؤ اُن جي چنيءَ جو آهه نڪتل
اچو تان مون ڏيکاريان هاڻ ڪامل
پنهون کي اُن پلؤ اوهو ڏيکاريو
ملي مونکي وري دل مان پڪاريو
اچي هي عرض مون مالڪ اگهايو
سڄڻ سردار سان خالق ملايو
نه ڏي مون کان انهيءَ کي تون جدائي
مٺي محبوب سان ڏيو مون وفائي
ڌُٻي ڌرتي ٿيو امر الاهي
ڏسو قدرت عجب يارو الاهي
گهڙيو اُن ۾ پنهل سو مرد غاز
وڃي دلدار سان ٿيو مرد راضي
مليا معشوق ۽ عاشق اُداسي
هئا پلپل پيالي جا جي پياسي
بيت
پنهل آءُ پيهي، سوڙهي ڀانءِ مَ منهي
اندر باغ بهاريا، ٻيا ميوا منجهي ئي
وٺو نور نبيءَ جو ٿيا سرها سڀيئي
ڪيچ خبر پيئي، ته پنهون پرين گڏيو. |