چڱي جت جا چيل بيت
*
1- ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جوڙي جوڙ جبار
مُلڪ محمد مير کي بخشيو بخشڻهار
ذات برهمڻ، جت چئي، هئا ڌڱ دنيادار
سي ڌوڙي شهر دلور ۾ هئا سڌر شاهوڪار
سي نمن ”نائيين“ نر کي ڀيڙا ٿيو ڀار
تنهن دانهه جي دل تي هئا ڪي وياء جا ويچار
منهنجي پٺ پيدا ڪريين صاحب رب ستار
ڌيءَ دُني ۾ هيڪڙي ڏنيس جا ڏاتار
سا سڪي ڄائي سُوندري، سچ ڪ رات سومار
تنهن براهمڻ ڀيڙا ڪيا سڏائي سردار
اُپٽيو پوٿيون پانهنجون وانچيو هِتي وار
جيڪي هئيس انگ ۾ تنهن جا پڪا ڏيو پار
ٻڌو مٿس ٻانڀڻا ڪو نام ڪري نروار
تڏ سُڄاڻن صحيح ڪيا اکر جا آچار
ته نالو سندس سسئي آهي لکيو لکڻهار
لکيو ٿيندس جت سان ٿوريءَ گهڻي ڄمار
ڪندي سير سمونڊ جو، ڪهندي پاس ڪٺار
جڏهن پيين حقيقت حال جي، تڏهن ڳَيَڙون غم غبار
مادر موڙهائي سا پَهُنسَ کڻي ٿي پار
سا سُڄاڻ هئي سوندري ڪا عورت عقلدار
تنهن وري چيو ور کي: تون ڀڙ ٿي ويهه ڀتار
جيڪي هئو انگ ۾ ڏيکاريو ڏاتار
ڪر ڪو تدارڪ تنهن جو ڪوٺي جيڏا يار
نه ته ڪ ... .... .... ..... .... ... .... ....
...
تنهن نائيين نر گهرائيا ڀيڻج ڀائٽيا ڀار
مڙي آيا مارڪي مصلحتي موچار
ڳجهيون ويٺا ڳجهه ۾ ڳالهِين ڪن ڳالهيار
تن پَهي ڳالهه پڪي ڪي ڪا وڏي ساڻ ويچار
تُرت گهڙايائون تڪڙا ڪي واڍا وِڄيادار
پيتيءَ تي پدمن جا ٿي جڙيائون جنسار
مٿي تن موتين جا ٿي هاريائون هزار
مشڪ کٿوريون ڪيوڙا وڌائون تنهن وار
هڪڙي آبوس عطر جي ٻي ٻِيڙن جي ٻهڪار
بوڙڻ هليا ٻهِ پُڙي مٿي نير نبار
وجهي ويچارا وريا پيتي منجهه پاتار
نيئي داخل ڪيائون درياهه ۾ الله جي آڌار
جتي ڀير ڀَوارون ڀَوَ گهڻا ۽ ڪر ڳر ڪارونڀار
وِيسَر واڳون وِير ۾ مينگر مڇ متار
ڪنگن ڪي ڪانڪا اتي سهيس هئا سينسار
هُت به هُئي روزينو رب جو ٿي جياريس جبار
سونهان تنهن صندوق جا مَلڪ ٿيا مهندار
سا حور هندوري لڏندي آئي خوبي منجهه خمار
ڪو تِرُ جُڙيو تنهن کي منجهان نور نبار
اچي پيتي اُپڙي اڇي مٿي آر
ته حاضر هئا هَڪيا ڪي ڌوٻي دنيادار
ڪوڏئون ڌوئن ڪپڙا اڇا مٿي آر
ته ”نوح“ نالو هو جنهن جو تنهن پريٽ ڪي پڪار
متاع آهي منهنجي يا(1)
ٿي اچي يار
سو ڪڍي آيو ڪامڻي منجهان ڪُن ڪِلدار
تنهن پانڊپ پيئي هٿ ڪري جان اُپٽي عقلدار
ته پيشاني پيدا ٿي سندي ٻالڪ ٻار
تنهن گهوٽيي گهڻائي ڪيا ڪي شڪر بيمشار
مون سين وڙ وڏا ڪيا تون رزاق رب ستار
هيءَ جي حهاڳي اُکتي اونهان جَر اپار
سا ئي سهاڳڻ ٿي سسئي منجهه سنسار
تنهن خزانا خيرات ڪيا هيرا موتي هار
پاڙي پريٽن جي شغل ٿيا سينگار
گهورون ڪن گُجر تان ڀريون ٿيلهيون ۽ ٿار
دُري منجهه دئار، ويٺي وڏايون ڪري.
2- ويٺي وڏ ايو ن ڪري دُ ر ي
د ئار سرتيون ڪوڏ سسئيءَ جي سڀ آتڻ منجهه اچن
جي سونهن سُوندل جي ساڙيا سي پر ۾ پيا پڇن
عطر عنبير جي هئي مٿي ڌوم درن
سي اُٿيو سِڪ سسئيءَ جي ۾ ڪن گهورون تان گهَرن
ويڇا پون ويهانءَ لاءِ ڪي دنڌ وڌا ڌوٻين
پر هي مورت خلقي مون ڌڻي اصل جوڙي لاءِ جتن
جڏهن ڪن فيڪون هئي روشوائي روحن
هيءَ تڏهونڪي ڳالهڙي آهي موجب ڪتابن
امر آرياڻين کي ڌريان ڪيو ڌڻين
کڻندا بار ڀنڀور ڏي پوندو ڪم ڪيچين
آيو سوداگر ساٿ جو ڪو سندو ٻاروچن
سو ٻاٻيهو ٻاونگير هو تنهن رکي مصلحت من
هيڪر سان هوتن، ڪيو سڱ سسئيءَ جو.
3- ڪيو سڱ سسئيءَ جو، هيڪر هوتن سان
سو عاقل عقل اڳرو ٻاٻيهو هو ٻهڄاڻ(1)
وڻج وڪڻي وريا ڪيائون وطن تي وراڻ
قطاريائون قافلا حيلا لائي هاڻ
پٻ لنگهي پري ٿيا مٽيائون مڪران
رهيو ملوڪن منَ ۾ ڪو آتڻ جو ارمان
صحيح آڻبو ساٿس ان پنهل وٺي پاڻ
هو ميمڻ مت سڄاڻ، تنهن وڃي ڏنا پار پنهونءَ کي(2).
4- ڏنا پار پنهونءَ کي وڻجاري واري
ڳالهين ڪيائون ڳجهه جون سڀ ساجن سان ساري
ته اُهي اُور عطر جي اُن جي اوتاري
کڻيو نيڻ نياز مان ٿي وڄن جيئن واري
پُهيو پرديسين کي ٿي مِيٽُن سان ماري
پاڙي پريٽن جي گُجر ٿي گهاري
مورت خلقي مون ڌڻي اصل سُوندل سينگاري
پوءِ ڪرهل قطاري، هلي پسون ڀُونءِ ڀنڀور جي.
5- هلي پسون ڀونءِ ڀنڀور جي، پير ڀري ڪنهن پر
ته سسئي ساهيڙين وچ ۾ ڪر ڏيو انڌاري گهر
ڪنٺ ته تنهن جو ڪوول جهڙو ڪونج ورنو ڪَر
هنجهڙ پيرين هلڻي ٿي ڪڻڪي ڪبوتر
پسي پيشاني تنهن جي ٿو ڏور ڏري ڏونگر
ڀَري تنهن بيگم جون شاهديون ڇپر
تون تنهين جو ور، جا اهڙين پارين پدمڻي.
6- اهڙين پارين پدمڻي، جانب سُجهي جا
آهي تنهنجي انگ ۾ ٻانڀڻ ٻاروچا
تارن تهڙا تجلا جهڙو وِڄُن واءُ
چکايو چڱن کي گهورون هئي گهاء
پوءِ ساڄن سسئي ساء، هلي حور نه ماڻيين.
7- هلڻ ٿيندو حور ڏي، پيرين ڪبو پنڌ
صحيح پسبي سنڌڙي، جان سِسي هوندي سَنڌَ
تون ميمڻ گهڻيءَ مَت سان آهيين عقلوند
اُٿي وڃ آريءَ ڏانهن ڪو فڪل ڪري فند
جنهن کي ويٺل وِسهين سا ٻاٻيها ٻولي ٻنڌ
ڪڇج ڪچهريءَ وچ ۾ تون شهل موچاري شند(1)
سُنهن کڻي سوڳنڌ، ڪا موڪل ڪار منهنجي.
8- موڪل ڪار منهنجي ته هلي پسون حور
منجهان آنڊن اُٿيا ڳالهه سُڻيندي سُور
اکين اوتو اوتيو نِڪُون لايون نور
وڏي شان شعور، ڪو عرض آريءَ کي چئي.
9- عرض آريءَ ڄام کي، ڪيو وڃي وڻجارن
تون آهيين مير مڪران جو سِلحدار سَڀن
رکوالا رعيت جا چڱا سي چئجن
ويٺي ورَتن نه ٿئي گذر غريبن
سودي ڌاران نه سَري اسان آدمين
ڏاڍا ڏاڻي ڏيهه ۾ سونگي ٿا سَڄن
پسي مَهڄڻ مهنديان ٻيڻو ڏاڻ ٻڌن
پُنهون پاڻ نه چاڙهيئين جو آڳَھ ٿئي اُٺن
ڪريون قطارون جون سِر مُهرو ساجن
ڏاڻ ڇڏائي ڏن، سو ڪڍي اچي قافلا.
10- ڪڍي اچي قافلو هو ساجن سلامت
پَهي چاڙهه پنهونءَ سان تو جوڙ موچاري جت
اُڇلي اُڀو آريءَ مهندان ٻاٻيهو ٻئي هٿ
اسين اوهان جا آهيون پُرين ڪر پورهيت
پوءِ مڃين جي مصلحت، ته ساٿ پلاڻيون سنڌ کي.
11- ساٿ پلاڻيون سنڌ کي قطارون ڪاهي
چئي: پنهون پاسي نه ڪريان جو آڳھ مون آهي
موچارو ملڪ ۾ آيو رنگ راهي
سڄو ڏيهه سُکي ٿيو تنهن ساجن جي سعيي
ٻه پُٽ ٻيا چاڙهيان سورهيه سنباهي
هوتو هلي آن سان جو عقلوند آهي
جن مُهر نه مڃي منهنجي سي نوتُو سڀ نائي
پوءِ ايندا لاڳ لاهي، مٿان ساٿين سنگ جي.
12- ساٿين سندي سُنگ جي ڪندو پارت پنهل ڄام
آگهِي تنهن اعلى ٿيو نرمل سندو نام
اجهي تِنهن جي اڏيو هي غريباڻو گام
پارس پَهي اُٿيا هو آريءَ سان انجام
پوءِ سڀني سندو سام، سو مير ڪيائون مهند ۾.
13- مير ڪيائون مهند ۾، ٿيا سرها ساهوڪار
ترت وڌائون تڪڙا ڪي مٿي بوتن بار
پاڻي کنيائون پاڻ سان ڀري آب اَڇار
ڳيهه وڌائن دَٻيين ڳُنڌڻ اَٽا چار
پَٽ پٽيهر پانبڻي دوست ٻڌي دستار(1)
سُونهي ٿو سردار کي کيڙو کُڙئي ڍار
هٿن مٿي هوت کي هئا بازو بند بهار
ميناڪاريون منڊڙيون هيون آڱرين اَپار
موچاري مير کي هئي پيرن ۾ پيزار
ننهن جُتي تي جنهور جا جَڙيا هئا جنسار
ٺوڪي آندي ٺاهه ۾ ڪا چڱي ڍول چمار
رُپو ٻانهِيُن ٻيلين هو سون مٿي سردار
هو پکرجي پَٽ پيا ٻاروچاڻا ٻار
ساجن سياڪي هليو موڙ ٻڌي مهندار
تڏهن روشوائي روئڻ جي ڪي گهگهيرين گفتار
پنهون پنهنجي پر ۾ ڪيون وينتيون تنهن وار
ته صاحب ڌڻي سچا ڪريين منهنجا قول قرار
سڀ اُڀي ويا ادب ۾ ڇڏي پاسواڻ پچار(1)
وڌائون کٿوري وات ۾، اُٺن کي اپار
ٻوٿ ٻڌائون تن جا چؤکنڀي چؤڌار
تن ڏاگهن ڏيهه چتائيو، چانگن ڪِي چَلڪار
سي لَڪ لتاڙي لڪيون آيا منجهه الگار
جا ڪامل ٿي ڪَنين سُئي سا سنڌ ڏٺي سردار
شهر ٻهرائون ڇوڙيا ڪي مٿان بوتن بار
تن اُٺن جي اوڳار سين واسي سڀ وڻڪار
شهر موهيو ڇٽ سين ڇپر پيئي ڇنڊڪار
سسئي ساهيڙين کي ٿي پَر ۾ پڇي پار
اڳي اچن ڪيترا هِتي سهسين ساهوڪار
پر ڪونه آيو ڪڏهن ڪو ههڙي ساڻ سينگار
پير ڀري آئي پدمڻي جان ديکڻ لئي ديدار
ته پسندي ٿي پنهون ڄام کي نيڻيڻ ٺريس نار
لڳس ناؤڪ نينهن جي لنؤ لنؤ منجهه لغار
هو لکيو لکڻهار، سو قلم ڪوڙو نه ٿئي.
14- قلم ڪوڙو نه ٿئي، انگ جو وريو ائين
ڏسو رضائون رب جون ڪري قضائون ڪيئن
سچو سلام سسئيءَ جو وڃي پهتو پڻهين سيئن
تون سگهو ڀُڻين سپرين اسان چاڙهي چئين
پُنهان پريٽ چائج تون نوڪر سندو نينهن(1).
وانءِ پنهون ڌوئي ڪپڙا تون اڇا ڪري آءُ ايئن
پوءِ جان تون چوندين جيئن، سا مڙوئي مڃبي ڳالهڙي.
15- مڙوئي مڃبي ڳالهڙي، تون جانب چوندين جا
تنهن گنديون ميڙيون گهوٽيي ساجن سِڪ منهجاء
پنهون پاڻيءَ هليو، لائق لٽا کاء(2)
ڇُهيون ڪيا ڇُپن تي پانڊپ پٽولا(3)
ته سسئيءَ ڪم سَميٽيو جا آئي سنڌ مٿاء
ساريو ڏٺائين سڀڪنهن کي ڀريو ٻيڻي ٻانهه
اڱڻ اچيو نوح کي ماڻهو ڪن ميڙا
ته ههڙي ڪَلف ڪپڙا اڳي ڪنهن نه ڪيا
ماري مُستورن سان ٺوڪي آندائين ۾ ٺاهه
(4)
پوءِ هادي ٿيو همراهه پرور پنهون ڄام سان.
16-پرور پنهون ڄام سين، ڪي هادي همراهي
حڪم هو حڪيم جو امر الاهي
ويهي رمز رهاڻ ۾ جا ڳَهڙ ڳالهائي
(5)
سا مٺي لڳي ماڙهئين کٽين خوش آئي
چامين، خانين، اُمرائين، رجپوتن راهي
چوکي ڳالهه، چڱو چئي سيباڻين سائي
ترت واريائون تڪڙي تنهن ويهانءَ جي وائي
سڀ پهرايائون سون سان دائي جي پائي
ٿي وڻ وڻ واڌائي، ڇپر شاديون پيئون.
17-ڇپر شاديون پيئون، ٿيون واڌايون وڻن
وناهه ويهاري سسئي سهج ڪري سرتين
اکيا ٻَڌا اُٺ کي جگت سان جيڏين
(1)
سي هليو هوت پنهونءَ کي ٿيون منهن تي موڙ ٻڌن
تيلائي تي تن جي ڪيا شغل ساهيڙين
مينديءَ مشعل ڪيا پسو پاڙيچن
منجيءَ چڙهي مَناڙيو پلنگ سين پيرن
لت نه جهلي ڍڪڻي، ٺڪا ڪيو ٺڪرن
ساجن ويٺو سيج تي ٿيون ساٺ سرتيون ڪن
پڙهي دعا پنهونءَ جي موچاري مُلن
چاڙهايون، چڱو چئي، چَرون چوٽيرن
پُلاهين پلڪ ۾ ٿي ترت بنايون تن
ڪاوڙين ڪُلهن تي، جهوليون جوانن(2)
کارايون خوشيءَ مان ٻيلون ٻاروچن
ڇونڊ ڇَني جي وچ ۾ ڪِي ڪاري ڪيچ ڌڻين
(3)
ميڙي مُٺين! ڀريون ڪي سهسين سوالين
رُپي سونَ سَنگينَ جو خير ڪيو خانن
لک لنگهي تي پيئون تن پار نه پٽورن
کليو وراهيون کارڪون هليو حجامن
ڪيو سڱ سسئي جو ان پر آرياڻين
پوءِ جاد ڪلمون جن، ويندا سي ايمان سان.
ـــــ
|