سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :3

 

سسئي جي تربيت:

اها جاءِ جتي سسئي زمين ۾ داخل ٿي ۽ پويان پنهون آندو ويو، سا ”پَٻوڻِي“ جي لَڪ جي پريان سنگهرواري سِيمَ ۾ آهي، ۽ ڪافي عرصي کان وٺي سسئي جي قبر جي نالي سان مشهور آهي. سسئي جي سَت ۽ همت، ۽ سندس حق پويان هلڻ واري ڳالهه ڳت کان متاثر ٿي، ڪيترن ئي سڪ وارن سالڪن ”سسئي جي قبر“ جو ڀيرو پئي ڪيو آهي، ڇو ته وڏي مدت کان وٺي اهو عام ويساهه دلين ۾ ويٺل آهي ته مائي سسئي سدا حيات آهي. ”رضائي“ ٺٽوي پنهنجي مثنوي ”زيبا نگار“ ۾ سيد علي شيرازي ٺٽوي جو سسئي جي مزار تي وڃڻ جو واقعو هن طرح بيان ڪيو آهي:

جڏهن هي قصو مشهور ٿي ويو ته عام خاص ماڻهو هنن عاشقن جي خاڪي مزار جي ديدار لاءِ اتي وڃڻ لڳا. اهڙا سالڪ جيڪي دل جي پاڪائي سان ٿي ويا تن کي سسئي پنهنجو پاڻ ٿي پَسايو، ۽ پڻ سندن مهماني لاءِ اندران تازو طعام آڻي ٿي ڏنو. انهيءَ ڪري ويتر اها ڳالهه هُلي وئي ته سسئي پنهون حيات آهن. سيد علي ٺٽوي جو پنهنجي وقت جو وڏو ولي هو، تنهن کي خيال آيو ته پاڻ مزار تي وڃي اهو لقاءُ پنهنجي اکين سان ڏسي. سو ڪي ٻيا درويش پاڻ سان ڪري ٺٽي مان روانو ٿيو ۽ وڃي مزار تي پهتا. اتي اهو پهه ڪيائون ته رات جاڳجي، سو مزار جي چؤڌاري ٿي ويٺا. پوءِ ڪنهن وقت قبر کلي ۽ سسئي چيلهه قد تائين ٻاهر نڪتي، ۽ مرڪي مهمانن کي مرحبا ڪيائين ۽ کين تازو طعام ڏنائين.

ٺٽي جي شيرازي سيدن ۾ ”علي“ جي نالي سان ٻه بزرگ ٿي گذريا: سيد علي پهريون ۽ سيد علي ٻيو. هي ذڪر  غالباً سيد علي شيرازي ثاني جو آهي، جيڪو وڏو اهل درويش ٿي گذريو هو. سنه 889هه ۾ ڄائو ۽ سنه 981ع ۾ وفات ڪيائين. انهيءَ جي معنى ته اڄ کان ساڍار چار سئو سال کن اڳ، ڏهين صدي هجي ۾، مائي سسئي جي تربت هڪ مشهور زيارت گاهه هئي.

ان بعد محمود شاهه بادشاهه جي دور (1130هه-1161هه) ۾ قاضي مرتضى سورٺي پڻ پنهنجي مثنوي ۾ سسئي جي مزار جو ذڪر ڪيو، جنهن کي مير علي شير قانع ٺٽوي ”تحفة الڪرام“ ۾ هيٺين طرح نقل ڪيو آهي:

درويش اسماعيل ملتاني هنن عاشقن جي ديدار لاءِ ڪهي اچي مائي سسئي جي مزار تي پهتو. پنهنجو اُٺ پري ٻڌي، پاڻ ديدار جو قصد ڪري، ٽي ڏينهن فاقي سان چلو ڪڍي ويٺو. ٽن ڏينهن کان پوءِ هڪ پوڙهي مائي ڪجهه مانيون ۽ پاڻي کڻي اچي سندس آڏو بيٺي پر کيس چيائين ته: جيستائين سسئي ۽ پنهون کي نه ڏسندس تيستائين ڪجهه به نه کائيندس. مائيءَ چيو ته: سسئي آءٌ پاڻ آهيان، باقي پنهون کي ڏسڻ جي ڳالهه ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ جو هڪ ته زماني تي اعتبار نه رهيو آهي ۽ ٻيو ته آءٌ اڳئي ڏيرن جي ڏکايل آهيان. درويش چيو ته: آءٌ ڪيئن مڃان ته تون سسئي آهين، ڇاڪاڻ جو سسئي ته نهايت ئي سهڻي ۽ نوجوان هئي. تڏهن سسئيءَ چيو ته هاڻي ماني کاءُ. پر درويش چيو ته: ڀلي کڻي بک وگهي مري وڃان، اوهان ٻنهي کي ڏسڻ کانسواءِ ذرو به نه چکيندس، ڇاڪاڻ جو مون اهڙو قسم کنيو آهي. پوءِِ سسئي کانئس سنهن ساک وٺي، هيٺ وئي ۽ چيلهه جيتري پنهون کي ٻاهر آندائين پر هو سندس ڀاڪر ۾ هو، جو ڊپ هئس ته متان اڳئين وانگر ڪو کيس کڻي نه وڃي.

درويش اسماعيل ملتاني واري ڳالهه به محمد شاهه بادشاهه جي دؤر کان اڳ، يعني اڍائي سئو سالن کان اڳ جي آهي. پر خود مير علي شير قانع جي ڏينهن ۾،  يعني اڄ کان ٻه سؤ سال اڳ، مائي سسئي جي مزار تي مهمان نوازي جون مقالون هلندڙ هيون، جو مير علي شير درويش اسماعيل ملتاني واري ڳالهه کان پوءِ پاڻ پنهنجي طرفان لکي ٿو: ”مطلب ته ڪيترن ئي ٻين اهل دل بزرگن پڻ سسئي کي ڏٺو آهي، اُٺ جي سوار کي انهيءَ جبل (واري لڪ) کان لنگهڻ نه ڏيندا آهن، جيڪو به سسئي جي قبر تي وڃي جاڳي ٿو، ته جيتوڻيڪ اتي ويراني آهي ته به از غيبي سندس مهماني ٿئي ٿي.“

اڄ کان سؤ سال کن اڳ محمد واصل درس پنهنجي ”مثنوي گلزار واصل“ ۾، جيڪا هن 14 جمادي الاول 1299ع (1882ع) ۾ لکي پوري ڪئي، هيٺين حڪايت آندي آهي:

فقير هيڪو سسئي جي لوڙهه وٽ چاليهه ڏينهن ۽ راتيون الله تعالى جي عبادت ۾ ويٺو ۽ هي آرزو ٿي رکيائين ته سسئي ۽ پنهون ڏسان، بعد چاليهن ڏينهن جي سسئي خواب ۾ ڏٺائين. فقير عرض ڪيو ته مون کي پُنهون جي پسڻ جي سڪ آهي. سسئي چيو ته چؤطرف ٻن ٽن ڪوهن ۾ آڙ ڏيئي آءُ ته اُٺن جا پير لڳل نه آهن. پوءِ ٽن راتين کان پوءِ سسئي ڏٺائين ۽ پنهون ان جي ڀاڪر بغل ۾ هو. اِي حالت ڏسي فقير تي روڄ جاري ٿيو ۽ سجاڳ ٿيو. قدرت حق تعالى جي آهه اڃان سسئي کي اُڊڪو هو ته متان ڏير ڪيچائي اُٺن تي چڙهي آيا هوُن، يا هي فقير مون کان پنهون ني.

اڄ تائين اُٺ سوار يا خالي اُٺ کي سسئي جي لوڙهه ڏانهن وڃڻ جو حڪم نه آهي. ڪنهن به صورت ۾ وڃي نٿا سگهن. هڪ ميل اوري اُڀي ٿا رهن. جيڪڏهن سوار اُٺ کي زور سين ٿو نِئي ته سوار يا اُٺ کي نقصان ٿو رسي. (1)

اسان 1962ع ۾ مائي سسئي جي تربت ڏسڻ لاءِ سَنگهر جي سِيمَ ۾ وياسون. تربت جي ٻاهران هڪ چؤديواري هئي، جنهن جي مٿان ڇپر پيل هو، ۽ تربت چُن سان ٻڌل هئي. وڌيڪ پڇا ڳاڇا لاءِ پوءِ دُريجي جي سڄاڻ پير مرد مرحوم محمد امين (مرحوم اميد علي خان ڀوتاڻي جي مامي) سان ملياسون، جنهن چيو ته: ”مائي سسئي جي اها تربت منهنجي پيءُ علي محمد ٻڌائي. رازا موڪليائين تن وڃي ٻڌي.  رازن چيو ته اتي جيڪو پٿر کڻون ته هيٺان ڄڻ ته مشڪ کٿوري جي هٻڪار پئي اچي. چيائون ته ڪم پئي ڪيوسون جو هڪ رات وڏي رازي خواب ڏٺو ته: سسئي پئي چوي ته تربت ڀل ٻڌو پر (سامان وارا)

اُٺ ويجها نه آڻيو.“ مائي سسئي جي سِيم ۾ پٿرن هيٺان هٻڪار واري ڳالهه آڳاٽي ٿي ڀانئجي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن وقت کان وٺي هڪ خوشبودار گاهه تي نالو ئي ”سسئي جو پٿر“ پئجي ويو، ۽ اڄ تائين اهو گاهه انهيءَ نالي سان مشهور آهي.

سسئي- پنهون داستان جي آڳاٽي مشهوري:

سسئي- پنهون جو داستان، سومرن جي بلڪل اوائلي دؤر ۾ اُسريو ۽ اُن دؤر ۾ ئي هن قصي بابت مقالون مشهور ٿيون هونديون، ٻن داستانن جي ڀيٽ ۾ سسئي- پنهون داستان جي سڀ کان وڌيڪ شهرت ۽ مقبوليت کي مدنظر رکندي، مير علي شير قانع پڻ تحفة الڪرام ۾ ائين ڄاڻايو آهي ته ”جڏهن کان هي قصو اُسريو- انهيءَ وقت کان وٺي هي عجيب قصو عام ماڻهن جي زبان تي جاري آهي.“ هن قصي جي ”ڳاهن واري ڳالهه“ جيڪا موجوده دور جي سگهڙن کان ملي آهي، تنهن ۾ هن داستان جي انهيءَ آڳاٽي دور واري روايت جا ڪي اهڃاڻ پڻ موجود آهن.

سومرن جي پوئين دور ۽ سمن جي دور ۾ سنڌ جي سگهڙن، عوامي ڳائڻن ۽ منگتن مڱڻهارن ملڪ جا مڙيئي مشهور داستان ڳايا، ۽ پوءِ ارغون- ترخان دور ۾ ئي غالباً پهريون ڀيرو عالمن ۽ شاعرن جي علمي حلقن ۾ انهن داستانن جي مقبوليت وڌي وڻ ٿي. شاعر اِدراڪيِ بيگلاري ڪن ٻاهرين قصن جي بدران سنڌ جي داستان ”ليلان چنيسر“ کي پنهنجي فارسي مثنوي ”چنيسر نامي“ ۾ منظوم ڪيو. ”ملام مقيم“ ”مومل مينڌري“ جي داستان کي پنهنجي مثنوي ”تَرَنّمِ عشق“ ۾ منظوم ڪيو. ”عمر مارئي“ جي قصي کي تاريخ طاهري جي مصنف مير طاهر محمد نسياني فارسي نثر ۾ ”ناز و نياز“ جي نالي سان تاليف ڪيو.

سسئي- پنهون جي داستان کي ڪنهن پهريائين نظم يا نثر ۾ لکيت جو لباس پهرايو سو معلوم ناهي، مگر موجوده ڄاڻ جي بناء تي مير محمد معصوم بکري جو جوڙيل فارسي مثنوي ”حسن و ناز“ سسئي پنهون جي داستان بابت آڳاٽي تصنيف آهي. مير محمد معصوم ، اڪبر بادشاهه جو درٻاري هو ۽ پڻ اڪبر بادشاهه طرفان ايران ڏانهن سفير ٿي ويو. هن اڳين مشهور شاعرن نظامي گنجوي ۽ امير خسرو جي تتبع ۾ ”خَمسه“ يعني ”پنج قصا“، مختلف شنوين ۾ منظوم ڪيا، جن مان مثنوي ”حسن و ناز“ سسئي- پنهون جي داستان بابت هئي. مير معصوم پنهنجي وقت جو هڪ عالم فاضل، مؤرخ، اديب ۽ مشهور فارسي گو شاعر هو، جنهنڪري سندس مثنويون پڻ هندوستان ۾ مشهور ٿيون، جن جي ذريعي هندوستان جي علمي حلقن ۾ ”سسئي- پنهون جو داستان“ مقبول پيو ۽ ٻين شاعرن پڻ هن داستان کي منظوم ڪيو. مثلاً، سنه 1053/1643ع ۾ ٺٽي جي شاعر ”رضائي“ هن داستان کي پنهنجي مثنوي ”زيبا نگار“ ۾ منظوم ڪيو. مير علي شير قانع، تحفة الڪرام ۾ ڄاڻايو آهي ته مغل بادشاهه محمد شاهه جي دور ۾ ڪاٺياواڙ جي شهر ”ڪُتيانا“ جي ويٺل شاعر قاضي مرتضى سورٺي هن قصي کي هڪ خاص طرز ۾ منظوم ڪيو. ان بعد سنه 1180هه/ 1766ع ۾، مولانا پير محمد آوڌي (جيڪو سنه 1160هه ۾ سنڌ ۾ آيو هو)، تنهن ”مثنوي مهر و ماه“ جي نالي سان هن داستان کي منظوم ڪيو. (1)

علمي حلقن کان سواءِ، سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر، اهل دل صوفين جي سماع جي مجلسن ۾ ”سسئي- پنهون“ جي داستان جا معنوي بيت آڳاٽي وقت کان وٺي ڳايا ويا. سنڌ جي مشهور ”ذاڪرن“ (سماع جي مجلسن ۾ وڏي ڄاڻ ۽ سوز سان ڳائيندڙن)، غالباً حضرت غوث بهاؤ الدين ذڪريا (وفات 661هه/1262ع) ۽ شيخ فريدالدين مسعود شڪر گنج (وفات1265ع) جي سماع جي مجسلن کي سينگاريو، ۽ انهن مجلسن ۾ سهڻي، سسئي وغيره سنڌ جي مشهور داستانن مان بيت ۽ وايون، سوز ۽ درد سان پڙهيون (2) ، جنهن ڪري سنڌ جا اهي داستان سنڌ کان ٻاهر ٻين علائقن جي عوام ۾ توڙي سماع ۽ راڳ جي حلقن ۾ مشهور ٿيا. سڀ کان پهريائين سنڌ سان لاڳيتن پرڳڻڻ يعني سِري ۽ ملتان، پنجاب ۽ بلوچستان، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ هن قصي کي مقامي شاعرن ڳايو. وقت گذرڻ سان هندوستان جي ٻين ڀاڱن ۾ پڻ سسئي- پنهون جو داستان  مــشهور

ٿيو ۽ عام توڙي خاص شاعرن، اديبن ۽ ٻين لکندڙن هن کي پنهنجي منظوم ۽ نثري لکڻين ۾ آندو. (1)

 سنڌ جون مکيه روايتون:

خود سنڌ جي اندر هن داستان بابت، شاهه عبدالڪريم (944-1032هه/1636ع/1550-1632) جا چيل ڪم از ڪم ڇهه بيت

آڳاٽي ۾ آڳاٽا آهن، جيڪي لکيل صورت ۾ ملن ٿا (2). يعني اڄ کان چار سؤ کن سال اڳ هيءُ داستان اعلى اخلاقي شاعري جو مکيه موضوع بنيو، جنهن کي پوءِ ميين شاهه عنايت شاهه، عبداللطيف ۽ خليفي نبي بخش خان جهڙن بلند پايه شاعرن پنهنجي ڪلام جو هڪ مکيه باب بنايو. انهيءَ جي معنى ته عوامي شاعريءَ ۾ هيءَ داستان ميين شاهه ڪريم جي دور (10 صدي هجري/ 16 صدي عيسوي) کان گهڻو اڳ ڳايو ويو، ۽ مسلسل طور ويندي موجوده دور تائين هيَ داستان سنڌ، لس ۽ ڪڇ جي عوامي شاعرن جي بيتن جو هڪ اهم موضوع پئي رهيو آهي. خوش قسمتيءَ سان سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن ۽ راوين جي مسلسل روايت ذريعي، انهيءَ آڳاٽي دور ۾ هن داستان جي قصه خواني جا اهڃاڻ هڪ ”ڳاهن واري ڳالهه“ ۾ محفوظ رهجي ويا آهن، جنهن تي اسان هيٺ روشني وجهنداسون.

اسان جي موجوده تحقيق واري پنجويهن سالن جي عرصي (1951-1976ع) ۾ هن داستان بابت جيڪو مواد دستياب ٿيو، تنهن جا مکيه ماءخذ ۽ سرچشما ٽي روايتون آهن: (الف) ”ڳاهن واري ڳالهه“، (ب) خليفي نبي بخش صاحب جي سرائڪي مثنوي ۽ سندس سنڌي  رسالي واري روايت،  ۽ (ج) محمد واصل درس جي ”مثنوي گلزار واصل“ واري روايت. هيٺ اسان انهن ٽن مکيه روايتن تي قدري تفصيل سان روشني وجهنداسون.

(الف) ڳاهن واري آڳاٽي ڳالهه: سسئي جي ڳالهه کڻڻ ۽ ان کي ڳاهن سان ڳائڻ جو سلسلو يقيني طور چئي نٿو سگهجي ته ڪڏهن کان شروع ٿيو، پر اهو يقيني طور گهڻو آڳاٽي شروع ٿيو جو ”ڳاهن واري ڳالهه“ انهيءَ سلسلي جي ساک ڀري ٿي. ”ڳائڻ“ واري سلسلي کانسواءِ، هن ڳالهه جي ڪن ڳاهن جي ٻولي آڳاٽي معلوم ٿئي ٿي، جنهن مان ظاهر آهي ته هيءُ داستان آڳاٽي دور کان وٺي ڳايو ويو. گذريل صدي ۾ يا ان کان اڳ، ڪنهن سڄاڻ سگهڙ کان ڪنهن صاحب هيءَ ڳالهه ٻڌي قلمبند ڪئي، ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل انهيءَ قلمي ڪتابڙي تان پوءِ (1844 -1849ع) واري عرصي ۾ انگريزي عالم رچرڊ بَرٽن ان کي مختصر طور انگريزي ۾ ترجمو ڪـــري پنهنجي سنڌ بابت لکيل ڪتاب ۾ شامل ڪئي (1). 1948ع  ۾  (نيويارڪ شهر ۾) جڏهن برٽن جو ڪتاب راقم کي دستاب ٿيو ۽ برٽن جي ڪيل ترجمي تي غور ڪيو ويو ته معلوم ٿيو ته اها ”سسئي- پنهون جي داستان“ جي ڪا آڳاٽي روايت آهي. لوڪ ادب تي تحقيق دوران، سنڌ جي سگهڙن وٽان انهيءَ آڳاٽي روايت جي پڇا ڪندي نيٺ اسان کي ڪن سگهڙن وٽان ڪي ٿورا اهڃاڻ، پر پير مرد سگهڙ صابر نوحاڻي کان اها ڳاهن واري ڳالهه (ص ص56-90) وڌيڪ تفصيل سان ملي. غور ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته صابر نوحاڻي ۽ رچرڊ برٽن واريون روايتون اصل ۾ هڪ آهن، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ۾ ڪي ڳاهون ساڳيون آهن جيئن ته:

ٽِلين ويڙهن وچ ۾، تون ڪنهن جو مور؟
ڪهِ تون کاٽ هڻندڙ، ڪه تون ڪپڙ چور؟

هيٺيون ٻه ڳاهون پڻ ٻنهي روايتن ۾ ٿوري فرق سان موجود آهن:

پنهون ڪاوڙجي اُٿيو، پڳس بيٺ مياڻ
چئي: ”سسئي سونارن سان وڃي ڪر رهاڻ.“

(صابر نوحاڻي)

پنهون هليم تيو رَين، ڀڃي ٿيڪ مياڻ
جيڪس سوناري سَهٽيو، ”ڀاڳُل“ هنيس پاڻ.

(رچرڊ برٽن)

هلو هلو جيڏيون، هلي پسون لال لئو
آريائي پنهون جي سرهي ساٿ ڪئو.

(صابر نوحاڻي)

هلو هلو جيڏيون، هلي پسو لال لوءِ
اوطاق پنهل ڄام جي هلي چشمن ساڻ چمو.

(رچرڊ برٽن)

نوحاڻين واري روايت لاڙ جي آهي ۽ رچرڊ برٽن واري روايت وچولي جي آهي، پر هن ساڳي ”ڳاهن واري ڳالهه“ جا ڪي اهڃاڻ اسان کي ميرپورساڪري جي سڄاڻ سگهڙ حاجي محمد سوڍي بگهياڙ (ڪلمتي بلوچ) کان هن طرح مليا ته: سهجان سوناري ”سون مياڻي“ تي رهندڙ هئي. پنهون جو ساٿ جڏهن اتي اچي لٿو ته سهجان گهڻا سهج ڪيا ۽ وڏو خرچ ڪري مهماني جي تياري ڪئي. جڏهن پنهون کيس ڏٺو تڏهن ٻاٻيهي کان پڇيائين، جنهن چيو ته:

سهجان سهجان ٿو ڏسين، اها آهي سهجان سوناري،
هَٽ پَٽينس واڻيا، آڏاڻي ڪوري..

پنهون جڏهن سهجان کي ڇڏي ساٿ سان چڙهيو ته سهجان سَوَڻ ٻولايو:

تتر لَمي، جهَڪ پوي، مٿان وسي مينھ،
سڀان به سارو ڏينھ، شل اُٺ نه ڏسو اوٺيا!

جڏهن پنهون، ٻڪرار کان احوال ٻڌو ۽ لوڙهه ڏٺائين، تڏهن لَلي کي چيائين ته:

ادا للا اُٺ جهليج، ته ڪريون زيارت لوڙهه جي.

انهن ڳاهن وارا اهڃاڻ صابر نوحاڻي (ص ص 64-90) ۽ رچرڊ برٽن (ص 95-98) جي ٻنهي روايتن ۾ موجود آهن.

ائين معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ ڳاهن واري ڳالهه آڳاٽي وقت کان وٺي سڄي سنڌ ۾، يعني لاڙ،. ساڪري توڙي سِري  ۾ هلندڙ هئي. تحقيق ڪندي ”ڳاهن واري ڳالهه“ جا ڪي ٽاڻا اسان کي بلوچستان جي ”ناڙي“ علائقي جي ”بيرون“ واري ايراضي (تعلقو اوسته محمد) مان مليا ۽ پڻ معلوم ٿيو ته سِبي شهر جو بهرام نالي هڪ شخص هي ”ڳاهن واري ڳالهه“ کڻندو هو.  بيرون واري ڪچهري ۾ (1) جهَل مگسي جي سگهڙ بَکر سالُوڪاڻي مگسي (2) پڻ اسان کي هن ڳالهه جون ڪي ڳاهون ٻڌايون، جنهن مان گمان نڪري ٿو ته ڪنهن وقت هيءَ ڳاهن واري ڳالهه سبي کان وٺي جهل مگسي تائين هلندڙ هئي. محمد عالم خان شاهل زئي جمالي چيو ته: بهرام پنهنجي ڳالهه ۾ هيٺين ڳاهه ڏيندو هو:

چيلهه سنهي، مُنهن موڪرو، ڪريهل ڪام نه مار
اسين رهنداسي راتڙي، صبح وڙُها وينداسي وڻڪار.

بيرون واري ڪچهري ۾ سگهڙ بکر سالُوڪاڻي، سسئي جي هيءَ ڳالهه ”سُر جوڳ“ مان کنئي ۽ ان ۾ ڳاهون ڏنائين، جن مان هيٺيون قلمبند ڪيون ويون:

ساٿ وارن سسئي کي چيو ته:

چيلهه سنهي، مُنهن موڪري، نالي موچاري نينگر نار
اسان جي ڪرهل کي، ايڏي ڪام نه مار.

سهجان سوناري پڇيو ته:

اچو اچو اوهين سائيڙا، آهي ساٿ وڏيرو ڪير؟
چئي: اهو ته هوندو خان پنهل ڇڳير.

ڀنڀور ۾ سسئي کي ڏسي پنهون ٻاٻيهي کان پڇيو ته:

رَءِ رَءِ ۾ رانديون ڪري، اها چُوڙيلي ڪير
ڪنگوءَ رتا اٿس ڪپڙا، مينديءَ رتا پير!

سبي ۽ جهَل واري هيءَ ساڳي صابر نوحاڻي ۽ رچرڊ برٽن جي روايتن واري ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته صابر نوحاڻي واري روايت ۾ هيٺيون ڳاهون مٿين ڳاهن سان ملن ٿيون:

نڪ سنهي، مُنهن ڦُٽري، تون اچين جا نار
باغ رک تون پنهنجو، منهنجي ڪرهن ڪام نه مار.
                                           (ص 72)

آئين جي اچو ساٿيا، اَن ۾ ساٿ وڏيرو ڪير؟
چئي: ڪمر جنهن جي ڪُلهن ۾، سو آريَ پُٽ ڇڳير.

(ص70)

هن ”ڳاهن واري ڳالهه“ جي ڪن ڳاهن جي ٻولي ڪافي آڳاٽي معلوم ٿئي ٿي. مثلاً:

گهَرِ گهَرِ گهَرٽَ مَنڊيا، اٽا پيسن جَنڊِ
ساٿ ويندا ساٿ سان، ماهه ڏسندي چَنڊ.
*

ڪالهه ڏينھ هو آڏتِ جو، اڄ ٿي اوسَههَ پوءِ
پنهون هليو ساٿ سان، تنهن جو ساٿ سلامت هوءِ.
*

ڏائو تِترُ جي لئي، ساڄو سِراءُ
هڪ کاٽائو ساٿ جو، ٻيو پرين ميڙاءُ.
ماء! کٿوريو سائڙو، آيو ڪنھ ڏيها
واسيو شهر ڀنڀور جو مَيَنِ جي مُها.
*

ڪتڻ ڏهاڙا گهڻا ههڙا هوت نه هُونِ
سودو ڪريان تنھ ساٿ سان، جنھ پنهون آرياڻي چُونِ.
*

مَنَڻ مَنياسِ ۾، ڦاٽل هٿ وچاءِ
پرڏيهي پنهون سان پَسو جاڙَ ٿماءِ.
*

مَنَھُ ڇانئيو، هِيري نڍِين کٽَ
جا پر سمن سومرن، سا پَر ڪي پَرٽ.

انهن ڳاهن جي ٻولي ۽ بيان مان ۽ خصوصاً آخري ڳالهه ۽ ”سمن سومرن جي پر“ واري اهڃاڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته اهڙيون ڳاهون سومرن جي آخري دور جون آهن. جڏهن سومرن ۽ سمن جي ڳالهه هلندڙ هئي.

گذريل صدي جي پوئين اڌ تائين هي ”ڳاهن واري ڳالهه“ ڪافي مقبول ۽ مشهور هئي؛ جو ان کي ڪنهن صاحب ان وقت قلمبند ڪيو، جنهن تي رچرڊ برٽن پنهنجو انگريزي ۾ مختصر ترجمو تيار ڪيو. ٻئي طرف عوامي شاعرن مان محمد عارف ڪلهوڙي پڻ هن ”ڳاهن واري ڳالهه“ جو خاڪو ذهن ۾ رکي، ڊگهي سنڌي بيتن ۾ نئين سر ”سسئي پنهون جو قصو“ جوڙيو. چئي نٿو سگهجي ته محمد عارف ڪلهوڙو ڪڏهن ٿي گذريو هو مگر (ميان عبدالنبي جي پٽ محمد عارف کان سواءِ ٻيو) ڪو عوامي شاعر هو، ۽ شايد 13 صدي هجري/ 19 صدي عيسوي جي شروعات ڌاري هي قصو جوڙيائين. بعد ۾ ڪنهن صاحب جڏهن محمد عارف جي بيتن کي قلمبند ڪيو، تڏهن ”ڳاهن واري ڳالهه“ مان ڪي ”ڳاهون“ پڻ گڏي ڇڏيائين. اهو ڪنهن ڪيو ۽ ڪڏهن ڪيو، سو چئي نٿو سگهجي پر غالباً اها تاليف 1850-1862ع واري عرصي ۾ ٿي. سنه 1851ع ۾ جڏهن رچرڊ برٽن جو ڪتاب ڇپيو ته سنڌ جي ڪُهنن قصن ۽ داستانن ڏانهن ٻين اديبن جو پڻ توجهه ٿيو. ان کان سواءِ 1850ع بعد سنڌ جي ادبي ذخيرن کي گڏ ڪرڻ ۽ ڇاپڻ جون ڪوششون پڻ شروع ٿيون، ڇاڪاڻ ته ”سنڌي ٻولي“ تعليم جو ذريعو بني. انهيءَ دور ۾ گولڊ سمڊ نالي هڪ انگريز آفيسر ۽ اديب، سسئي- پنهون جي قصي کي انگريزي ترجمي سان گڏ شايع ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ غالباً پنهنجي ڪنهن منشي کي هن قصي جي متن تيار ڪرڻ لاءِ چيائين، جنهن محمد عارف وارن بيتن کي قلمبند ڪيو ۽ ”ڳاهن واري ڳالهه“ مان ڪي ڳاهون پڻ ڳالهه جي ڀرتي خاطر محمد عارف وارن بيتن ۾ گڏيائين. ڪئپٽن گولڊ سمڊ هوبهو انهيءَ متن جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو ”سسئي ۽ پنهون“ جي عنوان سان سنه 1863ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو(1). هن متن ۾ ٻن ٽن جاين تي نثر ۾ ڳالهه جو بيان ۽ ڳاهون شامل آهن جيڪي ”ڳاهن واري ڳالهه“ تان آندل آهن. هن وقت، محمد عارف جي جوڙيل قصي جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو متن اهو ئي آهي، جيڪو ڪئپٽن گولڊ سمڊ جي ترجمي سان گڏ شايع ٿيل آهي، ۽ هن ڪتاب ۾ اسان پڻ اهو ئي رکيو آهي. ان کي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته نمبر 29 کان 34 تائين بيت (2)، ۽ وري نمبر 70 کان 97 تائين بيت (3) خود ”ڳاهون“ يا ”ڳاهن جو نقل“ آهن، ڇاڪاڻ ته اهي محمد عارف جي جوڙيل ڊگهن بيتن کان سٽاء ٽوڙي اسلوب بيان ۾ نرالا آهن (4) پڇاڙي وارو بيت نمبر 13 (2) پڻ ساڳيو اهو بيت آهي، جيڪو ”ڳاهن واري ڳالهه“ ۾ (ص 101) آهي ۽ اسلوب ۾ پڻ محمد عارف جي بيتن کان الڳ آهي.

 (ب) خليفي نبي بخش صاحب جي سرائڪي مثنوي ۾ منظوم ڪيل ڳالهه:

خليفي نبي بخش صاحب پنهنجي سرائڪي ۾ جوڙيل مثنوي ”سسئي- پنهون“ توڙي پنهنجي سنڌي رسالي جي ”سر سسئي“ ۾ هن داستان کي ڳايو آهي ۽ واهه جو ڳايو آهي. سندس مثنوي، سرائڪي ٻولي ۾ شاعري جو هڪ شاهڪار آهي، ۽ داستان سَرائي، شاعري ۽ معنوي نزاڪتن ۾ ڪماليت جي لحاظ سان اها ”مثنوي“، نظامي، خسرو ۽ جامي جي مثنوين واري صف ۾ شمار ٿيڻ جي لائق آهي. البت اندروني شهادت مان عَيان آهي ته خليفي صاحب سندس مثنوي، مولانا جامي جي ”يوسف- زليخا“ کان متاثر ٿي ساڳئي بحر ۽ ساڳئي انداز ۾ منظوم ڪئي. هڪ جاءِ تي مشتاقن جي مخالفن کي ڀَلڻ لاءِ پڻ مخدوم جامي کي سڏايو اٿس ته:

لَڙن جي نال مُشتاقين مدامِي
پَليِن تِن ڪُون ميان مخدوم جامي!

مجموعي طور سان، ڳالهه جي روايت خليفي صاحب اها ساڳي آندي آهي، جنهن جا مشهور ٽاڻا ۽ اهڃاڻ کانئس اڳين اعلى شاعرن، جهڙوڪ ميين شاهه ڪريم، ميين شاهه عنايت ۽ شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ ملن ٿا. مگر ڳالهه جا سربستا تفصيل خلافي صاحب پاڻ پنهنجي  طرفان آندا آهن، جو چيو اٿس ته: ”اهو سرمايو اسان جو پنهنجو آهي، ڇاڪاڻ جو ڪنهن ٻئي کي ڪم نٿو اچي.“

ڪَڍُون، کائَون گهِنُون گهر دِي مِٺائي
ڪَنهين ٻئي ڪُون ڪَنهيِن دِي ڪم نه آئي.

هن قصي جي تفصيلي سٽاء خاطر، غالباً خليفي صاحب ڀنڀور ۽ سنگهر (سسئي جي تربت) واري سرزمين پاڻ اتي وڃي ڏٺي، ڇاڪاڻ ته سسئي جي واٽ جا جيڪي اهڃاڻ خليفي صاحب ڏنا آهن، سي جاگرافي جي لحاظ سان بلڪل پورا آهن. (1). انهيءَ ڪري جزئياتي تفصيل جي لحاظ سان هن داستان جي خليفي صاحب واري روايت هڪ مستقل روايت آهي، جنهن جي تاريخ ”15- ذوالقعد 1250 هه“ (1835ع) آهي جڏهن خليفي صاحب پنهنجي مثنوي ڪاٺياواڙ جي شهر ”وامود“ ۾ جوڙي راس ڪئي.

لکيو سي سن ڪُون ٻارهن سئو پنجاهي.
ڪِتابت لِک نبي بخشي نِباهي
اَڃان آهي ڪتابت ڪجهه اڌوري
ڪيتاسي دور شهر ”رامود“ پُوري
مهينا مئن لکيا ذوالقعد والا
رهيا باقي بنهه پِڇوان سِيالا
اڃان منگدا مهينا پنج راتين
بنيان باتان قصي ديان ڀات ڀانين.

خليفي صاحب جي مثنوي سندس وفات کان پوءِ سنه 1301 هه (1883/1884ع) ۾ پور بندر جي قاضي ڀائرن، قاضي فتح محمد ۽ قاضي عبدالڪريم، ”پنهنجي ڇاپ خاني فتح الڪريم ۾ بمبئي (1) مان ليٿو تان ڇاپيو.“ هيءَ مثنوي پنهنجي مٺي زبان ۽ شاعرانه ڪمال سببان سڄي سنڌ ۾ مقبول پئي، ۽ انهيءَ عام مقبوليت ٻين شاعرن کي پڻ سسئي پنهون جي داستان کي منظوم ڪرڻ تي آماده ڪيو. سڀ کان پهريائين ٽنڊي آدم جو ويٺل ڀائي موريو، جيڪو ميرپورخاص جي مير شيرمحمد خان جي عملي جو ماڻهو هو، تنهن نوڪري مان پينشن تي وڃڻ بعد هن داسـتان کي عوامي شاعري جي رنگ ۾ ڊگهن بيتن ۾ جوڙيو، جيڪو غالباً اپريل 1876ع ۾ پهريون ڀيرو ڇپيو، ان ۾ شاعر طرفان اهو ڄاڻايل آهي ته اصل ۾ اهو قصو سرائڪي زبان ۾ هو، جنهن تان هن پنهنجو هي قصو سنڌي بيتن ۾ جوڙيو. خليفو صاحب پڻ ڪنهن وقت مير شيرمحمد خان جي عملي سان وابسته هو ۽ انهيءَ ڪري خليفي صاحب جي ”مثنوي“ مير شيرمحمد خان جي عملي ۾ مقبول هئي ۽ ڀائي موريي تي پڻ ان جو وڏو اثر پيو. ان بعد ڳوٺ فقير محمد يوسف (اڳڙا) جي ويٺل شاعر منشي خدابخش، خليفي صاحب جي مثنوي کان متاثر ٿي ساڳئي بحر ۾ هن داستان کي پنهنجي سنڌي مثنوي ۾ منظوم ڪيو، جيڪو ”قصو سسئي ۽ ڄام پنهونءَ جو“ جي نالي سان پهريون ڀيرو سنه 1903ع ۾ سکر مان ماستر هريسنگ ڇپايو.

(ج) محمد واصل درس جي مثنوي ۾ منظوم ڪيل ڳالهه:

خليفي صاحب جي مثنوي کان 39 سال پوءِ سنه 1299 هه (1882ع) ۾ ٺٽي جي لائق اديب ۽ فائق حڪيم فقير محمد واصل درس، سسئي پنهون جي داستان کي پنهنجي سنڌي ”مثنوي گلزار واصل“ ۾ منظوم ڪيو. البت محمد واصل پنهنجي مثنوي جو بحر خليفي صاحب واري مثنوي جي بحر کان جدا طور آندو ۽ پڻ هن داستان جي سنڌ واري مشهور روايت جي بدران (ڪم از ڪم ڳالهه جي شروعاتي ڀاڱي کي)، بهاولپور- ملتان طرف واري روايت مطابق سسئي جي ماءُ پيءُ جي شهر کي ”ڀُٽا واهڻ“ جو ڪري ڄاڻايو. ”ڳوٺ ڀٽا واهڻ“، تحصيل صادق آباد، ضلعي رحيم يار خان ۾ هڪ قديم بستي آهي. هن مثنوي ۾ 7518 شعر آهن ۽ سسئي پنهون جي قصي سان گڏ ٻيون حڪايتون ۽ داستان پڻ شامل آهن. محمد واصل هي مثنوي 14 جمادي الاول 1299 هه ۾ لکي پوري ڪئي، ۽ ان کي پهريون دفعو سنه 1331هه/ 1- آگسٽ 1914ع ۾ ليٿو ۾ لاهور مان ڇپايو.

نتيجي طور ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته هن پوئين تاريخي دور ۾ سنڌ اندر هن داستان بابت جيڪي حڪايتون هليون آهن، تن جو مُور ۽ منڍ آڳاٽي ”ڳاهن واري ڳالهه“ ۽ ان بعد خليفي نبي بخش صاحب جي مثنوي واري تفصيلي ڳالهه آهن. ”مثنوي گلزار واصل“ واري روايت کي محمد واصل کان پوءِ ڪنهن به ٻئي شاعر غالباً ڪونه ورجايو. سنڌ ۾ تمام گهڻن شاعرن ۽ سگهڙن هن داستان بابت ڪلام چيو آهي. مگر اسان فقط انهن شاعرن جا بيت هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا آهن جن ۾ ٿورو يا گهڻو قصي جو بيان آهي، يعني ته ڳالهه جي لحاظ سان ڪي ٽاڻا ۽ اهڃاڻ ڏنل آهن.

مٿين مکيه روايتن کانسواءِ ڪن ٻين پڻ سسئي پنهون جي داستان کي منظوم ڪيو، پر اهڙي ٻئي ڇپيل مواد کي اسان شامل ڪونه ڪيو آهي. مثلاً ماستر واحد بخش مشتاق شڪارپوري سنه 1307هه ۾ ”قصو سسئي پنهل“ جو، سنڌي مثنوي (خليفي صاحب واري بحر) ۾ منظوم ڪيو، جيڪو شڪارپور جي ڪتب فروش منشي پوڪرداس ”خادم التعليم“ (ليٿو) پريس لاهور مان ڇپايو. ”سسئي ۽ ماڻس“ جي عنوان سان ڀيرومل مهرچند آڏواڻي بيت جوڙيا، جيڪي وسڻ مل ڪشنچند حيدرآباد مان 3 مئي 1917ع ۾ ڇپايا. سنه 1313 هه ۾ ”ديوان بچل“ لاهور مان ليٿو ۾ ڇپيو، جنهن جي آخر ۾  ”قصو سسئي پنهون جو“ ان کان اڳ ڇپيل ڪتابن جي لسٽ ۾ ڏيکاريل آهي، پر اسان کي اهو ملي نه سگهيو. (1)خود راقم جي پنهنجي يادداشت ۾ ”مثنوي ناز و نياز“ ملا محمد حسين جي درج ٿيل آهي، پر سردست ان بابت وڌيڪ چئي نٿو سگهجي.

داستان جا سماجي ثقافتي سلسلا:

سسئي پنهون جي ڳالهه، سنڌ جي ڪنهن قصن ۽ داستانن ۾ سڀ کان اوائلي آهي؛ سنڌ ۾ سڀني کان زياده وسيع دائري ۾ عام مقبول رهي آهي، ۽ سنڌ کان ٻاهر پڻ نه فقط سنڌ سان لاڳو علائقن مگر هندوستان جي ٻين ڏورانهن ڀاڱن ۾ پڻ مشهور ٿي آهي. هن داستان جي عام مقبوليت جو هڪ وڏو سبب اهو آهي، جو ان جا سماجي ۽ ثقافتي پهلو وڌيڪ روشن آهن.

سماجي لحاظ سان هي داستان نه فقط زال ۽ مڙس جي محبت ڀري گهرو زندگي ۽ ان جي زائل ٿيڻ واري مرڪزي پهلو سان وابسته آهي، مگر ان سان گڏ سنڌ ۽ بلوچستان جي مشترڪه سماجي سلسلن جو هڪ آڳاٽو بلڪ بنيادي نشان آهي. هڪ هندو برهمڻ ڇوڪريءَ جو هڪ مسلمان جي گهر ۾ اچڻ واري اڳڪٿي ۽ ان جو پورو ٿيڻ، سنڌ جي انهيءَ تاريخي دور جي ساک ڀري ٿو جڏهن مقامي طور سنڌ ۾ غير مسلم بلڪ برهمڻ پڻ اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي رهيا هئا. ٻئي طرف بلوچستان جي هڪ شهزادي جو عشق پَئي سنڌ جي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ، پاڻ کي کٽي سڏائي مقامي ماحول اختيار ڪرڻ، ۽ هميشه لاءِ سنڌ کي پنهنجو وطن بنائي، ڀنڀور وسائي ويهي رهڻ وارا اهڃاڻ پڻ انهيءَ آڳاٽي دور جا يادگار آهن، جڏهن بلوچ قبيلن ۽ سنڌ جي ٻين قبيلن جي وچ ۾ مشترڪه رهڻي ڪهڻي جا بنياد پيا ۽ جڏهن کان بلوچ قبيلا سنڌ ۾ آيا ته هميشه لاءِ ”سنڌي“ ٿي ويهي رهيا. بلوچستان جي حڪمران امير عالي خان ۽ کانئس پوءِ پنهون خان کي سنڌ جي هن آڳاٽي روايت موجب ”ڄامائي“ جو خطاب آهي. ”ڄام“ اصل ۾ ايراني سلسلي جو خطاب آهي، جو غالباً ”جَم“ مان ”جام“ ۽ پوءِ ”ڄام“ ٿيو. ٿي سگهي ٿو ته ”سمن“ وانگر ڪيچ جي هن ”بلوچ“ حڪمران گهراڻي کي پڻ ايراني بادشاهن وٽان خطاب مليل هجي. مگر ان سان گڏ اهو پڻ قرين قياس آهي ته آري ۽ پنهون جو گهراڻو سنڌ سان سڱيڻو ٿيو ۽ انهيءَ ڪري کين ”آري ڄام“ ۽ ”ڄام پنهون“ سڏيو ويو. ڀٽائي صاحب جي بيتن ۾ آهي ته:

ڪيچان آيو قافلو، ڄامن سندو ڄام

*

وچ وسيلو ناهه ڪو، اڳيان آري ڄام.

*

ايندا پسان شال، اوٺي آري ڄام جا.

*

پنهون ڄام پَهَڄُ، ته اکين کي اوس لهي.

سنڌ جي ٻين قبيلن ۽ بلوچ قبيلن جي پاڻ ۾ ميل ميلاپ ۽ مشترڪه ثقافت جو هيءُ هڪ اوائلي باب هو، جنهن جي زير اثر ايندڙ صدين ۾ ”سنڌي بلوچ“ قبيلن جي فردن پاڻ کي سومرو خان، دودو خان، چنيسر خان، ننگر خان، لاکو خان، سهتو خان، ٺَڪرُ خان، سمو خان ۽ تماچي خان سڏايو،  ته سنڌ جي ڪن ٻين قبيلن جي فردن پاڻ کي آري، آريسر، پنهون، چَنُو، هوت، حمر (حمل)، بلوچ خان، بلوچو، ٻاروچو، چاڪر، گهُرام وغيره سڏايو.

هن داستان جو ٻيو هڪ ثقافتي پهلو اهو آهي، جو جيئن مارئي جي داستان کي آڳاٽي وقت کان وٺي ”ماروي راڳ“ ۾ ڳايو ويو (1)، تيئن سسئي جي داستان کي پڻ آڳاٽي وقت کان  وٺي ڪن خاص راڳن يعني، آبري، ديسي ۽ حسيني ۾ ڳايو ويو. شاهه عبداللطيف پنهنجو گهڻي ۾ گهڻو ڪلام سسئي- پنهون بابت چيو، ۽ انهيءَ جهجهي ڪلام کي پنجن جدا جدا راڳن ۾ ڳائڻ جو بنياد رکيو، جن مان ٽي راڳ يعني آبري، ديسي ۽ حسيني غالباً شــاهه صـــاحب کان اڳ ئي ســـسئي جي داستان سان وابستا هئا. ”حسيني“  بابت اڄ کان ٻه سؤ سال اڳ مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ صاف طور لکيو آهي ته سسئي پنهون جي داستان کي ”حال ۽ قال جا صاحب سنڌي بيتن ۾ سر حسيني ۾ ڳائيندا آهن.“ حضرت شاهه عبداللطيف، پنهون جو اصل وطن بلوچستان توڙي پنهون جي پٺيان سسئي جي وڃڻ واري لحاظ سان، سنڌ ۽ لس ٻيلي جو ڪوهستاني نغمو ”معذور“ ۽ ان کان به اڳتي الهندي طرف ”ڪوهيار“ يعني ”خزدار“ واري علائقي جي نغمي ”ڪوهياري“ (ڪوهيار جو نغمو، يعني خزدار جو نغمو) کي راڳن جو درجو ڏيئي، سسئي جي سر کي ڳائڻ لاءِ چونڊيو. شاهه جي رسالي جو ”سر سسئي“ اڪيلو سر آهي، جيڪو پنجن راڳن ۾ ڳائجي ٿو، حالانڪ ٻيو هر سر هڪ ئي راڳ ۾ ڳائجي ٿو. مير علي شير قانع جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته سسئي جي داستان جا بيت يا وايون ”سماع“ جي مجلسن ۾ ڳايون وينديون هيون. هو تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو ته: ”انهن ٻن واصلن (سسئي ۽ پنهون) جي تاثير سان، وجد ۽ سماج وارن کي عجيب حالت پيدا ٿيندي آهي.“ سماع جو سلسلو آڳاٽي دور کان وٺي هلندو هو، جنهن مان ظاهر آهي ته ”سسئي“ جو موضوع سماع جي مجلسن ۾ مقبول هو ۽ پوءِ ”شاهه جي راڳ“ جي تنظيم ۾ پنجن راڳن جو موضوع بنيو.

اسلام آباد

25 جولاءِ 1972ع

ن . ب


(1)  ”مثنوي گلزارو اصل“، ليٿو ڇاپو، سال 1331 هه، ص 275.

 

(1)   مولانا پير محمد هي ڪتاب راڌن پور جي نواب بسم الله خان جي فرمائش تي لکيو. هي مثنوي ليٿو ۾ سنه 1295ع ۾ مطبع بحرالعلوم مان ڇپي. سيد حسام الدين راشدي پڻ ”تحفة الڪرام“ (فارسي) جي حواشي ۾ هن جو ذڪر ڪيو آهي. ڏسو تحفة الڪرام، فارسي متن، سنڌي ادبي بورڊ، 1971، ص ص482-483.

(2) هن موضوع کي اسان پنهنجي ڪتاب ”سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ“ جي پنجين باب هيٺ قدري تفصيل سان ورجايو آهي، ۽ ان کي ڏسڻ گهرجي.

(1)   پنجابي زبان ۾ مولوي غلام رسول هي قصو سنه 1260هه ۾ منظوم ڪيو، جيڪو مفيد عام پريس لاهور مان سنه 1310هه ۾ ڇپيو. ان بعد سيد فاضل شاهه، ويٺل تحصيل نوان ڪوٽ لاهور، هن داستان کي سنه 1280هه ۾ نظم ڪيو، جيڪو 1895ع ۾ ڇپيو. هن مختصر مقدمي ۾ انهن تفصيلي حوالن جي گنجائش ڪانهي، البت سنه 1963-1964ع ۾ هندوستان جي چاندي ڳڙهه يونيورسٽي جو هڪ استاد، هرنام سنگهه ”شان“، سسئي- پنهون جي داستان تي ”اسڪول آف اورينٽل ۽ آفريقن اسٽڊيز“ لنڊن ۾ ڊاڪٽري جي ڊگري لاءِ مقابلو تيار ڪري رهيو هو ۽ راقم انهيءَ سلسلي ۾ سندس رهنمائي ڪئي ۽ مختلف ماخذن ڏانهن سندس ڌيان ڇڪايو. سسئي- پنهون جي داستان بابت تفصيلي حالت سندس مقالي ۾ موجود آهي.

(2) ڏسو مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي جو تصحيح ڪيل ”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ مطبوع بمبئي 1356هه/1937ع، ص ص 32 ،34، 61، 67، 80 ۽ 107.

(1)   رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو جي وادي ۾ وسندڙ قومون“ (لنڊن 1851ع) جي ”چوٿين باب“ جي پويان ڏنل حاشين ۾ (ص389) ڄاڻايو آهي ته جنهن قلمي نسخي تان پنهنجو ترجمو ڪيائين سو ”ٽيهن صفحن ۾ آهي، تمام سهڻي سنڌي ۾ جوڙيل آهي ۽ ڪٿي ڪٿي فارسي (غالباً عنوانن طور) پڻ آندل آهي.“

“M Ms. I sa small one of about thirty pages composed in excellent sindhi and occasionally execrable persion.”

(1)   هيءَ وڏي ڪچهري اسان جي ڪرم فرما سڄڻ، مهربان ميزبان، علم دوست ۽ ڪچهري جي ور مير شاهنواز خان شاهعلياڻي جمالي جي دعوت تي سندس زمين بيرون واري اوطاق (تعلقو اوسته محمد) تي ٽي راتيون (30-31 ڊسمبر 1968ع ۽ 1- جنوري )1969ع) تي هلي.

 

(2)   سگهڙ بکر سالوڪاڻي مگسي، ويٺل جهل مگسي ڳوٺ ”مٽ سالوڪاڻي“ چيو ته: هن هيءَ ڳالهه غريبي سالوڪاڻي کان ٻڌي، جنهن پنهنجي استاد جمال، پاڙو ”چانڊامو“ مگسي کان سکي؛ جنهن جي عمر هن وقت (1968ع جي آخر ۾) ستر سال آهي.

(1)  (1) ڪئپٽن گولڊ سمڊ پنهنجو هي ادبي ڪارنامو، جنهن جو مهاڳ تاريخ 8 آڪٽوبر 1863ع تي ولايت ۾ لکيائين؛  سنڌ جي اڳوڻي لائق ڪمشنر سر هينري بارٽل فريئر؛ جيڪو ان وقت بمبئي جو گورنر هو تنهن جي نالي منسوب ڪيو.

(2)   ص ص 108-110 (3) ص ص 118-121

(4) انهن مان ڪي بيت ”شاهه جي رسالي“ جي قلمي نسخن ۾ پڻ ڪجهه فرق سان ملن ٿا.

(1)    ڪي ٻيا اهڙا ڇاپا پڻ اسان کي ملي نه سگهيا. مثلاً ”قصو سسئي پنهون جو“ جيڪو سنه 1903ع ۾ لاهور مان ڇپيو، ”قصو سسئي پنهون جو“ سنه 1967ع ۽ 1928ع ۾ سکر مان ڇپيو. غالباً اهو قصو مرحوم آخوند عبدالرحيم وفا پڻ تاليف ڪيو.

(1)   ڏسو لوڪ ادب سلسلي جو 38 ڪتاب ”عمر- مارئي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org