38- آيو خان خير سان، سسئي ڪئي سنبت
سڏي سهيلين کي، حاضر ڪيائين هٿ
عطر عنبير آريءَ، آندو، پنهونءَ پاري پت
مــــنهنــــجي وٺــــو مَـــت، کٿــــوري
خــــريد ڪريون.
39- کٿوري خريد ڪريون، هليون پائي هار
هڪ جيڏيون هرکي هليون ڪونجون ڪري قطار
سهيلين سڀني ڪيا، جيڏين جي جنسار
سسئي تن ۾ سهڻي هئي، ڊيل موچاريءَ ڍار
اکيون آهوءَ جهڙيون، نڪ آمي جي ڦار
سُنهن برابر ماهه جي، ڇا چشمن جي چُمڪار
دلبر دند دَهانَ ۾، موتين ڇا مقدار
لَبن کي لالي لڳي، چپن کي چوڌار
پستان تنهن پريءَ جا، هئا عجب جئن اَنار
شڪم صاف سفيد هو، جهڙا پوڻيءَ پار
جهجهي ٻُر ٻانهن تي، واڌو سندس وار
حورون حيراني لڳي، پَسي منهن موچار
سينڌ ڪڍيائين سيگهه ۾، وجهي سڳي ميناڪار
موتين ساڻ مڙهيو هو، چوٽيءَ ڦل چوڌار
بنايائون بولي کي، لالن جي للڪار
چلڪن چندن هار تي، جوهر جَڙدار
دُهري پاڳ دڳي سان، هيري جي هموار
ٻانهين رتي ٻانهن ۾، پرين سان پيار
ڪنين جُهومڪ جهالريون، ٻنڌين جي ٻهڪار
ڪَڙيون پاتائين پير ۾، نوري جي للڪار
ڳهه ڳڻيندس ڪيترا، هيرن جا هزار
تنهن ڪامڻ ڪڍي ڪيا، زوريءَ ساڻ زيوار
گردن ۾ گَج وڌائين، جڙيو ساڻ جهنوار
غمزي ساڻ گهائي وجهي، رمز ڏيئي رخسار
اهڙي پار عجيب هليا، خاصا خريدار
هـاڻـي هـوءِ ڪـــيا هــٻڪار، آيـــون مـــشڪ
بـازار ۾.
40- آيون مشڪ بازار ۾، ٽمِ ٽمِ ڪري ٽِلن
هڪٻئي جي هٿن تي، کِليو هٿ هڻن
گاهي دست دستن تي، آڻيون اُلارن
ناز ڀرئي ناز سان، واڌو وِک وجهن
قدم تان قرباني ٿي، نُورا نعرا ڪن
ڪيچيءَ جي قنات وٽ، اچي گهڻ گهڻ ڪئي گهنگهرن
تڏهن مهتي وڃي معلوم ڪيو، عجيب ٿا اچن
ميان! تن کي مُشڪ ڏجانءِ، پنهنجي هوت هٿن
دربان ڀڄي دور ٿيا، حسن ڏسي حورن
تڪڙيون آيون طنبوءَ ۾، حڪم ڪري هلن
هَسيو هڪٻئي ڏي کليو نيڻ کڻن
اکيون لڳيون اکين سان، ٿيون ڀريو ٻاڻ هڻن
لڳي جنگ جادوءَ جي، مانجهي ڪين مڙن
غمزيء سان گهائي وڌو، پنهونءَ کي پرين
سسئيءَ کي سينيء ۾ گهاءَ ڪيو غمزن
هاڻي ناڻو پنهنجي نقد جو، ٿيون سَکيون سودو ڪن
خان کٿوري ڪڍي، دُنگ منجهان دٻلن
مُٺيون ڀري مڙني ڏئي، تور ڪيهي تورن
رومال ڀري راضي ٿيون، عطر عنبيرن
سِر ڏيئي سودو ڪيو، سسئي ساڻ سيڻن
هاڻي ساهيڙيون سؤدو ڪيو، وٺيو گهر وڃن
هن کي لڳي باهه برهه جي، مٿي تان قدمن
ســسئي ســـــان سُـــــورن، گـــــهڙي آئـــــــي
گـــــهر ۾.
41- گهڙي آئي گهر ۾، سورن سان سڙي
لڳس ٻاڻ ٻروچ جو، ڪئي چاڪ چري
دانهون ڪري در مٿي، ڪيچيءَ لاءِ ڪِري
موچاريءَ مجلس ۾، هيس دل هري
پنهونءَ دل پرٽِ جي، فڪل ساڻ ڦري
سسئي سودو سُور جو، ورتو غم گهري
سکيءَ کي سسئي جي، ٿي اڳي ڳالهه هُري
ڪيچيءَ هنيس قابو ڪري، جانيءَ جيءُ جڙي
ويندي محبت منجهه مري، ڪو درد جو دارون ڪريو.
42- درد جو دارون ڪري، ٿي سَکي سياڻي
سسئي ڪهڙي سور ڪيئي، اوڳي اياڻي؟
تڏهن سسئي چيو سکيءَ کي، آڻي اکين ۾ پاڻي
درد منهنجي دل جو، ٿي ڄاڻ سڀو ڄاڻي
ڪيچيءَ مون کي ڪڍي هنئي، ڪا هنئين ۾ هاڻي
ملاءِ مونکي محب اِهو آڻي آرياڻي
سکيءَ چيس: صبر ڪر، اهو محب شال ماڻين!
ســــسئي ســــڀاڻي، آءٌ ٿــــي پـــــڌرو چــوان
پرٽ کي.
43- پڌرو چونديس پرٽِ کي، ساري سمجهائي
راضي ڪنديس رنگريز کي، لک ڳالهيون لائي
پرڻائينديسانءِ پنهون اهو سسئي! سان سعيي
ڳجهي رک تون ڳالهڙي، لوڪؤن لڪائي
پــــرٽِ پريائي، ٿـــــي راضـــــي ڪــريان
رنگريز کي.
44- سکيءَ سخن چيو ڪيو، ويئي پرٽِ وٽ پيهي
دانهه ڌوٻياڻيءَ سان، ڳالهه ڪئي ويهي
سوداگر کڻي ساٿ آيو، هت پرتيون پرڏيهي
صورت تنهن جي سهڻي آهي، ماهه شمس جيهي
پڇيم نام پنهونءَ جو، ذات آهي ڪيهي
تڏهن مونکي ڌوٻيءَ چيائون، هي نر عاشق نيهي
دُختر تنهنجي دانهن آهي، صورت جي تيهي
رنــــگريــــز دل ريهـــــــي، ســـــکي
چــــــئي سـڱ جو.
45- سَکيءَ ڏني سڱ جي، تڏهن گازر کي گار
ته ڌوٻي پنهنجي ڌيءَ کي، هاڻي ڪين ويهار
اهو باري بار مٿي تان، جيئري پنهنجي ٽار
ڏي سسئي جي شادي ڪري، ڪر اڳين جي ڪار
اهو سوداگر ٿي ذات ڀائي، اڳتي تو اختيار
نـــــر تـــــــون ڪــــين نهـــــار، ســڱ ڏي
سوداگر کي.
46- ڏي سڱ سوداگر کي، ڌوٻي پنهنجي ڌيءَ
سکيءَ جي صلاح وٺي، اهو پرٽ پاڻي پيءُ
راضــــي رنـــــگـــريز ٿــــيءُ، ڏي ســــڱ
ســـوداگر کي.
47- سڱ ڏيان سوداگر کي، جي غازي پاڻ گهري
پاڻيهي ڌيءَ پيءُ وڃي، ڪڏهن ڪونه ڪري
جنهن کي هوندي سڪ سڱ جي، سو ايندو پاڻيهي پير ڀري
ڏس تـــون ڌيــــان ڌري، سَـــــکي ســــمجهي
ڳالهه کي.
48- سَکِي سمجهي ڳالهه کي، اُتاهين آئي
ڪيائين ڳالهه قرب سان، سسئي سان سائي:
ته قادر تنهنجا ڪم ڪيا، ڏنائين واتئون واڌائي
وڃ واڻئي وٽ تون هلي، دانَھ سڻ دائي
سَکِي اچي ساٿ ۾ ڪِي واڻئي سان وائي
آءُ اسان وٽ تون اُتي حال جا ڀائي
پنهونءَ جي پاران ڪنديس سڀڪا سچائي
پـرور پـــهچــــــائـــــي، اوڏي ٿــــــــي
امــــــــــيد کـــــي.
49- اوڏي ٿي اميد کي، اجهو واڻيو آيو
دانَھ تنهن ڌوٻيءَ کي، وڃي آهيس هندو هلايو
سڱ سوداگر توکان آهي، ڇلهون ڇڪايو
کٽيءَ تنهن کي خوش ٿي اوري آڻايو
خوش کيڪار گهڻي ڪري، احمد الايو:
ڪڏهن وڃڻ جو ٿا ڪريو، وطن ڏي سعيو؟
چي: ٿوري گهڻين ڏينهڙي، جڏهن واليءَ ورايو
ڪيچي هي ڪير آهي؟ پرٽِ پُڇايو
ڌُرئون ڌوٻي پاڻ کي، ٿي سالڪ سڏايو
ساڌو صلح واسطي، هي نُڪتو لڪايو
تــــڏهن ڪــــامل ڪـــــوٺايو، پرٽ ڄـام پنهونءَ
کي.
50- پرٽ ڄام پنهونءَ کي، چيو ظاهر زبانو
ته هيءَ دنيا دولت ڇڏ کڻي، کُهه پيو خزانو
تڏهن تنهنجو ڀَلي لڳي شاديءَ جو طعنو
عاشق ٻَڌُ عشق جو ڳچيءَ ۾ ڳانو
ٿـــــيءُ مانـــــجهي مــــــردانــــو، اچـــــي
ويهــه اڱـــڻ ۾.
51- اچي ويهه اڱڻ ۾، ڪر اسان جي ڪار
ڪهڙي وڏائي ڪَسب کان، پَت اسان جي پار
کارِ اَسباب کَٽڪو، ڌوٻي صابڻ ڌار
پَٽ ريشم جا ڪپڙا، عمدا ڪري اُجار
ورنَـــــھ وِيـــــــر وســــــار، طــــــنبوءَ
۽ طــــــولان کــــي.
52- کٽيءَ وٽان خوش ٿي، آيو دانھ سو ديري
تنهن سان چنو مڙس چڱو ٿو، جنگ ڪيو جهيڙي
ته کٽيءَ ذات خراب جي، وڃين ڇو ويڙهي؟
دانَھ تنهنجي دل کي، وڌائون ڦند سان ڦيري
نالو ناموش ننگ جو، ويٺين ناحق نبيري
چنــــو ٿـــــو چـــــيڙي، پهــــلوان
پنهــــــونءَ ڄــام کي.
53- پهلوان پنهونءَ چيو، چني کي چِڙي
ته ڀڄي ڀاءُ پري ٿي، وڃ منهن تان مون ٽَري
نامراد، ناحق جو پوندين مفت مري
ڦِٽي ڪيم ڦُلِهار ۾، پنهون چوي پڳڙي
آهي ملوڪ مٿي تي، مون کي عشق جي اڳڙي
تـــون ڦِــــٽي ڪـــر ڦَڪڙي، ڄاڻج ڄائسُ ڪينڪي.
54- چني چيو ڀاءُ کي، سمجهه تون سائين
نالو تنهنجو نروار آهي، ساري سنڌ تائين
ملڪ ۾ مشهور تون، ٿو سالڪ سڏائين
اسم آريءَ ڄام جو، ٿو لالن ڦٽائين
انهيءَ گازر کان گوليون ڀليون، ٿو نينهن جنهن سان
لائين
اسين جگر تنهنجي جان جا، ٿو وير ويري ڀانئين
ماني مرد سونجهاري کان، خان نٿو کائين
ٿـــو فــــائق ڦـــاســــائين، پنهنجــــو
پــــاڻ پرٽِ سـان.
55- پنهنجو پاڻ پرٽِ سان، ڀلي ڦاسايان جيءُ
ادا ڏسين ٿو اکين سان، اٿي حال منهنجو هيءُ
آهيان گولو انهين گازر جو، ڀلي بي راضي ٿيءُ
سڀئي تنهن تان صدقي ڪريان، مال خزانا جيءُ
تنـهنجو ڪهڙو وڃي ٿو ويءَ چنا! ويهه چپ ڪــــري.
56- چنو ويٺو چپ ڪري، سر آيا ساٿي
پڃري پائي ڪونه ڪو، مست هيءُ هاٿي
جتــــي وڌي جــــاتي، چـــــڱن کـــــي چـــــريو
ڪري.
57- پَرٽ در پنهون آيو، چڱو ٿيو چريو
ائين ڄاڻ انهن جو، طالع تُرت وريو
پاند پنهونءَ جو پرٽ سان، اصل کان اڙيو
سچي عاشق صادق کي چوندو ڪير کريو!
گازر جي گهر ڏانهن، وري ورنَھ وير وريو
پرٽ ڏانهن پنهونءَ جي، اُٿي ڌيان ڌريو
مليو تنهن سان موريو چوي، خوش کيڪار ڪريو
هــــاڻي سڀــــڪو ڪــــم سريو، اٿئي مرد مبارڪون.
58- اٿئي مرد مبارڪون، پنهون پهلوان
ڪيچي ڌوئي آءُ ڪپڙا، سالون سرت سجان
پرٽ پنهنجي پورهئي کان، ڪجي وڏائي ڪان
عشق وارن اصلي، شيڪا ڇڏيا شان
وير وساريا پنهنجا، طنبو ۽ طولان
ڪوڙين ڪيا ڪيترا، نينهن وڏا نادان
کـــــٽي بـــــازي خـــــان، ڪُــــــلهي
ڌوئــــــي ڪــپڙا.
59- ڪُلهي کڻي ڪپڙا، هليو ڪامل ڪناري
غازي گهيڙ درياهه جا، نرتئون نهاري
ڪاڻو ڪيچيءَ کي ڏسيو، ٿو کِليو کيڪاري
ڌوٻيءَ ڊول ڌوئڻ جو ٿو سالڪ سيکاري
پهڻ وجهي ڌوءُ ڪپڙا، پرٽ پڇاڙي
عاشق انهيءَ طرح سان ڦٽا ڪيا ڦاڙي
هي ٽوٽا ٽڪر تڙ تي، گڏ ڪري واري
سسئي سکي مُڪي ڏانهنس ڏيواري
سکي چيس: سڻ تون ميان آئين قبول پنهون پاڙي
ڪامل کڻي هل ڪپڙا، توکي سسئي ٿي ساري
ســـو عـــــاشــــق اوتــــاري، ســـــاجن
آيــــو شـــام جو.
60- ساجن آيو شام جو، پنهون پيادو
ڌوئي ڪپڙا کڻي اچي ويو ٿيو واندو
سسئي سِر صدقي ڪري، آب اکين آندو
چئي: ناڻو ڏينديس لوڪ کي، متان ٿئين ماند
ڏک اٿم ڏاڍو، تنهنجي لال لِڦن جو.
61- تنهنجون لال لڦون ڏسي، هي سالون سڀ ساڙيان
گهوري گازر تو مٿان، هي مدعي سڀ ماريان
سچا سخن سچائي جو، توسان پنهون شال پاڙيان
اجهي ٿي آڻيان، ڪوٺي ڪپڙن جا ڌڻي.
62- ڪوٺي ڪپڙن جا ڌڻي، سَکي آئي سي
مڙي اچي موجود ٿيا زالون مڙس جي
قيمت ڏينديس ڪپڙن جي، نڪو پڇان قاضيءَ کي
مُهرون تن کي مُٺيون ڀريو، گهوريو پنهل ڏي
ناڻو وٺيو نئي، خلق سڀ خوشحال ٿي.
63- خلق سڀ خوش ٿي، مڪائين سکي سيکاري
سعيو منهنجي شاديءَ جو، ڪيچيءَ سان ڪاري
پنهون لاءِ پرڻي جي هنجون ٿو هاري
فڪر ڦوڙائي پرديس ۾، وڌو مرد مونجهاري
پنهون پنهنجي بت ٿو، ڳڻتيون ڪيو ڳاري
پروڙيائين پرٽ کي، موت متان ماري
من مراد اوهان کي هر ڏاتر ڏيکاري
تڏهن سڏي سوناري، ڳَهن لاءِ ڳاڻو چوي.
64- ڳَهن لاءِ ڳاڻو ٿو سو سڏائي
نَٿ بُولا، نسبيون ٿو غازي گهڙائي
بازو بند، پَهنچيون، پنڙا ٿو سونا ٺهرائي
اڇي ٻانهين ٻانهن لاءِ ٿو چوکي چيرائي
ڳڻي نانو ڳهن جا ڇا شاعر سڻائي
بخمل، لونگيون، ململون ٿو اَرمڪ آڻائي
گازر گهوٽ، ڪنوار لاءِ ٿو سوڙيون سبائي
ماڻهو ملڪ ڀنڀور جا ٿو ڪسبي ڪانڍائي
بورچي شهر ڀنڀور جا ٿو ڪامل ڪوٺائي
سامان سڀ شاديءَ جو ٿو جودئون جوڙائي
مَنهن، ڇنَا ڄڃ لاءِ ٿو عاشق اڏائي
خاصا دُنگ شراب جا ٿو عاشق اوتائي
دهل شرنايون در تي ٿو واڄٽ وڄائي
لونگيون لنگهن کي ڏيئي ٿو پرٽ پهرائي
ڏاج ڏاوڻ ڌيءَ جو، سو سڀ ٿو سنڀائي
گهورون گهمائي، ٿو ڌوٻي پنهنجي دست سان.
65- ڌوٻي پنهنجي دست سان، ڪامل ڪيو ڪاڄ
ڄاڃي ماڃي ڄڃ مڙي، ريجهي آيو راڄ
کٽي کارائي کاڄ، مُرڪيو مزمانن کي.
66- مرڪي مزمانن کي، کٽيءَ کارايو
کائي ويٺا خوش ٿي، هاڻي گهڙي گهمايو
سُهاڳڻيون ساٺ ڪري، پنهون پرڻايو
سهرا راڳ سُهاڳڻيون، ڳيچ پڻ ڳايو
ڪيچيءَ ۽ ڪنوار کي، لال ميندي لايو
گوهر گهوٽ ڪنوار لاءِ سيج به سنڀايو
گلم غاليچا گلن سان واري وڇايو
قاضي آڻي ڪيچيءَ جو، نڪاح پڙهايو
بَنري کي ڪنوار سان ڦل به چونڊايو
پنهون ڄام پرٽ سان لائن تي آيو
پنهونءَ پرٽ کي وٺي، لالن ڳل لايو
خان ڀاڪر خوشيءَ سان، پرٽ کي پايو
دُر هيري جي نوڪ سان، وير ونڌايو
سو صاحب ساراهيو، جو جوڙي ڪم جهان جا.
67-جوڙي ڪم جهان جا، قادر پنهنجي ڪل
بغدادي بادشاهه جي آهي هنڌين ماڳ هڪل
هادي هر ڪنهن کي تنهنجي آهي توڪل
مرد وٺي مومل، ڪيچي خان قرار ٿيو.
68- ڪيچي خان قرار ٿيو، ڳالهيون ڳالهائين
مٺيون ڳالهيون محبتي، چپن سان چورين
درد سوز فراق جا، عاشق ٿا اورين
هڪ ٻئي جي انصاف تان گهورون تان گهورين
سو صاحب ساراهين، جنهن قادر درد ڪٽي ڇڏيو.
69- قادرد درد ڪٽي ڇڏيو، خوش ٿي ويو خان
ملي پنهنجي محبوب سان، ويٺو سُرت سجان
محب مليا مجلسي، آگي ڪيو احسان
چَنو چڙهي وطن ويو کڻي سڀ سامان
قابو ڪرائي ڪيچي ويو پنهنجو جوڌ جوان
اِها ٻُڌي ڳالهڙي، ٿيندو آريءَ کي ارمان
الله ڪيو احسان، آيا خان خير سان.
70- آيا خان خير سان، وريا وڻجارا
سلامت سڀيئي آئيا مانجهي ستارا
ساٿي پنهون سردار جا، وتن ويچارا
پنهون پرٽ سوگهو ڪيو، هي ڪيچ ٿيا ڪارا
آريءَ کي اکين ڏسي، ڏي ڏک جا ڏسڪارا
آريءَ چيو آهه ڪري، آءُ پنهون پيارا
ڪيچي ڪيئن قيدي ٿئين، والي تخت وارا
روئندي تنهن کي رات ويئي، تڪيندي تارا
آءٌ سڄ سوڀارا، ڏيئي باهه ڀنڀور کي.
71- ڏيئي باهه ڀنڀور کي، آءُ اوري اُڏامي
فرزند تنهنجي فراق ۾، خان ويس کامي
جوڳي ٿي جاني ڏسان، تو لئي سانول ٿيان سامي
عاشق آرامي، پنهون وڃي پرڏيهه ٿئين.
72- پنهون وڃي پرڏيهه ٿئين، جيئري جانب يار
پوڙهي کي پيريءَ ۾، سور ڏيئي سردار
مادر مُنهن پنهنجو پِٽي، پرِتئون ڪڍي پار
هئي هئي هزارين ڪرَنَ، ٻانها تو لاءِ ٻار
ڪنيزَ ڪون ڪُوڪون ڪري، روئن زارو زار
آريءَ چيو آءُ اَبا، محب مٺا منٺار
ڪڏهن ڪرائيندس ڪينڪي، وري ڪي واپار
اچي آريءَ کي جهليو، اکين جي آزار
مال خزانا ملڪ ٿيا، اوندهه انڌوڪار
هاڻي موڙي اُٺ مهار، چنا وڃ چڙهي سگهو.
73-چنا وڃ چڙهي سگهو، بانڪا شهر ڀنڀور
لعل لاکيڻي پُٽ لاءِ، ڏونگر سڀئي ڏور
ڊول دغا جون دل ۾، جانب ڳالهيون جوڙ
پنهون پياري پُٽ لاءِ، وڻڪار سڀاڻي ڏور
ڪيچيءَ تان قربان ڪري، غازي سِرَ کي گهور
چنا چانگي کي چور، وڃ بَانڪا شهر ڀنڀور ڏي.
74- وڃ بانڪا شهر ڀنڀور ڏي، رات کي ڀانئج ڏينهن
پنهل پيارو آءُ وٺي، شير منهنجو شينهن
کڻي کٽياڻيءَ کان اچو، جنهن سان نئون رکيائين
نينهن
جئن واءُ اچي ۽ مينهن، تيئن چنا وڃ چڙهي سگهو.
75- چنو چڙهيو ڀنڀور تي، مَيا کڻي مهري
چڙهي چانگي مٿان، ڪام هڻي قهري
سي توڏا وڃن تيز مان، جئن لَهر ڪري لهرِي
ڪٿي وهن ڪينڪي، ڪا گهڙي کن ٺهرِي
اُڏامي آريءَ جا هليا باشا سي بحري
ظلم ڪندا زهري، بانڪا شهر ڀنڀور ۾.
76- بانڪا شهر ڀنڀور ۾، رندَ آيا راوت
مِٺيون ڳالهيون مُنهن ۾، اندر ۾ عداوت
پنهونءَ کي پيرين پيا صحيح سلامت
ڀلي کينڪار ڀاڄائيءَ سان، ڪن خان خوشامت
جُڙيو جوڙ اوهان جو، ڪري قادر قدامت
هاڻي بِلو-ڀُل اڳَت، ڪڏهن ڪندا ڪانڪا.
77- ڪڏهن ڪندا ڪانڪا، ڏوران آيا ڏير
سسئيءَ تن سڀني جا پَرٽِ ڌوئي پير
چئي: اچي وهو اکين تي، دانَھ ڏيهه دلير
ننگي سڃاتو ننگ کي، آءٌ آهيان ڪميڻي ڪير
مِٺاين مانين جا ڪيا، آڻي ڌوٻياڻي ڍير
برهمڻ ڀانيو ڪِينڪي، ويهي وٺندا ويرُ
هي مانجهي مرد مٿيرَ، کِلن کائن پاڻ ۾.
78- کلن کائن پاڻ ۾، ويهي رهيا ويرَ
گهڻا ڏينهن گذري ويا، دانههَ ٿيا دلگير
ڪين پينداسون پرٽَ جا، هاڻي کنڊون کير
پنهون نينداسين پاڻ سان، ڀڃي زور زنجير
مصلحت ڪن مَهمير، جَت زوراور پاڻ ۾.
79- جَت زورآور پاڻ ۾ مڙي ڪن مصلحات
شراب گڏ خراب سان، ريب ڪنداسون رات
پنهون پياري مَست ڪري، نينداسون اَڌ رات
سسئي جي به سمجهه ويئي، وائي نه ڳالهائي وات
اُٿي انهيءَ مهل ويا، جَت زوراور ذات
سهي مٿي سيج سمهي رهيا، ڪري چپ چپات
آڻي ننڊ نهوڙيو، سسئي کي سَڪرات
هن کي ڏاتر ڏياري ڏات. ڌوٻياڻيءَ سان ڊوهه ٿيو.
80- ڌوٻياڻيءَ سان ڊوهه ٿيو، هي ٿا توڏن تائين تنگ
ملوڪ جي ماڙيءَ ڏي، اُٿي آيا اَڙٻنگ
سسئي پنهونءَ سان سُتي هئي، ٻگهڻ پائي ٻنگ
هي پهلوان پيهي آيا، نه- قابل وڃائي ننگ
کسڪائي ڪڍيائون خان کي، هئا خاتو بند ختنگ
کڻي خان کٽ مٿان، هليا نر نسنگ
تنهن کي چاڙهي چانگي تي هليا، ورنهه وجهي ونگ
ڪرها هليا ڪيچ ڏي، باري اُٺ بڙنگ
اُٺ اڏامي هليا، تکا جئن تُرنگ
کڻي ويڙا خان کي، فڪل ڪري فرنگ
پالها ڪري پلنگ، کڻي ويڙا خان کي.
81- کڻي ويڙا خان کي، ڪرها ڪڏائي
مهميز ڏيئي ميَن کي، ويا اُٺ اُڏائي
ڇوريءَ کي ڇڏي ويا، لالڻ لڏائي
گوندر گڏائي، ويا جَت جورو ڪري.
82- ويا جت جورو ڪري، ٻهڳڻ چاڙهي ٻيلهه
نئي نه- قابل ڪينڪي، مور سان گڏي ڊيل
نه قابل وڃائي ننگ کي، سنجهي ويا سرخيل
هيءَ نماڻي ننڊ مان، جاڳي ڪين سويل
لنگهي ويئي ليل، ڇرڪ ڏيئي ڇوري اٿي.
83- ڇرڪ ڏيئي ڇوري اٿي، هاءِ هاءِ ڪري هُل
پنهون ڏٺائين نه پاڻ وٽ، جيءَ کي آيس جل
ڌوٻياڻي جون دانهون ٻڌي، اُٿيو عالم ڪُل
جي ڪُٽي ماري پاڻ کي، ڀون تي کائي بل
ڏير ڏٺائين ڪو نڪو، ڪاهي ويو ڪرهل
پنهونءَ ڌاران پل، سسئي کي سُور ٿيو.
84- سسئي کي سُور ٿيو، هئي هئي ٿي حيران
خالي ڏٺائين کٽ تي، ٿي وائي ري ويران
دانهون سڻي ڊوڙي آيو، جاڳي سڀ جهان
پنهون ناهه پلنگ تي، کڻي ويڙا خان
سسئي سر صدقو ڪري، ڪيچيءَ تان قربان
زوريءَ جَت وٺي ويا، منهنجو سرت سجان
هاءِ هاءِ ڪري هوت لاءِ، آريءَ جو ارمان
ڪيچي هڻي ويس ڪان، ڦٽيل فريادون ڪري.
85- ڦٽيل فريادون ڪري، ڌوٻي آيو ڊوڙي
صبر ڪري ويهه سسئي، توکي ڇڏي ويا ڇوري
هو پنهون وٺي ويا پنهنجو، توکي ناحق آهه لوري
کڻيو جڏهن ٿي خان ويا، ٻُڌءِ نا ٻوڙي
هاڻي درد جون دانهون ڪرين، ناحق ندوري
ڪٿي ويندينءَ ڪيچي پٺيان، ٿي گهوٽ جي گهوري
ريب ڪيائون رات جو، ويا چور ڪري چوري
جَت ڪري زوري، ڪيچي ڪاهي ويا ڪرها. |