روايت [3]
”ڳاهن سان ڳالهه“ واري آڳاٽي
روايت
صابر ۽ شادمان نوحاڻين واري ڳالهه
چون ٿا ته ”آري ڄام“، ”جت“ ذات جي هوت پاڙي مان، ڪيچ ملڪ جو
بادشاهه هو، پُٽ گهڻيئي هئس پر پڳ ٻڌايائين ننڍي
پٽ ”پنهونءَ“ کي، جيڪو سڀني ۾ موچارو ۽ همت وارو
هو، ڇاڪاڻ ته ٻئي ڪنهن به پٽ ۾ حڪومت هلائڻ جي
مڻيا ڪانه هئي. آري کي هڪڙو پٽ واڃاڻيءَ جي پيٽان
به هو، جنهن جو نالو هو ”ٻاٻيهو“ هو عقلوند هو،
تنهنڪري پنهون به هر ڪم ۾ ساڻس صلاح مصلحت ڪندو
هو.
تن ڏينهن ڀنڀور ۾ سسئي سامائي هئي، جنهن جي حسن جي هاڪ ملڪان
ملڪ هلندڙ هئي. پنهونءَ به سسئي جي سونهن جي
ساراهه ٻڌي؛ ٻاٻيهي کي سڏايو ۽ چيائينس ته: ڀنڀور
جي شهر ۾ سسئي ٿي ٻڌجي، سا وڃي ڏسي آءُ. ٻاٻيهو
کٿوري جو بار ڀري گڏهڙي تي چڙهي روانو ٿيو، ۽
گهمندي گهمندي، منزلون ڪندي ڀنڀور وڃي نڪتو.
ٻاٻيهو سياڻو هو، تنهن خيال ڪيو ته ڪنهن بهاني کان سواءِ سسـئـي
* هي روايت صابر نوحاڻي ۽ شادمان نوحاڻي ويٺل
ڪنگورو تعلقو ڊگهڙي ضلعو ٿرپارڪر جي زباني،
حيدرآباد ۾ 15 ڊسمبر 1969ع تي قلمبند ڪئي وئي.
صابر پٽ ٻيڙو پٽ جوسب نوحاڻي، مالوند مارو ماڻهو،
هن وقت سندس عمر اٽڪل 80 سال آهي. سسئي پنهو جي
ڳالهه پنهنجي پيءُ کان ٻڌائين. سندس ڀائيٽيو شامان
پٽ مارو پٽ بنگل نوحاڻي (عمر پنجاهه سال) کي پڻ
هن ڳالهه جا ڪي ٽاڻا ياد آهن.
کي ڏسي ڪونه سگهبو. ڇو نه وکر وڪڻڻ جي خيال کان گهورَ ڪريان،
مَن سسئي مُنهن پئجي وڃيم. سو هڪلي ڀنڀور جي گهٽين
۾ هوڪا ڏيڻ لڳو. اُن وقت سسئي پنهنجي سرتين سان
آتڻ ۾ ويٺي هئي. ٻاٻيهي جو هوڪو ڪن تي پيس ته
سهيلين کي چيائين ته: ڏسو ته گهورڙيي وٽ آهي ڇا؟
گهور گهمندي آئيو، واڻيو وڻجارو
تنهن کي ڪوٺي ڪنوارين پڇيو، تو وٽ وکر ڪڄاڙو؟
سرتين ٻاٻيهي کي سڏ ڪري پڇيو ته: ڪهڙو وکر اٿئي؟ جواب ڏنائين
ته: مون وٽ کٿوري آهي، جيڪا آءٌ مهانگي مُلهه
وڪڻان ٿو، ڇاڪاڻ ته کٽئي لاءِ آندي اٿم:
مون وٽ اُٺ کٿوريون ڪيوڙا، آهن وکر جون ويهون
آءٌ ٿو ملهه مهانگيون وڪڻان، مون آهن کٽئي لاءِ
کنيون.
سرتيون کيس اندر آتڻ ۾ وٺي آيون ۽ سسئي سان حال اوريائون، جنهن
ٻاٻيهي کي چيو ته: واڻيا! تون آتڻ ۾ پيهي آيو
آهين، توکي اسان مان نفعو ڪمائڻ نه جڳائي. هاڻي ڊڄ
نه، وکر ڏي. توکي مُلهه ۾ روڪڙ ناڻو ڏينديونسين:
آتڻ پهي آئين، کٽيو تو نه جڳاءِ
ڪنديس رهاڻيون سيگهه مان عطر لڱن لاءِ.
*
پر ڊڄ مَ واڻيا ڊڄڻا، وکر ڏي وڻي
ٽڪا ڏينديون سنء روڪڙا، ڄاڻي هيڪ ڌڻي.
ٻاٻيهي جواب ڏنو ته: اسين واڻيا ماڻهو اصل ڊڄڻا آهيون جو توهين
ڏاڍا ماڻهو- چيو اٿن ته پاڻ ڏاڍن سان سودو ڪرڻ نه
جڳاءِ.
واڻيو گهڻو ڊڄڻو، اصلي ائين آهه
سودو سَٽاڻن سان ڪنهن کي ڪين جڳاءِ.
ٻاٻيهي واڻيو، هوبهو پنهونءَ جي پارين، صورت جو سهڻو هو. سندس
سونهن ڏسي سسئي کانئس پڇيو ته: ڪٿان آيو آهين؟
چيائين ته: ڪيچ جو رهندڙ آهيان. سسئي سرتين کي چيو
ته: هي واڻيو ڪيچ مان آيو آهي، اوهين به کيس ڏسو
ته ڪهڙو نه موچارو آهي:
ڪيچ ولائتون آئيو، واڻيو وڻجارو
مڙي ڏسون جيڏيون، آهي مهتو موچارو.
اها ڳالهه ٻڌي ٻاٻيهي وراڻيو ته: آءٌ ڪهڙو موچارو آهيان جي
توهين منهنجو ڌڻي ڏسو، جنهن جي سونهن جي مون ۾
چاليهين پتي مس آهي، ته هوند سونهن جي ڳالهه ئي
ڪين ڪريو.
آءٌ ڪڄاڙو آهيان جي ڏسو مون ڌڻيو
تنهن سندي سونهن جو مون کي آهي چاليهون وانٽو.
اها ڳالهه ٻڌي، سسئي ڪاوڙ مان چيس ته: اڙي مهتا! ڌارئين ملڪ ۾
اهڙي ٻٽاڪ نه هڻ، ڇو ته جيڪي اُٺين جو کير پيئن،
تن ۾ ڪهڙي سونهن هوندي:
ٻاٻيها! ٻئي ڏيهه ۾، ڪُوڙِي ڪين ڪياءِ
پيِنَ گوگِ اُٺين جي، تن کي سونهن ڪياءِ؟
ٻاٻيهي وراڻيس ته: لٻاڙ هڻڻ اسين ڄاڻون ڪين، جنهن جو آءٌ ذڪر ٿو
ڪريان، تنهن جي چاندي جهڙي روءِ ائين آهي، جيئن
اُڀ ۾ ڪڪر هجي:
عاجَ پَٽائون ڪُنئرو، آهيس رپئي جهڙي روءِ
ڪوڪو ڪڪر اُڀ ۾، آهي پنهون تنهن جي روءِ.
سسئي چيس ته: ٻاٻيها! مڙس سدائين پنهنجي ڪٽڪ سان هوندا آهن ۽
زالون گهرن ۾ ويهنديون آهن، تنهنجو پنهون شايد
ڪوجهو ۽ بي همت آهي، تڏهن گهر کان ٻاهر نٿو نڪري:
مڙس چڙهن ٿا ڪٽڪين، جويون ويهن ٿيون گهر
ڪوجهو آهي ڪُوڙَو تڏهن نڪري نٿو ٻاهر.
سسئي جو اهو طعنو ٻڌي، ٻاٻيهي وراڻيو ته: سسئي! جي اعتبار نٿو
اچنئي ته هاڻي پنهونءَ جا پار ٻڌ:
آرياڻي پنهون جا سُڻ ته ڏيانءِ پار
ڪوڪو ڪڪر اُڀ ۾ جيئن ڪڍي سج ڪنار.
پوءِ ته ٻاٻيهو اچي پنهونءَ جي ساراهه ۾ پَلٽيو. جيئن ٻاٻيهو
ٻولي، تيئن سسئي کي پنهونءَ جي سڪ سرس ٿئي. نيٺ
سسئي چيس ته: پنهونءَ جي ڳڻن جون ڳالهيون ڪري، مون
کي سورن ۾ وجهي ڇڏيئي. هاڻي جي سچو آهين ته مون کي
پنهون وٺي ڏيکار:
ڳالهين سان ڳاهه ڪري، هلر سُور ٻَڌاءِ
سونهن ساراهين ٿو جنهن جي، وڃي وٺي سو آءُ.
ٻاٻيهي چيس ته: آءٌ پنهونءَ جي سونهن جون رڳو ڳالهيون ڪونه ٿو
ڪريان؛ پر سچ پچ ته کيس چوطرف اسي چوڙيليون
ويڙهيون ويٺيون هونديون آهن، جن جي گهگهن تي اڇا
گل ۽ ٽڪون هونديون آهن. اُهي جڏهن ٻولين ٿيون تڏهن
ڄڻ ته چَتُن جي چانگار ٿي ٻڌجي. جنهن پنهونءَ جا
اهڙا پار هجن، تنهن کي آءٌ ڪيئن آڻيندس؟
آرياڻي پنهون جا بيهه ته ڏيانءِ پار
ويڙهيو ويهن تنهن کي وچ ۾، چوڙيليون چوڌار
اڇا گُل گهگهن تي، چولا ٽِڪن- دار
ٻولي ٻولين ٿيون پاڻ ۾، ڪر چَتُن جي چينگار
آرياڻي پنهون تي ٿيون چوڪيون ڦرن چوڌار
سو ڪيئن آرياڻي آڻيان، جنهن جا اهڙا پار؟
ٻاٻيهي جي اها ڳالهه ٻڌي، سسئي سرتين کي هڪل ڪئي ته: اُٿو اُٿو،
هن واڻئي کي هتي ڀت ۾ لنبي ڇڏيو، پوءِ ڀلي پيو
پنهنجي پنهون جي سونهن پڇاري:
اُٿو اُٿو ڙي جيڏيون واڻيو لِنبوُن ڀت
ڳالهيون ڄام پنهونءَ جون مَر ڪري ويٺو هت.
ٻاٻيهي چين ته: مون کي ڀت ۾ نه لنبيو، آءٌ وڃي ٿو پنهون کي وٺي
اچان؛ پر ڪيچ جو پنڌ آهه، پري، جي مون کي مسافري ۾
ڪي ڏينهن لڳي وڃن ته پار نه ڪڍجئين:
جان ڪي لڳن ڏينهڙا ته متان ڪڍين پار!
سسئي چيو: ڇڏيوس ته وڃي پنهون کي وٺي اچي. پوءِ ٻاٻيهي کي
سوکڙيون پاکڙيون پنهل لاءِ ڏيئي موڪل ڏنائينس. اها
وچينءَ جي مهل هئي. ٻاٻيهي جي جند ڇٽي، سو خيال
ڪيائين ته متان رات رهان ۽ سسئي ارادو بدلائي، کڻي
قيد ۾ هڻائي. تنهنڪري ڀنڀور ۾ رات رهڻ به مناسب نه
سمجهي، انهيءَ مهل ئي سسئي کان موڪلائي ڪيچ جو گس
ورتائين.
سو لُڏي لهوارو ٿيو، وچينءَ ويچارو
پهتو ڪيچ ڌڻين ڏي، وڃي ستين ڏينهن سوارو
ٻاٻيهو هلندي هلندي ستين ڏينهن وڃي ڪيچ پهتو.
پنهون اُن وقت ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو. ٻاٻيهي کي ايندي ڏٺائين ته
ڪچهري ڇڏي، اڳتي وڌي وڃي ساڻس مليو ۽ پڇيائينس ته:
ٻاٻيها! پرائي ملڪ ۾ گهڻا ڏينهن وڃي لاتئه؟
ٻاٻيها! ٻئي ڏيهه ۾ گهڻا ڏينهن لڳاءِ؟
ٻاٻيهي سمورو احوال ٻڌايس ته: ڀنڀور ۾ اوچتو ڪنوارين جي آتڻ ۾
وڃي پيس. پهرين ته گهٽو ڏئي ماريئون ٿي، پر جڏهن
تنهنجي سونهن ساراهيم، تڏهن وڙهڻ وسري وين. توکي
سسئي سوين سلام ۽ محبت جون سوکڙيون مڪيون آهن.
اچي پيس اوچتو، مٿان آڻڻ ڪنوارين
وجهيو ڌوتيو ڳچيءَ ۾ ٿي مون کي ماريو تن
سونهن ساراهيم تنهنجي، تڏهن اڳيان تن
وڙهڻ وين وسري، محبت رهين من.
*
سوغاتون ۽ سوکڙون سسئي مُڪئي سلام
گوشي ٿينداسون سٿ کان، تڏهن ڳالهيون ڪنداسين جام.
سسئي جي پيغام پنهونءَ جو ويهڻ وهه ڪري ڇڏيو. اندر ۾ آنڌ مانڌ
مچي ويس. ٻاٻيهي کي چيائين ته: مون کي ڀنڀور
رساءِ. ٻاٻيهي وراڻيس ته: پنهون! آري توکي اصل
ڪونه ڇڏيندو، تنهنڪري اٽڪل ڪري اَنّ جو هٿرادو
ڏڪار وجهي، آريءَ کي ٻڌاءِ ته ٻاٻيهو ڀنڀور ۾ اَن
ڏسي آيو آهي، اُتان سوداگري ڪجي. اهو بهانو ڪري،
آريءَ کان موڪلاءِ ته هلون. پنهون پنهنجي بادشاهي
جا واپاري گهرائي انهن کي حڪم ڪيو ته اَن لڪائي
هٽ-تاڙ ڪريو. ڪنهن غريب غُربي کي ڏيو ئي نه. جيئن
دانهن ٿئي.
پنهون جي حڪم جي دير هئي، جيئن چيائين تيئن ٿيو. ڏڪار جي ڪُوڪ
پئي. مهاڄڻ مڙي آري وٽ آيو ۽ عرض ڪيائون ته:
پنهونءَ جي ٻانهن ڏيو ته اَن سودي اچي، جو ٻاٻيهو
ڀنڀور ۾ اکٽ اَن ڏسي آيو آهي:
مڙي مهاڄڻ آئيو، آريءَ هوت ڳري
پنهون ڏيئون پاڳارو، اچون ساٿ ڀري.
اها ڳالهه ٻڌي آريءَ چين ته: منهنجا ٻيا پٽ، هوتو، نوتو،
مَرکيو، ٻَٻر ۽ ٻانهون وٺي وڃو، باقي پنهون کي نه
نيو، جو هن کانسواءِ منهنجي اصل ڪانه سرندي:
هوتو نوتو مَرکيو، ٻَڙ ٻانهون نيو
پنهون منهنجو پاڳارو، تنهن کي ڪين چئو.
مهاڄڻ چيو ته: هُتي هوتي جهڙا اڳئي گهڻا آهن، ۽ نوتي کي اَن
ڏيندا ڪين، باقي پنهون عقلوند آهي، جي اُهو هلندو
ته اَن ملندس:
هوتي جهرا هت گهڻا، نوتي نٿا ڏين
پنهون ڏيئون پاڳارو، لاڳو لاهي ڏينم.
آري مهاڄڻ جي ڳالهه ٻڌي چيو ته: ڀلا ٻانڀڻ کي سڏائي پوٿي
پٽارايو، جي پنهون خير سان موٽي اچي ته واهه، نه
ته ڪين ڇڏيندوسانس. يڪدم ٻانڀڻ کي اچڻ جو حڪم ٿيو،
سو پنهنجا پستڪ کڻي اچي حاضر ٿيو. حساب ڪتاب هڻي
چيائين ته: پنهون پرٽن سان گڏبو:
ورَ تي ٻانڀڻ ٻوليو، پوٿي هٿ ڪري
پنهون پرٽن گڏبو، وڃي مَنڻ هٿ ڀري.
تڏهن آريءَ چيو ته: پنهون کي آءٌ اصل ڪونه ڇڏيندس، ڀلي ملڪ لڏي
وڃي يا مري وڃي! اها خبر پنهون تائين پهتي، تنهن
ماڻهو موڪليو ته ٻانڀڻ کي ڪوٺي اچو. ٻانڀڻ آيو ته
پنهون لڪڻ کڻي مٿان بيٺس، چئي: تو اِها ڳالهه ڪئي
ڇو؟ ٻانڀڻ چيس ته: سائين! مار نه، مون توبهه ڪئي؛
هاڻي جيئن چيئن تيئن ڪريان! پنهون ٻانڀڻ کي ڳالهه
سمجهائي موڪليو آري ڏي.
ٻانڀڻ اهو ڏينهن ڇڏي، ٻئي ڏينهن آري وٽ آيو ۽ چيائينس ته ڪلهه
آچر جو ڏينهن هو، تنهنڪري سٺو سوڻ ڪونه پيو. اڄ
فال وڌي اٿم، خير جي خبر ملي آهي، هاڻي پنهون ساٿ
سان ڀلي سفر تي اُسهي:
ڪالهه ڏينهن هو آڏت جو، اڄ ٿي اوسهه پوءِ
پنهون هليو ساٿ سان، تنهن جو ساٿ سلامت هوءِ.
اها ڳالهه ٻڌي، آريءَ پنهونءَ کي سفر تي وڃڻ جي اجازت ڏني.
پنهون پنهنجي همراهن کي چيو ته: هاڻي سنڀرو، دير
نه ڪريو. اَن اَٽو کڻي سفر جو سانباهو ڪريو. باقي
ٻه ٽي ڏينهن آهن، نئون چنڊ ڏسي پوءِ هتان
هلنداسين.
سي گهر گهر گهَرٽ منڊيا، اٽا پيسن جنڊ
ساٿ ويندا ساٿ سان، ماهه ڏسندي چنڊ.
پنهون ڀنڀور وڃڻ جي تياري لڪ ڇپ ۾ پئي ڪئي. راڻين کي به خبر
ڪانه هئي. پنهون منع ڪري ڇڏي هئي ته ڪنهن کي به نه
ٻڌائجو. چنڊ کي به ٽي ڏينهن آڏا هئا، اُهي تيارين
۾ گذريا، چنڊ ڏٺو، پنهون همراهن کي قافلي سنڀرائڻ
جو حڪم ڏنو. جيسين اُٺ اچن تيسين پنهونءَ کي آرام
ئي نه اچي. پنهنجيءَ زال سان محلات ۾ ويٺو هو.
ٿوري دير ٿي ته پنهون پنهنجي زال ٻائي کي چيو ته:
ٻانهي موڪل ته ڏسي اچي ته اُٺ ڇو نه آيا آهن؟
ٻولي ٻاروچن جي، وڃي پائڪَ! پروڙي آءُ
ڪنهن پر جهليائون ڪَرها، واري وڳن منجها.
ٻانهي ٻاهر وڃي پڇا ڪئي ته اُٺن دير ڇو ڪئي؟ پر ڪنهن به ساڻس
سچي نه ڪئي، سا ڦري ڦري موٽي آئي. تيسين قافلو به
ٺهي جُڙي محلات جي ٻاهران اچي بيٺو. اُٺن جي ٻهڪ
جڏهن راڻي جي ڪَن پئي تڏهن ٻانهيءَ کان پڇيائين
ته: اُٺن جي ٻَهڪ ڇا جي آهي؟ ٻانهي چيو ته: مون کي
نٿا ٻڌائين، باقي ”هلو هلو“ ۽ ”ڀنڀور ڀنڀور“ پيا
ڪن. الائجي ڪنهن ولائت جو نالو آهي، يا ٻيو ڪجهه
آهي. باقي اُٺ سينگاريا بيٺا آهن:
گوربنديون گورن کي هيون ٽليون سان ٽؤنرن
گهڻو سينگاربا سهج مؤن، ڪرها ڪيچ ڌڻين
هلو هلو ٿا ڪن، ڀنڀور ڀنڀور اٿن وات ۾.
پنهون جون ٻه راڻيون هيون: هڪڙي ”ٻائي“ سهاڳڻ ۽ ٻي آئسان ڏهاڳڻ.
ٻائي وٽ پنهون ويندو هو، پر آئسان وٽ ويندو ئي ڪين
هو. جڏهن ٻائيءَ کي پنهون جي وڃڻ جي پڪ ٿي تڏهن
آئسان ڏي ماڻهو موڪليائين ته: اڄ ٽِڪائينس منهنجي
موڪل اٿئي. اها ڳالهه ٻڌي آئسان اچي پنهون جو دڳ
ورتو. ساٿ سنڀري هليو ته آئسان اچي ڪرهي جي مهار
جهلي، چئي: پنهل! مون ولهي کي ائين نه ڇڏ، تنهنجو
اڄ ٽڪڻ جو وارو مون وٽ آهي، سو وڃين ڪيڏانهن ٿو:
اچي جهلي اوچتي، آئسان اُٺ مهار
وارو ڏجانئم ولها! آهيان تو آڌار.
پنهون پڇيو ٻاٻيهي کان ته: ٻاٻيها! ڇا ٿو چئين؟ ٻاٻيهي چيس ته:
سائين، جڏهن مالهاري ٿي اڳ ڦري، تنهن کي پَهرو ٿو
ڏجي (يعني اُن گس تي نٿو وڃجي) پر هيءَ ته زال اڳ
ڦري آئي آهي، منهنجي صلاح آهي ته رات ٽڪي پئو.
پنهون ٻاٻيهي جي صلاح مڃي. ساٿ ترسائي اُٺن تان
لهي پيا ۽ اتي ئي رات ٽڪيا. ڀلا پنهون جو هجي سسئي
ڏانهن خيال، سو سڄي رات پاسا ورائي وهايائون. اَسر
مهل پنهون همراهن کي چيو ته: رات گذري، هاڻي رکو
اُٺن تي پاکڙا. اٺن تي پاکڙا رکيائون ته ڏائي تتر
ٻولڻ لڳو. آئسان چيو: ڏائي ٿو تتر ٻولائي، ويهي
رهو. پنهون ڏٺو ته ڏائي تتر ٻوليو، هاڻي وري رهڻو
پوندو سو هڪل ڪيائين ته: ساڄي طرف وارا تتر، تون
ڇو نٿو ٻولين، سٺو سڳڻ ٿئي ۽ اسين قافلو ڪاهيون.
ساڄي طرف کان تتر جي ٻولي ٿي، تتر چيو ته: ڪنهن
شڪاريءَ جو ڪانُ ڪوڙي ۾ لڳو اٿم، جنهنڪري گهائجي
پيو آهيان، کنڀ به ٻلو کائي ويو اٿم:
ڏائو تتر ٻولايو، توکي جِيوِڻا ڪوهه ٿيو(1)
کنڀ ٻراڙي وت ۾، ڪوڙيءَ ڪانُ لڳو(2)
.
سڄي تتر لَيو ته قافلو سنبرڻ لڳو. تڏهن آئسان ڏهاڳڻ نااُميد ٿي
چيو ته: پنهل! خدا ڪري ته ڏائو تتر ٻولي، اوهان کي
واپس ورڻ جي ڇڪ ٿئي، جيئن موٽي ڪيچ هلو. يا ته
اهڙو مينهن وسي جو اوهان کي نڪي اُٺ لڀن، نڪي گس
هٿ اچي.
تتر لئي، ڇڪ ٿئي، مٿان وسيوَ مينهن
صبح سارو ڏينهن، شل اُٺ نه لهو اوٺيا.
پر نڪي تتر ٻوليو، نڪي مينهن وٺو، پنهون، آئسان کي اتي ئي ڇڏي،
قافلو وٺي ڀنڀور ڏانهن روانو ٿيو.
ڀنڀور شهر ۾ ”سهجان“ نالي سوناري سسئيءَ جي سهيلي هئي ۽ ساڳئي
آتڻ ۾ ويهي سسئي ۽ ٻين سرتين سان ڪاپو ڪندي هئي،
تنهن به پنهونءَ جي سونهن جي هاڪ ٻڌي هئي. ويتر جو
ٻڌائين ته پنهون ٿو اچي، سو خيال ڪيائين ته پنهون
کي سسئي تائين ڇڏيان ئي نه. سا ڀنڀور ڇڏي اڌ واٽ
تي هاڙهي لڪ جي ڀرسان شهر ٻڌي اچي ويٺي، جتان
پنهون اچڻو هو. جنهن وقت لڪ مان اٺ لنگهيا، ۽ ٻهڪ
ڪيائون، ان وقت سهجان ننڊ ۾ هئي.
اچي ڪرهل ڪُڻڪيو، هاڙهي لڪ مٿان
سُتيِ هئي ننڊ مان، سهجان کٽ مٿان.
اُٺن جي ڪُڻڪ ٻڌي سهجان ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿي، ڊوڙي اچي قافلي جو اڳ
ورتائين، چئي: منهنجي مزماني کائي پوءِ اڳتي وڃو.
پنهون چيس ته: اُٺن جو کاڄ هتي ڪونهي، اسين ساٿ
پرائڻ ٿا وڃون. تڏهن سهجان چيس ته: تون رهڻ قبول
ڪر، تنهنجي ماڻهن کي ميدا کارائينديس، ۽ اٺن کي
سائو گاهه. باقي تنهنجو ساٿ، سو به اَن، ٻاجهر، مڱ
۽ جوار سان ڀرائي ڏينديس:
ماڻهن ڏيندياس ميدو، ڏاگهن سائو گاهه
ساٿ ڀرايان تنهنجو اَن، ٻاجهر مڱ جوار.
پنهون چيس ته: اِهو اَن اسان کي نه کپي، اسين ڀنڀور شهر مان
چانور ڀرائينداسين. پر سهجان ڇڏڻ جي نه پئي ڪرين.
نيٺ لاچار ٿي ٻاٻيهي کان پڇيائين ته: اڙي ٻاٻيها!
ڇا ٿو چئين؟ ٻاٻيهي جواب ڏنس ته: سائين، رات جا
چار پهر ٽڪي پئو. ٻاٻيهي جي صلاح ٻڌي پنهون ساٿ کي
رات ٽڪڻ جو حڪم ڏنو.
هوڏانهن ڀنڀور ۾ جنهن ڏينهن کان سسئي ٻاٻيهي جي واتان پنهل جون
ڳالهيون ٻڌي، پنهنجي دل کسائي هئي، تنهن ڏينهن کان
کيس سڪ سمهڻ نٿي ڏنو. آتڻ ۾ به ويڳاڻي ويٺي هوندي
هئي. ڪم ڪار سڀ ڇڏائي ويس. رڳو پنهونءَ پچار هئس.
تڏهن سرتين پڇيس ته: سسئي! توکي ڇا ٿيو آهي؟
رهين ٿي سنڌ ڀنڀور ۾، اڳ نه هوت ڏٺوءِ
ڳرئين ۽ ڳالهيون ڪرئين، ڪهڙو لَهه لڳوءِ؟
چئي: اديون! آڌم ۾ ڪتيم ويٺي. من ۾ ڪا ڳالهه به ڪانه هئي، وٺ
پئي واڻئي کي، جنهن سان واپار ڪيم ۽ اُهو ڪيچ جي
پنهونءَ جا اوصاف ٻڌائي منهنجي دل هڻي ويو؛
ڪتيم ويٺي ڪوڏ مؤن ذوق وڏي جنسار
مون کي نه هئي من م سندي پُرس پچار
وَههُ وڌيس واڻئي، تنهن سان ويهي ڪيم واپار.
اهو ٻڌي سندس سهيليون مڙي پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳيون ته ڇو نه ڪو
قاصد ڪيچ ڏانهن موڪليون، جيڪو پنهونءَ وڃي سسئي جي
حال جي خبر سڻائي، ۽ پاڻ اچي سمورو احوال ڏئي.
سسئي کي به انهيءَ احوال کان واقف ڪري کيس دلاسو
ڏنائون.
تڏهن مڙي ساهيڙيون پاڻ ۾، ٿيس ڀاياڻيون حال
قاصد ڪڍون ٿيون ڪيچ ڏانهن ڪو جنبائي جوان
سُڌون ڄام پنهون جون، پاڻ کي سگهيو سڻائيندو.
تڏهن سسئي پنهنجي ٻانهي کي موڪليو ته ڪو اهڙو ماڻهو ڳول جيڪو
سنيهو کڻي وڃي. آءٌ کيس ٻين کان ٻيڻو ڏينديس.
سسئي شهر ڀنڀور ۾ ٿي پائڪ پڇائي
ٻين کؤن ٻيڻو ڏيان، پورهيو تنهن پائي.
ٻانهي هڪڙي قاصد کان پڇا ڪئي، جنهن چيو ته: ٻه سئو ٽڪا روڪڙا ۽
پَٽَ جو وڳو وٺندس:
ٻه سَوَ ٽڪن ڏي روڪڙا، ٻي پٽ جي پِهرائي.
سسئي، قاصد جي گهُر قبول ڪري يڪدم کيس پئسا ۽ ڪپڙا ڏنا. قاصد به
انهيءَ مهل ئي سسئي جا خط کڻي ڪيچ ڏي روانو ٿيو.
قاصد منزلون ڪندو سهجان جي شهر آيو، جتي پنهونءَ جو ساٿ لٿل هو.
پڇيا ڪيائين ته: هيءُ ساٿ ڪنهن جو؟ ٻڌايائونس ته:
ساٿ پنهونءَ جو آهي، ۽ وڃي ٿو ڀنڀور مان اَن
ڀرائڻ. هتي سهجان جي مزماني ٿو کائي. قاصد کي ٻيو
ڇا گهربو هو. ڊوڙي وڃي پنهون وٽ پهتو ۽ کيس سسئي
جا خط کڻي ڏنائين. پنهون خط پڙهي ٻاٻيهي کي چيو
ته: اڙي ٻاٻيها! سسئي سان ته ڪو ويڌن آهي! ٻاٻيهي
چيس ته: هائو سائين، هاڻي سهجان کان جند ڇڏائي کيس
سولو ٿا ڪريون! پوءِ ڇا ڪيائين جو شراب آڻائي،
محفل ۾ رکيائين. اٽڪل ڪري هڪڙو شيشو شربت جو ۽ ٻيو
شراب جو رکيائين. پنهون شراب جو شيشو چپن تي رکي
سهجان کي ڏئي، اُها سڄو شيشو ڏڙڪايو ڇڏي. پاڻ ۽
پنهون رڳو شربت ويٺي پيتو. سهجان ائين ٻه ٽي شيشا
شراب جا پيتا ته پاسو کوڙي پئجي رهي، ۽ نشي ۾ مِٽي
کنيو پاڻ تي پئي وسائي:
سهجان سيڪي هٿڙا، جهيڻي اڱارين
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي وڏي نه ٻاري.
تان جو سهجان نشي ۾ الوٽ ٿي پئجي رهي. اِتي پنهونءَ ساٿ سنڀرائي
ماٺ ميٺ ۾ ڪئي الهه توهار. سندس ساٿ ۾ هڪڙو گؤنرو
به هو، سو سهجان وٽ ٻڌي ڇڏيائون، انهيءَ لاءِ ته
جيڪڏهن سهجان کي سجاڳي ٿئي ۽ گؤنرو ٻاڪاري ته
سهجان سمجهي ته ساٿ ويٺو آهي:
ٻڌي ٻاروچو ويو، گؤنرو منجهه گسن
سهجان ٿي سرهايون ڪري، تنهن جون ڪُڻڪون ٻڌي ڪن.
صبح جو سهجان اٿي ته ساٿ ناهي، سڃ لڳي پئي آهي، رڳو گؤنرو ٻڌو
بيٺو آهي، سا وٺي ٻاڪارڻ لڳي، چئي:
هلو هلو جيڏيون، هلي پَسون لال لئو
آرياڻي پنهونءَ جي، سُرهي ساٿ ڪيو
مون کي نينهن نيو، نهوڙي ناڀن سان.
سهجان، اوطاقن ۾ گهمي ڏٺو پر رڳو ڊڀن جا ڏاوڻ ڏٺائين. چيائين
ته: اهي به پنهون جي اٺن جا آهن، سي کڻي بت کي هڻڻ
لڳي، ته من پنهونءَ جي ساءَ سان اندر جي باهه
اجهامي:
گهمندي اوطاقن ۾، ڏٺئين ڏاوڻ ڳچ
لائي لال لڱن کي ته من اجهامي مچ.
جيئن بُت کي ڊڀ هڻي، تيئن باهه وٺيس. نيٺ اتيئي لڇندي، پنهون
پنهون ڪندي رهي. هوڏانهن پنهونءَ جو ساٿ وڃي ڀنڀور
کي ويجهو ٿيو. اڃا شهر کان پري هئا ته ٻاٻيهي ساٿ
کي چيو ته: اُٺن کي کٿوري وات ۾ وجهي، ٻوٿ ٻڌي
ڇڏيون. جڏهن ڀنڀور ۾ داخل ٿيو ته پوءِ انهن جا ٻوٿ
ڇوڙي ڇڏجو، پوءِ ڀل ته ڀنڀور وارن کي خبر پئي ته
شهر ۾ ڪو قافلو آيو آهي. باقي آءٌ اڳواٽ هلي ٿو
سسئي کي پنهونءَ جي اچڻ جي خوشخبري ٻڌايان. ٻاٻيهو
اڃا سسئي وٽ پهتو ئي ڪين هو ته هڪڙو ڪانگ اچي
سسئيءَ جي اڱڻ ۾ لنوڻ لڳو. ڄڻ ته سسئي کي واڌايون
ڏيندو هجي ته ”سسئي! تنهنجا سيڻ اچي ويا.“
اڱڻ مهندان ڪانگ لئي، آرٽ اڇلي مالهه
سيڻ تنهنجا سسئي، اچن ٿا اڄ يا ڪالهه.
ايتري ۾ ٻاٻيهي به اچي سلام ڪيو. سسئي ڊوڙي گلي لاتس ۽ چيائينس
ته: اچ ٻاٻيها! مون کي سيڻ جي مُڌ ڏي پر ائين جيئن
ٻئي ڪنهن پرت کي پتو نه پئي:
سرهايو سيڻ جو ٻاٻيهو آيو
تنهن کي ڀوري لوڪ نه لکيو، ڳوري ڳل لايو.
*
آءُ ٻاٻيها! ڏي خبرون، اوڏو ويهه آرٽ
سُڌيون ڏي سيڻن جون، ٻڌن ٻيا نه پرٽ.
ٻاٻيهي چيس ته: تنهنجن سيڻن کي اُٺ پلاڻيندي ڇڏيو هئم، ڄاڻ آيا
ڪي آيا:
’جهي
جهي‘ ڪندي مون ڇڏيا، پاتائون پلاڻ
سين تنهنجا سسئي، ٿا اچن ڌڻيءَ اماڻ.
تيسين ساٿ شهر ڀنڀور ۾ اچي ڍريو. ساٿ وارن ٻاٻيهي جي صلاح موجب
اُٺن جا ٻڌل ٻوٿ کوليا، اٺن ڪڻڪارون ڪيون ته سڄو
شهر کٿوريءَ جي خوشبوءِ سان واسجي ويو. هر طرف ساٿ
جي سرهاڻ جو هل پئجي ويو ۽ پڇائون ٿيڻ لڳيون ته
اهو کٿوريو ساٿ ڪهڙي ملڪ کان آيو آهي، جو اُن جي
رڳو اُٺن جي اوڳر ئي سڄي شهر کي واسي ڇڏيو آهي!
ماء کٿوريو ساٿڙو، آيو ڪنهن ڏيها
واسيو شهر ڀنڀور جو، مَين جي مُها.
*
ماء کٿوريو ساٿڙو آهي سندو ڪِن
کٿوري خوشبوءِ سان واسيو شهر وڃن.
سرتين جي اچڻ جي مهل ٿي هئي، تنهنڪري ٻاٻيهو، سسئيءَ وٽان نڪري
سندس گهر کان ٻاهر ٿي بيٺو. ايتري ۾ سرتيون به اچي
سهڙيون. تن جو ٻاٻيهي کي ڏٺو، سي مڙي سڙي، سسئي
سان گڏجي، آتڻ جي در تي اچي بيٺيون. ٻاٻيهو بيٺو
هو، تنهن کان پڇيائون ته: ساٿ وارا! اوهان جي ساٿ
جو اڳواڻ ڪهڙو آهي؟ ٻاٻيهي جواب ڏنو ته: آريءَ جو
پٽ پنهون اهو اٿوَ، جنهن کي ڪلهن ۾ کٿو اوڍيل آهي.
آئين جي اچو ساٿيا، آن ۾ ساٿ وڏيرو ڪير؟
چئي: ڪمر جنهن جي ڪلهن ۾، سو آري پٽ ڇگير.
سرتين سهي ڪيو ته ٻاٻيهو پنهونءَ جا پار صحيح نٿو ڏئي، سو کڻي
ماٺ ڪيائون. اتي وري ٻاٻيهي کانئن پڇيو ته: اوهان
۾ آتڻ وڏيري ڪهڙي آهي؟
آئين سڀ آت واريون، آن ۾ آتڻ وڏيري ڪير؟
سسئي جي سرتين به ٺهه پهه اهڙو ئي جواب ڏنس ته: اسين آتڻ
وڏيريون ٽي ڄڻيون آهيون. ٻانڀڻ، ڀٽ ۽ ڪراڙ- پر اڃا
به جنهن جي نراڙ تي تلڪ ڏسين، سا اسان جي آتڻ
وڏيري آهي:
آتڻ وڏيريون ٽي ڄڻيون، ٻانڀڻ، ڀَٽ، ڪراڙ
اسين آتڻ وڏيري سا چئون،جنهن جي تلڪ نراڙ.
تڏهن ٻاٻيهي چيو ته: اوهين هندواڻيون آهيو، سڀني کي نراڙ تي تلڪ
آهي. سڀئي هڪجهڙيون، هاڻي خبر ناهي ته وڏيري ڪير؟
تڏهن جواب ڏنائون ته: تون جي ٺاهي ٻڌائين ته اسين
به توکي صحيح سُڻايون. ٻاٻيهي چين ته: چڱو ڀلا
هاڻي وري پڇو. تڏهن سرتين وري به پڇيو ته:
آئين جي اچو ساٿيا! آن ۾ ساٿ وڏيرو ڪير؟
ٻاٻيهي وراڻيو ته: جنهن جي اُٺ ۾ هي پار ڏسو، سو سمجهو ته ساٿ
وڏيرو ڄام پنهون آهي:
سوني ناڪيلي نڪ ۾، موتي منجهه مهار
ڪرهو ڄام پنهونءَ جو ٿو سونهي سڄيءَ قطار
ڪونه سڃاتئي سسئي، آري پُٽ ڇڳير؟
سرتين چيو ته: هاڻي سڃاتوسين. تڏهن ٻاٻيهي چين ته: مون توهان کي
سچي خبر ٻڌائي، هاڻي توهين به سچي ڪريو ته اوهان ۾
آتڻ وڏيري ڪهڙي آهي؟ هنن چيو ته: هاڻي اسان کان
وري پڇ ته ٻڌايون. تڏهن ٻاٻيهي چيو ته:
اَئين سڀ آتڻ واريون، آن ۾ آتڻ وڏي ڪير؟
تڏهن سهيلين جواب ڏنو ته: اسان ۾ جنهن جون ڪرايون ڪنگوءَ ورن
(گلابي رنگ جون ۽ نازڪ) آهن، ذات ته الائي ڪهڙي
اٿس، پر نالي سسئي مشهور آهي، اُها اسان جي آتڻ
وڏيري آهي.
ڪنگوءَ ورن ڪرائيون، مينديءَ رتس پير
نالي سُڄي سسئي، ذات نه ڄاڻي ڪير.
تڏهن ٻاٻيهي چين ته: هاڻي سڃاڻپ ٿي، پر ڏس ڏيو ته لهُون ڪٿي؟
چيائونس ته: اها سامهون واري ٿڌي واٽ وٺي اڳتي وڃ،
نمن جي ڇانور واري جُوءِ ايندي، جنهن جي نشاني اها
آهي ته پڪل ٻير بيٺي هوندي، اتي وڃي قافلو ويهار.
ٿڌيءَ ڪاهج قافلو، سامهين اُڀي سير
ٿڌي ڇانوَ نمن جي، ٻي ٻهڳڻ بيٺي ٻير.
وڃڻ وقت ٻاٻيهي سسئيءَ کي چيو ته: سسئي! هاڻي اسين تنهنجا مهمان
آهيون. جيڪڏهن ٿي سگهئي ته ٻه چار مانيون اسان
ڏانهن موڪلي ڏج. پر ياد رکجئين، آءٌ واڻيو آهيان،
تنهنڪري منهنجي لاءِ ٿالهي، وٽو جدا آڻج:
سسئي! سهجان نه ڏئين، مانيون گهڙي ٻه چار؟
ٺانٺ، پنگاري، لوٽيو، مون لاءِ آڻج ڌار.
سسئي چيس ته: آءٌ پرائي وس آهيان، جي مون ماني جڙي ته آڻي ڏيندي
سانوَ، نه ته مون تي ميار نه ڪجو! اتان ٿي سسئي
ماءُ وٽ آئي، ۽ چيائينس ته: امڙ! مهمان آيا آهن،
انهن جي سار سنڀال لهڻ جو توتي به حق آهي، جيڪڏهن
مزماني ڪئيسين ته مهمان به خوش ٿي ويندا ۽ پنهنجو
به شان ٿيندو:
آيل! مهمانن جو، مون آهي توتي حق
ساٿي وڃن سَنرا، پنهنجو رهي مرڪ.
ماءُ جواب ڏنو ته: سسئي! ڀنڀور ۾ ڪيئي قافلا پيا اچن وڃن، ڪيترن
کي پيا مانيون کارائينداسين. تون ماٺڙي ڪري وڃي
ڪَتُ! سسئي چيس ته: امڙ! ڪتڻ جا ڏينهن وري به
ايندا، پر ههڙو ساٿ وري نه ايندو. آءٌ انهيءَ
سوادگر سان سودو ڪنديس، جنهن کي پنهون ٿا چون:
ڪتڻ ڏهاڙا گهڻا، ههڙا هوت نه هُونِ
سودو ڪريان تنهن ساٿ سان، جنهن کي پنهون آرياڻي
چُون.
سسئي جي ماءُ اِها وراڻي ٻڌي چيس ته: سسئي! نڪي ڪلهه ڪاپو ڪيئي،
نه اڄ. توسان ڪيترو وڙ ڪنديس!
اڄ به اُجهڻ کي مرين، ڪتيئي نڪي ڪالهه
ڪري ڪريان ڪيترا، ڀوري! توسان ڀال.
سسئي ماءُ جي اها ڳالهه ٻڌي چيو ته: امڙ! مون کي هوت پنهونءَ جي
نينهن نهوڙي نيو آهي. تنهنڪري هاڻي مون کان ڪاپو
ڪين ٿيندو، ۽ نڪي منهنجو ڪو آسرو ڪج!
آيل منهنجي آسري پوڻي ڪا م پڃاءِ
مون کي نينهن نهوڙيو، هٿئون ڏئي ڪتاءِ.
ائين چئي سسئي گهر مان نڪرڻ لڳي. تڏهن ماءُ پڇيس ته: سسئي!
ڪيڏانهن؟ جواب ڏنائين ته: انهيءَ قافلي کي ڏسڻ،
جنهن جو اڳواڻ ڄام پنهون آهي. اُهي ڀنڀور جي بازار
۾ منزل ڪيو ويٺا آهن:
چوڏهينءَ ماهه جون چمڪيون، پاڳون تن پُرسن
سائي پٽ سغلات جون هيون مهارون مين
ويٺا ڀڙ ڀنڀور ۾ سودا سَٽون ڪن
هِنيون ڌتاري هٿ ڪيو آهي منهنجو جيءُ جتن
تن ٻولي ٻاروچن، آءٌ گهڻو اُڪنڊي آهيان.
|