سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :4

 

سسئي- پنهون

 

 

 
 

سسئي ۽ پنهون جي تفصيلي ڳالهه

 

سسئي جو ڄمڻ:

 ڳالهه ٿا ڪن ته ”دلوراءِ“ جي زماني ۾، سيوهڻ ([1]) شهر ۾ ”نائون“ نالي هڪ ٻانڀڻ ([2]) رهندو هو. وٽس ڌن دولت جي ڪمي ڪانه هئي، پر اولاد جو آسائو هو. هر وقت اهو اُلڪو هوندو هوس ته منهنجي هيڏي دولت جو مالڪ ڪير ٿيندو! ٻانڀڻ ۽ سندس زال سنڌر ([3]) اولاد لاءِ ڪئين پڙهيا پڇايا ۽ درويشن جا در پٽيا. آخرڪار ڪنهن وڏي جوتشي کان وڃي پوٿي پٽايائون، جنهن تارن ستارن جا حساب ڪري، ڍارا هڻي کين ٻڌايو ته: اوهان کي هڪڙي سدا سهڻي چنڊ جهڙي نياڻي ٿيندي پر سندس لکيو ڪنهن مسلمان سان ٿيندو! اِها ڳالهه ٻڌي هي سُنَ ۾ پئجي ويا ۽ ماٺ ڪري گهر موٽي آيا. ڪي مهينا مس گذريا ته نائون جي گهر اميدواري ٿي ۽ سنڌو کي هڪ سدا ملوڪ سهڻي ڌيءَ ڄائي. پر جوتشي جي اڳڪٿي ياد ڪري نائون پنهنجي زال کي چيو ته: ”اهڙو اولاد ي گهوريو، گهٽو ڏيئي پورو ڪري ڇڏينس، ائين ڀائينداسين ته پاڻ کي اولاد ٿيو ئي ڪونه.“ تڏهن سنڌر کي ماءُ جا جذبات ڀرجي آيا ۽ منٿون ڪري مڙس کي سمجهائڻ لڳي ته: ”لکئي جا ليک ڪيئن به هجن پر اولاد نيٺ اولاد آهي، سڪي پني ڄائي اٿئون، تنهن کي مارڻ مناسب ناهي.“ آخر گهڻي سوچ کان پوءِ فيصلو ڪيائون ته نينگريءَ کي صندوق ۾ وجهي درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏجي، پوءِ کٽي سندس ڀاڳ!

سسئي کي درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏڻ:

اها رٿ رٿي نائون ٻانڀڻ ڪنهن ڪاريگر واڍي کي ڪوٺي پيتي جوڙائي:

سسئي شهر سيوهڻ ۾ جڏهن ٿي ڄائي،
پيءُ پنهنجي ڌيءَ لاءِ وڃي پوٿي پٽائي،
ته لکيو انگ مسلمان سان، جتن سان ڄائي،
تڏهن پيءُ پنهنجي ڌيءَ لاءِ صندوق سنڀرائي. ([4])

ان صندوق ۾ هيرا موتي ۽ سونيون مهرون وجهي، ڇوڪريءَ کي سوني تنجڻ ۾ تنجي صندوق ۾ سمهاري، کير ڀريل هڪ شاهي جُڙتيو ببو وات ۾ ڏيئي، صندوق مٿان ميڻ- تهو ويڙهي، ڪرف هڻي بند ڪري، رات وچ ۾ وڃي درياءَ حوالي ڪيائون.

سسئي جو محمد ڌوٻي کي هٿ اچڻ:

معصومڙي کي قدرت زنده سلامت رکيو ۽ درياءَ جون لهرون سندس واسطي هندوري جا لوڏا ٿي پيا. آخرڪار صندوق درياءَ مان لڙهندي لڙهندي سورهين ڏينهن اچي ڀنڀور شهر جي گهاٽ وٽ نڪتي:

ٻانڀڻ ٻيٽي پنهنجي وڃي لڙ ۾ لوڙيائي
سورهين ڏينهن سمونڊ ۾ اهٽندي آئي.
(2)

ڀنڀور جي شهر ۾ محمد(3) نالي هڪڙو ناميارو ڌوٻي رهندو هو. ان ڏينهن پرهه ڦٽي مهل ڪپڙا کڻي گهاٽ تي آيو هو جو صندوق ڪناري لڳ ٽلڪندي ڏٺائين ۽ ان کي ڪڍي ڪپر تي آندائين(1) ڪلف کولي ڏسي ته هڪ سدا ملوڪ سهڻي نينگرڙي هونگڙيون پئي ڏئي. محمد پاڻ اولاد جو سڪايل هو، تنهن معصومڙيءَ کي قدرت طرفان مليل ڏات سمجهي کڻي سيني سان لاتو. پوءِ کُنڀ ۽ ڪپڙا پنهنجن همراهن جي حوالي ڪري، پاڻ صندوقڙي ڪلهي تي کڻي اچي گهر پهتو؛ ۽ وڏي خوشيءَ سان پنهنجي زال زينت کي سڏي چيائين ته: ”ٻائي ڏس! قدرت اسان جي ڀاڳين هيءَ نياڻي الائي ڪٿان  موڪلي ڏني آهي.“ اولاد جي سڪايل زينت ڇوڪرڙيءَ کي کڻي سيني سان لاتو ته قدرت سان سندس ڇاتيءَ ۾ کير  پيدا ٿيو، ۽ هوءَ معصومڙي کي ٿڃ ڏيڻ لڳي.

محمد ڌوٻيءَ کي درياءَ مان ڇوڪري ملڻ جي خبر سڄي ڀنڀور ۾ پکڙجي وئي. شهر جا ماڻهو اُن کي ڏسڻ ۽ مبارڪون ڏيڻ لاءِ اچڻ لڳا. محمد ڌوٻي شهر جي هوشيار داين کي سڏائي پگهار ٻڌي ڏنو، جيڪي ڇوڪريءَ جي سار سنڀال نهايت ئي لاڏ ڪوڏ سان ڪرڻ لڳيون. ڇهين ڏينهن ڇٺي ڪري ڇوڪريءَ جو نالو ”سسئي“ رکيائون، ڇاڪاڻ ته هوءَ، چنڊ جهڙي سهڻي ۽ ملوڪ هئي.

سسئي لاءِ باغ اڏجڻ:

سسئي جڏهن سمجهه ڀري ٿي، تڏهن پيءُ کي چيائين ته: بابا! مون کي باغ جوڙائي ڏي، جنهن ۾ پنهنجي سهيلين کي وٺي وڃي آتڻ ڪتيان، پر باغ اهڙو هجي جنهن جهڙو ٻئي ڪنهن نه ڏٺو هجي، نه ٻڌو هجي.

محمد ڌوٻي وٽ، جنهن ڏينهن کان سسئي آئي هئي، تنهن ڏينهن کان سندس ڀاڳ کلي پيو هو. ڌن دولت جا وٽس انبار لڳي ويا: رڳو سندس هٿ هيٺ پنج سؤ ڌوٻي ڪم ڪندا هئا. تنهنڪري يڪدم مشهور باغائي، رازا ۽ واڍا گهرائي انهن کي باغ پوکڻ ۽ باغ ۾ عاليشان محلات ٺاهڻ جو حڪم ڏنائين. يڪدم رازا، واڍا ۽ مالهي اچي ويا. باغاين قسمين قسمين ميون جا وڻ ۽ گلن ڦلن جا ٻوٽا پوکيا ته رازن ۽ واڍن وري محلات جي اڏاوت شروع ڪئي. هڪ سال ۽ ستن مهينن ۾ بهشتي باغ هڪ طرف جهرمر لائي بيٺو ته سونن ۽ روپن درين دروازن سان بادشاهي محلات ٻئي پاسي اڏجي راس ٿيو. عاج جا ايٽ گهڙجي ويا ۽ سسئي پنهون سٺ سهيليون ساڻ وٺي، محلات ۾ وڃي آتڻ ڪتڻ لڳي. قدرت خدا جي ڏسو، جو اها ڇوڪري جنهن کي ڄمڻ وقت ماءُ جي ٿڃ به نصيب ڪانه ٿي هئي، سا بادشاهي سکن ۾ پلجڻ لڳي.

سسئي جي سڱ جي گهر:

سسئي سامائي ته سندس سونهن جو هنڌين ماڳين هل پئجي ويو. ڪيترن معززن ۽ بيٺلن پنهنجي پٽن لاءِ محمد کان سڱ ڇڪايو، پر سسئي جو راضپو نه ڏسي، محمد انهن کي جواب ڏيئي ڇڏيو. هڪ ڀيري جڏهن کٽين جي برادريءَ مان هڪ معزز، سسئي جي سڱ گهرڻ لاءِ محمد وٽ ميڙ وٺي آيو ته هو سندن ڳالهه ٻڌي ڏاڍو ڏمريو، چئي: ”اوهان اهو ڪيئن سمجهيو ته آءٌ سسئي جو سڱ توهان کي ڏيندس! سسئي شهزادي آهي، اُن جو جيڪو جوڙ جيس هوندو، تنهن کي سڱ ڏيندس.“ راڄ وارا سندس آخرين جواب ٻڌي ماٺ ڪري ويهي رهيا.

پنهون جو حسب نسب:

انهيءَ زماني ۾ ڪيچ مڪران جو سردار ”آري ڄام“ نالي بلوچن جي ”هوت“ قبيلي مان هو. کيس پنج پٽ هئا: هوتو، نوتو، ٻانهون، چنرو ۽ پنهون، پنهون سڀني ڀائرن ۾ ننڍو، حسن-وند ۽ عقل وارو هو. انهيءَ ڪري پنهنجي جيئري ئي کيس پڳ ٻڌايئين، ڇاڪاڻ ته ٻئي ڪنهن پٽ ۾ حڪومت هلائڻ جي مڻيا ڪانه هئي. آري ڄام جو پنهون تي تمام گهڻو پيار هو. کيس هڪ پل به  اکين کان پاسي نه ڪندو هو. آري ڄام جي واپار جا قافلا سنڌ ڏانهن هلندا هئا. ٻاٻيهو نالي هندو سندس منيب هو جو قافلن سان ايندو هو. ٻاٻيهو ذهين ۽ عقل وارو هو، تنهنڪري پنهون به ساڻس صلاح مصلحت ڪرڻ لڳو، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ ٻاٻيهو پنهون جو خاص رازدان مشير بنجي ويو.

پنهون وٽ هر وقت مردن جي مجلس لڳي پئي هوندي هئي. هن پنهنجي همت ۽ محبت سان آس پاس جي سڀني سردارن کي پنهنجو بنائي ڇڏيو هو ۽ سڀڪو سندس سلامي هو. پنهون ڄام تخت تي ويٺو ته ڪيچ جا واپاري سڏائي انهن کي ٻين ملڪن ۾ وڃي واپار ڪرڻ لاءِ همتايائين، جيڪي ڏيسارو جا واپاري سندس سرداري ۾ سوداگري ڪرڻ لاءِ ايندا هئا، تن تان محصول معاف ڪري ڇڏيائين، جنهنڪري واپار وڌيو ۽ ملڪ ۾ خوشحالي آئي.

پنهون نوجوان ٿيو پر اڃا شادي ڪانه ڪئي هئائين.، سندس اهو ئي خيال هوندو هو ته ڪا صورت ۽ سيرت جي سهڻي شهزادي هجي ته ان سان شادي ڪريان. هڪ ڀيري جڏهن ٻاٻيهو ساٿ سنڀائي سنڌ ڏانهن روانو ٿيو ۽ پاند ڳچي ۾ پائي، هٿ ٻڌي اَسهڻ جي اجازت گهريائين ته پنهون چيس ته: سهڻي سنڌ ولايت ڏانهن ٿو وڃي. اتي ڀلاوڻن سان ملندين ۽ چڱن سان منهن- لڳ ٿيندين. ڀلا جي منهنجو ڪو جوڙ جيس ڏسين ته خاص رازدان قاصد موڪلجئين، پوءِ هوندي قسمت ته اچي ڀيڙا ٿينداسين، پر تون ڪا اهڙي اٽڪل ڪج جيئن مون کي تو ڏانهن اچڻ جي اجازت ملي.“ (1)ٻاٻيهي پنهون کي خاطري ڏيئي کانئس موڪلايو ۽ اُٺن تي کٿوريءَ جو بار ڀري، سنڌ ڏانهن روانو ٿيو.(1)

ٻاٻيهي جو ڀنڀور ۾ اچڻ:

ٻاٻيهو ڪيچ مان روانو ٿي، منزلون ڪندو ڪندو، آخرڪار هڪ ڏينهن ڀنڀور شهر اچي پهتو. ڀنڀور جا ماڻهو نئين سوداگر جو ٻڌي مڙي آيا ۽ کانئس واپار وٺڻ لڳا. ان وقت سسئي ٻاراڻي وهيءَ مان چڙهي اچي سامائي هئي ۽ پنهنجي حسن سان چوڏهينءَ جي چنڊ کي پئي شرمايائين. ڀنڀور ۾ هر جاءِ تي سندس صورت ۽ سيرت جو غلفو هو. سسئي جي سونهن جي هاڪ ٻڌي، ٻاٻيهي کي پنهون ياد آيو ۽ دل ۾ خيال ڪيائين ته ڪنهن حيلي بهاني وڃي سسئي کي ڏسجي. ڀانيائين ته شهر ۾ وکر وڪڻڻ جي بهاني سان گهور ڪريان، من سسئي منهن پئجي وڃيم. سو کٿوري جو بار ڀري، ڀنڀور جي گهٽين ۾ هوڪا ڏيڻ لڳو. ائين گهمندو ڦرندو، وکر وڪڻندو انهيءَ گهٽيءَ ۾ آيو، جنهن ۾ سسئي جو گهر ۽ آتڻ هو. اُن وقت سسئي پنهنجي سرتين سان آتڻ ۾ ويٺي هئي. ٻاٻيهي جو هوڪو ڪن تي پيس ته سهيلين کي چيائين ته: هيءُ ڪو نئون گهورڙيو آهي؛ ڏسو ته وٽس ڇا آهي؟ (2) .

سرتين ٻاهر نڪري ٻاٻيهي کان پڇيو ته: ڪهڙو وکر اٿئي؟ جواب ڏنائين ته: مون وٽ کٿوري آهي، جيڪا مهانگي ملهه وڪڻان ٿو. کٿوري جو ٻڌي سسئي کي خبر ڏنائون، جنهن چيو ته ٻاٻيهي کي اندر آتڻ ۾ سڏيو ۽ کيس چيائين ته: سوداگر! تون اسان وٽ اندر آتڻ ۾ آيو آهين، وکر ڏي، پر توکي اسان مان ڪو وڏو نفعو ڪمائڻ نه جڳاءِ، اسين توکي روڪڙو ناڻو ڏينديونسين. ٻاٻيهي وڏي نياز سان سلام ڪري کين خاطري ڏيئي پنهنجي کٿوري جون ڳنڍيون کوليون، جن کلندي ئي سڄي آتڻ ۾ هٻڪار لائي ڇڏي. سسئي ۽ سرتين هن نئين سوداگر کان هاڻي وڌيڪ پڇا ڳاڇا شروع ڪئي.

ٻاٻيهو هڪ ته کلمک ۽ ڳالهين جو ملوڪ هو ۽ ٻيو ته صورت جو سهڻو هو؛ ڪي آريکڻ پنهونءَ جي پيشاني وارا هئس. سسئي خوش ٿي کانئس پڇيو ته: سوداگر ڪٿان آيو آهين؟ ٻاٻيهي چيو ته: سائڻ، آءٌ ڪيچ جو رهندڙ آهيان. اهو ٻڌي سسئي سرتين کي چيو ته اهو سوداگر ڪيچ مان آيو آهي؛ ڪهڙو نه  ڳالهائڻ جو مٺو آهي. چئبو ته ڪيچ جي ملڪ ۾ به ماڻهو مهانڊي جا ملوڪ ٿيندا آهن! اهو ٻڌي ٻاٻيهي وراڻيو ته: سائڻ! منهنجا ڪهڙا لکڻ ته ڪهڙا آريکڻ! جي منهنجو ڌڻي پنهون ڄام ڏسو ته جيڪر سونهن ۽ صورت ۾ وري ٻئي ڪنهن جي ڳالهه ئي ڪانه ڪريو! اهو ٻڌي، سسئي تاب مان چيس ته: اڙي مهتا! اڻ ڏٺي ڏيهه ۾ اهڙي ٻٽاڪ نه هڻ! ڪيچ وارا جيڪي اُٺين جو کير پين، تن ۾ڪهڙي سونهن هوندي! ٻاٻيهي جواب ڏنو ته: سائڻ! وڌاءُ ڪونهي، آءٌ سچ ٿو چوان؛ جنهن بلوچ سردار جو آءٌ ذڪر ٿو ڪريان تنهن جي چاندي جهڙي پيشاني ائين آهي، جيئن ڪاري اُڀ ۾ اڇو ڪڪر. سسئي جواب ڏنس ته: ٻاٻيها! مڙس سدائين پنهنجي ڪٽڪ سان ٻاهر سونهن ۽ زالون پنهنجي سٿ سان گهرن ۾ ويهن، تنهنجو پنهون شايد يا بي همت آهي يا ڪوجهو آهي جو گهر کان ٻاهر ئي نٿو نڪري. ٻاٻيهي اهو طعنو ٻڌي وراڻيس ته: سائڻ! اڃا به ڪو  شڪ اٿوَ ته هاڻي ٻڌو ته اوهان کي پنهونءَ جا پڪا پار ڏيان. پوءِ ٻاٻيهو اچي پنهون جي سونهن جي ساراهه ۾ پلٽيو. جيئن پيو ٻاٻيهو ٻولي، تيئن سسئي کي پنهون جي سڪ پئي سرس ٿئي. صبر ڪندي نيٺ سسئي چيس ته: ”ٻاٻيها! پنهون جي ڳڻن جون ڳالهيون ڪري مون کي سورن ۾ وجهي ڇڏيئي، هاڻي جي سچو آهين ته مون کي پنهون وٺي آڻي ڏيکار.“ ٻاٻيهي جواب ڏنس ته: سائڻ! آءٌ پنهون جي سونهن جون رڳو ڳالهيون ڪونه ٿو ڪريان. پر سچ پچ هو سدا سهڻو صاحبزادو آهي جنهن جي ڪيچ ۾ هر هنڌ هاڪ آهي. اتي ڀاڳ- ڀريون بلوچ ڇوڪريون شڪل شبيهه ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهنِ سندن گهگهن تي اڇا گل ۽ ٽڪون لڳل آهن، ۽ اهي جڏهن ٻولين ته ڄڻ چَتُن جي چانگار لڳيو وڃي. ڪيچ جي اهڙي سدابهار ۽ وسندڙ واديءَ مان پنهون کي آءٌ هت ڪهڙي طرح آڻي ٿو سگهان! اتي سرتين ويهي ٻاٻيهي کي سمجهايو، ۽ سسئي وڏي تاب شتاب سان ساڻس ڳالهايو. ٻاٻيهي ته رمز پکيڙي ڇڏي هئي ته ڀل منٿون ڪن ۽ ڀل دڙڪا ڏين، پر جيئن پنهون جو نالو وٽن نقش ٿي وڃي. ٻاٻيهي سسئي جي سڪ کي چوٽ چاڙهي بالاخر عرض ڪيو ته: سائڻ! آءٌ وڃي ٿو ڪنهن اٽڪل سان پنهونءَ کي آڻيان. پر ڪيچ جو پنڌ پري آهي ۽ مسافريءَ ۾ جي مون کي ڏينهن لڳي وڃن ته نااميد نه ٿج. آءٌ پنهون کي اوس آڻيندس. اهو جواب ٻڌي سسئي سرهي ٿي. پوءِ ٻاٻيهي کي، پنهون لاءِ سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي موڪل ڏنائين، پر حڪم ڪيائين ”جيسين هي سوداگر پنهون کي هت آڻي، تيسين سندس قافلو سُنگ ۾ روڪي ڇڏيو.“

اِها ڳالهه ٿوري هئي. ٻاٻيهي ڏٺو ته منهنجا پَنءُ ٻارهن لڳي ويا. ڌڻي کي ٻاڏيائين ته شل منهنجي سائينءَ جو سنڱ ٿئي ۽ شال هيءَ پدمڻي پنهون ماڻي. بس بنا دير جي ڀلو اُٺ سنڀرائي، ساٿين کان موڪلائي، ڪيچ ڏانهن روانو ٿيو ۽ رات ڏينهن هڪليندو آخر وڃي ڪيچ پهتو (1)

جڏهن ٻاٻيهو پنهون کي ملڻ لاءِ ويو ته ان مهل پنهون ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو، جيئن ئي ٻاٻيهي کي ايندو ڏٺائين ته ڪچهريءَ کان موڪلائي اٿي اڳتي وڌي وڏي چاهه سان اچي ساڻس مليو ۽ ٻئي وڃي نويڪلا ٿي ويٺا. اتي پنهون کانئس حال پڇيو ۽ پڇيائين ته : ادا ٻاٻيها! ڏوراهين ڏيهه ۾ گهڻا ڏينهن وڃي لاتئي! ڏي خبر ڀلا ڪاکيئن واڌائي آندئي؟ پوءِ ٻاٻيهي حال ڏنو ۽ سڄي خبر ويهي پيرائتي ٻڌايائينس ۽ چيائين ته: سنڌ ۾ درياءَ جي ڪناري سان هڪ جنت نشان شهر ڀنڀور آهي، جتي وڻج واپار جو چهچٽو لڳل آهي ۽ پري پري کان قافلا پنهنجا بار ڀري اچن ٿا. سنڌ جا ماڻهو مڙيئي مِٺا، سچا ۽ سهڻا پر ڀنڀور وارن سان ڪنهن جي بات ناهي! هن ڀيڻي جي پُر لطف فضا، وڻندڙ آبهوا ۽ سهڻي نظاري جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! پر وڏي مڻيا اتي جي ماڻهن ۾ آهي: مرد محفل جا موڙ ته زالون آتڻ جو سينگار. پر سڀني آتڻ وارين جو اوجر هڪ صورت ۽ سيرت جي سهڻي نوجوان نينگر آهي، جنهن جي حسن جي هاڪ ڀنڀور جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ آهي. کيس هلي وڃي ڏٺم، ۽ جيڪي ٻڌم تنهن کان ڪيئي وارا وڌ ڏٺم:

ڪهڙي ڏٺي هيئي ڪامڻي، جنهن جي ڪرين ٿو ٻاٻيها ٻولي
بيشڪ سنڌ ملوڪ هئي، جان ڏين ٿو لاکيڻا لولي
آهي ڪامڻ وڏي ڪڙم سان، جان رندن تي رولي
جان ماڻهو آهي محلات جو، جان گولن جي گولي
هي چاڙهيون بٺي شهر ڀنڀور ۾ ڏيون در در تي دولي
مانيءَ جي، محمود چئي، هلي هلايون هولي
ڀلي لاوڻ پائي لاڏڪي، جنهن چوڙي آ چولي
سسئي سمولي، سا ڪنهن پر آڻيون ڪيچ ۾.
(1)

تڏهن پنهون پڇيس ته: ٻاٻيها! جنهن سُنڌ جي ملوڪيت جي ايڏي  ڳالهه ٿو ڪرين، سا ڪير آهي، نالو ڇا اٿس، ڪيئن آهي؟ تڏهن ٻاٻيهي چيس ته : سندس نالو ”سسئي“ ۽ محمد نالي هڪ سکئي ستابي رنگريز جي نياڻي آهي: ڀانئجي ائين ٿو ته يا ته پدمڻي آهي يا ڪنهن پريءَ جو اولاد آهي، جيڪا ڀلجي اچي انسانن ۾ پئي آهي. بس تنهنجو جوڙجيس آهي ۽ تنهنجون ڳالهيون ٻڌي پرپٺ توتي ڇڪن ٿي پئي آهي. پاڻ پنهنجي اکين سان هلي ڏس ته پوءِ سسئي کي ڪيچ ۾ آڻڻ جي ڪا ٽل ڪريون. تڏهن پنهون چيو ته: اها ڳالهه ته ڀلي پر منهنجو پير مرد پيءُ جو مون تي ايڏو مهربان آهي سو ڪيئن ڇڏيندو جو آءٌ هلان. ٻاٻيهي چيس: ”آءٌ ڪنهن حيلي سان تنهنجي موڪل آري ڄام کان وٺان ٿو. بس سنڀر ته هلون.“

ٻاٻيهي پنهون کي دلاسو ڏيئي ڪيچ ۾ اچي سڏ وڌو ۽ سڀني کي ڀنڀور ۾ ساٿ جي جهلجڻ جي سڌ ڏنائين. راڄ مها ڄڻ مڙي آيا. اول صلاح ڏنائون ته پنهون جا ڀائر چنرو، نوتو ۽ ٻيا وڃن ۽ ساٿ ڇڏائي اچن. تڏهن ٻاٻيهي چين ته: انهن جي جاءِ ڪانهي. اُت ڪو عقل جو وينجهار هلي جيڪو حرفت سان هلي اِجارو معاف ڪرائي ۽ ساٿ ڇڏائي. خود پنهون جي هلڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي. پوءِ اهو پڪو فيصلو ڪري آري ڄام کي اچي صلاح ڏنائون، پر هن پنهون کي ڀنڀور ڏانهن وڃڻ جي اجازت نه ڏني.

في الحال ته اهو فيصلو ٻڌي ماٺڙي ڪري موٽي آيا، پر جن جا مٽ عزيز وڃي ڀنڀور ۾ قابو ٿيا هئا، تن کي ڪٿي ٿو سک اچي! ڏينهون ڏينهن ڪيچ ۾ واويلا مچندي وئي. ماڻهو وري به آري ڄام وٽ آيا ۽ روڄ راڙهو ڪري کانئس پنهون جي وڃڻ جي موڪل گهريائون. پر آري ڄام چيو ته: هيءُ ته هڪڙو ساٿ آهي، پر جي ويهه ساٿ وڃن ته به آءٌ پنهون کي موڪل ڪونه ڏيندس.

قدرت الاهي، انهيءَ سال ڪيچ مڪران ۾ برسات نه پوڻ ڪري ڏڪار پئجي چڪو هو. آباديءَ جو ته ڪٿي نالو ئي ڪونه هو. پکي پکڻ به سوڪهڙي کان ملڪ ڇڏي ٻين پاسن ڏانهن اڏامي ويا هئا. واپارين وٽ گذريل سال واري اَنّ جا ڀانڊا ذري گهٽ خالي ٿي چڪا هئا. جيڪڏهن ڪو اَن ڪنهن وٽ هو ته به انهن ڏيڻ جي ڪانه ٿي ڪئي. سڄي ملڪ ۾ ان جي کوٽ ڪري واڪو واڪاڻ پئجي وئي. ان سون سَئون به نٿي مليو. آخر جڏهن ماڻهو ۽ مال بک مرڻ لڳا، تڏهن راڄ مهاڄڻ گڏجي صلاح ڪيئ ته سنڌ مان اَن جو ساٿ ڀرائي آڻيون، نه ته ماڻهو بک وگهي مري ويندا. اهو خيال ڪري آيا آري ڄام وٽ، ۽ عرض ڪيائونس ته: سائين! اسان جو هڪ ساٿ ڀنڀور ۾ جهليو پيو آهي. ائين ماٺ ڪيو ويٺا هونداسون ته ماڻهو لڏي ويندا، سڄو ملڪ خالي ٿي ويندو. ڪا تدبير ڪريو. جيئن ڏيهه تان ڏرت لهي. انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي ته پنهون ڄام جي اڳواڻي هيٺ سنڌ ڏانهن ٻيو ساٿ موڪلجي، جو وڃي اڳيون ساٿ ڇڏائي ۽ پوءِ ٻئي ساٿ اَن جا ڀرائي اچي. تون جي پنهون کي موڪل نه ڏيندين ته ملڪ ڦٽي ويندو.

آري ڄام جو پنهون سان تمام گهڻو پيار هو، ۽ هڪ پل به پاڻ کان پاسي نه ڪندو هوس، تنهن کين سمجهايو ته: پنهون ننڍو آهي، ايڏي وڏي سفر تي وڃڻ جي اڃان وهي ڪانه اٿس- ڀلو ڀانيو ته ساٿ سنڀايو، پر پنهون جي بدران ٻيو ڪو اڳواڻ بڻايو. ائين چئي ٻاٻيهي ديوان کي تاڪيد ڪيائين ته: تون ساٿ جو سونهون ٿي ۽ وڃي سنڌ مان هڪ سؤ سٺ خرار جو قافلو ڀرائي اچج. ٻاٻيهي ٻانهون ٻڌي عرض ڪيو ته: سائين جي پنهون کي موڪليندين ته ائين قافلي تان محصول معاف ٿيندو ۽ ٻيو وڌيڪ اناج به ملي سگهندو. ٻيءَ صورت ۾ هي قافلو به وڃي قابو ٿيندو. سڄي راڄ ٻاٻيهي جي انهيءَ صلاح جي پٺڀرائي ڪئي، تڏهن آري ڄام چيو ته ”پنهون سان صلاح ڪري سڀاڻي آخري فيصلو ڪنداسين.“

پوءِ آري ڄام ٻاٻيهي کي پنهنجي منهن گهرائي چيو ته: ٻاٻيها! سنڌ ۾ سسئي نالي هڪڙي سدا ملوڪ مُنڌ ٿي ٻڌجي، متان من ۾ ڪا حرڪت رکي، پنهون ڄام کي ڪنهن آفت ۾ نه اڙائين. مون هت پنهنجن ۾ پنهونءَ کي پرڻائڻ جي سڄي رٿ ويچاري ڇڏي آهي. ائين نه ٿئي جو ڌارئين ديس ۾ وڃي ڪٿي قابو ٿئي. تڏهن ٻاٻيهي ڪوڙ ڪري کيس چيو ته: سائين! سسئي نڪا اهڙي سهڻي آهي ته نڪا مون ۾ ڪا حرڪت آهي؛ اهي ماڻهن جون ڳالهيون آهن، جي شايد سائين جي ڪن تي پيون آهن. مهرباني ڪري پنهون کي موڪل ڏي ته اهو هلي ان سؤدي، ساٿ ڀرائي، جلد خير سلامتي سان موٽي اچي پنهنجي راڄ جي تڪليف لاهي. لاچاري آري ڄام اها ڳالهه قبول ڪري پنهون کي ڀنڀور وڃڻ جي موڪل ڏني. پوءِ پنهون کي پاڻ وٽ سڏايائين ۽ کانئس پڇيائين ته: تون وڃڻ لاءِ تيار آهين؟ پنهون ادب سان ورندي ڏني ته: اوهان رضا سان موڪل ڏيندؤ ته آءٌ اڄ ئي روانو ٿي ويندس. تڏهن چيائينس ته: پٽ! الله کي پرتين. سگهو موٽڻ جو سعيو ڪج، جو توکانسواءِ هڪ گهڙي گهارڻ به منهنجي لاءِ مشڪل آهي.

بس رڳو موڪل ملڻ جي دير هئي؛ پنهون ڄام ته اڳ ئي سسئي جي ساراهه ٻڌي اڻ ڏٺو مٿس عاشق ٿي پيو هو. ڪيچ ۾ ويهڻ وهه ٿي آيو هوس، سو ٻاٻيهي کي چيائين ته: اڄ ئي قافلو تيار ڪر ته هلون. پوءِ ٻاٻيهي اچي راڄ کي خوشخبري ڏني ته آري ڄام راضي ٿي پنهون کي موڪل ڏني آهي ۽ پنهون ڄام پاڻ ساٿ ڌڻي سرواڻ ٿي ٿو هلي.

پنهون ڄام جي ڀنڀور ڏانهن روانگي:

پوءِ ٻاٻيهي قافلي جي تياري جو حڪم ڏنو، پر پنهون چيو ته: قافلو منهنجي مصلحت سان هلندو. جيئن آءٌ چوان تيئن ڪريو. چيائينس ته:  جيڪو حڪم ڏين ان موجب هلون. پنهون چيو ته: ساٿ ۾ سڀئي نوجوان اُچا ڪپڙا ۽ سونا هٿيار پهنوار پهري شامل ٿين. اُٺن تي پَٽ جون جهُلون وجهو ۽ کُرجينن ۾ رڳو کٿوريءَ جو بار ڀريو. اُٺن جون مهارون موتين سان مڙهيل هجن ۽ ڳچيءَ ۾ ڳانا ۽ پنج پنج ٽليون ٻڌل هجن. جيئن سنڀرو، دير نه ڪريو. پورو ثمر کڻي سفر جو سانباهو ڪريو، باقي ٻه ٽي ڏينهن آهن. نئون چنڊ ڏسي هتان روانا ٿينداسين.

نئون چنڊ ڏٺو ته سنبت شروع ٿي. جيسين ساٿ سنڀري، تيسين پنهون پنهنجي پياري ماءُ کان وڃي موڪلايو، جنهن روئي ڳل لاتس ۽ دعائون ڪيائينس ته: ابا! ڌڻي شل خير سان توکي واري آڻي ۽ تنهنجو سفر سجايو ڪري. پوءِ پيءُ کي پيرين پئي موڪلايائين، جنهن تاڪيد ڪيس ته: ابا، ساٿ ڇڏائي، ان سودي وري وهلو ورجئين ۽ دم گهڙي به دير نه لائجان. اتي ٻاهران اطلاع آيو ته ساٿ تيار آهي. پنهون پنهنجا خاص ساٿي ”مارک“ ۽ ”ٻٻر“ ڀنڀور هلڻ لاءِ ساڻ کنيا. آري ڄام کيس اماڻڻ لاءِ آيو. چڙهندي ويل آري ڄام ٻاٻيهي ۽ ٻين سڀني ساٿين کي سڏي چيو ته: ٻيلي! منهنجو پنهل اوهين نيو ٿا، پر ساڳي طرح وري خير سلامتيءَ سان آڻجو.

سهجان سوناري جي باغ ۾ منزل ڪرڻ:

ڀنڀور شهر ۾ ”سهجان“ نالي هڪ سوناري، سسئي جي سهيلي هئي ۽ ساڳئي آتڻ ۾ ويهي سسئي ۽ ٻين سهيلين سان ڪاپو ڪندي هئي. سونهن ۾ به گهٽ ڪانه هئي. ٻاٻيهي جي واتان سسئي جي آتڻ ۾ پنهونءَ جي سونهن جي هاڪ ٻڌي دل ئي دل ۾ مٿس ڇڪن ٿي پئي هئي. ويتر جو ٻڌائين ته پنهون ٿو اچي، سو خيال ڪيائين ته پنهونءَ کي سسئي تائين ڇڏيائين ئي نه- سا ڀنڀور ڇڏي ڪيچ جي اڌ واٽ تي ”هاڙهي لڪ“ جي ڀرسان شهر ٻڌي اچي ويٺي، جتان پنهون اچڻو هو.

        پنهون جو ساٿ خير سان ڪيچ جي وادي مان سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. هي ساڍن ٽن سون کان مٿي بار بردار مهري اٺن جو قافلو هو: ”باري بلوچن جون هيون ارڙهن ويهون اٺن.“ ڳچ پنڌ ڪيائون ته کاٻي پاسي کان تترن ٻولي ڪئي. پنهون، پنهنجي ساٿين کان پڇيو ته تتر ڇا ٿا چون؟ سَوڻين سَوڻَ ڳنڍيو ته پهرئين پهر ڏائي ٻوليو آهي سو پنهون پرڀات مهل پنهنجي پرينءَ سان ملندو. ائين ڪچهريون ڪندا، منزلون ماريندا، هڱور ۽ هاڙهو لتاڙيندا ”ڪانهيري ٻيلي“ ۾ پهتا (1) چيائون. ته سنڌ جي سرحد تي اچي پهتا آهيون، اُٺن کي ساهي ڏيئي بار سولا نِهي (ٻڌي) هتان روانا ٿينداسون. ساٿ منزل ڪئي، پر جيئن ئي ساٿ سنڌ کي ويجهو ٿيو تيئن ئي پنهون سسئي جي سڪ ۾ بيحال ٿيو. ٻاٻيهي کي سڏي ويهي سسئي جي سونهن صورت جي رهاڻ ڪيائين ۽ انهيءَ رهاڻ ۾ رات گذري ويئي.

صبح جو سوير ”ڪانهيري ٻيلي“ مان منزل کنيائون. هينئر ساٿ ساڄو هو ۽ پنهون جي تاڪيد تي قافلو ڪاهيائون ۽ اچي ”وندر“ تي منزل ڪيائون. اتان روانا ٿي ”پٻ جبل“ ٽپي اچي ”حب ندي“ تي پنهنجا تنبو کوڙيائون. پنهون کي رات ڏينهن سسئي جي ساروڻي هئي. ٻاٻيهي پئي کيس سسئي جي ڳالهين سان وندرايو ۽ انهيءَ وندر پئي پنهون جي اندر ۾ محبت جو مچ مچايو. حب ڌان چڙهيا سو ”ڪالاچي“ مٽي گهگهر جي نئن واري ڀيڻي تي پهتا، جتي پاڻيءَ جا تلاءَ ۽ باغ بستان هئا. پريان ڀنڀور هاڻي ويجهو هو، پر جيئن ته سج اچي لاهو ٿيو هو، سو صلاح بيٺي ته تلائن مان تڙ ڪري، تيل ڦليل ڪري، ساٿ سينگاري پرڀات جو سوير هلي ڀنڀور جي بازار کي کٿوري جي هٻڪار سان واسجي، جيئن گهڻي ۾ گهڻي خوشبو ٿئي ۽ سسئي کي به خبر پوي.

گهگهر جي نئن جيڪا مٿان پهاڙين سان وهي سامهون سمنڊ طرف هيٺاهين ۾ لهندي هئي، تنهن اتي گاهه گلزاري جا رنگ لائي ڇڏيا هئا. سهجان نالي صورت وند سوناري اتي جي سانئڻ هئي، سا قافلي جي اچڻ تي اٺن جي ڪڻُڪ ۽ ٽلين جو آواز ٻڌي پڇا ڪرڻ لڳي ته: ڪٿان جو سوداگر آهي؟ ساٿ جي انوکي سٽاء ڏسي چيائين ته: اهڙيءَ جوڙجڪ سان قافلو ڪڏهن ڪونه ڏٺوسين. جڏهن معلوم ٿيس ته ڪيچ ڌڻي پنهون ڄام جو ساٿ آهي جيڪو ڀنڀور ٿو وڃي ته سندس دل ڀرجي آئي. پنهون جي ڳالهه اڳ مشهور ٿي چڪي هئي، سو جڏهن سهجان جي نظر پنهون ڄام تي پيئي ته امالڪ دل ڦرائي ويٺي: سوچيائين ته پنهون ڄام کي ڪنهن پر رانئي رهائجي، پر هتان وڃڻ نه ڏجي. سو عاجزيءَ سان چيائين ته: اڄ رات منهنجي مزماني کائي پوءِ اڳتي وڃو. پنهون چيس ته: هتي اسان جي اٺن جو چارو ڪونهي، تنهن کانسواءِ اسان کي اناج سان ساٿ ڀرائي وري ورڻو آهي. تڏهن سهجان چيس ته: جي رات جا چار پهر مون وٽ رهڻ قبول ڪرين ته تنهنجي ماڻهن کي مهماني کارائينديس ۽ اُٺن کي پنهنجي مينديءَ جي باغ ۾ ڇڏينديس ته ڀل چري ڍؤ ڪن. باقي تنهنجو ساٿ سو به ٻاجهر، جوار ۽ مڱن سان هتي ئي ڀرائي ڏينديس، پوءِ اڳتي وڃڻ جو ڪهڙو ضرور! پر پنهونءَ کي ته ڀنڀور جي لوري لڳل هئي، سو چيائين ته؛ اهو اَن اسان کي نه کپي، اسين ڀنڀور شهر مان چانور ڀرائينداسين. پر سهجان ڇڏڻ جي نه پئي ڪري، تڏهن لاچار ٿي پنهونءَ ٻاٻيهي کان پڇيو ته: ٻاٻيها! ڇا ٿو چئين؟ ٻاٻيهي ڏٺو ته جي ٿو پنهون هتي ٽڪي ۽ هتان ئي قافلو ڀرائي پوئتي موٽي ته هوڏانهن ڀنڀور ۾ جيڪو ساٿ اِجاري ۾ ڇڏي آيو آهيان، تنهن جو ڇوٽڪارو ڪونه ٿيندو، تنهن کانسواءِ سسئيءَ وٽ به ڪوڙو ٿيندس. سهجان به تمام سهڻي هئي ۽ پنهون جي دل ڏانهن هرکيل ڏسي، اٽل ڪري چيائين: پنهون! سهجان سکڻي ڀينگي آهي، وٽس ڪجهه به ڪونهي ۽ قرضن جا ڪوٽ چڙهيل اٿس... هتي جا واپاري سڀ ڦري ڇڏيا اٿس؛ هل ته ڀنڀور هلون، هتي ترسڻ اجايو آهي!

سهجان پاڻ سهڻي هئي، ويتر سندس نازن نخرن ۽ منٿن ميڙن پنهونءَ کي موهي وڌو هو، سو چيائين ته: ٻاٻيها! ڀنڀور کي به اچي رسيا آهيون... مهماني کائي، صبح جو سوير هلنداسين. پنهون جو راضپو ڏسي ٻاٻيهي کڻي ماٺ ڪئي ۽ پنهونءَ ساٿ کي منزل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

سهجان يڪدم ست رڇيون رڌائي پنهونءَ جي ساٿ کي ماني کارائڻ جو حڪم ڏنو، پاڻ  طعام کڻائي اچي پنهون کي پنهنجي هٿن سان ماني کارايائين ۽ وڏيون ڪرنشون ۽ خاطريون ڪيائين ته جيئن پنهون جو مٿس راز ٿئي.


هن ڳالهه جو مدار ”سسئي پنهون“ جي نثر توڙي نظم جي مختلف روايتن ۽ جدا جدا سگهڙن سان ڪيل ڪچهرين ۾ مليل ٽاڻن ۽ اهڃاڻن تي آهي.

([1]) تحفة الڪرام موجب: ”ڀانڀرا واهه“ ۽ پانڌي پنهور جي روايت موجب: ”شهر مصر.“

([2])تحفة الڪرام موجب ”تانيه برهمڻ“

([3])  تحفة الڪرام موجب

([4])سانوڻ جو بيت

(2)سانوڻ جو بيت. سگهڙ جاڙي خان مري جي روايت موجب: ”مهينو ۽ ڏهه ڏينهن، هئي حوالي سير جي.“

(3)  تحفة الڪرام موجب ”منيهه“، يا ڪن جي چوڻ موجب ”لار.“

(1)  تحفة الڪرام جي روايت موجب: ڪن شاگردن پيتي لڙهندي ڏٺي اها ڪڍي آڻي ڌوبيءَ کي ڏنائون.

(1)  تحفة الڪرام: ان زماني ۾ ڪيچ مڪران جا قافلا واپار سانگي سنڌ ڏانهن ويندا هئا، جن وڃي سسئي جي سونهن جي خبر پنهون سان ڪئي. پوءِ پنهون قافلي وارن جو ويس پهري ڀنڀور پهتو.

(1)  شادمان نوحاڻي: تن ڏينهن ۾ ڀنڀور ۾ سسئي سامائي، جنهن جي حسن جي هاڪ ملڪان ملڪ هلندڙ هئي. پنهون سسئي جي سونهن جي ساراهه ٻڌي ٻاٻيهي کي سڏيو ۽ چيائينس ته ڀنڀور شهر ۾ سسئي ٿي ٻڌجي، سا وڃي ڏسي آءُ. ٻاٻيهو کٿوريءَ جو بار ڀري ڀنڀور ڏانهن روانو ٿيو.

(2)   ٻي روايت موجب: سسئي ٻاٻيهي جي سونهن جي هاڪ ٻڌي، پاڻ وکر وٺڻ جي بهاني سان وکار ۾ آئي ۽ ٻاٻيهي کي ڏٺائين.

(1)  ٻيءَ هڪ روايت موجب: ٻاٻيهو پاڻ ڪونه آيو پر خط لکي قاصد هٿان پنهونءَ ڏانهن موڪليائين ۽ لکيائين ته: ”قافلي جي سنگ ۾ جهلجڻ ۽ ان کي ڇڏائڻ جو بهانو ڪري، کٿوري جو ساٿ ڀرائي هليو اچ.“

(1)  محمود شيخ

(1) ”ڪانهري“ ٻيلي جا ڦٽل نشان لس ٻيلي جي ”لياري“ واري علائقي ۾ موجود آهن. هڪ روايت موجب سهجان سونهاري پنهون کي اتي ملي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org