سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :12

 

 

50- ڦاٽا ڇنا ڪپڙا، تڙ تي تَهه ڪري
سڀڪنهين جي وچ ۾، ٿو دانَھ مُهر ڌرِي

 

51- وٽ ڏيئي کوڙ ڪري ، ٻڌي ڳنڍ ڌرِي،
ماڻهو مڙي آئيا، ٿو ڇوڙي تت ڀري
لٽا وٺي ويا جاءِ تي، سڀڪو گهر وري
ڦاٽا پٽي جان ڏسن، آهي مُهر ڌري
ڏسي زر زري، ڪنهين ڪُڇو ڪينڪي.

 

52- تڏهين پنهل ڄام مؤن، لاٿائون به گمان
تنهن کان پوءِ پنهل کي، ٻي ڪار ڏسن ٿا ڪانه
مارک ۽ ديوان کي، جوڌي چيو جوان
منهنجي منصوبي جي، ڪجو ڪل ڪنهين سان ڪانه
ڊوهي اَٿو خداءَ جي، ڪجو نه بات بيان
قدر قليلي ڏينهڙا، هت خوشيون گذاريان خان
سسئي چيو ڄام کي، هاڻي ڇڪ تون سڱ سُجان
هيڪر چئج زبان، پوءِ ڏس انصاف اسانهنجا.

 

53- پنهل سڱ ڇڪائيو محمد کٽيءَ گهران
تنهن وڃي پنهنجي ڌيءَ کي، سڻايو سخنان
آءٌ راضي آهيان جي راضي ٿئي پيءُ ماءُ.

 

54- نَو سؤ ناريلن جا، ٻيا ڏهه سؤ ڏونگهين
مُوڙو چِٽي ڄام کي، آڻي پاند وجهن
سسئي پنهونءَ پاڻ ۾، وهانءُ ٿا به ڪن
دهل دماما نقريا، واڄٽ واهه وڄڻ
آڻي ٽارو کوڙيو، ٽاري ٽئونر لڏن
ڪرڳل قرناين جا، گهورون گهوٽ وجهن
پانَھ چاڙهي پالڪيءَ آندائون لال مٿي لانئن
سهاري محبوب جي غصا غم وڃن
سڄڻ گڏيا سڄڻين، سي کليو کير پين
گانيون، گهوڙيون، ٻانهيون، ڇوڙي وڳ ڏين
مال خزانا مُهرون، حلقا هلائين
(1)
آڻيو ڏاج ڏين، پٽ پٽيهر بافتا

 

55- ٻاٽي گذريس ڏينهڙا، پرئي پُڄاڻا
قاصد آيس ڪيچ ڏهُون، لهڻ سُڌ سما
آريءَ ڄام اِها لکي، حقيقت حالا
کٽي سڏايئي پاڻ کي، ڪيئي ڪارو قبيلا
جن نپايئي ننڍڙو ڪري، سڪ منجهان سهجا
وساري ويهي رهئين، ماري تون پيءُ ماءُ
ڀينر ڀائر پانهنجا، ٿنين مٽايئي ساءُ
زالون ڏاڏي پوٽيون، ڏنئي تن کي وير وداع
هاڻي ٿئين اَصلا، کٽي شهر ڀنڀور جو.

 

56- خبر سڻي تنهن خط جي، ٿو نيڻين هاري نار
اَنگ اڳهين لکيا، صاحب رب رستا
ڪنھ کؤن مٽيا نه ٿيا، جي ڪم ڪيا ڪلتار
آهي تقدير جبار جي، مون تي ناهه ميار
منهنجو اچڻ نه ٿيندو، ساري سڀ ڄمار
مارک ۽ ديوان کي، ڏني موڪل مرد مڻيار
ويئي سا موٽي پوئتي، ساري سڀ قطار
ڪهي قابو ٿيا ڪيچ جي، دانَھ منجهه دوار
اچي آريءَ ڄام سان، هي ڪئي اخبار
پنهون آيو ڪينڪي، جنهن جي اٿيئي سار سنڀال
پئجي پٽ پِٿُون ٿيو، پُٽَ بنان دلدار
ماڻس به مستان ٿي، چري گهمي چؤڌار
زالون روُئن پنهل جون، ڪري اگهاڙا وار
ڪامل ڌڻي ڪيچ جا، آءُ اسان جا يار
ڀائر ڄام پنهونءَ جا، روئن زارون زار
مُنهن مورت جا مهڻا، ۽ صورت جا سردار
هوتي نوتي چَنري، هٿ هڻي ڪُٽيو ڪاپار
لڳندي باهه ڀنڀور کي، جنهن ڇني ڪيو ڌارؤن ڌار
روئي زارون زار، ڪيچي پَٽ ڪري پيا.

 

57- تڏهن روئي مارک کي چيو، اڳيئون آريءَ ڄام
تون هئين ڀاءُ اسانهنجو، ٻيا هئا گولا سڀ غلام
پنهون مون اوهان سان ڏنو، تنهنجي ساري سام
سام ڊُهائِي نه ڪجي، ڪجن سي ڪوڙا قتلام
آهيو سڀئي نمڪ حرام، جو پنهون ڇڏيوَ بَر ۾.

 

58- هوتو، نوتو، چنرو، آهر هليا الله
ٻٻر کنيائون پاڻ سان، ٿيا روانا راهه
مرد چاڙهيا مَهرين تي، ٿيا بانڪا بيپرواهه
نڪي ورمن واٽ تي، وڃن سنجهه صباح
ڪري ڪسوسون ڪاهه، ٿيا داخل شهر ڀنڀور جي.

 

59- ٿيا داخل شهر ڀنڀور جي، ڪَل پنهونءَ پيئي
ڀَڙ گڏيو ڀائن کي، ڳاٽُ ڳچيءَ ڏيئي
روئن زارون زار ٿا، سِڪ کؤن سڀيئي
هنن جون آهون ٻڌي ٿيا مَستي مڙيئي
پوءِ پيرين اچي پيئي، ڀاڄائي ڏيرن کي.

 

60- ڀائر ڏسي ڀاڄائيءَ کي، ٿا مرد ڳئين مصلحت(1)
آهي ڀاءُ اسانهنجو، هن واگهُوءَ جي وات
اسان ڏانهن اچڻ جي، هيءُ طلب نه ڪندو تات
ٻَڌي منصوبي سان، هوند رانول نيون رات
پرهه ڦٽيءَ پرڀات، هلو ڊوهِي لنگهي ڊوهه سان.

 

61- ڀاڄائي ڏيرن وٽان، وير ڪئي آهي ور
ڏسي آئي ڏيرن کي، دانَھ پنهنجي در
کائڻ جوڙائي کچڻيون، طعام چڱيري تر
قيما گهڻيون کچڻيون، ڪيائين سِيرا شربت سر
پاڪيزا پلاءُ ٿيا، ٻيا ڀوڳ جن جا ڀر
پانَھ پهرينءَ پَر، ڪيائين مهمانيون ڏيرن جون.

 

62- پُٽ آريءَ ڄام جا، اَرڏا هُئا ارباب
سنجهي تن پَڪُون ڪيون، ڪيائون گوشت ڪباب
توکي ناهه حجاب، ڀاڄائي ڏيرن جو.

 

63- ڏيان پيالا پنهل ڄام کي، زور ڪري ظاهر
معلوم نه ٿيو ملوڪ کي، هن جو ريب مڪر
ڪيف وٺي کيئو ڪيو، ٿيو بانڪو بيخبر
اُٺ پلاڻي آئيو، ٻانهو تت ٻٻر
کڻي چاڙهيائون خان کي، ويا دُرس لنگهائي در
هيڪر ڪِريو اُٺ تؤن، پوءِ ٿيڙو مڙس سڀر
هوتي کنيو هوت کي، ڀَڙ پائي ڀاڪر
واري وڌائون اُٺ تي، ٻَڌي ڪامل سو به ڪڪر
(1)
دُرس کڻي ويا دوس کي، مرد ڇڏائي مڙهه
دم تنهن دلاور، ٻهڳڻ ڄام ٻڌي ويا.

 

64- ٻهڳڻ ڄام ٻڌي ڪري، خوش آندائون خان
نڪي ڪنهن سان گڏجي، هو صورت وند سُجان
سي جي لٽا ڦاڙي پانهنجا، هو مرد ٿيو مستان
سو پانَھ پاڻي نه پئي، نڪي کائي نان
ويتر آريءَ ڄام کي، اندوهه ٿيو ارمان
ٻَڌي جُنگ جوان، نيئي قيدن ۾ قابو ڪيو.

 

65- هُت آڌيءَ رات اُٿي ڪري، ٿي سسئي کي سار
هوت نه ڏسي، هنڌ تي، سا ٿي رڙ ڪري ويهار
سو جي ڊوڙيو دانهون ٿي ڪري، ور ري پٽي وار
ڙي، ڏي سڏ مونکي پرين! منهنجا هوت حياتيءَ دار
نه ته مري وڃان مان مُور ٿي، تو بنان تڪرار
سختيءَ ويل سڪرات جي، اچي مصري وجهه مختيار
نه مون مائٽ مٽ آهي، نه مون ڀاءُ ڀتار
نه مون پيڪا پانهنجا، جنهن کي سور هوندو سردار
منهنجو ڪونه ڪو تو ري وَر ڪندو واهار
سا سِرَ تي، هڻي قصد مؤن ڪاپار
مڙيا ماڻهو شهر ڀنڀور جا چَئينِ ڪُنڊين چؤڌار
(2)

 

66- ساجهر نهاري سسئي، ته محب نه مَهاري
ڏٺائين ڏيرن جا اُٺ نه اوتاري
نَيُون نهاري، سڄر پير پنهونءَ جا.

 

67- رويو رت ڦڙا، ڪر ٿِي ڇپر ڇاٽاري
شيشا لال گلاب جا، هئي هئي ڪيو هاري
(1)
سا گهايل ڪيئن گهاري، جنهن جو جانب جت وٺي ويا.

 

68- سرتين سسئي کي چيو، ڇو کِيئو ڪيئي خواب خمار(2)
اڙي! جاڳئين نه منجهؤن جار، تنهن لاءِ هوت

 

ڪري ويا هيتري.

ورندي سسئيءَ جي:

69- آيم عجيبن ڏهون، ڪاڪيون ڙي ڪا ڪا
ٻوليون ٻولين پاڻ ۾، سرتيون ڙي سا ڪا
مون نه پروڙي تن جي مَن سندي ملڪا
هُيَن اندر جا ڪا، ويا پڄائي پانهنجي.

 

70- هو ٿا پلاڻين، منهنجو هينئڙو ٿو هيڻو ٿئي
تنگ، مهارون، توبرا، بيٺا جَت جڙين
نال پنهون ٿا نين، ٻاروچي ٻولي ڪيو.

 

71- هُو جي اچن ٻه ڄَڻا، ٻئي لال جواڻ
اٺن ڳانا پٽ جا، مٿن لال پلاڻ
مون ڀانيان مهماڻ، پر پنهل وٺڻ آئيا.

 

72- ڏير ڏٺا هئم ڏينهن جو، اچي مون اظهار
تڏهن تن جو طعام نيئي، جوڙيم تسلى تڪرار
وَنگي اُٺ وارن سان، ڪيم ڪين قرار
اَڙي ڀينر! مون به ڀتار، ويم نهوڙي ننڊ ۾.

 

73- دعا ڪجو دوس کي، پٺيءَ جا پُوندياس
جاڏي منهنجو محب آهه، سي لڪ ڏوريندياس
(3)
پير ڪندم تان پاس، لهنديس لال لڪن مؤن.

 

74- سُڃي وڃ مَ سسئي! چيلهه ٻڌي ڪر چاڪ
وؤڙج ور وڻڪار ۾، جيڪي وس پڄيئي واڪ
هارياڙي به فراق، متان مون تي نه پوين.

 

75- سُڃي وڃ مَ سسئي، ٿا نئن ۾ نانگ سڄن
گدڙ، بگهڙ، ڀولڙا، ٿا رڇ رهاڻيون ڪن
ڪارا نانگ نين ۾، اڳيان واڪا ڪيون ورن
ڏاڍا ڏينڀو ڏونگرين، ڪوراڙيون ڪَرڪن
وجهو ور وڻن ۾، لوهاريُون لڏن
تنهن کان پوءِ سُڄن، پکا پنهونءَ ڄام جا.

 

76-  ڪا مَ جَهلي ڙي، ڪا مَ پلي، مونکي ڀينر ڀيڄ ڀنيءَ
پير کڻي ڙي پٻ ڏسو، اوهين ڪيچ هلنديون ڪينءَ
ڪين نَهوڙيوَ نِيھ، نه ته سُڌيون سورن جون ڪريو.

 

77-  ڪا مَ هلي ڪا مَ چلي، مون سان سرتيون ساهيڙيون
گهوريا گهر پنهل جا آءٌ وينديس ڊاهي ڙيون
شال مَ لاهي ڙيون، مون تان پنهون پاند پناهه جو.

 

78- ڏونگ تون ڏاڍو، مونکي ڪندين ڪوهه؟
جي تون پاهڻ، پٻ جا، ته منهنجا لڱ اٿئي لوهه
جي منهنجو پنهل مون وٽ هوءِ، ته تون جبل ڇا جاڙون ڪرين!

 

79- ڏونگر منهنجي ڏک جو، توکي سڙيا ناهه سماءُ
ڪوسا لڳن ڪڪرا، ٻيو واڪا ڪري واءُ
هوت هلي تون آءُ، مون کان جبل جهاڳيو نه ٿئي.

 

80- چپر ۾ ڇو ٿي، تون هٿ کنيو هڪلون ڪرين
ڏيو وراڪا ويڙهه کي، تون ڪنڊن ۾ ڪوهه وڃين
جَت پڇين ڇو ٿي، تنهنجو ٿي هوت هليو ويو.

 

81- هارياڙي به فراق، تون متان مون تي نه پوين
آءٌ اڳيئي چيٺيان، جي مون چَڪن چاڪ
هاڻي تان مون واڪ، ڏونگر ڏوريو نه ٿئي.

 

82- آءٌ جبل ڇا سان ٽاڪيان، نه ڪوڏر نه ڪاتي
هڪڙي فوج فراق جي، ٻي پيرين پيادي
راند وٺي ويو ريب سان، مون سان جتن ڪئي بازي
حق ميڙيم هادي، ناحق گهوري نه آهيان.

 

83- پنهون پاڻ نه وڃڻو، جتن زور نيو
ڏيندو وراڪا ويڙهه کي، روئندو رت ويو
جن پنهون ڄام نيو، تن اُٺن ڳولي آهيان.

 

84- جڏهن پوندا پير پنهون جا، وسندا سڀ وٿاڻ
ويندا وهندا نڪري، غيرتون گمان
پنهنجن اُتي پاڻ، هوت ڌريندو  هٿڙا.

 

85- هوتن ڪين هنيانس، آءٌ هيس گهايل ننڊ جي
سِڪي جي هِن سيڻ ڪيا، سا معذور ڇو نه مئي
وَڌُو ڇو نه ڪُهي، ته هيڪاري هور لهي.

 

86- ڏنئي ڪونه ڏکيءَ کي، جبل صاف جواب
روئان رت گاڏئون، عينن منجهئون آب
جنهن جو نينهن نِياب پٿر سي پنڌ ڪنديون.

 

87- تارن ڀري راتڙي، هميشان هوندي
خبر هن جهان جي، مونکي پرهه ڦٽي پوندي
رند وٺي رڙهندي، ڏسي پير پنهل جا.

 

88- سرتيون سسئي سان هليون، ٻُڌي خبر کري
سسئي چيو تن کي، اوهين وڃو سڀ وري
ڦوڙائي جي به فراق جي، ٿي ٻُجهي ڳالهه ڳري
ڙي! متان اُڃ مَريِ، منهنجي پنهل کي پاراتو ڏيو.

 

89- ويندي وڻن کي ڏنيون، سسئي سکائون
پنهل آڻيان پاڻ ان، اَچان اِتاهون
وڻ وڻ واڌايون، ڏينديس ساري ساٿ کي.

 

90- سسئيءَ کي سورن جي، وڻ وڻ هيٺ ورونھ
واوَ وڃايس ڪپڙا، سِڪ وڃايس سونھ
موٽج ڄام پُنونھ، تنهنجي لَڪن لوڏي آهيان.

 

91- ڪري سٻاجها سڏڙا، لڪ چڙهي رِڻ روءِ
اينسدن پڇي خبرون، ويندين پيرين پوءِ
هيءَ حقيقت حال جي، وڃي پنهل کي چئجوءِ
توڙي هت نه هوءِ، ته به هوت نه ڪجن هيتريون.

 

92- هوت نه ڪجن هيتريون، جاڙون جوين ساڻ
آهي ننگ اوهان جو، ڄاڻا اندر تون ڄاڻ
پِٿُون ڪنديس پاڻ، تو ري جاني جبل تي.

 

93- ڪڪا اُٺ ڪيچين جا، ڪارا سندن ڪاپار
جتن ڇوڙي ڇڏيا، هاڙهي منجهه هزار
چرن چندن چوٽيون، ڀڃن مينديءَ ڏار
جن جا تون پڇين پار، سي لڪ سويلي لنگهيا.

 

94- ڇپِون ڇپر کٽ، آءٌ وير وهاڻا ڀانئيان
جتي پونديم راتڙي، تت مرِون ٿيندم مِٽ
تن سيڻ جي سهٽ، آءٌ ڏونگر ڏولي ڀانئيان.

 

95- اُٺ ويري، اوٺي ويري، ٽيجها ويري ڏير
چوٿون ويري سج ٿيو، جنهن لهي ڪئي اوير
پنجون ويري چنڊ ٿيو، جو اُڀريو ڪين سوير
ڇهون ويري ڏونگر ٿيو، جنهن پٿون ڪيم پير
(1)
هيءَ ڪميڻي ڪير، جا اَمر کي آڏو ڦري.

 

96- ٻاروچا ٻيا به گهڻا، منهنجو اَٽل آرياڻي
ٿڪيءَ کي به ٿرن ۾، پهچائي پاڻي
وندر وڪاڻي، تنهن جو موٽڻ مُورؤن نه ٿئي.

 

97- بي بي برِهه بلوچ لئي، تهدليون تڪرار
جا اُڃ اُسٽ ماندي ڪئي، سا روئي زارون زار
اڳيئون ايلپنهوهار، رهزن گڏيس راهه تي.

 

98- تڏهن ڪيائين سوال سميع کي، منهنجا ڏيهه ڌڻي ڏاتار
رکين پاڪ پناهه ۾، تون اڄ کؤن ايلپنوهار
ڏئيم زمين هنڌ، آءُ لِڪان، صاحب ربّ ستار!
تڏهن ڀونءَ ڦٽي ڦاڪون ٿي، ڌٻي ڌارون ڌار
تنهن ۾ پئي سسئي، ڏياريس جاءِ جبار
وڃي هندوري وچ ۾، ويٺي ٽيڙي وار
ڀُون گڏجي، ڀُون جهڙي، ٿِئي بروبار
بيٺي بدوءَ ٿي ڏٺا، تنهن آگي جا اسرار
ٻڌي لوڙهه مٽيءَ جو، ڇڏيو ٻاهرؤن ٻڪرار
قدرت سان ڪلتار، ڏياريس جاءِ جنت ۾.

 

99- چوٿين مهني چاهه مؤن، ڪڍيو پنهون قيد منجها
راڄ پُڇو تنهن راوَ کان، چَئيِ اها مرد مُنها
آءٌ هت ٽڪندس ڪينڪي، ويندس تنهن ماڳا
لهان سڌ سماءُ، پانَوَ پنهنجي پرينءَ جو.

 

100- هوتو، للو، ڄام پنهونءَ، ورنَھ کنيا واهه
مرد چڙهيو مهريءَ تي، بانڪو بي پرواهه
موٽيو شهر ڀنڀور ڏي، ٿيو چريو منجهئون چاهه
عارف چوي، اوڏهين، ڪيو ڪامل وڃي ڪاهه
اڳيؤن نيڪ نگاهه، آيس لوڙهه لڪن ۾.
101- لَلا! اُٺ جهليج، آءٌ زيارت ڪريان هن لوڙهه جي
(1)
اڳي نه هو ڪو اُتهين، ڪنهن کان ڪر ڪڍيج
ثابت مون سليج، ته هي آهي ڪهڙو آدمي.

 

102- تڏهن ڄام پڇيو تاتهين، اڳيؤن اُتو ايلپنوهر
ته جوءِ وڏي جنسار هئي، ووڙي ڪارڻ ور
پيهي ڌرتيءَ ۾ ويئي، اِتي جا اپڇرَ
نالي سا سسئي هئي، سوڌي زال سَڀر
تڏهن پنهل ڪريو اُٺ تؤن، ٻڌي خان خبر
ڌوٻي گڏيو ڌوڙ ۾، ويڙيس سُڌ سڀر
آهون ۽ دانهون ڪري، ٿيا ڪرڳل ڪوراهر
مرد رُنو محبوب لئي، ٿيا جالارا جَر
آهه ڪڍي، تان جبل جلي، ماٺ نه مچَ مگر
جبل تنهن جي جوش کؤن، ڏڪن ٿا ڏونگر
سِرن کي ماتام ٿيو، ٻڌي هن جا هُل حشر
پکين سُور سرير ۾، پسي عاشق کي اپڇر
عاشق جي به احوال جي، ٻيو ڪير لهي ڪَر
(1)
ڪري وضو قبر تي، آيو الله آهر
آهي ڪا جاءِ اسانهنجي، منهنجا پرين؛ تو وٽ پر
سسئي سڏ ڪيو، هي دُرس ويو منجهه در
سسئي پنهل گڏ ڪيا، تنهن پاڪ ڌڻي پرور
ڏيهه ڌڻي ڏاتر، تنهن جو مولى ميڙائو ڪيو.

 

***

 

پنهل! آءُ پيهي، سوڙهي ڀانءَ مَ مَنَهين
اندر باغ بهاريا، ٻيا ميوا منجهيئي
اُٺو نور نبيءَ جو، ٿيا سرها سڀيئي
ڪيچ خبر پئي، پنهون پرين سان مليو.

 

ـــــــــ


(1) خ: موجب ٻي پڙهڻي: مال خزانا مڏيون، مڻيا موڪ ملين.

(1) خ: ٿا مرد ڪهن هيءَ بات.

(1)  خ: موجب ٻي پڙهڻي: ٻڌي وڌائون اُٺ تي ڪوپو قدآور.

(2) خ: چئين ڪنڊين چوڌاري، مڙيا ماڻهو شهر ڀنڀور جا.

 

(1) خ: موجب ٻي پڙهڻي: هنجون حيرت گاڏيون، هئي هئي ڪيو هاري.

(2) خ ۾ هن بعد سٽ: جئن اساري ٿئين اڀاڳ لئي، نيڻ نه هيريئي ناز.

(3) خ: موجب هن بعد: ووڙڻ سان وس ڪري، ڪيچين ڪاهندياس.

(1) خ: ڇهون ويري واءُ ٿيو، جنهن لٽيا پنهونءَ جا پير.

(1)  پهرئين ڇاپي ۾ هن بيت جي فقط پهرين سٽ آهي، باقي ٻه مصرعون ڇاپي ٽئين تان ورتل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org