ــ
روايت
[1]
*
تحفة الڪرام ۾ ڏنل ڳالهه جو متن
”تانيه“ نالي هڪ برهمڻ ”سنڌر“ نالي پنهنجي زال سان سکيو ستابو،
”دلو راءِ“ جي حڪومت ۾، ”ڀانڀر واهه“ (برهمنا باد)
۾ رهندو هو. هو ٻئي فرزند جا طالب هئا. ٿوري وقت
کانپوءِ انهن کي هڪ اهڙي ڌيءَ ڄائي، جنهن جي حسن
تي چوڏهينءَ جو چنڊ به ريس ڪري رهيو هو. اتفاقاً
سندس طالع ۾ ڏسڻ تي معلوم ٿيو ته هوءَ هڪ مسلمان
جي زال ٿيندي. آخرڪار ڌرم جي ڪار کان بچڻ خاطر
ڦٽيل دل سان، انهيءَ ”دُرِ يتيم کي صندوق جي صدف
(سپ) ۾ رکي، درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيائون. اتفاقاً
انهيءَ صندوق کي پاڻي ”ڀنڀور“ ڏانهن لوڙهي کڻي
آيو. انهيءَ شهر ۾ ”منيهه“ ۽ ڪن جي چوڻ موجب ”لار“
نالي هڪ ڌوٻي رهندو هو، جنهن کي پنج سَؤ شاگرد
هئا؛ پر ٻار ڪونه هوس. صندوق جڏهن شاگردن جي اڳيان
اچي لنگهي، تڏهن هو اها استاد وٽ کڻي ويا. کولڻ
تي، قدرت جي برج مان هڪ چنڊ اڀري پيو. سندس نالو
”سسئي“ (چنڊ) رکي، کڻي پنهنجو ٻار بنايائين. هوءَ
جڏهن جوان ٿي، تڏهن سندس محبت جي نشتر سڀ ڪنهن
سهڻي جي دل ۾ چڀي ويئي، ۽ جنهن به کيس ٿي ڏٺو، سو
سندس خريدار ٿي ٿيو: اڪثر ماڻهو سندس عشق ۾ دل
ڦرائي ويٺا، ۽ جتي به ويهندي هئي، اتي سندس چوڌاري
ڪَتيءَ وانگر حلقو ٻڌندا هئا، ۽ سندس شوق ۾ پکيءَ
مثل اڏامندا هئا. انهيءَ زماني ۾، ڪيچ ۽ مڪران جا
قافلا واپار لاءِ هن پاسي ايندا هئا، جن وڃي هن
چنڊ جي ٽڪر جي خبر ڪيچ جي حاڪم جي پٽ ”پنهون“ وٽ
پهچائي. هو ٻڌڻ سان دل کسائي ويٺو، ۽ قافلي وارن
جو ويس پهري ڀنڀور ۾ آيو، جتي سسئي کي ڏسي، دل هٿن
مان نڪري ويس. نصيب چڱو هجڻ ڪري، طالب کي پڻ مطلوب
جي دل ۾ جاءِ ملي؛ ۽ وصال جي اميد ۾، هن جي پيءُ
جي شاگردي اختيار ڪري، ڌوٻيءَ جو لباس پهريائين.
(هن وچ ۾ ڪيئي احوال آهن، جن جي بيان کان طوالت جي خوف کان واڳ
ڦيرايون ٿا.)
قصو ڪوتاهه-سسئ،ي پنهونءَ تي گهڻو مفتون ٿي پيئي، ۽ جيئن رسم
آهي. هڪڙيءَ سوناريءَ عورت پنهنجي مطلب خاطر، هنن
ٻنهي طالب ۽ مطلوب کي ڦٽائڻ جي فڪر ۾ پئجي،
پنهونءَ کي غيرت ڏياري، سسئيءَ کان رنجيدو ڪري
وڌو. هوڏانهن سسئي جا عشق ۾ سچي هئي، تنهن پاڻ کي
باهه جي مچ مان خالص سون وانگيان پاڪ ۽ صاف ٻاهر
ڪڍي ڏيکاريو، جنهن تي سڀ ماڻهو عبرت کائڻ لڳا.
ٿوري وقت کان پوءِ طالب (عاشق) جي مطلوب (معشوق)
سان سهڻي نموني سان شادي ٿي. هوڏانهن پنهونءَ جي
پيءُ هن حال کان واقف ٿي، ٻين پٽن کي چيو ته:
”ڪيئن به ڪري انهيءَ دل ڦرايل کي وٺي اچو.“ هنن
اچي پنهونءَ سان ملاقات ڪئي ۽ مهمان ٿي، رات جي
وقت سسئي کي بي خبري جي حالت ۾ ڇڏي، پنهونءَ کي
ڪڙَي اُٺ تي سوار ڪري، پنهنجي ملڪ روانا ٿي ويا.
سسئي پوئين رات جو جاڳي، ته پنهنجي بخت بيدار جو
ملڪ ننڊ جي لشڪر هٿان لٽيل ڏسي، بي اختيار ڪپڙا
ڦاڙي، اڪيلي ئي اڪيلي پنهنجي محبوب جي پويان پئجي،
شوق جي قدم سان سخت ڏونگر ڏورڻ لڳي. اٽڪل چاليهه
ڪوهه پنڌ ڪري چُڪي، ته اڃ کان بيتاب ٿي ڪري پيئي،
۽ جيئن ڪو ماڻهو سڪرات جي وقت، زمين تي ڇڙيون
هڻندو آهي، تيئن زمين تي پير مهٽڻ لڳي. خدا جي
قدرت سان، زمين ۾ پاڻي سان ڀريل هڪ تلاءُ پيدا ٿي
پيو، جنهن مان پاڻي پي تازي تواني ٿي. معتبر ماڻهن
کان ٻڌو ويو آهي ته اهو تلاءُ اڃا پاڻيءَ سان ڀريل
رهندو آهي، ۽ کڻي ڪهڙا به ڏڪر جا سال ايندا آهن،
پر اهو ڪنهن به وقت خشڪ نه ٿيندو آهي. هن واقعي
کان اڳ ۾ سسئيءَ رات جو ميندي لاتي هئي ۽ دستور
موجب جيڪا ٽاري مينديءَ جي هٿ ۾ ڪري ستي هئي، سا
سجاڳيءَ کان پوءِ به هٿ ۾ هيس، جا پاڻ سان کڻي
نڪتي هئي، سا انهيءَ تلاءَ تي پوکيائين. قدرت سان
انهيءَ ٽاريءَ مان سرسبز وڻ ٿيو، جو اڃا تائين ان
دل ڦٽيل جي يادگار طور قائم آهي.
قصو مختصر- تازي تواني ٿيڻ کان پوءِ سسئيءَ اتان اڳتي ڪاهيو ۽
اٽڪل ڇهه ست ڪوهه ٻيا به جبل جو رستو جالي ويئي
تنهن کان پوءِ وري اُڃ ۾ مبتلا ٿي. اتفاقاً هڪڙي
ڌنار پريان ڏسي، منجهس لالچ جي نظر وجهي، ويجهو
اچي کيس پاڻ وٺي وڃڻ چاهيو؛ جنهن تي سسئيءَ هڪل
ڪري چيس ته: ”اي بي انصاف! مان اڃ کان بيتاب
آهيان، ۽ تون منهنجي ڪڍ حيران آهين! توکي پهريائين
ته مون کي ڍؤ ڪرائڻ گهرجي.“ ڌنار تڪڙو تڪڙو ڌڻ ۾
ويو ته هن لاءِ ڪجهه کير ڏهي، کڻي اچي. هيڏانهن
سسئي، جا يار جي ڏسڻ کان نااميد ٿي چڪي هئي، ۽ پاڻ
کي ههڙيءَ مصيبت ۾ مبتلا ٿي ڏٺائين، دل جي درد مان
الاهي درگاهه ۾- جو ئي بي چارن جو چاره ساز آهي.
ٻاڏايو، انهيءَ غول بيابانيءَ کان پناهه گهري.
الله پاڪ جي قدرت سان جبل ڦاٽي پيو، ۽ جيئن لعل
پٿر ۾ هوندو آهي، تيئن انهيءَ دل ڦٽيل کي به پٿر
جي دل ۾ جاءِ ملي، باقي عام ماڻهن جي عبرت ۽ محبوب
کي ڏسڻ لاءِ، سندس چادر جي چنج ٻاهر رهجي ويئي.
ڌنار کير کڻي آيو ۽ اچي ڏٺائين، ”قدرت الاهي جو
تماشو“ ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ رسم موجب قبر جي نشانيءَ
لاءِ پٿرن جو لوڙهه ٺاهي ڇڏيائين.
عشق ۽ محبت جا ڦٽيل هن طرح ڳالهه ڪن ٿا، ته جڏهن پنهونءَ کي
ڪَڙي، پيءُ وٽ کڻي ويا، تڏهن هو اتي ايترو ته
بيقرار ٿيڻ لڳو، جو پڻس کي اچي سندس مرڻ جي ڊپ
ورايو؛ ۽ لاچار ٿي سندس ڀائر وري به ساڻس گڏ
ڏنائين ته، ڪيئن به ڪري سندس محبوب کي پڻ وٺي
اچو.“ موٽندي، سسئيءَ جي قبر وٽ پهچي، تازا نشان
ڏسي، پنهون حيران ٿي بيهي رهيو. اندر جي ڇڪ کيس
محبوب جو پتو ڏنو. ظاهر ثابتيءَ خاطر احوال جاچڻ
لڳو. اوچتو مٿي ذڪر ڪيل ڌنار وقت تي پهچي، سربستو
حوال ٻڌايس. جنهن تي پنهون هڪدم اٺ تان لهي، ڀائرن
کي چيو ته: ”ٿورو ترسو ته مان هن لوڙهه جي زيارت
ڪري وٺان.“ بس پوءِ ته پاڻ کي لوڙهه جي مٿان ڦٽو
ڪري، ڪريم ڪارساز جي درگاهه ۾ ٻاڏائي، محبوب جي
وصال جي درخواست ڪيائين ۽ جنهن صورت ۾ بي وسيلن جي
وسيلي جي درگاهه ۾، ڪنهن به اميدوار کي، نااميديءَ
جي صورت ڏسڻي ڪانه پوندي آهي، تنهنڪري قادر
باڪمال جي قدرت سان هڪدم جبل ڦاٽي پيو ۽ کيس به
جاڙي باداميءَ وانگيان هڪڙي ئي گل ۾ جاءِ ڏنائين.
نقل آهي ته ”اسماعيل“ نالي هڪ ملتان جو رهندڙ درويش هنن ٻن عشق
۽ عاشقيءَ جي ملڪ جي شهنشاهه جي زيارت لاءِ آيو ۽
پنهنجي اٺ کي پري ڇڏي؛ ٻنهي جي ديدار جي لالچ رکي
ٽي ڏينهن بک تي ويهي رهيو. ٽن ڏينهن کان پوءِ هڪ
پوڙهي عورت ڪجهه مانيون ۽ ٿورو پاڻي کڻي ظاهر ٿي.
درويش چيو ته:” جيستائين سسئيَ ۽ پنهون کي نه
ڏسندس، تيستائين هرگز ڪجهه به نه کائيندس.“ ٻڍيءَ
وراڻيو ته ”سسئي آءٌ آهيان، باقي پنهونءَ جي ڏسڻ
جي لالچ ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ ته زماني تي اعتبار ڪونهي.
۽ آءٌ اڳيئي ڏيرن جي ڏڌيل آهيان. هيءُ احوال بلڪل
دردناڪ آهي.“ درويش چيو ته مون کي پڪ ڪيئن ٿئي ته
تون سسئي آهين؟ ڇو ته سسئي نوجوان ۽ حسن واري هئي
۽ تون ٻڍي عورت آهين. خدا جي قدرت سان سسئي
اصلوڪيءَ جوانيَ ۽ جمال ۾ ظاهر ٿي ۽ چيائين ته:
”ٿورو کاءُ.“ درويش جواب ڏنو ته: ”توهان ٻنهي جي
ڏسڻ کانسواءِ هرگز ڪابه شيءِ نه کائيندس، اگرچه بک
۾ مري ويندس، ڇاڪاڻ ته مون اهڙو انجام ڪيو آهي.“
آخر گهڻي مبالغي ۽ قسم قسمات کان پوءِ سسئي قبر ۾
وڃي پنهونءَ کي چيلهه تائين ٻاهر ڪڍيو، ليڪن هوءَ
چنڊ جهڙي پاڻ به ”جوزا“ وانگيان کيس ٻنهي هٿن سان
ڀاڪر ۾ وٺي بيٺي، ته متان اڳئين وانگر ڪو کيس ڦري
وڃي.
مطلب ته انهيءَ طريقي سان ڪيترن صفائي واري بزرگن هنن کي ڏٺو
آهي. انهيءَ جاءِ تان اُٺ تي سوار ٿي لنگهندڙ لاءِ
چڱائي ڪانه ٿيندي آهي ۽ جيڪو وڃي سندس قبر تي
جاڳندو، ته باوجود يڪ اتي هن وقت ويراني آهي، هو
غيبي مهمان ٿي رهندو.
ــــــ
روايت [2]
سنڌ جي آڳاٽن شاعرن جي ڪلام مان اُهڃاڻ:
سسئي اصل ٻانڀڻ جي ڌيءَ هئي پر کيس کٽين پاليو
پريٽن پالياس، ٻانڀڻ ٻيٽي آهيان
حسن هوت پنهونءَ جي، ماري موت وڌياس
جانڪين تان جيندياس، پيس ور وصال جي.
]ڀٽائي
صاحب[
پنهون، قافلي تي کٿوريءَ جو بار ڀري ڀنڀور آيو
ڪيچان آيو قافلو، عطر آندائون
کٿوري خوشبوءِ سين، وڻ ٽڻ واسيائون
پسنديئي پنهون ڄام کي، وسريون وڄائون
خيما کوڙيائون، وريو بخت ڀنڀور جو.
]ڀٽائي
صاحب[
پنهون جي قافلي جي سُرهاڻ ڀنڀور واسي ڇڏيو
آئي بوءِ ڀنڀور کي، سُرهي منجهان ساٿ
بيٺا بازارين ۾، لائي جَت جبات
دران ديوارئين چڙهيو، ٿيون راڻيون ڪن رُئات
پنهون آندي پاڻ سين جهڙيائي جمات
اُٺن تان، عنات چئي، لٿي جاڙ جڪات
سندي هوت حمات، ڪيچ پهتو قافلو.
]شاهه
عنات[
سسئي کي پنهون جي سهڻي صورت موهيو
سُرهي منجهان ساٿئين، آئي ڀنڀورن بَنِ بوءِ
جتن جباتون لائيون، ڪِي هَلريَن هوءِ
کٿوري خرزينن ۾، کِين اِلاچي اُوءِ
سسئي اُت، سيد چئي، ريڌي پسي رُوءِ
اَن گولي آهيان گل بوءِ، تون سڃاڻج ساٿ ڌڻي.
]شاهه
عنات[
پنهون سسئي جي عشق ۾ ڌوٻڪو ڌنڌو اختيار ڪيو ۽ ڪپڙا ڌوئڻ لڳو، ان
وقت وٽس پيءُ جو قاصد آيو
گڏيو ڌوٻين ڌوءِ، پنهونءَ پارچو هٿ ۾
اُتي آريءَ ڄام جو قاصد آيس ڪوءِ
”اي ڪامل ڪم نه سندوءِ، جئن پهس پڇاڙيين پوتيين.“
]ڀٽائي
صاحب[
ڪيچين جو لباس
ڪيچان ڪيچي آئيا، رَتا مولهه مٿن
پيچ پٽڪن واٽِوان، جڙيا جوپ جتن
ٻاروچا معذوريون، ڪُهندي ڪهل نه ڪن
بغدي بلوچن، ڌاڙي ڪارڻ ڌاريا.
]خليفو
نبي بخش[
ڏيرسسئي وٽ مهمان ٿي آيا
ڪيچي ٿي ڪنين سُئا، ڏَسايا ڏيرن
آڻي اُٺ جهيڪئا، مَهرِي مهمانن
منهنجي اڳيان تن، شل وائي ونگي نه ٿئي.
]شاهه
عنات[
پنهونءَ جا ڀائر ڪنهن کي به انت نه پيا ڏين
ڪيچان ڪيچي آئيا، ويري ٻئي ورَن
ميَا پنهنجي مامَ جي، ڪنهن سان ڳالهه نه ڪن
جيڪا اٿن مَن، پوري ڪندا پانهنجي.
]خليفو
نبي بخش[
اڌ رات جو پنهون جا ڀائر، پنهون کي کڻي ويا
ڪرها ڪيچ قلات جا، شتر سينگاريا جن
پههُ ڪيائون پاڻ ۾، ڇيريون ڇوڙيون تن
متان اوڏيءَ وير اُٺن ۾، ٽَليون ڪِين ٽمڪن
اُٿيو آڌيءَ رات جو، ٻُوٿين ٿا ٻڌن
مَڇُڻ سسئي کي سار ٿئي، بوتا ڪيِن ڀڀڪن
وٺي ور واٽ ٿيا، چاڙهي تي چانگن
ڪاهيائون، قطب چئي، بغدي بلوچن
مون گهر مانَ اچن، آهيان جن جي آسري.
]قطب
شاهه
[
سسئي صبح جو سجاڳ ٿي ۽ دانهن ڪيائين
وارو ور وٺي ويا، آريچا اظلام
آندائون آريءَ ڄام جا، پنهونءَ ڏي پيغام
پَههُ ڪيائون پاڻ ۾ مونهان مخفي مام
سنڀوڙا ساٿ ڌڻي، ويساهي وريام
ڪاڪيون رات قيام، جيڏيون جٺ ڪري ويا.
]ڀٽائي
صاحب[
سسئي، ڏيرن کي ڏوهه ڏنو
ڌريان ٿي ڌاريان، مِٽ مُئي جا نه ٿيا
مدي ڏيرن مَن ۾ کِليو کيڪارين
صبح ٿي ساريان، ته اُٺ نه اوطاقن ۾.
]ڀٽائي
صاحب[
سسئي پاڻ کي ڏوهه ڏنو ته سُمهي رهيس تڏهن هوت ويو
ووءِ ووءِ ويڙا نڪري، هاڻي هڻان هٿ
ستيس پير ڊگها ڪري، تيلاهه ويم وٿ
سپيريان جي سٿ، مُنڌ الاهي ميڙين
]خليفو نبي بخش بلوچ[
سسئي تي ساهيڙين حرف رکيو
اڱڻ مٿي اوپرا، جڏهن ڏاگها ڏٺئي ڏينهن
وٺي سَڙڪ سسئي، ويهه وهاڻيءَ سيئن
چوٽيءَ سين چانگن کي، جڙ زنجيرن جيئن
ته هوت تنهنجو هيئن، پنهون نيائون نه پاڻ سين.
***
اڱڻ مٿي اوپرا، جڏهن ڏٺئي توڏا
ونگيئي نه وارن سين، تن گورن جا گوڏا
ته لڪن جا لوڏا، هوند نه سٺئي سسئي.
]ڀٽائي صاحب[
سسئي چيو ته شايد اُٺن ۽ اوٺين جي سِٽ سٽيل هئي، تڏهن پلاڻن مهل اُٺ نه
ڪُڻڪيا
اڳي اُٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي
پلاڻيندي پاڻ ۾ ڪُڇيو ڪين ڪُٺن
ڪاجا مام مُٺن، هن پُڻ هئي هُن سين.
]ڀٽائي صاحب[
سسئي جي ڪيچين تي ميار ته مون ۾ ڪهڙي ڪمي ڏٺائون جو ڇڏي ويا
اڳي ايئن هياس، جئن پنهونءَ ڌوتم ڪپڙا
هاڻي ايئن ٿياس، جئن جت نه نينم پاڻ سين.
]ڀٽائي صاحب[
سسئيءَ جو خيال ته متان منهنجي (گهٽ) ذات جي ڪري مون کي ڇڏي ويا
لڄايا مونهان، ساجهر تي سيڻ ويا
پيينِ ڀنڀوران، سُڌ منهنجي ذات جي.
***
منهنجو پاڙيچن، ڪچَو ڪونه ڍڪيو
پاسي چڙهي پنهونءَ جي، ذات سَلتي جن
تيلان ٻاروچن، نِڌر ڇڏي ننڊ ۾.
]ڀٽائي صاحب[
سسئي کي سرتين پنهون جي پٺيان وڃڻ کان منع ڪئي
اچيو اچيو چُون، وُههُ، ويا تان گهوريا
سرتين سانگ سُکن سين، مون جئن رت نه رُونِ
اُو مَرُ ويٺيون هُونِ، مون ساڱاتُو سور ٿيا.
]ڀٽائي صاحب[
سسئي، پنهونءَ کان پوءِ به ڪي ڏينهن ڀنڀور ۾ گهاريا
سنجهي مون نه سنڀاليو، صبح ساريم سُور
جتن لاءِ ضرور، گهڻا گهاريم ڏينهڙا.
]ڀٽائي صاحب[
سسئي، پنهونءَ پٺيان وڃڻ لاءِ ڀنڀور مان نڪري ماءُ کان موڪلايو
ڀنڀوران ٻهَر ٿي، امڙ مون اُماڻ
مَڇُڻ ڪا رهاڻ، مُون تي موٽي مس ٿئي.
]ڀٽائي
صاحب[
سسئي سرتين کان موڪلايو ۽ کين موٽي وڃڻ لاءِ چيو
اَئين جي ورن واريون، وڃو سڀ موٽي
ڪانه هلندي ڪيچ ڏي، ڪَرِ هو مَ کوٽي
پوءِ مَ ويڇوٽي، اسان سين، عنات چئي.
]شاهه عنايت[
وريتيون! ورو، آءٌ نه ورندي ورَ ري
جاڏي هن جبل جو تانگهيندس ترو
جتن ساڻ ذرو، نينهن نبيرو نه ٿيو.
***
وڃو سڀ وري آئين جي ورن واريون
ڦوڙائي فراق جي، سُڄي ڳالهه ڳري
ٻُنڀان جن ٻري، ڏونگرن سي ڏورينديون.
]ڀٽائي صاحب[
سسئي جي وڃڻ جي واٽ (ملير نئن)
مٿي نئن ملير جي، ڏونگر مون ڏٺا
ڇيڪارا، ڇَنُن ۾، ٻيا ڪارا ريڇ ڪِٺا
پير لنگهئو سي پهڻين، پُون چَرُن منجهه چِٺا
مــــنجهـــــان هـــــوت مِٺا، ڪـــاڪَل ڪج قطب
چئي.
]قطب شاهه[
سسئي وڻن کان پنهونءَ جو ڏس پڇيو
اُڀي پُڇي ڏس، سسئي واٽ وڻن کان
گهوٽ گهرِندي مَس، آن ڪو ڏٺو ساٿ سان؟
]ڀٽائي
صاحب[
سسئي، جبل ۾ سڄو ڏينهن پنڌ ڪيو
پهرئين پهر پنهونءَ جا، گاذر پڇي گس
ٻپهرن ٻروچ جا ڏونگر ڏنا ڏس
ٽئي پهر پرين جي وؤڙي رسِي وس
چکيائين چؤڏول ۾، چوٿين پهر چس
”قاسم“ لٿا ڪَس، ڦوڙائي فراق جا.
]خليفو نبي بخش[
سسئيءَ کي سُڃ ۾ سج لهي ويو
ويو سِڄُ وڻن تان، راسيون ڏيئي رڱ
مون جنهين سين سڱ، سو ڪوهيارو ڪيچ ڌڻي.
]ڀٽائي صاحب[
سسئي، پنهونءَ جي پچار ۾ سڄي رات پنڌ ڪيو
برفتن جي بات، وندر ٿيس ويڙ ۾
ڏوري ڏِهه، عنات چئي، تڻڪ تئي لئي تات
روجهن گڏي رات، هوت پڇندي هب ۾.
]
شاهه عنايت[
سسئي نااميد ۽ بيوس ٿي خدا کي سوال ڪيو
الله آهيين تون، اوٺئين تان ايئن ڪيو
جيئڻ گهوريو جَت ري، مرڻ وس نه مون
ڀيڙي ڪري ڀُون، هوت نه هاڙهي هليا.
]خليفو نبي بخش[
سسئي ۽ پنهون مُئي کان پوءِ گڏيا
سسئيءَ جيءَ سِريءَ سان، ڪيچ ڌڻي ڪانڌي
پسڻ ڪارڻ پرين جي، سنڌ هئي ماندي
لڪن تان، لطيف چئي، آرياڻيءَ آندي
پنهونءَ پيراندي، نماڻيءَ نصيب ٿي.
]ڀٽائي صاحب[
|