سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :15

 

جواب سسئي جو پيءُ کي:

86- ڪير ڪاهي ويا ڪرها، ته به وينديس پٺيان ور
ڏيان باهه ڀنڀور کي، گهوريون کَٽُون گهر
وؤڙينديس وڻڪار جا، ڏوري سڀ ڏونگر
اُڏامي آريءَ ڏي وڃان پکي ٿي جيڪر
هوت وڃي هيڪر، اکين سان آري ڏسان.


سوال ماڻس جو سسئي کي:

87- اکين سان آري ڏسين، تون برهمڻ ڪهڙي ڀَت؟
پِرڀائي پَرٽ ٿي، ماڻس ڏيئي مَت
هو رات وٺي ويا ريب سان، پنهنجي وڃائي پت
توکي جَت جاڳايو ڪينڪي، ويا ڪيچي ڪري ڪُپت
سسئي ڪري ويهه سنگت، هاڻي هڪ جيڏين سان.

جواب سسئي جو ماڻس کي:

88- هاڻي هڪجيڏين سان، منهنجو ڪهڙو ڪم؟
ڏاج ڏيئي ڏير ويا گوندر ٻيو غم
دل جي درد وڃائيو عقل، مت، فهم
پير نه ڇڏيان پنهونءَ جو، جيسين حياتيءَ دم
موريو چوي،  مسڪين سان، قادر ڪر ڪرم
عقل، مت، شرم، پنهون کڻي ويو پاڻ سان.

 

89- پنهون کڻي ويو پاڻ سان، تان به سمجهه سياڻي
ماڻس چئي ماٺ ڪر، نه ٿي جيجل جوڳياڻي
ڪٿي ڏيندينءَ ڪيچي وڃي، اکين آرياڻي؟
رلي مرندينءَ روههَ ۾، هيکلي هاڻي
ويري آهن واٽ تي، ناهي پَٽن ۾ پاڻي
گدڙ، بگهڙ، ڀولڙا، کائني متان کاڻي
واٽ وندر وڃڻ جي، تون ڪا سسئي سڃاڻي؟
پَرٽُ نه سڳو پيءُ تو، جو هاڻي هليئي ساڻي
ناحق نماڻي، رلي مرندينءَ روهه ۾.

 

جواب سسئيءَ جو ماڻس کي:

90- رُلي مران روهه ۾، ڀانيان وڏو ڀاڳ
عشق وارن تي اصلي، ايهو لاڳاپو لاڳ
ڪري سور سُهاڳ، ڏير ڏيئي ويا ڏک جو.

سوال ماڻس جو:

91- هاڙهي وڃ نه هيکلي، دختر ڏيئي داڳ
هاڻي هڪ جيڏين سان، ڪر ريهاڻيون راڳ
هي ماڙيون وسائي ماڳ، دانَھ دختر ويهه تون.

سوال ماڻس جو ساهيڙيءَ پهرينءَ کي:

91- دانَھ دختر وِهي نٿي، تنهن کي سرتيون سمجهايو
منهنجي مَت مڃي نٿي، مون نازئون نِپايو
تڏهن پهرينءَ سهيلي چيس اَچي، سسئي ڇڏ سعيو
وڃ نه تون ويران ڪري، هيءُ آتڻ اَجايو
هُنن توکان هلندي آهي مُور نه موڪلايو
هاڻي پٺيان پنهونءَ جي وڃين، ڪهڙو مُنهن چايو؟
ڦِڪي ويهه فهم ڪري، توکي جَتَ نه جاڳايو
اَجل تو آيو، پٺيان وڃين ٿي پير جي.

جواب سسئيءَ جو:

92- پٺيان وڃان پير جي، ڀلي ڏسان ڀتار
سرتيون منهنجي سور جو، ناهي ڀيڻ ڪنهن تي بار
پٺيان وينديس پير جي، جيڪا ڪري ڪرتار
موريو چوي، مهر ڪندو، سچن ڏساڻ ستار
سرتيون پنهنجي سردار ري ساڙيان سڀ سينگار
وؤڙي پنهنجي وڻڪار ۾، دوست ڏسان دلدار
ڪنڊا ڀانيان ڪيچيءَ ري، ڀينر باغ بهار
ڪيچيءَ تان قربان ڪريان، گهوري هيءُ گلزار
والي ور ملائيندو، ڏيهه ڌڻي ڏاتار
اٿم هوت هنئين جو هار، جيئري جَت ڏسي مران.

سوال ٻيءَ ساهيڙيءَ جو:

93- ٻي سهيلي ٻانڀڻ وٽ، هلي آئي حور
اچڻ سان انهيءَ ڪئي، گازر مٿي گهُور
سسئي ويهه صبر ڪري، ڪيچي ڪري ويا ڪوڙ
جيئري توکي جدائي جا، ويا سسئي ڏيئي سور
پرٽ ڇڏي پور، هاڙهي وڃ نه هيکلي.

جواب سسئيِ جو:

94- هاڙهي رڃي هيکلي، اَديون ڏسان آري
هاڻي هڪجيڏيون، مونکي ڏيو مصلحت موچاري
ڪڏهين ٿئي ڪانه ڪا، وري ري ويچاري
اٿم اميد الله ۾، ڪندو صاحب ستاري
مُلڪ ڍونڍينديس محبوب لاءِ، هيڪر هيڪاري
ڏيندم دوست دلداري، اکين آري کي ڏسان.

سوال ٽينءَ سهيليءَ جو:

95- سهيليءَ سسئيءَ کي، اچي ٽينءَ هنيو طعنو
پنهونءَ جي پريت جو، ڇني ڇڏ ڳانو
ڪيچيءَ لاءِ ڪوهه ڪرين ٿي دل کي ديوانو
ڪيئي ويڙهو ويرانو، پٺيان پنهونءَ ڄام جي.

جواب سسئيءَ جو:

96- پٺيان پنهونءَ ڄام جي، وڃي ڪنديس وس
الله آريءَ ڄام جو، من ڪو ڏاتر ڏئيم ڏس
ويهڻ مون کي ور ري، اَديون آهه عبث
سرتيون منهنجي سور جو توهان کي ناهه ترس
اصل ڏينهن ازل جي، هيءُ لکيو سُور سرس
جيئري جانب يار جو، ڪيئن ڇڏيان آءٌ گس
سرواڻ سچائي سڻي، جاني چوندم جس
ڪيچي لاهيم ڪس. اوهين داديون دعا ڪريو.

سوال چوٿينءَ سهيليءَ سُکي نالي جو:

97- چوٿين چڙهي آئي، سري سسئي وٽ
سُکيءَ اچي شابس ڪيس: محبت مُور نه مٽ
پٺيان پوءِ پنهونءَ جي، سر به ڏجانءِ سٽ
عشق وارا اصلي هلي وڪامن هٽ
نڪري وڃ نروار ٿي، تون گازر ٿي نه گهٽ
پنهونءَ ڏانهن پرٽ، هلين تان هوت ڏسين.

جواب سسئيءَ جو:

98- سُکيءَ کي سسئي چيو: ادي الله توهار
کنيم سور سُکا ڪري، ڏنا جي ڏاتار
گهوري ٿينديس گهوٽ جي، الله جي آڌار
اکين آريءَ جي ڏسان، ڪنهن پر آءٌ قطار
پِٽي منهن پنهنجو، هلي ورنَھ ڇوڙي وار
هئي هئي هُل هنبسا ڪري، روئي زارون زار
الله لڳ آءُ هلي تون ڀوريءَ جا ڀتار
جيڪي ذات هيڻي ڏسي، جت ڇڏي وئين يار
ڏيان باهه ڀنڀور کي، دوست توکان ڌار
ڪڏهن ايندين ڪيچ ڌڻي، هوت هنئين جا هار
توتي محبوب ناهي ميار، آيم ننڊ نڀاڳ جي.

99- آيم ننڊ نڀاڳ جي، جدا ٿيو جاني
هنئين اندر هوت هنئي، تو قرب جي ڪاني
الله ڏيکاريم اکين سان، وري ڪامل ڪنعاني
پنهونءَ جو پاڻي ڀري، ٻانڀڻ ٿئي ٻانهي
دوست تنهنجي ديدار لاءِ، دل ٿي ديواني
نر نگهباني، ڪامل ڪندو ڪيچ جو.

 

100- ڪامل ٿيندو ڪيچ جو، سچن سان ساڻي
کڻي پير پنهونءَ جا، هلي سسئي سُڃاڻي
واهڙ ڪري وهي هليا، پَرٽ کان پاڻي
سسئي ڪري سڏڙا، آءُ اوري آرياڻي
هيءَ نڌو نماڻي، درد جون دانهون ڪري.

 

101- درد جون دانهون ڪري، وٺيو وڃي واٽ
ڪيچيءَ جي قطار جا، گهڙي نهاري گهاٽ
ڇوري چڙهي ڇپرين، لڳيس اُڃ اُساٽ
هلندي هوت پنهونءَ جا، ڪڻڪيا ڪين ڪنواٽ
ڳوڙهن ڀري ڳاٽ، سسئي ٿي سڏڙا ڪري.

 

102- سسئي ٿي سڏڙا ڪري، رڻ ۾ پيس رات
پنهون پنهون ڪري پَري ٻي وائي نه هيس وات
جيڪس جَت ڇڏي ويا، هيڻي هيس ذات
ڪُٺي قرب جي ڪات، درد جون دانهون ڪري.

 

103- درد جون دانهون ٻُڌي، آيا رڇ رڙي
گِدڙ، بگهڙ، ڀولڙا، ڏسي ڏکي ڪين ڏري
مِرون سڀيئي ماٺ ڪري، ويڙا، پوءِ وري
سسئي سوز  فراق جي، هئي سورن منجهه سڙي
جبل جلي خاڪ ٿئي، جي ٻُڌي جوش ذري
جنهن کي لڳي ميخ محبت جي، سا گهاري ڪيئن گهڙي
عشق آريءَ ڄام جي، چوري ڪئي چَري
جنهن کي لڳي جيءَ جَڙي، سا ڪيئن وهندي واٽ تي.

 

104- ڪين ويٺي واٽ تي، پنهونءَ کنيائين پير
آريءَ جي اُٺن جا، گهميو نهاري گهيڙ
ناحق نماڻي ڇڏي ويا ڏکيءَ جا ڏير
اوندهه ويل اوير، پَريءَ وڃايو پير کي.

 

105- پَريءَ وڃايو پير کي، روئي ۽ رڙي
جبل تي جولان کان، وڃو چست چڙهي
درد درماندي ڪئي، پِٽيو مُنهن مَري
آدم ڏٺو ڪو اوچتو، پَريءَ روءَ پري
ڌوٻڻ ڌيان ڌري، آئي پاس پنهوار جي.

 

106- آئي پاس پنهوار جي، اي ادا ٻڪرار!
هتان ويندي تو ڏٺي ڪا ڪيچيءَ جي قطار؟
ڏئينم ڏس ڏيرن جو، ڪو سائين لڳ ستار
ڌوٻڻ کي ڌنار، چوري چپ چڱو چيو.

 

107- چوري چپ چڱو چيو: ڪامڻ آهين ڪير؟
عورت آهين هيکلي، اوندهه جو اوير
ادا! اوٺي ٿي پُڇان، هئا ڏکيءَ جا ڏير
پريءَ ڏٺا پير، کڻي هلي خان جا.

 

108- کڻي هلي خان جا، هُن ٿي دل ۾ دغائي
ته مادر مون کي دعا ڪئي، سا آگي اگهائي
لال ڪنوار لعل ڏيندو، قادر تو ڪائي
ڀانيائين منهنجي ڀاڳ ۾، اڄ ايها آئي
بدوءَ بڇري اڳتي، وک ٿي وڌائي
پَريءَ جي پريان ڏسي ٿيو صورت سودائي
حراميءَ هن غريب ڏي، ڊوڙي ڊڪ پائي
ڪِي بدوءَ بڇڙائي، لرزو پيس لڱن ۾.

 

109- ڪيائين عرض الله کي، هٿڙا ٻڌي هيءُ
ته ڪونهي وسيلو ڪو ٻيو، نڪو ماءُ نه پيءُ
بدو ڏسي بڇڙو ٿيو سسئي کي سيءُ
پنهون آءُ مدد ڪري، منهنجو جاني ڪنبي ٿو جيءُ.
ڀاڱي ڀائي ٿيءُ، سورن ۾ سائين اچي.

 

110- سورن ۾ سائين اچي، هوت ٿئينم همراهه
پري ڪڍ پليد کي، ڪتو ڪري ٿو ڪاهه
پنهون آءُ پيرا ڀري، ٻيو ناهه وسيلو واهه
اکين آريءَ کي ڏسان، نا ته وڃي ٿو ساهه
اهڙو آهين الله، بدوءَ کان بچاءِ تون.

 

111- بدوءَ کان بچاءِ تون، ڏي زمين ۾ جاءِ
والي وسيلو ڪونه ٻيو صاحب تو سواءِ
مون کي محب ملاءِ، هادي ڏي هٿڙا کڻي.

 

112- هادي ڏي هٿڙا کڻي، سسئي ڪيو سوال
ته بچاءِ هن بدوءَ کان، ڪري ڀلائي ڀال
زمين هيٺان پير جي، تڏهن ڦاٽي في الحال
سسئي تنهن ۾ سمهي رهي، خورم ٿي خوشحال
زمين جهڙي زمين ٿي، اهڙو ذوالجلال!
چُنيءَ پاند ٻاهر رهيو، هڪ ڪپڙي جو لال
هيءُ بدو ٿيو بيحال، قبر پاس ڪِري پيو.

 

113- قبر پاس ڪِري پيو، بدو بي ايمان
سسئي شاهه بچائي، امن ساڻ امان
سچن ساڻ ساڻي ٿئي، سدائين سبحان
هاڻي ڪر بلوچ جو، بيان، جو ساٿي ساڻ وٺي ويا.

 

114- ساٿي ساڻ وٺي ويا، ڪري پنڌ پري
جوان جاڳيو ننڊ مان، ٿو نرتئون نظر ڌري
اُڇل ڏيئي اُٺ تان، ڪريو ظاهر منجهه ذري
ڏاڍا شوڪارا ڏک جا، خان بلوچ ڀري
هاڻي وريو خان وري، پنهون پيادو پوئتي.

 

115- پنهون پيادو پوئتي، جڏهن هليو جوان
سؤ سؤ  سسئي جا عاشق ڪري اَرمان
چَنو چست لهي پيو، جو ساڻس هو سرواڻ
هاڻي کپت ڪري ٿو خان، بانڪو پنهنجي ڀاءُ سان.

 

116- بانڪي پنهنجي ڀاءُ، چني کي به چيو
ته هيا گڏ هوتيءَ سان، تو ڪارو منهن ڪيو
تو حاصل ڇا ٿيو؟ لَڄَ لڄايئي لعنتي.

 

177- لڄ لڄايئي لعنتي، هُجنئي حيف هزار
چنا! چوريءَ ڪاهي تو ڪارَ منهان قطار
ترار ڪڍي تڪڙ مان، جهڻڪ ڏيئي جهونجهار
تڏهن ساٿي مڙيئي ساٿ جا ڀڄي ٿيا بيزار
نَر هليو نِروار، پيرا کڻي پوئتي.

 

118- پيرا کڻي پوئتي، هوت هليو آيو
لڳيس باهه برهه جي، اچي قصد منجهان ڪاهيو
پنهونءَ پري کان ڏٺو، ڪو آدم جو ڄايو
هوت هلي انهن کان، پنهونءَ پُڇايو
ڪهڙي سبب توکي، ڪنهن رڻ ۾ رهايو؟
تڏهن بدوءَ ساڻ بلوچ جي، اهڙو الايو
حور ڏٺيم هت هيکلي، قطار پٺيان ڪاهيو
پنهون تڏهن پنهوار کي، فائق فرمايو
ڪر خبر ڪاڏي ويئي؟ تڏهن ٻڪرار ٻڌايو
اِها هتي غرق ٿي، ڏَس ڏيئي ڏَسايو
پنهونءَ پاندُ چُنيءَ جو، اُهو روئي مُنهن لايو
هاڻي هٿ چايو، ٿو ڪري عرض الله کي.

 

119- ڪيائين عرض الله کي، پنهنجو سِرُ پِٽي
آءٌ به وڃان اُتهين، جانب آهه جتي
هادي هاڻ هِتي، ڏاتر ڏي نه ڏاکڙا.

 

120- هاديءَ جو حڪم ٿيو، زمين ڦاٽي ڀُون
سچو عاشق سسئي وٽ، پهتو ڄام پنهون
هاڻي تُوههين تون، گڏيا گوندر غم ويا.

 

121- گڏيا  گوندر غم ويا، لٿي لوڪ ميار
مِهر سان، موريو چوي، يار مليا وٽ يار
اُتي باغ بهشتي، ٿيا گل ڦل گل بهار
پنهون سسئي سان مليو، پيئي ڪيچ پچار
پنهون پرتين ربّ کي، الله جي آڌار
صاحب ربّ ستار، موٽي ميڙائو ڪيو.

 

122- مڙائو محبتين جو سدائين هجي شال
الله عاشقن سان ٿو ڪري ڀلايون ڀال
سي سدائين سرهال، جن جو عشق الله سان.

 

123- چوٿينءَ تاريخ رجب جي خاصو ڏينهن خميس
سنھ ٻارنهن سؤ نوي، سنبت اوڻيهه سؤ ٽِيس
ڪُهنو قصو پورو ٿيو، جوان ڳائن جِيس
محبتين کي، موريو چوي، ايندي عشق آسيس
سچائي ٻُڌي سسئي جي، ڪي راڻا ڪندا ريس
دانَهه جي دوستي ڀَلي، کُهه مُورک جي مجليس
ڊوڙي هڻندا ڊِيسَ، هن زماني حرص جا.
ـــــــ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org