سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :32

 

 

بيان گفتار سسئي جو ساڻ پنهون

سسئي سا سُڻي ڳالهه ڪِي پاڻ ڳالهه

نِمائي اکيون ٿِي پنهون سين نهال

ته مان پيٽ کان ماءُ جي آئي نٿي

ڏنائون دلاسا تڏهن مون تِتي

ته تو دين ايمان ۾ انگ آهه

پنهون ڄام سردار ۾ سنگ آهه

ميڙائو توهان جو ٿيندو ۾ ڀنڀور

ايندو ڄام ڪيچي اُتيئي اَتور

سڻي ڳالهه سا مون قبولي وري

ٿيس گهر برهمڻ سندي ظاهري

ڏٺو نورُ تنھ مون سندو ئي جڏهن

مسلمان مون کي پروڙي تڏهن

ماريائين نه تنھ وير بندوق سين

ڇڏيائين هلي بحر صندوق سين

مٿي مؤج صندوق سا ٿي تَري

رسي هٿ ۾ ڌوٻي سنديئي وري

ڪڍي تنھ صندوقان مون کي گهر نيو

نپائي تتي ناز پرور ڪيو

آندو ربّ اڄ توهان قضا سين هتي

ميڙائو اصل مون ڏٺو هو جتي

 

ميڙائو ٿيو مون اُميدون پڄن

مِليا جي وري ڪينڪي سي چڄن

ڇِڄن ڪين سي جي ڇڄي ٿا ملن

زمانو نڪي حال هيڪي چون

رسم ريت اُن ملڪ جي ٿي فراق

ڇڏي ڪونه ميڙو ڪٿي ڪو فراق

ٿئي ٿو نه ميڙو هِتي تان سَدا

ويا ڪي وڃن ڪِن جو وارو اڃا

ملڻ ٿي نه بلڪل نِجو ٿي ڇڄڻ

پسڻ منجهه ماڻهن سنديئي ملڻ

ٻُڌو ڪين ميڙو ڪِني جو سَدا

ميڙو جن وڇوڙو تِني جو سدا

وڇوڙي پٺيان جو ميڙائو ٿئي

وري ڪين تنھ کي ڦوڙائو ٿئي

هوندو سو هميشھ ميڙائو وصال

نعمت ايّ موٽي نڪي ڪي زوال.

بيان منجهه پڌرائي عشق پنهون ۽ سسئي جي، ساڻ ڏسڻ جاسوسي ڌوٻياڻي جي، ۽ نيازي سسئي جي:

 

اوريائون اهو حال ٿي ٿِي ڳجهو

ڌوٻڻ تان تني کي تتي ئي ڏٺو

هيڪاندو تني کي پَسي سا وڳي

مَٺيان جان ۾ تنهن جهجهيائي لڳي

چيائين تڏهن ٿي تَپي ۽ تِکو

ته سسئي سندو تو رکيو ئي نَڪو

ڪيچائي مسافر سڃاڻين نڪي

ڳالهائين تَهين سين ڪڄاڙي اُڀي

شرم ۽ حيا تو هيين ۾ کپي

سوا جنھ نه انسان ماڻهو سُڄي

عبادت سڀئي ڪَل سترّ حصا

منجهان تنھ حيا اُوڻهتر حصا

حصو هيڪ جو تنھ منجهان ئي رهيو

اَجر عابدن سو سڀوئي مليو

سڻي ڳالهه سا سڀ ويچاري رني

پرين هٿ پائي ڳچيءَ ۾ چُني

چيائين ته ڍڪ عيب مادر سندم

پنهون سين گڏيو عشق اندر سندم

 

منهنجي جان تن روح قربان آهه

پنهون ري سِسي ساهه تاوان آهه

مون کي جهَل مادر! جهليندي نڪي

مون کي پَل مادر پليندي نڪي

جذب لوهه جنھ پر چمق ٿو ڪري

ڇِڪي دل سنديم ڄام تئن ۾ ذري

پيو سوز ۾ جيءُ جُسو جان روح

پنهون ياد دل کي سنجهي ۽ صبوح

وطن وِهه ٿيو مسون باغيچو ڀلا

پيو مون مٿي ڄام جو اِي بڙا

آهي عيد اڄ مون اوراڄو پِرين

روئڻ سڀر آرام راحت سندين

روئڻ سؤر پرين سندي سين جِيان

ڌاران درد دلبر پساهه ٿي ڏيان

چڱي وير جنھ ۾ ڦرين درد سُور

اچي ڏين دل کي گهڻا سَهس پُور

انهيءَ وير لئي ٿي هميشھ سڪان

جنھ ۾ سور ساڄن سندا ٿي ڏسان

لذت سور مان جا پرين جي اچي

نڪي سا حُسن مان پرين جي اچي

پَري حور سڀ گهور دلدار تان

دنيا عيش قربان آزار تان

 

سِڪا سورن کي جو سندو ئي پنونھ

ونِدر جنھ جي هَريا ڪيا نيڻ مُونھ

سدا سور ساڄن سندو سونهن آهه

اوراڄو اکين نُور ۾  مُونهن آهه

سوا سِڪ ساڄن سندي ڏي الله

وساري سوا يار سڀ ني الله

خوشي ياد ري ڪري نڪي مون عطا

سدا سِڪ ساجن جي ڪر تون عطا

اکيون سِڪ ساڄن سندي ۾ ٽِماءِ

ڪڏهن ڪين خوش ٿي ڳلن کي کلاءِ

رئڻ هنج منجهه سڪ ڪر مون نصيب

نه ويسر رڪائي ڪنا مون حبيب

رهيو ڏيهه دوران سندم روح ٺار

اکين دل ڪنا مون نڪي سو وسار

آهي سور ساڄن سندو ئي عجيب

ملي تنھ ٿئي جنھ چڱو ٿو نصيب

چاڙهي سور ساڄن سندي جنھ ملي

ماڙي يار دلبر سندي تنھ ملي

ماڙي جنهن ملي تنھ ملي ٿو حضور

رهي ڪونه تنھ ماڳ سُور ۾ پُور

 

بيان منجهه صلاح جاسوس جي، جنهن صلاح ڏني سسئي کي واسطي ميڙائي پنهون جي:

جڏهن ڪانه مادر ڏٺي ڪا صلاح

سسئي کي پنهون کان رکي جا پناهه

چيائين تڏهن ئي سسوئي حسين

اکين ٺار نازڪ سنديم نازنين

جڏهن عشق بلڪل نيو تو عقل

اچي مَت ڪا ڪانه توکي اصل

تڏهن هاڻ هيڪي چوان ٿي صلاح

ته مَر ڄام ڌوئي کٽي ٿي وڳا

سسبب تنھ ميڙائو سگهو ئي ٿئي

ڦوڙائو وڃي دل وصالا جيي

سڻي ڳالهه سئي نڪي سا ڪُڇي

رهي سُور ساڄن سندي ۾ لُڇي

پنهون ڄام تان منهن نمائي چيو

هنجون جال جاري وهائي چيو

سسئي مون سندو ساهه قربان آهه

عمر گهور لک بار جيءُ جان آهي

ڇڏيم ڪيچ ڇَپر پرين تو سب

پانڀيان تو سبب سُور آرام سڀ

مزوري چڱي مون ٿئي جي وصال

سوا جنھ سڀئي عيش منجهان زوال

سسئي سا سڻي ڳالهه روئي رتو

وڏي سُور مان ٿي پنهون کي اُتو

ته اي ڄام پرمل پرين مون پساهه

ڪيس ڳالهه سين تو وڍي ڳاهه ڳاهه

سهان ڪانه تڪليف ٿي تو سندي

ڪري مان پر سا ملڻ جي ڪنڌي.

 

اچڻ پنهون ڄام جو، اڳيان پريٽ جي، سين صلاح جاسوس ڌوٻياڻي جي:

سسئي ڪاڻ پرمل پنهون ٿي اداس

ڇڏي شان پنهنجو مٽائي لباس

آيو منجهه اوطاق ڌوٻي سندي

قبولي مٿي ٿي وڏي ئي ڌنڌي

اچي تت چيائين مٿي تنھ سلام

ڌوٻي پڻ چيو تان عليڪ السلام

ڏنو ڄام ڄامن کي ڌوٻي جڏهن

پيشاني سندي تنھ پروڙي تڏهن

ته هي ڄام يا مرد حاڪم امير

جيڪي شاهه شهزادا جيڪي وزير

سبب تنھ سندي ٿي چيائين ادا!

آئين تون ڀلي ويهه اسان جي ڀرا

 

ويٺو ڄام ڄامن تڏهن سين ادب

ڪڇيائين ذرو ڪينڪي ساڻ لب

ڪڇن ڪين سي جي ادب ٿا رکن

ننڍا پڻ ڪڇن ڪين مهندا وڏن

کٽي تان کلي پان کينڪار ڪي

راضي جنھ سبب دل سندي ڄام ٿي

تهان بعد پڻ تنھ چيو اي ميان!

خبر چار پنهنجي ٻڌائي اسان

اِسم چؤ قبيلو رهين تون ڪٿي

ڪهڙي سانگ پرڏيهه ۾ آئين هتي

چيو ڄام ڄامن تڏهن ٿي سهون

نالو مون مسافر ڪيچيائي پنهون

ڪريان ڪم ڌوٻين سندو ڏينهن رات

چون ڪيچ ۾ مون سندي هوت ذات

نکئي ملڪ کان مون کي آندو هتي

وري پڻ فضا مون رهايو هتي

هاڻي هي ارادو دلي ٿو رکان

ضروري مهندا تو ڀنڀوري ڪريان

ڌوٻي سا سڻي ڳالهه راضي ٿئي

صلاح ڪم جي پاڻ مهندان ڪئي

سبب تنھ صبح تي ڏنائين وڳا

ته ڌوئي پنهون هي ڪري آءُ صفا

 

پنهون ڄام ڄامن کنيا سي اُٿي

سسئي ڪاڻ سِڪ مان مَنيا سي اُٿي

سسئي ڪاڻ سِڪ سين پنهون ڄام پرٽ

وڌس عشق جي جان ۾ سخت ڪرٽ

هينئون چير، جيرو ذرا ۽ ذرا

وڌين ڪين ڪنھ وير اکين مرا

پنهون ڄام دل جان قربان ڪئي

هنيين منجهه سسئي جهين جي هئي

سسئي پڻ سمهون ٿي پنهون کي ڏٺو

اکين کان جهين کي گهڻو هو مٺو

ڏسي ٿي رني ۽ چيئي ٿي اُتي

پنهون ڄام دل مون سندي ٿي کپي

سهان سڄ پاڇو مٿي تو نه مور

ماري مون مزوري سندو سخت سور

سهان سج اي ڄام توتي نڪي

ڪريان تو مٿان جان قربان جيءُ

ڪريان جان قربان توتان پنهون!

نيو عشق سين تو مون کي ٿي سمهون

نيئي ديد سين دل وٺي دلربا

ڪيئي درد جا دل اندر سو دُٻا

پسڻ سين رسڻ سور سوريءَ مٿي

سدائين رهڻ سڪّ پوري مٿي

 

رهن سي سدا سڪّ سين ۾ خمار

نهوڙي نيا جي ويچارا نهار

پري سونهن ساڄن سندي جن سري

هيين آگ هردم اُنهن جي ٻري

ڏٺي سونهن ساڄن سندي جن سمونهن

روئڻ مرڪ تن کي رڱڻ روز سُونهن

سِڪن جي سمهون ۽ مِلن ڪين مور

اهڙو ڪين عالم اندر سخت سور

پسڻ ۽ ملڻ ڪين اي موت وت

ٿئي روح سڀ وير ۾ فوت فوت

نڪو ذوق ري شوق ميڙي سندي

ميڙي مان پيا سو هزارين ڌنڌي

پَسڻ ۽ سِڪڻ ئي سندو روح قُوت

جِيڻ ڪين ۽ پڻ سدا لا يمَوت

جيڻ ڪين جهڙو، پسڻ دوست دور

وڃي وير سڀڪنھ اندر درد سُور

پَسن جي پُسن تن سندا روز نيڻ

وڻن ڪين آرام ۽ عشيش کيڻ

ڪيو ديد دلدار جو جن اکين

صبح شام رت سي نماڻيون ٽمن

ڏٺو يا نيڻن نشو اي ڪيو

صبح شام ساڄن تني ۾ ٿيو

 

ڏٺو سندو روز پڻ انتظار

پَسي يار نيڻن صبح ڪي نيران

رهن رنگ دلبر سندو ٿي نشان

اڙيون ماڳ تنھ جنھ ۾ مشڪل وصار

سوا ماٺ پڻ ڪونه ڪو قيل و قال

حجت ڪانه جنھ ماڳ پهچڻ مڪان

تتي ديد دلبر سنديون ٿيون نشان

ڪيو ديد جن سي سڀاڳيون اکيون

سمهن جي صبح سي نڀاڳيون اکيون

صبح وير ساڄن ڏٺو تن سَمهون

پني پيڄ رت روز جن کي رنو

روئان رت آءُ تون پرين مون سندا

سوا تو مٿم سور جا سؤ ڌنڌا

پرين آءُ اچي ويهه اکين جي اندر

پسان تان توکي تو پسي ڪين پر

توجي سونهن سرمي ڪنا مون سونهاءِ

لالائي لڳي جن اندر لاهه آهه

اکيون لال هر وير توري پرين

سندا سُور دل پير توري پرين

پرين آءُ پرين تو سواءِ نيڻ روح

جهڄن ۽ جهرن سي سنجهي ۽ صبوح

مَنِي ڄام تڙ تي وڳا سي نيا

وڃڻ ساڻ سڀ سي سٽي جهاڙيا

رکي زور زورن ڪنا زور عشق

پروڙي نه شيرن چٽن بور عشق

ڪسب ڪن تني کي رکي ربّ حُّ

ڪرڻ ڪمّ پڻ تنھ منجهائي پسڻ

آهي ڏوهه ڏاڍي مٿيئي رسڻ

نفع نقص مِڙ سمجهه مولى وٽا

رسي ٿو نڪي ڪي ٻين کان ذرا

سڀئي پيٽ پنهنجو پهرين ٿا ڀرين

هميشھ خدا ڏي ٻيا ڪين ڏين

ڪِني ڪمّ ڪهڙا ڪني ڪي ڏِئين

حيلي سين رزق پڻ سڀ کي ڏين

ڪِني ڪمّ مُلڪن سنديائي سنڀال

قلم ۽ قضا جا ڪني کي خيال

ڪِني پوک واپار سيبا اُڻڻ

ڪِني ڪم ڪهڙا ڪِني کي مَنڻ

ڪمن ۽ په مُلڪن جو مولى ڌڻي

سدا وصف واکاڻ تنھ جي گهڻي

ڪي سُهنجَن ڪِني ڪاڻ ڪي ڪنھ جي لاءِ

ڏنِين سو تَهين جو گهُرين جنھ جي لاءِ

روزي ربّ ڏئي سا سڀني کي سَري،

سُهکائي ٻين جي مزوري ڪري

 

گدا شاهه سڀ ڪار ڪندڙ ٿيا

راتيون روز سعيي جهجهي ۾ پيا

ڪنھ جي ڪونه روزري منجهان ٿي ذرو

سڀن ڪن سڀ ماڳ کُليو درو

ڪِني ڪم ڪي ۽ ڪِني ڪي مليا

روئڻ منجهه رت ڪي گهڻو ئي کِليا

پَسي ڄام ڪَمِيَن ڪيو هي خيال

ته اهي ڄام ڄامن پنهون باجمال

سسئي سِڪَ سارو هِنيون تنھ نيو

مسافر سبب تنھ هتي ئي ٿيو

ڪجي ڪمّ سو جو ڇڏي هي ڀنڀور

مِلي ڪين ڪم تنھ ڪنهين وير پور

لِڪي ڪين بلڪل سندي مُنهن مَڻا

لڪن ڪين موتي سچا ٿا ڪَڻا

سَچا ۽ ڪَچا ٿا لِڪن ڪينڪي

نه سج چند تارا رهن ٿا لڪي

سبب تنھ چيو تِن رکي دل دغا

ته پرمل پنهون اي اسان جا ادا

زياده هُنر توکي سندوئي بلند

ڪرين ڪم جو سو اسان کي پسند

مگر جسي وجهين تون وڳَن ۾ مِٽي

ريتي تنھ ۾ جبّل هتي جي سندي

 

وري پڻ وَڇاڙي تني کي سَٽي

رکين وير ڪا تون هوا ۾ اُتي

ته مڙِ ميل تن جي تندن مان وڃي

ميرائي مٽي ڪُل رڳن مان وڇي

سِگها ٿين سي سڀ اچا ۽ صفا

جيسين هيڪ تيسين ادا ڏهه اڇا

مِٺا مُنهن اندر ڪُل هيين ۾ ڪرا

پيا ڪال اَڄ اي اِتيئي پڙا

سڀ ڌسي کپي ڪين ڪو اعتبار

چڱا ڪي لڀن جي ورايين هزار

حسد جنگ نفس سندو جِت ڪِٿي

عزت ڪين ڪنھ جي وڻي پئي مٿي

عناصر اصل چار سڀ ڌار ڌار

رکن ضد توڻي ٿيا يار غار

حسد ننگ ناموس سارو وڃاءِ

آهي آگ سا ماڳ پِهرُو ڦٽاءِ

سڀيئي جوڙ سامان سارو وڃاءِ

سڀئي حِسّ ظاهر ڳجها جو جلاءِ

پنهون ڄام ڄامن پنهون هوشمند

عقل عشق تنھ جو ڪيو قيد بند

عقل بروف سڄ تنھ مٿي عشق آهه

ڪپھ هوش پڻ تنھ مٿي عشق باهه

 

سڻي ڳالهه سا چام ساري سندين

وڏي وير تنھ منجهه راهي وَڳن

وجهي سي وري جان هنيائين ڦرهي

ته تنھ وير پرزا ٿيا ۾ ذري.

 

بيان منجهه وڃڻ سسئي جي تَڙ تي، سين بي پرواهي، واسطي ڏسڻ پنهونءَ جي:

 

ڏٺو يار ساجن سندو جن جمال

عقل هوش سارو تني جو زوال

هيين يار ۽ عشق پڻ يار جو

جگر جان من  منجهه منٺار جو

جِني جان جي منجهه جاني رهيو

شرم هوش ظاهر سندو تن وَهيو

پنهون ڄام ڄامن، پنهون ڪيچ ڄام

پنهون ري سسئي جي هيِين ۾ حمام

هيئون هوش سارو سسئي جو ويو

پنهون ڄام جيسين پرانهون ٿيو

رکي داغ دل سو بهانو ڪري

آئي پير تڙ تي سڀئي ڀري

پسي ڄام تِت ٿي چيائين قريب

سندا ڪيچ حاڪم سندا مون حبيب

نڪي ڪم ڌوٻين سندو تو جو آهه

سبب مون سندي عشق ٿو تو ڪراءِ

ڃاڙايا وڳا تو ڪنا دشمن

حسد رنج دل ۾ جُڪسن ٿا رکن

حسد جو هيين منجهه ڄيرو جني

هيين مُنهن سندو نُور ڪارو تِني

حسد رنج دل ۾ جني کي ٿيو

عمل نيڪ سارو تني جو ويو

ڪري ڳالهه سا ڄام واري وري

رهي ڪين تنھ ماڳ ۾ ڪا گهڙي

موٽي ماڳ پرمل وهاري پنهون

ويهي ڄام سين پڻ اُتيئي سَمهُون

کوٽائي وڳن منجهه مُهرون وجهي

هلائي ڏنائين ڌڻين کي ٻَڌي

کوليندي جڏهن زر تني سا ڏٺي

ڪڍيائون ڪو گفتو تڏهن ئي نڪي

خبر عام پڻ سا رسِي کي سڀن

ته آهي پنهون ڄام مان حاڪمن

طمع سونَ صاحب عقل جا نيا

پنهنجي شان کان بيخبر سي ٿيا

ڪؤزو اَک حريصن سندو ڪينڪي

ڀَريو جو رهيو تَر منجهارا ڀڄي

صبر ري نه موتي سپن ۾ ٿي

سمنڊ کي نه سَڌ سين ڇِڪي ڪو پيي.

 

اطلاع ڏيڻ ڄام جو ڌوٻيءَ کي واسطي سَڱ سسئي جي:

 

پنهون ڄام ڪيچي پنهون ڪيچ ڄام

ڪيو عشق سسئي سندي ئي تمام

جڏهن عشق سسئي سندو دل لڳوس

تڏهن ڏيهه سندو تنھ مِٺو ئي ٿيوس

مِٺو ڏيھ ۽ پڻ پيارو پرٽ

ٿيو ڄام سڀني سندو خويش مِٽ

آيو هو صبح شام فرمان ۾

راتو ڏينهن سو ڄام قربان ۾

فدا تن مٿان پڻ پنهون ٿي ٿيو

جِني ڪم ڪَمِيُن اُٿي ٿي ڪيو

ڪيو ڄام ڄامن جسو ٿي فدا

سسئي ڪاڻ سڀني ڀنڀورين مٿا

ڪيائين سڀ دل وٺي پاڻ وَس

کٽي ڄام نئڙت منجهان نيڪ جَس

کٽي پڻ پنهون سي ٿيو کنڊ کير

ڪيو قرب ڪيچي سندي ٿي اَسير

جڏهن ڄام ڌوٻي ٻڌو سين نياز

تڏهن تنھ اڳيان تنھ چيوسين نياز

ته اي مرد مانجهي ميان پِيؤ مثال

سچي ٿو ڪريان تو اڳيان حال ڳالهه

آهيان ڄام ڪيچي نڪي ڪي پَرٽ

نڪو ڪيچ مڪران ۾ منهنجو مِٽ

سفر مون ڪڏهن ڪونه ڪو ئي ڪيو

اِرم جي مثل ملڪ منهنجو ٿيو

قضا ساڻ ڪَن مون پيو هي پَڙا

سسئي جي حسن جو وڌو جنھ پڙا

سبب تنھ جي ساڪن هتيئي ٿيس

پورهيت پيش تنهنجي اچي ٿي رهيس

هاڻي سڱ سسئي سندو ٿو گهران

سوا موت  توکان نڪي ڪي چُران

جِيڻ ۽ مرن مون سندو ئي اِتي

سَسُوئي پرٽ مون سندا ئي جتي

الله لڳ وڙ مون مٿيئي ڪري

ڀنڀوران نه ڪر تون مونکي ڪِي پري

رهندس رات ڏينهن ۽ غلامي ڪندس

ڪيم ڪيچ پنهنجي ڪَنان مؤر بس

کٽي ڳالهه سا سڀ سُڻي ماٺ ڪِي

گهڻي وير موٽي ڪڇيو ڪينڪي

تهان بعد پڻ ڪِي ڪڇيو مؤنهن مان

نهاريئين نه تنھ وير ٿي ڄام ڏينهن

حيا جنھ حڪم تنھ کي ايمان جو

حياري عبادت ملي ڪو حصو

پنهون ڄام هي ڳالهه دل مان وسار

طمع جي نه اکين سين اسان ڏي نهار

طمع عيب عيبن ڪنان ٿي وڏو

منجهان جنھ خواري ملي ٿو ٽڳو

طمع ترڪ جن تن سدا عزتا

صبح شما چهرو تني جو صفا

سَسُوئي سڄو جيءُ اسان جو ٿئي

پسؤن ٿا نه تنھ  ري اکين سين ڪِئي

آهي ڌيءَ پر سا پُٽن کان وڻي

گلن ۽ ڦلن پڻ اکين کان وڻي

ٿئي گهور لک بار گل ڦل مٿانس

موتي بي بها ۽ په بلبل مٿانس

سوا تنھ سندو ڪي اسان کي نه آهه

اِها ڳالهه دل ۾ پنهون تو لِڪاءِ

پنهون ڄام پڻ تان ڇڏي ٿي نه ڳال

توڻي سا کَٽي تي ٿئي ٿي جنجال

نيٺا نيٺ طاهر سبب سو ٿيو

سڄيءَ منجهه سڀڪو پنهونءَ جي پيو

چيو تن سڀ ئي پنهون جو پرَٽ

لهندين ڄام جهڙو نڪو ڪو پَرٽ

قَضا نيت قادر سنديائي وَهي

يو پَرٽ پنهنجي ڪَنان ٿي لَهي

ڏني ڳالهه تنھ ڄام ڄاماڻِيَن

ٿيو سعيو شادي سندو ۾ اُانهن

ٻڌا ڏينهن راتيون وهانءُ جا تني

ڪيا جوڙ سامان ڀيڙا تِني.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org