مهاڳ
سنڌ جي ”لوڪ ادب“ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز، سنه 1955ع ۾
”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سامهون رکي ويئي، جا 1956ع جي
آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان کي عملي نگرانيءَ ۾
تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.
ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو
ويو؛ انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا
ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙي مان مواد گڏ ڪري
موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”سنڌي لغت آفيس“ سان گڏ
”لوڪ ادب“ جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي ويئي، ۽ ڪارڪن
مقرر ڪيا ويا ته مقامي طور گڏ ڪيل توڙي ٻاهران آيل
مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري،
ڇپائڻ لائق بنائين.
پهريان ٻه سال 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا.
انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، ڳوٺن مان گهربل
ڳالهيون هٿ ڪيون، مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي
ذخيري مان ضروري مواد اتاريو، ۽ بنده ڪوشش ڪري سنڌ
جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگهڙن سان ڪچهريون
ڪيون ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلو کي سمجهڻ ۽ ان جي
خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ سعيي
۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري ايتري مواد گڏ
ٿيو جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي
بابت، نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي
تاليف جو سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو.
هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:
پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻولي جي عام ادب جون اهي جملي
جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ عام
مقبول ۽ مروج آهن، تن کي ”لوڪ ادب“ جو ذخيرو تسليم
ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري
جنسون پڻ شامل آهن، مثلاً: مداحون، مولود، ٽيهه
اکريون، ڪافيون وغيره مگر جيئن ته اهي هن وقت
تائين ٻهراڙي ۾ عام مقبول ۽ مشهور آهن، انهيءَ ڪري
انهن کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو
آهي. انهيءَ لحاظ سان، هن تجويز هيٺ گڏ ڪيل ”لوڪ
ادب“ کي بيعنھ ”فوڪ لور“
(Folk Lore)
جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان
جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت
اختيار نه ڪئي آهي، جو اها عام ملڪي تمدن جو يا
”معياري ادب“ جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگيءَ جو
مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي، ۽ سنڌي ادب جو وڏو
ذخيرو اهو ئي آهي، جيڪو عوام جي زندگيءَ جو آئينو
آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻولي جي ”لوڪ
ادب“ ۽ ”معياري ادب“ جي وچ ۾ حدِ فاصل قائم ڪري
نٿي سگهجي.
ٻيو ته هن تجويز ذريعي ”لوڪ ادب“ جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو
آهي؛ ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي ڪشالي ۽ ڪافي ذريعن جي
ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ
اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙئي موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ
برابر ٿيندو، جو ٿوري وقت اندر ناممڪن آهي. البت
جو ڪجهه گڏ ٿي سگهيو آهي، سو لوڪ ادب جي هر جنس
بابت مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز
هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب اميد ته آئنده ڪوشش لاءِ
نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.
”لوڪ ادب تجويز“ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان پيش ٿي مگر ان جي عملي
سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون ڪوششون
شامل آهن. اول ته ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ميمبرن کي
جس جڳائي جن هن تجويز کي سنه 1956ع ۾ منظور ڪيو.
ان بعد سهيڙيل مواد گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ ۽ ترتيب ڏيڻ،
ابتدائي مسودا توڙي پريس ڪاپيون تيار ڪرڻ ۽ آخر ۾
ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا.
هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪنن،
مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن، ۽
خاص انهن مڙني دوستن جو حصو آهي جن بنده لاءِ
سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين ڪرڻ ۾ پنهنجي
هڙان وڙان مدد ڪئي.
هيءُ ڪتاب ”لوڪ ادب“ سلسلي جو ٻٽيهون ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو مواد
جيڪو سنه 1964ع کان گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ويو ۽ آڪٽوبر
1965ع تائين ان کي مرتب ڪري ڪتابي صورت ڏني وئي،
تنهن م وڌيڪ مواد جو اضافو ڪري، پريس ڪاپي تيار
ڪئي وئي.
هيءُ ڪتاب هن کان گهڻو اڳ تيار ٿي ڇپجي وڃي ها، مگر بدقسمتيءَ
سان لوڪ ادب جي تجويز کي بند ڪيو ويو ۽ هن ڪتاب جي
اشاعت پڻ روڪجي ويئي. 25 اپريل 1968ع تي سنڌي ادبي
بورڊ جي صدر جناب مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب
المولى“ جي سفارش تي، سنڌي ادبي بورڊ ٻيهر لوڪ ادب
جي تجويز کي پايھ تڪميل تي پهچائڻ جو فيصلو ڪيو ۽
اها ذميواري بنده کي سونپي. جون 1968ع کان دوباره
ڪم شروع ڪيو ويو، پر چئن مهينن بعد وري بورڊ طرفان
ڪم بند ڪرڻ جو اطلاع مليو. 18 جون 1969ع تي ٽيون
ڀيرو بورڊ، لوڪ ادب جي تجويز عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو
ڪيو ۽ جناب مخدوم صاحب جن کان خط پهتو ته وري ڪم
شروع ڪيو وڃي. باوجود انهن تڪليفن جي جيڪي هن مخلص
ڪارڪن کي پهچن ٿيون، جيڪي راقم کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي
خدمت ڪندي سَهڻيون پيون آهن، بنده هي ڳرو بار
ٽيون ڀيرو پنهنجي ڪلهن تي کنيو، انهيءَ لاءِ ته
سنڌي لوڪ ادب جي قيمتي سرمايي کي جيترو ٿي سگهي
اوترو سهيڙي ان کي ضايع ٿيڻ کان بچائجي، ۽ رٿيل
پروگرام موجب ”لوڪ ادب“ جي چاليهن جلدن کي مڪمل
ڪيو وڃي.
بهرحال توڪل جو ترهو ٻڌي ڪم شروع ڪيو ويو ته ”لوڪ ادب تجويز“
وري زير بحث آئي ۽ سنه 1973ع ۾ هن تحقيقي ڪم کي
بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. چوٿون ڀيرو وري نومبر
1974ع کان ڪم شروع ٿيو آهي ۽ هن ڪتاب جي مواد کي
وڌيڪ مڪمل ڪيو ويو آهي. 26 جنوري 1976ع کان بنده
راقم مرڪزي وزارت تعليم اسلام آباد ۾ نئون عهدو
سنڀاليو آهي، مگر باوجود انهيءَ جي لوڪ ادب جي ڪم
کي قيمتي ڄاڻي ان کي جاري رکيو ويو آهي. پري هئڻ
سببان پروفن پڙهڻ ۾ ڪي غلطيون رهجي ويون آهن جيڪي
منڍ ۾ ڏنل صحت نامي ۾ درست ڪيون ويون آهن.
هن وقت تائين لوڪ ادب تجويز هيٺ رٿيل چاليهن جلدن مان جملي
ٻٽيهه جلد ڇپجي چڪا آهن ۽ هي ٽيٽيهون جلد آهي جيڪو
شايع ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن حياتي وفا ڪئي ته باقي
رهيل ڪتابن بابت مواد گڏ ڪري چاليهن جلدن جي هن
تحقيقي ڪارنامي کي توڙ تائين پهچايو ويندو.
مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم ممتاز مرزا،
محمد يوسف شيخ ۽ عابده بلوچ هن ڪتاب جي مواد کي
اتاري يڪجاءِ ڪرڻ ۾ دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين
جوڳو ڪم ڪيو ۽ محترم محمد اسماعيل شيخ سڄي ڪم جي
نگراني ڪئي. ڪتاب جي رٿا ۽ آخري سٽاءَ توڙي ترتيب
۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آهي.
اسلام آباد
16 جولاءِ 1976ع |
خادم العلم
نبي بخش |
باسمھ تعالى
ام للانسان ما تمنى 0 فللھ الاخره والاولى
مقدمھ
”سسئي –پنهون“ جو داستان سنڌ جو مقبول ترين داستان آهي، جيڪو
ڳوٺ ڳلي، واهڻ وسين، ۽ هر ماڳ مڪان معلوم ۽ مشهور
آهي. هي داستان ٻن پاڙيسري خِطن يعني سنڌ ۽
بلوچستان جي تاريخي رشتي جو نشان آهي، ۽ آڳاٽي دور
۾ سنڌ اندر هڪ نئين اُسرندڙ سماجي ماحول جو يادگار
آهي. هي محبت جو اهو داستان آهي، جنهن اوچ نيچ
وارا ويڇا ميساري ڇڏيا، جنهن عشق جي اولي ۾ پيءُ
ماءُ وساري ڇڏيا. هي داستان، زال مڙس جي پيار ۽
الفت ڀري گهرو زندگيءَ جو روشن ستارو آهي. زال ۽
مڙس جو هڪٻئي تي ڍڪ آهي ۽ ٻنهي جو هڪ ٻئي تي حق
آهي؛ انهيءَ ڪري ئي سنڌ جي آڳاٽي اصطلاح ۾ زال
توڙي مڙس کي ”حق“ سڏيو ويو. سسئي کان پنهون جڏهن
بيوسيءَ واري حالت ۾ وڃي ٿو، ته هوءَ ٻيا سڀ ناتا
ٽوڙي پنهنجي حق پويان هلي ٿي، هوءَ وڏي همت ۽
حوصلي سان هلي ٿي ۽ حق جي تلاش ۾ سرگردان ڦري ٿي:
هوءَ سَت ٻڌي ٿي، بَر لتاڙي ٿي، جبل جهاڳي ٿي، وڻ
وڻ وؤڙي ٿي:
”سسئي جهڙو ست، ٻي ڪامڻ ڪندي ڪانه ڪا.“
حق جي پويان هلڻ ۽ حق جي تلاش ڪرڻ هن داستان جو مرڪزي پهلو آهي.
اهو انساني ڪردار جو هڪ اعلى پيمانو آهي ۽ انساني
زندگي جو هڪ قيمتي سرمايو آهي. انهيءَ ڪري ئي هي
داستان سنڌ جي محبت ڀرئي ۽ سچائيءَ واري ماحول ۾
نهايت ئي مقبول رهيو. سنڌ ۾ هن داستان کي ڄڻ ننڍي
وڏي شاعر ڳايو، پر سڀ کان وڌيڪ ڀٽائي صاحب ان کي
ڳايو، ۽ حق ۽ حقيقت جي تلاش ۾ تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ
واري سبق کي پنهنجن بيمثال بيتن ۽ واين ۾ وري وري
ورجايو. سسئيءَ جي زباني هيئن چئي ڳالهه جو دنگ
ڪري ڇڏيائين ته:
”اول آخر آه، هلڻ منهنجو هوت ڏي.“
قصي جي قدامت:
سنڌ جي آڳاٽي روايت مطابق هيءُ دلوراءِ جي دور جو داستان آهي .
’تحفة الڪرام‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته هيءَ دلوراءِ جي
واري جي ڳالهه آهي. محمد عارف ڪلهوڙي جي بيتن ۾
آهي ته ”واري دلوراءِ جي سڻ حقيقت هيءَ“. ’مثنوي
گلزار واصل‘ جي مصنف پڻ انهيءَ روايت کي ورجايو
آهي ته هيءُ قصو ’دلو راءِ جي دور‘ جو آهي. تاريخي
طور، دلوراءِ جو دور هن وقت تائين روشن ٿيل ناهي،
پر اسان جي راءِ ۾ عرب دور جي پڄاڻي بعد دلوراءِ
پهريون مشهور حڪمران ٿيو، جو هڪ وڏو مدبر ۽ داناءَ
هو ۽ جنهن جي دور ۾ وڏا ڪارناما ٿي گذريا. دلوراءِ
جي حڪمراني غالباً پنجين صدي هجري (11- صدي عيسوي)
۾ هئي ۽ سسئي پنهون جي محبت جو داستان پڻ انهيءَ
دور ۾ اُسريو. سنڌ جي عوامي شاعرن پڻ هن قصي جي
شروعات ’داناء دلوراءِ‘ جي دور ۾ ڄاڻائي آهي.
(1)
’دلوراءِ جي دور‘ واري اهڃاڻ کانسواءِ هن قصي جا ٻيا ٽاڻا پڻ ان
جي قدامت تي شاهد آهن. هن ۾ ڪيچ- مڪران کان سنڌ
تائين تجارتي شاهراهه ۽ واپار جي ساٿ جي اچ وڃ جو
ذڪر آهي. سنڌ جي زرخيز سنڌو ماٿري ۽ عراق جي دجله
-فرات وارين آباد وادين جي وچ ۾ اها تجارتي
شاهراهه ڪنهن آڳاٽي دور کان قائم هئي، جنهن کي سنڌ
جي عرب- اسلامي دور (2-4 صدي هجري/8-10 صدي عيسوي)
۾ وڏي اهميت حاصل ٿي ۽ سنڌ جي شهرن کان بغداد
تائــــين قافلا هلڻ لڳا. عرب- اسلامي دور بعد ئي
انهن شاهراهه جو اڳيون اوج ختم ٿي ويو، مگر هن قصي
۾ ڪيچ جي واپاري قافلي جو سنڌ ۾ اچڻ وارو نشان
ڏيکاري ٿو ته پنجين
صدي هجري ڌاري اڃا انهيءَ شاهراهه کي قدري اهميت هئي، جيتوڻيڪ
ڏورانهن اسلامي ملڪن ۾ سنڌ جي بدران هاڻي قافلن جي
اچ وڃ بلوچستان ۽ سنڌ جي وچ ۾ ٿيڻ لڳي. اهو اهڃاڻ
پڻ عرب- اسلام دور جي خاتمي بعد 5-صدي هجري/ 11-
صدي عيسوي واري دور جو آهي.
ٽيون ته بلوچستان مان بلوچن جي قافلي جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ هڪ بلوچ
سردار جو ڀنڀور ۾ گهر ڪري هميشھ لاءِ ويهي رهڻ
وارو اهڃاڻ پڻ تاريخي لحاظ سان اهم آهي. بلوچن جي
بلوچستان ۽ سنڌ طرف هجرت ۽ سڪونت ڪنهن آڳاٽي سمي
کان ٿي، پر انهيءَ هجرت جا ٽي دور وڌيڪ نمايان نظر
اچن ٿا. پهريون اندازاً 2-3 صدي عيسوي وارو دور
هو، جڏهن ’سٿين‘ ڏکڻ- اوڀر ايران يعني سيستان تي
قبضو ڪري اتان جي باشندن کي بي گهر ڪيو. ان وقت ڳچ
بلوچ قبيلا اُتان نڪري اوڀر ڏانهن بلوچستان ۽ سنڌ
طرف آيا ۽ هميشھ لاءِ اتي اچي سڪونت ڪيائون.
بلوچستان جا ڪي ’بروهي‘ قبيلا ۽ سنڌ جا ’جَت‘
قبيلا انهيءَ آڳاٽي هجرت دوران آيا. ٻيو دور 10
صدي عيسوي جي پوئين اڌ ۽ 11 صدي عيسوي جي شروعات
وارو دور هو، جڏهن ايران جي بُوَيهي حڪمرانن ۽
غزني جي سلطانن، سيستان ۽ ڪرمان ۾ رهندڙ خودمختار
بلوچ قبيلن تي ڪاهون ڪري کين آڻ مڃائڻ جي ڪوشش
ڪئي. ان دور ۾ گهڻن بلوچ قبيلن مڪران، بلوچستان ۽
سنڌ طرف هجرت ڪئي. ٽيون دور 15-16 صدي عيسوي وارو
هو، جڏهن ’رند‘ ۽ ’لاشار‘ قبيلن جي اڳواڻي هيٺ
بلوچ قبيلن جي اوڀر طرف هجرت ٿي، جنهن جي نتيجي
طور بلوچ قبيلا هڪ طرف دهلي تائين ته ٻئي طرف
ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ بڙودا تائين پهتا. ڪيچ مان
پنهون جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ ڀنڀور ۾ شادي ڪري اتي هميشھ
لاءِ رهي پوڻ جو تعلق بلوچ قبيلن جي ٻئي دور واري
هجرت سان معلوم ٿئي ٿو، جنهن جو زمانو اندازاً 11
صدي عيسوي آهي.
چوٿون ته هن قصي ۾ شهر ’ڀنڀور‘ جو ذڪر آهي، جنهن جا کنڊر موجوده
ٺٽي ضلعي ۾ ’گهاري‘ جي شهر کان 3-4 ميل اولهه طرف
آهن. انهن کنڊرن جي آثارن توڙي ٻين تاريخي حوالن
مان تصديق ٿئي ٿي ته اهي کنڊر اصل ۾ ’ديبل بندر‘
جا آهن. ديبل جو شهر پڻ تاريخي اهڃاڻن مطابق 11
صدي تائين آباد هو ۽ پوءِ ڦٽي ويو. هن قصي جي تحفة
الڪرام واري روايت ۾ شهر ’بانبراه‘ جو ذڪر آهي.
عرب- اسلامي دور ۾، سنڌ جي گاديءَ جو شهر ’منصوره‘
هو، جنهن کي اڳئين شهر ’برهمڻ آباد‘ جي نالي پويان
مقامي ٻولي ۽ لهجي موجب ’ٻانڀڻياهه‘ (بانبراه)
سڏيندا هئا. 5 صدي هجري/ 11 صدي عيسوي تائين اڃا
’منصوره‘ جو شهر آباد هو ۽ سگهو ئي پوءِ درياءَ جي
رُخ بدلجڻ سببان ڦٽي ويو.
پنجون ته هن قصي ۾ سنڌونديءَ جو ذڪر آهي، جنهن جو وهڪرو ان وقت
۾ مٿي سيوهڻ يا منصوره (بانبراه) وٽان ۽ هيٺ ڏکڻ ۾
ڀنڀور وٽان هو. عام مشهور روايتن ۾ ائين ئي آهي ته
سسئي کي سيوهڻ مان لوڙهيائون ۽ ڀنڀور ۾ ان صندوق
کي ڪڍيو ويو. تحفة الڪرام واري روايت موجب سسئي کي
شهر ’بانبراه‘ مان لوڙهيائون. سيوهڻ کان ته صدين
کان وٺي درياء پئي وُڙهو آهي ۽ اتان رخ ڪونه مٽايو
اٿس، باقي منصوره (بانبراه) وٽان ۽ ديبل (ڀنڀور)
وٽان درياء 5 صدي هجري/11 صدي عيسوي تائين وڙهو ۽
پوءِ اهو وهڪرو ڦٽي ويو، جنهنڪري انهيءَ ڍوري کي
”ڦِٽو“ ڪري سڏيائون. موجوده وقت تائين ان اڳوڻي
وهڪري جي ڍورن جا نشان، شهر ’منصوره‘ (تعلقي
سنجهوره) جي کنڊرن کان وٺي ويندي ڀنڀور تائين ڪٿي
نه ڪٿي ”ڦِٽي“ جي نالي سان سڏجن ٿا.
مٿين اهڃاڻن جي بناء تي انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو ته سسئي-
پنهون جو داستان 5- صدي هجري/ 11 صدي عيسوي ڌاري
اُسريو.
قصي جي ڪردارن جي سڃاڻپ:
هن قصي جي ڪردارن ۾ سسئي جا ماءُ پيءُ، سسئي، کَٽِي جنهن کيس
نپايو، آري ڄام ۽ هان پنهون، ٻاٻيهو، سَهجان،
پنهون جا ڀائر ۽ آخر ۾ ايڙ-پنهوار اچي وڃن ٿا. جدا
جدا روايتن ۾ انهن بابت ڪي ٿورا گهڻا مختلف رايا
ملن ٿا، جن جو وچور هيٺين طرح آهي:
سسئي ۽ سندس پيءُ ماءُ: سنڌ جي عام مشهور روايتن مطابق سسئي جا
ماءُ پيءُ سيوهڻ جا هئا:
سسئي سيوهڻ شهر ۾ جڏهن هئي ڄائي،
ٻانڀڻ پنهنجي ٻٽي لاءِ ئي پوئِي پَٽائي.
تحفة الڪرام جي روايت موجب اهي ’بانبراه‘ (ٻانڀڻياهه/ منصوره)
جا هئا. محمد واصل درس پنهنجي ’مثنوي گلزار واصل‘
۾ ڄاڻايو آهي ته سسئي جا ماءُ پيءُ ”ڀُٽا واهڻ“ جا
هئا، جيڪو بهاولپور واري ايراضي ۾ آهي، محمد واصل
درس هن قصي جي بهاولپور طرف واري روايت
(1)
مطابق ائين لکيو آهي. سسئي جي پيءُ جو نالو
’نائون‘ هو. تحفة الڪرام ۾ ’نانيه‘ لکيل آهي، مگر
اها صورتخطي جي ڀُل آهي ۽ صحيح ’نانيه‘ آهي، جيڪو
ساڳيو ’نائون‘ آهي. تحفة الڪرام مطابق سسئي جي
ماءُ جو نالو ’سڌو‘ هو (2). سنڌ جي ڪن سگهڙن وٽ
اهو ساڳيو نالو ’سِتر ‘ آهي. هيٺئين بيت ۾ لس
ٻيلي جي هڪ سڄاڻ شاعر سسئي جي ڪٽنب جا پار پتا هن
طرح ڏنا آهن ته:
دلوراءِ جي بادشاهي هئي، جو ’ڏاسي‘ (=داسي) نالي برهمڻ پنهنجي
پٽ ’نايين‘ لاءِ ’سِتر‘ نالي ڇوڪري جو سڱ ورتو ۽
مائٽن پنهنجي ڇوڪري ’سِتر‘ کي ’نايين‘ سان
پرڻايو.
ساراهيان سچو ڌڻي، هوندو جو آهي
انگ اڳيئي لکيا، ڌُران ڌڻيءَ جي
دانَههُ دلوراءِ هو پاڇا پيڙهي تي
تنهن ”ڏاسي“ آندو ڏيهه مان، پٽ پنهنجو پرڻائي
سا ”سِتر“ ڏني مائٽين، نرمل ”نايين“ کي
واجهايو وياء لاءِ ٿو پوڄي پير سڀي
ٻُجهان، ڄائي ٻالڪي ويهيو وِسامي
چئي: هن جو ٻاڻ ٻروچ سان انگ لکيو آهي(3)
اِنهين شادي مان نايين ۽ سِتر (سنڌو) کي هڪ نينگري ڄائي، جنهن
جو نالو تحفة الڪرام جي روايت مطابق ’سسئي‘ يعني
’چنڊو‘ رکيائون ’سَسو‘
چنڊر کي چئجي ۽ انهيءَ لحاظ سان ڇوڪريءَ کي
’سَسِي‘ سڏيائون. نالي جي اها صورت ۽ صورتخطي، سنڌ
جي عام روايت کان الڳ، ۽ سنڌ جي ٻاهر هلندڙ روايتن
مطابق آهي. سنڌ کان ٻاهر پنجاب ۽ هندوستان طرف
هلندڙ روايتن ۾ ’سُسَي‘ آهي ۽ تحفة الڪرام ۾ مير
علي شير قانع اهو نالو غالباً مير مرتضى سورٺي
(ڪاٺيا واڙي) واري جوڙيل داستان تان ورتو. سنڌ جي
بلند پايي شاعرن، جهڙوڪ شاهه ڪريم، ميين شاهه
عنايت، شاهه عبداللطيف، خـــلـيفي نـــبي بخش
توڙي ٻين سنڌ جي سڀني عوامي شاعرن هي نالو
’سُسَئيِ‘ ڪري ڄاڻايو آهي. ميين شاهه ڪريم جي
هيٺين بيتن ۾ جڏهن هــي نالو ’سسئي‘ ڪري پڙهبو
تڏهن وزن پورو بيهندو ۽ ’سسي‘ پڙهڻ سان نقص پيدا
ٿيندو:
جاڳي جاڳي سسئي، جان هيجان هٿ وڌا
تان سڃي سيج پرين ري، پُنون پَٿَرِ ناهه
نڪرندي چئاءِ، گهوڙا گهَرِ نه سپرين.
’سسئي‘ جي معنى آهي’سهڻي نالي سان مشهور‘ ‘سُئي‘ معنى ’ٻُڌي‘،
مشهور ٿي ۽ ’جڳ- سُئِي‘؛ س+سئي‘ معنى ‘سهڻي ٿي
سُئي‘ يا ’نيڪ نامي سان مشهور ٿي‘ ’مثنوي گلزار
واصل‘ جي مصنف، سسئي جي ڄمڻ جو بيان ڪندي
’سَسُوئي‘ (يعني سسئي) نالو آندو آهي، ۽ ان بعد
چوي ٿو ته اهو نالو مٿس محمد ڌوٻي ۽ سندس گهر
واريءَ رکيو:
ڄائي سا سونهاري سَسُوئي جڏهن
پَرينِ پاڻ کِيرون ڏنيون ٿي تڏهن
رکيائون سندو تنھ سَسُوئي اسم
هئي پدمڻي سا سونهاري قسم.
مقصد ته سنڌ جي روايتن مطابق هي نالو ’سسَئِي‘ آهي، ۽ نه سُسَي،
سنڌي ۾ ’سسئي‘ وڍ جو هڪ قسم آهي.
دريا ۽ ڌوٻي: ’مثنوي گلزار واصل‘ ۾ هن قصي جي شروعاتي روايت
بهاولپور طرف واري آهي، جنهن مطابق سسئي کي ’ڀُٽا
واهڻ‘ وٽان پنجاب جي ڪنهن ندي ۾ لوڙهيائون، ۽ پوءِ
سيوهڻ ۾ محمد نالي کٽي اها صندوق سنڌو درياء مان
ڪڍي:
’نائون‘ نام، پڻ تنھ ’ڀُٽي وهڻ‘ شهر
هو ويجهو پنجابي تتي هڪ بحر.
يعني ته ڀُٽي وهڻ شهر جي ويجهو هڪ پنجاب جي ندي (بحر) وهندڙ
هئي:
آئي سنڌ پيتي پنجابان جڏهن
ڪڍائي درياء کان ڌڻي سا تڏهن
سيوهڻ شهر ٻهران ڪناري مٿي
آئي هٿ ۾ صندوق ڌوٻي سندي.
ان ڌوٻي جو نالو ’محمد‘ هو، جيڪو پوءِ سيوهڻ شهر مان لڏي اچي
ڀنڀور ۾ ويٺو:
آيا تان سي سيوهڻ ڪنا ۾ ڀنڀور
ڪيائون تتي ئي سندا عيش زور.
جيئن ڪن ٻين لکندڙن سندن اڻ ڄاڻائي سببان ’سهڻي‘ جي سنڌ واري
آڳاٽي قصي بدران سهڻي جي پنجاب واري قصي کي بيان
ڪيو آهي
(1)،
اهڙي طرح مرحوم محمد واصل پڻ ’ڀٽي واهڻ‘ واري قصي
کي بيان ڪيو ۽ محمد کٽي کي سيوهڻ مان لڏائي ڀنڀور
آندو.
سنڌ جي عام مشهور روايتن مطابق، سسئي کي سندس پيءُ ماءُ ’سيوهڻ‘
وٽان سنڌوندي ۾ لوڙهيو ۽ ’ڀنڀور‘ وٽان ڌوٻي اها
صندوق ٻاهر ڪڍي. ان وقت سيوهڻ کان وٺي ڀنڀور تائين
درياء جو وهڪرو ڪٿان هو. تنهن بابت چئي نٿو سگهجي،
پر جيئن مٿي چئي آيا آهيون، اهو وهڪرو (ٽي درياء
وارو) ’ڦِٽو‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. ’ڦِٽي درياء‘
جو هڪ ’ڦاٽ‘ يا ’گهارو‘ اهو ساڳيو هو جنهن تي
هينئر ’گهاري‘ جو شهر بــيٺل آهي. هــڪ روايت موجب
درياء، مٿان سونهري ۽ ڪينجهر ڍنڍ مان وهندڙ هو ۽
پوءِ هيٺ ڏکڻ طرف ’گهارو‘ ڦاٽ الهندي طرف ويندو
هو. چون ٿا ته سسئي جي صندوق ’سونهري‘ ڍنڍ مان
لڙهندي پوءِ اچي هيٺ ”گهاري“ ۾ پيئي هئي. ڪنهن
سگهڙ پنهنجي بيت ۾ چيو آهي ته:
”سسئي سونهري تان اچي گهڙي منجهه گهاري.“
’گهاري‘ واري اهڃاڻ مان گمان نڪري ٿو ته ان وقت درياء جو مکيه
وهڪرو شايد ٻئي طرف هو، پر سانوڻي ۾ اڃان ’گهارو‘
وهندڙ هو ۽ پڻ ديبل جو تاريخي شهر (ڀنڀور) آباد هو
۽ منجهس واپارين ۽ بين ڪاسبين سان گڏ ڌوٻين ۽ کٽين
جي وڏي آبادي موجود هئي. اهو اهڃاڻ اندازاً پنجين
صدي هجري جو آهي. اسان 1944 ۾ سرزمين تي وڃي جڏهن
ڀنڀور شهر جي کنڊرن جو تفصيلي معائنو ڪيو ته ڪوٽ
قلعي واري مٿين آبادي کان هيٺ اولهه طرف (ٿورو اتر
ڏانهن) کٽين جي ڪُنن جي وڏين قطارن جا نشان ڏٺا.
ڀنڀور شهر ۾ ’گهاري‘ جي گهاٽي تي ڌوٻي ڪپڙا پئي
ڌوتا جو صندوق ڪناري تي اولجي آئي. هن صندوق کي
ڪڍيو ۽ ڏٺائين ته اندر سدا ملوڪ معصومڙي سُتي پئي
آهي، جنهن کي کڻي پنهنجي گهر آيو. کيس اولاد ڪونه
هو سو هن معصومڙي کي پنهنجي ڌيءَ ڪري نپايائون.
هن داستان جي آڳاٽي ’ڳاهن واري ڳالهه‘ مطابق ڌوٻي جو نالو
’محمد‘ هو. صابر نوحاڻي توڙي رچرڊ برٽن وارين
روايتن ۾ ڌوٻي جو نالو ’محمود‘ آهي
(1)،
۽ پڻ موجوده دور جي سڄاڻ سگهڙ جاڙي خان مري اهو
نالو محمود ڄاڻايو آهي (2)، شاعر چڱي جت سندس نالو
’نوح‘ چيو آهي (3) تحفة الڪرام واري ڳالهه مطابق
ڌوٻي جو نالو ’سنهيه‘ (مَنهِيون)، يا ڪن جي چوڻ
مطابق ‘لار‘ (لال؟) هو (4). محمد عارف ڪلهوڙي جي
بيتن ۾ ۽ ڪن ٻين روايتن ۾ ڌوٻي جو نالو ’محمد‘ ۽
سندس زال جو نالو ’زينب‘ ڄاڻايل آهي (5). موري جي
جوڙيل قصي ۾ کٽيءَ جو نالو ’احمد‘ ڄاڻايل آهي.
پنهون ۽ سندس نک نسب: سنڌ جي عام مشهور روايت مطابق پنهون ڪيچ
جو شهزادو هو ۽ ڪيچ جي حاڪم آري جو پٽ هو. تحفة
الڪرام واري روايت ۾ پڻ ائين ڄاڻايل آهي. (6)
انهيءَ ڪري پنهون کي ’آرياڻي‘ سڏيو ويو آهي. مثلاً
پنهون جو نالو ٻڌي سسئي ٿي چوي ته:
”سودو ڪريان تنهن ساٿ سان، جنهن کي پنهون آرياڻي چُونِ.“
سنڌ جي نسب نامي جي اصطلاح موجب ”پنهون آرياڻي“ معنى ”پنهون پٽ
آري جو.“ آري سنڌ اُچار آهي ۽ اصل نالو ’عالي‘
آهي. پنهون جي والده جو نالو مائي سَلِي‘ هو.
’پنهون‘ ۾ ’هه‘ وارو اچار پڻ سنڌي لهجي مطابق آهي.
اصل نالو غالباً ”پُنون“ آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته
”پُنون“ ۽ ”پُنرو“ نالا، اصل ۾ ’پُونم‘ تان ورتل
هجن. ’پونم‘ معنى ”چوڏهينءَ جو چنڊ.“ سنڌ جي عام
مشهور روايتن مطابق ’پنهون‘ هڪ ته نهايت ئي سهڻو
هو ۽ ٻيو ته محبت جا منجهس مَڻ هئا. ’پنهون‘ جي
سُونهن جو اهڃاڻ ڀٽائي صاحب هن طرح ڏنو آهي ته:
پرتوو پنهونءَ جو جُهڙ جِئن جهالا ڏي
آءُ ننهن آريءَ کي، وٺيو راههَ روئان گهڻو.
يعني ته پنهون جي حسن جو تجلو جُهڙ وانگر تجلا پيو ڏئي، جو جڏهن
سج مٿان ڪڪر هوندا آهن ته ڪڪرن جون ڪنارون نهايت
ئي روشن هونديون آهن. هن داستان جو هڪ ڳالهه ۾ آهي
ته:
آرياڻي پنهون جا سڻ ته ڏيانءِ پار
ڪو ڪو ڪڪر اڀ ۾، جئن ڪڍي سج ڪنار. (7)
خليفي نبي بخش صاحب، ٻاٻيهي جي زباني پنهون جي سونهه کي هن طرح
وهڃايو آهي ته:
سِپھ سَرورَ سُونهي شھ دو ڪچهري
ڏٺي دَهريِ حسن خود ڏيک اَهري.
(سپهه سالار شاهه، ڪچهري ۾ اهڙو سونهندڙ آهي جو سندس حسن کي ڏسي
خود آرسي به دهلجي وڃي ٿي. آرسي هر مُهانڊي کان
وڌيڪ روشن آهي، جو ڏسندڙ کي پنهنجي صورت ان ۾ نظر
اچي ٿي. پر پنهون جي سونهه آرسي تي غالب آهي: آرسي
پنهون جو مُنهن ڏسي پاڻ دهلجي وڃي ٿي.)
سسئي کي پڻ پنهون جي حسن موهي وڌو، بلڪ ماري وڌو:
پَريٽينِ پالياس، ٻانڀڻ ٻيٽي آهيان
حسن هوت پنهون جي، ماري موت وڌياس
جانڪيتان جئندياس، جي پيس ور وصال جي.
(ڀٽائي صاحب)
پنهون جا ڀائر ٻيا به هئا، جن جا نالا جدا جدا روايتن مطابق هي
هئا: چَنُون يا چَنرو، هوتو، نوتو، لَلو ۽ ٻَٻَر.
ڪن روايتن ۾ هڪ نالو ”جکرو“ ڄاڻايو ويو آهي
(1)،
ته سگهڙ موريي وري هڪ نالو ”نقڙو“ (نگرو، ننگر؟)
ڏنو آهي، پر اهي ٻئي نالا انوکا آهن ۽ ٻين روايتن
۾ موجود نه آهن. ٻَٻَر آري جو پٽ هو، پر ڏاڏي پوٽن
مان نه هو ۽ پنهون جو مائيتو ڀاءُ هو. ڪن جو چوڻ
آهي ته ”لَلو“ پنهون جو جت هو، پر ٻن روايتن مان
ظاهر آهي ته ”لَلو“ پڻ پنهون جو ڀاءُ هو، ۽ ڀنڀور
ڏانهن وڃڻ وقت جڏهن پنهون سان گڏ ٻيا گڏجي چڙهيا
هئا تڏهن ”لَلو“ به پنهنجي ساٿين ۽ سپاهه سان گڏ
چڙهيو هو.
”لَلي“ پنهنجي لشڪر سان ٿي ساٿ سنڀاهيو
پنهون پنهنجي پيءُ کان ٿي محب موڪلايو. (2)
(3)
هي بيت اسان کي لس ٻيلي جي وڏي سڄاڻ سگهڙ مرحوم ڪريمداد ٻري (وفات 1950ع)
1946ع ۾ شهر اٿل ۾ ڪيل ڪچهريءَ ۾ مشاهدي طور
ٻڌايو.
|