سهجان جو پنهون کي برغلائڻ:
هيڏانهن سهجان وري اچي ڀنڀور ۾ سهڙي. سسئي کي خبر هئي ته هوءَ
به پنهون جي گهوري آهي، سو پنهون کي جهلي ڇڏيائين
ته فلاڻي بازار ۾ ڪڏهن به نه وڃج. هڪڙي ڏينهن
پنهون خيال ڪيو ته سسئي منع ٿي ڪري، ڏسان ته آخر
ڇا آهي! سو انهيءَ بازار ۾ ويو ۽ ڏٺائين ته سهجان
ويٺي آهي.
سسئي ۽ پنهون جي شادي ٿي ته سهجان هيڪاري حسد ۾ سڙي جلي وئي
هئي؛ وجهه پئي ڳوليائين ته ڪنهن حيلي سان پنهون جي
دل سسئي تان کڄي، سو پنهون کي ايندو ڏسي ڏاڍيون
تعظيمون ڪيائين ۽ پاڻ وٽ ويهاري ڌيان ڇڪائي
چيائينس ته: ”سسئي اهڙي پاڪدامن ڪانهي، جيئن تون
سمجهي پرڻيو آهين. اها ڪچي ٻير ڪانهي پر پڪي ٻير
آهي؛ جنهن کي منهنجي ڏير ڇاڙيون هڻي ڇاڻي ڇڏيو
آهي.“ سهجان جي ڳالهه ٻڌي پنهون کي ڏاڍو ڏک ٿيو،
پر سهجان کي چيائين ته: اکين سان ڏسان ته پوءِ
اعتبار ڪريان. سهجان چيس ته: سڀاڻي هن مهل سسئي جي
باغ جي ٻاهران لڪي ويهي لقاء ڏسج.
ٻئي ڏينهن پنهون باغ ۾ لڪي ويهي رهيو. سهجان مرداڻا ڪپڙا ڪري
سسئي وٽ آئي ۽ ان سان کل ڀوڳ جون ڳالهيون ڪندي باغ
۾ آئي. پنهون پويان لڪو ويٺو هو، مرداڻا ڪپڙا ڏسي
شڪيو ۽ اُتان اهڙي ته جوش مان اٿيو جو سندس چيلهه
۾ ٻڌل ترار جي مياڻ به ٺڪاءُ ڏيئي اڌو اڌ ٿي پيئي.
پوءِ اچي منهن ويڙهي پئجي رهيو. نڪي کائي نڪي پيئي
۽ نه وري سسئي سان ڳالهائي.
سسئي سندس اها حالت ڏسي ڏاڍا حيلا ڪيا ته من پنهون پرچي ۽ ٻڌائي
ته ڪهڙي سبب ڪٽريو آهي، پر ٻيو مڙيئي خير. هڪڙي
ڏينهن سسئي چيس ته: جي مون سان سچي نٿو ڪرين ته
هاڻي پاڻ کي ماري ڇڏينديس. تڏهن پنهونءَ ڪاوڙ مان
چيس ته: سسئي! پنهنجو ناتو ٽٽو، هاڻي وڃي سوناري
سان سهج ڪر! سسئي سمجهي وئي ته اها باهه سهجان جي
ٻاريل آهي، سو سمجهائڻ خاطر پنهونءَ کي چيائين ته:
جن جي ڏاڙهين منجهان ڪڙي تيل جي ڌپ ايندي هجي، تن
کي آءٌ ڪيئن پنهنجو قرب آڇينديس! پر پنهونءَ کي
ويساهه نه آيو ۽ هو وڃڻ لڳو.
سسئي ڏٺو ته ٿيو ته مون سان دولاب آهي؛ پر هاڻي مرد جي دل ڪيئن
صاف ٿئي. هوڏانهن پنهونءَ کيس ڇڏي وڃڻ لاءِ روانو
ٿيو. سو ڊوڙي وڃي کيس جهليائين ۽ چيائينس ته:
پنهل! مون کي ڇڏي نه وڃ، آءٌ هاڻي باهه جي مچ مان
لنگهي پرکا ڏينديس؛ پوءِ من توکي منهنجي سچائي تي
ويساهه اچي.
پوءِ سسئي ڪاٺ گڏ ڪرائي، مچ ٻارائي آڙاهه ڪيو. جڏهن ماڻهو اچي
مڙيا، تڏهن سسئي سهجان کي وٺي آئي ته هلي تماشو
ڏس. جڏهن ٽانڊا دؤنڪڻ لڳا تڏهن سسئي، سهجان کي چيو
ته: اچ ته باهه مان اُڪرون، پوءِ جيڪا سچي هوندي،
سا صحيح سلامت اُڪري ويندي. اتي سهجان انڪار ڪري
بيهي رهي، پر سسئي ڪنن ۾ هٿ وجهي آڙاهه ڏي ڇڪيس،
سهجان پوئتي ڇڪ ڏني ته ٻئي ڪن پاڙئون پٽجي پيس.
پوءِ سسئي آڙاهه مان اُڪري صحيح سلامت وڃي پنهونءَ
جي ڀر ۾ بيٺي. اتي پنهونءَ کي پڪ ٿي ته سسئي سچي
آهي ۽ سهجان ڪوڙي، سو سڀ غير گمان ڪڍي هميشه لاءِ
سسئي جو ٿي ويو.
مارک ۽ ديوان جو ڪيچ پهچڻ:
مارک ۽ ديوان جو قافلو ڪيچ پهتو. آري ڄام سان احوال ڪيائون ۽
چيائونس ته پنهون نه موٽيو. پٽ جي اهڙي خبر ٻڌي
آري ڄام غم ۾ روئڻ لڳو. پنهونءَ جي ماءُ به پٽ جي
فراق ۾ ديواني ٿي پيئي. ٻيون عزيزياڻيون پڻ، پنهون
ڄام کي ياد ڪري پار ڪڍڻ لڳيون. پنهون جا ڀائر به
پنهونءَ کي ياد ڪري زار زار روئڻ لڳا، ۽ سڀ ڪجهه
ڀنڀور کان ڀانئڻ لڳا، جنهن کانئن ڪونڌر ڀاءُ کسيو
هو. سڄي حويلي ۾ ماتم پئجي ويو.
آري ڄام آخر مارک کي چيو ته: پنهونءَ جو ڀاءُ ته رڳو تون هئين،
ٻيا سڀ گولا غلام هئا، پنهون کي به اسان تنهنجي ئي
حوالي ڪيو هو. اوهين نمڪ حرام آهيو جو پنهونءَ کي
بر ۾ ڇڏي هليا آيا آهيو. اوهان سڀني ۾ پنهون زياده
عقلمند هو ۽ ننڍي وڏي ڳالهه جو ويچار ڪندو هو.
هاڻي اوهين تياري ڪري اُٺن تي چڙهي ڀنڀور روانا
ٿيو ۽ ڪنهن به حيلي حوالي سان پنهون کي هت وٺي
اچو؛ پنهون کانسواءِ منهنجو هنيون حيران آهي ۽
سندس فراق ۾ مون لاءِ جيئڻ جنجال آهي.
اوچا ڪيا اوتار، آگي آرياڻين جا
پيءُ پنهنجي پٽن سان، ڪي گويا هي گفتار
ته پرين اوهان پڻائيو، نيئي دو دوار
ساريو تنهن سپرين کي، نيڻين ٽمن نار
ننڍيءَ وڏي ڳالهه جو، هو ڪندو وير ويچار
اآن تي ننڊ حرام جيئن هوتي نوتي هار
هستيون هستر اُن جا جوڙ ڀليءَ جنسار
جوڙي جاجم ان تي ننگين ڏنائون تار
زريون زيبا بافتا، ڪن دوسالين ڌمڪار
سڀ ڪنهن چنگر چيلهه تي، کيڙو کڙين ڍار
سي جوان جمازين چڙهيا، هليا ڪن هونگار
ڀڙ تاڻ شهر ڀنڀور جي، ڪي سسئيءَ ڏٺا سردار
وڃو پنهنجي ور کي پورا ڏئي ٿي پار
ته: دانهه در دلير گهڻو عاشق عقلدار
شال اچيندم سپرين، جي آهن ڏورنهن ديس دوار
سڃاڻندي صدقي چئي، ٿيا ڀيڙا ڀائر يار
تني گڏجي پاڻ ۾ خوش ڪئي کينڪار
ڄاڻي ڄام کٽين تي واهه ويٺا وينجهار
چئي: توکي ٻاٻي سلام موڪليا، بيحد بيشمار
ته اُڪنڊ اوتارا ڪيا، هينئڙي منجهه هزار
آءٌ تون پنهون پيئَد وار، ڪامل ڪيچ جا.
آري جو حڪم ٻڌي هوت، نوتو، چَنَرو ۽ ٻَٻر، چارئي ڀائر سنڀيا.
پهه ڪيائون ته کريب آهي ڀنڀور جي پاڻي ۾، جو جيڪو
ٿو پيئي سو اُتي قابو ٿيو وڃي، تنهنڪري پاڻي به
پنهنجو پيئنداسون ۽ اٽو به پنهنجو ٻڌي کڻندسون ته
متان ڀنڀور جو کائون پيئون ۽ پنهون وانگر پاڻ ٻه
ڦُرجي ويهي رهون. اها صلاح ڪري، ٽپ ڏيئي اٺن تي
چڙهيا، واٽ تي ڪٿي به ساهي ڪانه کنيائون ۽ سنجهه
صبح سفر ڪندا اچي ڀنڀور ڀيڙا ٿيا.
هنن ڀائرن ۾ هڪڙو ڀاءُ بلڪل پنهونءَ جهڙو هو. جڏهن هي گهمندي
گهمندي سسئي جي گهر وڻان لنگهيا ته منجهانئن هڪ کي
پنهونءَ جهڙو ڏسي سسئي ڀانيو ته پنهون آهي. ويجهو
اچي ڏٺائين ته پنهون ته ڪونهي، سو ڏڪي ويئي ۽ منهن
تي پلئه ڏيئي پوئتي موٽي. پنهونءَ جي ڀائرن به
سمجهيو ته هيءَ جا ”پنهون پنهون“ پيئي ڪري، سا
لاشڪ سسئي آهي، تڏهن سڏ ڪري چيائونس ته: مائي!
پنهون تنهنجو تو وٽ آهي، باقي اسين تنهنجا ڏير
آهيون. سسئي تڪڙي تڪڙي گهر موٽي آئي ۽ پنهون کي
چيائين ته: پنهون! تو جهڙا ماڻهو ڏسي آئي آهيان.
پنهون چيس ته: چري! مون جهڙا سوين اوٺي پيا هتي
اچن؛ متان ڪڏهن انهن تي ڀلجين! سسئي چيس ته: پنهل،
مون کي نِشار ڪري سڏيائون ۽ هئا به تنهنجي مهانڊي،
جنهن مان پڪ ٿيم ته تنهنجا ڀائرآيا آهن، اٿي کين
سڏي آءُ ۽ سندن مهماني ڪر! پنهونءَ چيس ته سسئي!
ڏير ڏسي خوش نه ٿيءُ، اهي مون کي وٺڻ آيا هوندا!
ايتري ۾ پنهونءَ جا ڀائر به اچي دروازي تائين پهتا. سسئيءَ
کُهنبي ۾ هٿ ويڙهي، ڊوڙي اچي ڏيرن کي ڀليڪار ڏني ۽
سڏ ڪري چيائين ته: پنهل! تنهنجا ڀائر اچي ويا آهن!
پنهون به وڏي اُڪير سان اٿي اچي ڀائرن سان مليو، ۽
ڀائر پڻ سڪ مان زار زار روئي کيس ڀاڪر پائي گڏجڻ
لڳا. سسئي سندن وڏي آجيان ڪري کٽون وڇائي کين گهر
۾ ويهاريو. پوءِ وڃي رڌ پچاءُ کي لڳي ۽ قسمين
قسمين طعام ٺاهي آڻي سندن اڳيان رکيائين. پنهنجي
هٿ سان کين پکو هڻڻ لڳي ۽ کين ماني کائڻ لاءِ
چيائين. هنن چيو ته: اسين هن ويل اڳ ۾ ماني کائي
ويٺا آهيون، پوءِ وجهه وٺي پنهونءَ کي پنهنجي ٻولي
۾ چيائين ته: ابو تنهنجي يادگيريءَ ۾ رات ڏينهن
بيقرار آهي، ڪيئن به ڪري هڪ ڀيرو هلي کيس دلداري
ڏي.
پنهون اها ڳالهه ٻڌي پر ڪيچ هلڻ کان نابري واري، ٻيهر وري
اڪيلائيءَ ۾ وجهه وٺي پنهونءَ کي ميڙ منٿ ڪيائون
ته: هن کي هتي هڻ ٻن ۾! هل ته توکي هن کان وڌيڪ
سهڻيون ڪيچ جون شهزاديون پرڻايون.... قافلو تيار
آهي، هل ته توکي وٺيو هلون. تڏهن پنهونءَ چين ته:
ادا، ننگ ڇڏڻ مڙسن لاءِ ميار آهي، آءٌ سسئي کي ڇڏي
ڪيچ هرگز نه هلندس!
اتي ڀائرن پاڻ ۾ مصلحت ڪئي ته نڪي سسئي پنهونءَ کي ڇڏيندي ته
نڪو پنهون هتان پوئتي هلڻ جي ڪندو، تنهن ڪري ڪنهن
اٽڪل سان، راتو واهه پنهونءَ کي کڻي هليا هلون،
پوءِ سسئي جي شڪ ڀڃڻ لاءِ هو پنهون سان گڏجي ويهي
مانيون کائڻ لڳا ۽ رهاڻيون ڪرڻ لڳا. هڪ رات ماني
کائڻ کانپوءِ سسئي کي چيائون ته: پنهون کي موڪل ڏي
ته اڄ اسان پاڻ ۾ ويهي دل کولي ڪچهري ڪريون.
سسئيءَ چيو؛ ڀائر آهيو، ڀلي ويهي ڪچهري ڪريو. پوءِ
پنهون کان موڪلائي پاڻ وڃي سُتي.
ڀائرن شراب جا دُنگ کڻي کوليا؛ پاڻ اٽڪل سان ٿورو پيا پيئن پر
پيالا ڀري پنهونءَ کي هڪ ٻئي مٿان ڏيندا وڃن. محبت
ڀري ڪچهري ۾ هن به ڀائرن جو هٿ موٽائڻ مناسب نه
سمجهيو ۽ ويو پيالن مٿان پيالا پيئندو... تان جو
ٿوريءَ دير ۾ نشي ۾ بيخبر ٿي سمهي رهيو. سسئي جي
سماء لڌائون ته اها به گهري ننڊ ۾ آهي. اتي ٻٻر کي
اشارو ڪيائون، جيڪو چپ چپات اُٺ پلاڻي آيو. پنهون
کي جيئن تيئن ڪري اُٺ تي ويهاريائون، پر هڪ هو مڙس
سڀر، ٻيو نشي جو گهر، سو پاکڙي ۾ پاڻ جهلي نه
سگهيو. پوءِ هوتو پنهونءَ کي ڀاڪر ۾ جهلي اُٺ تي
چڙهي پيو ۽ پوءِ وٺي اُٺ هڪليائون. اهڙي حيلي حڪمت
سان پنهون کي بيخبري ۾ اُٺ تي ڪڙي قابو ڪري ڪيچ
ڏانهن روانا ٿيا.
سسئيءَ جو سجاڳ ٿي پنهون پٺيان روانو ٿيڻ:
سسئي ڏيرن جي مهماني ڪري، پنهونءَ کي ڀائرن وٽ ڇڏي پاڻ بي اوني
ٿي وڃي سُتي هئي. اڌ رات جو اک کليس ته پنهون
ساريائين، پر ڏٺائين ته پنهون پلنگ تي آهي ئي
ڪونه، تڏهن ڊوڙي اڱڻ تي آئي ته ڏٺائين ته اوطاق ۾
به اوندهه لڳي پئي آهي... نڪو پنهون ته نڪي ڏير!
پوءِ ته دانهون ڪري منهن مٿو پٽڻ لڳي، ۽ وري به
گهر جون ڪنڊون پاسا ڳولڻ ۽ هيڏانهن هوڏانهن جهوتون
ڏيڻ لڳي. سسئي رڙندي دانهون ڪندي اوڙي پاڙي کي
جاڳائي وڌو. سڀ سرتيون اچي ساڻس ڀيڙيون ٿيون. انهن
کي ڏسي چيائين ته: اديون! منهنجو پنهون مون کان
هليو ويو، هاڻي منهنجو هتي رهڻ اجايو آهي. آءٌ ڪيچ
وڃي پنهنجي پنهون کي ملنديس. سرتين سمجهايس ته:
سسئي! چري نه ٿيءُ، اڄوڪي رات رهه، سڀاڻي اسين به
توسان گڏجي هلنديونسين. سسئي چين ته: اديون! صبح
تائين سور ڪير سهي! آءٌ هينئر ئي هوت ڏي وينديس.
سرتين حيلا ڪيا ۽ وڃڻ کان روڪيائونس جنهن تي سسئي
کين چيو ته: هڪ ته مون سان گڏجي هوت ڏي نٿيون هلو،
۽ ٻيو وري وڃڻ کان ٿيون روڪيو!
هلو جي نه هلو، من تان وڃڻ وارئو
آن کي آري ڄام جو جيڏيون ناهه جلو
اَنهنجو ٿئي ڀلو، مون کي منع مَ ڪرهو.
سرتين سسئيءَ کي چيو ته: سسئي، ننڊ نه ڪرين ها! جڏهن ويسري ٿي
سمهي رهئين، تڏهن ئي ڏير تنهنجو هوت وٺي ويا.
جيڪڏهن سجاڳ هجين ها ۽ پنهونءَ کان پاسي نه ٿين ها
ته هوند تنهنجو پنهون تو وٽان نه وڃي ها. سسئي
جواب ڏنو ته: آءٌ پنهونءَ جي ڀائرن تي ڪيئن نه
اعتبار ڪريان، جو کين ڏير سمجهي مانُ ڏنم ۽ مهماني
ڪيم! مون کي اها ته ڪل ئي ڪانه رهي ته ڌرئون مدي
من ۾ اٿن. تنهن کانسواءِ جيڪا ٻولي ٿي ڪيئون، سا
به سمجهه ۾ نٿي آيم... تڏهن ئي پاڻ ۾ پهه پچائي،
جيڪا من ۾ هئن، سا پوري ڪري ويا. مون ڀانيان
مهمان، پر هو پنهل وٺڻ آيا هئا. جيڪڏهن اها خبر
هجيم ها، ته هوند اُٺن کي پنهنجي وارن سان ونگي
ڇڏيان ها. جيڏيون، هاڻ پنهل پٺيان ٿي وڃان، دعا
ڪجوم ته شل خير سان وڃي ڪيچ رسان ۽ پنهل کي پسان!
سرتين وري چيس ته: سسئي! اڪيلي نه وڃ، ڇو ته اڳيان جهنگ جا
جانور ۽ نانگ بلائون اٿئي، تنهن کان پوءِ ٿو ڪيچ
مڪران ٻڌجي. تنهن ڪري ڏاهي ٿي، اسان جو چوڻ مڃ ۽
ڀنڀور نه وڃ. سسئي چين ته: اديون! مون کي جهليو
پليو ڪين، نڪي رهڻ جي ڪا صلاح ڏيو. آءٌ پنهل جو
پير کڻي پٻ ۾ وينديس ۽ ڏونگر ڏوري هيڪر ضرور وڃي
پنهل سان ملنديس.
سسئي سرتين کي چيو ته: اديون! جي مون کي خبر هجي ها ته ڏير هن
طرح مون کان وير وٺندا ته هوند هڪ پل به پنهون کي
پاڻ کان پاسي ڪونه ڪريان ها:
اڄ وٺندا وير، جي هوند ڀانيان جيڏيون
پنهون نيندا پاڻ سان، دوري دِس دلير
پاڻان پاسي پير، هوند نه ڇڏيم هيڪڙو.
*
هوند نه ڇڏيم هيڪڙو، پير پراهون پل
پيم ڪانه پنهونءَ جي ڪرهه لڏيندي ڪل
آرياڻي اَجهل، ويا لتاڙي لڪيون.
ائين سوال جواب ڪندي اچي صبح ٿيو. تڏهن سرتين کي آخري طور
چيائين ته: آءٌ اوس پنهنجي پنهل پويان وينديس.
منهنجو ور ويو ۽ آءٌ ضرور پنهنجي ور جي پٺيان
وينديس. اوهان جا ور هتي آهن ۽ اوهان ورن واريون
هتي ئي هجو. آءٌ هاڻي هڪ گهڙي به ڀنڀور ۾ ڪين
گهارينديس. ائين چئي سسئي، گهر ڇڏي ٻاهر نڪتي.
ڀنڀور جي شهر جي حد تائين سرتيون به ساڻس گڏ هليون
۽ سمجهائينديون به هليس ته: سسئي! اڳيان رائو رڃ
آهي، تون اڪيلي، ڪيئن جبل جهاڳي سگهندئين؟ جي نٿي
موٽين ته اسين به توسان گڏجي هلنديونسين. تنهن تي
سسئي وراڻين ته: اوهين ورن واريون، هتان ئي موٽي
وڃو ۽ وڃي پنهنجي ورن سان سکيون ٿيو؛ متان ڪا اُڃ
مري منهنجي پنهونءَ کي پاراتو ڏئي. اهو ڏونگر ڏورڻ
منهنجي ئي نصيب ۾ آهي، سو آءٌ اڪيلي سر ڏورينديس.
سسئي جي سرتين کان موڪلاڻي:
سرتيون پرتيون رب کي، منهنجي اَٿوَ جيئري جدائي
آئين موڪلائي موٽي وڃو، ڪريو ورڻ جي وائي
آءٌ پير کڻان ٿي پنهل جو، جنهن سان لنؤن اٿم لائي
دردن منهنجي دل تي آهي دونهين دکائي
برهه باهون، ڪريان دانهون، جن سان اٿم جان جلائي
وٺي گس، ڪنديس وس، ڪري توڪل توائي
پنهل ڳورينديس، سر گهورينديس، من بخشي خاوند خطائي
پنهون پڇنديس، ڪيچي لاءِ ڪسنديس، وجهي ويا فڪر جي
ڦاهي
ڌار ڪري ڌڪي ويا، آءٌ هيس ڪن ڄامن جي ڄائي
تڏهن روئندي وتان وندن تي، اڄ ٻانڀڻ ڌيءَ ٻائي
سورن ۾ سانوڻ چئي، آهي سسئي سامائي
انهيءَ ننگ به نمائي، کڻي ٻانڀڻ هوت ٻروچ سان.
سسئي جو ڀنڀور ڇڏي روانو ٿيڻ:
آڌيءَ اُڌاڻي، سسئي ٻڌي سندرو
ڪڻُڪي ڪونجڙين جيئن، روهه چڙهي راڻي
سڳر سڃاڻي هلي هاڙهي سامهين.
سسئي اُٺن واري واٽ وٺي، واري ۽ پهڻن مان ڪيچ ڏانهن ڪاهيندي
وئي. وندر جا وڻ واءُ سان لڏڻ لڳا ۽ سسئي کانئن
پڇڻ لڳي ته: اوهان ڪو پنهونءَ جو ساٿ ويندي ڏٺو؟
ڏٺائين ته ڏونگر جي ڏار ۾ سَر جو سائو ٻُوٽو بيٺو
آهي، سو چوڻ لڳيس ته: سر! تون جو جبل ۾ سائو بيٺو
آهين، شايد توکي جدائي جو صدمو نه رسيو آهي، دعا
ڪر ته جيئن تون گوندر کان آجو ٿيو بيٺو آهين، تيئن
آءٌ به پنهنجي پنهونءَ سان ملي تازي تواني ٿيان.
سسئي پنهل جو پيرو کڻي روئيندي هلي، لڪن ۽ جهولن ۾ منهن ڪومائجي
ويس. ڪنڊن ۽ وڻن ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيس.
ٿڪجي کُهجي لڪن تي چڙهي، روئي پنهونءَ کي سڏ ڪرڻ
لڳي ته: ”موٽج ڄام پنهون، لڪن لوڏي آهيان.“
ڏونگر کي ڏوراپو:
جڏهن جبل جي لاهين چاڙهين چُور ڪري ڇڏيس، تڏهن جبل کي چوڻ لڳي
ته: ڏونگر! تون برابر ڏاڍو آهين، پر اڳيان پنهونءَ
جي عشق ۾ منهنجا لڱ به لوهه اٿئي، جيڪڏهن پنهون
مون وٽ هجي ها ته تون مون سان هيئن ڏاڍايون نه
ڪرين ها! جڏهن کيس ڏونگرن مان ڪوبه جواب ڪونه
مليو، تڏهن چيائين ته: جنهن کي عشق ازل کان لڳو،
سا ئي هن پهاڙن ۾ پنڌ ڪندي. پوءِ جيئن جيئن ٿي
ڏينهن تتو، تيئن تيئن سسئي تيز هلڻ لڳي:
اُڀ تتو، ڀون ٽامڻي، ڏيل گُدازو ڏينهن
قاسم! قدم پانهنجا، تيز اُڀاڙي تيئن
پهتي پنهونءَ سينءَ، سَمن پوري سهڻي.
سج کي سوال:
جڏهن پنڌ پئي ۽ سج لهڻ کي اوڏو آيو، تڏهن چوڻ لڳي:
اَڄ مَ اُلَهه سج، ته ڪر پُري پنڌ ڪريان
پهر لڪائي ليل جا، ڏينهن پنهنجي کي ڏج
ڪا مَ لهڻ جي ڪج، ته سورج ملان سڄڻين.
*
سج لٿو سانجهي ٿي، مٿان وري مير
رڻ ۾ پيم راتڙي، ڪيئن پسبو پير
آيل! اِن آوير، مون کي اڄ منجهائيو.
آخر
هلندي هلندي سسئيءَ کي بر ۾ سج لهي ويو:
پهي نه پانڌي ڪو، جنهن ڪر پُڇي لوءِ
موڙهي وڃي توءِ، موٽڻ جي ڪانه ڪري.
سسئيءَ سڄي رات پنڌ ۾ گذاري ۽ صبح ٿيو ته وري به ساڳي وائي ته:
”ور ڪوهيارا ڪانڌ!“
رات وهامي ڏينهن ٿيو، پرهه ڇنا پاند
ور ڪوهيارا ڪانڌ، پورهيت پنا ڏينهڙا.
سسئي روئيندي، ويڙهين ۾ ولاڙون ڏيندي، پنهون پنهون ڪندي لڪن مان
پئي وئي. چيائين ته: پنهون پاڻ نه وڃڻو هو، کيس
جتن زوريءَ نيو آهي. وري چيائين ته: نڪي پنهونءَ
جو ڏوهه، نڪي ڏيرن جو ڏوهه ته نڪي اُٺن جو ڏوهه.
اصل ۾ ننڊ نهوڙيم، جنهن ڪري سورن ۾ پيس.
سسئيءَ جي ڇڙين سان چشمو پيدا ٿيڻ:
سسئي، ڏونگر ڏوريندي اٽڪل چاليهه ڪوهه پنڌ ڪري چڪي ته اُڃ کان
بيتاب ٿي ڪري پئي ۽ جيئن ڪو ماڻهو سڪرات جي وقت
زمين تي ڇڙيون هڻندو آهي، تيئن ڇڙيون هڻڻ لڳي.
”ڇپر ۾ ڇڙيون، هڻنديس هوت پنهونءَ لئي.“
خدا جي قدرت سان زمين ۾ پاڻيءَ سان ڀريل هڪ تلاءُ پيدا ٿي پيو،
جنهن سان پاڻي چڪو پي ساهه پٽيائين. چون ٿا ته
اُهو تلاءُ اڃا تائين پاڻي سان ڀريل رهندو آهي ۽
کڻي ڪهڙا به ڏڪر جا سال ايندا آهن، پر اهو ڪڏهن به
سُڪندو ناهي.
سسئي کي ايلپنهوار گڏجڻ:
سسئيءَ کي پهاڙن ۾ پنڌ ڪندي جڏهن وري به اُڃ هلاک ڪيو، ته
هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙائڻ لڳي. ڏٺائين ته پريان
هڪڙو ٻڪرار، ڳاڙهي ڳن سان ڪهاڙي ڪلهي تي رکيو
ٻڪريون پيو چاري. ڊوڙي وڃي چيائينس ته: ادا!
اُڃائي آهيان، پاڻي ڍڪ پيار ۽ ڪيچين جي قافلي جو
به ڏس ڏينم.
انهيءَ ٻڪرار جا اوصاف جانورن جهڙا هئا، جان تي مر جا مڻ چڙهيل
هئس ۽ بت ۾ ٻڪرين جي بوءِ هئس، جيڪا سڏ پنڌ تي ٿي
آئي. ماءُ کي اڪيلو سڪيلڌو پٽ هو، سو اُن ڏينهن
ماءُ سان انگل ڪيو هئائين ته اڄ ٻڪرين سان ڪونه
ويندس. ماءُ چيس ته: پٽ! خدا ڪندو ته برپٽ ۾ ڳاڙهي
ڪنوار ملندئي، تون وڃي ٻڪريون چاري اچ. انهيءَ تي
خوش ٿي ٻڪرين سان پهريو هو. جڏهن برپٽ ۾ ههڙي حسن
وند حور ڏٺائين ته حوصلا ئي بتال ٿي ويس.
سسئيءَ کي چيائين ته: امان مون کي دعا ڪئي هئي ۽ چيو هئائين ته
ٻڪرين سان وڃ، باقي ڌڻي توکي جهنگ ۾ ڳاڙهي ڪنوار
ڏياريندو، سا تون مون کي ملي آهين، هاڻي توکي ڪٿي
ٿو ڇڏيان! تڏهن سسئي چيس ته: ادا ٻڪرار! مون کي هٿ
نه لاءِ جو آءٌ اڳئي سورن ۾ سڙي پئي آهيان... متان
منهنجي درد جي دانهن سڻي تنهنجون ٻڪريون ٽاهه
کائين!
پر پنهوار پنهنجي خوشيءَ ۾ مست، ڪٿي ٿو سسئي جي ڳالهه ٻڌي! هو
سسئيءَ ڏانهن وڌڻ لڳو. سسئي به سندس نيت ڏسي دل ۾
خيال ڪيو ته ٻڪرار کان ڪنهن طرح جند ڇڏائجي سو
اٽڪل ڪري چيائينس ته: ٻڪرار! اُڃ ٿي مران، هي وٽو
وٺ، پاڻي ناهي ته کير ئي ڏهي ڏينم ته پيئان! ائين
چئي، منڊي هڻي، وٽي کي هيٺان سير وجهي ٻڪرار کي
ڏنائين. ٻڪرار به خوش ٿيو ۽ ويٺو ٻڪريون ڏهڻ، پر
وٽو ڀرجيئي نه. انڌ ۾ هيٺان وٽي جي ٺينڍي ڏسڻ ۾ ئي
ڪانه آيس. تيسين سسئي وٺي پنڌ پئي. ٿوري دير
کانپوءِ اوچتو ٻڪرار جي نظر وڃي وٽي جي سوراخ تي
پئي، سو يڪدم سوراخ بند ڪري، کير ڏهي وٽو ڀريائين.
وٽو کير سان ڀري جان کڻي ڏسي ته سسئي ٺهي ئي ڪانه.
هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين ته هڪ طرف پري کان
سسئيءَ کي ڀڄندي ڏٺائين. هي به کيرجو وٽو هٿ ۾ ڪري
سسئي جي پٺيان پيو.
سسئيءَ پوئتي نهاريو ته ڏٺائين ته پنهوار مينهن واءُ ڪندو
ڌوڪيندو اچي. اتي پڪ ٿيس ته هن بدوءَ مان جند ڪانه
ڇٽندي. تڏهن زار زار روئي ڌڻيءَ در سوال ڪرڻ لڳي
ته: يا خدا! آءٌ پنهنجي حق جي پٺيان هلي آهيان،
مون کي هن بدوءَ کان بچائج.
قدرت خدا جي جو سندس دعا اگهاڻي: زمين ڏري، جاءِ ڏنس سسئي ٽپي
پئي اندر ۽ زمين وري پورجي وئي، پر سندس پوتيءَ جو
پلؤ ٻاهر رهجي ويو. ٻڪرار اهو ڪپڙي جو ٽڪر ڦاڙي،
بيرق ڪري انهيءَ جاءِ کي لوڙهو ڏيئي مجارو ٿي اتي
ئي ويهي رهيو.
ڀنڀوران بار پئي، هلي ڪامڻ ڪهي
ساجن ڪارڻ سسئي، ٿي پڇائي پهي
بر براهمڻ باسي هلي، ڀانئي تان نه ڀئي
جانب ڪارڻ جو سبب چئي، وڃي هاڙي هاڪ هنئي
هي سڀ هوڙ لنگهي ويا، پيئي تن تئي
سا موٽي منڌ پٺيان، پسي روهه رئي
منهباران مٿي ٿي، سنگهر ٿي سئي
پسي تنهن پنهوار کي، سا هئي سحر کنئي
تنهن کي ماتا ڌرتي ماڳ ڏنو، ويئي پٽ پئي
وياس ريک رهي، وڃي ڪر من ميڙي ڪانڌ سين.
پنهونءَ جو ڪيچ پهچڻ ۽ ڀنڀور ڏانهن واپس ورڻ:
ڀائرن، پنهونءَ کي آڻي ڪيچ رسايو. آري ڄام پٽ کي ڏسي ڏاڍو خوش
ٿيو. پر پنهون جڏهن نشي جي خمار مان آجو ٿيو ۽ پاڻ
کي ڪيچ ۾ ڏٺائين، تڏهن نڪي ڪنهن سان ڳالهائي نڪي
ٻولهائي ۽ نه کائي نه پيئي؛ هو چرين وانگر هيڏانهن
هوڏانهن واجهائڻ ۽ ”سسئي سسئي“ ڪري پڪارڻ لڳو. آري
ڄام جڏهن پنهون جو اهو حال ڏٺو، تڏهن هيڪاري افسوس
ٿيس. دل ۾ خيال ڪيائين ته متان پنهون وري ڀنڀور
هليو وڃي، انهيءَ ڊپ کان کيس هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ بند
ڪرائي ڇڏيائين.(1)
چوٿين مهيني آري ڄام پنهون کي قيد مان ڪڍيو. راڄ گهرائي انهن جي
روبرو پنهون کي چيائين ته: هاڻي سسئي کي وساري،
هتي راڄ ڀاڳ سنڀالي ويهي رهه. پنهون جواب ڏنو ته:
سسئي کانسواءِ منهنجو حال ائين آهي جيئن پاڻيءَ
کانسواءِ مڇي. سو آءٌ ويندس، هتي نه رهندس. آري
ڄام سندس اهو حال ڏٺو ته پڪ ٿيس ته سسئي کانسواءِ
هي هتي مري ويندو، سو حڪم ڏنائين ته: سسئي کي هتي
نه آڻجو، باقي پنهونءَ کي وٺي وڃي ڀنڀور ۾ ڇڏي
اچو. پوءِ لَلو نالي هڪ جت، اُٺ سنڀرائي پنهونءَ
کي کڻي ڀنڀور ڏانهن هليو.
هلندي هلندي واٽ تي هڪڙي قبر ڏٺائون. پنهون حيران ٿيو ته اڳتي
آياسين ته هتي نڪا قبر هئي نڪو مجاور، هينئر هيءَ
قبر ڪيئن ٺهي ويئي! لَلي کي چيائين ته: ادا لَلا!
اُٺ جهيڪ ته لوڙهه کي ڏسون. پنهون اُٺ تان لهي
مجاور وٽ آيو ۽ پڇيائينس ته: تون ڪير آهين ۽ هيءَ
قبر ڪنهن جي آهي؟ ٻڪرار چيس ته هڪڙي عورت هئي،
جيڪا هن زمين ۾ پيهي وئي آهي، هيءَ انهيءَ جي قبر
ٺهي وئي آهي. تڏهن پنهون پڇيس ته: انهيءَ عورت جا
ڪجهه پار پتا ڏيندين؟ تڏهن پنهوار وراڻيس ته:
کهنبا ڪپڙا پيل هئس ۽ ”پنهون پنهون“ پئي ڪيائين.
اڃ ٿي مئي، سو مون کان کير گهريائين، جيسين ٻڪريون
ڏڌم تيسين هن هنڌ زمين ۾ غائب ٿي وئي. مون کي به
اها ڪنوار، ماءُ جي دعا سان گهر ويٺي ملي هئي، سو
ڪٿي ٿو ڇڏيانس. نيٺ به ته هتان نڪرندي! آءٌ به
انهيءَ آسري تي، هن جاءِ کي لوڙهو ڏيو، انتظار ۾
ويٺو آهيان.
پنهون چيس ته: اڙي ٻڪرار! پاند جي پچر ڇڏ، هي مهري اُٺ اٿئي،
ڪاهي وڃ... جيڪڏهن هن پياسيءَ کي پاڻي پيارين ها
ته گهڻو ئي ڪي انعام ڏيانءِ ها، پر هاڻي اُٺ ڪاهي
هليو وڃ. اتي سسئي به پنهونءَ جو ڳالهاءئڻ سڃاتو،
سو چيائين ته:
سوڙهي ڀانءِ مَ منَهي، پنهون آءُ پيهي
اندر باغ بهاريا، ٻيا ميوا منجهيئي
اُٺو نور نبيءَ جو، ٿيا سرها سڀيئي
ڪيچ خبر پيئي، ته پنهون پرين گڏيو.
بس پوءِ زمين اتان ڏري پيئي ۽ پنهون به اندر لهي پيو ۽ مٿان
زمين هڪ ٿي ويئي. اهڙي طرح آخري سسئي ۽ پنهون مليا
۽ هميشھ لاءِ هڪ ٿي ويا.
|