سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :5

 

سسئي جو ڪيچ ڏانهن قاصد موڪلڻ:

هوڏانهن ڀنڀور ۾ جنهن ڏينهن کان سسئي، ٻاٻيهي جي واتان پنهونءَ جون ڳالهيون ٻڌي پنهنجي دل کسائي ويٺي هئي، تنهن ڏينهن کان کيس سڪ سمهڻ نٿي ڏنو. آتڻ ۾ به ويڳاڻي ويٺي هوندي هئي. ڪم ڪار سڀ ڇڏائي ويس، ۽ رڳو پنهونءَ جي پچار هئس. سرتين پڇيس: سسئي! توکي ڇا ٿيو آهي؟ چئي: اديون! آتڻ ۾ ڪتيم ويٺي، من ۾ ڪا ڳالهه ڪانه هئي... وٺَ پئي واڻئي کي، جنهن سان واپار ڪيم ۽ اهو ڪيچ جي پنهونءَ جا اوصاف ٻڌائي منهنجي دل هڻي ويو.

اهو ٻڌي سهيليون پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳيون ته ڇو نه ڪو قاصد ڪيچ ڏانهن موڪليون، جيڪو پنهونءَ کي وڃي سسئي جي حال جي خبر سڻائي. اهو پهه ڪري سسئي کي دلاسو ڏنائون، تڏهن سسئي پنهنجي ٻانهيءَ کي حڪم ڏنو ته اهڙو ڪو ماڻهو ڳول جيڪو سنيهو کڻي وڃي، آءٌ اجورو ٻين کان ٻيڻو ڏينديس.

ٻانهي هڪڙي قاصد کان پڇا ڪئي، جنهن چيو ته: ٻه سؤ ٽڪا روڪڙا ۽ پَٽ جو وڳو وٺندس. سسئي قاصد جي گهُر قبول ڪري، کيس يڪدم پئسا ۽ ڪپڙا ڏنا. قاصد به ان مهل ئي سسئي جا خط کڻي ڪيچ ڏي روانو ٿي ويو.

قاصد پهريائين اچي سهجان جي شهر وٽ پهتو، جتي پنهونءَ جو ساٿ لٿل هو. پڇا ڪيائين ته: هي ساٿ ڪنهن جو؟ ٻڌايائونس ته: پنهونءَ جو... وڃي ٿو ڀنڀور مان ساٿ ڀرائڻ، هتي سهجان جي مزماني ٿو کائي. قاصد کي ٻيو ڇا گهربو هو. بنا دير وڃي پنهونءَ وٽ پهتو ۽ کيس سسئيءَ جو خط ڪڍي ڏنائين. پنهون خط پڙهي ٻاٻيهي کي چيو: ٻاٻيها! سسئي هت ويڳاڻي آهي، هاڻي هتان جند ڇڏاءِ ته هلون.

ٻاٻيهو ته حڪم جو منتظر هو، تنهن ڇا ڪيو جو شراب آڻائي محفل ۾ رکيائين. اٽڪل  ڪري هڪڙو شيشو شربت جو ۽ ٻيو شراب جو رکيائين. پنهون شراب جو پيالو چپن تي رکي سهجان کي ڏئي؛ ته اها سڄو پيالو ڏڙڪايو ڇڏي. ٻاٻيهي ۽ پنهونءَ رڳو شربت ويٺي پيتو. سهجان ائين ٻه چار پيالا پيتا ته نشي ۾ الهوٽ ٿي پاسو کوڙي پئجي رهي.

اتي ٻاٻيهي اسر ويل ماٺ ميٺ ۾  ساٿ سنڀرائي منزل کنئي. ساٿ مان هڪڙو گؤنرو سهجان واري منزل تي ٻڌي ڇڏيائون. انهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن سهجان کي سجاڳي ٿئي ته گؤنرو رڙي ۽ سهجان سمجهي ته ساٿ ويٺو آهي. سهجان سوير اُٿي پر ڏٺائين ته ساٿ ٺهي ئي ڪونه، رڳو گؤنرو ٻڌو بيٺو آهي. سا پوءِ ”پنهون پنهون“ ڪري لوهون ڏيڻ لڳي، پر رڳو ڊڀن جا ڏاوڻ ڏٺائين. چيائين ته: اهي به پنهونءَ جي اُٺن جا آهن، سي کڻي بت کي هڻڻ لڳي ته من پنهونءَ جي ساءُ مان اندر جي آڳ اُجهامي. پوءِ قافلي جي پٺيان ڊوڙڻ لڳي، ۽ آخر قافلو به اچي اکئين ڪيائين. ويجهو اچي سهجان قافلي سان گڏ ڊوڙڻ لڳي ۽ کين منٿون ڪرڻ لڳي ته مون کي پاڻ سان وٺي هلو. پر جڏهن قافلي وارن نه ٻڌس. تڏهن چوڻ لڳي ته: خدا ڪري ته من منهنجي جهڪ ٿئيو، يا ڏائي تتر تنواري جو اڳتي نه وڃو ۽ ترسي پئو... يا ڪو اهڙو وڏو مينهن وسي جو رستو نه لهي سگهو ۽ موٽي مون وٽ اچي منزل ڪريو.

پوءِ  ٻاٻيهي اتي جواب ڏنس ته: سهجان! جن کي نصيب ۾ چڱو لکيل آهي، سي ڏکيا ڏينهن نه ڏسندا آهن. ائين چئي اُٺ تان لهي پيو ۽ پنهونءَ کي چيائين ته: تون قافلو ڪاهي اڳتي هل، آءٌ پاڻهي سهجان کي ٿو موٽايان. ٻاٻيهو اتي بيهي رهيو، سهجان به اچي ويجهي ٿي پر پنهون جي عشق ۾ اکين تي اهڙو انڌ چڙهيل هئس جو ٻاٻيهي کي لاڻو سمجهي، ان کان پڇڻ لڳي ته: اڙي کاڻل لاڻا! تون بر ۾ بيٺو آهين، تو ڪو پنهونءَ جو کٿوريءَ هاڻو ساٿ هتان ويندي ڏٺو؟ ٻاٻيهي جواب ڏنس ته: ”سجهان سڙي! آءٌ ڇو کاڻو آهيان، کاڻي آهين تون. ٻاروچل نڪري ويو هاڻي ڪسرون ٿي مون مان ڪڍين! ماٺڙي ڪري موٽي وڃ سکي ٿي.“ سهجان دانهون ڪندي منهن مٿو پٽيندي جهنگ جهر جهاڳيندي پوئتي وري. سندس ڪپڙا ڪنڊن ۾ ڦاٽي ليڙون ليڙون ٿي ويا، ۽ اهڙن ئي حالن سان ڪوڪندي پنهنجي ماڳ ڏانهن موٽي.

پنهونءَ جو ڀنڀور ۾ اچڻ:

سهجان مان جند ڇڏائي پنهونءَ جو ساٿ تڪڙو تڪڙو هلڪندو وڃي ڀنڀور ويجهو ٿيو(1) اڃان شهر کان ٻاهر هئا جو ٻاٻيهي ساٿ کي چيو ته: اُٺن کي کٿوري وات ۾ ڏيئي ٻوٿ ٻڌي ڇڏيونِ ڀنڀور شهر ۾ داخل ٿيو ته پوءِ انهن جا ٻوٿ کولي ڇڏجو ته  ڀنڀور وارن کي خبر پوي ته شهر ۾ ڪو بادشاهي قافلو آيو آهي! آءٌ اڳواٽ هلي ٿو سسئي کي خوشخبري ٻڌايان.

ساٿ ڀنڀور ۾ پهتو ته انهن ٻاٻيهي جي صلاح موجب اُٺن جا ٻڌل ٻوٿ کولي ڇڏيا. اُٺن ڪڻڪارون ڪيون ته سڄو شهر کٿوريءَ جي خوشبوءِ سان واسجي ويو. هر طرف هٻڪار پئجي ويئي ۽ پڇائون ٿيڻ لڳيون ته اهو کٿوريو ساٿ ڪهڙي ملڪ مان آيو آهي، جنهن جي اُٺن جي اوڳر ئي سڄي شهر کي واسي ڇڏيو آهي.

سسئي سان ملڻ کان اڳ ٻاٻيهي سوچيو ته شهر ۾ اٺ اهڙي ماڳ تي ترسايان، جتان سسئي جو گهر ويجهو هجي ته  جيئن سسئي ۽ پنهون کي ملڻ ۾ سولائي ٿئي. سو پهريائين محمد ڌوٻي وٽ ويو، چيائينس ته: اسان جو سردار سوداگريءَ جي خيال کان آيو آهي، ٿورن ڏينهن لاءِ پنهنجي باغ ۾ ترسڻ جي اجازت ڏيو. محمد چيس ته: ادا! مهيني اڌ ۾ منهنجو باغ ڀيلجي ڪين ويندو، ڀلي آيئو! جيءُ آيئو! جيستائين وڻيو تيستائين باغ ۾ رهو. پوءِ ٻاٻيهي ساٿ کي وٺي آڻي سسئي واري باغ ۾ ترسايو. سسئي جو گهر ان باغ کي ويجهو هو ۽ پنهون کي سرهائي ٿي ته هڪ نه هڪ ڏينهن نيٺ سسئيءَ سان ملاقات ٿيندي ۽ من جي مراد پوري ٿيندي.

ساٿ جي لهڻ کانپوءِ سڀني پنهنجا اُٺ چرڻ لاءِ ڇوڙي ڇڏيا. ڪي اُٺ باغ ڀيلڻ لڳا ته مالهي اُٺن کي هڪلڻ لاءِ ڊوڙي آيا. جڏهن زوراورن سان پڄي نه سگهيا ته ڌڻين کي دانهن ڏيڻ ويا. هوڏانهن هڪ ڪانگ اچي سسئيءَ جي اڱڻ ۾ لنوڻ لڳو، ڄڻ ته سسئي کي واڌايون پيو ڏئي ته: سسئي! تنهنجا سيڻ اچي ويا آهن! ايتري ۾ مالهي به ڊوڙندا اتي آيا ۽ سسئيءَ کي اچي ٻڌايائون ته هڪڙو پرديسي ساٿ وٺي آيو آهي ۽ باغ پيو ڀيلائي. سسئي ماڻهو ساڻ ڪري باغ ۾ ويئي ۽ اُٺ چرندا ڏسي مالهين کي تڙڻ لاءِ چيائين، جن اچي اُٺن ۾ ڪامون وڌيون. پريان ٻاٻيهو بيٺو هو، تنهن اهو لقاءُ ڏسي چيس ته: تون پنهنجو باغ سنڀال باقي منهنجي اُٺن کي نه مار. اتي سسئي ٻاٻيهي کي سڃاتو ۽ سهي ڪري ورتائين ته هي اٺ ڪيچ- ڌڻي پنهونءَ جا آهن. پوءِ پشيمان ٿي ٻاٻيهي کي چوڻ لڳي ته: انهن ڪرهن تان باغ ته گهوريان پر باغ جا مالڪ به گهوري ڇڏيان! مون کي ڪهڙي ڪل ته ڪرها اوهان جا آهن. هي باغ ته مون  وڏي ڪوڏ سان ڪيچين ڪاڻ ئي پوکايو هو، تنهن کي ائين برباد ٿيندي ڏسي ڪاوڙ آيم، تڏهن اوهان جي ڪرهن کي ڪامون هڻايم. پوءِ چيائين ته: ٻاٻيها! هاڻي مون کي پنهنجي سڄڻ جي سڌ ڏي، پر ائين جيئن ٻئي ڪنهن پرٽ کي پتو نه پوي. ٻاٻيهي چيس ته: تنهنجي سڄڻن کي اُٺ پلاڻيندي ڇڏيو هيم، ڄاڻ آيا ڪي آيا.

اتي سسئي ڏکاري ٿي ٻاٻيهي کي چيو ته: ٻاٻيها! ڇا تون ڪوڙو آهين؟ تو پنهونءَ کي پاڻ سان وٺي اچڻ جو واعدو ڪيو هو، پوءِ تون اڪيلو ڪيئن آيو آهين؟ تڏهن ٻاٻيهي دلداري ڏيئي چيس ته: سسئي! دل نه لاهه. پنهون تنهنجي باغ ۾ لٿو پيو آهي، ڏسڻو اٿئي ته هلي ڏسينس! سسئي چيو ته: ٻاٻيها! هاڻي آءٌ پاڻهي ڪنهن حيلي بهاني سان اچي پنهون پسنديس.

اتي سسئي جون سهيليون به اچي سهڙيون ۽ ٻاٻيهي کي سسئي سان ڳالهائيندي ڏسي هنن کي مڙي سڙي بيٺيون تڏهن ٻاٻيهي موڪلايو، پر وڃڻ وقت سسئي کي چيائين ته: هاڻي اسين تنهنجا مهمان آهيون، جيڪڏهن ٿي سگهئي ته اسان ڏانهن ماني اماڻج، پر ياد رکج ته آءٌ هندو آهيان، تنهنڪري منهنجي لاءِ ٿالهي وٽو جدا موڪلج. سسئي چيس ته: آءٌ پرائي وس آهيان، جي مون کي ماني ملي ته آڻي ڏينديسانوَ، نه ته مون تي ميار نه ڪجو.

پنهون جي ساٿ جي خبر جو ڀنڀور ۾ مشهور ٿيڻ:

ڪيچي ڪيچ کان کٿوري کڻي آيا، سا هڪ ته ڀنڀور جي گهر گهر ۾ ورهايائون، ۽ ٻيو ته سستي ملهه ۾ ڏيڻ لڳا، کٿوري جي ساٿ جي ڳالهه گهر گهر هُلي وئي. ڀنڀور جو سڄو شهر سرهاڻ سان واسجي ويو. پنهون جا ساٿي جوان ۽ ڪيچ جا بلوچ هڪ ٻئي کان وڌ سهڻا ملوڪ هئا، سي جڏهن ڀنڀور جي بازار ۾ هليا ٿي ته سڄو شهر کين ڏسڻ ۾ پورو هو. سسئي جي سرتين ته وڃي پنهون پاڻ ڏٺو، ۽ پوءِ سسئي وٽ ويهي ساٿ وارن ۽ ان پنهونءَ جي پچار ڪيائون:

 

تن جو ساٿ سڄو ئي سُرهو، هي جي هوت اچن
خوشبوءِ کٿوريان ئي گهڻي، سُرَ پڻ ملي تن
راڻيون رهاڻيون ڪئو، ٻايون ٻوليون ڪن
جنهن جي سونهن سورج جهڪو ڪئو، سو سردار سڀن
 اوڏا عزيز اُن جا، ٻيا پڻ چار چون
پٺيءَ پنهونءَ ڄام جي، ڀينر ٿا ڀوڻن
اچي اوتارا، ڪئا، جوڙي منجهه جتن
قطب چئي ڪيچين، اَجهو آرياڻي اُتهين.

ساٿ کي ڀنڀور ۾ آئي ٻه ٽي ڏينهن ٿي ويا هئا. سسئيءَ کي رات ڏينهن پنهون جي پسڻ جي ڳڻتي هئي... نه آتڻ پيو اُُڄهيس ته نه ڪاپو! سرتيون هجن ته انهن کان روح وندرايو ويٺي هجي، پر جي اُهي نه هجن ته ڳڻتي ۾ پئي هجي. آخر اندر جي ڇڪ ويهڻ نه ڏنس، سو اُٿي ماءُ کي چيائين: ”امڙ، پنهنجي باغ ۾ مهمان آيا آهن، انهن جي سار سنڀال لهڻ جو اسان تي به حق آهي؛ جيڪڏهن مزماني ڪئي سين ته مهمان به خوش ٿي ويندا ۽ پنهنجو به مان مٿي ٿيندو!“ ماءُ جواب ڏنس ته: ”سسئي! ڀنڀور ۾ ڪئين قافلا پيا اچن وڃن، ڪيترن کي پيا مانيون کارائينداسين. تون ماٺڙي ڪري وڃي ڪَتِ.“ تڏهن سسئي چيو ته: ”امان! اهڙا ڪتڻ جا ڏينهن وري به ايندا، پر ههڙو ساٿ وري نه ايندو. آءٌ انهيءَ سوداگر سان سودو ڪنديس، جنهن کي پنهون ٿا چون ۽ جيڪو ڀنڀور جي بازار ۾ منزل ڪيو ويٺو آهي.“

سسئي کي هئي سڪ پنهونءَ پسڻ جي، سو کيس ڪنهن به طرح سک نه پيو اچي. آخرڪار سرتين ساهيڙين سان سور اوريائين ته:”اديون! پنهونءَ جي پسڻ کانسواءِ آرام نه ايندم، ڪنهن حيلي هلي پنهون پايوم.“ تڏهن سهيلين صلاح ڪري، ساٿ مان سرهاڻ سؤدڻ لاءِ سسئيءَ جي ماءُ کان موڪل ورتي. پوءِ سسئي کي سنڀرايائون ۽ پاڻ به هار سينگار ڪري ساڻس گڏجي باغ ڏانهن روانيو ٿيون، ۽ سڌو اچي اتي پهتيون جتي پنهونءَ جو تنبو لڳل هو. ان مهل پنهون به پنهنجي يارن سان تنبوءَ ۾ کٿوري جا انبار کولي ويٺو هو. اندر گهڙي ڏسن ته هڪ ورَن، هڪ شڪل، سدا سهڻا جوان ويٺا آهن. سڀني کي ڪپڙا به ساڳيا ۽ هٿيار پهنوار به ساڳيا؛ سو نه پيون سڃاڻن ته منجهن پنهون الائي ڪهڙو؟ کٿوري کولائيندي ڏسندي سسئي سرتين کي چيو ته: پڇونِ ته اوهان مان پنهون ڪهڙو آهي؟ هنن جواب ڏنو ته: جنهن کي کٿو اوڍيل آهي، سو ئي اسان جو ساٿ وڏيرو آهي. سرتين سهي ڪيو ته پنهونءَ جا پار صحيح نٿا ڏين، سو کڻي ماٺ ڪيائون. تڏهن سسئي چيو ته: اسان وٽ ڪاسبي ڪمي ڪلهن ۾ کٿا اوڍين. اوهان سڀني کي ڪلهن ۾ کٿا پيل آهن، هاڻي خبر ناهي ته پنهون ڪهڙو! اتي وري پنهونءَ جي ساٿين پڇيو ته: اوهين به ته سڀ هڪ جيڏيون هڪ جهڙيون آهيو، هاڻي ٻڌايو ته اوهان ۾ آتڻ- وڏيري ڪهڙي آهي؟ هنن به جواب ڏنن ته جنهن کي شال ڪلهن ۾ پيل آهي، سا ئي اسان جي آتڻ وڏيري آهي. جهڙو جواب ڏنو هئائون، تهڙو ئي کين موٽي مليو. تڏهن ساٿين چيو ته: اوهان سڀئي هڪ جهڙيون ۽ سڀني کي شالون اوڍيل آهن، هاڻي ڪهڙي خبر ته آتڻ وڏيري ڪهڙي؟ تڏهن جواب ڏنائون ته: اوهين جي ٺاهي ٻڌايو ته اسين به صحيح سڻايون. تڏهن چيائون ته: اسان جو سرواڻ اهو آهي جنهن جي هٿ ۾ سوني ۽ موتين سان مڙهيل مهار آهي، اسان جو ساٿ-ڌڻي ڄام پنهون اهو ئي آهي.

تڏهن چيائون ته: هاڻي پنهونءَ کي سڃاتوسين. وري پنهون پڇيو ته: اوهان ۾ آتڻ- ڌڃاڻي ڪير آهي؟ سهيلين جواب ڏنو ته جنهن جون ڪرايون ڪنگوءَ ورن آهن، اُها اسان جي ساٿ وڏيري آهي ۽ اها ئي سسئي آهي. سسئي ۽ پنهون جي سڃاڻپ ٿي ۽ هڪ ٻئي کي ڏسندي ئي سندن دلين ۾ محبت جا دونهان دکي پيا. سرتين چيو ته: سسئي ڪيچ جو سُرهو وکر وٺڻ آئي آهي. اهو ٻڌي ٻاٻيهي ساهمي کنئي ته کٿوري توري ڏئي. تڏهن پنهونءَ چيس ته: ساهمي ڪهڙي ٿو کڻين، ائين ئي پٺارڪ ڀري ڏي. پوءِ وکر وٺي سسئي سهيلين سميت گهر موٽي آئي.

سسئي ۽ پنهون جيئن ئي آمهون سامهون ٿيا ته عشق جي تير کين گهائي وڌو. سسئي سرتين اڳيان ته اندر جو اظهار نه ڪري سگهي، پر گهر موٽڻ سان منهن ويڙهي پئجي رهي ۽ روئي سڏڪا ڀري پنهونءَ کي ياد ڪرڻ لڳي. هوڏانهن سسئي موٽي وئي پر پنهون کي ويهڻ وهه ٿي آيو. سئسي جي فراق ۾ اکين مان آب وهڻ لڳس، آخر اٿي اها واٽ ورتائين، جيڏانهن سسئي سهيلين سميت رواني ٿي هئي.

پنهون اڃا باغ جي حد اندر هو ته آڏو هڪڙي هرڻ ڇال ڏنو(1)  تير ڪمان ڪلهي مان لاهي، هرڻ کي نشانو بنايائين ۽ هرڻ رت ڳاڙيندو اکين کان غائب ٿي ويو. پنهون به رت جي نشان تي پٺيانس هلندو ويو. مڄاڻ ته اهو هرڻ ڪو سسئي جو ڌاريل هو، سو وڃي سسئي جي گهر واري ننڍڙي باغيچي اندر پهتو. پنهون به هرڻ جي پويان هلندو اچي باغيچي ۾ پهتو. گهر-ڌڃاڻي، محمد جي زال ان وقت باغيچي ۾ هئي ۽ هڪڙي ڌارئي ماڻهوءَ کي باغيچي ۾ ڏسي کانئس پڇيائين ته: ڪير آهين ۽ پرائي باغيچي ۾ بنا پڇا ڳاڇا جي ڇو ڪاهي آيو آهين؟ تڏهن پنهون وراڻيس ته: جيجي! نالو پنهون اٿم ۽ ڪيچ جو سردار آهيان. هرڻ کي تير هنيم جيڪو اچي هن باغيچي ۾ پيو آهي؛ ان جي پويان آيو آهيان. زينب جو ڪاوڙ وارو ڳالهائڻ ٻڌي سسئي به گهران نڪري اچي باغيچي ۾ پهتي. پنهون کي اُتي بيٺل ڏسي عجب ۾ پئجي وئي. آخر هوش سنڀالي ماءُ کي چيائين ته: امان، ويچارو پرديسي آهي. کيس اسان جي رواج جي خبر ڪانهي تڏهن ائين باغيچي ۾ آيو آهي، اها خطا بخش ڪرينس. ماءُ کيس ائين پنهونءَ جي پاسخاطري ڪندي ڏسي چيو ته: سسئي ڪجهه هوش ڪر! تو هن پرديسي ۾ ڇا ڏٺو آهي جو سندس طرفداري پئي ڪرين! ماٺ ڪري هلي گهر ويهه! تڏهن پنهونءَ ڏي نهاري، سسئي ماٺڙي ڪري هلي وئي. پنهون به گهر- ڌڃاڻي زينب کان معافي گهري پوئتي روانو ٿيو.

پنهونءَ جو محمد ڏانهن وڃڻ:

پنهون پنهنجي ماڳ موٽي آيو پر سسئيءَ جي سڪ کيس تاڻي کنيو. دل ۾ ويچار ڪيائين ته: ڇو نه کٽي سڏائي کَٽيڪو ڪم ڪريان! من انهيءَ بهاني سان سسئي کي ڏسڻ نصيب ٿئيم! اها ڳالهه ڳڻي، ساٿ ڇڏي، سرداري ويس وڳا لاهي،سادا ڪپڙا پائي وڃي محمد کٽيءَ جي اوطاق تي نڪتو. ڪچهري ۾ وڃي سلام ورايائين. محمد کٽي سندس شڪل شهابت مان سهي ڪيو ته هيءُ ڪو وڏ- گهراڻو آهي، سو سلام جو جواب ڏيئي، سڏ ڪري پنهنجي ڀر ۾ ويهاريائينس. ٿوري دير کانپوءِ خبر چار پڇيائينس ته: ڪير آهين، ڪٿي جو رهاڪو آهين ۽ ڪهڙي ڪرت ڪندو آهين؟ پنهون جواب ڏنو ته: پنهل نالو اٿم، ڪيچ مڪران جو رهاڪو آهيان، جتي منهنجو راڄ رهي ٿو، آءٌ کٽي آهيان ۽ کٽيءَ جو پٽ آهيان. اسين آري ڄام جا کٽي آهيون، جيڪو اسان جي سنڀال ڪندو آهي ۽ انعام اڪرام ڏيندو آهي... قسمت انهيءَ ملڪ مان ڪڍي هت آندو اٿم؛ جي مون کي پاڻ وٽ بيهاريندين ته تنهنجو سڀ ڪم سنڀاليندس. اهو ٻڌي محمد کٽي کيس دلاسو ڏنو ۽ ٻئي ڏينهن اچڻ لاءِ چيائين.

پنهونءَ جي وڃڻ کان پوءِ ڪچهريءَ ۾ جيڪي ٻيا کٽي ويٺا هئا سي پنهونءَ کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا هئا، تن پاڻ ۾ چؤٻول ڪيو ته هيءُ کٽي اصل ڪونهي، ڪنهن ملڪ جو شهزادو ٿو ڏسجي، جيڪو شايد ڪنهن عشق جي فراق ۾ ملڪ ڇڏي اچي هتي پهتو آهي. تڏهن چيائون ته: پرکا وٺجيس ته بادشاهزادو آهي يا کٽي!

پنهون جو ساٿين سان احوال ڪرڻ ۽ کين موٽي وڃڻ جو حڪم ڏيڻ:

پنهون پنهنجي ماڳ اچي پنهنجن حال وارن ساٿين ۽ ٻاٻيهي کي سڏيو. ساڻن پنهنجي دل جو حال اوريائين ۽ چيائين ته: جي آءٌ بلوچ سردار ٿي رهندس ته سسئي ملڻ مشڪل آهي. مون هاڻي عشق جي سرداري مڃي آهي، ۽ ڌوٻيءَ جو ڌنڌو اختيار ڪري سسئي کي پنهنجو ڪندس. اهو ٻڌي سڀ ساٿي پريشان ٿيا ۽ پنهونءَ کي سمجهائڻ لڳا ته ائين ڪرڻ مناسب ناهي. ٻاٻيهي چيو ته: اسان آري ڄام کي خاطري ڏني ته پنهون کي پاڻ کان جدا نه ڪنداسون. پنهون چيو ته: ٻاٻيها! تنهنجي ڳالهين ته هت پهچايو آهي. هاڻي آءٌ سسئي جو آهيان. اوهان کٿوري جو سودو پورو ڪيو آهي ۽ هتان اَن جا انبار ۽ ٻيو سامان کڻي پوئتي روانا ٿيو. منهنجي پيءُ کي سلام ڏج ۽ حال ڪج ته حياتي هوندي ته ملنداسون.

ساٿ وارا اهو حڪم ٻڌي تياري ڪرڻ لڳا ۽ انهيءَ رات ساٿ لڏي واپس وريا.

پنهونءَ جي پرکا:

پنهون ٻئي ڏينهن محمد ڌوٻيءَ وٽ پهتو ته کٽين چيس ته: تو ڪپڙا برابر ڪونه ڌوتا هوندا، پر ڌوئيندي ته ڏٺا هوندئي؛ جيئن ڏٺئي تيئن ڌوئي ڏي ته تنهنجي اصل نسل جي خبر پوي ۽ اسان کي خاطري ٿئي. پنهون چيو ته: ڪپڙا ڏيو ته ڌوئي آڻي ڏيانوَ. پوءِ پرکا لاءِ جيڪي چار وڳا گهرائي رکيا هئائون، سي ڏيئي چيائونس ته: هي جلدي ڌوئڻا آهن ۽ تون ئي ڌوئي اچ.

پنهون ڪپڙا کڻي تڙ ڏانهن پئي ويو ته واٽ تي ٻه پريٽ، گنجو ۽ ڪاڻو پئي آيا. پنهونءَ کي ته خبر ئي ڪانه هئي ته ڪپڙا ڪيئن ڌوئجن، سو ٻنهي کي پٺيءَ تي ڌوتل ڪپڙن جون هڙون ڏسي، کانئن پڇيائين ته: ادا! گنديون ڪيئن ڌوئان. هنن چيس ته: واهه يار واهه! اسان تان چٿرون ٿو ڪرين! پر جڏهن پنهون کي چتائي ڏٺائون ۽ سهي ڪيائون ته هي ڪنهن لاچار کان ڌوٻي ٿيو آهي، تڏهن سٽ سٽي، سيکت ڏيڻ لاءِ صلاح ڏنائونس ته گندين ۾ کار جا ڳنڍا ٻڌي ڦرهي تي سٽجئين ۽ پوءِ ٻيرين تي سُڪڻا وجهي ڇڏج، جڏهن سُڪي وڃن تڏهن ڇڪي لاهجئين.

سسئي کي جڏهن اها خبر پيئي ته پنهون ڪپڙا ڌوئڻ ويو آهي، تڏهن خيال ڪيائين: پنهون ڪيچ جو سردار، تنهن کي ڪهڙي خبر ڪپڙن ڌوئڻ جي! سو دعائون گهرڻ لڳي ته من ڪنهن حيلي پنهون ڪپڙا ڌوئي اچي. پر ٿوري دير بعد جڏهن ساڳي واٽ تان گنجي ۽ ڪاڻي کي ايندو ڏٺائين تڏهن سهي ڪيائين ته هنن پنهونءَ سان ضرور ڪا حرڪت ڪئي هوندي. سو بهانو ڪري ساهيڙين کي چيائين ته: هلو ته پاڻ به هلي درياءَ جو سير ڪري اچون ۽ ڏسون ته ڪيئن ٿا مهاڻا رڇ ٻڌن ۽ مڇيون مارين ۽ ڪيئن ٿا ڌوٻي ڪپڙا ڌوئن.

سسئي راز واريون هڪ ٻه سهيليون ساڻ ڪري تڙ تي آئي؛ ڇا ڏسي ته ڪپڙا ڦاٽا ليڙون ليڙون ٿيا پيا آهن ۽ پنهونءَ جي هٿن مان رت پيو وهي، ڇو ته گنجي ۽ ڪاڻي جي صلاح موجب ڪپڙن  ۾ کار جا سخت ڳنڍا ٻڌي ڦرهي تي سٽيائين، جنهن ڪري ڦاٽي پيا هئا. ويتر درياءَ جي سُتين (ننڍين سپُن) به پير وڍي ڇڏيا هئس. پنهونءَ جو اهو حال ڏسي، سسئي کي ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ چوڻ لڳي: منهنجي لاءِ پنهون اچي پريٽ بنيو آهي، پر هتي پرديس ۾ ڪير سندس دوا دارون ڪندو! پوءِ پنهونءَ کي چيائين ته: ڪپڙا ائين نه ڌوپندا آهن، جيئن تون ٿو ڌوئين... پهرين کار ۾ مناڙي پوءِ پاهه جي لغار ڏينس. آءٌ هوند درياءَ ۾ گهڙي توکي ڪپڙا ڌئاريان پر بابي جي ڊاءُ ڀر ٿي ڊڄان: هاڻي هيئن ڪر جو ڪپڙن ۾ ٻيڻو ملهه ٻڌي ڌڻين کي موٽاءِ. ائين چئي سسئي موٽي آئي.

پنهونءَ جو ڪپڙن ۾ مهرون ٻڌي موٽائڻ:

پنهون ڪپڙا کڻي پنهنجي جاءِ تي آيو ۽ سسئي جي صلاح موجب جيڪي ڪپڙا ڪجهه ثابت هئا تن ۾ هڪڙي هڪڙي مهر ۽ جيڪي ليڙون ٿي ويا هئا تن ۾ چار چار مهرون ٻڌي ڇڏيائين. سج لٿي مهل ڪپڙن جا ڌڻي آيا ۽ پنهون کان ڪپڙن جي طلب ڪيائون. پنهون به هڪ هڪ ماڻهوءَ کي سندس ڪپڙن جي موڙي ڏيندو آيو. هڪ ڪپڙا کڻي گهر پهتا ۽ موڙي کولي ڏسن ته ڀلا ڀائي! ڪپڙن ۾ مهرون ٻڌيون پيون آهن! هي دل ۾ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ چوڻ لڳا ته ڀلي ته اهڙا ٻه چار ٻيا ڌوٻي به اچن ته اسان جو ڀلو ٿئي.

جڏهن محمد ڌوٻي کي ڪٿان به ڪپڙن جي شڪايت نه ملي، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائينس ته: توتان ڌوئڻ جو ڌنڌو معاف آهي، رڳو منهنجي ڪاروبار جي نظرداري ڪر.

پنهونءَ جي سسئيءَ سان شادي:

پنهونءَ پنهنجي هوشياري سان محمد ڌوٻيءَ کي اهڙو خوش ڪيو؛ جو هن پنهونءَ کي رهايو ئي پاڻ وٽ. ڪم ڪار سانگي پنهونءَ کي پنهنجي گهر به موڪليندو هو ۽ انهيءَ بهاني سسئي ۽ پنهونءَ جي ملاقات پئي ٿيندي هئي. آخر هڪڙي ڏينهن سسئي کيس صلاح ڏني ته: بابا جو توتي اعتبار آهي ۽ توکان تمام گهڻو خوش آهي؛ هاڻي کانئس منهنجي سڱ جي گهُر ڪر.

هڪڙي ڏينهن محمد ڌوٻي اوطاق تي ويٺو هو ته پنهون اچي کانئس سسئيءَ جو سڱ گهريو. محمد ڌوٻي خيال ڪيو ته: پنهون اسان جي نيات مان آهي، تنهن ڪري ساڻس سڱ ڪرڻ ۾ ڪوبه عيب ڪونهي. سو پنهونءَ کي دلاسو ڏيئي پنهنجي گهر آيو. سسئي کي چيائين ته: پنهون تنهنجو سڱ گهريو آهي، ڪهڙي مرضي اٿئي؟ سسئي جواب ڏنو ته: جنهن ڳالهه ۾ ماءُ پيءُ راضي، آءٌ به ان ۾ خوش آهيان. محمد خيال ڪيو ته ڇو نه پنهون کان قول قرار وٺي پوءِ سسئيءَ جو سڱ ڏيان، جيئن سسئي هميشه مون وٽ ڀنڀور ۾ رهي. سو پنهونءَ کي سڏائي شرط وڌائين ته: سسئيءَ سان شادي تڏهن ٿيندي، جڏهن هميشھ لاءِ اسان وٽ رهندين ۽ موٽي ڪيچ نه ويندين. پنهون اهو شرط قبول ڪيو. تڏهن تاريخ ٻڌائون ۽ شاديءَ جو سانباهو ٿيڻ لڳو.

ٻيءَ هڪ روايت موجب: پنهون جڏهن سسئي جو سڱ ڇڪايو، تڏهن سسئي شرط وڌو ته آءٌ انهيءَ سان شادي ڪنديس، جيڪو سُرهي ڪنگڻ کار جي ڪوٺي ڀري ڏيندو. سسئيءَ سان شادي جا سيڪڙائو سوين هئا، سي وٺي سرهي لاڻيءَ جي ڳولا ۾ نڪتا. پنهون به جهنگ منهن ڏيئي روانو ٿيو. هڪڙي هنڌ ٻڪرار بيٺي ٻڪريون چاريون. ٻڪرار هڪ سهڻي جوان کي جهنگ ۾ اڪيلو ڏسي احوال پڇيو. پنهون ٻڌايس تهِ سرهي کار جي گهرج اٿم. ٻڪرار چيس ته هي سڄو جهنگ لاڻي جو آهي، وڍي ڪُهڙ ڪري باهه ڏينس، پوءِ کار جيڪا وڻئي سا کڻ.

پنهون ڪهاڙي کڻي اچي لاڻا وڍڻ بيٺو. سسئي جي عشق ۾ سموري لاڻي وڍي ڍڳ ڪيائين، ۽ ڪُهڙ ڪري ويهي رهيو. سسئي جا ٻيا طالبو به ڳولا ڦولا ڪندا اتي اچي نڪتا. تن جو کار ڏٺي، سو پنهونءَ کي چيائون ته تو وٽ ايتري کار آهي جو سوين اُٺ ڀرجن: سو ڪجهه کار اسان کي به ڏي. پنهون کين چيو ته: جيڪو ماڻهو جيتري کار کڻي سگهي اوتري کڻي وڃي پر هڪڙي شرط سان ته ٻانهن تي مهر هڻڻ ڏيندؤ. سڀني اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ پنهون هڪڙي هڪڙي کي مهر هڻندو کار جي ڀري ڏيندو ويو. اُهي خوشيءَ ۾ کار کڻي ڀڄندا ڀڄندا سسئي وٽ آيا ۽ کار ڏيئي ساڻس شادي جي طلب ڪرڻ لڳا. سسئي اها صورت ڏسي ارمان ۾ پئجي وئي ته لاشڪ پنهون سان ڪو ڊوهه ٿيو آهي.

ايتري ۾ پنهون به کار جا اُٺ ڀرائي اچي پهتو ۽ سسئي کي چيائين ته: هي سڀ مون کان منٿ ڪري کار وٺي آيا آهن، اعتبار نه اچئي ته سندن ٻانهن تي منهنجي منڊيءَ جي مهر ڏسي پڪ ڪر. اهو ٻڌي سڀئي شرمندا ٿي موٽي ويا. سسئي جو شرط پورو ٿيو ۽ پنهونءَ سان شاديءَ جو اعلان ڪيائين.

پنهونءَ کي ڪيچ مان قاصد اچڻ:

هوڏانهن قافلو ڪيچ پهتو ته واويلا پئجي ويئي. آري ڄام ان مهل ئي هڪڙو خط لکي قاصد کي ڏنو، جيڪو يڪدم ڀنڀور ڏانهن روانو ٿيو.

سسئي ۽ پنهون اڃا شادي جي خوشين ۾ ئي هئا ته ڪيچ مان آري ڄام جو قاصد اچي سهڙيو. آري ڄام جو خط پنهون کي ڏنائين، جنهن ۾ لکيل هو ته: پنهل ڄام! ڀيڻيون ڀائر ته وساري ڇڏيئي، پر جن ڄڻيئي ۽ ننڍڙي هوندي کان نپائي وڏو ڪيئي اهي به وساري وڃي ڀنڀور وسايئي. ڀنڀور  جي کٽياڻي جي دام ۾ ڦاسي وڃي ڀنڀور شهر جو کٽي ٿئين ۽پنهنجي ڪڙم کي ٽڪو لاتئي. پيءُ جو خط پڙهي پنهون جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. قاصد کي چيائين ته: منهنجي پياري پيءُ کي سلام ڏج ۽ چئج ته سسئي سان منهنجو انگ ازل کان لکيل هو... قادر جو لکيو ڪنهن کان ڪونه ميٽبو. هاڻي منهنجو ماڳ مڪان مرڻ جيئڻ ڀنڀور ۾ آهي جنهن کي ڇڏي ڪونه سگهندس.

اهو نياپو کڻي قاصد هٿان پيءُ ڏي موڪلي، مارک ۽ ديوان کي به ڪيچ موٽي وڃڻ جي موڪل ڏنائين؛ جيڪي باقي ساٿ وٺي، قطار ڪاهي ڪيچ ڏانهن روانا ٿيا.


(1) سکر فقير ساکاڻي جي روايت موجب: پنهون جو قافلو ڀنڀور ۾ ٻارنهن ڏينهن جي سفر کان پوءِ پهتو.

(1) ٻي روايت موجب: پنهونءَ، سسئي جي طوطي کي گز هنيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org