سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :18

 

سکر فقير ساکاڻي جا چيل بيت*

 

1-  پنهل پنهنجي پيءُ کان، مرد گهري موڪل
ڏنس اجازت آريءَ ڄام، ترت ڪري توڪل
ڪوٺائي تن ڪيچين کي، چيو ڄام پنهل
ڪاهيو ڪرها ڪَست مان، هلو هِن مهل
ترت ڪري توڪل، هلي ڀيڙا ٿيو ڀنڀور کي.

 

2- آريءَ ڄام آڻائيا، پنهنجا صوبا ۽ سردار
چئي: اٿو پارت پنهل جي، ٿجو قربدار
هاڻي الله جي آڌار، منهنجو پنهل آڻجو پاڻ سان.

 

3- ڄام پنهل چيو راڄ کي، گويا هيءَ گفتار
سودو سٽ ٻيو ڪونه کڻو، بنان کٿوريءَ بار
عطر عنبير ساڻ کڻو، ڇوٽ ڪجو ڇڻڪار
پهر جو پوشاڪون پٽ جون، جوان ڪيو جنسار
ڪاهيو ڪرها ڪست مان، وجهو مَين کي مهار
اپر آواز اُٿيا، ڇيرين ڪيا ڇمڪار
ڪري الله توهار، وڃي ڀيڙا ٿيا ڀنڀور کي.

 

4- سسئي هلي سهيلين سان، سرس ڪري سينگار
ڏٺائين ساٿ، سکر چوي ٿي وئي باغ بهار
ڪيائين کاڄ خوشيءَ مان، تازا طعام تيار
چئي: کائج خان خوشيءَ مان، دل گهُريا دلدار
ذات مٽائج پانهنجي، ٿي ڌوٻي ڌوئڻهار
پوءِ ڪجي ويچار، ٿئي نانءُ نڪاح جو.

 

5- کٽين پڇيو پنهل کان، تون ڪهڙيءَ جُوءِ جوان
ورندي ڏنن تنهن واهه واهه، دانههَ ساڻ ڌيان
آهيان سياءُ اوهان جو، ناهي شڪ گمان
زر ۽ زيور جي، آهي مون وٽ ڪمي ڪان
مُلڪ منهنجو مٺڙا، اَٿو ڪيچ مڪران
هاڻي مرد ٿيو مهربان، سعيو ڪريو سنگت جو.

 

6- کٽين ويهي پاڻ ۾، ڪئي هيءَ صلاح
ڏيونس سڱ سسئيءَ جو، مرضي جا الله
واحد کي وڻي واهه، لکيئين انگ عجيب سان.

 

7- شادي ڪري شوق مان، خوش ٿي ويٺو خان
هوڏي پڻس ٿي ويو ڏاڍو پريشان
ڀينر ڀاڄايون به سڀ موڳيون ٿيون مستان
آريءَ چيو پٽن کي، جُهدئون وڃو جوان
مايا ملڪ پانهنجو، ڪيچ ڪيان قُلبان
پيڙهي پُٽ پانهنجو، نبي اٿو نگهبان
هاڻي الله ڏيندو امان، پنهل آڻجو پاڻ سان.

 

8- پيرين پئي پيءُ کي، نر هليا نروار
ڏٺئون وڻ ڀنڀور جا، سرها ٿيا سردار
ڀر وٺي ويٺا ڀاءُ جي، ڏنئون خبرچار
ٻَن وجهه ٻانڀڻ کي، هِندياڻي هيڪار
مڪرانڻيون پنهنجي ملڪ ۾، هيڪانديون هزار
پريزادي پرڻايونءِ، توسان هي اقرار
ڪاهه ڪيون ٿا ڪيچ تي، صوبا اڄ سردار
تنهنجي راوَ ڊڄن ٿا، هڪل ساڻ هزار
ڪاهلو ڪر مَ ڪيچ کي، ڏي نه مڪران کي ميار
هاڻي هوت حوصلو ڌار، ڪاهي هل تون ڪيچ ڏي.
چئي: ادا، ننگ ڦٽي ڪرڻ آهي مڙسن ڪاڻ ميار
مون جهڙا مڪران ۾، آهن هوت هزار
هاڻي پنڌ انهيءَ پار، موٽي منهنجو ڪين ٿئي.

 

10- ڀائرن ويهي پاڻ ۾، ڪيون صلاحون
ڏيئي نشو ننڊ جو، پنهل نيائون پراهون
ٻانڀڻ جون ته، سکر چئي، ويون سڀ واهون
اچ آريءَ اوراهون، ڏس ڏونگر ٿو ڏاڍو ٿئي.

 

11- سرتين چيو سسئيءَ کي: تون موڳي ڏي نه ميار
سُتيئن بي فلڪي ٿي، ٿئين نه هوشيار
ويهارين ها چؤنڪي، چانڊيو چئي، ڪوئي پهريدار
هاڻي موڳي ڏي نه ميار، بيحد بلوچن کي.

 

12- ڀينر بلوچن سان، وڏا ڪيم وس
وڇايم کٿوري کٽن تي، هنڌ نه ڏنن چس
آڌيءَ رات اٿي ويا، مون کان ڪري ويا کَس
ڌار ڪري ڌاري ويا، هيڻيءَ ساڻ حدث
ويڳاڻي ٿي وينتيون ڪري، ٽونگر! ڏي ڪو ڏس
پاهڻ مون سان پنڌ ۾، روهه! ڪجان رس
هلان حق پٺيءَ ٿي، ڪهڙي مون کي ڪس
ووءڙينديس ور پانهنجو، ته جڳ چوندم جس
هاڻي رهبر اچي رس، سوڙهيءَ ۾، سکر چوي.

 

13- ڀينر ڀلارن کي، ٻَڌيون هئم ٻانهون
آيا پٽ آريءَ ڄام جا، ارڏا اوڏانهون
ڏئي نشو ننڊ جو، پنهل نيئون پراهون
هاڻي ٻانڀڻ جون دانهون، ٻڌي ٻاروچو ايندو ٻاجهه سان.

 

14- ٻاروچو ايندم ٻاجهه سان، اصل آرياڻي
وٺي ويندو، نال هيءَ وِلهي واياڻي
ڪندو پورهيت پانهنجي ٻانهي ٻاروچاڻي
سڻي سڏ، سکر چئي، پنهل ايندو پاڻهي
ننگي ننگ سڃاڻي، ڪندو پورهيت پانهنجي.

 

15- ڪندو پورهيت پانهنجي، پوندي ٻاروچي کي ٻاجهه
هلان آريءَ جي اُٺن سان، ڀينر ڪيان ڀاڄ
هاڻي لال رکندم لاڄ، پرت واري پنڌ ۾.

 

16- سسئي هلي حق پٺيءَ، ڪري الله توهار
ٻڌي سندرو سچ جو، ووڙي ٿي وڻڪار
ٿيس پياس پاڻيءَ جي، ڪيئين ڪست مان ڪوڪار
ڏٺئين بر ۾ بيعقل، هڪ ڌڻوندو ڌنار
چئي: ادا ڙي ٻڪرار! آڻي ڏي آب اڃايل کي.

 

17- چئي: امان ڪيو هو عرض الله کي ته ملندئي ڳاڙهي ڪنوار
مون کي ڏني آهي ڏاتار، اچي پيءُ کير خوشيءَ مان.

 

18- هن ويهي ڪيون وينتيون، ڌڻيءَ در هزار
بچائج هن بدوءَ کان، مون کي ڍڪج ڍڪڻهار
قادر جي قدرت سان، ڌرتي ٿي پئي ڌار
پيئي منجهه پاتار، مليس پاند پناهه جو.

 

19- نشو لٿو نينهن جو، هوت ٿيو هوشيار
سسئيءَ جو نالو وٺي، ڪيائين پوڪار
ڏٺائين بر ۾ ويٺو هو، بدو هڪ بدڪار
ڏنس هڪل هوت چئي، ڏي ڪا خبر چار
ويٺو آهين، واٽ تي، ڪهڙو ٿي ڪم ڪار
چئي: سسئي نالي نار هئي، صورت جي سردار
هئس پياس پاڻيءَ جي، ٻيو پنهل جي به پچار
مونکي ڏني آهي ڏاتار، تڏهن پاند جهليو ٿم واٽ تي.

 

20- چئي: ڇڏ پچر پاند جي، ٻوڙا اي ٻڪرار
مهري تو ڏيانءِ مفت ۾، ڪاهي وڃ قرار
پيارين ها پاڻي پياسڻ کي ته ڏيانءِ ها انعام اڪيچار
قند ڏيانءِ ها ڪيچ جي، ٻيو زر زيور بيشمار
هاڻي ٻوڙا تون ٻڪرار، ڪاهي وڃ ڪنواٽ کي.

 

21- پنهل ڪيون وينتيون، ڌڻيءَ در هزار
قادر سي قبوليون، ڏيهه ڌڻي ڏاتار
مڃيس سوال، سکر چئي، صاحب رب ستار
ڪلمي ساڻ قرار، ڏنائينس جاءِ جنت ۾.

لاالھ الاالله محمد رسول الله

               

بختيار کوسي جا چيل بيت*

1- نانءُ ٻُڌائون سسئي، پير رکيو سر پاڻ
ٻهڳڻ ٻارهين سال ٿي آيو لعل جواڻ
خوشيءَ مؤن، کوسو چئي، منهنجو والي ڪيو ورياڻ
پنهونءَ جو سرواڻ، اچي لٿو ٻاٻيهو باغ ۾.

 

2- اچي لٿو ٻاٻيهو باغ ۾، وڃي ٻانهي ٻڌايو
سسئي ساهيڙين کي، تنهن ساعت سڏايو
اُٿي هلي اوڏاهين، جنهن پير اڱڻ آيو
ڪاوڙ منجهؤن ڪامڻي، وڃي ڳهلي ڳالهايو
ته ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪاڏهون تون آيو
اُٺ ڇڏيا ٿي، باغ ۾، تو باغ ڀي ڀيلايو
اُتي هن به حال احوال، سڀو سڻايو
ته آهيان ٻاٻيهو خان پنهونءَ جو، مون وکر وهايو
رهون راتوڪي راتڙي، ٻيو ويڻ نه ورايو
بار کَنيُون، بختيار چئي، هو ساجهر سنبرايو
پوءِ اوٺي اٺايو، کڻي سامهون ساڻيهه تي.

 

3- سامهون ساڻيهه تي، پيو ڇُلي منجهه ڇپر
ٻُجهي واٽ وندر جي، وراڪا ۽ ور
مير محمد مصطفى آهي اڙين جي آڌر
کڻندو بار کُهين جا، هوت اچي هيڪر
پنهنجي باري سان، بختيار چئي نيندو انهيءَ پر
ڪندو ويلا وچ تي، ويو جهاڳي بر
پوءِ ڏني خاطي خبر، ٻاٻيهي پنهل کي.

 

4- ٻاٻيهي پنهل کي، ٻانهي ڏنا پار
قابو آهي ڪوٽ ۾، کٽيءَ جي دربار
يار سندي، بختيار چئي، مون کي پرين منجهه پچار
پوءِ ڏيندو سوڀ ستار، توکي پنهون پرڻائي اچان.

 

5- پنهون پنهنجا يار ٿو، ورنَھ پڇي وار
مرد جي دل درياهه آهي، جاڏي رکي آر
پهه ڪري پئنچات سان، وڌائي واپار
عطر عنبير ڪيترا، مليا مشڪ اپار
ڄاڃي ماڃي سڀ راس ٿيا، مَکي بي مار
يار سڏيائين، بختيار چئي، سڀ ڪوپا ۽ ڪنڌار
پنڌ تي ٻاروچن وڌائي، وک منجهه وڌار
ساٿ کڻي سردار، وڃي لٿو هاڙهي هب ۾.

 

6- وڃي هاڙهي لٿو هب ۾، ڪيس خاوند جي خيرات
خوشيءَ مؤن کوسو چئي، مونکي ڏاتر ڏياري ڏات
مليون شال مبارڪون، پرهه ڦٽي پرڀات
اُها ئي اَڌ رات، ٿيا پروانا پنڌ جا.

 

7- ڏهين ڏينهن ڀنڀور ۾، آيو مرد مشر
کٿوري کوسو چئي، ٻڌا هُل حشر
واسجي وڻڪار وئي، گهٽيون سڀئي گهر
ميٽي مڪي ڌڻي، شال سڀئي ڏوهه ڏمر
هٿ اَٿي هيڻي جو، داونَ ۾ دلبر
محابي محبوب جي، ڪندين وسيلا واهر
سوئي سوداگر، ملڪن ۾ مشهور ٿيو.

 

8- ملڪن ۾ مشهور ٿيو، پنهون پير ڀري
ماڻهو اُو ٻئي ملڪ جو، آيو ساٿ ڀري
ايڏي صورت سوداگر جي، جيڏي آتش آگ ٻري
جيڪي لکيو باب بندي جي، اهو نيٺ پري
يار بنان، بختيار چئي، نٿي ساعت سري
پوءِ ويندي ڪي وري، جيڪا عشق اٿاريم اوچتي.

 

9- عشق اٿاري اوچتي، هيس ڄمندي لاڪون ڄاڻ
ڪيو سنڌ مقابلو، وڃي پنهنجي سر پاڻ
ڪڏهن ايندو قافلو، ڪير آهين تون پاڻ
ڏي حقيقت حال جي، مان پرِيان مهماڻ
خوشيءَ مؤن کوسو چئي، ڏنس عاشق اهي اهڃاڻ
ته آهيان هوت بلوچي، آري جو اڳواڻ
اسان اوهان ڪاڻ، ڪيو ڪشالو ڪيچ مؤن.

 

10- ڪيئي ڪشالو ڪيچ مؤن، پنهنجي سانگ سُڻاءِ
جي ڳنڍين پاند پريت جو، ته ساٿي سڀ وراءِ
هت نه جهلج هڪڙو، توڙي هجئي سڳو ڀاءُ
يار ڏٺي، بختيار چئي، ڏک به ڏوراپاءِ
اتي جاءِ جوڙاءِ، جتان پاڻهي موٽن پوئتي.

 

11- پاڻهي موٽن پوئتي، پنهون ڀاءُ سَندِ ياءِ
ته آءٌ هن ڪيچ ڏي، مون کي دوست گڏياءِ
خوشيءَ مؤن، کوسو چئي، سنجهي کي به لڏياءِ
ورائي ڇڏياءِ، پنهون هوت هٿن سان.

 

ـــــــــ

 

مولا بخش خاصخيلي جا چيل بيت*

 

1- پرڻائي پنهونءَ کي، ڪاهيائون ڪل قطار
ڪڍي ڏاڻ ڏاگهن جا، وڌئون بودن تي بار
اُٺ اُٿاري هليا، اُت ڇيرين ڪيا ڇمڪار
رات لنگهي وئي رڻ ما، ڪرهن جي قطار
سهڻا ڪري سينگار، سي موڪلائي ملڪ هليا.

 

2- موڪلائي ملڪ هليا، منهنجي ڪجو پوئواري
دل ته منهنجي دوست لئي، هتي محبت آهي ماري
اڳيان ڏونگر ڏوراپا ڏئي، ٻي وندر جي واري
ڏجو سلام سنگت کي، ٿيندو اجهو ڄام آري
سُونهان آهن ساٿ جا، جي منزل هڻي ويا مهري
جَت به واقف جُوءِ جا، سي پاڻهي ويا پهري
ڪري طعام جي تياري، سي کلن کائين پاڻ ۾.

 

3- کِلن کائين پاڻ ۾، ساراهين سبحان
هوت به ڀانيم هِت هوندا، مون وٽ مِهري هئا مزمان
هونگاريندي هوت هليا، پَٽ وٺي پهلوان
ڪاهيو ته ڪيچ رسون، پنهنجا ماڳ مڪان
طنبو ۽ طولان، هلي کوڙيائون ڪيچ ڪنڌين ۾.

 

4-  هلي کوڙيائون ڪيچ ڪيچ ڪنڌين ۾، آيا منزلون ماري
آري پنهنجي اولاد لاءِ، بيٺو ڪارا ڪانگ اُڏاري
بانڪن جون ڀنڀور مان، واڳون شل واري
رويو رويو رت ڦڙا، بيٺو نيڻن جر هاري
پُٽ متان پيريءَ ۾، مون کي ويهن وساري
آڻي جهيڪيندا اُٺ اڱڻ تي، شل ايندا اوتاري
ماءُ ملوڪن کي، بيٺي ساجن سنڀاري
پر من جون ڳالهيون، مولابخش چئي، پنهل ويندو پاري
سي آڌي اُڪاري، اچي لٿا لاکيڻا لِهور ۾.

 

5- اچي لٿا لاکيڻا لِهور ۾، صوبا هُو سرواڻ
پُٽ آهن آريءَ ڄام جا، مڙئي پهلواڻ
مانجهي ٽلن مور ٿا، جَت مڙيئي جواڻ
هلو سهجان جي شهر ۾، ته اُت ٿيون مهلائتا مهماڻ
ڪڍو مهارون مَين جون ڏيو ڏاگهن کي ڏاڻ
گلم وڇايو گاديلا، اُت پهه پچايئون پاڻ
انهيءَ ڀنڀي شهر ڀنڀور جا، ڏيون آريءَ کي اهڃاڻ
سنبت سويري، سر انجامي ڪيو، ڏيو تنگن کي تاڻ
اتي ڏونگر ٻريون ڏياٽيون، ٻي لڳي لڪن کي لاڻ
ملون تن سان، مولابخش چئي، لائي هِنيون هنين ساڻ
آريءَ جا اڳواڻ، اچي ويجها پيا وڻڪار کي.

 

6- ويجها پيا وڻڪار کي، جانب هوءَ سي جت
گنگن اچي گوڙيون ڪيون، پوڃاڙيءَ پربت
اچي لٿا لاکيڻا لِهور ۾ صوبا ڪري سنبت
چَني چَيو: چريا نه ٿيو، منهنجي وٺجو مَت
مٺيون ڳالهيون محبت جون، ابي سان ڪجو البت
اُتي وُڙهس ناز نيڻن مان، ريلا ڪيس رت
خان به تو ڏي خط، ڪي پنهون پروانا موڪليا.

 

7-  پڙهي پروانا پُٽ جا، ڪيون ڪيچ ڌڻيءَ ڪيهون
ٿي سامهون شهر ڀنڀور کي، ڪري رند وٺي ريهون
ڪڍيائين پار پنهل لاءِ، پيون لَڪن ۾ لِيهون
هلڻ مهل حاڪم ڪيون، ڪي وارڻ جون ويهون
هوت آڻي هِت ڏيهون، تون چنا! چڙهي وڃ چانگي تي.

 

8-  هوت به توکي هِت ملندو، تون صاحب نه ڀانئج شڪ
مون کي قسم آهي ڪريم جو، تون پرين ڀانئج پڪ
اسان جا پهڻ پير پٿون ڪيا، ٻيا ٿهري ڀڃون ٿڪ
ڪچا وڻ آهن ڪيچ جا، ڀلي چانگا هڻن چڪ
بودن کي بَرن ۾، ڏاڍا آيا ڌوڻا ۽ ڌڪ
جيڪي ڪرهن ٻڌا ڪاپار ۾، سي جهاٻا ڇنا آهن جهڪ
پرچائي آڻينداسون ڄام پنهل کي، لاڙي منجهان لَڪ
تيرهين منزل تڪ، وڃي ڏسنداسون وڻ ڀنڀور جا.

 

9-   چئيِ وڃي ڏسون وڻ ڀنڀور جا، ساڳيو ساٿ سنباهيو
سڏي پنهنجا جَت وڃي مال مڏيون ٺاهيو
اُٺن کي اوتارن ۾ تِل نه ترسائيو
متان ڇوڙيو بودا برن ۾، راتيون وچ راهيو
متان ڇوڙيو بودا برن ۾، لڏا کڻي لاهيو
اوهين وٺي واٽ وندر جي، ڪرهن کي ڪاهيو
ڏجو پيغام پنهل کي ته اِجهو آري اتي آيو
با قبيلي ڀنڀور مان، اَچجو ڪُل لاڳاپا لاهيو
واڳون جَت واريو، تن ليڙن جون به لَڪن تان.

 

10- ليڙا لڪ لنگهيا، پيون ڏونگر کي ڏارون
وڳ وڃن ٿا ويڙهه ڏي، گس وٺيو گهارون
اُٺن ڳانا پَٽ جا، چڙين چونگارون
اُٺن ڳانا پَٽ جا، لاکياڻيون لارون
اُٺن ڳانا پَٽ جا، ڇيرين ڇمڪارون
ڪندا    ويا        ڪيچ       ڏي      ڪي     پهه     ۾  

   پچارون واسي ويا وندر جون، ڪي ڪِرهِن قطارون
محبت جون، مولابخش چئي، آهن مَيَن ۾ مهارون
پوءِ لهج سيد سنڀارون، تن جتن جون جبل ۾.

 

11- جَتن کي جبل ۾، پهرين جا پيئي
رات تنين کي رڻ ۾، وهامي ويئي
اُٿيا اُٺ اسر جو، ليڙا لڏيئي
بيدي شهر ڀنڀور سان، جَت ڪندا جيئي
ڪڏهن پَٽن تي پيئي، ساٿ پڇائيندي سسئي.

 

12- ٻيءَ رات ٻروچن جا، ليڙا وڃن لس
ڪيائون پوئواري پنهونءَ جي، هجي جتن کي به جَس
روڏن ٿي رڙيون ڪيون، هاڙهي منجهه هنبس
اُٺن اوڳر واريا، ڏسي ڪارا ڏنگر ڪَس
مَيا سونهان هئا، مولابخش چئي، نڪي ڏاگهن پڇيا ڏس
گونگا وٺي گس، وڃن ٿا بانڪا شهر ڀنڀور ڏي.

 

13- وڃن ٿا بانڪا شهر ڀنڀور ڏي، ڇڏيو وندر جا ور
بانڪا بلوچن جا، وڃن ڪاڇي وٺيو ڪَر
ساٿين کي سفر ۾ هئا سمانا ثمر
ڪڇُن پڇن ڪينڪي، وڃن باري وٺيو بر
جيڪي ساٿ ۾ سانڀر، سي جَتن ٻُٽيا جوءِ ۾.

 

14- جَت به انهيءَ جوءِ جا، آيا دانههَ ڏير دلير
لٿا اچي ليڙن تان، اوناهيءَ مُنهن مير
سلام عليڪم سپرين! توهين ڪامل آهيو ڪير؟
صحيح ڪري ساٿين کي، هن ڀڙ سڃاتا ڀير
ڪڏهن هليا آهيو ڪيچ کان، ادا ڪيئن اوير
سڏ ڪيائين سسئيءَ کي ته تنهنجا ڏونگر جهاڳي آيا ڏير
اڳ ۾ پڇي ٿي آريءَ ڄام جو وينگس انهيءَ وير
گولِي پڇي گهگهيلين جو، ترسيو تير پتير
ڀاڄائي تن ڀائرن جا، پانههَ چمي پير
ڏي ٿي مبارڪون مائٽن کي، آيا مانجهي مرد مٿير
ماني ٺاهي، مولابخش چئي، سانجڻ ڪيئين سوير
طرحين طرحين طعام تيار ڪري، هن ڍاڪن ڪيا ڍير
دم نه ڪري دير، اچي هٿ ڌئاريائين هوتن جا.

 

15- هٿ ڌئاريائين هوتن جا، کاڌي ملوڪن مهماڻي
آءٌ   بيٺي  آهيا  بندگيءَ  ۾  پَرٽ  جهليو  پاڻي
آءٌ ڀاڄائي اوهان ڀائرن جي نازڪ نماڻي
قبوليم ڪيچ ڌڻي، ڪيم سڱ به سڃاڻي
ڪئين ڏهاڙا ڪيترا، هجو هِت راول رهاڻي
مهينا رهو، مولابخش چئي ڪجو، نه ملڪ ڏي موڪلاڻي
آءٌ ڪڍان جنڊ جتن جا، پيو ڀريان پورهيت ٿي پاڻي
نه ڏيانِ بک ڀنڀور ۾، چاريان ليڙن کي لاڻي
ماڳهان ڇڏيان ملير ۾، سارو ساٿ سڃاڻي
سي جَلا ڇڏيان جوءِ ۾، ڏاگها ڏهاڻي
(1)
ساري رات سسئيءَ کي، اُتي ويٺي وهاڻي
اِتي ٿي وينگس ويڳاڻي، ٻڌي سُر ٻروچن جا.

 

16- ٻُڌي سُر ٻروچن جا، ڏنا جهِيڪارا سي جوان
چنَي چيو: چُپ ڪريو، خبر پڇي ٿو خان
تو وٽان موڪلائي مير، هلياسون سنباهي سامان
سورهين منزل ساٿ رسيو، ڏيهه ڀرياسين ڏان
اَبو آيو اڳتي، اتي ڪيا آرياڻي ارمان
چئي پلپل پور پون ٿا، مون کي ڪوهياري جا ڪانَ
ڪر پنهون ڇڏيوَ پرديس ۾، ڪِ ڪيوَ مرِنُ جو مهمان
هاڻ وٺي راهه روانا ٿيو، ڇڏيو پنهنجا ماڳ مڪان
مون هت ويهي رات وِهائي، ٻيو ساراهيم سبحان
مون کي ٿو اچي ملڪ کائڻ، مولا بخش چئي ڪو جانب هيءُ جوان
ڪيچ ڇڏيو ڪُستان، اوهين وڃو شهر ڀنڀور ڏي.

 

17- تڏهن شهر ڀنڀور ۾، هڻي آياسون هام
توڏن کي تڙ ڀيڙ ٿي، ٻيا ڪَرها سهن نه ڪام
ساري وڻ وطن جا گونگا اچن گام
موڙي مهارون ميَن جون، ڪيوسون لٿي سج سلام
ڀاريوسون فرض الله جو، ٻي سانجهي پڙهيسون شام
تون ڍاڪن سان ڍڪي آئين، طرحين طرحين جا طعام
کائي ماني خوش ٿياسون، تون ڄاڻين ويٺو ڄام
پر اهي اٿئي آريءَ جا ڪي پنهون ڄام پيغام
وندر جا وريام، اهي اٿئي پوريون خبرون پرڏيهين جون.

 

18- ٻڌي خبرون پرڏيهين جون، حاڪم! ڏي ٿو حال
پاڻ گڏ هئاسين گام ۾، لاکيڻا هي لال
ڇڏي هليئو ڇپر ۾، ڪامل مون کي ڪال
جيڪي گڏ هئاسون ڏينهڙا، سي ساري سند سنڀال
اچي اسر ويل جو، ڪانگ تنواريو ڪال
منهنجا اوٺي اچن ٿا، اٿي سسئي کي سنڀال
سو ٽپڪيون ڏيئي ٽانڪي اُٿيو، در اڳيئون ديوال
پر موٽي، مولابخش چئي، ڪي سڄڻ ملندم شال
هاڻي آريءَ جا احوال، مون کي مليا شهر ڀنڀور ۾.

 

19- مليا شهر ڀنڀور ۾، مون کي ماريو اِن مذڪور
ڌوٻڻ جا ڌار اٿم، ٻيا پلپل پون پُور
محمود جا من ۾، اٿم ساٿ ڌڻيءَ جا سُور
هِتي اٿم نوڙي ننگ جي، هُتي اباڻا انبور
هڪ قربن ڪيس ڪاهِلو ٻيو گهوڙا اندر ۾ گهُور
ماري وجهو، مولابخش چئي، کڻي نماڻا نور
ڪجو ڪومَ ڪَلُور، سسئي هلائجو ساٿ سان.

 

20- سسئي هلائجو ساٿ سان، نه ته وري وڃو وير
نشي نهوڙيو نر کي، لڳس قلب اندر ۾ ڪِير
جَت مصلحتون پاڻ ۾، ڪن وڃڻ جون وزير
هل پنهون، پيرا ڀري، تنهنجي پَت رکندو پير
واٽ ڏَسي وري آءُ، پوءِ موڪلايون مهمير
آريءَ جا امير، سُتِي ڇڏي ويا سيج تي.

 

21- سُتي ڇڏي ويا سيج تي، سنجهي ساٿ ساري
جُتيون جتن هٿ ۾، ويا حلب ڏي هونگاري
ٻڌي رکيائون ٻروچ کي، ويا ڪرها قطاري
دانهون ڪُوڪون ڪُوڪرا، ڪيو ورنههَ ويچاري
نه هئي جوسياڻي جتن جي، تڏهن هليا مئيءَ کي ماري
هاڻ ته ڏيندي باهه ڀنڀور کي، چڙهندي نڌر نظاري
ڪَهل نه پيوَ ڪيچيا، هليئو وينگس وساري
هاڻ ته آريءَ ڄام اکين سان، مَن ڏاتر ڏيکاري.
چئي
: وندر    ڏي    واري    پنهون    وٺيو   وڃون  ٿا  پانهنجو.

 

22- پنهون وٺيو پانهنجو، ويا ليڙا رات لڏي
سُتل ڇڏي ويا سيج تي، گوندر ويا گڏي
اٿيو آڌيءَ رات جو، پيئي ساٿين کي سڏي
ڪري ڪوڪارون ڪيچين کي، پنهنجي وات وڏي
گهوڙا! منهنجو گهوٽ ويو، ڇپر ويو ڇڏي
هجي جس جتن کي، مون کي اوٺي ويا اَڏي
پر ماري، مولابخش چئي، مون کي ڪُهي ويا ڪيچ ڏي
تنهين مهل تڏي، هيءَ پٿر وجهيو ٿي پار ڪڍي.

 

23-    پٿر  وجهيو     ٿي  پار   ڪڍي،  آئي  ماڻس انهي 

  مهل امان! مون سان ماتم ٿيو، ٻيا جيجل ٻريم جل
تڏهن ٿي روئان رت گاڏئون، ڳوڙها مٿي ڳل
هڻي مون کان هوت ويا، ٿي نهاريان نرمل
هڻي مون کان هوت ويا، مُٺيس ڪهڙيءَ مهل
هڻي مون کان هوت ويا، سورن ڪيڙس سَل
ته ڪو رات ڏيئي ڪيچي ويندا، ڪانه پيم ٿي ڪل
چاريم ڏاگهن کي ڏهاڻي، روڙيو رتا گُل
ڪالهون ڪر ڪالهه هئا، ڪي ڪَرهن جا ڪر ڳل
چَتؤ! شال جيئو ۽ سکيا هجو شل
ڪيچ ڌڻي ڪامل! در جهليو ٿي دانهون ڪريان.

 

24- چئي: در جهليو ٿي دانهون ڪرين، تو سَڃي تان نه سَٺي
ٻُڌبي هئي ٻروچن جي ڪا بَرن ۾ بَٺي
پر لولي کان لڪي ويا، شايد ماني هين مَٺي
سور لکيل هئا سسئي، توکي ڇوري رات ڇَٺي
جيءَ وڃايئي جتن سان، تون گنگن ساڻ گَٺي
توکي پارس ڇڏي ويا پَٽ ۾ نڪي وينگس ويئي وٺي
ڪا محبت هئي مَٺي، تڏهن هوت ڇڏي ويئي هيڪلي.

 

25- هوت ڇڏي ويس، هيڪلي، تڏهن هُن جا ٺپ ٺريا
چئي: مون کاڻيءَ کي کؤنرا، ٻيا ٻارڻ آهن ٻريا
آءٌ نڪريو ٿي نهاريان، اڃا نه جانب جَت وريا
جي ڪيم قول ڪيچ ڌڻيءَ سان، سي پنهونءَ سان ڀَريا
پر ماري ويا، مولابخش چئي، چوريءَ رات چريا
عطر عنبير عدن جا، هِت هوتن جا هرَيا
(1)
سي وانگِي واءِ ڀريا، وڃن ٿا ڪاهيو ڪيچ دَنوار ڏي.

 

26- ويا ڪاهيو ڪيچ دنوار ڏي، آيون سرتيون سڀ مڙي
توکان پنهون وٺي ويا پانهنجو، چوريءَ رات چڙهي
هئا جادوگر جبل جا، سي ويا نڀاڳي ننڊ پڙهي
اسين تابعداريون تنهنجون، ٻيون ٻيلياڻيون ٻڙي!
ڏسي ڏاڪا ڏنگر جا، ڏنئون توڏن کي تڙي
ڪُوڪ نه سُڄي ڪيچ ۾، اڳيان اٿئي هاڙهو هب اڙي!
تون رلي مرندئين روهه ۾، ڪاڙهن منجهه ڪڙهي
سمون، ڳوهون، ڳوهيرا، ڳور پٽ، نهرا سُڄن نانگ ڙي!
لُنڊيون، لڌرا، بحر بلائون، بڇڙيون، ٻيا وڏا واسينگن

 

وات ڙي!
ڪڇئون، ڪُنڀارا، ڪوراڙون، ٻيا کپر ويندئي کائي ڙي!
گَڊيون، گرناريون، پيڻيون، پاريون، ڪَن واڇاريون

واراڙي!

تون ڇڏ بينش ڀنڀور ۾، اڳيان کر ويندئي کائي ڙي(2)
منٿ مڃ، مولا بخش چئي، تون هِت ڏُسڪ مَ ڏاهي ڙي!
وندر جو واهي ڙي! سو ڪامل ڌڻي ڪيڇ جو.

27- ڪامل ڌڻي ڪيچ جو، هَٿ ٻَڌي ڪيئن بيهان
هٿ هلندا هوت ڏي، توڙي ماس کائيندا ڪيئان
آءٌ جتن بنان جيڏيون، هِت ڪميڻي ڪوهه جيئان
ڏوراپا پنهنجي ڏکن جا، وڃي ڏونگر کي ڏيان
ليلايان لڪن تان، اُتي پڇان محبت منجهه ميان
پاڻي پاڪ تڙن جو، اُتي وڃي پرينءَ ساڻ پيان
جِت آهي جُوءِ جتن جي، اُت سسيءَ ساهه ڏيان
وڃي ٿانيڪي ٿيان، جت ڪچهريون ڪيچ ڌڻيءَ جون.

 

28- ڪچهريون ڪيچ ڌڻيءَ جون، ٿيا آري اويڙا
نڌر ڇڏي ويئي ننڊ ۾، ساٿي سويڙا
گدڙ، بگهڙ، ڀولڙا، اتي شينهن جا سانگهيڙا
گرگ، ڇلا، مڳ، ماڳر، اڳيان اٿئي راڙيون رڇن جون،


*         روزنامھ ”مهراڻ“ جي سالنامي 1962 تان ورتل.

سکر فقير پٽ روحل، ذات چانڊيو پاڙو ساکاڻي (اسحاقي)، ڳوٺ سيوو چانڊيو تعلقي ڪڪڙ، ضلعي دادو جو ويٺل هو. سنه 1897ع ڌاري ڄائو. اڃان ننڍو ئي هو ته پيءُ گذاري ويس. اڻ پڙهيل هو. مجاز جي چوٽ سندس قلب کوليو ۽ شاعري شروع ڪيائين. سندس ڪلام بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. سنه 1955ع ۾ وفات ڪيائين. سندس قبر خيرپورناٿن شاهه جي اوڀر ۾ ڳوٺ سعيد علي لانڊري واري مقام ۾ آهي.

* هيءَ روايت اتر (تعلقي لاڙڪاڻي) مان غلام قادر کان ملي.

*       بيتن جي هيءَ روايت حسين فقير هڱوري، ويٺل تعلقو سنجهورو جي زباني قلمبند ڪئي وئي.

مولا بخش پٽ محمد سليمان خاصخيلي، ڳوٺ مزار خاصخيلي تعلقي شهدادپور ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو. سنه 1940ع ڌاري اٽڪل 45 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. جوانيءَ تائين بيت ڪونه چيائين، پر پوءِ عشق جي چپيٽ ۾ اچي بيت چوڻ شروع ڪيائين، ۽ ميڙن ۽ ملاکڙن ۾ بيت ڏيڻ لڳو. حسين فقير هڱورو اڳ ۾ بيت ڏيندڙ هو، پر پوءِ مولا بخش جي شاگردي قبول ڪيائين.

(1)  جَلا- وڳ.

(1) هريا= هاريا.

(2) بينش= بحث

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org