رسڻ سسئيءَ جو لَڪ پَٻُوني ۾ ۽ ڪنا اُهک اُڃ جي، پيدا ٿيڻ چشمي پاڻيءَ جي:
پنهون ڪيچ سورن سَسُوئي رهي
وهي ڪينڪي ٿي ويچاري وَهي
هلي ۽ رڙي ۽ پڇيائين پنهون
چڙهي چوٽين ڪيچ ڏنھ ٿي سمهون
چڙهي چوٽين پڻ ڪري ڪاهه ڪاهه
رسي لڪ پَٻ تي وٺي سور ساء
وٺي سور ساڄن سندو ئي ڳري
سَسُوئي چڙهي ٿي پنهون آسري
سسئي سور ۾ سُور ۾ ساٿي سندس
ڪيس ڪين نيڻن ڪنا بوند بَس
ڪڏهن بوند ڳٽيون، ڪڏهن ٿي وَهيُون
جگر مان وهيس رت جون ٿي نَيُون
وهائي هنجون ۽ وهي ٿي سگهي
رڙهي ۽ رڙَي ۽ ڪَهي ٿي سگهي
اکيون لَب ڍَڪيا نڪو هو توار
چيائين هيين سين ڇڏي ٿي قرار
وئين ڄام ڄامن سنڀاهي سفر
ڪرائي هيڪلي مون ڇڏيئي چپر
وئين ڄام ڄامن ڇڏي هيڪلي
آهيان سور هيڪل سنديئي جهَلي
وئين ڄام ڪيچي ڇڏي مون فراق
ڪيا جنھ جگر ۾ سندي مون چِياڪ
ويا ڄام ڄامن وري جي اچين
ته سڀ سُور ساري سڻايئين پُڇي
سگهو موٽ ڪيچي پِرين مون مٿي
رکيا هٿ هر وير ۾ مون مٿي
جيان ڪينڪي تو سوا هاءِ هاءِ
پنهون ڄام واڳُون مٿي مون وراءِ
رئندي رتّ سسئي سَمهُون ٿي ويئي
آئي اُڃ تان تنھ اڳيان ئي لهي
ايندي تنھ چيو اي سَسُوئي ادي
چڙهئين ڪيئن ڪاهي لَڪن تي وَڌي
ڄاڻان ٿي ته تون ڄام ڏي ٿي وڃين
پنهون روح آرام ڏي ٿي وڃين
ڪيو جيءُ پنهنجو پنهون تان فدا
باقي هڏ هي پڻ نڪي ني هتان
اَدي! وک هيڪي نڪي وان پري
اچي ماڳ لهه تون موُنهين جي ڳَري
صبح شام گڏ تان هيڪانديون رهون
سنديون سوُر ڳالهيون سدائين ڪَهوُن
رهايا گهڻا مرد مون سؤ هزار
سُڄي ٿي نڪا تن سدي اڄ تنوار
پَرندا پکي ۽ مرون جي جهنگن
مٿي لَڪ مون کان جهجها ٿا مَرن
هاڻي تون سَسُوئي ٽڪي رهه اِتي
مٿي لڪ مان پڻ رهان ٿي جتي
هوندو ٿَڪ تون ڀيڻ کان واٽڙين
هوندو ڏُک تون پڻ تِني ڳالهين
ڪيي جي نڪي پڻ پنهون سين ڪئي
ڪَڪي ڄام ڪيچي ڪنا جي سُيي
ويهي سوُر سو ٺار مون سين اَدي!
نڪي وان ڇپر ۾ وڇوڙي وڌَي
ويو ڄام موٽي وري مسّ مسّ
وٺي ويھ پنهون ڄام جا گسّ گسّ
رهندا سوُر ساڄن سندا ٿي سمر
ويهي ڳالهه تون موُنهين ساڻ ڪر
رهندا سوُر ساڄن سندا ٿي نشان
مليا ڏيج جي تو وڇوڙي وٽان
مليا ڏيج جي سي سندا جان سِلّ
ويهي ياد ڪر ڄام جا پهر پل
مليا ڏيج جي سي سندو جان قوُت
جيِڻ ڪينڪي جن ڪنا لايموت
سُڻي ڳالهه سا سڀ سَسُوئي ڪُڇي
روئي رَتّ لوچي پَچي ۽ لُڇي
ته آهيين اَدي مون سندي تون سچي
چئين ڪينڪي ڳالهه ڪاٿي ڪچِي
چئين سچّ پر هي هڏا مون سندا
امانت اڳيان مون پنهونءَ ڄام جا
منهنجي مِلڪ ڪا ڪانه تن ۾ رهي
ڏيان جن منجهان ڪي، هڏا تو اَدي!
معافي مون کي ڏي ادي ڀيڻ اُڃ
زبر ٿي نه مون سين پسي سڃ رڃ
مُڙان ڪين شينهن شير هاٿي پسي
سندي بک ۽ اُڃ ڪاتي پسي
نڪو خوف دل پڻ نڪا اُڃ بک
جهڙا سک تهڙا سڀئي سوُر ڏک
سڻي اُڃ سا ڳالهه ساري ٺري
مِلي پر نه پاڻي نسدي ٿي ذري
جيِڻَ جوڙ دنيا سندو آب آهه
سوا آب جبّل سندو تاب آهه
پِين ڪين سي، جن جيڻ کي ڇڏيو
دنيا ماڳ فاني ڪنان ٿي لڏيو
جني آس جيئري، ملڻ دوستن
پيالا ڀري آب سيئي پين
پيالا جني مئي محبت کنيا
پِئي جام پُر سي نڪي ڪي ٿيا
پين جيئن تيئن اُڃ تن کي وڌي
نه ڍؤ مَٽ منجهان ۽ نه دريا وڏي
مٿي بحر منجهه بحر جي سي رهن
ته پڻ آب کي سي سدائين سڪن
سسئي سڃ سڀ ساٿ ساٿي ويس
پنهون ياد دل ۾ هيڪو ئي ٿيس
چيائين تڏهن رب رحمان مون
ٻيو ڪونه همراهه مون ساڻ تون
نه هيڏانھ نه هوڏانھ سوا تو سندم
مدد ڪير هن ماڳ ۾ ڪو ڪندم
جبل سخت پاڻي ذرو ڪونه آهه
مِٺو پاڪ چشمو فضل سين ڪڍاءِ
ته پي آب پُر ٿي پنهون ڏي هلان
جنھ جي سڪ سورن اندر ٿي جلان
تهين وير دريا فضل جي سندي
پَلٽ ڪي مٿي حال مسڪين جي
پيرن پيش پاڻي نِڱيو سو وَهي
سَسُوئي پئي جنھ منجهارا ڍئي
آهي سو اڃا پاڪ پاڻي مِٺو
ٽوڀون چوُن تنھ کي سَسُوئي سندو
منجهان جنھ ڳڍا ڍور ماڻهو پين
سَسُوئي سَچي لئي دعا ٿا گهرن
سَسُوئي تتي پڻ نڪي ڪي رهي
پنهون جي ملڻ لئي پنهون ڏي وَهي.
رَسڻ سسئي جو ڪَسَ سَنگر ۾، منجهه ڏورَ پنهونءَ ڄام جي:
رسي جيهر سَنگرّ سَسُوئي اچي
جدائي پنهون ڄام جي ۾ پچي
جسي منجهه تنھ وير جيءُ ڪونه هوس
ويس جوت جو مُنهن مثل سون هوس
سڀئي سُک آرام دل مان ويس
پنهون ڄام ڪيچي هيين ۾ رهيس
رهيس ڪانه ڪا سُڌ جيءَ جان جي
ڪيائين سِسِي گهور قربان جي
وسائي اکيون هنج هاري غريب
پڇيو ڄام ڪيچي هِلي ٿي حبيب
پڇيو ٿي هلي ۽ لڇيو ٿي جلي
پنهون لئي سَسُوئي جوڳياڻي هلي
جبل منجهه جوڳڻ سَسُوئي هئي
چڙهڻ چوٽين ۾ نڪي ٿي کُهي
کڻي وک هاٿي وڃي مست جئن
هلي ڄام ڏانھ ٿي ڪنا سينهن تئن
هلي ڄام ڏانھ ٿي ٽمائي اکيون
ڪڪر جئن دردئون وسائي اکيون
وسائي وسائي وسائي وَهي
نڪا رات ري ڄام ٿي ئي رهي
رهي ڪين ري ڄام لحظو قرار
رهيس روح ۾ پڻ پنهون جو توار.
رَسڻ سسئي جو لَڪيءَ ۾، منجهه ڏور پنهونءَ جي:
لنگهي ڪَس سو پڻ لَڪي ۾ رسي
رنائين تتي حال پنهنجو پَسي
پسي حال پنهنجو رنائين رتو
سندو سور مچ پسڻ سسئي تي مَتو
متو مچ پرمل پنهون لئي مٿس
رهيا سور ڪيچين سنديائي وٽس
کڻي ڏک ڏيرن لَڪيءَ تي چڙهي
ڪنا سور پرمل پنهونءَ جي ڪڙهي
چيائين ته تو تي لَڪي السّلام
آهيان آءٌ سَسُوئي ڏکن سي تمام
جبل منجهه جؤنرا پچن ڄام لاءِ
هيين منجهه هورا اچن ڄام لاءِ
جبل جوش منهنجي جگر کي ڏنو
سبب تنھ مون کان پنهون ڇِنو
پنهون ڄام ڇپّر ويو مون ڇڏي
وڏي سور سورن ڏن ۾ گڏي
ويو ڄام ڄامن سندو مون وٽا
سبب تنھ سندي سور مون هي سَٺا
ويو ڄام تنھ لئي، ڇڏي سار سَنڌ
رڙن هاڻ عاجز مٿي راهه رند
ويا ڄام ڄام ي ڏيرا وٺي
ڦورائي تني جي ادا مان مُٺي
ننڊان سيڻ منهنجا ويا مون ڪنا
ٿيو جيءُ تني لئي فنا ۽ فنا
اچن شال اوٺي ويا جي وٽام
حشر جئن هاڻي ڏينهڙا ڏٺام
اچن شال سي جيءُ جني لئي اُداس
هينئون مون سندو پڻ رکي ٿو وماس
اچن شلا اوٺي ڀِري مون مٿي
رنم هت جن لئي رکي منهن مٿي
اچن شال پرڏيھ ويا جي پري
جني ڪان دلڙي سڪي ٿي مري
اچن شال اوٺي ورائي قطار
ڦوڙائي جني جي ڏني جيڻ جار
اچن شال اوٺي ويا جي جبلن
هَريو ڪاڻ جن مون سندو روز ڳل
اچن شال اوٺي ويا جي ڇپر
لهي ڪين جن لئي اکين کي ڇمر
اچن شال اوٺي مهارون وراءِ
ڪڪن ڪيچين جون قطارون وراءِ
اچن شال اوٺي پنهون مون وراٰ
جَهِين لئي ڪَري جان ٿي هاءِ هاءِ
ويو ڄام ڄامن سِين جيءُ مون سندو
پنهون ڪاڻ دِل جو ڇڄي ٿو تَندو
هَڏين کي اچي ڪينڪي ٿو ٽِڪا
اُٺايون پنهون جي اچي جي سِڪا
رهيون ڪين پڻ سي گهڙي ۾ ڀنڀور
جَتن جئن نيو ڄام سين زور زور
پنهون ڄام جو ڪانَ جيءُ جان ۾
صبح شام ارمان جيءُ جانَ ۾
منهنجو ڏک جي تو مٿي ٿي پوي
ته تو مان مٿاهون نڪي ڪي رهي
ڏاڍو ڏک ٿو جنھ مٿي ئي وري
سڀئي سُک سارُو سندو تنھ ٻَري
وڃي سُک جنھ دم اچي ٿو فراق
پوي جانِ جوُنري ٻِنهي ۾ چيِاڪ
هينئون جان جوُنرو وڇوري وڍي
وطن ۽ سُکن مان ڇنائي ڪڍي
ڪري ڳالهه سا جا ڪيائين تمام
آيس ياد تان ڪيچ جو هوت ڄام
سبب تنھ ڇڏي سا لَڙي تنھ منجهان
پيو ڏس ڏيرن نڪو ڪو تِتان
نڪو ڏس ڏيرن نڪا تِن تَوار
ڪيائين ته پڻ ڪيچ ڏانھ ٿي نهار.
رَسڻ سسئي جو وڏي سنگر ۾، واسطي پنهون ڄام جي:
سَنگر ۾ سسُوئي جڏهن ٿي رَسي
اندر آگ سورن تڏهن ٿي رسي
رَسي آگ پَرمل پنهون جي منجهس
ڪئي هنج نيڻن ڪنا بُوند بس
اکين هنج دل ۾ مَتي درد باهه
رسم ريت ئي عشق جي سخت آهه
تَهين وير سنگر لَڪي کي سمهون
چيائين ڀنڀوران ويو مون پنهون
رئان ڄام ساري اَدي ڪنھ مثال
رتا نيڻ دل تي وڏوئي جنجال
وَهي ڪين نيڻن ڪنان لال آب
جگر ۽ هينئون مون سندو ڪُل ڪباب
آٽي جئن کُوري اندر سونُ مِس
تهين طور مون پڻ اَدي ڀيڻ ڏس
جگر جان جيءُ مون سندو جوش ڏي
ويو ڄام کُوري وڏي ۾ ڇڏي
ويو ڄام ڏيھ مُون سُتي ئي چڙهي
مران روز ساري اُهائي گهڙي
ڪيم ڪين آخر سندو موڪلاڻ
پييس ڀيڻ غافل اَدي ٿي اَڄاڻ
ڀانيم ڪين پرڏيهه ڪنان ئي پري
ويندو ڄام جنھ جي هينئون اَسري
هيين هير هروڀرو سين ڄام هئي
سوا جنھ نه جيئري نڪي مان مُئي
مرڻ زور بهتر ڦوڙائو ڀلا
ڦوڙائو ڀَلو جو ميڙائي مٿا
خوشي ڪا مٿي مون نه آئي ڪڏهن
هيس پيٽ ماءُ جي پَڙن ۾ جڏهن
ڦورائي سندو مون مٿي ڪان آهه
راتو ڏينهن دردن ڀري جان آهه
جڏهن ڳالهه سا ٿي سڄيائي تمام
چيو تان سسئي تي ڇَهي واءُ سلام
ڇَهو زور ڏاڍي منجهارا لڳو
سبب تنھ سندي سک سسئي جي ڀڳو
ته اِي واء لڳو جو سدا سو وڃاءِ
تازا پير واٽن مٿان ٿو وڃاءِ
وڃائي لڳي واءُ نشانيون لکن
ڪنن سهس ڳالهيون ڪروڙين سُڄن
ڪروڙين ٻُڌيون ۽ ڏٺيون سَوَ هزار
سدائين ڇَهي واء سندا سخت پار
لکين سهس پيرن سندا ني ڏي کڻي
سوين سور سورن سندا ڏي کڻي
ويا پير جن تن حشر روز روز
شبو روز سورن سندو سوز سور
رئنديون رت سهسين ڪروڙين ڏٺيون
رهاڻيون ڇنيون جن سنديون ئي مَٺيون
رهاڻيون ڇِنيون پير پُڻ سي ويا
اَنڌين کي لَٺين جي مثل جي هئا
ڏٺا ڪي ٻُڌا پار ئي واءُ سندا
ڇنائي ڇڏي ٺار جو ساهه سندا
ڇَهي سَهس ڇوريون ڇُلايون ڇَپر
لکين لَک واڻيون رُلايون ڇَپر
نيندو پڻ لڳي ڄام جو ئي نشان
لڳو عشق جو جنھ ڪنا جانِ ڪانَ
ڏُکا پڻ تهين کي چيائين تڏهن
ته ڪي رحم ڪي ڀاءَ ڪهين تي ڪڏهن
مون تي رحم ڪر محض الله لاءِ
نڪي پير پرين سندو هِير ڊاهه
وڃان پير پرين پٺيءَ ٿي اَدا
مون کي جان ۾ ڪانَ عشقي لڳا
سُتي جتّ جابر ڇڏي مون ويا
پنهون پاڻ سين سي وٺي رَهه ٿيا
وڃايو پنهون مون سُتي ويسري
ڏيئي ٻانھ نڀاڳي سنجهيئي سِري
رکي ٻانھ سِري مون سنجهيئي جڏهن
ويو ڄام ڄامن سندو ئي تڏهن
رئان رات ڏينھ تنھ سبب روز رت
رئان جي جهڄان تان وري ڪين ڄام
ڪيو ڏک مون کي فنا ۽ تمام
ويو ڪيچ مون کان پنهون ذات هوت
ڏيئي مون ڏکيءَ کي ڇپر منجهه موت
ڀلو موت من کي ادا کان فراق
چِڪن جنھ سندا ٿا هيين ۾ چِياڪ
نه ڄاڻان ڪڏهن ڄام موٽي پَسان
ڪاهي ڪيچ ڪنھ پر نماڻِي رسان
کڻان پير اُميد سين ٿي اَٻوجهه
نه آهيان مثل ڪيچين جي سَٻوجهه
سوا ڄام ٻرٻر نماڻي ٿيس
ورهه واڌ پرين ويچاري ڪيس
ورهه واڌ پِرين وڍيو مون ادا!
ڀنڀوران ڪڍيس جوش پِرين سندي
پنهون ڄام جي ۽ په ڏيرن سندي
ڇَهي تان چيو اي سَسُوئي اَدي!
پنهون ڄام عشق ڀُورِي ٻَڌِي
قضا هير مون کي اَمر سين چيو
سسئي پير ڪيچين سندو ئي کنيو
لڳي زور تنھ تون نشاني وڃاءِ
سَسُوئي ڇپر ۾ نماڻي منجهاءِ
اڃا پنڌ تنھ تي پيو ڏونگرن
ڇِپون ۽ ڪنڊا پير مَر تنھ ڇنِن
سڻي ڳالهه سا سڀ سَسُوئي رُني
ڦوڙائي جي ڏک ۾ ويچاري پُني
ويچاري سڻي ڳالهه سا سُور جي
هلي ڄام ڏانھ زور ٿي هي وڌي
لَڙي ڪين تن ري پري جي ويا
سسئي ڏونگر ڪيچ ڪيچي ٿيا
سسئي ڏونگر ڪيچ ڏانھ ڪاهه ڪاهه
ٻريس دل ۾ ڪيچين سوا باهه باهه
هلِي ۽ ڇني پنڌ پهتي پري
ميڙائي پنهون ڄام جي آسري.
رَسڻ سسئي جو مَهٻار ڍوري ۾، منجهه ڏور پنهونءَ ڄام جي:
پنهون ڄام ڪيچي جڏهن ئي ويو
پُڇائو سسئي کي تڏهن ئي ٿيو
سَسُوئي نماڻي سَسُئي غريب
ڍوري کي په مَهٻار جي ٿي قريب
هِنيون ۽ جگر تنھ سندا چير چير
ويرو تار ويتر پنهونءَ جي اُڪير
هينئن ۽ جگر تنھ سندا ڀور ڀور
هزارين هئس دل مٿي هور دور
سُڪا ڳل ڳوڙهن ڀريا نيڻ هوس
هيين منجهه هروير ۾ سيڻ هوس
هيڪو رب هيڪي سندي تنھ بَندي
لڌيم ڪانه ڇپّر ڪنا ٿي ڪنڌي
ڇپر منجهه پرمل پڇيائين پنهون
هاري ڄام لئي هيڪلي ۾ هَنجوُن
چيائين ڇپر منجهه ٿي هيڪلي
وئين ڄام مون کي ڇڏي ڪنھ بِلي
منهنجي سُونهن تون ۽ سوا تو ڄمار
اچي ڪمّ ڪهڙي مون کي اَي ڀتار!
پنهون ڄام تو ري جيئن مون سندو
قياما وڏو مون مٿيئي ڌنڌو
پنهون ڄام توري جيئڻ جاڙ آهه
ويئي مون وجود سُکن پاڙ آه
هُئين ڄام جي هير مون ساڻ تون
ته هُئي هوند دل جانِ آرام مون
سوا تو ڪيس درد واري فراق
ڏکي نامور پڻ ويچاري فراق
ويچاري فراقي ويچاري ڇِني
هيس هنج هر وير ۾ ئي ڀِني
آيو تان ڇَٽو واءُ اُتيئي سَمُون
ڪري منهن چيو تنھ سَسُئي ڏؤنھ
وڃين ٿي اَدي! تون ڪيڏانھ مون ٻُڌاءِ
آئيين ڪيئن هن ماڳ ۾ هيرڪاءِ
ڏٺي زال مون ڪانه تنها هِتي
آئين هيڪلي تون اَسؤنهين جتي
مسافر تڏهن تنھ سڻائي خبر
سبب سور جي ڪُل ٻڌائي خبر
ته مون ساڻ جا ڀاءِ جتن جاڙ ڪي
ڄاڻان ڏوهه منهنجي سندي پاڙ ٿي
ويا ڄام ڄامن کي مون کان وٺي
ڦوڙائي تهين جي ادا! مان مُٺي
اچن شال اوٺي جني سين سنگت
ساري، جن سدا روُن، ٿا نيڻ رت
اچن شال جن ساڻ هيروُن هيون
ميڙائي رهاڻين جون ويرون هيون
اچن شال محبوب منهنجا مِٺا
جني لئي ڏينهاڙا ڏکيا مون ڏِٺا
اچن شال جن ري سَري ڪين وير
هيم ڳالهه دل جي جني ساڻ هير
اچن شال اوٺي جني سين پنهون
جَهِين ڪاڻ هَريون سنديون مون هنجون
اچن شال اوٺي ڇڏيو جن ڀنڀور
رهي، ڪين جن ري هيئون منهنجو پور
سري ڪين جن ري اچن شال سي
وجهي ويا مٿم سوُر جنجال جي
ڪريان ٿي پَرن تو ادا واءُ ڇَٽا!
ڏکوين وڇوڙين سندا آسرا
متان پير پرين وڃائين ذرو
پئي ساڻ جنھ ٿو پنهونءَ جو پَرو
ڇَٽي تيهر هئي هئي ڪري تان اُتو
ڇُهو ڪالهه ڇوري سٽاڻو لڳو
وڃائي تهين واٽ واچون هڻي
ويا پير توڏن سدا ٿي پَڻي
قضا ۽ قدر ڪم ڪهڙا ڪري
مثل گل نازڪ ڏکن سين ڏري
اول حوُر پَرين مثل سونهن ڏي
ڦوڙائي سين يڪدم وري سا نئي
ڇَٽي کان ٻڌي ڳالهه ٿي زار زار
ڇڏي جان جيءَ کان سَسُوئي قرار
ڪري هاءِ هاڻي رواني ٿئي
ڦوڙائي پنهونءَ جي ويچاري نِئي
ڪنڌي منجهه مَهٻار ٻاڙو مڪان
لڙي ڪين تنھ پار سسئي سُجان
سونهن پار پرين ويچاري وَهي
ٿي پٻ پيرن ڇپِن ۾ ڇَهي
ويساهي نه ويهي کنيائين گهري
ذرو ڪينڪي واٽ ۾ ٿي لڙي
هنيائين پکي جيئن ٿي پَرّ پَرّ
کنيائين مثل شينهن ٿي ڪَرّ ڪَرّ
رڙي ۽ ڪڙهي ڄام لئي ٿي چڙهي
مَڙي ڪينڪي پڦٺ مٿي ٿي وري
کڻي پُور پرين سندو ساڻ پاڻ
ڪيائين هلي راهه ۾ ٿي رهاڻ
هَڏين ري نه بلڪل تهين ۾ رهيو
سُڪي رتّ سارو سندو تنھ ويو
سُڪو لَحم سارو هڏيون ٿي ڏٺيون
ڪڪر جئن اکيون نماڻيون وٺيون
رَسڻ سسئي جو وندر نئي ۾، منجهه ڏور پنهون ڄام جي:
رسي جيهر نئي جي ڪناري مٿي
رکيئين هٿ تنھ دم ڏکان ٿي مٿي
مٿي هٿ سسئي سندا ئي هئا
هيين سوُر سؤ پڻ جهجها ئي هئا
ساري ڄام ڄامن سندو ٿي رُني
جگر منجهه جوشي سسئي جيِ ڪُني
نه جيئرن مثل سا نڪي ڪي مئي
ڀَري سور سين سا سڄيائي هُئي
ڏٺي ڏور سا نئي جڏهن ئي سمهون
تڏهن ڏک ڏاڍي منجهان تنھ رُنون
روئي رت پاڻي سڪائي ڇڏيئين
پنهنجو پيٽ سورن وڏن سين ڀَريئين
اچي تان پڇي تنھ ڪنا ڳاله سا
سسئي سربسر بنھ ڏٺي هئي جفا
ته تون مهند مستي ڪري ٿي وَهي
سبب ڪنھ سُڪي هير يڪدم رهي
ڏٺيم ڏور ٿي تکَ تو جي تِکي
ڏسان هير پاڻي ذرو ٿي نڪي
تڏهن تنھ چيو اي سَسُوئي اَدي
نِير نينهن جي ۾ نماڻي ٻَڌي
ٻڌي ڳالهه ڏک جي نڪي مون اڃا
نڪا مون ڏٺي سُور واري وري
نڪا پيٽ ۾ منهنجي راهي وري
مثل تو ڏکي مون ڏٺي ڪانه ڪانه
لڳا جنھ جگر ۾ سندا سُور ڪانَ
جيڪس تون مثل ڀُون مٿي ٿيون جيِن
پيالا ڀري سُور جا ٿيون پِين
تو جي ڏکَ ڏک مون مٿيئي وڌو
سبب تنھ سندي سُک سندو مون سڌو
ويو آب پڻ آگ اندر ٻَري
وهي ڪين ريتي سندي مون هَرِي
ويئي وَٽ سڀ آب اندر سُڪو
رهيو مون ۾ سورن سوا ڪونه ڪو
جيڪو ڏک ڏکين سندو ڪم ڪري
ٿئي سو نه مَچ کان سدا جو ٻَري
ٻاري مَچّ ڪاٺين ڪري ٿو اڱار
ساڙي سور دل روح ڀيرا هزار
چئي ٿي رني نَئي نماڻي اُتي
سَسُوئي ويچاري اُبيٺي جتي
اڃان پڻ اچي بُو منجهان تنھ ڏکن
ساڙي سور سڀ وير ۾ ٿو سُکن
ڏکيون ڏک واٽن اندر ٿيون ونڊين
جني عيش تن سُور سهيسن وَٽين
ڏٺيون جن ڏکيون تن ڏکويون هيون
نديون آب نيڻ ڪنا تن وَهيون
ٻڌي ڳالهه سسئي ويچاري سڄي
هلي ڄام ڏي دل اندر ئي جَلي
رهي ڪين نَئي جي ڪناري مَٿي
رهي ڪين ساڄن رهيو روح جنھ
خوشي سور دل ۾ نڪي ساڻ تنھ.
رسڻ سسئي جو ڏونگر هاڙهي ۾ منجهه ڏور پنهون ڄام جي:
اصل هاڪ هاڙهي سندي ٿي سُئي
سُئي ٿي نه جيڪا تهين ۾ مُئي
نه پانڌي تنھ جو ڪو ڇپِن ري ٿيو
نه ڪانڌي تنھ جو ڪو مِرن ري ٿيو
وڏي هو هاڙهو سدائين پهاڙ
سندي واٽ ڪا ڪانه جنھ ۾ مُهاڙ
اچي جيهر تنھ تي سَسُوهي چڙهي
هيين منجهه بيحد گهڻو ٿي ڪَڙهي
روئي رت تان تنھ تڏهن ٿي چيو
ته سُورن سوا ڪونه ڀُون تي رهيو
سڀن سور توڻي تني عيش سُک
سُکن مان رسن جال ٿا سور ڏک
چيائين وري پڻ سسوئي ٻڌاءِ
ڪڍيين سوک کان ڪنھ اَدي هاءِ هاءِ
سدا زال مون تو نه جهڙي ڏٺي
ڪنا سور بلڪل سڄيائي مُٺي
ڏٺي ڪانه هرگز ٻڌي ڪانه ڏکن
مثل تونه بلڪل رسي ڪا ڏکن
سڻي ڳالهه سا سڀ سَسُوئي ڪُڇِي
هيس جا هيين ۾ پنهونءَ جي ڳُجهي
سکن جون سڀيئي ڏکن جون ڪري
ڇڏيائين تهين کي هنجن سين ڀَري
ڪنا ڏک ڏيرن جي دانهون ڪري
چيئين ٿي ڪڏهن مانَ وَر مون وري
منهنجو ور پنهون ڄام هو ڪيچ جو
ڇڏي هيڪلي مون ويو ڏيھ سو
ويو ڪيچ ڪيچي پنهون ڄام مون
ڏيئي ڏونگرن منجهه ماتام مون
ويو ڄام ڏيھ ڏي ڇڏي مون ڀنڀور
ڪري ساڻ سورن وڇوڙي ڏَڌور
ويو ڄام ڏيھ ڏي ڪڍان پار ڪيئن
رئڻ ريت ڪيچين سندي تان نه اِيئن
ويو ڄام هئي هئي وري ڪي وري
آهيان جنھ سندي آءٌ هِتي آسري
ويو ڏور ڪيچي ڪري جي وراڻ
ته ڪُل هوند ڳالهيون ڪريان ڄام ساڻ
رکي ڳَل ڳلن سڀ سڻاياس سور
ڏنا مون صبح شام ۽ جي آسُور
سڻي ڳالهه سا جال جبّل رنو
روئي رتّ جاري ججهوئي پُنو
اصل رنگ هاڙهي سندو هو اَڇو
تهان بعد سارو ٿيو سو رتو
رهي ڪانه سبزي وڻن جي مٿس
صبح شام خوشبو ڦُلن جي مٿس
چيو تيهر هاڙهي سسوئِي اَدي!
ٻڌم ڏک گفتگو ڪڏهن ئي نڪي
سڻي ڏک سڀ سکّ سارو ويو
بهاري موسم مان سيارو ٿيو
بهاري کَڙڻ ۽ ٽڙڻ مون سندو
ويو ڪلّ وريو وڏوئي ڌنڌو
وصل شال جامع سندو تو ڪري
وڇوڙو ٿئي هِي ڪنا تو پري
ويچاري سڻي ڳالهه ساري لَهي
هلي ڪيچ جبّل نهاڻِي وَهي
رَسڻ سسئي جو نئن هِڱور ۾، منجهه ڏور پنهونءَ ڄام جي
هلي ڪيچ ڪيچي ڪري ياد ياد
سسئي هنج نيڻن ڪنا واد واد
هلي ۽ هِلي پڻ جهجهو ٿي جَلي
سوا ربّ ڪو ڪونه سا هيڪلي
آئي پيش تان نئين تهين جي هڱور
سمنڊ سين لڳي جا ڀَري ساڻ زور
اچي تنھ رکان زور آزي ڪري
نماڻي اڳيان پڻ نيازي ڪري
چيو ٿي ته جيڏي ادي! تون ٻڌاءِ
ڪيڏانھ هيڪلي ٿي وڃين زال ڪاهه
پري بحر مَجنُون مارا ڪري
وڏا عڙق ٻيڙا هزارا ڪري
راتو ڏينھ ماٽي اندر جئن مَهي
ڪري تيئن ٿو بحر موجي ڳَهي
هُلاچا هڪل هُل ڪڙڪا ڪري
مٿي ڪُنّ ۽ سير سَڙڪا ڪري
نيائين تني جن مٿي تاج ڇَٽ
هنيا سهسين شاهن سندا سِير سٽ
ڪناري مٿي پڻ بلائون گهُمن
نه غافل ٿِئي ڪي اُتي ٿا سُمهن
ڏيان پڻ ڏکڻ جي تتِي ئي توار
سسئي سمجهه کولي اکيون ڪر نهار
ادي ڀيڻ دانھَ سياڻي ٿئي
منهنجي نيڪ جي تون نياڻي ٿَئي
هيڪي وک واڌو وڌاءِ نه تون
ٻڌاءِ سڄو حوال احوال مون
تڏهين تان تَهِين کي چيائين وري
ته آهيان پنهون لئي نماڻي چَري
ويا جَت ڏيھ ڏي پنهون مون وٺي
ويو هوت تنھ لئي اَدي مان مُٺي
پنهون ڄام ڪيچي سندو مون حبيب
پنهون سُور عشقي سندو ئي طبيب
پنهون ڄام دردن ڦوڙائي علاج
پنهون ري پئي سُور ٿو منجهه جهاج
ڪريان ڀيڻ جي سُور جيڪي بيان
ٿئي هوند تان تو گهڻو ئي زيان
سُڪي ڏک کان مون سدا تون رهين
منهنجا سور سهسين لکين ئي سَهين
سب تنھ توکي سڻائينديس
سڄي سُور ڪيچين ٻڌائينديس
مگر ڳالهه ڪا ڪَم ڪريان ٿي اَدي!
ويا سور سهسين مٿي مون وڌي
منهنجو ڄام ڇپّر ويو مون ڇڏي
پنهنجي ڏيھ ڏي مون ڏکن ۾ گڏي
ويو ڪيچ ڪيچي ڇڏي مون ڀنڀور
سُجاڳي مون غافل رکي ڪانه ڀور
ستِي سيڄ غافل هيس ويسري
منهنجي ڳَهر منهنجي مٿي تان وري
ڪري ڳَهَر غافل وڃائيم ڄام
ڇپر منجهه هاڻي پڇائيم ڄام
عجب جِين ڇڏي ڄام پنهنجي وڃين
منهنجي ڳَهر مون کي ڏکن سين ڀڃين
پُڇڻ پَر جا ڄام پرمل سندي
ٿئي مون ڪنا سا نڪي ڪي اَدي
جي حُبّ دل ۾ سدا سي مَرن
پڇاڻان پرينءَ جي نڪي ڪي جيئن
جني حبّ تڪبير تن کي ڪِئي
ڦوڙائي اَچي حال واقف ٿئي
ڊگهو وقت ڳالهين سندو ڪين آهه
رکين سڌ جي تان اَدي مون ٻُڌاءِ
خبر ڏي پنهون ڄام ڪيڏانھ ويو
جدا هوت مون کان سُتي جو ٿيو
جدا هوت جاني پنهون سو ٿيم
ڪنا روح سک سڀ جنھ لئي ويم
وڌم سک سڀ ڄام لئي باهه ۾
وهيو وات هَر وير هيهاءِ ۾
جنھ جي سڪّ ڇُلاياس هت
مون کي ڏس ڏي سو پنهون ڄام ڪِٿ
چيو تان تهين کي تڏهن ئي هڱور
منهنجي ڀيڻ غافل سَسُوئي اتور
هيڏانهن ڄام بلڪل تو آيو نڪي
جهين ڪاڻ ڪاهي ڏٺئي ماڳ هي
ٽَڪر منجهه تو سيڻ ڪيچي ويا
ڪڏهن بحر تي سي نڪي ڪي چڙهيا
ٽَڪر ڏيھ جن تن ٽَڪر واهه آهه
اَسانبي انهن جي جگر ساهه آهه
اَدي هاڻ توسين هلان ٿي وري
خبر مانَ ڪيچين ملي ڪا ذري
هل ته هاڻ توسين اَدي ٿي هلان
مٿي ماڳ پنهنجي جُتي ٿي هڻان
ڇڏيان ماڳ پنهنجو هيڻي ٿي هتي
هلان ٿي توسين ڄام ڪيچي جتي
سڻي ڳالهه سا تنھ ڏنائين جواب
ته توکي ڌني ڏي جهجهوئي ثواب
اِهو پنڌ مون مُنڌَ ڄاڻي کنيو
جڏهن ڄام ڪيچي رهاڻِي ويو
نظر ساڻ دل جي پنهون ئي پَسان
ڪري مانَ ڪي پنڌ تنھ کي رسان
هيم ياد جيڏي سندي ڏينهن ڳالهه
ڪيم ڄام سين ئي خوشي ناز حال
چيم ٿي ته ساڄن سندم اي پنهون!
خير ڪيچ جي مون ٻڌاءِ پنهون
وڃي واٽ جا ٿِي مٿي ڪيچ ڪيچ سنئين ساڪر تنھ منجهه ڪي پيچ پيچ
نجي واٽ واري ڪر راهي ٽَڪر
ڪر دريا وڃان ڪو اَڙانگو اَپر
تڏهن ڄام ڄامن چيو روح ٺار
اها ڳالهه واتان سَسُوئي وسار
پسان ڪين موٽي وڃي شال سا
بيابان ڏونگر سندي واٽ جا
رهان شال هردم هيڪاندو هتي
ميڙائو ٿيو منهنجو تو سين جتي
هيم ڳالهه سا سڀ سَڄيائي سُڻي
آهيان پرَ پنهون جي ڏکن ۾ مُئي
خبر تنھ سبب مون نٿي ڪا پئي،
عقل هوش مون ۾ نڪي ٿو ره
اَدي ربّ سَرهو سدا تو رکي
ڪڏهن پيٽ تنهنجو نه خشڪي چکي
وڃان ٿي وري پوءِ ڏي اَي اَدي!
آهيان سِڪّ ميڙي پنهونءَ جي ٻڌي
وڃان ٿي وري پوءِ ڏي تو وٽا
ڪنديس ڄام ڪيچي پنهونءَ سين وفا
تِهان بعد ڪي موڪلاڻي ٻنهي
سنديون ڏک ڳالهيون ڪيون ٿي جِني
وٺي ڪپّ پنهنجا اَبيٺي هڱور
سهي ڏک گفتي سندا زور جور
پُٺيءَ پير موٽي سَسُوئي وري
پنهون ڪاڻ ماندي ديواني چَري. |