روايت [4]
محمد عارف ڪلهوڙي جا چيل بيت*
1- جوڙ جڳائي جنهن جي، ڪريان صفت سندي سبحان
پيدا ڪيائين پانهنجا جوڙي جملي جهان
سج چنڊ ۽ تارا، ڪيائين زمين آسمان
آگي جي اسرار جي ڪل ڪنهين کي ڪانه
آهي خبر خداءِ کي، جيڪي فرمايو فرقان
نقارا نيشان، ڪئين وڄائين ڪيترا.
2- ڪئين وڄائين ڪيترا، سنديءَ سِڪ صحيح
واري دلوراءِ جي سڻ حقيقت هيءَ
گهر ’نائون ٻانڀڻ‘ جي هڪڙي ڄائي ڌيءَ
طالع ڏسي تنهن جو چيو نرتؤن نجوميءَ
نه هن جو بخت بلند آهي، قابو ڳالهه نه ڪميء
انگ پاڙيندي هيءَ، ٽڳو ٽوڙي پانهنجو.
3- نائون نرت ڦٽي ڪئي، نيڻؤن هاري نار
ڪير ميٽي قادر جي، جنهن جوڙي ربّ جبار
لاهي ڪير لکئي منجهئون ريءَ قادر ڪلتار
انگ پاڙڻ کان اڳ ۾ ٿي ڌيءَ پيڪن کؤن ڌار
سڦري تن صندوق ڪئي، جوڙي ترت تيار
تنهن ۾ ڇوڪرِ تن رکي جيئن ٻاروتي ۾ ٻار
ڏاج ڏنائونس ڪيترو بيحد بيشمار
تنهن جي مٿان ميڻتهو جڙيائون چؤقبلو چوڌار
روئي رازن راز، ڪيائون داخل درس درياء جي.
4- داخل ڪري درياءَ جي، لوڙهي ڇڏيائون
گهڻو نير نياڻيءَ تي، هَئي جو هاريائون
اِيئن اُتِيائون، ته آهين امانَ الله جي.
5- سا ٿي شهر ڀنڀور ۾، لڙهي صندوق سنئي
هٿ آئي محمد کٽيءَ جي، اُها پرت پئي
هيءَ جا ڪٿان ڪهي، آئي بخت اسان جي.
6- ”محمد“ سڏيو زال کي، پُرس ڪري پڪار
ظاهر زينب ٿي ڪئي، ٻَر ٻَر ڪارڻ ٻار
هيءَ جا سوني ٻاروتي ٻڌي آهي ڌيءَ ڪنهن دنيادار
نانءُ رکيائونس سسئي، جئن سُئي ۾ سنسار
خوب چڱيءَ خنڪار، ترت چمي کڻ چيلهه تي.
7- چمي کنيائين چيلهه تي، ڇٽيهين ڇوڪرِ
سسئي وٺي پاڻ سان ٿيا داخل پنهنجي در
اڱڻ منجهه اچي ڪري ٿا گهميو ڏسن گهر
کار صابڻ سڀ سون ٿيو، ٻي ظاهر پسجي زر
لڳو خوب کٽيءَ سان، چوي عارف، بخش اپر
در آئي درختر، سِيهي منجهئون سون ٿيو.
8- ٿڻ چوپايس پانهنجا، کٽياڻيءَ کڻي
کلن منجهه کير پيو، اهڙو آهه ڌڻي
اُوءَ واحد کي نه وڻي، هوند ماء پياريس پانهنجا.
9- قدرت ساڻ ڪري ٿو رزاق رزق ڏئين
پرور ڪئن پاتال ۾ ٿو ڏياري قوت ڪِنئين
سڀڪو طرح تِئين، ٿو روزي رزاق کؤن وٺي.
10- جڏهن سامائي سسئي، ڪيائين گويا هيءَ گفتار:
مونکي بابا! باغ جوڙائي ڏي، جنهن ۾ چمن هئن چؤڌار
لڳي گلاب ٿين گلذاريون، جنهن جا درس ڪريون ديدار
ڪچناليون ۽ ڪيوڙا، ٿين ليمان، انب اپار
صوف، توت ۽ ڊاک، وڻ، گل لائن گلزار
فردوسي مڪان ٿئي، جنهن جي هاڪ پوي هيڪار
جاءِ چڱي جوڙائي ڏي، مؤج گهڻيؤن موچار
بنگلا وڏي بناءُ سان ٿين نقاشي نروار
اَيٽُ گهڙائي ڏي سون جو موتين سان مڙهيا
آءٌ وجهان آتڻ اُتي ميڙي هڪ جيڏيون هيڪار
بابا، تنهنجي باغ جي هاڻي مر پئي سابه پچار(1)
11- تڏهن محمد باغ بنائيو، آڻي نوان خوب نهال
جنهن کي چرخا چندن جا چيروان، صاحب ڪيا سرهال
تنهن کي در طاقيون سڀ سون جا ٻيو فرش اڏيو في
الحال
جنت جهڙي جاءِ ٿي جنهن ۾ بهشت ٿيو برحال
سسئي صورت تنهن وچئون ڏٺو ٿي خوب خيال
مڪمل عمارت ڪئي ست مهينا هڪ سال
تنهن جي زينت ٿي ڪيو سڀڪنهن کي سرهال
جنهن سان پيڪن پؤڻائي ڪئي، جن ٻوڙي هئي ٻرحال
ڏسو ڪم ڪريم جا جو بچائي برحال
جنهن جو لکيو لال ٻروچ سان، ڏس ڀلي جا ڀال
تڏهن ڏيو خزانا مال، ”محمد“ سر صدقي ڪيو.
12- لکيو پري، نه ٽري، ڏس قادر جي قدرت
پيئي ڪيچ مڪران ۾ ايڏي جا به قحط(1)
اَنّ نه لڀي آذقو اُتي درد سڙيا درخت
اَنُ بها سين نه لڀي ٿين هراس ۽ هيبت
ماڻهن ڪئي مصلحت، ته ساٿ آڻيون سنڌ کان.
13- ساٿ آڻيون سنڌ مان اَنّ سان ڀرائي
سو ڪيئن وڃي قافلو بنان بورائي
وٺو آريءَ ڄام کؤن، پنهل پهائي
سونهون ڪري ساٿ جو، هلي اُن کي هلائي
پاند ڳچيءَ پائي، اچي ويٺا آريءَ ڄام اڳيان.
14- تڏهن آريءَ ڄام ائين اُتيو، ڪري سڌ صحيح
اَوهين راڄ مهاڄڻ آئيو، ڪهڙي ڪم ڪَهِي؟
آءٌ پنهل ڏيندس ڪينڪي، جنهن جي وڃڻ نه آهه وهي
ٻيو ڪو پُرس پهي، سُونهون کڻجو ساٿ سان.
15- تڏهن ”ٻاٻيهو ديوان“ هو، آريءَ ڄام اڳياء
هوندو هو صورت سڦڙو، ڏهُون زينت ۽ زيبا
سونهون ڪيائين ساٿ جو، ڪڍي سر ڪردو سهجا
چئي: وڃي اَنّ وٺي اَچو سؤ سٺ خرارا
سِگهو آڻج اَنّ تون جوان وٺي جلدا
سنڌ سهانگو نه لڀي ته آڻيو جيسلمير منجهان
اُهو مرد تنهن هنڌان، ڪَهي آيو شهر ڀنڀور ۾.
16-
سا جا ڏسي سونهن هندوءَ جي، سڀڪو ڪري هاڪ
ڏنائون جاءِ جوان کي آڻي منجهه اوطاق
جنهن کي وس پُنو هو واڪ، ماڻهن مهمانيون ڪيون.
17- ٻڌي سونهن هندوءَ جي، سسئي آڻايو اظهار
اڙي سان! تون آهين صاحب ساٿ جو، ڪِي ٻيو سندء
سردار؟
چئي: ڄام پنهون صاحب سندم آهي ڪامل قربدار
ڪامل ڌڻي ڪيچ جو هو مرد آهي مختيار
مثل مانند ماهه جي آهي صورت جو سينگار
جيڪر اوهين جي هِت ڏسو نَر اچي نروار
آهي تسلى تڪرار، هوند مڙيئي مستانيون ٿيو.
18- چئي: ڙي وڃ واڻيا تون اوڏهين، آڻي مون ڏيکار
جيتر ڊوڙي دانهن ڪرين تون انهيءَ کي اظهار
تيتر تنهنجو سُنگ ۾ هٿ ساٿ جهليو سرڪار
اهڙي ڪنهن اَچار، هوند آڻين ڄام پنهونءَ کي.
19- تڏهن ٻاٻيهي مڪران ڏي ڪيو عامل اُمارو
وڃي آريءَ ڄام سان ڪيائين سڀ قصو سارو
چئي: ڏي موڪل ڄام پنهونءَ کي، ٿئي نر جو نقارو
تڏهن مون اُتئون معاف ٿئي اِهو اِجارو
سائين ڪري موچارو، تنهنجو ساٿ سلامت سان اچي.
20- تڏهن ”آريءَ“ ٻاٻيهل سان ڪئي جا قابل ڪٿ
سسئي ٻُڌان سنڌ ۾ سرس گهڻيءَ صورت
متان انهيءَ ڳالهه ۾ مون سان هندو! ڪرين حرڪت
ڙي متان ڄام پنهونءَ کي وجهين اُنهيءَ ڪنهن آفت
نه ته ڪن ڪپيندس تنهنجا ڏيئي لحظي منجهه لت
تاب وجهي تهمت، توسان تعدي اهڙيائي ڪريان.
21-
سائين! نڪا سسئي سنڌ ۾، نڪا سرس گهڻي صورت
هي اٿئي منصوبا ماڻهن جا ڪج خاطر جمعيت
تون اَن آڻي ڪر اَذقو، ڪر ماڻهن سان منت
تنهنجو صاحب سلامت، هت ايندو وري ديس ۾.
22- تڏهن آريءَ ڄام پنهون کي راوَ ڏني رخصت
منهنجا پٽ! پرتين الله کي جنهن جي آهين امانت
سويري سِگهي موٽڻ جي ڪجانءِ مانجهي ڪا مصلحت
الله آهر البت، ايندين ٿيندم آسرو.
23- ڄام پنهونءَ چيو راءُ کي هيءُ سخن سردار
مون کي ٿا کڻو پاڻ سان ڪريو مصلحت ڪا موچار
سؤدو سَٽ متان کڻو بنان کٿوريءَ بار
سي جي بَنائتون بَنات جون، وجهو ٻورن کي بيهار
تن ۾ کٿوريون وجهو توهين، خاصيءَ سان خنڪار
سي جي جهولا جهولن پَٽ جا، لالان لڳن هزار
جهڳ مڳ لالان گهنگهرو، ٻيا هريڙن هزار
ڪريو دشالا دماغ جا شروع کان موچار
ڪريو لونگيون لعل لطيف جون، جهمڪن جهوڙيدار
سونيون ناڪيليون اُٺن کي، وجهو نَڪن ۾ نروار
سڀڪنهين جي اُٺ ۾، وجهو موتين ساڻ مهار
وجهو پنج پنج ٽَليون اُٺ کي، سي ڪن آواز اڀيا
جنهن دم ماڻهو ڪو اچي، تنهن دم ٿيو هسوار
پون بودن مٿي بار، اڄ ڪاهي پهچون قافلي.
24- تڏهن زالون پنهنجون ڪوٺيو، ٿو پنهل موڪلائي
سا ملي ماڻس تاتهين، ٿي رويو ڳل لائي
ڏهه ڏهه ڏنئونس مُهرون، اُتي زالن گهرائي
جڏهن ساٿين سڻايو اچي ته ساٿ هليو آهي
”مارک“ ”ٻٻر“ ٻه ڄڻا، کنيائين سهجئون سنباهي
ڄام پنهل ڪاهي، وڃي صاحب پهتو ساٿ کي.
25- ساٿ هلندي واٽ تي، ٻن تترن ڪئي لات
سوڻين ڳنڍي سَوڻ ڪيو، وائي ڪيائين وات
پرين ملي پرڀات، ٻيو کاٽائو ساٿ جو.
26- منزل سِر منزل ڪري، پين ڪاهري ٻيلي رات
ڏسي هر ڪو ساٿ کي، جو آيو پرهه ڦٽيءَ پرڀات
سهجان سوناريءَ ڏٺو، چوريءَ چپ چپات
ڪونه ڏٺوسون ڪاٿهين، اهڙي ساٿ سمات
سڀ کي وائي وات، آهي ڄام پنهونءَ جي.
27- تڏهن دانَھ ڏسي دوسَ کي، سهجان ڪيو سعيو
جنهن کي عشق جي به اُليل هئي، روح سندو رايو
ڪامل ڌڻي ڪيچ جو، اڄ اڪابر آيو
تن پرين تي پايو، کڻي اڄ وجهنديس اَن جو.
28- ائين چئي مُڪائين ڄام ڏي، هيءَُ ڪري اقرار
اَن گهرجي آءٌ ڏيان، بيحد بيشمار
اَڄ ڀرائي اَن سان، ڏيان ساري سڀ قطار
تنهنجي ماڻهن کي ميَدا ڏيان ۽ اُٺن اَن اپار
ٽِڪ ٻه ٽي ڪي ڏينهڙا، دانَھ منجهه دوار
خذمت خوب خوشيءَ مان، ڪريان مردن کؤن موچار
تنهنجا اُٺ، گهوڙا جي آدمي، ساهه کڻن سردار
مرداڻيءَ مجلس جي، سورهيه هُئي پچار
پر تنهنجي ئي اختيار، هِت، ٽِڪين، اڳتي وڃين.
ٻاٻيهو، پنهونءَ کي ٿو چوي:
29- سهجان اٿئي سکڻي، سهجان سوناري
هِت پَٽينِس واڻيا، آڏاڻي ڪوري
ڪونه ڇڏيائين ڪاٿهين، ٿر مٿي ٿوري.
سهجان ٿي چوي:
30- ڇڪّ ٿئيوَ، تتر لئيو، مٿان پئيوَ مينهن
اُٺ اوٺيڙا شل نه لهو، سڀان به سارو ڏينهن(1)
ٻاٻيهو ٿو چوي:
31- چڱو جن کي لکيو، مَدو سي نه پسن
توڙي روم رهن، ته به کنڊون کائن کير سان.
سهجان ٿي چوي:
32- پنهونءَ جي اُٺن جو، لڌم ڏاوڻ ڳچ
لايان لال لڱن تي، مانَ اُجهامي مچ
اُتي جانب اچ، جتي هوت هوندي سانءِ هيڪلي(1).
سهجان چوي ٻاٻيهي کي لاڻو ڄاڻِي:
33- بيٺو آهين برّ ۾، لاڻا تون کاڻا
هتان ڪي هوت لنگهيا، منهنجا کٿوريءَ هاڻا؟
ٻاٻيهو ٿو چوي:
34- آءٌ ڇو کاڻو آهيان، کاڻين ڌُوتِي تون
ويو ٻاروچل نڪري، اڄ جهيڙو لائين مون.
35- تڏهن ڄام نه ٽڪيو ڪاهري، پيا بودن مٿي بار
هلي قطار ڀنڀور ڏي، ڪيائين الله توهار
سي اچي شهر ڀنڀور کي، نيڙي ٿيا نروار
سي ويجها وڻڪار کي اچي، ٿيا قلعي کي چؤڌار
مَٺَل! لاهي ويٺا بار، تن اُٺ اولاڻي ڇڏيا.
بيان: تنهن کان پوءِ سهجان سوناري، جنهن مهمانيون ٿي ڪيس، سا
مٿس اَڪن ڇَڪن ٿي پئي هئي. اها سبب عشق جي، جنهن
وقت سار ٿيس، اُن وقت اُٿي، گس اُٺن جو سڃاڻي،
هيڏانهن هوڏانهن ڊڪڻ لڳي ۽ جي واٽ تي ڪنڊيون ۽
ڪانڊيرا پيا هئا، تن ۾ ڪپڙا ڦاٽي چيرجي، ٽڪر ٽڪر
ٿي ڪِري پيس، باقي اڳٺ چيلهه ۾ رهيس.
36- تڏهن وٺي گس گؤنرن جو، پٺيءَ پنهل جي پيئي
سو سار سوناريءَ کي نه ٿي، هُو ويا سنجهيئي
ڪپڙا ڪَنڊ ڏيئي، آئي ورائي اڳٺ پانهنجو.
37- سانجيءَ اَويل سَويل جو، تڏهن ساٿ کنيو سردار
آيو شهر ڀنڀور ۾، مهل چڱيءَ موچار
سسئي سندي باغ ۾، اچي ٽِڪي لاٿا بار
جاءِ وٺي محمد کؤن، ويٺا مرد هٻڪار
مڙيا ماڻهو شهر ڀنڀور جا، چؤڪنڊين چؤڌار
ڏسي ڪيچ قطار، ڪوئي ڪُڇي ٿو ڪونه ڪو.
38- تڏهن آتڻ پڇي ساٿ کان، تنهنجو ساٿ وڏيرو ڪير
ڪَمل جنهن جي ڪلهن ۾، آرياڻي ڇڳير(1).
39- ساٿ پڇي آتڻ کان ته آتڻ وڏيريِ ڪير
ڪنگوءَ رتس ڪپڙا، مينديءَ رتس پير
نالي سگهڙ سسئي، ذات نڄاڻان ڪير.(2)
40- ڪيچي ڪيچون آئيا، کٿوري به کڻي
سا هڪ هارينِ هٽن تي، ٻي در در ڏين گهڻي
شال رزق ڏئين ڌڻي، ته رهن پنهنجي راڄ ۾.
41- سسئي صورت سڦڙي، هئي سرس منجهه سرتين
منهن مورت مهتاب ورن، هئي سوڌي سونَ ورن
پريون تان پاسي ٿيون، ويڳاڻيون به وتن
پسي حال هلڻ جو، ٿي حيرت کي هاٿين(3)
جُلوي جوت جبين، ڪيو اوجر اونداهيءَ ۾(4)
42- اوجر اونداهيءَ ۾ ڪيو، محمد ڌيءَ مڻيار
سڏي سهيليون پانهنجيون ٿي سرس ڪري سينگار
صفت سڻي ساٿ جي، ويئي بودا ڏسڻ بار
سَمهُون ڄام پنهل تي، نظر پيس نروار
نيڻ لڳي نيڻن سان، ٿيا کيئا منجهه خمار
لڳي جنگ جلهه ٿي، ٿيا سيِهي جا سٽڪار
ڇٽڪيون بڙڇيون برهه جون، جنهن چاڪ ڪيا چؤڌار
عشق ڀڄايو عقل کي، جَنگ کَٽِي جهونجهار
لاهوتي لاغرض ٿيا، ننگ ڇڏي ناروار
تدبيرن تاراج ٿيون، عقل بنا اظهار
صبر سِڌاريو ڏيهه مان، ٿيو فهم فڪر کؤن ڌار(1)
سڻي رِڻُ ساڌي هلي، کڻي سورن سَوَ هزار
ڪي ته نياڻين پاڻ سان، ڪي وٽ ڇڏيائين يار
رُوندي موٽي گهر ڏانهن، سخت ڀري سڏڪار
ڪَمَ آگي ڪلتار، ڪيا آهين ”ڪلهوڙو“ چوي.
43- پوءِ ته پنهل ڄام کي، فائق فڪر ڪيو
پرينءَ جي پڙلاءُ جو، پرور ڪونه پيو
اَبر وسيو، آب ٿيو، هي ڪاڏي ڪڪر ويو
کنوڻ کِٽوي ڪنهن ديس مٿان، تجلو تنهن ڪيو
ڳوڙها ڳڙندا ٿي ويا، تاڏي پنڌ پيو
شرط شڪاريءَ پٺ ۾، وڃي رند کنيو
وهندو رت هليو وڃي، هيء جو آهُو آيو
پوءِ لڌائين پيچرو، رڙهي رند ٿيو
داِنَھ دُر ڪيو، پير پنهنجي پرينءَ جو.
44- صحيح ڪيائين جاءِ سا، جتي دوس هئاس
هنيو گز هليو وڃي اندر ڪاههَ ڪياس
زينب اٿي ضرب مؤن، وڏا ويڻ ڪيَاس
سسئي گز کڻي ڪري، اچي پرتؤن پيش پياس
ضرب ڏنائين ماءُ کي، ڪري پرديسيءَ جي پاس
رن تون آهين راس، ڪي بيحد آهين بتلِي!
45- هلي ويو محمد ڏي، پرِتئون پنهل ڄام
وڃي ڏنائين ويجهڙو، سورهيه تت سلام
هن وٺي وهاريو وٽ ۾، گڏجي وير وريام
اُستا! کٽي آهيان، ڪرِت ڪندوسانءِ ڪامَ
رهان ڪيچ مڪران ۾، پنهل منهنجو نام
سو اُتي راڄ اسان جو، جِت آهي آري ڄام
وڏي ڏيندو هو تعظيم، ڪندو هو ڏاڻ انعام
قسمت قيد طمع جي، مرد ڇڏايو مقام
هت تنهنجيءَ حاج جو، آءٌ کٽيندس سڀ ڪام
تڏهن اُستي ڪري انجام، وير وهاريو پاڻ وٽ.
46- ڏسي ڄام پنهل کي، ٿي هر ڪنهن کي حيرت
ڪنهن سياڻي ويهي سا پُرجهي، هيءَ ڪِي حقيقت
کٽي اٿو ڪينڪي، ڪو صاحب سلطنت
ڪنهن فراق ڦَٽيي وڌو، مانجهي ٿيو بي مصلحت
ڪريو اِها ڪَٿ، ڏسو آزمائي هن کي.
47- کڻي آندائون تاتهين، چڱا وڳا چار
محمد چيو ملوڪ کي، اڇا ڪري اُجار
مَني ڌوئي آءُ تون، ڪري اباڻي ڪار
سانجهيءَ اويل سويل ٿا، درس گهرجن درڪار
تڙ گهيڙي تڪرار، آڻي ڏي به اڇا ڪري.
48- ڪپڙا هئس قيمتي، لاهي دُور ڌري
ويٺو ڪوناريءَ تي، بي ڪا پوتِي هيٺ ڪري
ويس سمجهائي سسئي، وڳا وٽس ڌري
هنر تنهن هاتڪ کي، ڏسي پوءِ پري
مانَ معلوم ٿئي هن جِي، حڪمت ذري ذري
مَني مَنَڻ ڪري، ترت کڻي ويو تڙ تي.
49- تڙ تي نيئي ڪپڙا ڦرهي تي هنياس
ڦاڙي چيهاڙيون ڪري، پرزا سڀ ڪياس
لڙهنديون پاڻيءَ ۾ وڃن، اڳڙيون پيون اڳياس
لکئي لوح قلم جي، هي ڏُک سُک ڏيکارياس(1)
ههڙا ڪم اکين سان، مون ڪڏهن ڪين ڏٺاس
سي سڀئي اڄ نِي، ماڻهن پيش پياس
ماني کڻي ملوڪ جي، سسئي تت آياس
حال ڏسي تنهن هوت جو، ڳوڙها ڳل ڳاڙياس
آرانڀا آتش جا، سسئي جيءَ جَڳياس
گهِڙي ڌئاريانءِ ڪپڙا، پر بابي ڊاءُ ڊنياس
ڪجي اعتبار انهيءَ تي، جو راسخ آهي راس
ڏکن منجهه سُکڙا، ايئن فرقان فرماياس
پير ڪندو تان پاس، شل سگهو ملندين سڄڻا!
|