آري ۽ سندس پٽن کي ”بلوچ“، ”جت“ ۽ ”هوت“ جي نالن سان سڏيو ويو
آهي. ”بلوچ“ ۽ ”جت“ هن وقت جيتوڻيڪ قبائلي ۽ سماجي
لحاظ سان جدا جدا معنى رکن ٿا، مگر تاريخي لحاظ
سان قديم دور ۾ پاڻ ۾ ملن ٿا. اهي بلوچ قبيلا جيڪي
سڀ کان اول هجرت ڪري بلوچستان ۽ سنڌ طرف آيا ۽
مقامي ماڻهن سان مائٽيون ڪري ويٺا، تن کي ”جت“
سڏيو ويو. اهي جت جيئن ته بنيادي طور بلوچ نسل مان
هئا، انهيءَ ڪري سنڌ جي آڳاٽي روايت مطابق کين پڻ
”بلوچ“ سڏيو ويو، ۽ انهيءَ لحاظ سان ”جت“ ۽ ”بلوچ“
هم معنى الفاظ بنجي ويا. ”هوت“ بلوچن جو هڪ وڏو
مکيه قبيلو آهي، جيڪو سندن وڏي ڏاڏي ”هوت“ جي نالي
سان سڏجي ٿو. جيئن ته ”هوت“ بلوچ آهي. انهيءَ ڪري
هن داستان ۾ پڻ هوت، هوتا ۽ بلوچ هم نام طور
استعمال ٿيل آهن، جو هوتن ۽ بلوچن ۾ ڪو فرق ڪونهي.
پنهون کي جَت، بلوچ، هوت ۽ پڻ ڪيچ ڌڻي، ڪوهيارو ۽ ”هاڙهي جو
بلوچ“ سڏيو ويو. اهي پويان نالا ”نسبي“ ناهن، مگر
”ماڳي“ آهن. پنهون ۽ سندس ساٿ وارا ڪيچي هئا، يعني
مڪران جي ڪيچ واري پرڳڻي جا هئا، ۽ پنهون ”ڪيچ
ڌڻي“ هو يعني ڪيچ جو حاڪم هو، ”ڪوهيارو“ هو يعني
”ڪوهيار جو“. مقامي طور سنڌ، ڪوهستان ۽ لس ٻيلي
وارا آڳاٽي وقت کان وٺي ”خزدار“ جي شهر کي
”ڪوهيار“ سڏين. جيئن ته ”ڪوهيار“ بلوچستان جو هڪ
مکيه شهر ۽ پرڳڻو آهي ۽ بلوچن جو هڪ تاريخي ماڳ
مقام آهي، انهيءَ ڪري اصطلاحي طور پنهون کي پڻ
”ڪوهيارو“ سڏيائون. هاڙهي جبل وارو علائقو موجوده
لس ٻيلي ضلعي ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي بلوچن جو ماڳ
مقام آهي ۽ هن وقت تائين اهو .آڱاريا“ (ڪلمتي) ۽
”گيڊور قبيلن جي بلوچن جو علائقو آهي. اصطلاحي طور
”هاڙهي جو بلوچ“ معنى بلوچستان جو يا بلوچن واري
علائقي جو بلوچ.
تاريخي لحاظ سان، بلوچن جو ”هوت“ قبيلو، بلوچن جي وچين دور واري
نمبر ٻي هجرت سان تعلق رکي ٿو، جيڪا ڏهين صدي
عيسوي جي آخر کان 11 صدي عيسوي جي شروع ۾ ٿي.
انهيءَ هجرت بعد بلوچستان واري خِطي ۾ بلوچن جا ڪي
مکيه قبيلا پنهنجن جدا جدا نالن سان نروار ٿيا.
بلوچن جي نسبنامي موجب، رند، لاشار، هوت وغيره
جلال خان جا پٽ هئا. رند ۽ لاشار جو اولاد 15 صدي
عيسوي ۾ مڪران ڇڏي قلات طرف وڌيو ۽ اتي پنهنجي
حڪومت قائم ڪيائون. پوءِ وري اتان اڳتي وڌي رند
قبيلي سبي ۾، ۽ لاشار قبيلن گنداوا ۾ پنهنجون
رياستون قائم ڪيون. هوت قبيلي جي رياست مڪران ۾ ئي
قائم رهي ۽ بلوچستان جو سڄو سامونڊي ڪناري وارو
علائقو سندن هٿ ۾ هو. هوت قبيلو پڻ وقت گذرڻ سان
وڌيو ۽ جدا جدا شاخن ۾ ورهائجي ويو، جن مان
”ڪلمتي“، ”چانڊيا“ وغيره خود وڏا قبيلا بنجي ويا.
”ڪلمتين“ تي اهو نالو انهيءَ ڪري پيو جو ”ڪَلمت جي
نئن“ وارو علائقو وسايائون. سورهين صدي ۾ هوتن جي
هن رياست جو حڪمران مَلڪ حَمل هو جنهن بلوچستان جي
سامونڊي ڪناري تان پورچوگيزن جي بحري حملن کي
مُنهن ڏنو. هن پهريائين ڪاميابيون حاصل ڪيون، پر
پوءِ هڪ بحري لڙائي ۾ مَلڪ حمل هارايو ۽ پورچوگيز
کيس قيد ڪري کڻي ويا. مَلڪ حمل جي والد جو نالو
”جِيئند“ هو، ۽ اهو به پنهنجي وقت ۾ هن رياست جو
سردار هو.
(1)بهرحال
اهو زمانو پنڌرهين صدي عيسوي جي آخر ۽ سورهين صدي
عيسوي وارو هو. ان وقت ملير ۽ ساڪري تائين ڪلمتي
قبيلن جي آبادي وڌي ۽ هنن سنڌ جي سامونڊي علائقي
کي پڻ سنڀاليو. سنه 1103 هه/ 1691ع ۾ اورنگزيب جي
عهد ۾ ملير ۽ ساڪري جي ڪلمتي سردارن بجار ۽ ٻٻر کي
”مَلڪ“ جو خطاب ۽ جاگيرون مليون ۽ بعد ۾ پڻ سنڌ جي
جاگيردارن ۾ سندن درجو ”فرسٽ ڪلاس“ وارو رهيو. (2)
اڄ کان وٺي پوين پنجن سَون سالن تائين هوت قبيلي جي اڳواڻ سردار
بابت ڪي لکيل معلومات ملن ٿا، پر ان کان اڳ واري
دور جي تاريخ اڃا تحقيق طلب آهي. ”آري“ ۽ ”پنهون“
جيڪڏهن هوتن جي رياست جا حڪمران هئا ته پوءِ مَلڪ
حمل کان اهي اڳ ٿي گذريا. انهيءَ آڳاٽي دور ۾،
بلوچستان
جي اندروني تاريخ بابت تحقيق ڪندي، اسان کي فقط
هڪ قلمي ڪتاب ”ڪيچ نامو“ (فارسي) نظر آيو، جنهن جو
قلمي نسخو برٽش ميوزيم ۾ (نمبر 11660Or.)
موجود آهي. اهو ڪتاب ڪمالان بن مير هاشم گڪچي سنه
1273هه ۾ هڪ انگريز آفيسر جي چوڻ تي لکيو، پر ان ۾
پوئين تاريخي دور جا وڌيڪ حــالات ڏنل آهن، ۽ هوتن
جي رياست يا آري ۽ پنهون جو ذڪر ڪونه آهي. اسان
انهيءَ ڪري سنڌ جي ساڪري، ڀنڀور ۽ ملير واري
علائقي جي ڪلمتي ۽ ٻين هوت قبيلن جي وڏڙن کان پڇا
ڪئي ۽ سنه 1956ع ۾ انهيءَ پڇا دوران ملير جي هڪ
پير مرد بلوچ حاجي شاهعلي (ان وقت عمر 72 سال) کان
معلوم ٿيو
(1)
ته سندن شجري جي روايت موجب وڏي سردار عالي (آري)
جو نسب نامو هن طرح آهي: ”عالي پٽ عمر پٽ بجار پٽ
هوت پٽ جلال خان.“ بلوچن جي نسبنامي جي متفقه
روايت موجب پڻ ”هوت“ کي ”جلال خان“ جو پٽ ڪري
ليکيو ويو آهي. حاجي شاهعلي جي روايت موجب سردار
عالي اٽڪل ساڍا اٺ سؤ ورهيه اڳ ٿي گذريو ۽ ڪيچ جي
وادي ۾ پنهون جي ”ميري“ واري ماڙيءَ جا کنڊرات
اڃان تائين موجود آهن. آريءَ کي نوتڪ، چنرو، پنهون
۽ ست پٽ ٻيا هئا. هوت جي اولاد مان پوءِ نوت ٿيو
جيڪو ”ڪلمت“ نئن تي اچي ويٺو، جنهن جي ڪري سندس
اولاد ”ڪلمتي“ سڏجڻ لڳو. حاجي شاهعلي جي روايت
کانسواءِ ٻين بيانن سان ائين معلوم ٿئي ٿو ته
”آري“ جي پٽ لَلي جي اولاد مان هڪ ننڍو قبيلو
موجود آهي. (2) آري جي ٻئي پٽ ٻَٻَر (اصل ۾ بَبَر=شينهن)
جو اولاد ”ٻٻر“ بلوچ آهن.
آري توڙي پنهون جي سرداري ۽ حڪمراني بابت وڌيڪ اهڃاڻ ”سسئي –
پنهون“ جي داستان جي مختلف روايتن ۾ هن طرح ملن ٿا
ته آري ڪيچ ۽ ڪوهستان واري علائقي جو اڳواڻ سردار
هو. سڀني قبيلن کيس پڳدار ڪيو ۽ هن ڀر وارن سڀني
علائقن جي سردارن کي آڻ مڃائي، مٿن ڏن مقرر ڪري،
پنهنجي خودمختار حڪمراني ۽ سلطاني قائم ڪئي:
آري سو اڳواڻ هو، ڪيچي ڪُهستاني،
تنهن کي مڙني پڳ ڏني، ٿيو صاحب سلطاني
تنهن ماري مڃائي ڪيا ڏيهه سڀئي ڏاني.
(ص 129)
سندس عزازت مان ”مارک“ نالي سندس مُشير ۽ صلاحار هو، ۽ هڪ هندو
نالي جَسو عرف ”ٻاٻيهو“(1)سندس
واپاري قافلن جو سونهون ۽ پرڏيهي واپار ۾ سندس
گماشتو يا مُنيب هو. ڪن راوين کيس ”آريءَ“ جو
ديوان سڏيو آهي. هڪ خودمختيار حاڪم جي حيثيت ۾ آري
پنهنجو سِڪو هلايو ۽ جن به سندس مُهر کي نٿي مڃيو،
يعني سندس حاڪميت کي تسليم نٿي ڪيو، تن کي سندس پٽ
نوتي شڪستون ڏيئي آڻ ٿي مڃائي:
جن مُهر نه مڃي منهنجي، سي نوتو سڀ نائي.
(ص
164)
سندس ٻيو پٽ هوتو وڏو عقلمند هو، جنهن سهڻيون صلاحون پئي ڏنيون:
هوتو هلي اَن سان جو عقلوند آهي.
(ص 164)
پر خان پنهون سڀني ڀائرن ۾ وڏو لائق ۽ سمجهدار ساماڻو، جيڪو
راڄڻ جو وڏو همدرد ۽ هڏوکي هو. سندس قابليت ۽
ڪـــوششن سان
واپار وڌيو، ۽
سڀ راڄ سکي ٿيا:
سڄو ڏيهه سُکي ٿيو، تنهن ساجن جي سعيي.
(ص 164)
انهيءَ ڪري آري پنهنجي جيئري ئي پنهون کي برادري جي پڳ ٻڌائي ۽
خودمختار حڪمراني جي مُهر ڏني ۽ پڻ پاڻ اها مهر
مڃيائين:
آکيس: تيڪون ڏنم دستار ميڏي
سني سين ڀي مهر تحقيق تيڏي.
(خليفو نبي بخش صاحب)
پڳ ٻڌايائين پنهون کي، ٿيو عادل اخوان
سڀڪو اچي سلامي ٿيو، ظاهر زباني.
(ص 129)
اهڙيءَ طرح پنهون پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي تخت نشين ٿيو:
تهدل ويٺو تخت تي، ٿو حڪم هلائي.
(ص 129)
ڳالهه جا ڪي خاص ٽاڻا: سسئي پنهون جي ڳالهه ايترو ته عام مقبول
۽ مشهور آهي، جو گهڻو ڪري ان جا سڀئي رخ روشن آهن.
سنڌ جي مشهور روايتن جي بناء تي اسان هڪ ”تفصيلي
ڳالهه“ مرتب ڪئي آهي، جيڪا متن جي شروع ۾ ڏنل آهي.
ڪي جُزئياتي تفصيل البت سگهڙن جي پهه پچار جو سبب
بنيا آهن، جن مان ڪن کي اسان ”ڪردارن“ جي عنوان
هيٺ واضح ڪيو آهي. انهن کانسواءِ، ڪن سگهڙن ڳالهه
جي ڪن ٻين پهلوئن بابت پار پتا ڏنا آهن، جنهنڪري
ڪي سوال اُٿن ٿا. مثلاً: ڪيچ مان پنهون جو قافلو
ڪهڙي واهه سان آيو؟ پنهون کي ڀنڀور مان ڀائرن ڪيئن
ويساهي کنيو، جو سسئي ۽ پنهون ٻنهي کي خبر ڪانه
پئي؟ سسئي ڪهڙي واٽ سان پنهون جي پٺيان وئي؟ پنهون
کي ڪڏهن سجاڳي ٿي، ۽ هن ڪيئن اچي پنهنجي سسئي کي
ڳولي لڌو؟
(الف) پنهون جي ساٿ واري واٽ: ڪيچ جي وادي وٽان سنڌ ڏانهن جيڪي
واٽون اينديون هيون، سي ٻن قسمن جون هيون: هڪڙيون
اهي جيڪي اُتريون پاسو وٺي، اڳتي هلي خُزدار کان
گَنداوا ڏانهن، يا لَڪ ”جائُو“ کان ”ٻيلي“ ڏانهن
ورنديون هيون، ۽ اهي ٻيون جيڪي ڏاکڻيون سامونڊي
ڪناري وارو پاسو وٺي ”حَبَ“ ۽ ڪراچي وٽان سنڌ ۾
ڍَرنديون هيون. اڄ تائين اهي ئي واٽون وَهن ٿيون.
سنڌ ۾ هلندڙ ”سسئي –پنهون) جي ڳالهه“ جي مختلف
روايتن مطابق پنهون جو ساٿ هيٺئين ڏاکڻي واهه سان
سنڌ ۾ آيو. اها واهه پَسني، اور ماڙا، گدور (هڱور)
ندي ۽ وَلپٽ وٽان مَٽي ”ڦور“ ندي ٽپي هاڙهي جبل جي
ڏاکڻي لڪ مان نڪري هاڙهي جي ڀران اُڀرندين طرفان
اُتر-اوڀر طرف ”لَياري“ جي شهر ڏانهن هلي ٿي.
هاڙهي جبل جو لڪ ۽ هاڙهي جي ڪِنار هن واهه جو وڏو
نشان آهي. پنهون انهيءَ طرف آيو، جو کيس ”هوت
هاڙهي جو بلوچ“ سڏيو ويو آهي.
هاڙهي جا بلوچ، ڪو لڳوءِ نيھُ نِيئِن سان
(1)
(بيت جي سٽ)
(وائي شاهه جي، يا ڪنهن ٻئي شاعر جي)
لَياري شهر ۾ پهچڻ کان اڳ اها واٽ ”ڪانهري ٻيلي“ وٽان مٽي ٿي.
جيڪو هن وقت آباد ڪونهي، پر ان جا کنڊر موجود آهن
(2). پنهون جو ساٿ اتان لنگهيو هو:
منزل سر منزل ڪري، پين ”ڪانهِري ٻيلي“ رات
ڏسي هر ڪو ساٿ کي، جو آيو پرهه ڦٽي پرڀات.
سهجان سوناري ڏٺو، چوري چُپ چپات؛
ڪونه ڏٺوسون ڪاٿهين، اهڙي ساٿ سمات
سڀ کي وائي وات، آهي ڄام پنهون جي.
(محمد عارف)
”سهجان“ جي شهر جا اهي اهڃاڻ ڄڻ انهيءَ راهه جا اهڃاڻ آهن جتان
پنهون جو ساٿ آيو. هن قصي جي هڪ آڳاٽي روايت موجب،
سهجان اصل ۾ ڀنڀرو شهر جي هئي: هوءَ سسئي جي سهيلي
هئي ۽ سسئي سان گڏ آتڻ ڪتيندي هئي. اتي جڏهن
ٻاٻيهي کان پنهون جي حسن جي هاڪ ٻڌائين، تڏهن سسئي
کان اڳ پنهون کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ ڀنڀور مان لڏي
اچي هاڙهي جي لڪ جي ڀرسان شهر ٻڌي ويٺي، جو پنهون
اتان اچڻو هو
(1)
محمد عارف مٿئين بيت ۾ سهجان کي ”ڪانهري ٻيلي“ جو
ڪري ڄاڻايو آهي. ڪن روايتن ۾ سهجان کي ”وندُر جي
صاحبزادي“ سڏيو ويو آهي، ته ڪن راوين سندس ماڳ
مڪان ”وٽَيجي“ ڄاڻايو آهي. ساڪري جي سڄاڻ سگهڙ
حاجي محمد سوڍي بگهياڙ چيو ته: ”ڪي چون ٿا ته
سهجان ”وٽيجي“ تي رهندڙ هئي، ۽ ”وٽيجي وارو باغ“
اصل ۾ سهجان وارو باغ آهي. (2) پر ڳالهه جي ڳَڻ ٿي
ڪجي ته اهو مــناسب نٿو معلوم ٿئي، ڇو جو ڀنڀور کي
”وٽيجي“ ايترو ته ويجهي آهي جو اتان ڀنڀور پيو
ڏسجي. سو ڀنڀور جا وڻ اکيين ڏسي پنهون ”وٽيجي“ تي
رات رهڻ ته خير پر پِياڻو به ڪونه ڪري ها. سهجان
”سون مياڻي“ جي هئي، جيڪو شهر ان وقت وڏو آباد هو.
سون مياڻي ۽ وٽيجي اڃان تائين موجود آهن، ۽ انهن
ماڳن جي نالن مان پڻ اهو ئي اهڃاڻ ملي ٿو ته پنهون
جو ساٿ ڪانهري ٻيلي کان پوءِ ”سون مياڻي “ ۽
”وٽيجي“ وٽان ٿيندو ڀنڀور پهتو.
(ب) ڀائرن جو ڀنڀور مان پنهون کي کڻڻ: شروع شروع ۾ ئي ٻاٻيهي
جڏهن سردار آري کي چيو هو ته :ڀنڀور ۾ ساٿ جهلجي
پيو آهي ۽ موڪل ڏيو ته پنهون کي وٺي وڃون ۽ وڃي
ساٿ ڇڏايون، تڏهن آريءَ چيو ته: پنهون کي نه وٺي
وڃو، باقي ٻيو سندس ڪو به ڀاءُ وٺي وڃو. پوءِ جڏهن
پنهون پاڻ کي کٽي سڏائي، سسئي خاطر هميشھ لاءِ
ڀنڀور ۾ ويهي رهيو، تڏهن ڀائرن منٿون ڪيس ته ائين
نه ڪري، جو سندن پيءُ آري ڏمربو، پر پنهون ڪنهن جي
به ڪانه ٻڌي، پاڻ ڀنڀور ۾ ويهي رهيو ۽ ٻين سڀني کي
موڪل ڏئي ڪيچ ڏانهن موٽائي ڇڏيائين. جدا جدا
روايتون آهن: ڪي چون ٿا ته پنهون جو ڀاءُ لَلو
تنهن وڃي ڪيچ ۾ آريءَ کي سڄي خبر ڏني، ڪي چون ٿا
ته پنهون جو ڀاءُ چَنُون يا چَنرو تنهن وڃي سڄي
خبر پيءُ کي ٻڌائي. محمد عارف جي بيتن ۾ ڄاڻايل
آهي ته ڀائرن توڙي سندن وڏي عزيز ”مارک“ سڀني بيوس
ٿي وڃي آري ڄام کي چيو ته پنهون اسان سان نه آيو ۽
ڀنڀور ۾ ويهي رهيو:
تڏهن روئي مارک کي چيو، اڳيئون آري ڄام:
تون هُئين ڀاءُ اسانجو، ٻيا هئا گولا سڀ غلام
پنهون مون اوهان سان ڏنو تُنهنجي ساري سام
سام ڊوهائِي نه ڪجي، جي ڪن، ڪجن ڪوڙا سي قتلام
آهيو نمڪ حرام، جو پنهون ڇڏيوَ پرديس ۾.
جيئن يعقوب کي حضرت يوسف لاءِ بي انتها محبت هئي، تيئن آري ڄام
کي پڻ پنهون سان بيحد پيار هو، يوسف وانگر پنهون
به نهايت سهڻو هو، حضرت يوسف کي به ڀاءُ پوئتي ڇڏي
آيا هئا، ۽ پنهون کي پڻ سندس ڀائر ڀنڀور ۾ ڇڏي آيا
هئا؛ هوڏانهن بيبي زليخا حضرت يوسف تي فدا هئي،
هيڏانهن سسئي خان پنهون تان قربان هئي. ڄڻ ٻنهي
قصن جا خاڪا ساڳيا هئا. انهيءَ لحاظ سان جڏهن آري
بيوس ۽ بيتاب ٿي پٽن کي چيو ته: ڪيئن به ڪري وڃي
پنهون کي ڀنڀور مان آڻيو، ڄڻ پنهنجي درد ۽ فراق
سببان بي وس ٿي چيائين:
آريءَ پُٽَ پَڇَنڊِيَا سيکاري سڀيئي...
ڪامڻ سان ڪيهي، وڃي جَتوا جاڙي ڪري اچو.
(ص 81)
ڪن سگهڙن ذات پات جي ڀيد کي سبب بنايو آهي: يعني ته آري پٽن کي
موڪليو ته وڃي پنهون کي زبردستي به وٺي اچن،
ڇاڪاڻ ته هو گهٽ ذات سان گڏيو آهي ۽ پاڻ کي کٽي
سڏائي پاڻ کي ٽڪو لاتو آهي:
آري ڄام اها لِکي، حقيقت حالا:
کٽي سڏايُئي پاڻ کي، ڪِيُئي ڪارو قبيلا.
(ص115)
پنهون جڏهن ٻيا سڀ لاڳاپا لاهي، سسئي خاطر ڀنڀور ۾ رهڻ جو پڪو
رادو ڪيو، تڏهن ڀائن چيس ته:
گڏجين ٿو گهٽ ذات سان، اهو ٽڪو نه لاءِ
اُچي ذات اسان جي، سو تون وڙهه نه وڃاءِ
سسئي سندي سڱ جو تون هڏ نه هُل هلاءِ
نڪي کٽي ٿي کنڀ ۾ رڱاوٽ رڱاءِ
پر هڪ ته پنهون ڀائرن جي منٿ نه مڃي ۽ ٻيو سندن پيءُ مٿن ڪاوڙيو
۽ کين اُماڻيائين ته ڪيئن به ڪري وڃي پنهون کي
آڻيو:
آري پٽ پَڇَنڊِيا سيکاري سڀئي
ٻَٻَر ٻانهون کنيائون ڏِسينِ جو ڏيهي
سسئي سيج بندن تي هئي ستي سنجهيئي
هن ڀاءُ وٺي پاڻ سان ڪيو پنهون پرڏيهي
هاڻي ڪامڻ سان ڪيهي، جيڏيون جت ڪري ويا.
(شاعر مقيم)
ٻي روايت موجب:
هوتو، نوتو، چنرو، آهر هليا الله
ٻٻر کنيائون پاڻ سان، ٿيا روانا راهه.
اهي چارئي ڀائر قصد ڪري چڙهيا. خليفي نبي بخش جي روايت موجب
چنون ۽ هوتو، ٻئي پنهون کي کڻڻ ۾ گڏ هئا، پر اڳواڻ
چنون هو، ۽ هن ئي پيءُ کي چيو هو ته: بابا غمگين
نه ٿيءُ، جو آءٌ ڪيئن به ڪري وڃي پنهون کي آڻيندس:
چَنون آکِيا: نه بابا کاؤ غوطا
آڻسيان مئن پنهون وه چاڙهه چوتا.
(خليفو صاحب)
شاعر موريي پڻ خليفي صاحب پويان چيو ته: چنون ۽ هوتو ٻِٽ هئا،
پر اڳواڻ چنون هو:
چنون چڙهيو ڀنڀور تي مَيا کڻي مَهرِي
(موريو)
جڏهن ڀنڀور ۾ آيا تڏهن اها سِٽ سِٽيائون ته: سسئي پنهون ٻنهي کي
نشو پياري، چڪچور ڪري، پوءِ پنهون کي ٻڌي کڻجي.
محمد عارف ته پنهنجي هڪ بيت ۾ انهيءَ ماجرا جا
سربستا پار پتا ڏنا آهن ته:
ڏين پيالا پنهل جام کي، زور ڪري ظاهر
معلوم نه ٿيو ملوڪ کي هُن جو ريب مڪر
ڪيف وٺي کِيئو ڪيو، ٿيو بانڪو بي خبر
اُٺ پلاڻي آئيو، ٻانهو تت ٻٻر
کڻي چاڙهيائون خان کي، ويا دُرس لنگهائي در
هيڪر ڪِريو اُٺ تئون، هئڙو مڙس سڀر
هوتي کنيو هوت کي، ڀَڙ پائي ڀاڪر
واري وڌائون اُٺ تي ڪوپو قدآور
دم تنهن دلاور، ٻهڳڻ ڄام ٻڌي ويا.
ٻٻر پڻ ڀاءُ هئو پر ڏاڏي پوٽي مان ڪونه هو، انهيءَ ڪري سگهڙن
کيس ڪُوارِيندي ”ٻانهو“ سڏيو آهي. پنهون ڇهه ڀيرا
اُٺ تان ڪريو، پر ٻٻر سندس ٻانهون جهلي، کيس ڇڪي
ٻڌي سوگهو ڪيو:
ٻٻر ٻانهين جهليو، ڀِيري ٻَڌو ڀاءُ
پنهون اُٺ مٿاء، ڇهه ڀيرا ڇَڻَيِ پيو.
پنهون سان گڏ سسئي کي به نشو پياريائون:
اچي اوچتو ٿيو، جتن کي جؤلان
تن پنهون کي پياري، ڪيو مرد کي مستان
سسئي به سُرڪيءَ سان هڪدم ٿي حيران
پوءِ پنهون کنيائون پاڻ سان ٻڌي ڪري ٻان.
(آري چانڊيو)
جت زورآور پاڻ ۾، مڙي ڪن مصلحات:
شراب گڏ خراب سان ريب ڪنداسون رات
پنهون پياري مست ڪري نينداسون اڌ رات
سسئي جي به سمجهه وئي، وائي نه ڳالهائي وات
اُٿي انهيءَ مهل ويا جت زوراور ذات
مٿي سيج سمهي رهيا، ڪري چپ چپات
آڻي ننڊ نهوڙيو سسئي کي سڪرات
هن کي ڏاتر ڏياري ڏات، ڌوٻياڻي سان ڊوهه ٿيو.
(موريو)
بهرحال”پنهون پاڻ نه وڃڻو، پر جتن زور نيو“. ڪن روايتن موجب
پنهون نشي ۾ چُور ۽ بيوس هو، پر اڃا ٿوري سُرت هئس
جو سسئي خاطر ڀائرن کي منٿون ڪيائين، پر سندس ڪانه
ٻُڌائون:
ٻٻر ٻانهين ٻَڌم تون، ڀيڙي جهَل مَ ڀاءُ
ڳورِي ڳوٺ منجهاء، ٿِي ٻَڙڪيو ٻاهر نڪري.
(ج) سسئي جي واٽ: سسئي ڪهڙي واٽ سان پنهون جي پويان وئي، ۽ سسئي
ڪيترو پنڌ ڪيو جو ايل پنهوار گڏيس، ان بابت سگهڙن
ڪي خاص پار پتا ڪين ڏنا آهن پر اسان پاڻ سرزمين تي
وڃي جيڪا تحقيق ڪئي آهي ان جي روشني ۾ قدري هن
پهلو کي پڻ روشن ڪرڻ چاهيون ٿا. سنڌ توڙي لس ٻيلي
جي متفقه روايت مطابق، سسئي جي قبر ”پَٻُوڻي“ جي
لڪ جي پريان ”سَنگهَر“ جي سِيمَ ۾ آهي. ڀنڀور کان
سنگهر ڏانهن ويندي واٽ تي ملير ۽ حب ندي اچن ٿا.
حب جو ذڪر ڪن شاعرن آڳاٽو آندو آهي. مثلاً ميين
شاهه عنايت چيو ته:
روجهنِ گَڏِي وات، هوت پُڇندي حَبَ ۾.
قطب شاهه، سسئي جي زباني ”ملير جي نئن“ جو ذڪر آندو آهي ته:
مٿي نئن ملير جي ڏونگر مون ڏٺا.
”شاهه جي رسالي“ جي وائي سنگهر جو نالو آيل آهي:
سِرُ سنگهر، پُرُ پيچري، تون جا لوڪ سئي
سسئي سنگهر پٽين، ڪير چوندو مئي.
خليفو نبي بخش صاحب پهريون شاعر آهي، جنهن (غالباً سرزمين جي
سير ڪرڻ بعد) پنهنجي ”مثنوي“ ۾ سسئي جي واٽ جا ڪي
اُهڃاڻ ڏنا آهن ۽ آخر ۾ ”سنگهر“ جو ذڪر ڪيو آهي.
سندس بيان مطابق، سسئي ڀنڀور مان نڪتي ته اول ملير
۾ پهتي؛ ملير کان اڳتي مَٽي پوءِ ڪنهن ٽَڪر جي
اُڀي چاڙهي تان چڙهي، اُتان پوءِ حب ندي ٽپي لس جي
ملڪ ۾ لنگهي پئي، اتان اڳتي هڪ ڍوري وٽ پير
وڃايائين ۽ وري موٽي اچي پاهُون پير کنيائين. اها
”سنگهر“ واري سِيمَ هئي جنهن ۾ پير ڳوليائين، ۽
اتي ئي ٻڪرار گڏيس.
جڏان پهتي پري- رُو دَر مَليرين
ڪيتس لُنگ لال لوهُو تيز تِيرين
لنگهِي مَهر وُ مليرئون مار تاڙِي
چڙهيِ اوتڙ جبل دي سخت چاڙهي
ندي حب دي پري- رُو ڪون پئي پيش
ڏٺا ڪُنها قديمون نازنين نيش
ندي ڪپ ڪون کَڙِي، گلزار نيڙي
جَتين ڪون ياد ڪر جهنگ نال جهيڙي
لُٽڪ لنگهه پَئي لَڪايان لس ملڪ لاسي
ڀَڀُوتا لُو گهُمي مانند سناسي
ڪِيتا پيرا جِٿان جنهن گم نالي
اُلٽ آئي اُٿاهين ڪر ڪشالي
سَنگهر ڍونڍي جهنگل، ڇڪ درد ماري
لَٽان لَٽ ڳيان، ڦري پَر سِينڌ واري.
مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ ۾ ڄاڻايو آهي ته: سسئي جملي
چاليهه ڪوهه پنڌ ڪيو (1)
سرزمين جي لحاظ سان هن وقت ڀنڀور کان وٺي سنگهر
تائين هڪڙي واٽ هن طرح وڃي ٿي:
ڀنور کان وٽيجي |
5 ميل |
پير ضياء محمد جو ڳوٺ |
16ميل |
منگهو پير |
22ميل |
ونَگِي |
6 ميل |
حسڻ پير |
6 ميل |
پَٻُوڻي جو ناڪو |
12 ميل |
پهرين سنگهر |
3 ميل |
ٻي سنگهر جو الهنديون ڇيڙو |
3 ميل |
مُنهبار جو ڍورو |
2 ميل |
|
جملي 75 ميل |
مٿئين حساب موجب سسئي 38 ڪوهه کن پنڌ ڪيو هوندو، جــيڪو لڳ ڀڳ
ساڳيو اندازو (چاليهه ڪوهه) آهي، جيڪو مير علي شير
تحفة الڪرام ۾ ڄاڻايو آهي. پَٻوڻي جو ناڪو، پٻ جبل
جي ”پٻوڻي لَڪ“ وٽ آهي ۽ اتي سسئي جي واٽ جو نشان
”سسئي جو ٽوڀو“ آهي. پٻوڻي جي لڪ جي پريان ويجهو
سنگهر جي سيم آهي، جتي مينهن ۾ گهڻو گاهه ٿئي ٿو ۽
مال جي چرڻ لاءِ اها هڪ سرسبز سيم آهي، جنهن کي
”سنگهر“ انهيءَ ڪري سڏجي ٿو جو انهيءَ سِيم ۾
سنهان سنهان ڍورا آهن: يعني ڍورن جون سنگهرون آهن،
جن جي وچ ۾ گاهه جون پَٽيون آهن. ”پهرين سنگهر“
واري سائيء جوءِ جي پريان وري ٻي ”سنگهر“ آهي،
جنهن جي پويان لاڳو اتر- اولهه طرفان ”مُنهبار“ جو
وڏو ڍورو آهي. خليفي نبي بخش صاحب جي روايت موجب،
سسئي مُنهبار ڍوري وٽ اُٺن جو پير وڃايو ۽ پوئتي
اچي وري سنگهر مان پيرا وؤڙيائين. سنگهر جي جُوءِ
۾ گهڻو گاهه هوندو ته اُٺن جا پير زمين تي ڪين
لڳندا ۽ پڻ کَرڙي واري زمين ۾ پير وڃائجي ويندو.
(د) پنهون جو سسئي جي سڪ ۾ پاهون موٽڻ: پنهون کي ڪڏهن سجاڳي ٿي
۽ ڪٿان واپس وريو، ان بابت ڪي ٿورا اشارا ۽ اهڃاڻ
ملن ٿا. محمد عارف ڪلهوڙي جي بيتن ۾ ڄاڻايل آهي ته
ڀائر پنهون کي قابو ڪري ڪيچ وٺي ويا، جتي پڻس کيس
قيد ۾ رکيو. پوءِ چوٿين مهيني جڏهن قيد مان نڪتو،
تڏهن وري سنڌ ڏانهن موٽيو.
چوٿين مهيني چاهه مؤن ڪڍيو قيد منجها
راڄ پڇيو ٽنهن راوَ کان، چَئِي اِها مرد مُنها:
”آءٌ هت ٽڪندس ڪينڪي، ويندس تنهن ماڳا،
لهان سڌ سماء، پانَوَ پنهنجي پرينءَ جو.“
محمد عارف جي اها روايت بلڪل انوکي آهي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه لڳي
ئي ڪانه ٿي ته ڪو پنهون کي پڻس چار مهينا قيد ۾
رکيو هوندو. گهڻو ڪري سڀني سگهڙن ائين ڄاڻايو آهي
ته واٽ تي ئي پنهون کي جڏهن سجاڳي ٿي ۽ هو پوري
هوش ۾ آيو تڏهن ڀائرن کان بيزار ٿي، پاڻ ڇڏائي
پوئتي موٽيو. اهو واقعو تڏهن ٿيو جڏهن سندس ڀائر ۽
سندس اُٺ ”منهبار جو ڍورو“ مٽي اڳتي روانا ٿيا.
جيتوڻيڪ پنهون جو ساٿ ”سون مياڻي“ واري واٽ سان
ڀنڀور ۾ آيو هو، پر پنهون کي کڻي وڃڻ وقت سندس
ڀائرن واٽ مَٽائي، انهيءَ لاءِ ته پويان ڪا پهر
پهچي نه سگهي. شايد اُٺ ڪاهيندي واٽ تي وري به
ڀائرن پنهون کي نشو ڏنو هجي، پر جڏهن وڌيڪ سَهڻ جي
حد ڪانه رهي تڏهن بس ڪيائون، جو نيٺ پنهون هوش ۾
آيو. جڏهن هو پوري طرح سجاڳ ٿيو، تڏهن پاڻ ڇڏائي
ٽپ ڏيئي هيٺ لٿو:
جوان جاڳيو ننڊ مؤن ٿو نوتئون نظر ڌري،
اُڇل ڏيئي اُٺ تان ڪريو ظاهر منجهه ذري.
(موريو)
ڀائرن پهريائين کيس جهلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پنهون وڏي همت وارو
هو، تنهن جڏهن تلوار ڪڍي ته سڀ بيهي رهيا، بلڪ
پَئِي ڀڳا. خليفي نبي بخش صاحب اهو سمان هن طرح
چٽيو آهي:
جڏان بيهوش ڪونه ڦر هوش آيا
چشم ڪون هر طرف مشتاق چايا
بدن جاما ٿيا ڦر جوش والا
پنون ڪُون ياد پيا مشعوق لالا
لٿا اُٺ تون شتابي کا ڀنوالي
ٽُٽي شهباز دي دستئون دُوالي
آکيس: ڪيتي تسان مئن نال بازي
رکيا برسر سقيلا دست غازي
آکيس: جيڪي تسان سڀ ساٿ والي
ڪريسان مئن همھ ڀُون دي حوالي
ڪڍيا شھ چار سقيلا منهن نقابون
ڀنا لشڪر دُزين دا تيز تابون.
جڏهن پنهون پوئتي وريو ته کيس اڪيلو ڪونه ڇڏيائون ۽ ڪي ڀائر
ساڻس گڏيا آيا. محمد عارف جي روايت موجب ڪيچ مان
(جڏهن قيد مان آزاد ٿي پوئتي وريو ته) پنهون
پنهنجن ٻن ڀائرن هوتي ۽ للَي کي ساڻ کنيو هو:
هوتو، لَلو، ڄام پنهون، ورنهه کنيا واهه
(ص 157)
ڪن سگهڙن ائين ڄاڻايو آهي ته پنهون جڏهن سجاڳ ٿيو ۽ پوئتي موٽيو
ته رڳو سندس ڀاءُ لَلو ساڻس گڏ هو، جيڪو اُٺ تي
اَٽو ٿي ويٺو، جڏهن پنهون سنگهر جي جوءِ ۾ آيو ته
اُتي ٻڪرار کي ڏٺائين.
قدم چا شھ سَنگهَر دي گِرد آيا
ڏٺا ڪيچي پنهون مخلوق ڄايا
(خليفو صاحب)
ٻڪرار کان سسئي جو پڇيائين، جنهن کيس ڳالهه ڪري ٻڌائي
(1)
۽ سسئي جي لوڙهه لٽجڻ واري جاءِ ڏيکاري. تڏهن لَلي
کي پنهون چيو ته:
ادا لَلا! اُٺ جهليج، ته ڪريون زيارت لوڙهه جي.
پنهون جڏهن ان جاءِ تي وڃي بيٺو ۽ سسئي کي ساريائين ته زمين جو
شگاف کليو ۽ اندران سسئي جو آواز ڪن تي پيس ته:
پيارا پنهون! اندر لهي آءُ، هت سڀ سهنج لڳا پيا
آهن، پر آءٌ تو لاءِ ويٺي واجهايان. جڏهن زمين
جاءِ ڏني، تڏهن پنهون پنهنجي ڀاءُ لَلي کي آخري
طور هيءُ پيغام ڏيئي پاڻ پڻ اندر بيهي ويو:
سؤ سلامين منهنجو، راڄڻ کي ڏيج
سؤ سلامين منهنجو، مَهڄڻ کي ڏيج
سؤ سلامين منهنجو، پيءُ آريءَ کي ڏيج
سؤ سلامين منهنجو، ماءُ ”مَلِي“ کي ڏيج
ته: پنهون جهڙي پٽ لاءِ، جيڪي روئين سو روئيج
پنهون جهڙي پٽ لاءِ، جَفئون جان ڪڍيج.
چون ٿا ته جڏهن لَلو واپس وريو ۽ ”سون مياڻي“ ۾ آيو ته سهجان
کيس پنهون جو ڀاءُ بلڪ پنهون جي پار جو سڄڻ ۽ ساٿي
سمجهي ساڻس شادي ڪئي، جنهن ڪري لَلو پڻ اتي ئي رهي
پيو، يا وري ڪيچ ڪونه ويو. کيس سهجان مان اولاد
ٿيو، جيڪي َللاڻي سڏجڻ لڳا. ڪنهن زماني گذرڻ بعد
اهي اچي ”شول“ نئن تي ويٺا، جنهنڪري ”شولاني“ سڏجڻ
لڳا. هن وقت انهن قبيلن وارا ڪيٽي بندر طرف ”اوچتي
درياء“ تي رهن ٿا.
سردار حمل جي بهادري ۽ پورچوگيزن هٿان قيد ٿيڻ تي سندس ڀيڻ هڪ ”رهيرونڪ“
(نظم چيو جنهن جا ڪي ٽاڻا اسان بلوچستان ۾ پڇا
ڪندي قلمبند ڪيا. ان کانسواءِ ”هوتمان جي
قصيدي“ ۾ (جيڪو ڪلڪتي مان ڇپيو؟) پڻ انهيءَ
دور جا حوالا موجود آهن. (2) ڏسو ”سنڌ صوبي جي
جاگيرن جي تاريخ“، جلد 2 ص 31، 32، ڪمشنر
پريس، ڪراچي 1888ع.
سگهڙن جي زباني روايت موجب، سندس اصل نالو ”جَسو“ هو، پر مهانڊي جو ملوڪ
هو، انهيءَ ڪري کيس ”ٻاٻيهو“ ٿي سڏيائون. ڪڇ
جي هڪ روايت يعني شاعر چڱي جت جي بيتن موجب
ٻاٻيهو ”ميمڻ“ هو. اها اڪيلي انوکي روايت آهي،
جيڪا صحيح ناهي.
ڏسو صابر نوحاڻي واري روايت،
ص
64-65
|