عاشق ٿيڻ مائي سَهجان جو پنهونءَ ڄام تي، منزل ۾
منجهه واٽ ڀنڀور جي
پنهون ڄام پَرمل پيارو سَڀن
پريون پدمڻيون تنھ سونهاري سِڪن
پرين پدمڻين پڻ ”پنهون ۽ پنهون“
هِئين ۾ رهيو ۽ اکين کي سَمهؤن
قضا ساڻ سو ڄام ڄامن اکين
پَسي ٿي ديواني سهجان ٿا لِکن
ديواني ٿئيِ ڄام ڄامن پَسي
اچي آگ عشقي هِئين تنھ رَسي
پسي ڄام ڄامن پسي سونهن ڄام
ٿيس جان جؤنري هِئين ۾ قيام
هئين ۾ پنهون ۽ اکين ۾ پنهون
رَتي هنج نيڻن، سندي زرد مُونهن
روئي رت پڻ سا چيو ٿي رُني
پيرين هٿ پائي ڳچيءَ ۾ چُني
ته ڪا وير ڪيچي سندا مون سَهو
پنهون ڄام راتيون جهلي ڪي رهو
رهو رات هيڪي اڱڻ سون سندي
پيس عشق تنهنجي منجهارا ڌنڌي
رهو رات هيڪي نڪي وانوءُ پري
هينئون مون سندو ٿو سوا تو ٻري
رهو رات منهنجا پيارا پنهون
اچڻ سان تو سور مون کي سَنؤن
حسن مون سندو هيءُ سڀوئي ويو
حُرن سور سارو هِئين تي پيو
ڪنا ديد تڪبير ٿي عيش کي
ڀانيان سور تو ريءَ سڀيئي هتي
ڀانيو مون هتي ڄام رهندين اڃا
هِئين منهنجا آرام رهندين اڃا
ڪئي تو تان سانبھ پري جي صحي
منهنجي ڳالهه دل ۾ مؤنهين جي رهي
سڻي ڳالهه سانبھ سندي مان مُٺي
بيپروا اوهان ٿِي نماڻي ڪُٺي
ڀانيم ڪين پرديس اندر پنهون
وٺي سُک ڏيندين رنجائو سَمهون
مون کي ماڳ مِڙ تو سوا وِهه ٿيا
جهجها عشق جا پيچ دل کي پيا
وڌا عشق دل جان کي پيچ پيچ
نيو ساڻ گولي گڏي ڪيچ ڪيچ
متان ڪيچيا مون جدائي ڏيو
وٺي مون هيڪاندي خدا لئي نيو
نِيو مون جيڪي رات هِت ڪا رهو
چوڻ مون سندو ڪيچيا ڪي مڃيو
مون کي عشق بلڪل ڪيو باندهه آهه
رهي روح ۾ منهنجي هيڪاندا آهه
چنبن منجهه جئن باز جهرڪي وٺي
ويو عشق تنھ پر هِنيون مون جهٽي
ته پڻ ڪين ڪيچي پنهون ڪي رهيو
دلاسو نه گفتو ڪيائين نه ڪو
مگر ڄام ڄامن چيو اِيءُ خيال
ڇڏي تون نڪي پئو نِماڻي جنجال
جبل دل تئي ڏيهه جن جو چير
ڀوري آشنائي تني سين نه ڪر
جبل دِل اسان جي، جبل ۾ رهون
ڪڏهن ڪين ڪھ لئي گهڙي ڪا سهون
اسين ڪيچ ڪيچي، وڃون ويسري
وهي ڪين غافل تِني آسري
وري ڪين سَڌنُ منجهان ڪو ذرو
نڪي ڪيچين ڪو ڪري آسرو
ڪيچيائي نڪي رَهه مٿي ٿي رهن
نڪي ڪنھ سبب سي گهڙي ڪا سهن
پَلي پاڻ دل تؤن ديواني نه ٿِيءُ
سُکيو سُور ۾ تان ڪيرائي نه جيءُ
ڪِي تو ڳالهه ڪَن هي ٻُڌي ڪين آهه
سندي عشق شهزاد جا ۾ رنجاهه
بيان وارد ٿيڻ قافلي پنونھ ڄام جي جو شهر ڀنڀور ۾:
رسيو ساٿ ويجهو جڏهن کي ڀنڀور
ڏٺائون تڏهن ٿي اُٺن کي اَتور
وليون واس واريون، کٿوري، ڪَپوُر
چندن، ڪؤنر، مِهندي سندو شاخ ٻوو
اوڳاريون اُٺن سڀ کٿوري هيون
سراپا جَتن سڀ کٿوري هيون
کٿوري، عنبر، مشڪ اعلى وٽن
هاريائون جهجها جي مٿي تي پَٽن
پٽن ۽ گَسن سڀ کٿوري ٿِئي
جَتن ۽ اُٺن سڀ کٿوري ٿِئي
کٿوري ٿئي سا لڳي جا هوا
تنھ سُرها سڀيئي ڀنڀوري ڪيا
ڀنڀوري سڀئي ماڳ سارا سندن
سين خوشبو ڀريا سڀ مَهارا سندن
عجب ۾ پيا سي سڀيئي ڌار ڏار
اُتر کان نِڱي تان اُٺن جي قطار
ڏسي سا سڀيئي ڀنڀوري مِڙي
ويا بحر حيرت سندي ۾ گهڙي
گهٽين ۾ په بازار پڻ ۾ گهرن
ننڍن ۽ وڏن ڳالهه ڪيي ئي اُنهن
ته آئي ڪيچان جا اُٺن جي قطار
ڏٺي ڪانه تهڙي ڪهين ۾ ڄمار
اِها ڳالهه ماڻهن مِڙن ٿي ڪئي
تان ديوان آيو اُتاهين لهي
اچي تنھ پڇا تنھ کٽيءَ جي ڪئي
نپائي سسئي جنهن سونهاري هئي
مليو تنھ کي سو تان تِتي روبرو
ڪيائين تڏهن تنھ اڳيان گفتگو
ميان مرد ڌوٻي وڏا نامور
نيڪي تو سندي سنڌ اندر ۽ ڇپر
ٻُڌي سا اڳيان تو اسين آئيا
ڪيچان اُٺّ ڪَم لئي اسان ڪاهيا
ڇپر ۾ نه برسات هن سال ٿي
سبب تنھ سوداگر آيو هي چڙهي
رهندو سو ڏهاڙا، نيندو سو اناج
ڇَپر ۾ اسان جنھ سندو احتياج
هِتي جو سَمر هُت اسان ڪم اچي
پنهنجي ري پڇي ڪونه ڪو ٿو هُتي
سمر جنِ تني عيش آرام آهه
سموري جبل ۾ مدا هاءِ هاءِ
ٻُڌي سا کٽي ڳالهه ساري پنهون
اِجازو تڏهن تنھ تِني کي ڏنون
ته مهمان مَرباغ ۾ مون رهون
ڏهاڙا ڪي قسمت سندائي سهو
ڀانيائين ته آندو پنهون ڄام آنگ
وجهي عشق سسئي سندي پيچ ٻَنگ
قضا جي قلم جي نڪا ڪنھ خبر
ڏيکاري سُکن مان ڪڍي جو ڇپر
سُکن مان ڪڍي پڻ ڏکن ۾ ڌري
زبر زير آرام سارا ڪري
لهڻ پنهون ڄام جو منجهه باغ سسئي جي:
پنهون ڄام ڄامن پنهون ڪيچ ڄام
آيو باغ سسئي سندي نيڪنام
آيو باغ سسئي سندي ۾ جڏهن
کِڙيا گل سهسين چمن ۾ تڏهن
لڳو واءُ صبا ۽ ڦُلن ڦوڙ ڪِي
غزل عشق بلبل اُتي ٿي پڙهي
چيها سرخ قُمريون، چَتون ڊيل، مور
سڀني ۾ خوشيون ۽ سندا راند دؤر
ٿَڏا گل سهسين، ميوا سبز وڻ
چمن ۾ وڏي تنھ نڪا ليک ڳڻ
هئا محل سسئي سندا ڏور ور
پيو ٿي نظر جن مٿي ڪِينَ مُور
ويٺو ڄام ڄامن سندو مانَ ماڻ
لڳي روح ريجهڻ سنديائي رهاڻ
ڪچهري سندي ڄام سڀ خاص ٿي
پنهون عام کي مُنهن ڏيکاريو نڪي
هو حڪمت سندو ڪو تهين ۾ ذرو
ڏٺائون نه ڪنھ کي جَهيِن جو پَرو
صحبت عام ۾ پُڻ کِيَڻ ۽ سمهڻ
گهڻي ڳالهه کان پڻ سدائين ڀَڄڻ
آهي ڪمّ اِيءَ عاقلن ڪامِلَن
ذڪر منجهه مولى سدا جي رهن
ويٺو پَر پنهون هو گڏيوسين وِماس
هيس جان جيءَ ۾ سسئيءَ جي اُداس
هيس جان جيءَ ۾ سَسوئي رهي
خبر ٻي زماني جي تنھ کان وَهي
آهي ڪم اِيءُ عاشقن جو سدا
رکن جي نه دل ۾ ٻيو ڪو سدا
مگر ياد دلدار دل ۾ سندينِ
سندو سِڪَ آزار دل ۾ سندينِ
خبر پوڻ پنهونءَ جي سسئي کي قاصد کان، ۽ صلاح سسئيءَ جي جيڏين سين، پنهونءَ
کي ڏسڻ لاءِ:
پنهون ڄام ڪيچي، پنهون ڪيچ ڄام
فڪر ۾ رهيو ٿي سسئي جي تمام
سَسُئي پري ۽ پنهون هو پري
جدائي ورهه ٿي سنديائي ذري
جدائي جڏهن ڄام ڄاتي ڏکي
تڏهن زال قاصد ڪري تنھ مُڪي
وڃي تنھ نياپو سسئي کي اُتو
پنهون ڄام روئندي ڳجهو جو مُڪو
ته پرمل پنهون ڄام ڄامن سندو
ڌڻي ڪيچ مڪران ماڻهن سندو
حُسن ۾ پري ۽ جواني سنديس
چوڏهين چند جي پڻ پيشاني سنديس
ڏٺو جن پنهون هوش تن جو پُنو
رتو آب نيڻن ڪَنا تن رُنو
آيو سو اندر عشق تنهنجي هلي
تنهنجي حبّ دل تنھ سنديائي جهلي
چيا تنھ هزارين ڪروڙين سلام
ڪري ڪرنشون ۽ نِيازا تمام
نيازن مٿي پڻ نيازي ڪري
چيائين سنيها سَرؤن سؤ ڀري
ته اي دلربا! دل نيئي مون سندي
ٿيس عشق تنهنجي سندي ۾ بندي
ٻڌيم ڳالهه سڀ تو سندي ڪيچ ۾
آيس وير تنھ عشق جي پيچ ۾
شبو روز حيران پيران هئس
سوا تو وطن منجهه ويران هئس
سبب تنھ ڇڏي ڪيچ چَپّر وطن
ڏٺو مون تو جو هي ڀنڀوري چمن
چمن منجهه پڻ ون هيئون بيقرار
صبح شما دل ۾ سندو تو تَوار
کيئڻ ۽ پيئڻ مون مٿي ويھ آهه
ميڙائي سوا مون مٿي ڏيهه باهه
رتو روجھ نيڻن جو دل مون اداس
ويو جان جؤنري جوراڪي وِماس
سَري ڪين ڪا وير پَل تو سوا
اکين ٺار ساڄن سندم دلربا
ڪرم ساڻ ڪنهن دم پسائي جمال
ٿيو تو سوا جيءَ سندو مون زوال
ٻُڌي ڳالهه سا سڀ سسُوئي ڪُڇي
وڻيس ڪين تنھ لئي چيائين لُڇي
ته ڪڍ ڪين واتان اَدي! اِيءُ ڪلام
چئي جو نه لائق چوڻ سو تمام
نه ڪُڇ تون نه موٽي وري ڪي اَچيج
اچي ڳالهه اهڙي ڪچي ڪي ڪريج
سُڻي سا وري سو سڄو ئي جواب
ڪيائين اچي اُو پنهونءَ جي جناب
پنهون ڄام ڄامن پنهون ڪيچ ڄام
ٻڌڻ سين ڏکويو اجايو تمام
سسئي سڪّ پڻ دل اندر ۾ رهي
ٻڌي سو پنهونءَ جو هلايو چئي
سَريا سور ساڄن، رهيو روح ياد
شبو روز دردن سندي واڌ واڌ
نڪو عشق جو ڏوهه نڪو سور جو
اڳي انگ ڪاتب ازل جي لکيو
لکيو انگ ڪاتب، اڳيئي جڏهن
بچي ڪيئن سسئي ويچاري تڏهن
بچي ڪيئن سا جا سَونهن ٿي اُڀي
سمنڊ سُور جي ۾ هنيائين ٽٻي
ڪڏهن بحر دُون سندي ۾ تري
ڪڏهن مچ سورن سندي ۾ سڙي
نڪا لڪ ۽ پڻ نڪا ڳالهه جهل
جاڳيا عشق جا جي مٿي جال جل
جهلي سا سگهي ڪين جنھ وير سڪ
ڪيائين تڏهن ڪين پرهيز لڪ
هيس خاص جي سَت سرتيون هسين
وڏي هوش سين پڻ سدائين امين
چيائين تڏهن تن سڀن کي سمهون
هلو تن پسون ڄام ڪيچي پنهون
آيو اڄ چمن ۾ پنهون ڄام آهه
سندو ڄام جيڏيون چڱو نام آهه
وٺون پڻ هلي سڀ چمن ۾ هوا
وريو هير گلزار ۾ واءَ صبا
چيو تن تڏهن هي نيازان جواب
ادي! ٿو وسي عشق کان ڏک عذاب
ڇڏي تخت شاهي ٿيا سي فقير
لڳي جن هنئين ۾ سندي عشق هير
فضا ساڻ جي عشق ۾ ٿا ڦسن
سوين سور تن دل مٿي ٿا رهن
رکي عسق جو سو ڪڍي انتظار
راتيون روز سارا رهي بيقرار
کِيَڻ ۽ پيڻ ننڊ نيڻن حرام
صبح شام هر وير محبوب نام
سُمهي لوڪ آرام سُک ٿي هنڌن
شبو روز مشتاق حيران تَن
جِيا ڪين پُڻ سي ٿيا لايموت
صبح شام تن سُور جو روز قوت
رهي ٿو عشاقن اڳيان درد سُور
عمر بي بها سڀ ٿئي ٿي ملور
وڃي عشق ۾ جن سندي ٿي ڄمار
قبر ۾ ٿئي پڻ ڏکن جي توار
ادي عشق بر سر جني جي مٿي
ڪريون عرض ڳالهيون تني مان ٻٽي
ٻڌي ڳالهه سا سڀ، نڪي ڪي ڪڇي
سَسُوئي هنئين منجهه لوچي لڇي.
اچڻ سسئي جو جيڏين سين باغ ۾ واسطي ڏسڻ ۽ پاڻ ڏيکارڻ پنهونءَ جي:
جڏهن ڳالهه سسئي سندي ٿي تمام
چيو جيڏين تان تڏهن هي ڪلام
هلو تان هلئون هير گلزار ۾
گلن جي ٿَڏن ۽ پهِ وڻڪار ۾
چمن منجهه هن دم ڦُلن ڦورو ڦور
گلن تان ٿي بلڪل ٿئي گهور گهور
ڪري ديد بستان جو ۽ سَمُونھ
پسئون ڄام ڪيچي هليو ٿي پنونھ
ڪري ڳالهه سان سينڌ سرما ڪري
عطر خاص موتين سين چوٽا ڀري
سينگاري حسن کي ڏنائون مدد
وڌيا باغ بلبلين جا عدد
سڀئي پيش حاضر سسئي جي ٿين
مٿي گل جنھ پر مڙن بلبليون
سسئي هار موتين ڳلي ۾ ٻڌا
رکي ڄام ڪيچي سنديائي سِڪا
سسئي گلّ، گل کي ڏنائين شرم
رکيائين پرين پدمڻين تي قدم
نڪو گلّ موتي، پري تنھ جمال
پسڻ سين پرين کي رسيو ٿي جنجال
نڱي سا سسئي ساڻ سرتين سڀن
پسڻ لئي پنهون ڄام جي ۽ چمن
چمن ۾ هلي پڻ پنهون کي پسي
هئين آگ عشقي سسئي جي رسي
ڏٺائين جڏهن ڄام ڄامن پنونھ
رڱيائين تڏهن هنج سين هنج مُونھ
ڪري ديد دلدار دل ٺار جو
اکين سين پنهون ڄام سردار جو
عقل هوش سارو سندو تنھ ويو
هيون روڄ حرت وڏي ۾ پيو
رهي ڳالهه ڪا ڪانه ري سور جت
هَري هنج هر وير کان روڄ رت
هَري هنج هر وير ۾ هنج سين
اُٿڻ ۽ وهڻ تنھ سندو ڪَنج سين
ڪپاري ڪڪر ٿي وسائي رُني
جنھ سين هنڌ هو لعل، ڳاڙهي چُني
ميڙائي سوا ٿي سَسُوئي اداس
رهيس جان جؤنري، هيين ۾ وماس
هنيون ٿي شمع جي مثل تنھ ٻريو
جگر خون سين پڻ سڄو ئي هَريو
سسئي ٿي پيو پڻ، پنهونءَ جو نگاهه
جهين سين جهليو ڄام جو جيءُ پساهه
جهليو ڄام اڳي ڪيچ هو
جتي نام سسئي سندو تنھ ٻڌو.
بيان سسئي جو منجهه جدائي پنهون ڄام جي پڄاڻا ديدار جي، ۽ منجهه همراهي سورن
جي:
پنهونءَ جي پسڻ کان سسوئي جڏهن
جدا ٿي رنائين رتو ٿي تڏهن
شمع جي مثل ٿي رني ۾ فراق
ويا سک سورن وري ڪي وراڪ
ويا عيش سارا، سڀيئي سنداس
اوتارا اچي دل ۾ دردن اڏياس
ويچاري وماسن جي پُورن پڪي
ذرو قرب ڪنھ مان ٿي آيس نڪي
اچي عشق ميدان اندر اُڀي
رهيس ڪانه سورن ڪنا دل رچي
اچن سي رچن منجهه ميدان عشق
سيني ۾ سَهن جي سندا ڪانَ عشق
سهن ڪانه سينو تني جو ڪباب
مرڻ پيش محبوب جي ئي ثواب
مرڻ پيش محبوب جي تن مَرڪ
لڳو عشق جو جن سندي جان ڌڪ
جني عشق دلدار جو جان ۾
صبح شام سي جان قربان ۾
سندي سِڪ پيتي جني ڪا سُتي
وري آکّ تن جي نڪي ڪي سُتي
ستا ڪين ڪا رات آرام ٿي
پني ڀيڄ پڻ تن کي ماتام ٿي
وڍيا سَنڌ ڪل سڀ سِيسؤن عاشقن
راتو ڏينهن مچ ٿا تني تي ٻَرن
سَمهون مرد مشتاق ڪاهي اچن
اچي پيش محبوب جي ٿي ڪُسن.
ڦِرڻ حال پنهونءَ جو، ڪَنان ديدار سسئي جي:
عجب جيئن ساڄن سندي سونھ آهه
پَسن جي صبح شام تن هاءِ هاءِ
سمهي خلق سڀ رُون رت رات سي
ڪيا عشق مشتاق پائمال جي
ڪيا عشق مشتاق سي مبتلا
نظر هيٺ ساڄن سندي جي رهيا
پنهون ڄام ڄامن پنهون ڪيچ ڄام
نظر سين سسئي جي ٿيو تَم تمام
ويو وس پرمل پنهون جو تڏهن
سَسؤئي سونهاري ڏٺائين جڏهن
ڏسي سونهن صورت اندر مَحوَ ٿي
عقل هوش جي ڪُل پنهون سَهوَ ڪي
ٿيو بيخبر ڄام ڄامن سندو
ڏنو عشق ڏاڍو پنهونءَ کي ڌنڌو
سسئي ري پنهونءَ کي سڀئي ڏور ڏور
سسئي روح ۾ دل اندر سوُر سوُر
عقل هوش پڻ مَتّ نينهن ني وٺي
سوين درد پڻ سور سؤدي وٺي
جني نينھ تن جيءَ سڄو ئي ڪباب
ٿيا بيخبر جن پيتو اِي شراب
پيتي پِڪَ جن سِڪَ دلدار جي
تِني ڳالهه سڀ وير آزار جي
سسئي ري نه بلڪل پنهون ياد هو
هِيين منجهه هر وير فرياد هو
نڪا شان ۽ مان ۽ ملڪ جي
سسئي ري رهيو ياد ڪي ڪينڪي
هڻي نينھ حيران ماندو ڪيو
ڪَنان عيش دنيا جي واندو ٿيو
سيني ۾ سندي عشق آتش ٿيس
ميين روح نيڻن ۾ سوزش ٿيس
ويو ولولي عشق ۾ پئي
خبر ڪانه ڪا ڄام کي ٿي رهي
کِيڻَ ۽ پِيڻَ ڪُل ڪيائين حرام
ٿيس جان دلدار ڌاران تمام
رهيس ڪَلَ ڪا ڪانه عزت سندي
ڪيو ديد دلبر سندي ٿي بندي
وڍيا عشق شمشير سڀ سنگ سنگ
رهن ڪين جنھ ساڻ ٿا عار ننگ
پتنگ جيئن ۾ مَچّ ڪاهي پون
ڏيو جان ۽ پّر عاشق ٻَرن
پنهون ڄام تنھ پر ٿيو مست حال
عقل هوش حشمت ڪَنا ٿي زوال
بيان هوش ۾ اچڻ پنهون ڄام جو ۽ مُلاقِي ٿيڻ سسئي سين:
کنيو ڄام ڄامن زمينان مٿو
رنائين تڏهن ٿي اکين مان رنو
نِهارؤن ڪري ٿي رنو زار زار
چمن منجهه سسئي سندي بار بار
حِلو ڄام هيڪو تڏهن هي ڪيو
ڪشي ڪانَ پنهنجو ڪمانا هنيو
پُٺي ڪانَ پڻ سو ويو پاڻ ٿي
سسئي ناز پرور پَسڻ ڪاڻ ٿي
ڏٺئين تان گلن ۾ وڃي سا حَسين
هئي حب سين جنھ ڪيو هو حزين
ڪيو عشق تنھ وير تان ڄام بند
هنيو نينهن نازڪ سنديئي ڪمند
ڪمند قرب جو جن ويچارن پيو
جيئڻ موت تن هيڪ جهڙو ٿيو
گهڙي وير دَمدَم سدا سي مَرن
جي سؤري مٿي سِڪّ جي ٿا چڙهن
سُوري سيج تن عاشقن کي مدام
ڪيو يار جو جن حضوري سلام
سؤري سڏّ تن عاشقن کي ڪري
نِيا عشق محبوب جي جي پري
نالو نينهن جو جي اچي ٿا وٺن
سِسيؤن تن جون سؤري مٿي ٿيون چڙهن
سئين ڳاٽ سؤري سندي عاشقن
جؤنرا جن سندا عشق سين ٿا جلن
سدا سونهن سؤري سندي عاشقن
جني سِڪّ نيزي مٿي سي چڙهن
سِسي ڏيئي سُوري مٿي ڪن مَرڪ
لڳو جان ۾ جن سندي عشق ڌَڪ
جني جان جيءَ ۾ سندو عشق ڪانَ
ويا ڪين موٽي وري سي مڪان
جي نيشان پِڙ ۾ سِسِي سي نه نين
مهندا يار دلدار صد بار ڏين
ڪپيو ڪانَ يڪدم جِني جو هينئون
اکيون نار رت جا تِني جون ٿيون
لڳو ڪانَ جي جان جي قرب جو
کنيو ڪين ڪنھ وير ۾ تن مٿو
قريبن ڪنان ڪانَ جنھ دم ڇُٽو
پِني ساڻ رت تنھ نڪي ڪِي ٻڌو
ڪيو ڪانَ ڪم جو قريبن سندي
وڌائين جگر جي ذري ۾ ڦَٽي
بيٺو ڪانَ پرين هٿا جو لڳو
پِني ساڻ رت تنھ نڪي ڪِي ٻڌو
سسئي پڻ پنهون لئي گهڻُ ٿي سِڪي
آخر عشق سين سا نڪي ڪِي لِڪي
ڏٺئين ڪانَ جنھ دم ڪريو سين اکين
کڻي سِڪ مان سو تڏهن سين هٿن
ڏنائين اچي پيش پَرمل سندي
اورين حال پڻ سڀ سندو ئي ڌنڌي
هيين جان جيءَ ۾ رکيئين جا گُجي
پنهون ساڻ سا سڀ ڪيائين سَچي
ته ساڄن سوا تو مري، مون نڪي
ڀريو حُبّ تو جي سندم جان جيءَ
سري ڪين ساڄن سوا تو ذرو
ڏٺم ڏک ڏاري سندو ئي ترو
هِيون چير هر وير توکان سوا
سوا تو سَري ڪين مون کي ذرا
نڪا سور دل منجهه منهنجا مِٺا
ڪريان ڳالهه ڪنھ ساڻ توکان سِوا
پرين تو سوا سُور سهسين وريا
هيئون روح ڳالهين سين منهنجا ڀريا
مليو وقت ڪو ڪونه ڳالهين سندو
سبب تنھ پيو جيءَ مون ڌنڌو
مليو وقت جو مون مٿي هير آهه
ڦُوڪِي عشق جي تنھ مٿم زور باهه
هينئن ۾ منهنجي مَچ ٻاريو حبيب
نظر تو سندي ڄام ڪيچي قريب
ڪيچي ڄام ون لئي پِرين مور ٿيا
ويجهو هير توڻي اڳي ڏؤر ٿيا
عجب ڪم قادر سندا ٿا هلن
ڪِني سُکّ ڏک پڻ ڪِني کي مِلن
ڪني سڪ، ڪِنَ حُبّ، ڪن عشق آهه
ميڙي ڪِي ميڙي مان ويچارا ڇناءِ
سِڪي سِڪ ساڄن اندر ڪي مَرن
ڪي مشتاق دلبر پِرين سين ملن.
خواب اورڻ پنهون ڄام جو سسئي سين وقت ميڙائي جي:
ٻڌي ڳالهه سا ڄام ڄامن اُتو
سهڻي ۾ سُتي مون پرين تو ڏٺو
سبب پڻ ميڙائي ڏٺم هي پرين
ته آهيان اُڏاڻو چتون ٿي پرين
ڪڍيس جت ڪيچان پرين تو سندي
ميوا ملڪ جا مون مثل وَهه دندي
سندي ڪيچ وڻڪار مون ويھ ٿي
هينين حُبّ ساڄن تو جي ڏيهه ٿي
هيين سڪ ساڄن سندي ٿي ڀنڀور
ڪڍيس حب ڪيچان تو جي ساڻ زور
ڇڏي ڪيچ ڇپرّ وساري وطن
رکيم دل ۾ ساڄن سندو ئي چمن
ڇڏي ڪيچ پڻ ملڪ ڪيچي ڇڏي
طوطن جو وڳر ساڻ پنهنجي گڏي
چانگاري چمن جي ڪئيسؤن تَوار
ڪري ڪيچ مڪران جي ڪُل وسار
وساري وڳر ڏيھ ڇڏيسون اُتي
ڪري موڪلاڻي ڇڏي ڪي سُتي
ڏٺو ٿي وڳر سبز جن راهه ۾
عجب ڏسي ٿيو تن اَپر ساهه ۾.
رهي خلق حيران ٻولي ٻُڌي
سندي سِڪ طوطن جي هولي ٻُڌي
اُڏامي اُڏامي اُڏامي مٿان
لنگهي لڪ ڏونگگر اڏامي مٿان
رسياسون سگها سنڌ اندر ڀنڀور
چمن ۾ ميوا پڻ پَسي باغ ڦورَ
لٿاسون مٿي باغ تو جي پرين
هيين ۾ رکي ياد توکي پرين
مُرادون پُنيون يار ميڙو ٿيو
هميشھ توسين پيچ پرِتي پيو
ڳِراٽي ڪري ڳَل ڳلن تي رکي
پرين بول مون تو وصل جي ٻَڌي
ٻَڌي ٻول ساڄن، ڇڏيوسين وطن
ڇڏيو ڪيچ مون پڻ ڇڏيو تو چمن
رهياسون هيڪاندا هميشه تتي
جدائي نه ٿيڻي وري ڪا جتي
سڄو خواب ساجن سڄو سو ٿيو
فراقي زمانو گذاري ويو
ڦوڙائو ويو ڪِي ميڙائي وراڻ
چڄي شال موٽي نڪي سا رهاڻ
چمن بهر خوشبو گهڻا راهيا
ڪِني ياد ڏيهه ڪين غافل ٿيا
ڪري ماڳ ساڻيهه رهيا ڪي تتي
وساري وطن سو رهيا ٿي جتي. |