سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
فلسفي جي ڪهاڻي |
باب:
-- |
صفحو :8 |
پر اها سڀ غير ضروري تنقيد آهي. هڪ انساني دماغ مان اهڙو عجيب ۽
اثرائتو، خيالي سرشتو، پيدا ٿيڻ ڄڻ ته هڪ
معجزو پيو لڳي. شايد ئي ٻئي ڪنهن مفڪر، دنيا
کي روشن ڪرڻ ۾ ايتري مدد ڪئي هجي. هرهڪ دور،
ارسطوءَ مان فيض پرايو آهي ۽ هن جي ڪلهن تي
بيهي سچ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سڪندريا جو
گوناگون رنگين ۽ شاندار تمدن سائنس جي ڪمال ۾
ارسطوءَ کان ئي فيضياب ٿيو. وچين دؤر جي
جھنگلي ماڻهن کي، ارسطوءَ جي ’منطقي نظام‘ ئي
منظم ۽ هموار خيال جي قوت عطا ڪئي. پنجين
صديءَ ۾ عيسائين، ارسطوءَ جا ٻيا ڪتاب شامي
ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا. تنهن کانپوءِ ڏهين صديءَ
۾ اهي ڪتاب عربيءَ ۽ هيبريو (عبراني) ۾ ترجمو
ڪيا ويا. سن 1225ع ۾ لئٽن ۾ ترجمو شايع ٿيو.
ابيلارڊ
(Abelard)
جي خوش گفتاريءَ کان وٺي ٿامس اڪيناس
(Thomas Aquinas) جي انسائيڪلوپيڊيا تائين وارا مڪتب فڪر تمام وڌيا ويجها. صليبي
لڙاين وقت عيسائين، سندس ڪتابن جا صحيح نسخا،
يورپ ۾ آندا. ان کان پوءِ قسطنطنيه جي عالمن
سن 1453ع ۾ حملو ڪندڙ ترڪن کان ڀڄي، پاڻ سان
گڏ ارسطوءَ جا علمي خزانا آندا. جهڙيءَ طرح
بائيبل، ديني ادارن ۾ ، هڪ مشڪل کي حل ڪرڻ
لاءِ هڪ بي نقص ڪتاب ليکيو ويندو هو، ساڳيءَ
ريت ارسطوءَ جي لکڻين پڻ، فلسفي جي ادارن ۾ بي
مثال اهميت حاصل ڪئي. سن 1215ع ۾ پوپ جي
نمائندي، پئرس ۾ ارسطوءَ جي تصنيفن تي تقريرون
ڪرڻ کان منع ڪئي. سن 1231ع ۾ گريگوري يارهين
(Gregory XI)،
هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي، ته اها ارسطوءَ جي تصنيفن
کي غير ديني ڳالهين کان پاڪ ڪري. سن 1260ع ۾
هرهڪ عيسائي مدرسي ۾ ارسطوءَ جا ڪتاب لازمي
طور پڙهيا ويندا هئا. جيڪو به ارسطوءَ جي
خيالن جي خلاف ويندو هو، تنهن کي مذهبي مجلسون
مناسب سزا ڏينديون هيون. چوڏهينءَ صدي جو
مشهور شاعر چاسر
(Chaucer)
ان وقت جي هڪ طالب العلم بابت
هيٺين لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:
”هو ان ۾ راحت محسوس ڪندو هو، ته پنهنجي بستري جي مٿن کان،
ارسطوءَ جي فلسفي جا ويهه ڪتاب، ڪارن يا ڳاڙهن
ڪپڙن جي پوتڙن ۾ ويڙهيل رکي ڇڏي.“
At his beddes hed
Twenty books clothedin blake or red,
Of Aristotle and his Philosophic.
اٽليءَ جو مشهور شاعر دانتي به، ارسطوءَ جو بيان هنن لفظن ۾ ڪري
ٿو:
”مون اتي سڀني عالمن جو استاد ڏٺو. هو فلسفين جي ڪٽنب ۾ سڀني جي
وچ ۾ موجود هو. سڀني هن جي تعريف پئي ڪئي.
سڀني هن جو احترام پئي ڪيو. اتي مون افلاطون ۽
سقراط پڻ ڏٺا، جيڪي ٻين سڀني کان وڌيڪ هن جي
ويجهي موجود هئا.“
I saw the Master there of those who know,
Amid the Philosophic family
By all admired and by all reuereced,
There plato too I saw, and socrates,
Who stood beside him closer then the rest.
اهي سٽون اسان کي ذهن نشين ڪرائين ٿيون، ته هڪ هزار سال، يورپ ۾
ارسطو، ڪيڏي نه عزت ۽ احترام جومالڪ هو.
جيستائين نون اوزارن گڏيل تجزيا، صبر ۽ تحمل
سان ڪيل تجربن، سائنس ۾ نئين جان پيدا نه ڪئي
۽ اوڪام
(Occam)،
رهمس
(Ramus)
۽ فرانسز بئڪن
(Francis Bacon)
کي مضبوط هٿيارن سان مسلح نه ڪيو ويو،
تيستائين ارسطوءَ جي حڪومت ختم نه ٿي. ارسطوءَ
کان سواءِ ٻئي ڪنهن به، هڪ انسان، ماڻهن جي
ذهن تي ايتري ڊگهي عرصي تائين حڪومت ڪانه ڪئي
هئي. مطلب ته ارسطوءَ جهڙو ٻيو ڪوبه مثال ملي
نٿو سگهي.
ارسطوءَ جا آخري ڏينهن ۽ سندس موت
Later Life and Death
اسان واري فلسفي لاءِ هاڻي زندگي نهايت منجھيل ۽ پريشان ڪندڙ ٿي
پيئي. سندس ڀائٽي ڪئلسٿينيز
(Calisthenes)
سڪندر کي ديوتا ڪري مڃڻ ۽ سندس پوڄا ڪرڻ کان
انڪار ڪيو. جنهن ڪري سڪندر ڏاڍو ڏمريو ۽ کيس
ڦاسيءَ جي سزا ڏنائين. ارسطوءَ اهڙي فتويٰ
خلاف اعتراض اٿاريو. جنهن ڪري، ان کان پوءِ
سڪندر سان سندس تعلقات خوشگوار نه رهيا.
سڪندر، انهيءَ اعتراض جي جواب ۾ اشارن ۾ چيو،
ته هو قادر مطلق
(Omminipotence)
هئڻ جي حيثيت ۾ فلسفين کي به موت جي سزا ڏيئي
سگهي ٿو. اهو سڄو عرصو ارسطو، اٿينس جي
رهواسين جي وچ ۾ سڪندر جي حمايت ڪرڻ ۾ مشغول
هو. کيس يونان جي ٻڌي، شهري حب الوطنيءَ کان
وڌيڪ پسند هئي. هن سمجھيو، ته تمدن ۽ سائنس
تڏهن ئي وڌي سگهندا، جڏهن ننڍن ننڍن خودمختيار
رياستن ۽ اندروني جهڳڙن کي ختم ڪيو ويندو. هن
سڪندر ۾ اهو جلوه ڏٺو، جيڪو گوئيٽي
Goethe
پوءِ نيپولين ۾ ڏٺو، يعني هڪ غير منظم ۽
ناقابل برداشت ڇڙوڇڙ دنيا کي متحد ڪرڻ جي
فلسفياڻي قوت. اٿينس جا شهر واسي، جي آزاديءَ
جا سڪايل هئا، سي ارسطوءَ تي ڪرڙي نظر رکڻ
لڳا. جڏهن سڪندر حڪم ڏنو ته مخالف شهر اٿينس
جي وچ ۾ ارسطوءَ جو بت رکيو وڃي، تڏهن اٿينس
جي رهواسين کي سخت غصو آيو. هن گوڙ گهمسان جي
دوران ارسطوءَ جي دلي ڪيفيت اها نه هئي، جنهن
جي تلقين هو پنهنجي ’آخلاقيات‘ ۾ ڪري ٿو. هڪ
ٿڌي دماغ ۽ خاموش فلسفي جي بدران، هو هاڻ هڪ
مجاهد ٿي پيو ۽ پنهنجي ڏکئي ڪم کي پوري ڪرڻ
لاءِ، دشمنن جي وچ ۾ لڙندو رهيو. انهيءَ ڳالهھ
جو نتيجو اهو نڪتو، جو اڪيڊميءَ ۾ افلاطون جا
جانشين، اسوڪريٽ
(Isocrates)
۽ فصاحت جي اسڪول جا ڪارڪن ۽ ڊيماسٿينز
(Demosthenes)
جي تقريرن تي نچڻ وارا جوشيلا ميڙ، ساٽ سٽڻ لڳا ۽ گوڙ ڪرڻ لڳا، ته ارسطوءَ
کي يا ملڪ نيڪالي ڏني وڃي يا موت جي سزا.
اوچتو سڪندر جو موت (323 ق.م) تي ٿيو. اٿينس ۾ خوشيءَ جي لهر
ڇائنجي ويئي. مقدونيا جي ڌر کي ٿڏيو ويو ۽
اٿينس جي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو ويو.
سڪندر جو جانشين ۽ دوست، ائنٽي پيٽر
(Antipater)
فسادي شهر تي چڙهائي ڪري آيو. مقدونيا جي ڌر
وارن مان گهڻا ڀڄي ويا. يوريميڊان
(Eurymedon)
نالي اعليٰ پوڄاري، ارسطوءَ جي خلاف هي الزام
لڳايو، ته هن اها سکيا ڏني هئي، ته پوڄا ۽
قرباني بي فائده هيون، ارسطوءَ ڏٺو ته مٿس
مقدمو هلائيندڙ منصف ۽ ماڻهن جا انبوهه، انهن
ماڻهن کان به وڌيڪ سخت دل هئا، جن سقراط جو
خون ڪيو هو. تنهن ڪري نهايت عقلمنديءَ سان هن
اٿينس جو شهر ڇڏي ڏنو، شهر ڇڏيندي هن چيو، ته
هو اٿينس کي ٻيو دفعو فلسفي خلاف، گناهه ڪرڻ
جو موقعو نه ڏيندو. ائين ڪرڻ ۾ هن ڪا بزدلي
ڪانه ڏيکاري هئي. ڇاڪاڻ ته اٿينس جي ڏوهارين
کي، هميشه جلاوطني قبول ڪرڻ جو موقعو ڏنو
ويندو هو. ڪالسز
(Chalcis)
۾ پهچڻ شرط، ارسطو بيمار ٿي پيو. ڊائو
جنزليئرش
(Diogenes Leartius) اسان کي ٻڌائي ٿو، ته ٻڍڙي فلسفي زماني جي ناراضگيءَ تي مايوس
ٿي، زهر جو پيالو پي، خودڪشي ڪئي. اهڙيءَ ريت
اٿينس ڇڏڻ کانپوءِ، چند مهينن اندر سندس
المناڪ موت (322 ق.م ) ٿيو.
ساڳئي سال ۽ ٻاهٺ ورهين جي ساڳيءَ عمر ۾، سڪندر جو وڏي ۾ وڏو
دشمن، ڊيماسٿنز
(Demosthenes)،
پڻ زهر پي مري ويو. يارهن مهينن جي اندر يونان
سڀ کان اعليٰ حاڪم، سڀ کان فصيح زبان مقرر ۽
سڀ کان عظيم فلسفي وڃايو. يونان جي شان شوڪت
تي هاڻي، اونداهي ڇائنجي ويئي ۽ روم مٿان پرهه
ڦٽيءَ جا آثار نمودار ٿيا. روم جي عظمت ۽
وڏائي جو دارومدار صرف قوت بازو تي هو ۽ نه
خيال جي اونهائيءَ ۽ ڏاهپ تي. هڪ هزار سال
جهالت جا ڪارا ڪڪر، يورپ جي فضا تي ڦرندا رهيا
۽ سڄو جهان، فلسفي جي وري زنده ٿيڻ لاءِ
انتظار ڪري رهيو هو.
باب ٽيون
فرانسز بئڪن
Francis bacon
ارسطو کان جاڳرتا جي دور تائين
From Aristotle of renassanice
جڏهن
پنجين صدي (ق.م) جي پڄاڻيءَ وقت سپارٽا اٿينس
کي گهيرو ڪري شڪست ڏني، تڏهن يوناني فلسفي ۽
فن جي ماءُ ”اٿينس“ وٽان، سياسي برتري به گذر
ڪري وئي. اٿينس جي ذهني قوت ۽ خودمختياري پڻ
فنا ٿي وئي. سن 399 ق.م ۾ سقراط جي موت سان
گڏ، اٿينس جو روح مري ويو. اٿينس جي روح سقراط
جي شاگرد افلاطون ۾ بس پويان پساهه ٿي کنيا.
سن 388 ق.م ۾ مقدونيا جي فلپ
(Philip)
اٿينس کي شيرونيا
(Chacronen)
وٽ شڪت ڏني. ٽن سالن کان پوءِ سڪندر ٿيبس جي
خوبصورت شهر کي باهه جي حوالي ڪيو، فقط نمائش
خاطر پنڊار جو گهر بچايو ويو. پر هاڻي اها
حقيقت ڳجھي نه هئي، ته اٿينس جو سياسي فڪر
ويچار ۽ آزادي تباهه ٿي چڪي هئي. يوناني فلسفي
تي پڻ مقدونيا جي رهواسيءَ ارسطوءَ جو قبضو ٿي
ويو. اها ڳالهھ ڏيکاري ٿي، ته يونان، سگهارن
اُترين، نون اڀرندڙ قبيلن جو سياسي غلام ٿي
چڪو هو.
سڪندر جي موت [يونان جي] تباهيءَ کي وڌيڪ تيز رفتار ڪيو. [هن]
نوجوان شهنشاهه کي ارسطو جي تعليم مهذب ته
ڪونه بنايو، پر گهٽ ۾ گهٽ سندس دل ۾ اعليٰ
يوناني تمدن لاءِ عزت ضرور پيدا ڪئي. هن جو
خواب هو، ته فاتح فوجن سان اوڀر تي قبضو ڪري
يوناني تمدن کي ايشيا جي سرزمين تي ڦهلائي. ان
وقت يوناني واپار ڪافي ترقي ڪئي هئي ۽ ايشيا
جي هر سامونڊي ڪناري ۽ هرهنڌ واپاري ڪوٺيون
قائم ٿي رهيون هيون. ان اقتصادي ترقيءَ هن
لاءِ سڄي علائقي کي يوناني سلطنت جو هڪ حصو
بنائڻ لاءِ اقتصادي سبب مهيا ڪيو. سڪندر کي
اميد هئي، ته انهن مصروف بيٺڪن مان يوناني
خيال، يوناني سامان وانگر، هر ڏسا ۾ پکڙجي
ويندا ۽ اوڀر کي فتح ڪندا. پر هن اوڀر جي ذهن
جي سست رفتاريءَ ۽ مقابلي ڪرڻ جي قوت جو، گهٽ
اندازو لڳايو هو ۽ هن کي مشرقي تمدن جي معيار
۽ گهرائيءَ جي پوري ڄاڻ پڻ ڪانه هئي. اهو سندس
ڪچي وهيءَ جو وهم هو، ته يونان جهڙي نابالغ ۽
غير مستحڪم تهذيب، ايشيا جي وسيع، پختي ۽ قديم
تهذيب تي قبضو ڄمائيندي. آخرڪار ايشيا جي وسعت
۽ تعداد اڳيان يونان جي ماهيت ۽ ذاتي خوبين جي
دال نه ڳري. فاتح سڪندر خود فتح جي دوران،
اوڀر جي روح اڳيان هار کاڌي. هن [ايراني
شهنشاهه] دارا
(Darius)
جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ فارسي تاج ۽ شاهاڻي
پوشاڪ اختيار ڪيائين. پاڻ سان گڏ هن يورپ ۾
اهو ايشيائي نظريو آندو، ته بادشاهن کي حاڪمت
جا ”خدائي حق“ مليل آهن. [انهيءَ تسلسل ۾]
آخرڪار، شاندار مشرقي ڍنگ سان، اعلان ڪيائين
ته: ”مان ديوتا آهيان“، جنهن تي شڪ
پرست يونان تعجب ۾ پئجي ويو، يونان سندس دعويٰ
تي کلندو رهيو ۽ سڪندر شراب پيئندي پيئندي موت
جو شڪار ٿيو.
اهڙي طرح يونان جي ٿڪل ٽٽل جسم ۾، آرام سان ايشيائي روح ڦوڪيو
ويو. انهيءَ تبديليءَ کانپوءِ ايشيائي مذهب ۽
عقيدا پڻ تيزيءَ سان، انهن ساڳين رستن ذريعي،
جي [مقدونيا جي] نوجوان فاتح کوليا هئا، يونان
جي سرزمين اندر داخل ٿيڻ لڳا. انهن ٽٽل بندن
ذريعي اوڀر جي سمنڊ يورپ جي سامائجندڙ ذهن کي
سيراب ڪيو. پراسرار رسمون ۽ وهمي اعتقاد، جن
هيلاز
(Hellas)
جي غريبن تي اڳي ئي اثر ڄمايو هو، هاڻي طاقت
حاصل ڪري، هر طرف پکڙجڻ لڳا. تهذيبي رنگارنگي
سان تار وهندڙ اوڀر جي سرد مهري ۽ توڪل جو
سرگرميءَ سان خير قدم ڪيو. سن 310 (ق.م) ۾
زينو
(Zeno)
(هڪ فونشيائي واپاريءَ) اسٽائڪ
(Stoic)
فلسفو
اٿينس ۾ داخل ٿيو، اهو پڻ مشرقي خيال جي لڪ
چوريءَ داخل ٿيڻ جو نتيجو هو. سندس فلسفو
ڏيکاري ٿو، ته هار کي به ڪيئن لاغرضائي سان
قبول ڪجي ۽ غلاميءَ جي زندگيءَ ۾ به ڪيئن
انسان روحاني خوشي حاصل ڪري سگهي ٿو. اپيڪورس
(Epicuris)
به هڪ نئون نظريو پيش ڪيو، جنهن مطابق به
انسان هارايل هئڻ جي باوجود خوشي حاصل ڪري
سگهي ٿو. هن جي خيال موجب لذت جي حاصلات انسان
جي عملي زندگيءَ جو مول متو هئڻ گهرجي. لذت جي
جام زريعي هن کي پنهنجي زندگيءَ جي شڪست وسارڻ
گهرجي. اڻويهينءَ صديءَ ۾ پڻ شاپينهاور
(Schopenhauer)احاصل
حاص
اسٽائڪ فلسفو هڪ نئين ڍنگ ۾ پيش ڪيو ۽ رينن
(Renan)
اپيڪيورس
Epiuris
جي فلسفي جو پوئلڳ ٿيو. سندس فلسفو پڻ ناڪام
انقلاب ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿيل فرانس جي نشاني آهي.
اخلاقي نظرئي جا اهي فطري تضاد يونان لاءِ نوان بلڪل نه هئا.
ڏکاري هيراقليطس
(Heraclitus)
۽ کلندڙ ڊيماڪريٽس
(Democritus)
جي فلسفن ۾ به ساڳيون ڳالهيون موجود آهن.
ائنٽسٿينس
(Antisthene)
۽ ارسيٽپس
(Aristippus)
جي اڳواڻيءَ هيٺ سقراط جا شاگرد ٻن ٽولن
سائيڪس
(Cynics)
۾ ورهائجي ويا. هڪڙا ڪاميابي کان نفرت ڪندڙ،
ته ٻيا ان مان پوري لذت وٺندڙ، هڪڙا خشڪ
مزاجيءَ جا حامي ته ٻيا لذت جا پوئلڳ، پر تنهن
هوندي به خيال ڪرڻ جا اهي طريقا اوپرا پئي
لڳا. شاهاڻي اٿينس اهي خيال ٻڌا اڻ ٻڌا ڪري
ويهي رهي. پر شيرونيا
(chaeronea)
جي رت ڇاڻ ۽ ٿيبس
(Thebos)
جي سڙي رک ٿيڻ کان پوءِ، اٿينس وارن ڊئوجينر
(Diogenos)
کي ٻڌو.
زينو پنهنجي سرد مهري ۽ خشڪ مزاجيءَ وارو فسلفو مقرريت
(Determinium)
جي بنياد تي قائم ڪيو. سندس پوين اسٽائڪ
(Stoic)
۽ ڪراسيپس
(Chrysippus)
لاءِ مقرريت ۽ مشرقي تقديريت
(Oriental fatalism)
۾ فرق ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو. هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته
زينو، جنهن کي غلاميءَ ۾ يقين ڪونه هو، پنهنجي
غلام کي ڪنهن ڏوهه سبب ماري رهيو هو. غلام
گذارش ڪئي، ته سندس مالڪ جي فلسفي مطابق اها
ڳالهھ سندس تقدير ۾ لکيل هئي، ته هو ڏوهه ڪري.
ان تي زينو سڪون سان جواب ڏنو، ته اها ڳالهھ
به ته ساڳئي فلسفي مطابق تقدير ۾ لکيل هئي، ته
مان توکي تنهنجي ڏوهه سبب ماريان. جيئن
شاپينهاور سمجھو ته انساني ارادي جو الاهي
ارادي سان ٽڪر کائڻ هڪ بي فائده ڳالهھ آهي.
تيئن اسٽائڪ پڻ چيو، ته زندگيءَ جو صحيح ۽
عقلمنداڻو طريقو آهي، فلسفياڻي هيڪڙائي اختيار
ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي جدوجهد ۾ انسان کي
يقيناً هار نصيب ٿيڻي آهي. جڏهن فتح بلڪل
ناممڪن آهي، ته پوءِ ان کان نفرت ڪرڻ جڳائي.
سڪون جو راز ان ۾ نه آهي، ته اسان ايترو حاصل
ڪريون، جيتري اسان کي خواهش آهي، پر ان ۾ آهي
ته اسان پنهنجن خواهشن کي ايتري قدر گهٽايون
جو هو آسانيءَ سان پوريون ٿي سگهن. روم ۾
رهندڙ، زينوءَ جي پوئلڳ سينيڪا
(Seneca)
(65ع) چيو آهي، ته جيڪڏهن جيڪي ڪجهھ تو وٽ
آهي، سو تو لاءِ پورو نه آهي، ته پوءِ جيڪڏهن
سڄي دنيا تنهنجي قبضي ۾ هجي، تڏهن به تون
مايوس هوندين.
ان اصول جي خلاف اپيڪورس جاڳيو، جيڪو عملي زندگي ۾ اهڙو ئي
اسٽائڪ هو جهڙو زينو. هن هڪ سهڻو باغ خريد ڪيو
۽ ان کي پنهنجن هٿن سان آباد ڪيو. اتي هن
پنهنجو اسڪول جوڙيو ۽ پنهنجن پوئلڳن سان
آرامده ۽ خوشگوار زندگي گذاري. جيئن هو باغ ۾
گهمندو ڦرندو وتندو هو يا ڪم ڪار ڪندو رهندو
هو. تيئن پنهنجن شاگردن کي سکيا ڏيندو رهندو
هو. سڀني ماڻهن لاءِ هو نرم مزاج ۽ محسن هوندو
هو. هن جو قول هو، ته دنيا ۾ اهڙي ڪابه شاندار
ڳالهھ نه آهي، جهڙي فلسفي جي حاصلات. هو هن
نڪتي سان شروعات ٿو ڪري، ته دنياوي سببن متعلق
بي حسي اختيار ڪرڻ ناممڪن آهي ۽ خوشي، زندگي ۽
انساني عمل جو واحد ۽ جائز مقصد آهي، پر هن جي
خيال موجب خوشي فقط جسماني لذتن تائين محدود
نه آهي. هرهڪ ساهواري ۾ قدرت اها رغبت رکي
آهي، ته هو پنهنجي فائدي کي ٻئي ڪنهن به فائدي
تان ترجيح ڏئي. هڪ زاهد کي به دنيا ترڪ ڪرڻ ۾
پراسرار خوشي حاصل ٿئي ٿي. اسان کي لذتن کان
پاسو ڪرڻ نه جڳائي، پر انهن منجھان صحيح چونڊ
ڪرڻ گهرجي. اپيڪورس کي عام طرح غلط سمجھيو
ويندو آهي. هو ذهني راحتن کي حواسن جي راحتن
کان وڌيڪ پسند ڪري ٿو. هو اسان کي انهن مزن
کان خبردار ڪري ٿو جيڪي اسان جي روح کي جوش
ڏيارن ٿا ۽ پريشان ڪن ٿا. حقيقي خوشيون اهي
آهن، جيڪي اسان جي روح کي سڪون ۽ اطمينان ڏين.
آخر ۾ هن جو ارادو آهي، ته هو اهي خوشيون نه
ڳولهي، جن کي عام ماڻهو خوشيون سمجھي سندن
پويان لڳندا آهن، پر سُرور، ذهني سڪون ۽ آرام
کي ڳولهي. اهڙيءَ طرح اپيڪورس زينو جي زاهديءَ
جي بلڪل قريب پهچي ٿو.
جڏهن رُومي سن 146 (ق.م) ۾ هيلاز ۾ قتل ۽ غارت لاءِ پهتا، تڏهن
هنن ڏٺو، ته هڪ ٻئي جا حريف مڪتب
(School of thaught)
فلسفي جي ميدان کي ورهائي رهيا هئا. پر رومين
۾ پنهنجي سر فڪر ڪرڻ جي نه فرصت هئي ۽ نه
ذهانت. تنهن ڪري ٻي ڦرلٽ سان گڏ فلسفي جا اهي
نظريا پڻ پاڻ سان گڏ روم ۾ واپس آندائون.
اعليٰ تنظيم ڪار ۽ غلام گهڻو ڪري اسٽائڪ فلسفي
ڏانهن وڌيڪ مائل ٿيندا آهن. جيڪي انسان حساس
آهن، تن لاءِ مالڪ يا غلام ٿيڻ محال آهي. تنهن
ڪري روم زينوءَ جي فلسفي کي ڀليڪار ڪيو.
شهنشاهه مارڪس آريلس
(Marcus Aurelius)
۽ غلام اپڪٽيٽس
(Epictetus)
ٻنهي زينوءَ جي فلسفي مان فيض پرايو. ليوڪريشس
(Lucretius)
اپيڪيوري فلسفي کي زاهديءَ جي انداز ۾ پيش
ڪيو، سموري زندگيءَ ۾ خوشيءَ جي تبليغ ڪندي
ڪندي، آخڪار هن خودڪشي ڪئي. پنهنجي هڪ رزمي
شعر ”شين جي فطرت“ ۾ اپيڪيورس وانگر راحت جي
هلڪي ساراهه ڪري، ان تي تنقيد ڪئي اٿس، هو
سيزر
(Cesar)
۽ پامپي
(Pompey)
جو همعصر رهيو، تنهن ڪري گوڙ شور ۽ خطري جي
زماني ۾ وقت گذاريائين. هن جو قلم هميشه
آسودگي ۽ امن لاءِ دعا گهرندو رهيو آهي.
ليوڪريٽس هڪ ڊڄڻو نظري اچي پيو، جنهن جي سڄي
جواني مذهبي ڊپ ۾ گذري. پڙهندڙن کي هو اها
ڳالھه ٻڌائڻ کان ڪڏهن به نٿو ٿڪجي ته جيڪڏهن
دوزخ آهي به، ته اهو زمين تي آهي، جيڪڏهن
ديوتا آهن به، ته اهي سڀ شريفن وانگر آسمان
اندر اپيڪيورس جي باغ ۾ رهن ٿا ۽ انساني
معاملن ۾ دست اندازي نه ٿا ڪن. ان وقت ماڻهن ۾
بهشت ۽ دوزخ جا عقيدا پڪا ٿيندا پئي ويا: پر
انهيءَ جي بجاءِ ليوڪريشس بي ترس ماديت پيش
ڪري ٿو. سندس خيال موجب روح ۽ دل جسم سان گڏ
ارتقا ڪئي آهي، انسان گڏ اُسرن ٿا، انسان گڏ
سور سهن ٿا ۽ انسان گڏ فنا ٿي وڃن ٿا. سواءِ
جوهر، مڪان ۽ قاعدي جي، ڪنهن کي به حقيقي وجود
نه آهي. قاعدن جو قاعدو آهي، هر جڳهه ارتقا ۽
زوال.
ليوڪريشس جي هڪ شعر ’زندگي ۽ موت‘ جو ترجمو هتي ڏجي ٿو:
”ڪا به شيءِ نه ٿي رهي، سڀ شيون وهڪري ۾ آهن. هڪ جزو ٻئي جزي
سان چنبڙي ٿو، اهڙيءَ طرح شيون اسرن ٿيون.
آخرڪار اسان انهن شين کي ڄاڻون ٿا ۽ سندن نالو
رکون ٿا. آهستي آهستي اهي شيون ڳري وڃن ٿيون ۽
اسان جي علمي دائري کان پري هٽي وڃن ٿيون.
آهستي يا تيزيءَ سان ڪرندڙ جوهرن مان اهي گولا ٺهيا، جن کي اسان
آفتاب سڏيون ٿا. انهن آفتابن مان شمسي نظام
ٺهي راس ٿيا. پر اهي شمسي نظام ۽ انهن جا سج
به آهستي آهستي دائمي واڌاري طرف واپس ورندا.
او ڌرتي! تون به پنهنجن حڪومتن، زمينن ۽ سمنڊن سميت، ساڳئيءَ
ريت به ستارا، سج ۽ ڪهڪشائن وانگر حرڪت جو
نتيجو آهين ۽ انهن وانگر تون به هلي ويندينءَ.
هر گهڙيءَ تون انهن وانگر وڃي رهي آهين. ڪنهن
به شيءِ کي بقا نه آهي. تنهنجا سمنڊ پڻ نفيس
غبار ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. اهي چانڊوڪيءَ سان
ڀريل ٿرن جي جڳھه والاري ويٺا آهن. جتي هينئر
اهي ٿر (ريگستان) آهن، اتي ٻيا سمنڊ اچي
پنهنجن اڇن ڏاٽن سان خليجون ٺاهيندا.“
آسمان جي ارتقا ۽ زوال کانپوءِ نسلن جي پيدا ٿيڻ ۽ ميسارجي وڃڻ
لاءِ هيئن چئي ٿو:
”قديم زماني ۾ ڌرتيءَ ڪيترا راڪاس، جن کي عجيب شڪليون ۽ عضويٰ
هوندا هئا، پيدا ڪيا، ڪيترن کي پير ڪونه هوندا
هئا، ته ڪيترن کي هٿ ڪونه هوندا هئا. ڌرتي
چاهيو ته اهڙا بدزيب راڪاس پيدا ڪندي رهي، پر
قدرت انهن جي واڌ ويجهھ کي روڪيو. اهي بلوغت
تائين پهچي نه سگهيا. انهن کي خوراڪ ملي نه
سگهي ۽ شادي ڪري نه سگهيا. اهڙيءَ طرح انهن جا
ڪيترا نسل فنا ٿي ويا. جيڪي ساهوارا هن وقت
ڌرتيءَ تي زنده آهن، تن کي شروعات کان وٺي
پنهنجي چالاڪي، همت ۽ رفتار بچايو ۽ محفوظ
رکيو. جن کي قدرت اهڙا گڻ عطا نه ڪيا آهن، تن
کي هميشه ٻين جي شڪار ٿي وڃڻ جو ڊپ رهي ٿو ۽
آخرڪار قدرت سندن نسل کي ناس ڪري ٿي.“
قومون پن فردن وانگر آهستي آهستي اسرن ٿيون، پر سندن زوال يقيني
آهي. “ڪي قومون وڌن ٿيون، ته ڪي گهٽجن ٿيون ۽
ٿوري عرصي ۽ ساهوارن جا نسل بدلجي وڃن ٿا ۽
زندگيءَ جي شمع ٻين جي حوالي ڪن ٿا. جنگ ۽
اڻٽر موت جي سامهون ڪابه حڪمت ڪارائتي نه ٿي
ٿئي، پر اسان پرسڪون صبر سان، سڀني شين تي نظر
وجهون .“
هتي ائين نظر اچي ٿو، ته ڄڻ ته قديمي قومن جي زندگي مان خوشي
حاصل ڪرڻ جو نظريو ختم ٿي ويو آهي ۽ هڪ پرديسي
روح ڀڳل ۽ ڦٽل ساز ڇيڙي رهيو آهي. انهن مورخن
مزاح کان ڪم ورتو. جڏهن انهن اهڙي تنگ دل ۽
مايوس فلسفي کي اپيڪورس جي پوئلڳن مان هڪ ڪري
ليکيو.
جيڪڏهن اپيڪورس جي پوئلڳ جو هيءُ مزاج آهي، ته پوءِ ڏسو ته
آريلئس
(Aurelius)
۽ ايپڪٽيٽس
(Epictetus)،
جن کي ظاهري طرح سٽائڪ فلسفي جا پابند سمجھيو
ويندو هو، ڪهڙي نه خوشگوار پُراميديءَ جي
ترجماني ڪن ٿا! دنيا جي ادب ۾ اهڙي ڪابه مايوس
ڪندڙ شيءِ نه آهي، جهڙا ان غلام جا ”مقالا“
(Dissertations)
يا ان شهنشاهه جو ”فڪر“
(Meditatious).
غلام فرمائي ٿو ته: ”تون اها ڪوشش نه ڪر ته
دنياوي واقعا تنهنجي ارادي ۽ چونڊ مطابق ٿين،
پر اهو ارادو رک، ته واقعا ان طرح ٿيڻ گهرجن،
جيئن ٿي رهيا آهن. ان حالت ۾ ئي تون خوشحال
رهندين.“ ڇا ان طريقي سان پنهنجو مستقبل
سنواري سگهبو، يا ڪائناتي قوتن مٿان قابض ٿي
سگهبو؟ ڳالهھ ڪئي ويندي آهي، ته ايپڪٽيٽس جو
مالڪ، ساڻس نهايت بيرحمي جو ورتاءُ ڪندو هو.
هڪ ڏينهن فقط وقت وڃائڻ لاءِ هن سندس ڄنگهھ
موڙڻ مروٽڻ شروع ڪئي. ايپڪٽيٽس خاموشيءَ سان
چيو، ته آقا! جيڪڏهن منهنجي ڄنگهھ وڌيڪ
موڙيندو، ته اها ڀڄي پوندي. پر سندس آقا باز
نه مڙيو ۽ آخرڪار سندس ڄنگھه ڀڄي پئي، تنهن تي
ايپڪٽيٽس نهايت نماڻائيءَ سان چيو، ته ڇا مون
نه چيو هو، ته توهان منهنجي ڄنگھه ڀڃي وجھندا؟
هن فلسفي ۾ به پراسرار شان سمايل آهي. فرمائي
ٿو ته: ”مون ڪنهن به صورت ۾ ڪابه شيءِ ڪانه
وڃائي آهي، پر اصلوڪي مالڪ طرف واپس ڪئي آهي.
تون چئين ٿو، ته تنهنجو ٻار مري ويو؟ نه، اهو
مالڪ طرف واپس ويو. تون چئين ٿو ته تنهنجي زال
مري وئي؟ هرگز نه، اها پنهنجي مالڪ طرف واپس
وئي. تون چئين ٿو، ته توکان تنهن جو مال ملڪيت
کسيو ويو؟ او بيوقوف! مال ملڪيت جو اصلي مالڪ
ته سڃاڻ.“
اهي قول عيسيائي شهيدن جي همت ۽ جرئت جي بلڪل ويجھو آهن. ڇا نفس
ڪشيءَ وارو عيسائي اخلاق، انساني برابري وارو
عيسائي سياسي نظريو ۽ عيسائي خيال، ته آخر ۾
سڄي دنيا باهه جو نذر ٿيندي، اسٽائڪ فلسفي جا
جزا نه هئا، جيڪي خيال جي وهڪري تي ويهي رهيا
هئا؟ ايپڪٽيٽس جي شخصيت ۾ يوناني – رومي روح
پنهنجو اصلوڪو مذهب وڃائي ويٺو ۽ نئين مذهب
اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. سندس ڪتاب کي
اوائلي عيسيائي ڪليسا مذهبي دستور ڪري مڃيو.
انهن ”مقالن“ ۽ آريلئس جو ”فڪر“ کان ”عيسيٰ جو
نقل“ صرف هڪ قدم جي وڇوٽيءَ تي هو.
ان عرصي م تاريخي پس منظر رجي، نون نظارن جي صورت اختيار ڪري
رهيو هو. ليوڪريشس جي تصنيفن ۾ هڪ ذڪر جوڳي
لکت آهي، جنهن ۾ هو رومي رياست جي زراعت جي
زوال جو ذڪر ٿوڪري، جنهن کي زمين جي ٿڪاوٽ سان
منسوب ڪري ٿو. صحيح سبب ڪهڙو به هجي، پر اها
ڳالھه ڏيکاري ٿي، ته روم جي دولت هاڻي غربت ۾
تبديلي ٿي چڪي هئي، سارو نظام هاڻي ٽڪر ٽڪر ٿي
ويو هو، طاقت ۽ اقتدار هاڻي زوال ۽ مرده دليءَ
جي صورت اختيار ڪري رهيو هو. سندس وڏا شهر
اڳوڻي اهميت وڃائي چڪا هئا، رستا بگڙجي ويا
هئا ۽ انهن تي واپاري چرپر خاموش ٿي چڪي هئي.
تعليم يافته رومي ڪٽنبن کان اڻ پڙهيل جرمن
ڪٽنب وڌيڪ تيزيءَ سان وڌي رهيا هئا. هر سال
اهي طاقتور جرمن خاندان رومي رياست جون حدون
اورانگهي رهيا هئا. قديم تمدن تي هاڻي مشرقي
عقيدن جو قبضو ٿيو ۽ نهايت غيرمحسوس نموني سان
رومي حڪومت پاپائي نظام ۾ تبديل ٿي وئي.
اوائلي دور ۾ بادشاهن ڪليسا جي حمايت ڪئي. آهستي آهستي ڪليسا،
حاڪمن جي طاقت کي جذب ڪندو ويو. ۽ ڪليسا جو
تعداد، دولت ۽ اقتدار جو دائرو تيزيءَ سان وڌڻ
لڳو. تيرنهن صديءَ ۾ سندس، يورپ جي ٽئين حصي
زمين تي قبضو ٿي چڪو هو، غريب ۽ شاهوڪار
نذرانا پيش ڪري، سندس خزاني ۾ اضافو ڪري رهيا
هئا. هڪ هزار سال هن يورپ جي رهواسين کي متحد
رکيو. اڳي ڪڏهن به اهڙو مثال ڪونه ٿيو آهي، جو
امن ۽ صلح جو اهڙو وسيع نظام قائم ٿي وڃي. پر
ڪليسا سمجهيو ٿي، ته ان اتحاد جي تقاضا هئي هڪ
عام ايمان، جيڪو هڪ الاهي هستيءَ جو ٺاهيل هجي
۽ جو وقت جي ڦيرين گهيرين ۽ ڊاهه ڊوهه کان
بالاتر هجي. تنهن ڪري قطعي واضح ۽ محدود عقيدا
يورپ جي نئين اڀرندڙ ذهن تي مڙهيا ويا. ان تنگ
دائري اندر ڪليسائي مڪتب واري ايمان ۽ عقل وچ
۾ اچ وڃ شروع ڪئي. مفروض تي ٻڌل ۽ غير تجرباتي
نتيجن ذهني ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ وڌي.
تيرهين صديءَ ۾ سموري عيسسائيت عربن ۽ يهودين
جا ڪيل ارسطوءَ جي ڪتابن جا ترجما ڏسي، عجب ۾
پئجي وئي ۽ تحرڪ ۾ آئي. پر ڪليسا جي اقتدار جو
قبضو ڪافي هو، جنهن ڪري هن ٿامس اڪئيناس
(Thomas Aquinas) ۽ ٻين پادرين وسيلي ارسطوءَ کي هڪ ديني مبلغ جي صورت ۾ پيش
ڪيو. ان جو نتيجو حڪمت وارو نه نڪتو، پر عقلي
چالاڪيءَ وارو ظاهر ٿيو. بئڪن چيو آهي ته،
”جيڪڏهن انساني عقل ۽ ذهن مادي جسم تي ڪم ڪن،
ته پوءِ کين ڪنهن خاص مادي [جنهن تي هو ڪم ڪري
رهيا آهن] جي رڪاوٽ سان منهن ڏيڻو پوندو ۽ ان
جي ڪمزورين ۽ اوڻاين کي محسوس ڪري، ان مطابق
عمل ڪرڻو پوندو. پر جيڪڏهن اهي پاڻ تي ڪم ڪن،
ته پوءِ جيڪر هو ڪنهن به رڪاوٽ کان آزاد هجن ۽
ڪوريئڙن وانگر علمي ڄار پنهنجي اندر مان پيدا
ڪري، دنيا مٿان پکيڙين، جا هوند ڌاڳي ۽ ڪم جي
نفاست سبب ساراهه جوڳي هجي، پر ان مان دنياوي
فائدو ڪونه پهچندو.“ پر اها ڳالھه واضح ٿي چڪي
هئي، ته ڪڏهن نه ڪڏهن يورپ پاڻ کي ڪليسا ۽
مذهبيت جي قيد کان ضرور آزاد ڪندو.
هزار سالن جي محنت سان يورپ جي زمين وري سرسبز ٿي. ايترو ته وڌي
ويو، جو ان جي کپائڻ لاءِ واپار جي ضرورت پئي.
تجارتي مرڪزن وٽ وڏا شهر ٻڌجي ويا. ممڪن هو،
ته ماڻهو گڏيل مدد سان تمدن جي پرورش ڪن ۽
تهذيب جي عمارت نئين سر جوڙين. صليبي لڙاين
مشرق ڏانهن رستا کوليا. اوڀر ۽ اولهه وچ ۾ هڪ
واپار جي لهر جاري ٿي وئي، جنهن نيون راحتون ۽
نوان عقيدا يورپ جي سرزمين تي آندا، جنهن ڪري
تنگ نظرين ۽ رهبانيت جي خاتمي جو انديشو پيدا
ٿيو. هاڻي مصر مان ڪاغذ سستي اگهه ۾ ميسر ٿي
سگهيو ٿي. ان کان اڳ لک پڙهه جو ڪم قيمتي چمڙي
تي ٿيندو هو، جيڪو عام ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر
هو. پني جي سستائيءَ ڪري ڇاپيخانا به قائم ٿي
ويا، جن هرهنڌ پنهنجو اثر ڄمايو. جهازين کي
هاڻي قطب نما ملي ويو. تنهن ڪري همت ۽ ڀروسي
سان سامونڊي اوڙاهه طئي ڪرڻ لاءِ راضي ٿيا ۽
زمين بابت انسان جي لاعلميءَ کي دور ڪيائون.
صبر سان مشاهدو ڪندڙ هاڻي دوربينن ذريعي تنگ
عقيدن جون حدون ٽپي ويا ۽ آسمان جي اسرار بابت
انساني جهالت تي فتح پاتائون. جتي ڪٿي،
درسگاهن ۾ يا مڙهين ۾ ماڻهن مناظرا ڪرڻ ڇڏي
ڏنا ۽ تجسس ڪرڻ شروع ڪيو. ماڻهن جو خيال ٿيو،
ته ٻين سستن ڌاتن مان سون ٺاهي سگهبو، جنهن
ڪري اڻ سڌي طرح علم ڪيميا جو بنياد پيو. علم
نجوم مان ماڻهن هٿوراڙيون ڏئي، آخرڪار علم
هيئت جو بنياد وڌو. ٻوليندڙ جانورن جي فرضي
قصن مان حيوانيات جو علم پيدا ٿيو. راجر بئڪن
(موت 1294ع) سان سجاڳي شروع ٿي. ليونارڊو
(Leonardo)
(1452- 1519ع) جي بي انتها علمي ۽ هنري
دلچسپيءَ سان علمي شعور اڳتي قدم وڌايو.
ڪاپرنيڪس
(Copernicus)
(1473ع – 1543ع) ۽ گئليلو
(Galileo)
(1564- 1642ع) جي علم آڪاش، گلبرٽ
(Gilbert)
(1514-1564ع) جي جسماني بناوت بابت کوجنا ۽
هاروي
(Harvey)
(1578- 1657ع) جي صحت جي دوري بابت تجربن،
علمي شعور کي تڪميل تائين پهچايو. جيئن علمي
دائرو ڪشادو ٿيو، تيئن ماڻهن جو ڊپ ڊاءُ ڍرو
ٿيو. ماڻهن غير معلوم قوتن جي پرستش جو خيال
ڇڏي ڏنو ۽ قدرتي قوتن ۽ قاعدن تي قبضي ڪرڻ جون
رٿون رٿڻ لڳا. هرهڪ ۾ خوداعتمادي جو جذبو پيدا
ٿيو. روڪن ۽ رنڊنڪن کي هٽايو ويو. انساني
ڪردار جي هاڻي ڪابه حد ڪانه هئي. بئڪن چوي ٿو
ته: ”اسان جي زماني جي خوشي ان ۾ آهي ته ننڍا
ننڍا جهاز، فلڪي سيارن وانگر، سڄي ڌرتيءَ جي
گولي جو چوگرد ڦرن. موجوده زماني جي هدايت
آهي، ته اڃا به اڳتي وڌو، پر قديم زماني هدايت
ڪئي، ته خبردار! متان هن حد کان اڳتي وڌيا
آهيو.“ اهو حاصلات، اميد ۽ قوت جو وقت هو. هر
ميدان ۾ نئين شروعات ۽ نين مُهمن جو وقت هو.
اهو زمانو پُڪاري رهيو هو، ته ڪو اعليٰ روح
پيدا ٿئي، جيڪو ان زماني جي جوش ۽ ارادي جي
ترجماني ڪري ۽ گوناگون تحريڪن کي سهيڙي ڪري.
اهو روح آخرڪار فرانسز بئڪن جي صورت ۾ آيو،
جيڪو موجوده زماني ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ذهن
هو، جنهن گهنڊ وڄايو ۽ عاقلن کي هڪ هنڌ جمع
ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته يورپ هاڻي بلوغت کي پهچي
ويو آهي.
فرانسز بئڪن جي سياسي زندگي
The political career of Francis Bacon
بئڪن 22- جنوري سن 1561ع ۾ يارڪ هائوس
(York House)،
لنڊن ۾ ڄائو هو، اهو يارڪ هائوس سندس والد
سرنڪولس بئڪن
(Sir Nicholas bacon)
جي رهائش جي جاءِ هئي. سندس والد ايلزبيٿ
(Elizabeth)
جي حڪمراني جي پهرين ويهن سالن ۾ شاهي سيل کي
سنڀاليو هو. مئڪالي
(Macauly)
چوي ٿو، ته پٽ پنهنجي پيءُ جي مشهور نالي کي
ڍڪي ڇڏيو آهي. حقيقت ۾ سرنڪولس جو رواجي ماڻهو
ڪونه هو. اها هڪ توقع ڪرڻ جھڙي ڳالھه آهي،
ڇاڪاڻ ته اعليٰ ذهن، ڪنهن خاص خاندان ۾ قابليت
ذريعي نسل به نسل ترقي ڪندو رهي ٿو. تان جو
ڪنهن هڪ شخص ۾ چوٽيءَ تي پهچي وڃي ٿو، تنهن
کان پوءِ آئينده نسلن ۾ گهٽبو وڃي ٿو ۽ نيٺ
معمولي صورت اختيار ڪري ٿو. بئڪن جي والده
جونالو ليڊي ائن ڪوڪ
(Lady Anne Cooke)
هو، سر وليم سيسل، لارڊ برلي، جي سالي هئي. لارڊ برلي راڻي
ايلزبيٿ جي خزاني جو امير هو ۽ انگلينڊ جو
طاقتور ماڻهن مان هڪ هو. ليڊي ائن ڪوڪ جو والد
شهنشاهه ايڊورڊ ڇهين
(King Edward vi)
جو خاص استاد ٿي رهيو هو.
هوءَ خود ڪيتريون ئي ٻوليون ڄاڻندي هئي ۽
دينيات جي ماهر هئي. مذهبي پيشوائن سان يوناني
زبان ۾ لکپڙهه ڪرڻ هن لاءِ بلڪل آسان هو. هوءَ
پنهجي پٽ جي استاد هئي ۽ کيس تعليم ۽ تربيت
ڏيڻ ۾ هن ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي.
پر بئڪن جي ذهني وسعت جي حقيقت پرورش ڪندڙ ايلزبيٿ جو زمانو هو
۽ جيڪو موجود زماني جي سڀ کان قوتمند قومن جو
هڪ اعليٰ زمانو هو. آمريڪا کي ڳولهي لهڻ کان
پوءِ تجارتي ٻيڙن جو رخ ڀونچ سمنڊ کان ڦري
ائٽلانٽڪ مهاساگر طرف ٿيو، جنهن ڪري ائٽلانٽڪ
قومن، اسپين، فرانس، هالينڊ ۽ انگلينڊ کي
تجارتي ۽ مالي برتري حاصل ٿي. ان کان اڳ اها
برتري اٽليءَ کي حاصل هئي. جڏهن ته يورپ جو اڌ
اٽليءَ وارن بندرن اندر داخل ٿيندو هو ۽ انهن
بندرن مان مشرقي ملڪن سان واپار جاري رکندو
هو. هن ڦير ڦار ڪري، جاڳرتا فلارينس، روم،
ميلان ۽ وينس کي الوداع چئي مئڊرڊ، پئرس،
ائمسٽرڊام ۽ لنڊن طرف رخ رکيو. سن 1588ع ۾
اسپين جي سامونڊي ٻيڙي جي تباهيءَ کانپوءِ
انگلينڊ جو واپار سمنڊن تي پکڙجي ويو، سندس
شهر گهرو صنعت سبب ڪري خوشحال ٿيا، سندس
جهازران ڌرتي جي چوگرد ڦريا ۽ سندس ڪپتانن
آمريڪا کي فتح ڪيو. ساڳئي وقت سندس ادب
اسپينسر جي نظم ۽ سڊني
(Sidney)
جي نثر سان واڌ ويجهھ ڪئي، سندس اسٽيج تي شيڪسپيئر، مارلو
(Marlowe)،
بين جانسن
(Ben Jonson)
۽ ٻين سوين قلم جي ڪاريگرن جا ناٽڪ، جوش ۽
جذبي سان ٿيندا رهيا. اهڙي وقت ۽ اهڙي ملڪ ۾
جنهن به شخص ۾ عقلي وسعت جو ٻج هو، تنهن نالي
۽ مشهوريءَ جي چمڪ ضرور حاصل ڪئي.
ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ بئڪن کي ٽرنٽي ڪاليج ڪئمبرج ڏي موڪليو
ويو. اتي هو ٽي سال رهيو. ان عرصي ۾ سندس دل
اندر تعليمي نصاب ۽ طريقن جي لاءِ نفرت جاڳي،
ارسطو جي روايتن ۽ طريقن خلاف دشمني پيدا ٿي.
هن ڪئمبرج کي الوداع چيو ۽ پڪو ارادو ڪيو، ته
فلسفي کي وڌيڪ زرخيز رستي طرف وٺي ويندو،
مڪتبي مناظرن
(Scholastic Disputations)
کان سندس رخ ڦيرائي، انساني ڀلائيءَ جي واڌاري
۽ ترقيءَ طرف سندس منهن موڙيندو. اڃا هو
سورنهن ورهين جو ٻار هو، ته هن کي فرانس ۾
رهندڙ انگريز ايلچيءَ جي دفتر ۾ هڪ ملازمت جي
آڇ ٿي. فائدن ۽ نقصانن کي خيال سان
جاچيندي،آخرڪار هن اها آڇ قبول ڪئي. پنهنجي
ڪتاب ”قدرت جي تشريح“ جي مقدمي ۾ هن پنهنجي
فيصلي تي بحث ڪيو آهي. جنهن کيس فلسفي کان جدا
ڪري، سياست طرف مائل ڪيو. جنهن جو سڄو ٽڪر ڏيڻ
بيحد ضروري آهي:
”منهنجو اعتقاد هو، ته مان انسان ذات جي خدمت لاءِ پيدا ٿيو
هوس. منهنجي خيال موجب، عوامي بهبوديءَ جي
نگهباني، انهن فرضن مان هڪ هئي، جن کي پوري
ڪرڻ جو سڀ ڪنهن کي اهڙو حق آهي،جهڙو هوا ۽
پاڻيءَ کي استعمال ڪرڻ جو. تنهن ڪري مون پاڻ
کان پڇيو، ته سڀني شين مان انسان ذات جي ڀلائي
ڪهڙيءَ شيءِ ۾ وڌيڪ سمايل آهي ۽ قدرت مون کي
ڪهڙي ڪم سرانجام ۾ ڏيڻ لاءِ ٺاهيو آهي؟ جڏهن
مون جستجو ڪئي، تڏهن مون ڏٺو، ته ڪوبه ڪم،
ايترو قابل فخر نه آهي، جهڙو هنرن ۽ ايجادن جي
تحقيق ۽ ترقي، جن انساني زندگيءَ کي مهذب
بنايو آهي.... سڀ کان وڌيڪ مانائتي ڳالهھ اها
نه آهي ته ڪو اهڙي ايجاد ڪري، جيڪا ڪنهن خاص
ڪنڊ کي روشن ڪري يا ان لاءِ ڪارائتي هجي، پر
اها آهي ته ڪو اعليٰ انسان هڪ شمع ٻاري جيڪا
شروع ۾، موجوده زماني جي ڪوتاهين ۽ انساني
تحقيق جي حدن تي روشني وجھي، پر پوءِ
اونداهيءَ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ کي چٽي طرح ظاهر ڪري
صاف صاف ڏيکاري. اهڙو محقق ئي ان جي لائق
ٿيندو، جو کيس ڪائنات جي مٿان انساني حڪومت
وڌائيندڙ يا انساني آزادي جو امام يا انسان
ذات کي غلام ڪندڙ ضرورتن جو خاتمو ڪندڙ، ڪري
سڏجي. تنهن کان سواءِ، مون پنهنجي پاڻ ۾ حق جي
فڪر لاءِ خاص رغبت ڏني. قدرت ۾ مشابهت ۽
هڪجھڙائي ڳولڻ لاءِ منهنجو دماغ نهايت وسيع هو
۽ قدرت ۾ باريڪ فرقن ڳولڻ لاءِ منهنجو دماغ
مستحڪم ۽ متوجهھ هو. مون کي تحقيق ڪرڻ جو جذبو
هو، صبر سان پنهنجي فيصلي کي روڪڻ جي قوت هئي،
خوشيءَ سان فڪر ڪرڻ جي طاقت هئي، خبرداريءَ
سان قبول ڪرڻ جي لياقت هئي، ڪوڙن اثرن کي درست
ڪرڻ جي خوبي هئي، ۽ سور سهي پنهنجن خيالن کي
سهيڙڻ جي صلاحيت هئي، چرين وانگر نين ڳالهين
پٺيان ڪاهجي نه پوندو هوس ۽ نه وري بغير جانچ
جوچ جي قيمتي ڳالهين تي عجب کائيندو هوس. ڪنهن
به قسم جي منافقيءَ کان آئون سخت نفرت ڪندو
هوس. انهن سببن ڪري مون سمجھيو، ته منهنجي
فطرت ۽ طبيعت جو سچ سان رشتو ۽ تعلق هو.
پر منهنجي پيدائش، منهنجي پرورش ۽ تعليم مون کي فلسفي طرف نه،
پر سياست طرف مائل ڪيو. ننڍپڻ کان وٺي مان
سياست ۾ رڱجي ويس. ٻين نوجوانن وانگر، منهنجي
دل ۾ به منهنجن سياسي عقيدن جوش ۽ ولولو پيدا
ڪيو. مون ائين به سمجھيو، ته سڀني فرضن کان
وڌيڪ اهم فرض آهي، پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪرڻ. سڀ
ڪنهن نوجوان تي پنهنجي وطن جو خاص فرض آهي.
آخر ۾ مون کي اها به اميد هئي، ته جيڪڏهن ملڪ
اندر مون کي ڪو عزت وارو عهدو مليو، ته پوءِ
مان پنهنجي علمي تحقيق لاءِ ڪافي مدد حاصل ڪري
سگهندس ۽ پنهنجو مقرر ڪيل مقصد مڪمل ڪري
سگهندس. انهن مقصدن سان مان سياسيت طرف متوجهھ
ٿيس.“
اوچتو 1579ع ۾ سرنڪولس بئڪن مري ويو. سندس ارادو هو، ته پنهنجي
پٽ کي ڪا جائداد وٺي ڏئي. پر موت سندس ارادن
تي پاڻي وجھي ڇڏيو. نوجوان مدبر کي فوراً لنڊن
واپس گهرايو ويو. هو هن وقت ارڙهن سالن جو هو،
يتيم ٿي چڪو هو ۽ پئسي پئسي لاءِ محتاج هو. ان
زماني جي رسم رواج مطابق هو عيش عشرت جو عادي
ٿي چڪو هو ۽ هاڻي سادگي اختيار ڪرڻ هن لاءِ
مشڪل ڳالھه هئي. هن وڪالت جو ڌنڌو شروع ڪيو ۽
پنهنجي هلندي پڄندي وارن عزيزن کي منٿ ڪيائين،
ته کيس ڪو سياسي عهدو وٺي ڏين، جيئن هو
اقتصادي انتظار مان لنگهي پار پوي. سندس خطن
جن ۾ هن منٿ هئي ان جو ڪوبه خاطر خواهه نتيجو
نه نڪتو، جيتوڻيڪ انهن ۾ بئڪن پنهنجي تحريري
نزاڪت ۽ قوت سان پنهنجي قابليت جو ڪافي ثبوت
ڏنو آهي. شايد بئڪن کي پنهنجي قابليت تي گهڻو
ناز هو ۽ ائين پئي سمجھيائين ته اعليٰ رتبو
سندس حق هو، تنهن ڪري برگلي
(Burghley)
جي دل تي ڪوبه خاص اثر نه ٿيو، يا شايد بئڪن
ان عزت واري امير ڏانهن زوردار لفظن ۾ پنهنجي
گذريل، موجوده ۽ آئنده وفاداريءَ جا گيت ڳائڻ
شروع ڪيا. سياست ۾ يا محبت ۾ پنهنجو سارو پاڻ
ٻئي ڪنهن کي سونپي ڇڏڻ مان ڪجھه ڪين ورندو،
هميشه پنهنجو ڪجهھ حصو قربان ڪرڻ گهرجي، پر
ڪنهن به وقت پنهنجو سڄو راز ڏيڻ نه گهرجي.
ڪنهن جي احسان جا گيت ڳائڻ معنيٰ ان ۾ اميد
آسرو رکڻ.
نيٺ وقت آيو، جو بئڪن سواءِ ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي مدد جي، اسرڻ
شروع ڪيو، پر هرهڪ قدم طئي ڪرڻ تي هن ڪيترائي
سال وڃايا. سن 1583ع ۾ هو ٽئانٽن
(Tauton)
جي تڪ مان پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو. پنهنجي
تڪ وارن لاءِ هو اهڙو ته مقبول ٿيو، جو هرهڪ
چونڊ ۾ هن جي چونڊ ڪئي وئي. تقرير ڪرڻ وقت هو
شائستگي، ۽ نرم مزاجي جو مالڪ هو، سواءِ ڪنهن
ظاهري ڏيک جي، هو هڪ فصيح ۽ بليغ مقرر هو. بين
جانسن
(Ben Jonson)
چيو آهي ته: ”ڪنهن به ماڻهوءَ ڪڏهن اهڙي
صفائي، تُزبياني ۽ سنجيدگيءَ سان تقرير نه
ڪئي. سندس گفتار ۾ ڪنهن به قسم جي هلڪڙائي ۽
ڪاهلي ڪانه هئي. سندس تقرير جي هرهڪ جزي کي
پنهنجي پنهنجي خوبي ۽ نزاڪت هوندي هئي. سندس
ٻڌندڙ ڪڏهن به کنگهندا يا ٻئي پاسي نهاريندا
ڪونه هئا، ته متان هو سندس تقرير جي فيض کان
محروم رهجي وڃن. ڳالهائڻ شرط پنهنجي ٻڌندڙن جي
دلين تي قبضو ٿي ڪيائين، سندس جذبا هن جي هٿ
وس هئا. هرهڪ ٻڌندڙ کي ڊپ اهو هوندو هو، ته
متان هو پنهنجي تقرير ختم ڪري. “
بيشڪ هو قابل فخر ۽ رشڪ ڏياريندڙ مقرر هو.
هڪ اثر رسوخ رکندڙ دوست هن سان سخاوت ڪئي. اهو ارل آف اسيڪس
(Earl of Essex) هو، جنهن سان راڻي ايلزابيٿ محبت ڪندي هئي، پر محبت ناڪام ٿيڻ
ڪري ساڻس نفرت ڪرڻ لڳي. سن 1595ع ۾ اسيڪس،
بئڪن کي سياسي عهدي وٺي ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيو، ان
جي عيوضي ۾ کيس ٽوڪن هام
(Twickenham)
جي خوبصورت جائداد تحفي طور ڏني. اهو هڪ
شاندار تحفو هو. جنهن لاءِ بئڪن سڄي عمر شايد
سندس احسان مند ٿي رهي ها، پر ائين نه ٿيو،
ڪجهھ سالن کان پوءِ، اسيڪس راڻيءَ کي قيد ڪرڻ
لاءِ منصوبو رٿيو ۽ سندس جانشين مقرر ڪرڻ جون
رٿون ٺاهڻ شروع ڪيون. بئڪن پنهنجي محسن ڏانهن
هڪ پٺيان ٻيو خط لکيو، ته هو راڻيءَ سان غداري
نه ڪري، پر جڏهن هو نه مُڙيو، تڏهن بئڪن اسيڪس
کي خبردار ڪيو ته کيس پنهنجي محسن لاءِ
شڪرگذاري کان وڌيڪ راڻيءَ جي وفاداريءَ جو
احساس آهي. اسيڪس پنهنجو داءُ لڳايو، پر
هاريائين ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو. بئڪن راڻيءَ
کي پنهنجي دوست لاءِ لڳاتار ايتري ته منٿ ڪئي،
جو راڻيءَ آخرڪار ڪَڪَ ٿي چيس، ته ٻي ڪا ڳالھه
ڪر. جڏهن اسيڪس کي عارضي طور آزاد ڪيو ويو ۽
هن لشڪر گڏ ڪري لنڊن تي ڪاهه ڪئي، تڏهن بئڪن
سندس جاني دشمن ٿي پيو. انهيءَ عرصي ۾ بئن کي
سرڪاري قانوني مشير مقرر ڪيو ويو. جڏهن اسيڪس
کي وري گرفتار ڪيو ويو ۽ غداري لاءِ مٿس مقدمو
هلايو ويو، تڏهن بئڪن سندس خلاف قانوني
ڪاروائي ۾ سرگرم حصو ورتو.
اسيڪس کي ڪورٽ ڏوهي ٺهرايو ۽ کيس موت جي سزا ڏني وئي. ان مقدمي
۾ حصو وٺڻ ڪري، بئڪن ڪجهھ عرصي لاءِ عوام ۾
نامقبول ٿي پيو. ان وقت کان وٺي سندس دشمن
موقعي جي تاڙ ۾ رهيا، جيئن هو کيس ختم ڪن.
انهن سندس پرعزم هجڻ ڪري، کيس آرام ڪرڻ نه
ڏنو. بئڪن هميشه غير مطمئن رهيو. ظاهري ٺاهه
ٺوهه ۽ شان شوڪت قائم رکڻ ڪري هميش قرض ۾
مبتلا هوندو هو. جڏهن 45 ورهين جي عمر ۾ هن
شادي ڪئي، تڏهن رسم ۽ رواج جي دٻدٻي تي ايترو
ته پيسو خرچ ڪيائين، جو سندس زال کي مليل ڏاج
جو وڏو حصو ان ۾ ختم ٿي ويو. سن 1598ع ۾ هن کي
قرض جي سبب گرفتار ڪيو ويو. انهن سڀني مصيبتن
جي باوجود ترقي ڪندو رهيو. سندس گوناگون
قابليت ۽ بي انتها علم کيس هر مُکي ڪاميٽيءَ
جو اهم ميمبر بنايو. آهستي آهستي وڏا عهدا هن
لاءِ کليل ڇڏيا ويا. سن 1606ع ۾ هن کي سالسٽر
جنرل
(Solicitor General)
ڪيو ويو ۽ 1613ع ۾ هن کي اٽارني جنرل
(Attorney General) ڪيو ويو. سن 1618ع ۾ ستونجاهه سالن جي ڄمار ۾ لارڊ چانسيلر
(Lord Chancellor)
مقرر ٿيو.
بئڪن جا مضمون
The Essays of Bacon
ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته ڄڻ بئڪن جو عروج، افلاطون جي فلسفي
بادشاهه واري نظرئي جي تائيد ڪري رهيو هو.
مرحليوار جئين هو سياسي اقتدار حاصل ڪري رهيو
هو، تئين هو فلسفي جي بلندي به طئي ڪري رهيو
هو. اها اعتبار جوڳي ڳالهھ نٿي لڳي، ته سندس
وسيع علمي ۽ ادبي ڪاميابيون، سندس گهڻ رخي بي
ترتيب سياسي زندگيءَ جو فقط هڪ اتفاق هئا.
سندس زندگيءَ جو اصول هو ته بهترين زندگي،
اندروني زندگي آهي
(Bene vixit qui bene latuit)
پر هو فيصلو ڪري نه سگهيو، ته حقيقت ۾ کيس غور
۽ فڪر جي زندگي وڌيڪ پسند هئي يا سياسي
سرگرميءَ جي. سندس خواهش هئي، ته هو سينيڪا
(Seneca)
وانگر سياسي مدبر هئڻ جي باوجود فلسفي به هجي.
جيتوڻيڪ کيس ڊپ هو، ته کيس ٻئي گدرا مٺ ۾ نه
ايندا. هو لکي ٿو، ته اهو چوڻ مشڪل آهي، ته
ذهني ترقي جي راهه ۾ رنڊڪ فڪري ۽ عملي زندگيءَ
جو ميلاپ آهي يا فقط فڪري زندگيءَ تي گذارو،
هن محسوس ڪيو، ته فقط علمي ڪاميابيءَ ۾ ڏاهپ
سمايل نه آهي. علم جنهن مان ڪو ڪم يا فائدو نه
ٿو ورتو وڃي، سو فقط مدرسيت
(Scholasticism)
فخر ۽ غرور جو سبب بڻجيو پوي. ”علمي ڪاميابيءَ
تي ضرورت کان وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ ڪاهلي آهي.
علمي ڪاميابيءَ کي ضرورت کان وڌيڪ زيورن وانگر
استعمال ڪرڻ مصنوعي نمائش آهي. فقط علمي قاعدن
قانونن مطابق فيصلو ڪرڻ، هڪ عالم جومزاج
آهي... چالاڪ ماڻهو علمي مطالعي کي ڌڪاريندا
آهن، سادا ماڻهو ان جي ساراهه ڪندا آهن، پر
عقل وارا ان کي استعمال ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته
علم پنهجو استعمال نه سيکاريندو آهي، پر اها
هڪ ڏاهپ آهي، جا عقلمند، تحقيق ڪري حاصل ڪندا
آهن.“ اهڙي قسم جا گفتا مدرسيت جو خاتمو ڪن
ٿا. مدرسيت
(Scholasticism)
جو مطلب آهي، علم جي عمل ۽ مشاهدي کان بلڪل
علحده ڪرڻ. بئڪن آزمودي ۽ نتيجن تي وڌيڪ زور
ڏنو. جنهن ڪري انگريزي فلسفي هڪ نئين راهه
اختيار ڪئي ۽ آخرڪار نتيجي جي حد تائين وڃي
پهتو. پر ان جو مطلب اهو نه آهي، ته بئڪن کي
ڪتابن ۽ فڪر سان محبت گهٽجي ويئي. سندس هي لفظ
اسان کي سقراط ياد ڏيارين ٿا: ”مون وٽ فلسفي
بغير زندگي گذارڻ بي معنيٰ آهي.“ هو اعتراف
ڪري ٿو، ته قدرت کيس علم ۽ ادب لاءِ خاص ڏات
عطا ڪئي هئي پر مقدر کيس سندس ذاتي لاڙي کان
هٽائي، سرگرم سياسي زندگيءَ ۾ بهرو وٺڻ لاءِ
مجبور ڪيو. هن جي پهرين تصنيف جو نالو هو ”علم
جي ساراهه
(The Praise of Knowledge)“ جنهن جو هيءُ ٽڪرو قابل ذڪر آهي:
”مان ذهن جي تعريف ڪريان ٿو. ذهن ئي انسان جي قابليت جو اظهار
ڪري ٿو. علم معنيٰ ذهن ۽ ذهن معنيٰ علم. تنهن
ڪري انسان جي ڏاهپ جو دارومدار سندس ذهن تي
آهي. محبتي جذبن جا مزا حواسن جي مزن کان بهتر
آهن، پر ذهني مزا سڀني کان مٿاهان آهن. ذهني
راحت ئي هڪ سچي ۽ فطري خوشي آهي، جنهن مان
ڪڏهن به انسان نه ٿو ڍاپي. علم، ذهني مونجھاري
کي هٽائي ٿو. ڪيتريون اهڙيون شيون آهن، جن کي
حقيقي وجود آهي، اهو اسان جو وهم آهي، ته اهي
آهن ئي نه. ڪيتريون شيون اهڙيون آهن.، جن جي
اسين ضرورت کان وڌيڪ قدرت ۽ قيمت ڪريون ٿا.
اهي اجايا وهم ۽ وسوسا ۽ ناموزون قدر ۽ قيمت،
غلطيءَ جا ڪارا ڪڪر آهن، جيڪي مونجھاري جي
طوفان ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. پوءِ اهڙي ڪا ٻي
راحت ٿي سگهي ٿي، جتي انساني ذهن، شين جي
مونجھاري کان بلند جڳهه حاصل ڪري، جتي هو
قدرتي نظام جو احترام ڪري ۽ انساني غلطين کي
پوري طرح پروڙي؟ ڇا راحت فقط هڪ ئي قسم جي
آهي؟ ڇا جستجو ۽ انڪشاف ۾ راحت ڪانه آهي؟ ڇا
انساني خوشيءَ جو راز صرف قناعت ۾ ئي آهي ۽
فائدي حاصل ڪرڻ ۾ نه آهي؟ ڇا اسان قدت جي دڪان
جي صرف سونهن ئي ڏسنداسون ۽ سندس دولت کي
نظرانداز ڪنداسون؟ ڇا سچ غير آباد ۽ ڦلدائڪ نه
آهي. ڇا علمي حاصلات کان پوءِ اسان سٺو لاب نه
لڻنداسون ۽ انساني زندگيءَ کي لامحدود ساز ۽
سامان سان مالامال نه ڪنداسون؟“
سندس پهرين ادبي تصنيف ”مضمون“ (1597- 1623ع) به سندس سياست سان
چاهه ۽ فلسفي سان محبت ڏيکاري ٿي. پنهنجي هڪ
مضمون ”عزت ۽ ناموس“ ۾ هو عزت جا سڀ رتبا
سياسي ۽ فوجي ڪاميابيءَ تائين محدود ڪري ٿو،
ڄڻ ته علمي ۽ ادبي خدمتون عزت جي لائق ئي نه
آهن. پر هڪ ٻئي مضمون ”سچ“ ۾ لکي ٿو، ته ”سچ
جي جستجو معنيٰ ان سان محبت، سچ جي علمي معنيٰ
ان جي تعريف، سچ ۾ اعتقاد معنيٰ ان مان راحت
وٺڻ. اهي سڀ انساني فطرت جا اعليٰ اخلاق آهن.“
وري فرمائي ٿو، ته ڪتابن ۾ اسان عقلمندن سان
گفتگو ڪريون ٿا ۽ عملي زندگيءَ ۾ اسان بيوقوفن
سان واسطو رکون ٿا. ڪتابن مان پورو فائدو ان
صورت ۾ وٺي سگهبو، جڏهن اسان کي چونڊ ڪرڻ جي
قابليت هجي. ”ڪي ڪتاب فقط چکڻ لاءِ آهن، ڪي
ڳڙڪائڻ لاءِ ۽ ڪي ٿورا چٻاڙڻ ۽ هضم ڪرڻ لاءِ
آهن.“ ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي، ته ڪتابن جا اهي
گروهه، انهيءَ مس جي سمنڊ ۽ آبشار جو هڪ ننڍو
ذرو آهن، جنهن سان هر روز دنيا کي غسل ڏنو وڃي
ٿو، زهر ڏنو وڃي ٿو ۽ ٻوڙيو وڃي ٿو.
يقينن سندس ”مضمون“ انهن چند ڪتابن مان آهن، جيڪي چٻاڙڻ ۽ هضم
ڪرڻ جي لائق آهن. هڪ نهايت ننڍي رڪابيءَ ۾
اعليٰ طريقي سان تيار ڪيل ۽ خوش ذائقه طعام
رکيو ويو آهي. بئڪن پنهنجي تحرير ۾ بيڪار ۽ بي
مطلب لفظن جي ڀرتي نٿو ڪري، هو ڪنهن به لفظ کي
ضايع ڪرڻ نٿو گهري، هڪ ئي ننڍڙي اصطلاح ۾ هو
لامحددو دولت آڇي ٿو، هر هڪ مضمون هڪ يا ٻن
صفحن ۾ زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن اهم مرحلي تي،
ڪنهن جڳ گهميل فلسفي جا ڇنڊ ڇاڻ ڪيل ويچار پيش
ڪري ٿو.
اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل آهي، ته مواد وڌيڪ اوچو آهي يا طرز. نثر ۾
هيءَ گفتار اهڙي اعليٰ آهي، جهڙي شيڪسپيئر جي
نظم ۾. مضبوط ٽئسيٽس
(Taciutus)
جي طرز وانگر سندس طرز به پختي، پر نرم مزاج
آهي. لئٽن جا محاورا ۽ اصطلاح نهايت مهارت سان
انگريزي زبان اندر جذب ڪري ٿو، تنهن ڪري سندس
طرز ۾ خوبصورتي آهي. پر سندس تمثيل ۽ استعاري
جي دولت جاڳرتا جي دؤر جي رنگيني، گوناگوني ۽
جڙاوت جي هڪ جھلڪ پيش ڪري ٿي. بي انداز مثالن،
تشبيهن، استعارن ۽ حوالن جي جهرمر اسان جي
دماغن کي ٿڪائي ڇڏي ٿي. سندس ”مضمون“ طاقتور،
پر دير هضم طعام وانگر آهن، جن کي يڪدم گهڻي
انداز ۾ هضم ڪرڻ محال آهي، پر جيڪڏهن هڪ وقت
ٽي يا چار واپرائيندسون، ته بهترين دماغي
خوراڪ حاصل ڪنداسون.
هن جي ڏاهپ ڳر ۽ جوهر آهي، ان مان اسين ڪهڙي ڳر کي بيان ڪريون؟
شايد هن طرح شروعات ڪرڻ بهتر ٿيندو، ته بئڪن
ڪيئن ايتري قدر ايپيڪيورين اخلاق کي ڀليڪار
ڪيو ۽ هن ڪيئن قرون وسطيٰ جي فلسفي جي نمونن ۽
طريقن کان منهن موڙيو. هن سمجھيو، ته فلسفي جو
هيءَ نڪتو ته اهونه ڪريو جنهن جي توهان کي
خواهش نه آهي ۽ جنهن مان توهان کي ڊپ آهي، اها
خواهش نه ڪريو، اها ڪمزور بي همت ۽ بزدل ذهن
جي نشاني آهي. درحقيقت فلسفين جا ڪيترا نظريا
بي اعتباريءَ سان ڀريل محسوس ٿين ٿا، ۽ شين جي
گهرج جي بجاءِ انسان ذات جي سنڀال تي توجهه
ڏين ٿا. ان ريت موت جي مقابلي ۾ قسمين قسمين
جا علاج پيش ڪري پاڻ موت جو ڊپ وڌائين ٿا.
انهن لاءِ زندگيءَ جو مقصد، سوا ان جي ٻيو
ڪوبه نه آهي ته موت لاءِ تياري ۽ ضابطو ڪجي.
جڏهن دشمن خلاف بچاءَ جون رٿون بي انتها آهن،
تڏهن دشمن کي ضرور ڀيانڪ سمجھيو ويندو. صحت
لاءِ اهڙي ڪابه نقصانڪار شيءِ نه آهي، جهڙو
اسٽائڪ وارو خواهش جي روڪ جو نظريو. ان ڊگهي
زندگيءَ مان ڪهڙو فائدو، جنهن کي بي حسي اڳي
ئي موت کان اڳ ماري ڇڏيو آهي. فلسفو ناممڪن
آهي، ڇاڪاڻ ته اندروني جلبت ضرور پنهنجو پاڻ
ظاهر ڪندي. ”فطرت گهڻو ڪري ڳجھي رکي ويندي
آهي، ڪڏهن ڪڏهن غلام ڪئي ويندي آهي، اها ڪڏهن
ڪڏهن پاڻ کي ظاهر ڪندي آهي. ڪنهن به قسم جو
جبر، فطرت ۾ وڌيڪ شدت آڻيندو آهي. واغظ ۽
تقريرون فطرت جو تشدد گهٽائينديون آهن، پر فقط
رسمون فطرت کي ڦيرائينديون يا غلام ڪنديون
آهن. پر ڪنهن به انسان کي پنهنجي فطرت تي غالب
پوڻ ڪري ڦونڊجي وڃڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته فطرت
توڙي گهڻو وقت دفل ٿيل رهندي، پر تنهن هوندي،
به موقعي تي يا لالچ تي وري زنده ٿي اٿندي.
ايسپ
(Aesop)
جي ڏند ڪٿا مطابق فطرت ان عورت وانگر آهي،
جنهن کي ٻليءَ مان عورت بڻايو ويو. ايستائين
اها عورت کاڌي ميز وٽ خاموش ويٺي هئي.
جيستائين سندس نظر هڪ ڪوئي تي وڃي پئي، پوءِ
يڪدم سندس اصلي جبلت تحرڪ ۾ آئي. تنهن ڪري يا
ته انسان کي اهڙن موقعن کان پري ڀڄڻ گهرجي يا
ته وري دنياوي مزن ۾ پاڻ کي ايترو ته گم ڪري
ڇڏڻ گهرجي، جو اهي سندس دل ۾ ڇڪ پيدا ڪري نه
سگهن. “ حقيقت ۾ بئڪن سمجھي ٿو، ته جسم کي عيس
عشرت جو عادي ڪرڻ سان گڏوگڏ، کيس ضبط ۽
پابنديءَ طرف پڻ هيرائجي، ٻي صورت ۾ ڇڙواڳيءَ
جي هڪ گهڙي به کيس شايد تباهه ڪري ڇڏي. ساڳئي
طرح جيڪڏهن ڪو ماڻهو نهايت پاڪ ۽ هاضميدار غذا
جو عادي ٿي چڪو آهي، ته پوءِ هو جڏهن
لاغرضائيءَ يا ضرورت سبب پنهنجي مڪمل طرز ۽
طريقي کان گمراهه ٿي وڃي ٿو، تڏهن کيس سخت
پريشان ٿيڻو پوي ٿو. تنهن هوندي به قسمين
قسمين سواد وٺڻ کان بهتر آهي، ته ڍاپجي ڍيري
ٿي پئجي. جڏهن فطري قوت، جوانيءَ ۾ ئي ختم ڪري
وڃي ٿي ۽ وڏي عمر تائين برقرار نٿي رهي. تڏهن
پيريءَ ۾ ماڻهو نوجوانيءَ جي قيمت ادا ڪري ٿو.
صحت جو هڪ اهم اصول آهي، پنهنجو باغ پنهنجن
هٿن سان پوکڻ. بائيبل ۾ لکيل آهي ته الله
تعاليٰ پهريائين باغ پوکيو. ان ڳالهھ ۾ بئڪن
والٽيئر سان پڻ متفق راءِ آهي، جيڪو پڻ پنهنجي
گهر جي پوئين اڱڻ ۾ باغ پوکڻ جي هدايت ڪري ٿو.
سندس ”مضمون“ جي اخلاقي فلسفي مان عيسائيت جي نه پر مئڪاوليءَ
(Machiavelli)
جي بوءِ اچي ٿي. ظاهريءَ طور تي هو عيسائيت جو
احترام ڪري ٿو، پر وري چئي ٿو ته ”اسان
مئڪاولي ۽ اهڙن ٻين مصنفن جا تمام گهڻا شڪر
گذار آهيون، جن کلايو ظاهر ڪيو، ته انسان
حقيقت ۾ ڇا ڪري رهيا آهن ۽ کين جيڪو ڪرڻ
گهرجي، اهو نه ڪري رهيا آهن. اهو ناممڪن آهي،
جو هڪ نانگ جي ڏاهپ کي هڪ ڳيري جي معصوميت سان
ملائجي، جيستائين اسان کي بديءَ جي فطرت جو
اڳي ئي علم نه آهي، بدي جي ڄاڻ کان سواءِ نيڪي
خطري سان وڪوڙيل آهي ۽ سندس ڪوبه نگهبان ڪونه
آهي.“
”اٽليءَ جي رهاڪن جو هڪ ناخوشگوار قول آهي ته فلاڻو ايترو ته
نيڪ آهي جو بلڪل بيڪار بڻجي پيو آهي.
“(Tanto boun che val niente)
بئڪن پنهنجي تبليغ کي پنهنجي عمل مطابق بڻائي ٿو ۽ نصيحت ٿو
ڪري، ته عقلمنديءَ سان مڪاريءَ کي ايماندريءَ
سان ملائجي، جيئن سون کي ٽامي سان ملائي ان
مان زيور ٺاهبا آهن، ته گهڻو وقت جٽاءُ ڪن. هو
چاهي ٿو ته زندگيءَ ۾ طرحين طرحين جا ڪم ڪجن ۽
هر شيءِ ۾ آساني حاصل ڪجي، جيڪا اسان جي دماغ
کي ڪشادگي، گهرائي، قوتمند ۽ تيز بڻائي سگهي،
محض فڪر ۾ غلطان ٿيڻ کيس پسند نه آهي. گوئٽي
(Goethe)
وانگر هو ان علم سان نفرت ڪري ٿو، جيڪو عمل
طرف مائل نٿو ڪري. ”انسانن کي ذهن نشين ڪرڻ
گهرجي، ته انساني زندگيءَ جي ناٽڪ گهر ۾ صرف
ديوتا ۽ فرشتا تماشو ڏسندڙ آهن، سڀ انسان
اداڪار آهن.“
سندس مذهب محب الوطنيءَ جي لحاظ کان بادشاهه وانگر آهي. جيتوڻيڪ
ڪيترا دفعا هن تي دهريت جو الزام مڙهيو ويو ۽
سندس فلسفي جو سڄو لاڙو لامذهبيت
(Secular)
۽ عقليت
(Rationalistic)
جي طرز وارو هو، پر تنهن هوندي به هو ڪفر ۽
شرڪ جي پرزور لفظن ۾ ترديد ڪري ٿو. ”مان
جيڪڏهن توريت
(Talmud)
۽ قرآن
(Al-Quran)
جي قصن ۽ ڏند ڪٿائن کي مڃان، پر تڏهن به ان
ڳالهھ مڃڻ کان قاصر آهيان ته هيءُ ڪائناتي
نظام سواءِ ڪنهن دماغ جي آهي. ابتدائي دور ۾
فلسفو انساني ذهن کي دهريت
(Atheism)
طرف مائل ڪري ٿو، پر فلسفي جي گهرائي انساني
عقل کي وري مذهب طرف ورائي ٿي. انساني عقل
گهڻو ڪري ثانوي سبب بي ترتيب ٿيل ڏسي ٿو ۽
ڪجهھ وقت راضي ٿي وڃي ٿو ۽ وڌيڪ جانچ نه ٿو
ڪري، پر جڏهن هو انهن سببن جي مڪمل زنجير ڏسي
ٿو، تڏهن ئي خدا جي وجود طرف ڊوڙي ٿو،“ فرقن
جي وڌڻ ڪري مذهبي فرق پيدا ٿئي ٿو. ”مذهب ۾
فرقا جيڪڏهن گهڻا آهن ته دهريت
(Atheism)
جا سبب آهن، هرهڪ فرقو ٻنهي ڌرين ۾ جوش پيدا
ڪري ٿو، پر حد کان وڌيڪ فرقا دهريت پيدا ڪن
ٿا، آخر ۾ امن ۽ خوشحالي وارو وقت اچي ٿو،
جنهن ۾ ڪيترا عالم پيدا ٿين ٿا مفلسي ۽ تنگ
حالي جي مسئلن ڪري، انساني دماغن کي مذهب طرف
موڙي ٿو.“
بئڪن جو اهم ڪم مذهبيت يا اخلاقيت ۾ نه آهي، پر نفسيات ۾ آهي.
انساني فطرت جو تجزيو
(Analyse)
ڪرڻ ۾ ڪڏهن به دوکو نٿو کائي. ڪنهن به پراڻي
موضوع تي نهايت صاف ۽ حقيقت بيانيءَ سان خيال
پيش ڪري ٿو ۽ دماغ کي تازگي بخشي ٿو. ”شاديءَ
ٿيل مرد پهرئين ئي ڏينهن پنهنجن سوچن ۾ ست سال
ٻڍو ٿي وڃي ٿو.“
اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي، ته خراب مڙسن کي نيڪ
زالون هونديون آهن.“ ”پادرين لاءِ اڪيلائيءَ
واري زندگي بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته شادي شده مرد
جو محبت ۽ سخاوت وارو جذبو محض ازدواجي
زندگيءَ تائين محدود آهي... جنهن مرد کي زال ۽
ٻار آهن، تنهن ڄڻ ته نصيب سان وير پاتو. ڇاڪاڻ
ته ٻار ٻچا زندگيءَ جي عظيم مهمن ۾ رنڊڪون
آهن. ڀلي اهي مهمون نيڪيءَ تي دارومدار رکندا
هجن يا شرارت تي.“
شايد بئڪن ايتري ته محنت ڪئي جو کيس محبت ڪرڻ
جو وقت ئي نه مليو ۽ محبت جي اونهاين کي ڪڏهن
به محسوس نه ڪيو ”ڪڏهن به ڪنهن مغرور انسان
پاڻ کي بي عقليءَ سبب ايترو پسند نه ڪيو،
جيترو ڪو عاشق پنهنجي محبوب کي پسند ڪري ٿو.
دنيا جون جيڪي به قابل فخر ۽ عظيم هستيون ٿي
چڪيون آهن، انهن مان هڪ به اهڙي هستي نه آهي،
جيڪا محبت جي جذبي اثر ڪري مستاني ٿي وڃي. ان
مان صاف ظاهر آهي ته عظيم هستيون ۽ ڪاروباري
رهبر هميشه ان ڪمزور جذبي کان آزاد رهيا آهن.“
محبت کان وڌيڪ هو دوستيءَ جو قدر ڪري ٿو، جيتوڻيڪ هو دوستيءَ کي
به مشڪوڪ نگاهن سان ڏسي ٿو. ”دنيا ۾ دوستي
تمام ٿوري آهي. برابريءَ جي رتبي وارن ۾ اڪثر
ڪري دوستيءَ جو مبالغو ڪيو ويندو آهي، پر هن
وقت ته انهن ۾ دوستي بنهه ڪانه رهي آهي. اعليٰ
۽ هيٺئين طبقي وارن جي وچ ۾ البت دوستي موجود،
جيڪي هڪ ٻئي کان آسانيءَ سان سمجھي سگهن ٿا...
دوستيءَ جو مکيه ميوو آهي، دلي جذبن جي جوش ۽
خروش جي ڪري دلي تسڪين ۽ راحت حاصل ڪرڻ آهي.“
دوست هڪ ڪَنُ جيان آهي. ”جن کي پنهنجي دلين جا
راز سلڻ لاءِ دوست ڪونه آهي، سي هر وقت
پنهنجين دلين کي کائي رهيا آهن. جنهن جي ذهن
تي خيالن گهڻائي سان حملو ڪر ڻ شروع ڪيو آهي،
تنهن کي گهرجي ته پنهنجي دوست سان گفتگو ڪري،
پنهنجا خيال بيان ڪري ۽ پنهنجي سوچن ۽ ارادن
کي چٽو ۽ واضح ڪري. دوست موجود هئڻ جي حالت ۾
ماڻهو سولائيءَ سان پنهنجا خيال اٿلائي پٿلائي
سگهي ٿو ۽ منجھن ترتيب پيدا ڪري سگهي ٿو.
ماڻهو ڏسي سگهي ٿو، ته سندس خيال ٻين کي ڪيئن
نظر اچي رهيا آهن ۽ ڪيئن لفظي پوشاڪ پهري رهيا
آهن. آخرڪار ماڻهو عقل وارو ٿئي ٿو. هڪ ڪلاڪ
جي گفتگو سڄي ڏينهن جي فڪر کان وڌيڪ ان جي عقل
۾ اضافو ڪري ٿي.
پنهنجي مضمون ”جواني ۽ ٻڍاپڻ“ ۾ ته هن سڄو ڪتاب هڪ ٽڪري ۾
قلمبند ڪيو آهي. ”نوجوان شين جي جانچ ڪرڻ جي
ڀيٽ ۾ ايجاد ڪرڻ واري ڪم لاءِ بهتر آهن. صلاح
مصلحت ڪرڻ کان سواءِ وڌيڪ ڪاروائي ڪرڻ جا
ڪوڏيا آهن، ٺهيل ٺڪيل ڪاروبار هلائڻ کان وڌيڪ
نيون رٿائون جوڙڻ جا شوقين آهن. ٻڍائپ ۾ شين
جي رهنمائي ٻڍائپ جو تجربو ئي ڪري سگهندو، پر
نين شين ۽ نون معاملن ۾ ٻڍن جو دخل نقصان ڪار
ثابت ٿيندو. نوجوان، ڪمن جي ڪرڻ ۽ انتطام ۾
پنهنجي وت کان وڌيڪ شين کي ڀاڪر پائن ٿا.
ايترو ته جوش ۽ خروش پيدا ڪن ٿا، جو وري
خاموشي ۽ سڪون پيدا ڪرڻ انهن لاءِ مشڪل ڳالھه
ٿيو پوي. هو آخر تائين پهچڻ ۾ ايتري ته تيزي
ڪن ٿا، جو طريقن ۽ ذريعن جي ڪابه سوچ سمجھه
نٿا رکن. هو انهن چند اصولن جي پوئواري ڪن ٿا،
جيڪي سندن ننڍن دماغن ۾ اتفاق سان سانڍيل آهن،
نين ڳالهين پيش ڪرڻ ۾ غير سنجيدگي اختيار ڪن
ٿا. جنهن ڪري کين ڪيترين ئي پريشانين جو
مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. وڏي عمر وارا ماڻهو ڪنهن
به معاملي ۾ حد کان شڪ شبها ڪن ٿا، حد کان
وڌيڪ صلاح مصلحت ڪن ٿا، اهي جوکائتي ڪم ڪرڻ جا
عادي نه آهن. اهي يڪدم پڇتاءُ ظاهر ڪن ٿا. اهي
ڪاروبار کي آخرين منزل تائين نٿا پهچائن. پر
رواجي ڪاميابيءَ تي راضي ٿي وڃن ٿا. يقيناً
اهو بهتر ٿيندو، ته ٻئي گڏجي ڪم ڪن، ته جيئن
نوجوانن جون خوبيون ٻڍن جي ڪمزورين کي درست ڪن
۽ ٻڍن جون خوبيون نوجوانن جي ڪمزورين کي دور
ڪن.“ سندس رايو آهي، ته جيڪڏهن نوجوانن کي ۽
ٻارن کي کلي آزادي ڏبي، ته هو ڇڙواڳ ۽ ڪاهل ٿي
پوندا. ”والدين کي گهرجي، ته ٻالڪپڻ واري عرصي
۾ ئي پنهنجي ٻارن جي مشغلن ۽ نصاب جي چونڊ ڪن،
ڇاڪاڻ ته ٻالڪپڻ واري ڄمار ۾ ٻارن جي ذهن کي
هر طرف موڙي سگهبو. ٻارن کي سندن دلي لاڙن طرف
ڇوٽ ڇڏي نه ڏجي. درحقيقت جيڪڏهن ڪنهن ٻار جي
رغبت يا قابليت غير رواجي آهي، ته پوءِ اهو
بهتر ٿيندو ته ان جي مخالفت نه ڪجي. پر عام
طرح فيثاغورث جي نصيت ڪم ايندي، ته ”بهترين
شيءِ چونڊيو، پوءِ رسم پاڻهي ان کي خوشگوار ۽
آسان بڻائيندي.“
ڇاڪاڻ ته رسم انسان جي زندگيءَ ۾ هڪ مکيه حاڪم
جي حيثيت رکي ٿي.
”مضمونن“ ۾ سيکاريل سياست قدامت پسنديءَ ڏانهن لاڙو رکي ٿي.
ڇاڪاڻ ته قدامت پسندي ان شخص لاءِ بلڪل قدرتي
آهي، جيڪو حڪومت ڪرڻ چاهي ٿو. بئڪن هڪ مضبوط
مرڪزي طاقت قائم ڪرڻ گهري ٿو. هن لاءِ بادشاهي
حڪومت بهتر آهي. حڪومت جي قابليت طاقت جي جمع
هئڻ تي دارومدار رکي ٿي. حڪومت جي ڪاروبار ۾
ٽي خاص نڪتا آهن: 1. تياري [رٿا جي تياري]، 2.
بحث مباحثو/آزمائش [رٿا تي بحث]، 3. ڪامل
بنائڻ [رٿا تي عمل درآمد ڪرائڻ] جيڪڏهن توهان
ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ چاهيو ٿا، ته وچون ڪم
گهڻن کي ڏيو، پهريون ۽ پويون ڪجهھ ماهر فردن
جي حوالي ڪيو. هو صاف لفظن ۾ فوجي نظام جي
حمايت ڪري ٿو. صنعت ۽ ڪارخانن جي واڌ کي هو
مايوسيءَ سان ڏسي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهن مان
فوجي لياقتون کسي وٺن ٿا. هو ديرپا صلح تي غم
جو اظهار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته جنگي جوڌا ان زماني
۾ پنڪيون کائن ٿا. پر ان هوندي به هو ڪچي مال
جي اهميت محسوس ڪري ٿو. ”سولن
(Solon)؛
ڪروسس
(Croesus)
کي ٺيڪ چيو جڏهن ڪروسس نمائش خاطر هن کي
پنهنجو سون ڏيکاريو: ”سائين جيڪڏهن ٻيو ڪو
پيدا ٿئي، جيڪو توهان کان وڌيڪ طاقتور هجي، ته
اهو هن سڄي سون جو مالڪ ٿي پوندو.“
ارسطو وانگر هن وٽ پڻ انقلابن کي روڪڻ لاءِ اپاءَ ۽ تدبيرون
هيون. ”فتنن کي روڪڻ جو بهترين طريقو آهي،
انهن جي سببن کي دور ڪرڻ، جيڪڏهن [ماڻهن جي
دلين ۾] بارود تيار ٿي ويو آهي، ته پوءِ اها
اڳڪٿي ڪرڻ ڏکي آهي، ته ڪٿان ان کي تيلي لڳندي
۽ باهه جو ڀنڀٽ پيدا ٿيندو. نه وري ماڻهن جي
آواز کي سختي سان روڪي مشڪل دور ڪري سگهبو.
فتني فساد جا ٻه ڪارڻ آهن. گهڻي غربت ۽ عوام ۾
ناراضپو. جيڪڏهن مذهب ۾ اضافا ڪيا وڃن ٿا، يا
ماڻهن تي اجايا سجايا ٽيڪس مڙهيا وڃن ٿا، يا
قائدا قانون ۽ ريتون رسمون طاقت جي زور تي
ڦيرايون وڃن ٿيون، يا ماڻهن جا حق کسيا وڃن
ٿا، يا ظم زبردستيءَ کان ڪم ورتو وڃي ٿو، يا
نااهل ۽ غير ماڻهن کي ورسايو وڃي ٿو، يا ملڪ ۾
ضروري شيون ميسر ٿي نه ٿيون سگهن، يا سپاهين
کي ملازمتن مان خارج ڪيو وڃي ٿو، يا مختلف
فرقا ۽ گروهه هڪ ٻئي جا جاني دشمن ٿي پون ٿا،
يا اهڙي ٻي ڪا ڳالهھ ٿئي ٿي، جيڪا ماڻهن کي
حڪومت خلاف فتني پيدا ڪرڻ ۾ متحد ڪري ٿي، ته
پوءِ ان حالت ۾ فساد ٿيڻ لازمي آهي. اهڙي حالت
۾ حاڪم کي گهرجي، ته پنهنجي دشمنن ۾ ڦڙڦوٽ
وجھي ۽ پنهنجن دوستن کي جمع ڪري. حقيقت ۾
حڪومت خلاف جيڪي به گروهه پيدا ٿين ٿا، تن جي
فردن ۾ زهر ڦهلائڻ، ڇڪتاڻ ۽ بي اعتمادي پيدا
ڪرڻ سياسي تبدر جو هڪ اهم اصول هئڻ گهرجي. پر
جيڪڏهن حڪومت جي حامين جي وچ ۾ اڻبڻت آهي،
غدارن ۾ ٻڌي ۽ ايڪو آهي، ته پوءِ حڪومت جو
ٻيڙو سير تي آهي. انقلابن کي روڪڻ لاءِ اهو پڻ
ضروري آهي، ته ملڪي دولت کي انصاف جي اصولن تي
ورهائجي. ”ناڻو ايستائين غلاظت آهي، جيستائين
ان کي ديانتداريءَ سان ورهايو نه ويو آهي.“ پر
ان جو مطللب هيءُ نه آهي ته اشتراڪيت يا
جمهوري حڪومت هئڻ گهرجي. بئڪن کي عوام ۾ ڪوبه
اعتماد ڪونهي. عام ماڻهن ان وقت بلڪل اڻ پڙهيل
۽ جاهل هئا. ”خوشامد مان سڀ کان بدترين آهي،
عوام جي خوشامد.
فوسين
(Phocion)
جي جڏهن عوام مرحبا ڪئي، تڏهن ان عجب ۾ اچي
عوام کان سوال پڇيائين، ته ”مون ڪهڙي غلطي ڪئي
آهي، جنهن جي سزا مون کي ڏيئي رهيا آهيو؟“ سڀ
کان پهريائين بئڪن چاهي ٿو، ته هارين جي مضبوط
جماعت قائم ڪئي وڃي، جي پاڻ زمين جا مالڪ هجن.
تنهن کان پوءِ ڪاروباري انتظام لاءِ تجربيڪار
۽ ماهر شخصن جي جماعت هئڻ گهرجي. سڀ کان وڌيڪ
اهم ڳالھه هي آهي، ته ملڪ جو بادشاهه فلسفي پڻ
هئڻ گهرجي. ”ان جو ڪوبه مثال تاريخ پيش نه ٿي
ڪري، ته هڪ عالم شهنشاهه جي زير نگراني ملڪ
خوشحال نه ٿئي.“ بئڪن سينيڪا، ائنٽونينس پائس
(Antoninus pius)
۽ آرليوس جا مثال ڏئي ٿو. کيس اميد هئي، ته
مستقبل، انهن نالن ۾ سندس نالو پڻ شامل ڪندو.
نئين سر عظيم تعمير
The Great Reconstruction:
پنهنجي ڪاميابين جي دؤران لاشعوري طور تي سندس دل فلسفي سان
لاڳاپيل هئي. جوانيءَ ۾ فلسفي سندس پرورش ڪئي
هئي. عهدن ماڻڻ وقت فلسفو سندس رفيق هو، قيد ۽
بي عزتيءَ جي زماني ۾ اهو هن لاءِ تسڪين هو.
هن کي ان ڳالھه تي ڏک ٿيو، ته فلسفي جي عظمت
ان وقت گهٽجي رهي هئي ۽ ان جو الزام هن خشڪ
مدرسيت
(Scholasticism)
تي مڙهيو. ”ماڻهو هر وقت سچ کي حقارت جي نظر
سان ڏسن ٿا. ڇاڪاڻ ته سچ بابت مخالفت تمام
گهڻي ٿئي ٿي. ان ڪري عام ماڻهو سمجھن ٿا، ته
جيڪي به متفق راءِ نٿا ٿين سي سڀ غلطيءَ تي
آهن.“
”سائنس هڪ ئي هنڌ بيٺي آهي ۽ ان ۾ اهڙا دليل نه ٿا اچن،جيڪي
انسان ذات جي لاءِ ڪارائتا هجن. سڀ روايتون ۽
علمي شعبا استادن ۽ عالمن جي هڪ ٻي پٺيان اچن
ٿا، جن ۾ ڪوبه ايجاد ڪندڙ نه آهي. سائنس ۾
جيڪي ڪجهھ هن وقت ٿي رهيو آهي، سو فقط هڪ هنڌ
ڦيريون پائڻ وانگر آهي ۽ مستقل پريشاني آهي،
جيڪا اتي ئي ختم ٿئي ٿي، جتان شروع ٿي.“
پنهنجي عروج جي دوران بئڪن هميشه فلسفي جي
بحاليءَ ۽ نئين سر تعمير تي غور ڪيو.
هي مقصد سندس مطالعي جو مرڪز هو. پنهنجي ڪم جي رٿ سمجھائيندي،
هو اسان کي ٻڌائي ٿو، ته سڀ کان اول هو
ابتدائي مقالا لکندو، جن ۾ فلسفي جي موجوده
غير متحرڪ هجڻ جي سمجھاڻيءَ جو اهو سبب ڏيندو،
ته پراڻن مري ويل طريقن تي فضول زور ڏنو وڃي
ٿو. ساڳئي وقت هو نئين شروعات لاءِ رٿون پيش
ڪندو. تنهن کان پوءِ هو هرهڪ سائنس کي تفصيل
وار پيش ڪندو ۽ انهن جي گروهه بندي ڪندو، هرهڪ
جو مواد مقرر ڪندو ۽ هرهڪ ۾ اڃا تائين جيڪي
مسئلا حلا نه ٿيا آهن، سي پيش ڪندو. تنهن کان
پوءِ هو قدرت جي سمجھاڻيءَ لاءِ نئون طريقو
پيش ڪندو ۽ ان جي وضاحت ڪندو. تنهن کان پوءِ
هو قدرت جي پنهنجي سر تحقيق ڪندو ۽ ان جي قدرت
جا ڪارناما پروڙيندو. تنهن کان پوءِ هو ذهن جي
ڏاڪڻ ظاهر ڪندو، جنهن جي ذريعي قديم مصنف
حق/سچ جي منزل تائين پهتا هئا. اهي سَچَ، جيڪي
وچين دور جي لفظي پٽاڙ مان آزاد ٿي، نئين صورت
حاصل ڪري رهيا هئا. سي پڻ ڏيکاريندو، تنهن کان
پوءِ هو سائنس جي نتيجن بابت پيشنگويون ڪندو،
جن بابت هن کي يقين هو، ته سندس طريقي جي
استعمال ڪرڻ کان پوءِ سڀ سچيون ثابت ٿينديون.
آخر ۾ هو ثانوي يا علمي فلسفي جي زير نگراني
هڪ مثالي رياست جو نقشو چٽيندو، جيڪا نئين
سائنس، جنهن جو هڪ پيغمبر ٿيڻ چاهيون ٿي، مان
اُڀري هڪ گلستان جي صورت ۾ رونما ٿيندي. سڄو
ڪتاب هڪ شاهي عمارت جي تعمير ڪندو، جيڪا فلسفي
جي هڪ اعليٰ تعمير هوندي.
اِها هڪ عظيم جستجو هئي. ارسطو کان پوءِ فڪر جي تاريخ ۾ اهڙو
مثال پيش نه ٿيو آهي، اهو فقط هڪ نظريو نه
آهي، پر ان جو عملي مقصد به آهي، انسان ذات
لاءِ ظاهري مادي مفاد مهيا ڪري ڏيڻ ۽ نڪي فقط
تصوراتي چٽسالي پيش ڪرڻ. علم طاقت آهي، اهو
محض دليل يا زيور نه آهي، ”علم هڪ راءِ نه آهي
جا قائم رکجي، پر هڪ ڪم آهي، جنهن جي تڪميل هر
بني بشر تي فرض آهي. مان ڪنهن فرقي يا شعبي جي
بنياد وجھڻ لاءِ ڪوشش نه ڪري رهيو آهيان. پر
ڪنهن فائدي يا طاقت قائم ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي
رهيو آهيان.“ هيءُ آهي موجوده سائنس جو پهريون
لهجو ۽ انداز.
الف- علمي واڌارو
The Advancement of Learning:
تصنيف پيش ڪرڻ لاءِ ڪنهن به مصنف کي علم هئڻ گهرجي. قدرت تي
ايستائين حڪم هلائي نه سگهبو، جيستائين
پهريائين سندس قاعدن قانونن تي عمل نه ڪبو.“
اچو ته قدرتي قاعدن جي باري ۾ علم حاصل ڪريون.
پوءِ اسان قدرت جا مالڪ ٿي وينداسون. هينئر
جهالت سبب اسان سندس غلام آهيون. سائنس مثالي
رياست حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ راهه آهي. هن وقت اها
راهه ڪهڙي نه بدحاليءَ تي پهتل آهي! ٿڪائيندڙ،
ايذائيندڙ، اونداهي ۽ گمراهه ڪندڙ آهي، جيڪا
روشنيءَ طرف رهبري نه ٿي ڪري، پر اونداهي ۽
بدانتظامي طرف گهلي وڃي ٿي. اچو ته اسان شروع
۾ سڀني سائنس جي موجود حالت جو جائزو وٺون ۽
هرهڪ سائنس جون صحيح حدون مقرر ڪريون. اچو ته
هرهڪ سائنس کي پنهنجي پنهنجي جڳهھ تي
ويهاريون، سندس خاميون، ضرورتون ۽ امڪانن کي
جاچيون، نوان مسئلا پيش ڪريون ۽ انهن تي روشني
وجھون. اهڙيءَ ريت عام طور هرهڪ سائنس جون
پاڙون کوٽي دنيا کي عجب ۾ وجھون.
هيءُ آهي اها مهم جيڪا بئڪن پنهنجي سر تي کنئي. بئڪن لکي ٿو ته،
ته ”منهنجو ارادو آهي، ته هڪ شهنشاهه وانگر
پنهنجي حڪومت جي دائري جو انساني مڪمل معائنو
ڪريان، ڏسان ته ڪهڙا حصا ويران ۽ غير آباد
آهن، جتي انساني محنت اڃا تائين پهچي نه سگهي
آهي. ايمانداريءَ سان اهڙن بيابانن جي نقشي
ڪڍڻ کان پوءِ منهنجو مقصد آهي، ته عام ۽ خاص
شخص جمع ڪريان، سندن قوتن کي اهڙن بيابان هنڌن
تي اصلاح ۽ سڌاري لاءِ استعمال ڪريان.“ اهو
عظيم سروي ڪندڙ ٿيندو، جيڪو ڊڀن ۽ ڪانڊيرن سان
ويڙهيل زمين جو معائنوڪندو، رستو صاف ۽ سنئون
سڌو ڪندو، ۽ زمينون مزدورن ۾ ورهائيندو. اها
هڪ بهادريءَ واري رٿ هئي، جيڪا بي ادبيءَ ۽
غرور جي حد تائين وڃي ٿي پهتي، پر بئڪن اهڙي
عظيم سفر اختيار ڪرڻ لاءِ اڃا ننڍي ڄمار جو هو
[42 ورهين جي ڄمار ۾ به هڪ فلسفي، نوجوان ئي
ٿئي ٿو] سن 1592ع ۾ هن لارڊ برگلي ڏانهن لکيو،
ته ”منهنجي دائري ۾ هر قسم جو علم اچي وڃي
ٿو.“ ان جو مطلب اهو ڪونه هو، ته هو
انسائيڪلوپيڊيا جو هڪ وقت کان پهرين نسخو تيار
ڪندو. سندس مطلب فقط هيءُ هو ته سندس علمي ڪم
کيس هر هڪ علمي دائري اندر داخل ڪندو ۽ هو
اجتماعي تعمير جي مهم ۾ هرهڪ سائنس جو نقاد ۽
ناظم ٿي ڪم ڪندو. هن جي مقصد جي عظمت سندس طرز
کي پڻ شاهاڻو رتبو ڏئي ٿي ۽ کيس انگريزي نثر
جي اوج واري چوٽيءَ تائين پهچائي ٿي.
تنهن ڪري هو ان لڙائيءَ جي ميدان جو معائنو ڪري ٿو، جتي علمي
جانچ، ڳولها، قدرت رنڊڪن ۽ انسان جهالت جو
مقابلو ڪري ٿي. هرهڪ ميدان کي هو روشن ڪري ٿو.
هو بدني علم
(Physiology)
۽ علم طب
(Medicine)
کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. فرمائي ٿو ته جيئن هڪ
اعليٰ ۽ نفيس هنر سان ٺاهيل ساز ٿوري ئي سبب
ڪري بي سرو ٿي پوندو آهي، تيئن انساني بدن پڻ
بار بار بيمار ٿي پوندو آهي، ان کي منظم ڪرڻ
لاءِ علم طب جي ضرورت پوندي آهي. پر هو ان وقت
جي طبيبن جي ناتجربيڪاري تي اعتراض ڪري ٿو، جن
وٽ هر مرض جو صرف هڪ ئي نسخو موجود آهي. اسان
جا ڊاڪٽر مذهبي پيشوائن وانگر آهن، جن کي فقط
بهشت يا دوزخ بند ڪرڻ ۽ کولڻ جو ڪنجيون عطا
ٿيل آهن. هو اتفاقي شخصي طور حاصل ڪيل ڇڙوڇڙ
تجربي تي ڀروسو رکن ٿا. کين گهرجي، ته اڃا
وڌيڪ وسيع پيماني تي تجربا ڪن. ٻين جانورن جي
بدني جوڙجڪ جي انساني بدني جوڙجڪ سان ڀيٽ ڪن،
مرده ۽ جيڪڏهن ضرورت پوي ته زنده حيوانن جي
جسمن کي چيري سندن بدني جوڙجڪ جي تشريح ڪن ۽
پنهنجي تجربن ۽ نتيجن جو مڪمل رڪارڊ رکن، جو
عام ماڻهو آسانيءَ سان سمجھي سگهي. بئڪن جو
خيال آهي، ته ڊاڪٽرن کي اها اجازت ڏجي، ته
جيڪڏهن هو سمجھن ته ڪنهن به ماڻهوءَ جي پڇاڙي
چند ڏيهن اندر اچڻي آهي ۽ اهو ماڻهو اجايا سور
سهي پيو، ته ان حالت ۾ جلدي موت ۽ آسانيءَ
وارو موت ڏين. ساڳئي وقت هو انساني زندگيءَ جي
عرصي وڌائڻ جي پوري ڪشش ڪن. ”هي طب جو هڪ نئون
حصو آهي، جو هن وقت تائين غير مڪمل آهي، پر سڀ
کان وڌيڪ اعليٰ آهي. جيڪڏهن اهو حصو مڪمل ٿي
وڃي، ته پوءِ جيڪر طب کي نه صرف غليظ مرضن جي
شفايابي لاءِ استمال ڪجي، پر انساني خوشيءَ کي
برقرار رکڻ لاءِ پڻ استعمال ڪجي. ڊاڪٽرن جو نه
فقط ضرورت وقت احترام ڪيو وڃي، پر هميشه لاءِ
انهن کي انسان ذات جا محسن ڪري مڃيو وڃي.“
شاپينهاور جو هم خيال شايد اعتراض ڪري ۽ ائين
چوي، ته حياتيءَ جي وڌائڻ کان اهو بهتر آهي،
ته ڪو رحمدل طبيب هميشه لاءِ اسان جي دنياوي
مرضن جو خاتمو آڻي، (موت جو جام پياري)، پر
بئڪن کي جيتوڻيڪ ڪيتريون پريشانيون درپيش
آيون، سندس ازدواجي زندگي ڪامياب نه ٿي، هميشه
هن کي هيسايو ۽ دٻايو ويو. پر تنهن هوندي به
هن کي ڪوبه شڪ شبهو ان ڳالھه ۾ ڪونه هو، ته
زندگي هڪ بهترين سوغات عطا ٿيل آهي.
نفسيات ۾ هو ذري گهٽ ڪردار واري نظرئي
(Behariorist)
جو حامي آهي. هو چاهي ٿو، ته انساني ڪردار جي
سبب ۽ اثر جي نهايت سختيءَ سان جاچ ڪئي وڃي ۽
سائنس جي لغت مان ’اتفاق‘ جو لفظ خارج ڪيو
وڃي. اتفاق ان شيءِ جو نالو آهي، جنهن کي ڪو
وجود ئي ڪونه آهي. ”جهڙي حيثيت ڪائنات ۾ اتفاق
کي آهي، تهڙي انسان جي ارادي کي به آهي.“ هن
هڪڙي سٽ ۾ معنيٰ جو عالم آهي ۽ لڙائيءَ جو
چئلينج آهي. مدرسيت جي آزاد ارادي واري نظرئي
کي هو ٿڏي ٿو ڇڏي، ذهن ۽ ارادي جي وچ ۾ فرق کي
هو مٽائي ٿو ڇڏي. بئڪن انهن موضوعن جي وڌيڪ
تشريح نٿو ڪري. سچي ڪتاب کي هڪ ئي اصطلاح ۾
بند ڪري هو خوشيءِ سان اڳتي وڌي ٿو. اهڙي قسم
جا ڪئين مثال بئڪن جي تحرير ۾ موجود آهن.
بئڪن وري به چند لفطن ۾ هڪ نئين سائنس جي ايجاد ڪري ٿو، جنهن جو
نالو آهي، سماجي نفسيات ”فلسفين کي گهرجي، ته
هوش ۽ عقل سان ريتن ۽ رسمن، حرڪتن، عادتن،
تعليم، مثالن، نقل ڪرڻ، رشڪ ڪرڻ، سنگت، دوستي،
ساراهه ڪرڻ، ملامت ڪرڻ، نصيحت ڪرڻ، ناموس،
قاعدن، ڪتابن، اڀياس وغيره جي اختيارين ۽ قوتن
جي باري ۾ جانچ پڙتال ڪن، ڇاڪاڻ ته انساني
اخلاقيات متعلق اهي شيون انساني ذهن تي حڪومت
ڪن ٿيون. انهن ڪارڪنن جي ذريعي انساني دماغ
ترقي ڪري ٿو يا پستيءَ جي راهه وٺي ٿو.“ نئين
سائنس هن تحققي خاڪي جو اهڙي ته ويجھي سان
پيڇو ڪيو آهي، جو اهو ڄڻ ته ٽارڊي
(Tarde)،
لي بان
(Le bon)،
راس
(Ross)،
وئلاز
(Wallas)،
ڊرڪهيم
(Durkheim)
جي تصنيفن جي فهرست پئي نظر اچي.
ڪابه اهڙي شيءِ نه آهي، جيڪا سائنس نظر انداز ڪئي هجي، نه وري
ڪا اهڙي شيءِ آهي، جا سائنس جي تحقيقات کان
بالاتر هجي. هر قسم جا جادو، خواب، پيشنگويون،
ٽيلي فون ذريعي رابطو، نفسياتي واقعا، وغيره
سائنس جي تجربي ۽ آزمائش جي ماتحت هئڻ گهرجن،
“ ڇاڪاڻ ته اهو معلوم نه آهي ته ڪهڙين حالتن ۾
۽ ڪيتري قدر ۽ اثر، جيڪي وهمن ڏانهن منسوب
ڪيا وڃن ٿا، تن جو قدرتي سبب موجود آهي.“
جيتوڻيڪ سندس لاڙو فطريت طرف آهي، پر ان هوندي
به هو اهڙن مسئلن جي دلچسپي محسوس ڪري ٿو.
ڪابه انساني شيءِ هن کي اوپري نه ٿي لڳي. ڪنهن
کي خبر، ته ڪهڙي غير شڪي حقيقت يا نئين سائنس
اهڙي قسم جي تحقيق مان ڦٽي ظاهر ٿئي، جيئن علم
ڪيميا، ڪيمياگريءَ مان ڦٽي نڪتو؟ ”ڪيمياگريءَ
کي ان ماڻهوءِ سان تشيهه ڏيئي سگهجي ٿي، جنهن
پنهنجي پٽن کي ٻڌايو هو ته هن ڊاک جي وڻ هيٺان
سون پوري ڇڏيو هو سندس پٽن کڏن کوٽيندي سون ته
ڪونه لڌو، پر ڊاک جي پاڙن تي چيڪي مٽيءَ جا ڍڳ
ورائيندي، هنن ٻئي سال ڀلو فصل حاصل ڪيو،
اهڙيءَ ريت سون ٺاهن لاءِ جستجو ۽ ڪوشش ڪرڻ
ڪري ڪيتريون مفيد ايجادون ۽ تعجب ۾ وجھندڙ
تجربا ظاهر ٿيا، جنهن ڪري علم ڪيميا جو بنياد
پيو.“
بئڪن اڃا به ٻي هڪ نئين سائنس جو بنياد وڌو، جنهن جو اٺين ڪتاب
۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. اها آهي زندگيءَ ۾ ڪاميابي
حاصل ڪرڻ جي سائنس. اڃا سندس طاقت برقرار هئي.
ته بئڪن دنيا ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ ڪجهھ ابتدائي
اشارا ڏنا. سڀ کان اول ضروري شيءِ آهي، علم
پنهنجي نفس متعلق هجي، يا اهو ٻين جي نفس
متعلق واقفيت ڪرائي. ”پنهنجو پاڻ سڃاڻ“ اها هڪ
اڌوگابري نصيحت آهي. ”پنهنجو پاڻ سڃاڻ“ تڏهن
فائديمند ٿئي ٿو، جڏهن ان ذريعي ٻين بابت
معلومات حاصل ڪرڻ گهرجي، جن سان اسان جو واسطو
آهي، سندن طبيعتن، خواهشن، راين، رسمن جي ڄائڻ
هئڻ گهرجي، سندن طاقت جو دارومدار ڪهڙي فن تي
آهي، سندن اوڻايون ۽ ڪمزوريون ڪهڙيون آهن،
سندن دوست، گروهه، سرپرست، محتاج، دشمن، حاسد،
رقيب ڪير آهن، هو ڪهڙي موقعي تي ملي سگهندا ۽
ڪهڙيءَ ريت پيش ايندا. سندن ذهنن کي سمجھڻ جو
بهترين ۽ يقيني طريقو آهي يا سندن طبيعتن ۽
فطرت جي گهري واقفيت حاصل ڪرڻ يا، سندن مقصدن
۽ منصوبن بابت مڪمل معلومات حاصل ڪرڻ. جيڪي
وڌيڪ ڪمزور ۽ سادا ماڻهو آهن، انهن کي سندن
فطرت مان سهي ڪري سگهبو، جيڪي وڌيڪ سياڻا آهن،
تن کي سندن رٿن ۽ تجويزن مان سهي ڪري سگهبو،
پر سڄي تحقيق ٽن خاص ڳالهين تي دارومدار رکي
ٿي: 1- تمام گهڻا دوست حاصل ڪرڻ کپن. 2- ڏاهپ
سان ڳالهائڻ ۽ خاموشيءِ جي وچ ۾ توازن کان ڪم
وٺڻ کپي. 3- پاڻ کي صحيح نموني ۾ پيش ڪرڻ لاءِ
۽ پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ حد کان وڌيڪ ميٺاج
۽ خوش اخلاقيءَ کان ڪم وٺڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته
ان ڪري اسان کي ضرور رسڻ ۽ دڙڪا داٻ پهچڻ جو
انديشو آهي. ڪن وقتن تي پنهنجي دل جو صاف ۽
کليل لفظن ۾ اظهار ڪرڻ گهرجي، ماکيءَ سان
گڏوگڏ ڏنگ جو هئڻ پڻ لازمي آهي.“
بئڪن لاءِ، دوست، طاقت حاصل ڪرڻ جا بهترين ذريعو آهن.هو هن راءِ
۾ مئڪاولي سان متفق آهي ۽ هن خيال کي جاڳرتا
جي دور
(Renaissance)
سان ابتدائي طور شال ڪيو وڃي ٿو. توڙي جو ڪو ان خيال کي ٻڌي، مائيڪل اينجلو
(Michaelangelo)
۽ ڪاواليئري
(Caualieri),
مانٽائيگني
(Montaigne)
۽ لابوئيٽي
(La Boetie)، سرفلپ سڊني
(Sir Philip Sidney) ۽ هبرٽ لنگوئٽ
(Hubert Languet) جي بهترين ۽ بي حساب دوستيءَ بابت سوچيندو، دوستن کي فقط
پنهنجي شخصي فائدي حاصل ڪرڻ ۽ دنياوي ترقيءَ
تي گامزن ٿيڻ لاءِ استعمال ڪجي واري ڳالهھ
بئڪن جي زوال جو سبب بني، ساڳي ڳالهھ نيپولين
کي به سمجھڻ ۾ مدد ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته اها اميد
رکڻ اجائي آهي، ته اسان جا دوست اسان سان
اعليٰ نموني ۾ ورتاءُ ڪندا ۽ ضرورت وقت دلي
همدردي ڪندا، جيڪڏهن اسان هنن کي فقط شخصي
غرضن خاطر استعمال ڪيو آهي. بئڪن قديم يونان
جي ستن عقلمند ماڻهن مان هڪ بياز
(Bias) جو قول پيش ڪري ٿو: ”پنهنجي دوست سان ايتري
محبت رک، جو ڄڻ ته
هو سڀاڻي تنهنجو دشمن ٿي پوندو ۽ پنهنجي دشمن
سان اهڙي نفرت رک، جو ڄڻ ته هو سڀاڻي تنهنجو
دوست ٿي پوندو.“ پنهنجي دلي دوست کي به پنهنجن
خيالن ۽ ارادن کان آگاهه نه ڪر. گفتگو ۾
پنهنجن راين ظاهر ڪرڻ کان وڌيڪ پنهنجي دوست
کان سوال پڇي، سندس دل جو حال معلوم ڪر. جڏهن
تون ڳالهائين تڏهن پنهنجا ارادا ۽ فيصلا ظاهر
نه ڪر، فقط فرقي حقيقتون ۽ خبرون پيش ڪر.
ظاهري فخر ۽ غرور ترقيءَ جي راهه ۾ مددگار
آهن. ظاهري شان ۽ شوڪت سياسي نقطه نگاهه کان
فائدي وارا آهن، خالي اخلاقيات جي دائري ۾
غلطيون آهن. بئڪن جي شخصيت جاچيندي، اسان کي
بار بار نيپولين جي يادگيري اچي ٿي: گهر جي
چؤديوارين اندر هو ٻئي سادا ماڻهو هئا، پر گهر
کان ٻاهر انهن واسطي ظاهر نمائش ۽ دٻدٻو
برقرار رکڻ لازمي هو، جيئن عام ماڻهن جي دلين
تي سندن رعب ڄمي.
اهڙيءَ ريت بئڪن هر علمي دائري ۾ داخل ٿي، پنهنجي خيال جو ٻج هر
ميدان ۾ ڇٽي ٿو. پنهنجي تحقيق جي آخر ۾ ان
نتيجي تي پهچي ٿو، ته سائنس بذات خود مڪمل نه
آهي، سائنس جي دائري کان ٻاهر هڪ قوت ۽ تنظيم
هئڻ گهرجي، جيڪا مختلف علمن کي منظم ڪري ۽ کين
هڪ مقصد طرف وٺي هلي. ”سائنس جي ترقيءَ ۾
رڪاوٽ جو هڪ ٻيو وڏو ۽ زبردست سبب آهي، جڏهن
مقصد جو تصور اسان جي دماغ ۾ چٽو نه آهي، تڏهن
اهو ناممڪن آهي، ته اسان صحيح رستا ۽ ذريعا
اختيار ڪريون.“ سائنس کي فلسفي جي ضرورت آهي،
جيڪا سائنس جي طريقي جي تجزيو ڪري ٿي ۽ سائنس
جي مقصدن ۽ نتيجن کي سهيڙي ٿي. فلسفيءَ کان
سواءِ، سائنس جي اهميت صرف سطحي آهي، ”جيئن
سڌي ميدان مان ڪوبه قدرتي نظارو مڪمل طور پسي
نه سگهبو، تيئن ڪنهن به سائنس جا ڏورانهان ۽
اونها جزا پروڙي نه سگهبا، جيڪڏهن اسان ساڳي
سائنس جي سطح تي بيٺا هونداسون يا مٿانهين
جڳهھ تي نه چڙهنداسون.“ هو ان عادت کي نندي
ٿو، ته ڪي حقيقتون اصلي نظام کان جدا ڪري
پروڙيون وڃن ۽ قدرتي وحدانيت تي ڪوبه توجهھ نه
ڏنو وڃي. جيڪو ڪمرو مرڪزي شعاع سان منور آهي،
تنهن جي ڪنڊن ۾ هڪ ننڍي شمع ڦيرائڻ اجائي آهي.
بئڪن سائنس کان وڌيڪ فلسفي سان محبت ڪري ٿو. صرف فلسفو ڪشمڪش ۽
ڏک ڏاکڙي جي زندگيءَ کي هڪ شاندار سڪون بخشي
ٿو. ”علم موت جو ڊپ ڍرو ڪري ٿو ۽ بدقسمتيءَ جو
غم دور ڪري ڇڏي ٿو.“ هو ورجل جون هي عظيم سٽون
پيش ڪري ٿو: ”خوش آهي اهو ماڻهو جنهن شين جا
سبب سڃاتا، جنهن سڀ ڊپ پنهنجن پيرن هيٺ لتاڙيا
۽ جنهن اڻ ٽر بي رحم مقدر ۽ دنياوي هٻڇ واري
ڪشمڪش جي پرواهه ڪانه ڪئي.“ فلسفي جو اهو
بهترين ميوو آهي، صنعتي ماحول جي اثر ڪري،
جيڪو دنياوي ۽ مادي حاصلات جو سبق اسان پرايو،
سو فلسفي جي اثر ڪري اسان وساري ڇڏيو. ”فلسفو
اسان جي رهبري ڪري ٿو، جيئن پهريائين اسان
ذهني ساز ۽ سامان سان مالامال ٿيون، تنهن کان
پوءِ ٻيو سامان اسان لاءِ پاڻمرادو ميسر ٿي
ويندو يا ان جي غير موجودگيءَ جي حسرت ئي
محسوس ڪانه ٿيندي.“ ڏاهپ جو هڪ ننڍو ذرو به
اسان کي دائمي راحت بخشي ٿو:
”جي ماسو ملئي مال، ته پوڄارا پر ٿيئن.“
سائنس وانگر، فلسفي جي نه هئڻ ڪري حڪومت به نقصان ۾ آهي. فلسفي
جي سائنس سان اهڙي ئي نسبت آهي، جهڙي سياسي
تدبر جي سياست بازيءَ سان. اسان کي جڳائي، ته
بي مقصد ۽ شخصي جستجو بدران مڪمل علم ۽ واقعن
جي تناظر جي رهبريءَ هيٺ تحريڪ جاري رکون.
انساني ضرورتن کان علحده ڪيل علم جي حاصلات کي
مدرسيت سڏيو وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت علم ۽ فلسفي
کان عليحده ڪيل سياست هڪ تباهه ڪندڙ چريائپ ٿي
وڃي ٿي. ”اها هڪ عظيم غلطي آهي، جيڪا زندگيءَ
کي نيم حڪيمن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ٿي، جن کي
مرض جي سببن يا مريض جي بدني ساخت بابت ڪابه
معلومات ڪانه هوندي آهي. جيڪي حادثن جي خطري
يا علاج جي صحيح طريقي کان غير واقف هوندا
آهن. ساڳيءَ ريت اهو نهايت خطرناڪ آهي، جو
رياست جو گهرو نظام کي تجربا ڪندڙ سياستدانن
جي حوالي ڪيو وڃي، جيستائين اهي سياستدان صحيح
علمي ڄاڻوئن، سياسي ماهرن ۽ مدبرن سان گڏ ڪم
نه ٿا ڪن... شايد ان ڏاهي کي هن خيال جو
طرفدار سڏيو وڃي، جنهن چيو، ته حڪومت جي
بهبودي ۽ خوشحاليءَ لاءِ اهو لازمي آهي، ته
بادشاهه فلسفي هئڻ گهرجن، يا فلسفي بادشاهه،
پر تجربو ان ڳالهھ جي تصديق ڪري ٿو، ته سونهري
دؤر اهي ٿي گذريا آهن، جن ۾ عقلمند ۽ عالم
حاڪمن حڪومت سنڀالي.“ بئڪن اسان کي روم جي
انهن حاڪمن جي يادگيري ڏياري ٿو، جن ڊوميشن
(Domitian)
کان پوءِ ۽ ڪوموڊس
(Commodus)
کان اڳ حڪومت هلائي.
بئڪن به افلاطون وانگر پنهنجي مشغلي جي ساراهه ڪئي، ڄڻ ته فلسفي
انسان ذات کي نجات بخشيندو. پر هن افلاطون کان
وڌيڪ چٽائيءَ سان مخصوص سائنس
(Special Science)
۽ تحقيق ڪندڙن جي فوج جي ضرورت محسوس ڪئي.
سائنس جو ايڏو سڄو وسيع ميدان لتاڙڻ بئڪن جھڙي
ذهن لاءِ به ناممڪن هو. کيس مدد جي ضرورت هئي
۽ هن کي ان عظيم مهم کي سرانجام ۾ اڪيلائي
محسوس ٿي. پنهنجي هڪ دوست کان پڇيائين، ته
”تنهنجي ڪم ۾ ڪير تنهنجا معاون ۽ مددگار آهن؟
مان ته بلڪل بي يارو مددگار آهيان.“ سندس خواب
هو ته سائنسدان، اسپيشلائزيشن متعلق تحقيق
[وارو مواد/خيال ۽ نظريا] هڪ ٻئي سان ڏي وٺ ڪن
۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪن ۽ هڪ عظيم نظام وسيلي پاڻ
۾ متحد ٿي، هڪ ئي مقصد طرف سفر ڪن. ”ٿورو خيال
ڪريو، ته جن انسانن کي فرصت آهي، تن جي مجموعي
کوجنائن، تجربن ۽ ايجادن مان انسان ذات کي
ڪيترو نه فائدو پهچندو! هڪ دؤر ٻئي دؤر کي علم
ڏيندو ۽ اهڙيءَ ريت علمي معلومات وسيع ٿيندي
ويندي. حق جي تلاش صرف هڪ اڪيلي ماڻهوءَ جو ڪم
نه آهي. هزارين مردن جي محنت هڪ هنڌ جمع ڪرڻ،
وري انهيءَ کي مختلف مردن ۾ ورهائڻ ۽ آخرڪار
وري ٻيو دفعو ان کي هڪ ئي مرڪز طرف واپس ورائڻ
هڪ اعليٰ مهم آهي. هزارين فردن جي شخصي تجربن
کي جمع ڪرڻ ۾ ئي انسان ذات جي ڀلائي سمايل
آهي. گهڻي تعداد جي حوالي ساڳيون ڳالهيون ڪرڻ
بدران اهو بهتر آهي ته هڪ شيءِ هڪ انسان جي
حوالي ڪجي ۽ ٻي شيءَ ٻئي اسان جي حوالي ڪجي.
هر شخص جي قابليت ۽ لاڙي کي نظر ۾ رکندي کيس
ڪم ورهائي ڏجي. اهڙيءَ ريت ماڻهن کي پنهنجي
گڏيل قوت جو احساسن ٿيندو. سائنس جيڪا علم جي
تنظيم آهي، تنهن کي پڻ تنظيم جي ضرورت آهي.
هيءُ نظام بين الاقوامي هئڻ گهرجي. ڀلي ته علم، مختلف ملڪن جون
حدو ٽپي، ساري يورپ کي ذهني طور متحد ڪري.
”افسوس سان ظاهر ڪرڻو پوي ٿو، ته نه رڳو يورپ
جي مختلف ڪاليجن ۽ تعليم گاهن جي وچ ۾ همدردي
۽ خط و ڪتابت ڪانه آهي، پر ساڳي ملڪ جي
درسگاهن جي وچ ۾ پڻ اهڙي قسم جو تعاون نالي
ماتر آهي.“ سڀني تعليمي ادارن کي مختلف موضوع
۽ مسئلا پاڻ ۾ ورهائي کڻڻ گهرجن ۽ تحقيق يا
اشاعت ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجين. اهڙي قسم
جي گڏيل تنظيم ۽ تناسب سبب سڀ تعليمي ادارا
شاهاڻي حمايت جي قابل ٿي پوندا. آخرڪار اهي
ادارا سواءِ ڪنهن وقت ضايع ڪرڻ جي علم جا مرڪز
بڻجي پوندا ۽ دنيا تي حڪومت ڪندا. بئڪن استادن
۽ مقررن جي ٿوري معاوضي تي افسوس ظاهر ڪري ٿو
۽ فرمائي ٿو، ته ائين ٿيندو رهندو، جيستائين
حڪومتون عوام جي تعليم جو ذمو پنهنجي سر تي نه
کڻنديون، ”قديم ۽ اعليٰ زمانن جي حڪيمن جو
هميشه اهو اعتراض هو ته حڪومتون صرف قاعدن
ٺاهڻ ۾ مصرف هيون ۽ تعليم طرف لاغرضائيءَ کان
ڪم ورتائون.“ سندس اعليٰ خواب هو، ته قدرت تي
فتح پائڻ لاءِ ۽ انسان جي قوت وسيع ڪرڻ لاءِ
سائنس جي معاملن ۾ هڪ قسم جي سماجيت پيدا ڪئي
وڃي.
تنهن ڪري هو جيمس پهرئين
(James I) کي التجا ٿو ڪري ۽ ان مٿان چاپلوسيءِ جي برسات وسائي ٿو، ڇاڪاڻ ته بئڪن کي
خبر هئي، ته شهنشاهه کي اجائي خوشامد پسند
هئي. جيمس بادشاهه هئڻ جي باوجود هڪ عالم پڻ
هو. پنهنجي شاهاڻي تلوار کان وڌيڪ پنهنجي قلم
تي ناز هوس. اهڙي پڙهيل ۽ اديب بادشاهه مان
ڪانه ڪا اميد ضرور رکجي. بئڪن جيمس کي ٻڌائي
ٿو. ته اهي تجويزون جن جو خاڪو هن ڪڍيو آهي،
سي شاهاڻا ڪم آهن. ”هڪ ماڻهوءَ جون ڪوششون
انهن جي پورائي ڪرڻ ۾ تمام ٿوريون ثابت
ٿينديون. هو فقط رستي ڏانهن اشارو ڪري رهيو
آهي. پر ان تي پاڻ سفر نٿو ڪري سگهي.“ انهن
شاهاڻن ڪمن لاءِ پيسو گهرجي. پر ”جيئن ڪيترا
بادشاهن جا سيڪريٽري ۽ جاسوس پنهنجي جاچ پڙتال
پوري ڪري، خرچ جا بل اچيو پيش ڪن، تيئن توهان
کي گهرجي، ته قدرت متعلق خبرون پهچائڻ وارن کي
به پنهنجن بلن پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيو. ٻي صورت
۾ توهان کي اهڙي اهم ڳالهين بابت معلومات حاصل
ڪانه ٿيندي. جيڪي ڄاڻڻ جي لائق آهن، جيڪڏهن
سڪندر اعظم اهڙو وڏو خزانو ارسطوءَ جي حوالي
ڪيو، جيئن هو شڪارين، پکين جوشڪار ڪندڙ ۽ مير
بحرن جي مدد ڪري، ته هو قسمين قسمين جانورن ۽
ٻوٽن جي نسلن کي مهيا ڪري ڏين. ته پوءِ اهڙي
احسان جي هن وقت انهن کي وڌيڪ ضرورت آهي، جيڪي
قدرت جا راز فاش ڪرڻ لاءِ پنهنجي حال سارو
ڪوشش ڪري رهيا آهن.“ جھڙي طرح شاهاڻي مدد سان
هڪ عظيم عمارت ڪجهھ سالن اندر مڪمل ٿي ويندي،
سواءِ ان جي، ان کي ڪيترن نسلن جي لڳاتار محنت
جي ضرورت ٿيندي.
بئڪن جي تصنيف ۾ هڪ نئين ۽ تازگي بخش ڳالهھ آهي، هڪ عظيم يقين
آهي، جنهن سان هو قدرت مٿان انساني فتح جي
پيشنگوئي ڪري ٿو. ”مان ڀروسي سان خاطري ٿو
ڏيان، ته آخرڪار هڪ نسل قدرت مٿان فن کي
فتحمند ڪندو.“ جيڪو هن وقت تائين انسانن حاصل
ڪيو آهي، سو سندن آئندي حاصلات جو فقط هڪ
ننڍڙو ذرڙو آهي، پر بئڪن ايڏي وڏي اميد ڇو رکي
رهيو هو؟ ڇا ٻن هزارن سالن کان وٺي، انسان حق
جي تلاش نه ڪري رهيا هئا ۽ سائنس جا رستا
ڳولهي نه رهيا هئا؟ هن وقت ايڏي وڏي ڪاميابيءَ
جي اميد ڇو رکڻ گهرجي، جنهن صورت ۾ اهڙي ڊگهي
عرصي جي ڪوشش جو نتيجو بلڪ ٿورو نڪتو. بئڪن
جواب ڏئي ٿو، ته اها سڀ حقيقيت آهي، پر ڇا
انسان جا طريقا غلط ۽ بيڪار نه هئا؟ ڇا سچو
رستو گم ڪونه ٿي ويو آهي ۽ تحقيق ننڍن ننڍن
پيچرن ۾ ورهائجي، پنهنجو اصلوڪو مقصد وڃائي نه
ڇڏيو آهي؟ تحقيق جي طريقن ۾ اسان کي تمام وڏا
انقلاب آڻڻ گهرجن ۽ خيال جي طريقن ۾ پڻ ساڳي
ڳالھه [انقلاب] جي ضرورت آهي. سائنس ۽ منطق جي
سرشتي ۾ به انقلاب جي ضرورت آهي. اسان کي
ارسطوءَ جي پيش ڪيل نظام کان هڪ بهتر نظام جي
ضرورت آهي، جيڪو هن ڪشادي دنيا جي لائق هجي.
آخرڪار بئڪن هڪ اعليٰ ڪتاب پيش ڪري ٿو.
(ب) هڪ نئون نظام:
The New Organon
بئڪن تي سڀني کان وڌيڪ ڇتي تنقيد ڪندڙ نقاد چوي ٿو، ته سندس سڀ
کان اعليٰ تصنيف هئي ’نئين نظام‘ جو پهريون
ڪتاب. ڪڏهن به ڪنهن انسان منطق جي ڪتاب ۾
تجربي مان عام نتيجي ڪڍڻ واري طريقي
(Induction)
کي جوکو ۽ سوڀ سڏيندي جان وڌي، ايتري جان
ڪانه وڌي، جيتري بئڪن. جيڪڏهن ڪنهن کي منطق جو
مطالعو ڪرڻو آهي، ته ان کي هن ڪتاب سان شروعات
ڪرڻ گهرجي. ”انساني فلسفي جو هيءُ حصو، جنهن
جو واسطو منطق سان آهي، گهڻن ماڻهن جي ذوق کي
اڻ وڻندڙ لڳي ٿو. هو ائين سمجھن ٿا، ته منطق
هڪ ڦاسائيندڙ ڄار آهي، يا فريب آهي. پر جيڪڏهن
اسان شين جي اصلي قيمت جو قدر ڪنداسون، ته
ائين محسوس ڪنداسون، ته عقلي علم ٻين سڀني
علمن جون ڪنجون آهي.“
بئڪن جي خيال موجب فلسفو هن وقت تائين ويران ان سبب ڪري رهيو
آهي، جو ان کي آباد ڪرڻ لاءِ هڪ نئين طريقي
استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. يونان فلسفين جي
عظيم غلطي اها هئي، جو انهن گهڻو وقت صرف
تصوراتي خيال پيش ڪرڻ تي ضايع ڪيو ۽ مشاهدي تي
ڪوبه ڏيان ڪونه ڏنو. تصور، مشاهدي جو مددگار
ٿيڻ گهرجي ۽ نه ڪي ان جو جانشين. سندس شروعاتي
قول آهي، ته ”انسان صرف ايتري قدر عمل ڪرڻ يا
سمجھڻ جو لائق آهي، جيتري قدر هن قدرت جي نظام
جو مشاهدو ڪيو آهي. ان کان وڌيڪ هو ڪنهن به
ڳالهھ جي قابل نه آهي.“ هن باري ۾ سقراط کان
اڳ پيدا ٿيل فلسفي سندس پوين کان وڌيڪ هوشيار
هئا. خاص طرح ڊيموڪرائيٽس
(Democritus)
کي حقيقتن پروڙڻ جي خاص خوبي هئي. ان ۾ ڪوبه
عجيب ڪونهي، ته ارسطوءَ کان پوءِ فلسفي بلڪل
نالي ماتر ترقي ڪئي. ان جو سبب فقط اهو آهي،
ماڻهو ارسطوءَ جي طريقن تي ڳنڍ ٻڌي ويهي رهيا.
”ارسطوءَ جي روشني استعمال ڪري، ارسطوءَ کان
گوءِ کڻي وڃڻ اهڙو ئي خراب آهي، جهڙو اهو خيال
ڪرڻ ته اڌاري حاصل ڪيل روشني اصلي روشنيءَ ۾
وڌيڪ اضافو ڪندي.“ ٻه هزار ورهيه ارسطوءَ جي
تيار ڪيل مشين، منطق جو ذرو ذرو ڪندي رهي ۽
فلسفو اهڙو ته پستيءَ تي پهچي ويو، جو ڪنهن کي
به ان لاءِ عزت نه رهي. وچين دور جا اهي سڀ
نظريا، مفروضا ۽ مناظرا وساري ڇڏڻ گهرجن.
فلسفي ۾ نئين جان پيدا ڪرڻ لاءِ اسان کي صاف
سٿري ذهن سان وري شروعات ڪرڻ گهرجي. پهريون
قدم آهي، ذهن کي پاڪ ڪرڻ. اسان کي گهرجي، ته
ننڍن ٻارن وانگر پنهنجي دلين کي معصوم بڻايون،
پنهنجي دلين مان وهمي نظريا، تعصب ۽ مفروضا
ٻاهر ڪڍي، پنهنجي ذهن کي خالص بنايون، اسان کي
گهرجي، ته ذهن ۾ موجود بتن کي ناس ڪريون.
بئڪن لاءِ بت جو مطلب آهي تصور [شايد بت لفظ ان ڪري استعمال ڪيو
ويو آهي، جوعيسائين جي فرقي پروٽسٽن تصوير
پوڄا کي روڪيو هو] جنهن کي غلطي وچان حقيقت
سمجھيو وڃي، ڪو وهم جنهن کي اصلي شيءِ سمجھيو
وڃي. منطق جو پهريون مسئلو آهي، اهڙين غلطين
جا سرچشما ڳولڻ ۽ انهن کي بند ڪرڻ. بئڪن هاڻي
انهن غلطين جو تجزيو ڪرڻ شروع ڪري ٿو، جنهن
لاءِ واقعي هي جس لهڻي ٿو. ڪانڊيلئڪ
(Condillac)
چوي ٿو، ته انهن کي به انساني غلطيءَ جي سبب
متعلق بئڪن کان وڌيڪ معلومات نه آهي.
پهريائين ’قبيلي جا بت‘
(Idols of Tribe) اچي وڃن ٿا. هي اهي غلطيون آهن، جيڪي سڄي انسان ذات ۾ عام مروج
آهن. اهو چوڻ آهي، ته انساني حواس هر شيءِ جو
معيار جي ڪسوٽي آهي. [جيئن پروٽاگورس چيو هو،
ته انسان هر شيءِ جي ڪسوٽي آهي]. ان جي، هر
قسم جي حواس يا ذهني ادراڪ جو تعلق انسان سان
آهي ۽ نه ڪائنات سان، انساني ذهن انهي اڻ سڌي
آئيني وانگر آهي، جيڪو مختلف جسمن کي پنهنجون
خاصيتون ڏين، انهن جي اصلي صورت بگاڙي، کين
بدصورت نموني ۾ پيش ڪري ٿو. اسان جا خيال
ٻاهرين جسمن جون صورتون نه، پر اسان جي
اندروني ذهن جون شڪيلون آهن. مثال طور انساني
سمجھه، پنهنجي خصوصي فطرت مطابق، ائين سمجھي
ٿي، ته شين ۾ وڌيڪ تنظيم ۽ تسلسل آهي. ساڳيءَ
ريت اها به هڪ ڏند ڪٿا آهي، ته فلڪي سيارا
مڪمل گولائي ۾ حرڪت ڪن ٿا. بئڪن لکي ٿو، ته
”جڏهن ڪا راءِ عام مقبوليت، يا عقيدي، يا
خوشيءِ جي ڪري، هڪ دفعو قائم ڪئي ٿي وڃي، تڏهن
انساني ذهن هر شيءِ کي مجبور ٿو ڪري، ته ان
راءِ جي نئين سر مدد ۽ تصديق ڪري، پوءِ
جيتوڻيڪ ان راءِ جي خلاف ڪيترائي سنجيده مثال
ظاهر ٿين، تنهن هوندي به اهڙن مثالن کي
نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، يا رد ڪيو وڃي ٿو. ان
پهرئين راين کي قربان ڪرڻ بدران تشدد تعصب ۽
ساڙ سان انهن کي چهٽي پئجي ٿو ۽ انهن راين کي
وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ نوان مثال ڳولجن ٿا،
جيڪي انهن جي تصديق ڪن. هر قسم جي وهم پرستيءَ
۾ ساڳيون ئي غلطيون ڪيون وينديون آهن: جيڪي
مثال اسان جي وهمن جي تصديق ڪندا آهن، تن کي
جھٽ پٽ قبول ڪندا آهيون ۽ ڪيترائي مثال، جيڪي
اسان جي وهمن جي ترديد ڪن، تن کي ٿڏي ڇڏيندا
آهيون.
”ڪنهن به ڳالھه جو فيصلو پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪري، انسان پنهنجي
تجربي طرف رخ ڦيرائي ٿو، ان کي پنهنجن خيالن
مطابق موڙي، کيس هڪ قيديءَ جي حيثيت ۾ بند
ڪري، پنهنجي فتح جو جلوس ڪڍي ٿو. ٻين لفظن ۾
انساني فهم هڪ خشڪ روشنيءَ وانگر نه آهي، پر
ان کي انساني ارادي ۽ محبت جي تيل جي ضرورت
آهي. اهڙيءَ طرح ڪيترائي سائنسي علم ارادي ۽
محبت جي زير دست ٿين ٿا. انهن کي سائنس سڏڻ
محض پنهنجي دل خوش ڪرڻ آهي، مطلب ته پنهنجي
دلي خواهش مطابق ڪن ڳالهين کي سچو ڪري ٿو مڃجي
۽ ڪن کي ڪوڙو ڪري ٿو ٿڏجي.“
هن هنڌ بئڪن سوني صلاح جا ٻه ٽي لفظ چئي ٿو: ”فطرت جي هرهڪ
شاگرد کي عام طور هيءُ قائدو قبول ڪرڻ گهرجي،
ته جن سوالن تي ذهن مطئمن هجي، انهن کي حل
ڪندي، اهڙن سوالن کي شڪ جي دائري ۾ آڻجي ۽
اهڙن سوالن کي منهن ڏيڻ وقت نهايت هوشياري ۽
خبرداريءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي، جيئن اسان جي
سمجهھ هميشہ هموار ۽ صاف رهي. پنهنجي سمجهھ کي
اهو اختيار ڏيڻ نه گهرجي، ته خاص خاص واقعن کي
فوراً ٽپي ۽ اڏامي عام راين ۽ نتيجن تائين
پهچي. سمجھه کي پر مهيا ڪري نه ڏجن، پر ان
مٿان بار رکڻ گهرجي، جيئن ٽپي ۽ اڏامي نه
سگهي. ڪنهن وقت تصور اسان جي ذهن جو جاني دشمن
ٿيو پوي. درحقيقت تصور کي صرف تجربي طور ڪم
آڻجي ۽ ان کي ذهن جو زيردست ڪري ڪم آڻجي.“
ٻئي درجي جي غلطين کي بئڪن ’غار جا بت‘
(Idols of Cave) سڏي ٿو. اهي ڪنهن فرد جون خاص غلطيون آهن، ”هرهڪ کي پنهنجو
پنهنجو غار يا اڏو آهي، جيڪو فطرت جي روشني کي
موڙي، سندس رنگ بدلائي ٿو.“ هي غار سندس ڪردار
آهي، جنهن کي فطرت ۽ پرورش
(Natural and Nurture) جوڙيو آهي ۽ جنهن جي جوڙجڪ ۾ سندس طبيعت يا جسماني ۽ ذهني حالت
جو به ڪافي حصو آهي. ڪجھه ماڻهن جا دماغ بناوت
جي لحاظ کان تجزيو ڪندڙ آهن. اهي هر جڳھه شين
جا فرق ڏسن ٿا. ڪن جا دماغ وري جوڙيندڙ آهن:
اهي مشابهت جاچين ٿا، تنهن ڪري هڪ طرف
سائنسدان ۽ مصور پيدا ٿين ٿا، ته ٻئي طرف وري
شاعر ۽ فلسفي. ڪيترا ماڻهو وري طبيعت جي لحاظ
کان قديم زماني ۽ قديم شين کي بيحد پسند ڪن
ٿا، ٻيا وري گهڻي شوق سان نين شين کي خوش
آمديد چون ٿا. فقط ڪي ٿورا اهڙا آهن، جيڪي
وچٿرا آهن، اهي قديم ماڻهن جي صحيح قائم ڪيل
شين کي ڦاڙي نه ٿا ڦٽو ڪن ۽ موجوده زماني وارن
جي نين ايجادن کي به نٿا ڌڪارن. سچ ڪنهن به
فرقي يا گروهه کي نه ٿو سڃاڻي.
ٽئين درجي ۾ ’بازار جا بت‘
(Idols Of Market- place) اچي وڃن ٿا، جيڪي واپار ۽ فرد جو ٻي فرد سان تعلق سبب
پيدا ٿين ٿا. ماڻهو زبان ذريعي گفتگو ڪن ٿا،
پر عام ماڻهن جي سمجهھ مطابق لفظ انهن تي
مڙهيا وڃن ٿا. لفظن جي ناموزن ۽ غير مناسب
جوڙجڪ ذهن جي راهه ۾ رڪاوٽ ٿيو پوي. هڪ فلسفي
لامحدود شين بابت اهڙي ئي بي احتياطيءَ ۽
يقينيءَ سان ڳالهيون ڪري ٿو، جهڙي اعتماد سان
هڪ گرامر جو ڄاڻو لامحدود جي قاعدن قانونن
متعلق بحث ڪري ٿو. ان هوندي به ڪو اهڙو ماڻهو
آهي، جنهن کي واقعي ڄاڻ آهي، ته لامحدود ڇا
آهي؟ ڇا ”لا محدود“ واقعي وجود به رکي ٿو.
فلسفي پهرين بي سبب سبب
(First cause uncaused)
جي بابت گفتگو ڪن ٿا. ڇا اها فقط اصطلاح
پٽائيندڙ آهي، جيڪا ٻي علم کي لڪائڻ لاءِ ڪئي
وڃي ٿي؟ هرهڪ واضح چٽو ۽ سڌائي ۾سوچيندڙ دماغ
ڄاڻي ٿو، ته ڪوبه سبب بي سبب ٿي نه ٿو سگهي،
نڪي وري ڪو محرڪ بغير محرڪ
(First Mover unmoved) ٿي سگهي ٿو. فلسفي جي عظيم تعمير صرف اها ٿيندي، ته اسان ڪوڙ
ڳالهائڻ ڇڏي ڏيون.