سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي

باب: --

صفحو :18

 مطللب ته عزم انسان جو جوهر آهي، نه رڳو انسان جو پر زندگيءَ جي هر صورت جو ۽ بيجان شين جو پڻ. ڇا عزم شين جي اصلي حقيقت جو نالو ڪونه آهي، جنهن بابت مفڪرن بي انداز جستجو ڪئي آهي ۽ نااميد ٿيا آهن؟

اچو ته ٻاهرين دنيا جي سمجھاڻي عزم جي اصطلاحن ۾ پيش ڪيون. اچو ته يڪدم تري تائين پهچون. ٻين چيو آهي، ته عزم قوت جي هڪ صورت آهي، پر اسان ٿا چئون، ته قوت عزم جي هڪ صورت آهي، هيوم سوال پڇيو، ته سبب جو قانون (سببيت) ڇا آهي؟ اسان جواب ڏينداسون، ته اها عزم آهي. جيئن  عزم اسان ۾ عالمگير سبب آهي، تيئن اهو شين ۾ آهي. جيستائين اسان سبب کي عزم ڪري نه سمجهنداسون، تيستائين سببيت بي معنيٰ ٿي رهندي. ان راز کي پروڙڻ بنا اسان صرف مخفي خاصيتن طرف رجوع ٿينداسون، جهڙوڪ ”زور“، ”ڪشش ثقل“ ”ڇڪ“ وغيره. اسان کي پوري خبر نه آهي ته اهي قوتون ڇا آهن، پر اسان کي وڌيڪ صفائي ۽ ڇٽائيءَ سان خبر آهي، ته عزم ڇا آهي؟ تنهن ڪري اچو ته چئون، ته ڪشش ۽ ڌڪار، ترغيب ڏيڻ ۽ جدا ڪرڻ، قوت مقناطيسي ۽ قوت برقي، ڪشش ثقل ۽ قلم پذيري، عزم آهن. گيٽي هيءُ خيال پنهنجن ناولن مان هڪ جي عنوان ۾ پيش ڪيو. هو عاشق معشوق جي ڪشش کي ’چونڊ واري‘ ڪري  سڏي ٿو. اها قوت جيڪا هڪ عاشق کي ڇڪي ٿي، سا ساڳي اها قوت آهي، جيڪا هڪ ڌرتيءَ کي سج جي چوڌاري ڦيرائي ٿي.

ساڳي ڳالهه نباتاتي زندگيءَ سان پڻ لاڳو آهي. جيئن زندگيءَ جي صورت ۾ اسان هيٺ وينداسون، تيئن ذهن گهٽ نظر ايندو، پر هرهنڌ ۽ هر صورت ۾ عزم هڪ جيترو ئي محسوس ٿيندو.

”ساڳيو ئي عزم انسانن ۾ علم جي روشنيءَ ذريعي پنهنجا مقصد پورا ڪري ٿو، پر گهٽ درجي واري زندگيءَ ۾ پنهنجو ڪم ڪري ٿو. لاشعور سڀني شين جي اصلي ۽ قدرتي حالت آهي. شعور جي اعليٰ شعلي جو بنياد لاشعور ئي آهي. انسان ۾ پڻ لاشعور هر ڳالهه ۾ حڪمران آهي. تنهن ڪري ڪيتريون ئي هستيون شعور يعني عزم جي ماتحت. ٻوٽن جي زندگيءَ ۾ شعور نهايت ڪمزور آهي، گهٽ درجي وارن جانورن ۾ ان جي شروعات ٿئي ٿي. پر خود انسانن ۾ به لاشعور هڪ بنياد آهي. سڀ انسان ننڊ جي ضرورت محسوس ڪن ٿا، ننڊ انسانن کي نباتاتي منزل ياد ڏياري ٿي.“

ارسطو صحيح راهه تي هو، جڏهن هن چيو، ته هرهڪ نوع ۾ هڪ اندروني قوت آهي، جيڪا ان جي شڪل شبيهه ۽ اخلاق ٺاهي ٿي، وڻن ۾ توڙي ستارن ۾، جانورن توڙي انسانن ۾. جانورن ۾ جبلت قدرت جي مقصد جو اعليٰ مثال پيش ڪري ٿي. جبلت به هڪ عمل آهي، جيڪو ان عمل وانگر آهي، جيڪو ڪنهن مقصد جي تصور ماتحت ٿئي ٿو. پر فرق رڳو اهو آهي، ته جانورن جي حالت ۾ مقصد جو تصور ٻاهريون آهي، پر انسانن جي حالت ۾ اهو اندروني آهي. جانورن جو عجيب ۽ غريب هنر ڏيکاري ٿو، ته عزم عقل کان اول آهي. هڪ هاٿي، جنهن کي سڄي يورپ جي سرزمين تي هلايو ويو ۽ جنهن سوين پليون پار ڪيون، سو هڪ ڪمزور پل تان لنگهڻ لاءِ تيار نه ٿيو، جيتوڻيڪ اڻ ڏٺا ته ڪيترا ماڻهو ۽ گهوڙا ان تان لنگهي رهيا هئا. هڪ ننڍي ڪتي ميز تان ٽپو ڏيڻ ۾ خوف محسوس پئي ڪيو، هو هيٺ ڪرڻ جا نتيجا عقل جي ذريعي نه ٿو ڏسي ، پر جبلت جي ذريعي وسهي ٿو. اهي سڀ عمل جبلتي آهي ۽ عقل جا نتيجا نه آهن،اهي ذهن جا اظهار نه آهن، پر عزم جا.

اهو عزم آهي، زندهه رهڻ جو ارادو ۽ وڌ کان وڌ زندگي ماڻڻ جو ارادو. سڀني جانورن کي زندگي ڪهڙي نه پياري آهي! ۽ ڪهڙي نه خاموش صبر سان زندگي هرهڪ جانورن ۾ پنهنجو مقرر عرصو رهي ٿي! هڪ ٻج ۾ قوت حيات ٽي هزار سال ستل آهي ۽ پوءِ جڏهن حالتون موافق ٿينديون، تڏهن ان مان ٻوٽو اُسري ٿو. چوني جي پٿر اندر زندهه ڏيڏر لڌا ويا آهن، ان مان ان نتيجي تي پهچون ٿا، ته حيواني زندگي به هزارين سالن تائين پنهنجي حرڪت روڪي سگهي ٿي. عزم جو مطلب آهي، زندهه رهڻ جو ارادو ۽ ان جو دائمي دشمن موت آهي. پر شايد عزم موت تي به غالب پئجي سگهي.

 

(ب) اولاد پيدا ڪرڻ جو عزم: The will to Reproduce

هائو، انسان اولاد پيدا ڪرڻ جي حڪمت عملي ۽ شهادت ذريعي موت تي پڻ غالب پئجي سگهي ٿو. هرهڪ صحتمند جسم بلوغت وقت تيزيءَ سان ڪوشش ڪري ٿو، ته هو اولاد پيدا ڪرڻ جي مهم واسطي خود قرباني ڪري. ڪوريئڙو پهريائين ماديءَ کي زرخيز (Fertilize)  بنائي ٿو، تنهن کان پوءِ مادي ان کي کائي وڃي ٿي، ڏينڀو پنهنجن ٻارن لاءِ کاڌو گڏ ڪري ٿو، جن کي هو ڪڏهن به ڏسي ڪونه سگهندو. انسان پنهنجي اولاد جي کاڌي خوراڪ، ڪپڙي لٽي ۽ تعليم و تربيت لاءِ پنهنجي پاڻ کي ٿڪائي برباد ڪري ڇڏي ٿو. اولاد پيدا ڪرڻ هرهڪ جسم جو آخري مقصد آهي ۽ ان جي سڀ کان سگهاري جبلت، ان ئي طريقي سان هو موت تي فتح حاصل ڪري سگهندو. اولاد پيدا ڪرڻ جي عزم تي علم ۽ فڪر جو قبضو ٿي نه ٿو سگهي. هڪ فلسفي کي به ڪڏهن ڪڏهن ٻار پيدا ٿيو پون.

”اهو عزم علم جو محتاج ڪونه آهي ۽ انڌائيءَ سان ڪم ڪري ٿو، جيئن لاشعور قدرت ۾. تنهن ڪري ٻار پيدا ڪندڙ عضوا حقيقت ۾ عزم جا مرڪز آهن. ٻئي طرف وري دماغ علم جو مرڪز آهي. اولاد پيدا ڪندڙ عضوا زندگي جي حفاظت ڪرڻ لاءِ آهن، جيئن زندگي بي انتها ٿي پوي. ان ڪري ئي قديمي يوناني ۽ هندو انهن جي پوڄا ڪندا هئا، جنس جي نسبت هر عمل ۽ روش جو مرڪز آهي، جنهن کي ظاهر طور ڏسي نه ٿو سگهجي. جيتوڻيڪ ڪيتري قدر به ان کي لڪايو ڇپايو وڃي، پر تڏهن به جنسي تعلقات جهاتيون پيا پائن. لڙائيءَ جو سبب ۽ صلح جو مقصد، ڳنڀيرتا جو بنياد ۽ مسخريءَ جي مراد، حاضر جوابيءَ جو سرچشمو ۽ راز وارن اشارن جومطلب، اهائي جنسي نسبت آهي. هر وقت اسان ان کي ان ريت موجود پسائيندي ڏسون ٿا، ڄڻ ته اها ساري جهان جي راڻي آهي، جيڪا پنهنجي طاقت جي زور تي پنهنجي قديمي تخت تي ويٺي آهي. اتان هوءَ کيس قيد ڪرڻ، لڪائڻ، محدود ڪرڻ ۽ گهٽ اهميت ڏيڻ، جي منصوبن تي ٺٺولي پئي ڪري.“

سندس محبت جو فلسفو پيءُ کي ماءُ جو زيردست والدين کي ٻارن جو زيردست ۽ فرد کي نوع جو زيردست بڻائي ٿو. جنسي ڪشش جو قاعدو هيءُ آهي، ته گهڻو ڪري نر توڙي مادي هڪ ٻئي ۾ اولاد پيدا ڪرڻ جي قابليت ڏسي، ان لحاظ کان هڪ ٻي کي چونڊ ڪندا آهن، جيتوڻيڪ کڻي انهن کي ان ڳالهه جو شعور نه هجي.

”هرهڪ اهو رفيق ڳوليندو آهي، جو سندس ڪمزورين کي بي اثر ڪري، جيئن اولاد کي اهي ڪمزورين ورثي  ۾ نه ملن. مثال طور جسماني طور ضعيف مرد هڪ مضبوط عورت ڳوليندو. هرهڪ کي ٻئي جون چڱايون سهڻيون لڳنديون، جيڪي هن ۾ عدم موجود آهن. مطلب ته جنسي چونڊ اهڙي ريت ڪئي ويندي آهي، جو هڪ ٻئي جون چونڊ اهڙيءَ ريت ڪئي ويندي آهي، جو هڪ ٻئي جون چڱايون ۽ اوڻايون پاڻ ۾ ملي صحتمند اولاد پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪن. هڪ بالاتر قوت، مرد کي حڪم ڏئي ٿي، ته هو عورت جو هڪ هڪ عضوو ۽ هڪ هڪ خصلت بخوبي جاچي، پوءِ انسان شادي ڪرڻ لاءِ رضامند ٿئي. جيڪڏهن ڪو ڦوهه جوانيءَ جو زمانو، جيڪو اولاد پيدا ڪرڻ لاءِ نهايت پورو آهي، وڃائي وهي ٿو ته پوءِ هو ٻي جنس کي گهٽ ڪشش ڪري ٿو. حسن بنا جواني ڪشش ڪري سگهي ٿي، پر جوانيءَ بنا حسن ڪڏهن به ڪشش نه ٿو ڪري. عشق ڪرڻ جي حالت ۾ مرد توڙي عورت جو مقصد هوندو آهي، ڪنهن خاص فطرت واري اولاد کي پيدا ڪرڻ.“

تنهن هوندي به عشق واريون شاديون گهڻو ڪري، ناخوشيءَ جو باعث ٿينديون آهن. ان جو سبب فقط هيءُ آهي، ته اهڙين شادين جو مقصد بني آدم کي دائم قائم رکڻ نه آهي، پر مڙس ۽ زال جي انفرادي خوشيءَ کي حاصل ڪرڻ آهي. هڪ اسپين جو پهاڪو چوي ٿو ته: جيڪو عشق وچان شادي ڪري ٿو، تنهن کي لازمي طور ڏک ڀوڳڻو پوندو.“ شاديءَ بابت لکيل ڪتابن مان اڌ بيڪار ثابت ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ شاديءَ جو مطلب جنسي تعلقات جا مزا ماڻڻ تصور ڪيو ويو آهي. درحقيقت شادي انساني نوع  کي قائم رکڻ جي هڪ ترتيب آهي. قدرت کي ان ڳالهه جي پرواهه ڪانه آهي، ته شادي کان پوءِ مرد ۽ عورت خوشيءَ جي زندگي گذارين ٿا يا نه، قدرت جو غرض فقط اهو آهي، ته صالح اولاد پيدا ٿئي. سهوليت خاطر شاديون درحقيقت عشق وارين شادين کان وڌيڪ خوشيءَ جو باعث بڻجن ٿيون. تنهن هوندي به ان عورت جي تعريف ڪرڻ جڳائي، جيڪا محبت خاطر پنهنجي والدين جي صلاح خلاف شادي ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجي آئنده نسل خاطر پنهنجي شخصي خوشي برباد ڪري ٿي. محبت عمدي اولاد پيدا ڪرڻ جو بهترين اوزار آهي.

محبت هڪ فريب آهي، جنهن سان قدرت انسان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي، پنهنجو مقصد پورو ڪرڻ ٿا چاهي. شادي محبت جي جادو کان آزاد ڪري ٿي. شاديءَ جي حالت ۾ صرف هڪ فلسفي خوش رهي سگهندو ۽ فلسفي گهڻو ڪري شادي ڪونه ڪندا آهن.

جنسي حرس حوس هڪ فريب تي دارومدار رکن ٿا. ان فريب ۾ انسان کي نوع جي مفاد ۽ پنهنجي شخصي مفاد جي وچ ۾ ڪو فرق نظر نه ٿو اچي. پر جڏهن نوع جو مقصد پورو ٿي وڃي ٿو، تڏهن جادوءَ جو اثر پڻ ٽٽي ٿو ۽ فريب غائب ٿي وڃي ٿو. آخرڪار انسان کي معلوم ٿي وڃي ٿو، ته نوع هن کي بيوقوف بڻايو آهي. جيڪڏهن ڪنهن شاعر جو حرس حوس پورو ٿي وڃي، ته سندس نغمو به خاموش ٿي وڃي.

اهڙيءَ ريت فرد، نوع جو زيردست ٿي رهي ٿو ۽ نوع کي برباد رکڻ جو هڪ اوزار ٿي ڪم ڪري ٿو. اها ڳالهه هن حقيقت مان پڻ ظاهر آهي، ته انساني قوت جو دارومدار توليدي خلين جي حالت تي آهي.

جنسي جذبو هڪ وڻ جي اندورني زندگيءَ مثل آهي. ان تي انفرادي زندگي هڪ پن وانگر اسري ٿي. جيئن پن کي وڻ پالي ٿو ۽ ساڳي وقت وڻ جي پرورش ۾ مدد ڪري ٿو، تيئن انسان جي انفراندي زندگيءَ جو دارومدار جنسي جذبيتي آهي ۽ انفرادي زندگي ساڳي وقت جنسي جذبي کي زور وٺائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي، جو جنسي جذبو اهڙو زور وارو ٿيندو آهي ۽ انساني فطرت جي گهراين مان جاڳندو آهي. ڪنهن فرد کي خسي ڪرڻ معنيٰ ان کي نوع جي وڻ مان ڪپي ڪڍڻ، جنهن تي هو اسري ٿو، جدا ڪرڻ کان پوءِ هو ڪومائجي وڃي ٿو، سندس دماغي ۽ جسماني طاقتون گهٽجي وڃن ٿيون. هرهڪ جانور جي حالت ۾ جنسي ميلاپ کان پوءِ عارضي ڪمزوري معلوم ٿيندي آهي، ڪن جيتن جي حالت ۾ ته نر يڪدم موت جو شڪار ٿيندو آهي. ان حقيقتن کي خيال ۾ رکندي، سيلس چيو، ته مرد ۾ توليدي قوت جو خاتمو استعمال عمر کي گهٽائي ٿو ۽ هن قوت جي استعمال ۾ اعتدال کان ڪم وٺڻ ڪري قوت بازو وڌي ٿي. ان ڪري يوناني ڪسرت ڪندڙن کي ان ڏس ۾ خاص تعليم ۽ تربيت ڏني وئي هئي. جيت جي حالت ۾، قوت جنسي جو ضبط ان جي عمر کي ٻئي بهار تائين وڌائي سگهي ٿو. اهي سڀ نڪتا ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪن ٿا، ته فرد جي زندگي، نوع جي زندگيءَ کان اڌاري ورتي وئي آهي. توليد قدرت جو اعليٰ مقصد آهي، جنهن کان پوءِ پهرئين فرد جي زندگي آهستي آهستي ٻڏڻ لڳي ٿي ۽ نئين زندگي دنيا جي تختي تي نمودار ٿئي ٿي. قدرت کي تسڪين  ٿئي ٿي، ته نوع برقرار رهندو ۽ زندگيءَ جا ڪم وري وري  دهرائجن ٿا. موت ۽ توليد، نوع جون ٻه نبضون آهن. نوع جي لاءِ موت ائين آهي، جيئن فرد لاءِ ننڊ. هيءُ آهي قدرت جو ابديت وارو قاعدو. سڄي دنيا ۽ ان جا ڪرشما هڪ پوشيده عزم، هڪ لڪل تصور جا ظاهري روپ آهن. ان لڪل تصور جي نسبت ٻين سڀني تصورن سان آهي، جيئن عام شيرينيءَ جي نسبت ڪنهن خاص شيرين سان هوندي آهي. گيٽي پڻ چيو آهي ته: ”اسان جي روح جو تعلق ڪنهن لافاني هستيءَ سان آهي، جنهن جي حرڪت ابديت کان وٺي ابديت تائين جاري رهندي. اسان جو روح سج وانگر آهي، جيڪو اسان جي اکين کي لهندو نظر اچي ٿو، پر اصل ۾ لهي نه ٿو، پر هميشه چمڪي ٿو.“

صرف مڪان ۽ زمان ۾ اسان جدا هستي نظر اچون ٿا. اهو آهي ورهاست جوا صول، جنهن مطابق زندگي مختلف جسمن ۾ ورهائي وئي آهي. جيڪي مختلف مڪان ۽ زمانن ۾ زندهه رهن ٿا. مڪان ۽ زمان مايا جا پردا آهن. اهي فريب آهن، جيڪي شين جي وحدانيت کي لڪائن ٿا. حقيقت ۾ صرف نوع، صرف زندگي يا صرف عزم آهي. فلسفيءَ جو مطلب آهي، ته  اسان هيءُ نڪتو چٽائي ءَ سان سمجھون، ته اسان ڏسون ته مادي جي مستقل ڦير گهير ۾ صورت جي متعين پائداري آهي. تاريخ جومتو هيءُ هئڻ گهرجي: ساڳيون شيون، پر مختلف رنگن روپن ۽ رستن ۾. جيترو وڌيڪ شيون بدلجن ٿيون، اوترو وڌيڪ هو ساڳيون رهن ٿيون.

ڪنهن به انسان کي جيڪڏهن سڀ انسان ۽ شيون سڀني وقتن تي فقط وهمي روپ ۽ فريب ڏيندڙ نظارا نظر نه ٿا اچن، تنهن کي فلسفي لاءِ ڪوبه نه لاڙو آهي. تاريخ جو فلسفو هن ۾ آهي ته اسان پروڙيون، ته بي انتها تبديلين ۽ واقعن جي پيچيدگيءَ اندر ساڳيو ئي نه ڦرندڙ وجود آهي، جيڪو هميشه ساڳين مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺي رهيو آهي ۽ وٺي رهندو. تاريخ جو فلسفي تنهن ڪري مختلف واقعن ۾ هڪ جهڙي خصلت معلوم ڪندو، قسمين قسمين پوشاڪن، طريقن ۽ ريتن رسمن ۾ هرهنڌ ساڳي ئي انسان ذات ڏسندو. فلسيفاڻي نقطه نگاهه کان هيروڊٽس جي تاريخ پڙهڻ معنيٰ تاريخ جو مڪمل اڀياس ڪرڻ، سڄي ڪتاب اندر ۽ هرهنڌ قدرت جو سچو نشان آهي، گول چڪرو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو وري وري ساڳين واقعن ٿيڻ جونمونو آهي.

اسان کي ان يقين رکڻ جي خواهش ٿئي ٿي، ته سموري تاريخ هڪ اعليٰ زماني جي لاءِ ڏاڪي به ڏاڪي تيار آهي، جنهن جو نڪ ۽ چوٽي اسان آهيون. پر ترقيءَ جو هي تصور فقط خود فريبي ۽ بيوقوفي، جيڪي هميشه اڪثريت ۾ هوندا آهن، انهن به پنهنجي نموني ۾ ساڳيا ئي بيوقوفي، جيڪي هميشه اڪثريت ۾ هوندا آهن، انهن به پنهنجي نموني ۾ ساڳيا ئي بيوقوفيءَ جا ڪم ڪيا آهن، پر سندن قول ۽ عمل عقلمند جي قولن ۽ علمن جي ابتڙ آهن، جيئن والٽيئر چيو آهي، ته ”اسان دنيا کي اهڙي ئي ظالم ۽ اهڙي ئي بيوقوف ڇڏينداسين، جهڙي اسان اها لڌي.“

ان نظريي جي روشنيءَ ۾ اسان کي جبريت جي اٽل حقيقتن جي نئين ۽ وڌيڪ ڳنڀير معنيٰ حاصل ٿئي ٿي. اسپنوزا چوي ٿو، ته جيڪڏهن هڪ هوا ۾ اڇلايل پٿر ۾ شعور هجي ها، ته اهو پڻ چوي ها، ته هو به پنهنجي اختيار مطابق هوا ۾ گهمي ڦري رهيو هو. مون کي فقط اهو وڌاءُ ڪرڻو آهي، ته ان حالت ۾ پٿر سچ چيو آهي. جيئن مون کي عزم ڏنو ويو آهي، تيئن هڪ پٿر کي پڻ هڪ قسم جو زور ڏنو ويو آهي. پٿر جي فطرت ۾ جيڪا ڪشش ميلاپ، ڪشش ثقل ۽ سختي آهي. سا مون ۾ پڻ ساڳي آهي. مون کي پنهنجي فطرت جي ڄاڻ آهي. جيڪڏهن به علم حاصل ڪري سگهي ها، ته اهو پڻ سمجھي ها، ته هن کي اختيار حاصل آهي. پر حقيقت ۾ نڪي پٿر کي ۽ نڪي فلسفي کي اختيار آهي. سڄي ڪائنات جو عزم آزاد آهي، ڇاڪاڻ ته ان عزم کان سواءِ ٻيو ڪوبه عزم ڪونه آهي، جو ان کي محدود ڪري. عالمگير عزم جو هرهڪ حصو، هرهڪ نوع، هرهڪ عضوو سڄي جو محتاج آهي.

اسان مان هرهڪ قدرتي طور ائين سمجهي ٿو، ته هو بلڪل آزاد آهي. هرهڪ سمجھي ٿو، ته هر گهڙيءَ هو زندگيءَ جي نئين نموني جي شروعات ڪري سگهي ٿو، جنهن جو مطلب هيءُ آهي، ته هو هڪ ٻيو انسان ٿي سگهي ٿو، پر آزمودو اسان کي ذهن نشين ڪرائي ٿو، ته اسان آزاد نه آهيون، پر جبريت جا محتاج آهيون. پڪن ارادن ۽ خيالن جي باوجود اسان پنهنجي هلت  بدلائي نه ٿا سگهون ۽ شروع کان وٺي پڇاڙيءَ تائين اسان ساڳئي ئي اخلاق جا مالڪ آهيون، جنهن کي اسان خود ننديون ٿا ۽ آخرڪار زندگيءَ جي اسٽيج تي ساڳي ئي اداڪاري ڪريون ٿا، جيڪا اسان جي مقدر ۾ آهي.

 

دنيا هڪ بديءَ جي حيثيت ۾: The World as Evil

 

جيڪڏهن دنيا هڪ عزم آهي، ته پوءِ ضرور اها تڪليفن جي دنيا هوندي.

ان جو پهريون سبب هيءُ آهي، ته اسان جو عزم هميشه ڏيکاري ٿو، ته اسان کي ڪنهن به شيءِ جي ضرورت  آهي ۽ عزم جي آرزو هميشه سندس پهچ کان وڏي آهي. جيڪڏهن اسان جي هڪ خواهش پوري ٿئي ٿي، ته ڏهه خواهشون رد ٿين ٿيون. خواهش بيحد آهي، انهيءَ جي تڪميل محدود آهي. ”هڪ خواهش جو پورو ٿيڻ ائين آهي، جيئن هڪ فقير کي خيرات ڏيڻ. اها خيرات کيس اڄ زندهه رکي ٿي، ان لاءِ ته سڀاڻي سندس مفلسي ۽ لاچاري گهڻي ٿيئي. جيستائين اسان جو شعور آرزوءَ سان ڀريو پيو آهي، اسان خواهشن جي اميدن ۽ ڊپن جو شڪار آهيون ۽ اسان عزم ڪرڻ جا عادي آهيون، تيستائين اسان کي دائمي خوشي ۽ سڪون ملي ڪونه سگهندو.“ پر جيتوڻيڪ هڪ خواهش پوري به ٿئي، تڏهن به اسان راضي نه ٿا ٿيون، ڪنهن به مقصد جي ڪاميابيءَ ان جي لاءِ موتمار ثابت ٿئي ٿي. ”ڪنهن به جذبي جي پورائي اسان کي اٽلو ناخوش ٿي ڪري، ڇاڪاڻ ته ان جذبي جون گهرجون، ان شخص جي شخصي خوشيءَ ۽ مزي سان ايترو ته ڪشمڪش ٿيون ڪن، جو اهي خوشيءَ ۽ سڪون کي تباهه ڪريو ڇڏين. هرهڪ انسان جي ذهن ۾ هڪ ڦڙڦوٽ پيدا ڪندڙ ضد آهي. پوري ٿيل خواهش وري ٻي خواهش پيدا ڪري ٿي، تان جو خواهشن جو سلسلو اڻکٽ ٿيو پوي. آخرڪار نتيجو اهو ٿو نڪري، جو خواهش پنهنجو پاڻ کائڻ شروع ڪري ٿي ۽ نيٺ سواءِ هڪ بکايل خواهش جي ٻي ڪابه شيءِ زندهه نه ٿي رهي.

هرهڪ انسان جي حالت ۾ سندس فطرت، غم جو انداز، جيڪو سندس لاءِ ضروري آهي، مقرر ڪري ٿي. غم جو ڀنڊارو ڪڏهن به خالي ٿيڻ وارو نه آهي، نه وري مقرر ٿيل مقدار کان وڌيڪ غم ان ۾ ئي پئجي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪا وڏي ڳڻتي دور ٿئي ٿي، ته پوءِ يڪدم ٻي اچي، ان جي جڳهه وٺي ٿي. نئين ڳڻتيءَ جو مواد ته اڳيئي وجود ۾ هو، پر انساني شعور اندر ان لاءِ ڪا جڳهه خالي نه هئي، پر هاڻي  جڏهن ان لاءِ جڳهه موجود آهي، تڏهن اچي پنهنجي تخت تي وهي ٿي.

زندگي بدي آهي، ڇاڪاڻ ته سور ان جو بنيادي محرڪ ۽ حقيقت آهي، خوشي فقط سور جي بند ٿيڻ جو نالو آهي. ارسطو سچ چيو آهي، ته سياڻو ماڻهو خوشيءَ جي ڳولا نه ٿو ڪري، پر غم ۽ انتظار کان نجات حاصل ڪرڻ جو اوسيئڙو ڪري ٿو.

هرهڪ راضپي، يا جنهن کي عام طور خوشي سڏيو ويندو آهي، کي درحقيقت صرف نفي معنيٰ آهي. اسان انهن رحمتن ۽ فائدن مان پوري طرح واقف نه آهيون، جيڪي اسان وٽ آهن، نه وري انهن کي ڪا اهميت ڏيون ٿا، اسان صرف ائين سمجھون ٿا، ته اهي اسان جي غم کي محدود ڪن ٿا. جڏهن اسان انهن کي وڃائي ويهون ٿا، تڏهن ئي اسان کي انهن جو قدر ٿئي ٿو. تنگ دستيءَ، مفلسيءَ يا غم کي اثباني شيءِ آهي، جنهن بابت اسان کي سنئين سڌي خبر پوي ٿي. يوناني سائنڪس ڇو خوشيءَ جي هن صورت کي ترڪ ڪيو؟ سبب فقط اهو هو جو کيس خبر هئي، ته غم هميشه گهڻي يا ٿوري انداز ۾ خوشيءَ سان چهٽيو پيو آهي. ساڳيو ئي سچ هڪ سهڻي فرينچ پهاڪي ۾ موجود آهي: ”بهتر، چڱي جو دشمن آهي.“ ان ڪري چڱي بلڪل ڇڏي ڏيو، شين يا حالتن جي بهتري انسان کي وڌيڪ غم ۾ مبتلا ڪندي.

زندگي بدي آهي. اڃا اسان کي ضرورت ۽ غم کان آرام مس ملي ٿو، ته اسان بي شغليءَ سبب بيزار ٿي پئون ٿا ۽ وري ڪنهن نئين شغل جي ڳولا ڪريون ٿا، جنهن جو مطلب آهي، نئون ڏک خريد ڪرڻ. جيتوڻيڪ کڻي هڪ اشتراڪيت تي دارومدار مثالي رياست قائم ٿي وڃي. تڏهن به بي انداز بديون باقي رهنديون، ڇاڪاڻ ته انهن مان ڪيتريون جهڙوڪ: زندگيءَ جي ڪشمڪش لاءِ لازمي آهي. فرض ڪيو، ته اسان سڀ بڇڙايون دور ٿا ڪريون ۽ ڪشمڪش لاءِ لازمي آهي. فرض ڪيو، ته اسان سڀ بڇڙايون دور ٿا ڪريون ۽ ڪشمڪش کي به ختم ٿا ڪريون، ان حالت ۾ اسان کي دنيا ۽ زندگيءَ سان ڪابه دلچسپي نه ٿيندي ۽ ڪڪ ٿي پونداسين. اهڙيءَ حالت کان ته ڏک ڀلو. اهڙيءَ ريت زندگي هڪ پينگهه وانگر سور ۽ بيزاريءَ جي وچ ۾ لڏي ٿي. ماڻهو جڏهن سورن ۽ ايذائن کي دوزخ جي تصور اندر داخل ڪي ٿا ڇڏن، تڏهن بيزاريءَ کان سواءِ هنن لاءِ ڪوبه بهشت باقي نه ٿو رهي. جيئن اسان وڌيڪ ڪامياب ٿا ٿيون. تيئن اسان وڌيڪ ڪڪ ٿي ٿا پون. جيئن عوام جي لاءِ ضرورت هڪ سخت سان آهي، تيئن اميرن لاءِ بيزاري ۽ مصيبت آهي. وچين طبقي وارن لاءِ آچر جو ڏينهن بيزاريءَ جي نشاني آهي ۽ ٻيا ڇهه ڏينهن ضرورت جي.

زندگي بدي آهي، ڇاڪاڻ ته جيئن زندگيءَ جو نظام اعليٰ، تيئن وڌيڪ ڏک. علم جو واڌارو ڪوبه حل پيش نه ٿو ڪري.

جيئن زندگيءَ ۾ عزم جو روپ وڌيڪ مڪمل ٿئي ٿو، تيئن ڏک وڌيڪ پڌرو ٿئي ٿو. هڪ ٻوٽي ۾ احساس اڃا ڪونه آهي، تنهن ڪري ان ۾ سور به ڪونه آهي. حيواني زندگيءَ جي هيٺين نوعن (Species) ۾ ڏک جو تمام گهٽ درجو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيتن ۾ سورن سهڻ جو انداز محدود آهي. ڪنڊيدار جانورن ۾ عصبي سرشتو مڪمل آهي. تنهن ڪري اهي گهڻي قدر سور سهن ٿا. جيئن ذهن وڌيڪ ترقي ڪري ٿو، تيئن سورن جو احساسن به وڌندو ٿو وڃي ٿو، جيئن علم۽ سجاڳي وڌي ٿي، تيئن سور پڻ وڌي ٿو ۽ انسان ۾ اهو چوٽيءَ تي پهچي ٿو. جيئن انسان پنهنجو علم ۽ عقل وڌائي ٿو. تيئن هو پنهنجو درد به وڌائي ٿو. جنهن انسان کي غير معمولي ذهن آهي. اهو سڀنيءَ کان وڌيڪ سور سهي ٿو.

علم وڌائڻ معنيٰ غم ۾ اضافو ڪرڻ. حافظو ۽ درد انديشي به انساني مصيبت کي وڌائڻ ٿا. جڏهن اسان پراڻا سور ياد ٿا ڪريون، يا آئندهه جي سورن جو ڊپ ٿا ڪريون . تڏهن ئي اسان جي دل ڏکي ٿئي ٿي. سُور خود بلڪل ٿوري عرصي لاءِ زندهه رهي ٿو. موت جو تصور اسان کي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ خود موت کان تڪليف ڏيندڙ ڪري ٿو.

آخر ۾ زندگي بدي ان ڪري آهي، جو زندگي جنگ آهي، قدرت ۾ هر هنڌ جهيڙو، چٽاڀيٽي، مقابلو ۽ فتح ۽ هار جي خودڪشيءَ واري اچ وڃ ڏسون ٿا. هرهڪ نوع ٻين جي مادي، جڳهه ۽ وقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين سان لڙي ٿي.

هڪ ننڍو پاڻيءَ جو نانگ جيڪو مُکڙيءَ وانگر ٻڍي نانگ جي جسم تي اڀري ٿو، سو اڃا پنهنجي پيءُ جي جسم کان جدا ئي ڪونه ٿيو آهي ته شڪار لاءِ ٻين سان وڙهي ٿو. آسٽريليا ۾ هڪ قسم جي ماڪوڙي ٿيندي آهي. جنهن کي جيڪڏهن ٻن حصن ۾ ڪپيو، ته پوءِ سندس مٿي ۽ پڇ جي وچ ۾ لڙائي شروع ٿيندي . مٿو پڇ کي پنهنجن ڏندن سان پڪڙيندو پڇ بهادريءَ سان پنهنجي بچاءَ ۾ مٿي کي ڏنگ هڻندو اها جنگ اڌ ڪلاڪ تائين پيئ هلندي. پوءِ آخرڪار يا ته ٻئي مري ويندا يا ٻيون ماڪوڙيون انهن کي گهلي وينديون. جاوا ۾ هڪ ميدان ۾ هڏن جا پڃرا ٽڙيا پکڙيا پيا هئا ۽ ائين پئي سمجهه ۾ آيو، ته ڄڻ ته اهو لڙائيءَ جو ميدان ٿي گذريو هو. پر پوءِ تحقيق مان معلوم ٿيو، ته اهي وڏين ڪمين جا جنازا هئا. اهي ڪميون سمنڊ کان آنن لائڻ لاءِ آيون هيون پوءِ جهنگلي ڪتن انهن تي حملو ڪيو پنهنجي متحد قوت سان ڪتن انهن جي پيٺن تي ليٽي. پٺيءَ تان سخت هڏا ڪپي، انهن کي ڳڙڪائڻ شروع ڪيو، پوءِ وري ڪونه ڪو چيتو اچي ڪتن جي مٿان ڪڙڪيو ۽ کين پنهنجو لقمو بنايائين ..... ڇا ڪميون ان ڪري ئي ڄايون هيون ، اهڙيءَ ريت زندهه رهڻ جو عزم هر هنڌ جنگي مورچو کڙو ڪري ٿو. زندگي زندگيءَ کي ڳڙڪائي زندهه رهي ٿي. آخرڪار انساني نوع زندگيءَ جي هر قسم جي تي غالب ٿي پوي ٿو ۽ قدرت کي پنهنجن ضرورتن پورين ڪرڻ لاءِ هڪ ڪارخانو ڪري سمجھي ٿي. پر انساني نوع اندر به هڪ عزم جو ٻئي سان مقابلو نمودار ٿئي ٿو. انسان جنگ ڪرڻ ۾ خوب نالو ڪڍيو آهي. انسان، انسان لاءِ بگهڙ آهي.

مٿين حقيقتن کي خيال ۾ رکندي، اسان ائين چئي سگهون ٿا، ته پراميدي جو نظريو عام ماڻهن جي ڏکن ڏاکڙن تي هڪ بدمزاج ٽوڪبازي آهي. لائبنز جي ڪتاب ”ٿيئوڊائسي“ ۾ ترتيبوار نموني ۾ اهو نظريو پيش ڪيو ويو آهي، ته سٺي ۾ سٺي دنيا جيڪا پيدا ٿي سگهي ٿي، سا اسان جي دنيا آهي. ان ڪتاب جي سواءِ ان جي ٻي ڪابه خوبي ڪانه آهي، ته ان جي ترديد ۾ والٽيئر هيءُ سمجھاڻي پيش ڪندو هو، ته بدي ڪڏهن ڪڏهن نيڪي آڻيندي آهي. اهو هڪ دنيا جي بڇڙائيءَ جو بي فائده ۽ ڪمزور بهانو آهي. قصو ڪوتاهه ته اعتقاد جاڳائي ٿي، ته اسان جي جدوجهد جو نتيجو ڪجهه به ڪونه آهي، دنيا جون سڀ سٺيون شيون هيچ آهن، دنيا سڀني غرضن ۽ مقصدن ۾ ڏيوالو ڪڍيو آهي ۽ زندگي هڪ ڌنڌو آهي، جنهن ۾ هڙ به حاصل ڪونه آهي.

 خوش رهڻ لاءِ انسان کي اهڙو جاهل ۽ ناتجربيڪار هئڻ گهرجي، جهڙو ڪو نوجوان، هڪ نوجوان سمجھي ٿو، ته خواهش ڪرڻ ۽ ڪوشش ڪرڻ مزا  آهن، اڃا هن اهو نه پروڙيو آهي، ته انسان جي خواهش ڪڏهن به پوري ٿيڻ واري نه آهي ۽ مزاح جي حاصلات پڻ بي فائده آهي. نوجوان اڃا نه ڏٺو آهي ته زندگيءَ ۾ هار اٽل آهي.

 جوانيءَ جي خوش مزاجي ۽ زندهه دليءَ جو سبب هيءُ آهي، ته جڏهن اسان زندگي جي ٽڪريءَ تي مٿي چڙهندا آهيون، تڏهن اسان کي موت ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي، موت ٽڪريءَ جي ٻئي پاسي تري ۾ لڪيو ويٺو هوندو آهي... زندگيءَ جي آخري دور ۾ اسان ائين محسوس ڪندا آهيون، ڄڻ ته اسان مجرم آهيون، جن کي ڦاسيءَ جي سزا ملي چڪي آهي. ائين سمجھندا اهيون، ته هرهڪ قدم اسانک ي ڦاسيءَ جي تختي ڏانهن وٺي هلي ٿو. جيڪي وڏي عمر جا هوندا، اهي محسوس ڪندا، ته زندگي ڪيتري نه ننڍي آهي... ڇٽيهن سالن جي عمر تائين اسان پنهنجي قوت حيات ائين ضايع ڪندا آهيون، ڄڻ ته اسان وياج جي پيسي تي پيا گذران ڪريون، جيڪي اڄ اسان خرچ ڪنداسون سو سڀاڻي اسان کي وري واپس ملندو. پر ڇٽيهن سالن جي عمر کان پوءِ اسان جي حالت ان تجارتيءَ وانگر آهي، جنهن کي وياج يا نفعي جي ڪا اميد نه  هجي ۽ جو پنهنجي سرمائي تي گذران ڪري. ان ئي آفت جي ڊپ سبب جيئن اسان عمر ۾ وڏا ٿيندا ٿا وڃون، تيئن اسان جي دل ۾ پيسي گڏ ڪرڻ جي لالچ وڌندي ٿي وڃي.

آخر ۾ اسان موت سان ملون ٿا. اڃا زندگيءَ جو آزمودو پاڻ کي مرتب ڪري، عقلمنديءَ جي صورت مس اختيار ڪري ٿو، ته دماغ ۽ جسم فنا ٿيڻ شروع ڪن ٿا. هڪ گهڙيءَ واسطي هر شيءِ ترسي ٿي ۽ پوءِ تيزيءَ سان هو موت جو شڪار ٿئي ٿي. اسان موت جي هٿ ۾ ائين آهيون ،جيئن ٻليءَ جي چنبن ۾ ڪبوتر. اهو صاف آهي، ته جيئن گهمڻ جو مقصد ان کان سواءِ ٻيو ڪونه آهي، ته اسان هميشه پاڻ اچون، تيئن اسان کي هيٺ ڪرڻ کان بچائيندا اچون، تيئن اسان جي جسماني زندگي ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، ته اسان هميشه موت جي چنبي کان بچندا رهون. ٻين لفظن ۾ زندگي معنيٰ موت کي هميشه مهمل ڪرڻ. مشرقي بادشاهن جي قيمتي زيورن ۽ پوشاڪن سان گڏ هميشه هڪ زهر جي قيمتي شيشي هوندي هئي. مشرقي فلسفو موت کي هرهنڌ حاضر ناظر ڄاڻي ٿو، ان ڪري ان جا پوئلڳ هميشه خاموشي، اڪيلي ۽  آهستگي اختيار ڪندا آهن، کين هميشه اها ڳالهه ياد آهي، ته شخصي زندگي ڪيترو نه تيزي سان ختم ٿيڻ واري آهي. موت جو ڊپ فلسفي جي ابتدا ۽ مذهب جو آخرين سبب آهي. عام ماڻهو موت جي آڏو سر تسليم خم نه ٿو ڪري. تنهن ڪري هو بي انداز فلسفا ۽ ديني نظريا تيار ڪري ٿو. ابدي زندگيءَ ۾ اعتقاد پڻ موت جي ڊپ جي هڪ نشاني آهي.

جهڙيءَ طرح دينيات موت جي ڊپ کان پناهه ڏئي ٿي، اهڙيءَ ريت چريائي سور کان پناهه ڏئي ٿي. ڏکن جي يادگيري حافظي تان دور ڪرڻ لاءِ چريائي اچي ٿي. چريائيءَ ڪري شعور جو ڌاڳو ٽٽي پوي ٿو. ڪيترن آزمودن ۽ ڊپن مان اسان بچي صرف ان حالت ۾ نڪرنداسين، جڏهن اسان انهن کي وساري ڇڏينداسين.

جيڪي شيون زبردستيءَ اسان جي غرضن کي ايذاءُ رسائينديون آهن، اسان جي غرور کي زخمي ڪنديون آهن ۽ اسان جي خواهش ۾ دست اندازي ڪنديون آهن، تن کي اسان ڪيترو نه ناخوشيءَ سان ياد ڪندا آهيون! ڪيتري نه تڪليف سان اسان اهڙين شين کي تحقيق لاءِ پنهنجن ذهنن جي آڏو رکندا آهيون! جڏهن عزم ۽ عقل جي اهڙي ڪشمڪش زور وٺندي آهي، تڏهن چريائيءَ جي شروعات ٿيندي آهي. پر اهڙي طرح پيدا ٿيل چريائيءَ ۾ پڻ ڏک جو درياهه سمايل آهي. چريائي خوفزدهه فطرت يا عزم جو آخري علاج آهي.

پر آخري پناهه خودڪشيءَ جي  ذريعي ئي حاصل ٿي سگهي ٿي. هن حالت ۾ آخرڪار خيال ۽ تصور جبلت تي فحتيابي حاصل ڪن ٿا. ڊائوجنز ساهه کڻڻ کان انڪار ڪري پنهنجو خاتمو  آندو، زندهه رهڻ جي عزم تي هن ڪهڙي نه فتح حاصل ڪئي! پر اها فتح شخصي آهي، اهو عزم نوع ۾ موجود رهي ٿو. زندگيءَ خودڪشيءَ تي کلي ٿي ۽ موت تي مشڪي ٿي، ڇاڪاڻ ته هڪ ڄاڻي ٻجهي موت جي عيوضهزارين پاڻمرادو جنم ٿين ٿا. زندگيءَ جي صرف هڪ روپ جو ڄاڻي ٻجهي خاتمو آڻڻ هڪ جايو ۽ بيوقوفيءَ جو ڪم اهي. ڇاڪاڻ ته ان زندگي، نوع ۽ ڪلي عزم تي ذري ماتر به اثر نه  ٿو پوي. انڊلٺ قائم رهي ٿي، جيتوڻيڪ ڦڙا جيڪي سندس حمايت ڪن ٿا، سي تيزيءَ سان ڪرندا رهن ٿا. هڪ فرد جي موت کان پوءِ مفلسي ۽ ڪشمڪش جاري آهي ۽ جاري رهڻ گهرجي. جيستائين انسان ۾ عزم حڪمران آهي، زندگيءَ جي خرابين تي فتح حاصل ٿي نه ٿي سگهي، جيستائين عزم کي مڪمل طور علم ۽ عقل جي ماتحت نه ڪيو ويو آهي.

 

زندگيءَ جي ڏاهپ: Wisdom of Life

(الف) فلسفو: Philosophy

 پهريائين ڏسو ته دنياوي مال ۽ ملڪيت حاصل ڪرڻ جي خواهش ڪهڙي نه بيوقوفيءَ جي نشاني آهي. بيوقوف ائين ٿا سمجهن، ته جيڪڏهن فقط انهن دولت حاصل ڪئي، ته سندن خواهشون مڪمل طور پوريون ٿي وينديون. عام طور ائين سمجھيو ويندو آهي، ته هوند وارو ماڻهو ڪنهن به خواهش کي پايه تڪميل تائين پهچائي سگهي ٿو. ماڻهو کي هميشه ان تان ڇينڀيو ويندو آهي، جو هن ٻين سڀني شين کان پيسي جي وڌيڪ خواهش ڪندا آهن ۽ ٻين سڀني شين کان انسان وڌيڪ محبت ڪندا آهن. پر اهو قدرتي ۽ اٽل آهي، ته ان شيءِ سان محبت ڪجي، جيڪا پنهنجي من جي مراد مطابق ڪنهن به مادي ۾ بدلجي سگهي ٿي. ٻي ڪابه شيءَ صرف هڪ خواهش پوري ڪندي. فقط پيسو قطعي چڱائي آهي، ڇاڪاڻ ته پيسو هرهڪ خواهش جو خيالي راضپو آهي. تنهن هوندي به سڄي زندگي جيڪا پيسي گڏ ڪرڻ ۾ گذارجي ٿي، سا بيڪار آهي. جيستائين اسان کي خبر نه ٿي پوي، ته دولت کي ڪيئن خوشيءَ ۾ تبديل ڪجي، هيءُ اهڙو فن آهي، جنهن لاءِ تمدن ۽ ڏاهپ جي ضرورت پئي ٿي. جسماني حاصلات جوسلسلو ڪڏهن به گهڻو عرصو اسان کي راضي نه ٿو ڪري. اسان کي گهرجي، ته دولت حاصل ڪرڻ جي هُنر سان گڏ زندگيءَ جي مقصدن کي سمجھون. ماڻهن جو هزار دفعا ڌيان ان طرف آهي، ته هو شاهڪار ٿين، پر تمدن حاصل ڪرڻ طرف اهي ڪوبه توجهه نه ٿا ڏين، جيتوڻيڪ اهو نهايت سچ آهي، ته انسان جي خوشيءَ جو وڌيڪ دارومدار ان تي آهي، ته هو ڇا آهي ۽ نه ان تي ته هن کي ڇا آهي؟ جنهن انسان کي ذهني گهرجون ڪونه آهن، سو هڪ اڻ گهڙيل مادهه پرست آهي. کيس خبر نه آهي، ته فرصت جي وقت کي هو ڪيئن ڪم ۾ آڻي. هر جڳهه هو جوش انگيز واقعن جي ڳولا ڪري ٿو. آخرڪار يا ته هو سست شاهوڪار جي سزا ڀوڳي ٿو يا ته هڪ لاپرواهه شهوتيءَ جي. جيڪا هر حالت ۾ آهي ”بيزاري.“

دولت نه پر ڏاهپ ئي سنئين راهه آهي. انسان هڪ عزم جي زوردار ڪوشش آهي، جنهن جو مرڪز توليدي نظام ۾ آهي، ساڳي وقت هو خالص علم جو ابدي، آزاد ۽ مقدس فاعل آهي، جنهن جو مرڪز آهي، دماغ. اِها حيرت ۾ وجهندر ڳالهه ته آهي، ته جيتوڻيڪ علم عزم جي پيدائش آهي، پر تنهن هوندي به علم عزت تي غالب پئجي سگهي ٿو. ذهن ڪڏهن ڪڏهن عزم جي حڪمن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندو آهي، ان مان ظاهر آهي، ته علم عزم کان آزاد ۽ غير محتاج ٿي سگهي ٿو.  ذهن ڪڏهن ڪڏهن عزم  جي فرمانبرداريءَ کان انڪار ڪندو آهي. مثال طور جڏهن اسان ڪنهن شيءِ يا واقعي کي ياد ڪرڻ جي اجائي ڪوشش ڪندا آهيون. عزم جو ذهن خلاف غصو، سندس ذهن سان نسبت صاف ۽ چٽي ڪري ڇڏيندو آهي. حقيقت ۾ ان غصي مان ڪڪ ٿي، ڪيترائي ڪلاڪ پوءِ يا ٻئي صبح جو، اوچتو ئي اوچتو ۽ سواءِڪنهن موقعي جي، حاڪماڻي نوع ۾ ذهن اها شيءِ ظاهر ڪندو آهي. جنهنجي گهر کانئس ڪئي وئي. اهڙي نامڪمل زيردستيءَ جي حالت کان لنگهي ذهن برسراقتدار ٿي سگهي ٿو. ڪنهن گذريل فڪر يا محسوس ڪيل ضرورت مطابق انسان ڏک ڀوڳي ٿو ۽ بي درديءَ سان اهي شيون حاصل ڪري ٿو. جيڪي هن لاءِ سخت ۽ خطرناڪ اهميت رکن ٿيون، جهڙو خودڪشي، ڦاسي، دوبدو جنگ يا زندگي جي خطرناڪ مهم. عام طور اهي اهڙيون شيون آهن، جن جي خلاف اسان جي حيواني فطرت فساد کڙو ڪري ٿي. اهڙي حالتن هيٺ اسان ڏسون ٿا، ته عقل اسان جي حيواني فطرت مٿان ڪيتري قدر غالب پيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org