سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
فلسفي جي ڪهاڻي |
باب:
-- |
صفحو :6 |
باب ٻيو
ارسطو ۽ يوناني سائنس
Aristotle and Greek Science
تاريخي پسمنظر
Historical Background
ارسطو
مقدونيا جي هڪ شهر اسٽاجيرا
(Stagira)
۾ سن 384 ق.م ۾ ڄائو هو. اهو شهر، اٿينس کان
ٻه سئو ميل پري اتر ۾ واقع آهي. هن جو والد
مقدونيا جي بادشاهه جو دوست ۽ حڪيم هو. ان
بادشاهه جو نالو امينٽاز
(Amynatas)
هو، هيءُ سڪندر اعظم
(Alexander the Great) جو ڏاڏو هو. ارسطو پاڻ، ان وقت جي حڪيمن جي بيداريءَ واري
تنظيم جو ميمبر هو. هو دوائن جي فضا ۾ پليو
هو، جهڙيءَ طرح ان کان پوءِ ڪيترا فلسفي،
مذهبي فضا ۾ پليا. هن کي هرهڪ موقعو نصيب ٿيو
۽ هرقسم جي همت افزائي ٿي، انهيءَ لاءِ ته
سائنس واسطي، ڪو خاص لاڙو سندس دماغ ۾ پيدا
ٿئي. شروع کان وٺي، هو تيار ٿيو، جيئن هو
سائنس جو بيناد وجھندڙ ٿئي.
هن جي جوانيءَ جا انيڪ قصا مشهور آهن، جن مان ڪوبه اسان پنهنجي
مرضيءَ مطابق چونڊي سگهون ٿا. هڪ قصي موجب، هن
پنهنجي وڏن جي جائداد، عيش عشرت ۾ ختم ڪري
ڇڏي. ان کان پوءِ هو، پيٽ قوت حاصل ڪرڻ خاطر،
فوج ۾ داخل ٿيو ۽ آخرڪار اسٽاجيرا موٽي، طب
اختيار ڪيائين. ٽيهن سالن جي ڄمار ۾، افلاطون
جي فلسفي کي سکڻ لاءِ اٿينس روانو ٿيو. ٻئي هڪ
قصي مطابق، جڏهن هو اڃا ارڙهن سالن جو مس هو،
ته هن پاڻ کي افلاطون جي سنڀال ۽ رهبريءَ هيٺ
سونپيو. پويون قصو، وڌيڪ اعتبار جوڳو ٿي سگهي
ٿو. پر تنهن هوندي به، اسان کي ارسطو جي لاغرض
بي ترتيب ۽ بغير ضابطي واري جوانيءَ بابت ڪافي
معلومات حاصل آهي. شايد ڪنهن پڙهندر کي، هي
الزام ناگوار لڳن، ته بهرحال ارسطوءَ جي
زندگيءَ جي بهار، افلاطون جي تعليم گاهه جي
خاموش فضا ۾ اچي لنگر هنيون.
افلاطون جي رهنمائيءَ هيٺ، هن اٺ يا ويهه سال علم پرايو.
ارسطوءَ جي خيالن ۽ فڪر ۾، افلاطوني رنگ ۽ ڍنگ
ڏيکاري ٿو ته ڳچ عرصو، هو افلاطون جي
نظرداريءَ هيٺ رهيو آهي. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن،
هن جو فلسفو، افلاطون جي فلسفي جي برعڪس آهي.
اسان ائين سمجھي سگهون ٿا ته اهو عرصو، ارسطو
لاءِ راحت سان ڀرپور هو. هڪ هوشيار شاگرد کي،
هڪ بي مثال استاد ملي. اهو ائين آهي، جيئن ٻه
يوناني عاشق، فلسفي جي باغ ۾ چهل قدمي ڪن. پر
اهي ٻئي غير معمولي ذهن جا مالڪ هئا. اهڙا
انسان هڪ ٻئي سان ائين ٺهندا آهن، جيئن گندرف
جي کاڻ ۾ باهه جو اُلو. هنن جي ڄمار ۾، ذري
گهٽ اڌ صديءَ جو فرق هو. اسان کي اهو سمجھڻ
ٿورو مشڪل ٿيو پوي ٿو. ته وقت جي فرق ۽ روحن
جي اڻ هيڪڙائي کي ڪيئن ميٽيون. افلاطون، هن
نئين عجيب شاگرد جي خدمت صحيح ڪئي، جو اتر کان
آيو هو، جنهن کي عام طرح، غير مهذب سمجھيو
ويندو هو. هڪ دفعي، هن پنهنجي شاگرد کي، تعليم
گاهه جو نڪ ڪري ڪوٺيو، ڄڻ ته هو عقل جو مجسمو
هو. ارسطو ڪتاب گڏ ڪرڻ ۾، ڳچ پيسو خرچ ڪيو،
جيڪي ان وقت ملڪ ۾ ڇاپخانن نه هئڻ سبب، قلمي
نسخن جي صورت ۾ هئا. يورپيڊيز
(Euripides)
کان پوءِ، هيءُ پهريون يوناني هو، جنهن پنهنجو
شخصي ڪتب خانو ٺاهيو، ان کانسواءِ، ڪتابن جي
فهرست ۽ ترتيب جا اصول پڻ ايجاد ڪيا، جنهن
لاءِ علمي ۽ ڪتابي دنيا، سندس شڪر گذار آهي.
افلاطون، ارسطو جي گهر بابت ائين چيو، ته سندس گهر اهڙو هو،
جهڙو هڪ ڪتابي عاشق لاءِ هئڻ جڳائي. قديم
زماني جو ذڪر ڪندڙن، هن ڳالهھ جي اها تشريح
ڪئي، ته افلاطون، ارسطوءَ کي، ڪتابي ڪيڙي هئڻ
جو طعنو هنيو آهي. افلاطون جي زندگيءَ جي آخري
دور ۾ هڪ ٻيو جھڳڙو به، استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾
ٿيو، جيڪو اعتبار جوڳو آهي. هن پُر عزم،
نوجوان کي پنهنجي روحاني ابي بابت، نفرت جاڳي،
ڇاڪاڻ ته فلسفي هن کي نوازيو هو ۽ اشاري طور
ائين چئي ويٺو، ته ڀلي افلاطون مري وڃي، پر هن
سان گڏ، هڪ کودڙو آهي، جنهن پنهنجي ماءُ جو
کير پي، ان جا ٿڻ خشڪ ڪري، کيس اِٽون هڻڻ شروع
ڪيون آهن. فاضل زيلر
(Zeller)،
جنهن جي لکتن ۾، ارسطوءَ کي عزت ۽ آبرو جو
معراج حاصل آهي، تنهن انهن ڳالهين کي بي بنياد
ڪري سمجھيو آهي. پر اسان کي سمجھڻ گهرجي، ته
جنهن جاءِ تي هن وقت تائين دونهون دکي ٿو.،
اُتي ڪنهن وقت ضرور باهه ٻري هوندي. هن عرصي
جا ٻيا واقعا، وڌيڪ لڪل آهن. ڪي سوانح عمري
لکندڙ، اسان کي ٻڌائين ٿا، ته ارسطو، سقراط جي
ساٿ سان هڪ فصاحت ۽ بلاغت جو اسڪول کوليو.
سندس شاگردن مان دولتمند هرمياز
(Hermias)_،
هڪ هو، جو پوءِ جلدي، اطارينس
(Atarneus)
شهر جو حاڪم ٿيو. ان اقتدار حاصل ڪرڻ کانپوءِ،
هرميار، ارسطوءَ کي، پنهنجي درٻار ۾ اچڻ لاءِ
دعوت موڪلي. سن 324 ق.م ۾ هن کي ، سندس گذريل
احسان جي عيوضي ۾ پنهنجي ڀيڻ (يا ڀائٽي)نڪاح ۾
ڏنائين. هن قسم جي يوناني هن قسم جي يوناني
سوغات کي، شايد ڪو شڪي نگاهن سان ڏسي. پر مورخ
اسان کي يقين ٿا ڏيارين. ته ارسطو ، پنهنجي
اعليٰ ذهن جي باوجود پنهنجي زال سان خوش هوندو
هو، هن پنهنجي وصيت نامي ۾ پڻ پنهنجي زال لاءِ
پيار ڀريا لفظ استعمال ڪيا هئا. هن شادي واري
واقعي کان هڪ سال پوءِ، فلپ، مقدونيا جي
بادشاهه، هن کي پنهنجي درٻار ۾ گهرايو. هن
لاءِ ته، هو سندس پٽ سڪندر کي تعليم ڏئي، وقت
جي سڀ کان وڏي بادشاهه، ڳولهيندي ڳولهيندي،
وقت جي بهترين استادن کي پنهنجي پٽ جي تعليم
لاءِ چونڊيو. اها ڳالھه، ارسطوءَ جي وڌندڙ
شهرت جي ثابتي ڏئي ٿي.
فلپ جو پڪو ارادو هو، ته هو پنهنجي پٽ کي هر قسم جي تعليم جو
فائدو ڏئي، ڇاڪاڻ ته کيس، سندس لاءِ بيحد
تجويزون هيون. هن سن 356 ق.م، ٿريس جو ملڪ فتح
ڪيو. جنهن ڪري، هن جو سون جي کاڻين مٿان قبضو
ٿيو. جتان هن کي، اٿينس کي جيڪا، لاريم مان
چاندي ايندي هئي، تنهن کان ڏهوڻو سون حاصل
ٿيو. هن جي رعيت ۾ طاقتور هاري ۽ جنگي جوڌا
موجود هئا، جن تي شهري زندگيءَ جي عيش عشرت ۽
بداخلاقي اڃا ڪو اثر نه ڪيو هو. ان ڪري اهو
ممڪن ٿي پيو، ته يونان جي سوين، ننڍين ننڍين
رياستن کي فتح ڪري، سڄي يونان کي سياسي طور،
متحد ڪجي. فلپ کي، انهيءَ انفراديت سان
همدردي ڪانه هئي، جنهن هڪ طرف ته يونان جي فن
کي زور وٺايو، پر ٻئي طرف يونان جي اجتماعي
نظام کي درهم برهم ڪري ڇڏيو. يونان جي مختلف
گادين ۾، هُن، دل کي خوش ڪندڙ تمدن ۽ بي مثال
فن ڪين ڏٺو، پر هن تجارتي بداخلاقي ۽ سياسي
بحران، لالچي واپاري ۽ صراف ڏٺا، جيڪي قومي
دولت لٽڻ مان ڪڏهن به ڪين ڍاپندا هئا. هن
سياستدان ۽ مخالف مقرر ڏٺا، جي محنتي ماڻهن جي
غلط رهنمائي ڪري کين تباهه ڪندا ۽ لڙاين طرف
آماده ڪندا هئا. يونان ۾ ان وقت بي انداز
گروهه، طبقا ۽ ذاتيون هيون. فلپ چيو ته، هيءَ
قوم ته ناهي، پر ماڻهن جو گوڙ گهمسان وارو
مجموعو آهي، جن مان ڪي اعليٰ ذهن وارا آهن، ته
ڪي غلام. هن پڪو ارادو ڪيو، ته هو اهڙي هنگامي
کي منظم ڪندو ۽ سڄي يونان کي متحد ڪري، کيس
دنيا جو سياسي مرڪز بنائيندو. ٿيبس
(Thebes)
۾ هن هڪ اعليٰ استاد اپئمينوڊاز
(Epaminondas)
جي زيرنگرانيءَ، فوجي حڪمت عملي ۽ گهرو
انتظاميا جا هنر سکيا هئا. هاڻي اعليٰ همت ۽
پُر عزمي سان هن پنهنجي تعليم ۽ تربيت جو پورو
پورو فائدو ورتو. سن 338 ق.م ۾، هن اٿينس جي
فوج کي ڪيرونيا وٽ شڪست ڏني. اهڙيءَ ريت يونان
کي هُن زنجيرن سان جڪڙي متحد ڪيو. هڪ فاتح جي
حيثيت ۾، جيئن هو تجويزون سوچي رهيو هو، ته
هاڻي ڪيئن هو ۽ سندس پٽ، ساري دنيا کي فتح
ڪري، هڪ ئي حاڪم جي ماتحت متحد ڪري، ته اوچتو
ئي اوچتو ڪنهن خونيءَ، هن کي دنيا جي تختي تان
هٽائي ڇڏيو.
جڏهن ارسطو، سڪندر جي تعليم جو ذمو پاڻ تي کنيو، تڏهن سڪندر
تيرهن سالن جو هڪ اَلڙ نوجوان هو. هو هڪ پرجوش
۽ مستانو نينگر هو. ڪڏهن ڪڏهن کيس مرگهيءَ جو
هلڪو دورو پڻ پوندو هو. وحشي گهوڙن کي پنهنجي
قبضي هيٺ ڪرڻ هن جو شغل هوندو هو. هن اسرندڙ
ٻرندڙ جبل جي گرمجوشيءَ کي ٿڌو ڪرڻ ۾، ارسطو
جيڪي ڪوششون ڪيون، سي سڀ اجايون ثابت ٿيون.
سڪندر کي هڪ وَحشي گهوڙي بيوسيفالس
(Bucephalus)
کي مطيع ڪرڻ ۾ وڌيڪ ڪاميابي حاصل ٿي، ان جي
ڀيٽ ۾ ارسطو کي سڪندر جي تربيت ڪرڻ ۾ وڌيڪ
آساني ٿي. پلوٽارچ
(Plutach)
چوي ٿو، ته ڪجهھ عرصو سڪندر پنهنجي استادن سان
محبت ڪندو هو. ۽ پيءُ وانگر سندس عزت ۽ احترام
ڪندو هو. سڪندر هميشه چوندو هو ته جيتوڻيڪ هڪ
پيءُ وٽان کيس زندگي ملي هئي، پر ٻئي پيءُ
وٽان هن پنهنجي زندگيءَ کي سنوارڻ جي مهارت
حاصل ڪئي هئي. هڪ يوناني پهاڪو آهي، ته زندگي،
فطرت جي سوغات آهي. پر حسن اخلاق، حڪمت جي
سوکڙي آهي. هڪ خط ۾ سڪندر پنهنجي استاد کي
لکيو، ته جيڪڏهن علم ۽ عقل ۾ ڏاهپ حاصل ڪريان
ها، ته منهنجي لاءِ بهتر ٿئي ها، ان جي ڀيٽ
جو، دنياوي جاهه ۽ جلال ۽ حڪومت جي دائري
وڌائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪيم. پر هيءُ لفظ، هڪ
نوجوان شهنشاهه، فقط پنهنجي استاد جي
فرمانبرداريءَ ۽ خوشي خاطر استعمال ڪيا هيا.
درحقيقت، هڪ نئين فلسفي جي دل ۾ هڪ غير مهذب ۽
وحشي بادشاهه جو خون جوش کائي رهيو هو. عقل،
ان جوش ۽ جذبي کي روڪڻ کان قاصر هو. ٻن سالن
جي عرصي کان پوءِ، افلاطون، فلسفي کي خيرباد
چئي، شاهاڻي تخت کي نوازيو ۽ دنيا کي مطيع ڪرڻ
جي ڪوشش ۾ مشغول رهيو. تاريخ اسان کي، هن
ڳالهھ کي قبول ڪرڻ لاءِ آزاد ڇڏي ٿي، ته سڪندر
جي شديد جذبي ۾ جيڪا متحد ڪندڙ قوت ۽ حشمت
موجود هئي، سا ارسطوءَ جي تربيت جو نتيجو هئي.
خيال جي تاريخ ۾ ارسطوءَ کي هڪ بهترين مرتب ۽
مرڪب ڪندڙ، مفڪر تسليم ڪيو وڃي ٿو. سياسي
ميدان ۾ سڪندر هڪ اعليٰ منتظم ثابت ٿيو،
جهڙيءَ طرح فلسفي جي ميدان ۾ ارسطو، سڀ کان
اعليٰ نظام جو باني هو. اهي آهن هڪ شاهاڻي
منصوبي جا ٻه مختلف پهلو. اهڙيءَ ريت، مقدونيا
جون ٻه اعليٰ هستيون، ٻن بي ترتيب دنيائن کي
متحد ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن.
سڪندر، ايشيا فتح ڪرڻ لاءِ جڏهن روانو ٿيو، تڏهن يونان جي شهري
رياستن جون حڪومتون، سندس فائدي ۾ هيون، پر
عوام سندس سخت دشمن هو. آزاد ۽ خودمختيار،
اٿينس جي ڊگهي روايت مطابق، اٿينس جا رهواسي
برداشت ڪري نه سگهيا، ته هو ڪنهن به ڌارئي جي
حڪومت قبول ڪن. جيتوڻيڪ هو دنيا جو فاتح ۽
ذهين ڇو نه هجي. ڊيموسٿينيز
(Demosthenes)،
جي اڳواڻيءَ هيٺ، هنن، مقدونيا جي برسر اقتدار
پارٽيءَ جي مخالفت ڪئي ويندي هئي. جڏهن ارسطو
سن 334 ق.م ۾، ٻئي سفر تان واپس ٿي، اٿينس
موٽيو، تڏهن فطرتاً، مقدونيا جي پارٽيءَ سان
شامل ٿيو. هن سڪندر جي متحد ڪندڙ، حڪومت جو
خير مقدم ڪيو. ارسطو، زندگيءَ جي پوين ٻارهن
سالن ۾ لڳاتار، هڪ پٺيان ٻيو ڪتاب پيش ڪندو
رهيو. هو علم جي اهڙي ته بي بها، دولت جمع
ڪندو رهيو ۽ مرتب ڪندو رهيو، جنهن جو مثال
ڪنهن به عالم اڳي پيش نه ڪيو هو. هن جي
نفسيات ۾ فڪر، ايجاد، حاصلات ۽ جانچ جي پلٽ
آهي. ساڳئي وقت اسان کي ياد رکڻ گهرجي، ته
هيءَ حقيقت جي خاموش ۽ پرسڪون حالات نه هئي.
هرهڪ منٽ ۾، سياسي فلڪ جي تبديليءَ جو انديشو
هو. سياسي اُڀ تي، هڪ طوفان جا آثار نمايان
هئا، جي هن جي صلح پسند فلسفياڻي زندگيءَ کي
پريشان ڪرڻ وارا هئا. جيڪڏهن اسان اهو ماحول
خيال ۾ رکنداسين. ته پوءِ ارسطوءَ جي سياسي
فلسفي کي آسانيءَ سان سمجھي سگهنداسون ۽ سندس
المناڪ موت تي افسوس ظاهر ڪنداسون.
ارسطوءَ جون لکتون
The Work of Aristotle:
شهنشاهه جي استاد لاءِ، اهو مشڪل نه هو جو اٿينس جهڙي مخالف شهر
۾ پڻ هن کي شاگرد ملن. پنهنجي عمر جي
ٽيونجاهين سال ۾، ارسطوءَ هڪ اسڪول قائم ڪيو،
جنهن جو نالو ’لئسيوم‘
(Lyceum)
هو. ايترا ته شاگرد ان اسڪول ۾ داخل ٿيا، جو
هن کي انتظام جي لحاظ کان، ڪيترن پيچيده قاعدن
ٺاهڻ جي ضرورت محسوس ٿي. شاگردن خود قاعدا
جوڙيا ۽ ڏهن ڏهن ڏينهن کان پوءِ، پاڻ مان هڪ
کي اسڪول جي نگرانيءَ لاءِ چونڊيندا هئا. پر
اسان کي ائين سمجھڻ نه گهرجي، ته اها سخت
پابندي جي جاءِ هئي. ان اسڪول جي جيڪا تصوير
اسان جي آڏو پيش ڪئي وڃي ٿي، ان مطابق شاگرد،
پنهنجي استاد سان گڏ طعام کائيندا هئا.
پهلوانن جي ميدان ۾ ارسطو سان گهمندي ڦرندي
سندس شاگردن کانئس تمام گهڻو سکيو، ۽ ان جي
ڪري ئي ”لئسيون“ نالو پيو.
اهو نئون اسڪول، افلاطون جي قائم ڪيل اسڪول جو هوبهو نقل ته نه
هو. تڏهن به هن تعليم گاهه ۾، رياضي، الاهيات
۽ سياست ڏانهن وڌيڪ زور ڏنو ويندو هو. ان کان
سواءِ علم حياتيات ۽ طبيعات طرف پڻ ڌيان ڏنو
ويندو هو. جيڪڏهن اسان پلني
(Pling)
تي اعتبار ڪريون، ته سندس چوڻ مطابق، سڪندر،
شڪار ڪندڙن، شڪار گاهن جي نگهبانن، باغبانن ۽
مهاڻن کي حڪم ڏنو هو، ته هو ارسطوءَ کي سندس
خواهش موجب هر قسم جي حيواني ۽ نباتاتي مواد
مهيا ڪري ڏين. ٻيا مؤرخ اسان کي ٻڌائين ٿا، ته
ڪنهن زماني ۾، هڪ هزار ماڻهو، هن جي حڪم موجب،
يونان ۽ ايشيا ۾ پکڙجي ويا، انهيءَ ارادي سان
ته هو ارسطوءَ کي هرهڪ ملڪ جا قسمين قسمين
جانور ۽ ٻوٽا جمع ڪري ڏين. اهڙي قسم جي مواد
جي ڪري، هو دنيا جي پهرين چڙيا گهر ۾ نباتاتي
باغ قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. انهن جانورن ۽
ٻوٽن کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪرڻ، ارسطوءَ جي علمي ۽
فلسفياڻي مطالعي جو هڪ اهم سبب هو. هن ڳالھه
جي اهميت ۾ ڪو وڌاءُ ٿي نٿو سگهي.
اهڙن مشڪل معاملن ۽ ڪمن کي پوري ڪرڻ لاءِ ارسطوءَ وٽ پيسو ڪٿان
آيو؟ هو ان وقت، هڪ وڏي آمدنيءَ جو مالڪ هو.
ان کان سواءِ يونان جو سڀ کان قوتمند مرد سندس
سرپرست هو. اٿينس چوي ٿو ته سڪندر کيس
(ارسطوءَ کي) علم طبيعي ۽ علم حيات جي کوجنا
لاءِ 800 يوناني سڪا ڏنا. (جن جو ملهه موجوده
زماني ۾ اٽڪل چاليهه لک ڊالر آهي) ڪيترن جو
خيال آهي، ته ارسطوءَ جي صلاح تي، سڪندر هڪ
ماهرن جو ٽولو موڪليو، ته هو نيل نديءَ جي
سرچشمي وٽ وڃ جاچ جوچ ڪري، ته ڪهڙن سبب ڪري
نيل ندي، ڪن خاص موسمن ۾ سيلاب آڻي ٿي.
ارسطوءَ لاءِ 158 مختلف سياسي آئينن جو
ڊائيجسٽ تيار ڪرڻ، ڏيکاري ٿو ته کيس ڪافي
مددگار مليل هئا. يورپ جي تاريخ ۾ هيءُ پهريون
مثال آهي، جو سائنس جي ترقيءَ لاءِ ايڏي وسيع
پئماني تي ملڪ جي دولت صرف ڪئي وئي. جيڪڏهن
موجوده زماني جي رياستن ۾ علمي تحقيقات لاءِ،
اهڙيءَ ڪشاده دليءَ سان پيسو خرچ ڪيو وڃي، ته
پوءِ ڪيئن نه انسان ذات، هر قسم جي علمي دولت
سان مالامال ٿئي!
پر تنهن هوندي به اها ارسطوءَ سان بي انصافي ٿيندي، جيڪڏهن اسان
اها ڳالھه نظرانداز ڪنداسين، ته اهڙي بي مثال
ذخيري جي باوجود ۽ سهوليتن جي موجود هوندي به،
ارسطوءَ کي ڪي به اهڙا اوزار ڪونه هئا، جيڪي
هن زماني جي تجربه گاهن ۾ عام طرح ميسر ٿي
سگهن ٿا. انهيءَ زماني ۾ واچون نه هيون، جن
سان وقت جي رفتار پروڙي سگھجي. ٿرماميٽر نه
هئا، جن سان گرميءَ جا درجا ماپي سگهجن،
دوربينيون نه هيون، جن سان فلڪ کي جاچي سگهجي
۽ نه وري ڪي بئراميٽر ئي هئا، جن سان هوا جو
داٻ معلوم ڪري سگهجي. رياضياتي، بصري ۽ طبعي
اوزار مان، هن وٽ صرف فوٽ پٽي ۽ پلڪار هئا.
ٻين ڪن اوزارن جي عيوض هن وٽ فقط غير مڪمل
اوزار هوندا هئا. ڪيميائي تجزيا، صحيح ماپ ۽
تور توڙي طبعيات ۾ رياضيات کي استعمال نه ڪيو
ويندو هو. مادي جي ڪشش ڪندڙ قوت، ڪشش ثقل جا
قاعدا، برقي مظاهرا
(Electrical Phenomena)، ڪيميائي مرڪبن
(Chemical Combination) جون حالتون، هوا جو داٻ ۽ ان جا اثر، روشني ۽ گرمي، مطلب ته
اهڙيون سڀئي حقيقتون، جن جي بنياد تي موجوده
سائنس بيٺل آهي، انهيءَ وقت نامعلوم هيون.
ڏسو ته ڪيئن نه ڪنهن به ملڪ جي تاريخ، سائنس جي ايجادن تي
دارومدار رکي ٿي. ارسطوءَ وٽ دوربيني ڪانه
هئي، ان ڪري سندس علم آڪاس متعلق کوجنائون، ڄڻ
ته ٻاراڻيون ڳالهيون پيون لڳن. خوردبيني نه
هئڻ ڪري، سندس حياتيات بابت تحقيقات اصل مقصد
کان هٽي (ڀٽڪي) ٿي وڃي. ٻين بي مثال حاصلاتن
جي مقابلي ۾، يونان صنعتي ۽ ٽيڪنيڪل ايجادن جي
ڀيٽ ۾ گهڻو پوئتي هو. مٿئين طبقي وارا يوناني
هٿ جي پورهئي کان نفرت ڪندا هئا، جنهن ڪري فقط
غلامن کي، پيدائش جي ذريعن جي واقفيت هوندي
هئي. غلام کي صنعت جي ترقيءَ مان ڪوبه مالي
فائدو پهچڻو نه هو، تنهن ڪري منجھن، ڪابه شخصي
دلچسپي ڪانه هئي، ته ڪيئن پيدائش جي ذريعن جون
اوڻايون دور ڪجن ۽ کين ترقي ڏياري ملڪ جي مالي
حالت سڌارجي. شايد غلامن جو سستائي سان ميسر
ٿي سگهڻ ئي، ايجاد جي ست رفتاريءَ جو ڪارڻ هو.
مشينريءَ جي ڪلن کان، انساني مشڪون، وڌيڪ
سستائي سان ڪم ڪري سگهيون ٿي. انهيءَ جو نتيجو
اهو ٿيو، جو يوناني تجارت، سڄي ميڊيٽرئنين
سمنڊ تي قبضو ڪيو، يوناني فلسفي، انهيءَ زماني
جي مهذب ماڻهن جي دلين تي اثر ڪيو، پر يوناني
سائنس ٿاٻا کائيندي هلي ۽ يوناني صنعت ته اتي
جو اتي ئي رهي، جتي هڪ هزار سال اڳي هئي. هيءُ
هڪ سبب آهي جو ارسطو، تجربن کان، بلڪل گهٽ مدد
وٺي ٿو. اڃا تائين تجربن جي طريقن مان ماڻهو،
غير واقف هئا. وڌ ۾ وڌ، هن سائنس جي کوجنا،
عالمگير ۽ مستقل تحقيقات تائين محدود رکي. ان
هوندي به ارسطوءَ ۽ هن جي زيردستن جا گڏ ڪيل
انگ اکر، سائنس جي ترقيءَ جو بنياد بڻيون ۽ ٻه
هزار سال، هڪ علمي درسي ڪتاب حيثيت ۾ ڪم آيون.
ارسطو جون تصنيفون، سَوَن جي تعداد ۾ آهن. ڪي قديمي مصنف چون
ٿا، ته هن چار سؤ ڪتاب لکيا. پر ڪي وري ائين
چون ٿا، ته هن هڪ هزار ڪتاب لکيا. جيڪي ڪتاب
اسان کي هن وقت دستياب ٿيا آهن، سي اصلوڪي ڪم
جو صرف هڪ حصو آهن پر ان جي باوجود، سندس سڄي
ڪم جي وسعت ۽ بلنديءَ کي خيال ۾ رکندي اسان کي
مڃڻو ٿو پوي، ته سندس لکتون، هڪ مڪمل ڪتبخانو
ٺاهين ٿيون. سڀ کان پهريائين، منطقي ڪتاب اچن
ٿا، جن مان مشهور آهن: ”درجا بندي“
(Categaries)،
”موضوع“
(Topics)،
”تحليل کان پهرين“
(Prior)،
”تحليل کان بعد ۾“
(Posterior, analytics)، ”ڌُڪا“
(Propsitions)،
سوفسطائي ترديدون
(Sophistical Refutation). اهي سڀ ڪتاب ارسطوءَ جي پوئلڳن جمع ڪري، نظام منطق
(Organon)
جي عنوان سان شايع ڪيا، جنهن جو مطلب آهي صحيح
خيال ڪرڻ جي قاعدن جو ڪتاب. تنهن کان پوءِ،
سائنس جا ڪتاب اچن ٿا، جن مان طبيعات
(Physics)،
فلڪيات
(On the Heavens)، نشوونما ۽ زوال
(Growth and Decay)، موسميات
(Meteorology)،
قدرتي تاريخ
(Natural History)، روحانيت
(On the Soul)، جانورن جا حصا
(Parts of Animals)، جانورن جي حرڪت
(Movement of Animals) ، جانورن جي پيدائش
(Generation of Animals)،
مشهور آهن. ٻيا اهي ڪتاب آهن، جن جو جماليات
سان واسطو آهي، جهڙوڪ: خطابت جو فن
(Rhetoric)
۽ شاعريءَ تي تنقيد
(Peotics).
آخر ۾ اهي ڪتاب اچن ٿا، جن جو فلسفي سان تعلق
آهي، جهڙوڪ: اخلاقيات
(Ethicals)،
سياسيات
(Politics)،
مابعدالطبعيات
(Metaphysics).
حقيقت ۾، هيءُ آهي يونان جو انسائيڪلوپيڊيا. زمين ۽ آسمان جو هر
هڪ مسئلو، منجھس موزون جڳهه والاري ٿو. هن ۾
ڪوبه عجب ڪونهي، ته ارسطوءَ جي لکتن ۾ ٻئي
ڪنهن به فلسفي کان، غلطيون ۽ نامعقول ڳالهيون،
موجود آهن. پر اهڙي قسم جي علم ۽ نظريي جو
مرڪب وري ڪنهن به هڪ انسان پيش نه ڪيو،
جيستائين، اسپينسر
(Spencer)
جو زمانو نه آيو. ان زماني ۾ پڻ، ارسطوءَ جي
بلنديءَ جي اڌ تائين به ڪير پهچي ڪونه سگهيو
آهي. سڪندر جي ڀرپور ۽ وحشي فتحن کان، ارسطوءَ
جي عقلي ۽ ذهني فتح بهتر هئي. جيڪڏهن فلسفو،
وحدانيت جي تلاش آهي ته پوءِ ارسطو، انهيءَ
لقب جو لائق آهي، جيڪو ويهين صديءَ کيس ڏنو،
اهو لقب هو ”فلسفي“
The Philosopher.
اهڙي دماغ واري انسان ۾، جيڪو سائنس جي طريقن مان بهتر نموني
واقف هجي، شعر ۽ شاعريءَ لاءِ، لاڙو پيدا ٿيڻ
مشڪل آهي. اسان کي اها توقع رکڻ نه جڳائي ته
سندس ڪتابن ۾ پڻ اهڙو ادبي جلال هوندو. جهڙي
هڪ ناٽڪ نويس فلسفي، افلاطون جي ورقن ۾، هڪ
اعليٰ قسم جو ادب (جنهن ۾ فلسفو، تمثيل، ڏند
ڪٿا ۽ تصور جي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي يا مبهم
رکيو وڃي) ڏيڻ بدران، ارسطو اسان کي سائنس پيش
ٿو ڪري ۽ سائنس جي اصطلاحن ۽ طريقن سان واقفيت
ڪرائي ٿو. جيڪڏهن تفريح جي خيال کان ارسطوءَ
جي لکت جا ورق اٿلائينداسون، ته سواءِ افلاطون
وانگر ادب جي اصطلاحن ۽ سندس پاران ڏنل فلسفي
۽ سائنس جي اصطلاحن جي نااميد ٿيڻو پوندو. پر
سندس ڏنل سائنس ۽ فلسفي جي اصطلاحن کانسواءِ،
اسان کي موجوده سائنس بابت گفتگو ڪرڻ به مشڪل
آهي. اهي اصطلاح اسان جي سوچ جي مختلف سطحن ۾
پٿرن جيان آهن، هي اصطلاح سوچ جي صلاحيت
(Fyaculty)
طريقو
(Mean)،
ورتاءَ جا اصول
(Maxim)،
موضوع
(Category)،
توانائي
(Energy)،
حقيقت
(Actuality)،
محرڪ
(Motiue)،
پڄاڻي
(End)، اصول
(Principle)،
شڪل
(Form)
جيڪي فلسفياڻي سوچ جا اٽوٽ سڪا آهن. اهي ارسطو
جي ذهن تخليق ڪيا. فلسفي جي ترقيءَ لاءِ ضروري
هو، ته دلچسپ ڊائيلاگن کي ڇڏي، خشڪ سائنس جي
ڍنگ جا مضمون ۽ مقالا اختيار ڪيا وڃن. اهي
سائنس، فلسفي جو بنياد آهن، سندس ترقي،
ايستائين محال آهي، جيستائين کيس پنهنجا ڪم
ڪرڻ جا طريقا ۽ اظهار جو نمونا حاصل نه ٿيا
آهن. ارسطو پڻ ادبي مڪالما لکيا، جيڪي ان وقت
ايترو ئي مشهور هئا، جيترو افلاطون جي مڪالما.
پر اهي گم ٿي ويا آهن. جيئن افلاطون جا سائنس
جا مقالا، اسان کي دستياب ٿي نه سگهيا آهن،
ممڪن آهي ته زماني، انهن ٻنهي فلسفين جا
بهترين ڪتاب محفوظ رکيا هجن.
آخر ۾ اهو پڻ ممڪن آهي، ته اهي سڀ ڪتاب، جيڪي ارسطوءَ جي نالي
سان منسوب ڪيا وڃن ٿا، سي سڀ سندس لکين نه به
هجن، پر سندس شاگردن ۽ پوئلڳن جي، ڪوششن جو
نتيجو هجن، جن سندس تقريرن ۽ خطبن جي خشڪ
ياداشت ڪتابي صورت ۾ پيش ڪري، هڪ قيمتي مواد
کي محفوظ رکيو هجي. اهو ڪٿي به ظاهر نه آهي،
ته ارسطوءَ پنهنجون فني تصنيفون، سواءِ منطق ۽
فن خطابن جي، پنهنجي زندگيءَ ۾ شايع ڪيون.
سندس منطقي مقالن جي موجوده صورت، سندس پوئلڳن
جي ترتيب جو نتيجو آهي. مابعد الطبعيات ۽
سياست جي ڀيٽ ۾ جيڪي نقطا يا لکتون، نوٽس جي
صورت ۾، ارسطو ڇڏي ويو، تن کي سندس پوين سواءِ
ڪنهن ترميم جي گڏي شايع ڪرايو. ارسطوءَ جي
تصنيفن ۾ جيڪا تحريري يڪسانيت آهي، سا ڏيکاري
ٿي، ته سندس لکت، تقريرون ۽ نصيحتون، سندس
پوئلڳن جي هڪ ٽولي، گڏجي جمع ڪيون ۽ ترتيب وار
پيش ڪيون. جهڙيءَ طرح، يونان جي قديم شاعر
هومر
(Homer)جي تصنيف بابت علمي ادارن ۾ اعليٰ درجي جو اختلاف ۽ تفرقو آهي، تهڙيءَ طرح،
ارسطوءَ جي باري ۾ پڻ، عالمن جي وچ ۾ ڪافي
ڇڪتاڻ آهي. اهڙيءَ ڇڪتاڻ ۾، هڪ نماڻي پڙهندڙ
کي پوڻ نه گهرجي. بهرحال اسان کي تسليم ڪرڻ
گهرجي، ته انهن سڀني ڪتابن جو روحاني ابو،
ارسطو آهي، جيڪي هن جي نالي سان منسوب ڪيا ويا
آهن. صورتخطي شايد ڪنهن ٻئي شخص جي هجي، پر دل
۽ دماغ، ارسطوءَ جا آهن.
منطق جو بنياد
The Foundation Of Logic:
سڀ کان پهرين رتبو، ارسطوءَ کي انهيءَ ڪري مليو، جو سواءِ ڪنهن
سابق رهبر جي، محض پنهنجي دماغي محنت سان، هن
هڪ نئين سائنس ايجاد ڪئي. جنهن کي منطق جي
نالي سان سڏيو وڃي ٿو. رينن
(Renan)
چوي ٿو ته ايستائين ڪنهن به شخص جي تعليم ۽
تربيت مڪمل نه ٿيندي، جيستائين هو، سڌي يا اڻ
سڌي طرح، يونان جي ضابطي هيٺ نه آيو آهي. پر
درحقيقت، خود يوناني ذهن، بي ضابطي ۽ بي ترتيب
هو، جيستائين ارسطوءَ جو سخت ۽ ڪڙي نسخي، هڪ
طريقو مهيا نه ڪيو، جنهن سان خيال کي آزمائي
سگهجي ۽ درست ڪري سگهجي. خود افلاطون جو روح
به بي ضابطي ۽ بي ترتيب هو، جنهن کي بار بار،
ديومالائي ڪڪر ويڙهي ويندا هئا ۽ جيڪو حسن کي
ڇوٽ اجازت ڏيندو هو، ته ڀلي حقيقت جو چهرو، هڪ
نهايت قيمتي نقاب سان ڍڪي. ارسطوءَ پڻ، پنهنجي
اصولن جي ڪيترا دفعا ڀڃڪڙي ڪئي. ڇاڪاڻ ته هن
تي گذريل زماني جا گهرا اثر هئا، هو ماضي جي
پيدائش هو. مستقبل جي پيدائش نه هو، جيڪو سندس
خيال جي اثر هيٺ هن ۾ پيدا ٿيو. دراصل يونان
جي سياسي ۽ اقتصادي زوال، يوناني ذهن ۽ اخلاق
کي ارسطوءَ کان پوءِ، ضعيف ڪري ڇڏيو. پر جڏهن
هڪ هزار ورهين جي غير مهذب اونداهه کان پوءِ،
هڪ نئون نسل پيدا ٿيو، جنهن کي فڪر ڪرڻ جي
قابليت ۽ فرصت هئي، تڏهن ارسطوءَ جو نظام منطق
ئي هو، جنهن وچين دور جي خيال کي مضبوط شڪل ۽
صورت عطا ڪئي. سندس منطق جو ترجمو، بوٿئس
(525ع – 470ع)، لئٽن ٻوليءَ ۾ ڪيو. جيتوڻيڪ
مڪتبي فلسفو، انڌن عقيدن سان وڪوڙجي، بي حس ٿي
چڪو هئو، پر تنهن هوندي به ارسطوءَ جي منطق جي
موجودگيءَ ۾، يورپ جي ذهن کي تربيت ڏئي، بحث
ڪرڻ ۽ نفيس خيال ڪرڻ جي لائق بنايو. ان کان
سواءِ، موجوده سائنس جا اصطلاح، محاورا تيار
ٿيا ۽ ذهن جي بلوغت جو بنياد پيو. اڳتي وڌي،
انساني دماغ، پراڻن سرشتن ۽ طريقن کي ٿڏي
ڇڏيو، جن ئي کيس جنم ڏنو هو ۽ سندس پرورش ڪئي
هئي.
منطق جو آسان لفظن ۾ مطلب آهي، ”صحيح سوچ جو فن ۽ طريقو“. هرهڪ
سائنس، هنر ۽ ضابطي جو دستور، منطق آهي.
موسيقيءَ ۾ پڻ، منطق کي، ڪافي جڳھه مليل آهي.
منطق هڪ قسم جي سائنس آهي. ڇاڪاڻ ته، ان جي
وسيلي، گهڻي قدر صحيح سوچ جي طريقن کي قاعدن
جي صورت ۾ آڻي سگهجي ٿو. اهي قاعدا، علم طبعي
۽ جاميٽريءَ جي قاعدن وانگر، رواجي دماغ وارن
انسانن کي، سيکاري سگھجن ٿا. منطق هڪ فن، پڻ
آهي. ڇاڪاڻ ته، منطق جي استعمال سان، اسان کي
ايترو ته آزمودو ٿي وڃي ٿو، جو بنا ڪنهن سوچ
سمجهھ جي بلڪل تيزيءَ سان، اسان صحيح سوچ جا
اهل ٿيون ٿا. اهو هن مثال جيان آهي، جيئن هڪ
ساز وڄائيندڙ جون آڱريون، هڪ وڏي مشق کانپوءِ،
اهڙو ته تربيت يافته ٿي وڃن ٿيون، جو آخرڪار،
سواءِ ڪنهن ظاهري ڪوشش جي دل تي نقش وجھندر
نغما، پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿيون. منطق
جهڙو خشڪ، مگر ضروري علم ٻيو ڪونهي.
هن نئين سائنس جي شرعات، سقراط جي گفتگو يا بحث ڇيڙڻ جي طريقن
سان ٿي. هو هميشه، هن ڳالھه تي زور ڏيندو هو،
ته جنهن به ڳالهھ يا موضوع تي بحث ڪجي، ان جي
پهريائين وضاحت يا وصف بيان ڪجي. افلاطون پڻ
هرهڪ خيال يا تصور جي هميشه وصف پيش ڪندو هو.
ارسطوءَ جي تعريفن تي، هڪ ننڍو مقالو، ڏيکاري
ٿو ته ڪيئن منطق، هن وٽان شروع ٿيو ۽ پرورش
پاتي، والٽيئر پڻ چيو آهي ته، جيڪڏهن اوهان
مون سان، گفتگو ڪرڻ چاهيو ته، پڙهيائين پنهنجي
لفظن جي وصف ڪريو. جيڪڏهن ڪنهن به بحث ۾
مقابلو ڪندڙ ، پنهنجن لفظن جي، جيڪر وصف ڪن،
ته بحث هوند ٿوري وقت ۾ ئي ختم ٿي وڃي. هيءَ
آهي منطق جي ابتدا ۽ انتها، ان جي دل ۽ روح،
ته هرهڪ بحث ۾ ڪن ضروري لفظن جي، اڳواٽ ئي،
سختيءَ سان، تشريح ۽ وصف ڪجي. حالانڪ ائين
ڪرڻ مشڪل آهي، ائين ڪرڻ سان، ڄڻ ته دماغ جي
سخت آزمائش ڪئي وڃي ٿي. پر جيڪڏهن، اسين هڪ
دفعو، ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسون، ته پوءِ
ڄڻ ته اسان جو اڌ ڪم پورو ٿي ويو.
پر ڪنهن به شيءِ يا لفظ جي وصف ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟ ارسطو،
جواب ڏئي ٿو ته، هڪ صحيح وصف جا ٻه حصا آهن ۽
اها ٻن مضبوط پيرن تي بيٺل آهي، سڀ کان اول،
اسان ڪنهن خاص شيءِ جو تعلق سندس درجي يا
گروهه سان ڏيکاريون ٿا. ان گروهه جون عام
خاصيتون، ان شيءِ ۾ پڻ موجود آهن. مثلاً، اسان
چئون ته انسان هڪ جانور آهي، ائين چوڻ سان، ڄڻ
ته اسان، انسان جي نسبت جانور سان ڏيکاري.
جيڪي به عام خاصيتون، جانورن ۾ موجود آهن. سي
انسان ۾ پڻ آهن. جانور هڪ گروهه آهن، انسان
آهي، ان گروهه جو هڪ جزو. پوءِ اسان وري
ڏيکارينداسون، ته ڪيئن اها شيءِ، ان گروهه جي
ٻين جزن کان مختلف آهي. مثلاً انسان هڪ عقلمند
جانور آهي. هن جملي ۾، اسان انسان جي خاص وصف
ڏيکاري آهي، جنهن جي وسيلي، انسان ٻين جانورن
کان جدا ٿي سگهي ٿو. اها وصف آهي، ”عقلمند
هجڻ“. ارسطوءَ جو هيءُ طريقو، هڪ مزيدار
آکاڻيءَ سان سمجھائي سگهجي ٿو. ارسطو ڪنهن به
شيءَ کي پهريائين سندس گروهه سوڌو سمنڊ ۾
اڇلائي ٿو. وري ان کي ٻاهر ڪڍي ٿو، ائين ڪرڻ
سان، ان شيءِ جون، جنسي نشانيون ۽ وصفون
منجھانئس ٽم ٽم ڪري وهن ٿيون ۽ نڪري نروار ٿين
ٿيون. ساڳئي وقت ان شيءِ جون انفرادي ۽
امتيازي وصفون پڻ چمڪي ظاهر ٿين ٿيون. ڇاڪاڻ
ته ان شيءِ کي، ٻين ڪيترين شين سان گڏ پيش ڪيو
ٿو وڃي، جن سان مشابهت هئڻ جي باوجود، اها
ڪيترين وصفن ۾، انهن کان مختلف پڻ آهي. مطلب
ته ڪنهن شيءِ جي تعريف ڪرڻ معنيٰ، سندس جنسي ۽
انفرادي وصفون، هڪ ئي جملي ۾ پيش ڪرڻ آهي.
منطق جي هن پوئين قطار مان گذرندي. اسان مقابلي جي ميدان تائين،
پهچي وڃون ٿا. جتي ارسطوءَ، افلاطون سان آفاقي
(Universals)
جهڙي خطرناڪ مسئلي تان ٽڪر کاڌو. هيءُ انهيءَ
جنگ جو پهريون مقابلو هو، جيڪا اڄ ڏينهن تائين
جاري آهي.
وچئين دؤر جي يورپ ۾، اهڙي قسم جون فڪري جنگيون، اسمي پسند
(Nominalists)
۽ حقيقت پسند
(Realists)
فلسفين جي وچ ۾ وڏي جوش جذبي سان جاري هيون.
ارسطوءَ جي خيال موجب عام يا آفاقي قدر هڪ اسم
عام آهي، جيڪو ڪنهن گروهه/درجي
(Class)
جي سڀني فردن تي حاوي هجي. مثلاً: جانور،
انسان ڪتاب، وڻ، اهي سڀ آفاقي يا عام درجا
(Class)
آهن. پر اهي سڀ انساني دماغ جي تصور جو نتيجو
آهن. کين ڪي به خارجي حقيقتون ڪونه آهن، جن کي
اسان جا حواس پروڙي سگهن. جن کي اسان ڇهي
سگهون اهي نالا آهن ۽ نه شيون. جن به شين جي
هستي، اسان جي دماغ کان ٻاهر آهي، سي سڀ گڏجي،
شخصي ۽ مخصوص جسمن جي ٻاهرين دنيا ٺاهين ٿيون.
جنسي ۽ ڪلي شيون خارجي حيثيت، حاصل ڪري نه
ٿيون سگهن. ڪي خاص خاص مرد يا وڻ يا جانور،
خارجيءَ هستيءَ جا مالڪ آهن. پر هڪ مرد جو عام
يا آفاقي تصور، صرف خيالي دنيا ۾ وسي ٿو. اهو
دماغي خيال جو نتيجو آهي ۽ هو خارجي حقيقت جي
دنيا ۾ موجود نه آهي.
ارسطو ڄاڻي ٿو، ته افلاطون جو رايو هو، ته عام يا آفاقي
قدر/گروهه/تصور کي خارجي وجود آهي. درحقيقت،
افلاطون چيو هو، ته عام يا آفاقي، فرد کان
هزار دفعا وڌيڪ مڪتبيت
(Scholasticism)
(وچين دؤر جي الهايت پسندن جو فلسفو جيڪي
تصورن کي تجزيي ۽ عمل کان جدا ڪري ڏسندا هئا.)
پائدار، اهم ۽ حقيقي آهي، فرد، عام يا آفاقي
قدر جي سمنڊ ۾، محض هڪ ننڍڙيءَ لهر جي حيثيت
رکي ٿو. اسان پنهنجو وارو وڄائي، غائب ٿي وڃون
ٿا. پر انسان ذات دائم ۽ قائم آهي. ارسطو عام
عقل ۽ تجربي جي ڳالهين جو قائل آهي. وليم جيمس
جي چوڻ مطابق هن جو دماغ مضبوط آهي، پر نفيس
نه آهي. افلاطون جي حيقيقي پرستيءَ ۾، هو غير
محدود، تصوف جن پاڙون ڏسي ٿو ۽ ائين فرمائي
ٿو، ته اها سڀ فقط عالماڻي بڪواس آهي. سڀ کان
پهرئين مناظري ڪندڙ وانگر، هو پنهنجيءَ پوريءَ
قوت سان، حملو ڪري ٿو. جيئن بروٽس کي، سيزر
لاءِ گهٽ محبت نه هئي، پر روم لاءِ وڌيڪ محبت
هيس. ساڳيءَ طرح، ارسطو چوي ٿو ته، افلاطون
محبوب آهي، پر کانئس زيادهه محبوب، سچ آهي
(Amicus Plato, sed magis amica verits).
هڪ مخالف راءِ ڏيندڙ، شايد ائين چوي ته، ارسطوءَ (نٽشي وانگر)
افلاطون تي، اهڙي سخت تنقيد، ان ڪري، ڪري ٿو،
ڇاڪاڻ ته هو، خود سمجھي ٿو ته، هن افلاطون
مان، ڪافي فيض حاصل ڪيو آهي. ڪوبه ماڻهو
پنهنجي قرضدارن لاءِ، سورمو نٿو ٿي سگهي. تنهن
هوندي به ارسطوءَ جو انداز، صحت بخش آهي. هو
موجوده زماني جي قدرن مطلب موجب، حقيقت پسند
آهي. هن جو تعلق، ٻاهرين حال سان آهي. پر
افلاطون، نفسي مستقبل سان، مشغول آهي. سقراط ۽
افلاطون جڏهن وصف ڪرڻ تي زور ڏنو، تڏهن هنن
اهو لاڙو ڏيکاريو ته جسماني شين ۽ ٻاهرين
حقيقتن کي نظرانداز ڪري، نظرين ۽ خيالن طرف،
وڌيڪ توجھه ڏجي. روزمرهه جي خاص خاص واقعن کي
وساري، ڪليت ۽ عموميت طرف وڌيڪ لاڙو رکجي.
سائنس کي ڇڏي، مڪتبيت طرف رجوع ٿجي. آخرڪار
افلاطون، ڪليت طرف ايترو ته مائل ٿي ويو، جو
هو ڪُلي اصولن وسيلي خاص واقعن جي تشريح ڪرڻ
لڳو ۽ خيالن جو اهڙو ته عاشق ٿي ويو، جو انهن
ذريعي، حقيقتن جي تعريف يا سندن چونڊ ڪرڻ لڳو.
ارسطو تبليغ ڪري ٿو، ته جسماني شين ۽ روزمره
جي واقعن طرف، وري رجوع ٿيو، قدرت جو سرسبز
چهرو، هڪ دفعو وري ڏسو ۽ حقيقت کي پروڙيو. هو
هميشه جسماني شين، خاص خاص واقعن ۽ هڏ، ماس ۽
خون واري شخصن کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو هو. پر
افلاطون کي عموميت ۽ ڪليت سان ايترو ته عشق
هو، جو هن انسان جي انفرادي شخصيت کي، قرباني
ڪري، هڪ مثالي رياست قائم ڪرڻ ٿي گهري.
تنهن هوندي به، تاريخ جي هميشه واري مزاج مطابق، نوجوان مجاهد،
پنهنجي استاد جو مقابلو ڪندي، سندس ڪيتريون ئي
خصلتون جذب ڪري ٿو. جن به ڳالهين کي، اسان
ڌڪاريندا آهيون، سي خود ڪافي تعداد ۾ مشابهت
رکندڙ انداز ۾، اسان جي اندر موجود آهن.
مشابهت رکندڙ شين ۾ ئي آسانيءَ سان فرق ڳولهي
سگهبو.ساڳئي ريت، هڪ جهڙي طبيعت ۽ مزاج وارا
ماڻهو، پاڻ ۾ تڪرار ڪندا آهن. سخت رتوڇاڻ ڪندڙ
لڙايون، مقصد ۽ عقيدي جي ٿوري متڀيد (اختلاف)
سبب لڳنديون آهن. صليبي جنگ ۾ حصو وٺندڙ
عيسائي سورهيائي سبب سلطان صلاح الدين جي
شرافت ۽ شائستگيءَ جا قائل هئا. هنن جي خيال
موجب، سلطان صلاح الدين اهڙو ته نيڪ انسان هو
جنهن سان دوستاڻي نموني، جنگ جاري رکڻ، هرهڪ
عيسائي جو فرض هو. پر جڏهن يورپ جا عيسائي،
پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا، تڏهن نهايت شائسته دشمن لاءِ،
پڻ هنن جي دل ۾ جڳھه ڪانه هئي. ارسطوءَ،
افلاطون لاءِ اهڙي بيرحمي انهيءَ لاءِ اختيار
ڪئي، جو هن جي شخصيت افلاطون کان ڪافي متاثر
ٿيل آهي. هو پاڻ ڪڏهن ڪڏهن، خيالن ۽ عموميت جو
عاشق ٿيو پوي. هو پڻ بار بار، رونقدار نظرئي
خاطر سادي حقيقت جو خاتمو ڪري ٿو. هو پڻ مسلسل
ڪوشش ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيو، ته پنهنجي فلسفياڻي
جذبي جي لاءِ، جسماني خواهش تي غالب پوي.
ارسطوءَ جي سڀ کان وڌيڪ خاص ۽ اصلي تخليق آهي جيڪا خاص طرح
فلسفي جي لاءِ آهي، اها آهي منطقي ٽِڪي
(Syllogism)
جو نظريو. ان ۾ پڻ مٿيون
نشانيون ۽ خصلتون، صاف ظاهر آهن. مثلاً سندس
منطقي قياس جو نظريو، منطقي ٽِڪو
(Syllogism)
ٽن دليلن تي دارومدار رکندو آهي. پهريون عام
دليل
(Major Premisses)،
ٻيو خاص دليل
(Minor Premisses)،
ٽيون وچور
(Conclusion)،
جنهن ۾ نتيجو ڏيکاريو وڃي. آخري نتيجي واري
دليل ۾ پهرين، ٻن دليلن مان، نڪتل سچ کي پيش
ڪيو ويندو آهي.
مثلا:
1.
انسان علقمند جانور آهي.
(عام دليل)
2.
سقراط هڪ انسان آهي. (خاص دليل)
3.
سقراط هڪ عقلمند جانور آهي (نتيجي وارو دليل)
جيڪڏهن پڙهندڙ، رياضي مان واقف هوندو ته هڪدم محسوس ڪندو. ته
منطقي ٽِڪي
(Syllogism)
جي بناوت، هن اصول تي ٻڌل آهي، ته جيڪڏهن ڪي
به ٻه شيون، ڪنهن خاص شيءِ جي برابر آهن، ته
پوءِ هو هڪ ٻئي جي برابر پڻ آهن. جيڪڏهن الف،
ب آهي ۽ ث، الف آهي، ته پوءِ ث، به آهي. رياضي
۾ پڻ، عام لفظ الف کي، رد ڪرڻ سان، ساڳئي
نتيجي تي پهچي سگهبو. مٿئين منطقي ٽِڪي ۾
”انسان“ جو لفظ، پهرين ٻن دليلن ۾ عام آهي. ان
کي رد ڪرڻ سان ۽ پوءِ ٻنهي دليلن کي ملائڻ
سان، نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو. هن ۾ مشڪل
ڳالهھ، جنهن طرف، پئرهو
(pyrho)،
جي زماني کان وٺي، سٽوئرٽ مل
(Stuart Mill)
جي زماني تائين منطق جي ماهرن جو اشارو ڪيو
آهي، سو هيءُ آهي، ته عام دليل ۾ جيڪا ڳالھه
ثابت ڪرڻي آهي، سا اڳي ئي قبول ڪئي ويئي آهي،
هن ڳالھه ۾ ته ڪنهن کي به شڪ نه آهي، ته سقراط
هڪ انسان آهي، پر جيڪڏهن سقراط، عقلمند نه
آهي، ته پوءِ اها عالمگير حقييقت ٿي نه
سگهندي، ته انسان عقلمند جانور آهي. ارسطو
جواب ٿو ڏئي، ته جيڪڏهن ڪنهن به فرد ۾ پنهنجي
جنس جون گهڻيون خصلتون موجود آهن. ته پوءِ
اسان کي، ائين سمجھڻ جو پورو پورو حق آهي ته
ان فرد کي، پنهنجي جنس جون باقي رهيل، خصلتون
پڻ حاصل آهن، پر اها طريقو نه آهي، پر محض
اظهار ۽ خاصل کي واضح ڪرڻ جو هڪ نمونو آهي.
نظام منطق جا، اهي مٿيان ۽ ٻيا سڀ موضوع، پنهنجي اهميت قائم رکن
ٿا. ”ارسطو، نظرياتي يڪسانيت ۽ جدلياتي بحث جي
اصولن جي ڳولهه ڪري، کين مرتب ڪيو آهي. هن
محنت ۽ جوش سان، جدلياتي بحث جي هرهڪ فن کي،
ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. هن لاءِ سندس جيترو
به قدر ڪجي، سو ٿورو آهي. دماغي تحريڪ کي،
جنبش ۾ آڻڻ لاءِ، ارسطو جو پورهيو، ٻئي ڪنهن
به مصنف جي ڪم کان اعليٰ ۽ افضل آهي. ”اهڙو
ڪوبه بني بشر پيدا نه ٿيو آهي، جو منطق کي
بلند مقام تي پهچائي. صحيح نموني عقل ڪم آڻڻ
جو رهبر، پڻ انسان جي اصلاح لاءِ اهڙو ضروري
آهي، جهڙو آداب مجلس جي قاعدن جو ڪتاب. سڀ کان
بهادر فلسفي به، وڻ جي شاخن هيٺيان ويهي، منطق
جي ڪتاب جي لاءِ، ساراهه جا گيت نه ڳائيندو.
منطق بابت اسان هميشه ائين محسوس ڪريون ٿا،
جيئن دانتي
(Dante)،
ورجل
(Virgil)جي صلاح مطابق، انهن روحن (جن کي بي رنگ، غير جابندار رهڻ ڪري، جهنم ۾ داخل
ڪيو ويو هو) بابت محسوس ڪيو. ”انهن روحن بابت
وڌيڪ خيال نه ڪر، صرف هڪ دفعو ان ڏانهن نهار،
پوءِ اڳتي قدم وڌاءِ.“
(Non Ragionan di for, ma guarde e passa)
سائنس جي تنظيم
The Organization of science
الف يوناني سائنس. ارسطوءَ کان اڳ
Greek science before Arsitotle
رينن چوي ٿو ته، ”سقراط، انسان ذات کي فلسفو ڏنو ۽ ارسطوءَ
سائنس. سقراط کان اڳ، فلسفو موجود هو ۽
ارسطوءَ کان اڳ سائنس موجود هئي. سقراط ۽
ارسطوءَ کان پوءِ، فلسفي ۽ سائنس نهايت تيزيءَ
سان قدم وڌايا آهن. پر فلسفي ۽ سائنس جي
عمارت، سقراط ۽ ارسطوءَ جي رکيل بنياد تي
ٺهي.“ ارسطوءَ
کان اڳ سائنس اڃا ڪچي ٻار وانگر پيٽ ۾ هئي.
ارسطوءَ ان ٻار کي مڪمل ڪري. هن دنيا جي آڏو
پيش ڪيو.
يونان کان اڳ، ٻين قديم تهذيبن، پڻ سائنس جي باري ۾ ڪوششون ڪيون
هيون. پر جيتري قدر اسان سندس شروعاتي دور جي
لکتن مان، سندس خيالن جو اندازو لڳايون ٿا. ته
اسان کي ائين ٿو معلوم ٿئي، ته سائنس، سندس
مذهب کان جدا نه هئي، سندس خيال مطابق، هر غير
رواجي ڪارنامو، جيڪا اسان فطرت ۾ ڏسون ٿا،
تنهن جو ڪارڻ هڪ آسماني قوت آهي، هرهنڌ ديوتا
موجود آهن، بظاهر ائين معلوم ٿو ٿئي، ته اهي
ائونيا جي رياست جا يوناني
(Ionian Greeks)
ئي هئا، جن جرئت ڪري، ڪائنات جي پريشان ڪندڙ
رازن ۽ واقعن جي فطري سمجھاڻي پيش ڪئي، علم
طبعي جي وسيلي، انهن روزمره جي خاص خاص واقعن
جا قدرتي سبب پيش ڪيا. فلسفي وسيلي، هنن سڄي
نظام جو قدرتي نظريو پيش ڪيو. ٿاليس
(Thales)
(460- 550 ق.م) جنهن کي فلسفي جو ابو سڏيو وڃي
ٿو، سو شروع ۾ علم جاميٽري جو ماهر هو. ان
مائيلطس
(Miletus)
جي رهواسين کي عجب ۾ وجھي ڇڏيو، جڏهن کين
ٻڌايائين، ته سج ۽ تارا، جن جي هو پوڄا ڪندا
هئا، سي فقط باهه جا گولا آهن. سندس شاگرد
انيڪسمانڊر
(Anaximandar)
(610- 540 ق.م). پهريون يوناني هو، جنهن علم
جاميٽري ۽ جاگرافي جي نقشن جو بنياد رکيو. هن
جو يقين هو، ته ڪائنات هڪ اڻ ورهايل، يڪي مادي
مان شروع ٿي هئي. جيئن مخالف شيون، هڪ ٻئي کان
جدا ٿي وينديون آهن، تئين ان مادي جا مخالف
جزا، هڪ ٻئي کان دور ٿيڻ لڳا. ڪائنات جي تاريخ
وقتاً فوقتاً، پاڻ دهرائي ٿي، دنيائن جو بي
انداز انگ ارتقا ڪري، انتها کي پهچي ٿو، يا ته
وري منتشر ٿي زوال کي پهچي ٿو. اندروني قوتن
جي توازن ذريعي ڌرتي فضا ۾ ساڪن آهي. سڀ گِرهه
ڪنهن زماني ۾، پاڻياٺي صورت ۾ هئا. پوءِ سج جي
گرميءَ ڪري، پاڻي بخار ٿي ويو. زندگي پهريائين
سمنڊ مان شروع ٿي، پر پاڻيءَ جي لهي وڃڻ ڪري،
زمين تي اچڻ لاءِ مجبور ٿي. جيڪي جانور
مجبوراً زمين تي آيا، تن مان ڪن کي، ساهه کڻڻ
جي قوت عطا ٿي. اهي جانور، ساري زميني زندگيءَ
جا ابا ڏاڏا بڻيا. انسان، شروع ۾ ائين نه هو،
جيئن هو هن وقت آهي. زندگيءَ جي شروعات وقت،
جيڪڏهن انسان ڄمڻ مهل، اهڙو ويچارو ۽ محتاج
هجي ها ۽ بلوغت تائين پهچڻ لاءِ ان کي، ڪافي
عرصي تائين ماءُ پيءُ جي پرورش جي ضرورت ٿئي
ها، ته پوءِ هو، قديمي وحشي ماحول جي خطرن
کان، پاڻ بچائي نه سگهي ها ۽ ختم ٿي وڃي ها.
هڪ ٻيو مائيلطس شهر جو رهواسي انيڪسيميز
(Anaximenes)
(450 ق.م ۾ مشهور ٿيو) بيان ڪري ٿو، ته
ابتدائي حالت ۾ شيون، نهايت ڇڊي صورت
(Rarefied Mass)
۾ هيون، پوءِ ڄمي، انهن هوا، ڪڪرن ۽ پاڻي،
زمين ۽ پٿرن جي صورت ورتي. مادي جون ٽي
صورتون، گئس، پاڻيٺ ۽ جسم، ترتيب وار، ٽن
مخلتف منزلن کي طئي ڪري (ٽن مختلف درجن آهر
ڄمي) پيدا ٿيون. گرمي ۽ سردي، ڇڊائيءَ ۽
گهاٽائيءَ جو نتيجو آهن. زلزلا تڏهن ٿا ٿين،
جڏهن پٽڙي ڌرتي ڄمي ٿي. زندگي ۽ روح، هڪ ئي
شيءِ آهن، اهي هر جاءِ تي هر شيءِ ۾ موجود
آهن. اهي هڪ ئي قوت جا نالا آهن، جيڪا اسان کي
هلائي ڦيرائي ۽ وڌائي ٿي. انيڪسزاگورس
(Anaxagoras)
(500 – 428 ق.م) پريڪلز
(Pericles)
جي استاد، سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ جي صحيح سمجھاڻي
ڏني. هن اهو پڻ ڳولهي لڌو ته وڻ، ٽڻ ۽ مڇيون،
ڪيئن ساهه کڻن ٿيون. هن انسان ذهن جي، اها
سمجھاڻي ڏني آهي، ته جڏهن انسان، پنهنجا اڳيان
عضوا (ٻانهون) گهمڻ ڦرڻ جي ڪم کان آزاد ڪيا ۽
پيرن تي بيهي هلڻ شروع ڪيو، تڏهن سندس ذهن ۾
خاص اضافو ٿيو ۽ هٿن سان زندگيءَ جي ضرورتن جا
اوزار ٺاهڻ کي لڳي ويو، انهن ابتدائي اوزارن
ماڻهن ۾ آهستي آهستي علم، سائنس جي صورت ورتي،
حقيقت ۾ اها ئي، علم جي ڪنهن شعبي جي منظم
تحقيق آهي.
هيراقليطس
(Hearalitus)
(530 – 470 ق.م)، جنهن پنهنجي
مال ملڪيت، ڳڻتيون ۽ اوسيڙا، ترڪ ڪري، ايفيسس
(Ephesus)
جي مندر جي ڇان هيٺ وڃي علمي تحقيق شروع ڪئي،
تنهن سائنس کي فلڪيات کان هٽائي، سندس تعلق
ڌرتيءَ جي معاملن سان ڳنڍيو. هن چيو ته سڀ
شيون هميشه لاءِ حرڪت ۽ تبديلي آهن. سڀ کان
وڌيڪ ساڪن ’مادي‘ ۾ پڻ هڪ نظر ۾ نه ايندڙ
تبديلي ۽ حرڪت موجود آهي. ڪائناتي تاريخ بار
بار دائرن ۾ گردش مان گذري ٿي، هر هڪ گردش جي
ابتدا ۽ انتها آهي. باهه (يونان جي زاهدن ۽
عيسائين جا قيامت ۽ دوزخ بابت نظريا به هتان
ئي شروع ٿيا) هيراقليطس، چوي ٿو ته، ”هرڪا
شيءِ مقابلي جي ذريعي پيدا ٿئي ٿي، ترقي ڪري
ٿي ۽ آخر گذر ڪري وڃي ٿي. جنگ سڀني جي پيءُ ۽
شهنشاهه آهي. جيڪا ڪن کي ديوتائن جو رتبو ڏئي
ٿي ۽ ڪن کي انسانن جو. ڪن کي آزاد انسان بنائي
ٿو، ته وري ڪن کي غلام.“ جتي مقابلو نه آهي،
اتي زوال لازمي آهي. ”ڪنهن به ڪيميائي مرڪب
کي، جيڪڏهن ڇلڪايو نٿو وڃي، ته اهو بانس ڪري
وڃي ٿو.“ تبديلي، ڪشمڪش ۽ فطري چونڊ جي، وهڪري
۾، صرف هڪ شيءِ دائمي آهي، اها آهي قاعدو.
”قدرت جو حسين نظام، جو سڀني شين سان لاڳو
آهي، تنهنکي ڪنهن به ديوتا يا انسان ڪونه
ٺاهيو آهي، پر هميشه موجود هو ۽ رهندو.
ايمپيڊاڪلز
(Empedocles)
(445 ق.م) ارتقا جي خيال کي، وڌيڪ پختگيءَ جي
منزل تي پهچايو. نوان بدني عضوا ڪنهن منصوبي
جو نتيجو نه آهن، پر فطري چونڊ ذريعي پيدا ٿين
ٿا. فطرت عضون جي آزمائش وٺي ٿي، انهن بابت
تجربا ڪري ٿي ۽ مختلف نمونن ۾ انهن کي ڳنڍي
ٿي. جڏهن اهڙي قسم جو، قدرتي جوڙ، هڪ اهڙو
نظام قائم ڪري ٿو، جو ماحول جون ضرورتون
پوريون ٿي وڃن ٿيون، ته پوءِ اهڙو نظام زنده
رهي ٿو ۽ پڻ اهڙي قسم جا ڪئين نظام، وجود ۾
اچڻ لڳن ٿا. پر جيڪڏهن ڪوبه نظام، ماحول سان
مقابلو ڪندي، شڪست کائي ٿو ۽ پوءِ قدرت، اهڙي
قسم جي نظام جون پاڙون پٽي ڪڍي ٿي. جيئن وقت
گزرندو رهي ٿو، تئين نظام وڌيڪ پيچيدگيءَ ۽
ڪاميابيءَ سان ماحول سان ٺهڪجي وڃي ٿو. آخر ۾
ليوسپس
(Leucippus)
۽ سندس شاگرد ڊيموڪرائيٽس
(Democritus)،
(460 – 360 ق.م) ارسطو کان اڳ واري سائنس کي،
آخري منزل تائين پهچايو. هو ٻئي مادي جي طئه
ٿيل ائٽمي نظريي جا قائل هئا. ليوسيپس چيو، ته
هرڪا شيءِ ڪنهن ضرورت ماتحت هلي ٿي.
ڊيموڪرائيٽس چيو، ته حقيقت ۾ صرف ائٽم ۽ خلاف
کي سچو وجود آهي. جڏهن اسان ڪا شيءِ، پنهنجن
حواسن سان پروڙيون ٿا، تڏهن اسان کي ان شيءِ
جا ائٽم نظر نٿا اچن. اهڙيءَ طرح اسان ڪنهن به
شيءِ جي اصلي ائٽمن کي خارج ڪري ڇڏيون ٿا ۽ ان
کي ادراڪ سڏيون ٿا. لاتعداد دنيائون موجود
آهن، يا پيدا ٿي چڪيون آهن يا پيدا ٿيڻ واريون
آهن. هر گهڙي سيارا، پاڻ ۾ ٽڪرائجن ٿا ۽ فنا
ٿي وڃن ٿا. بي ترتيب مادي مان ڪيتريون ئي
دنيائون پيدا ٿي رهيون آهن. هڪ جهڙي قد، قامت
۽ شڪل صورت وارا ائٽم، پاڻ ۾ فطري چونڊ جي
قانون مطابق ملي نين دنيائن جو بنياد رکي رهيا
آهن، قدرت ۾ هن ڪائنات ۾ قسم جي شڪل آهي.
ڪائنات هڪ مشين آهي.
هيءُ آهي ارسطو کان اڳ واري سائنس جو مٿاڇرو ۽ پريشان ڪندڙ
اختصار. يوناني سائنس دانن، سائنس کي برابر هڪ
پراڻي، غير مهذب صورت ۾ پيش ڪيو، پر اسان کي
اها ڳالهھ درگذر ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان وقت
تحقيق ۽ تجربي جون سهوليتون هن دؤر جيان ميسر
نه ٿي سگهيون هيون. يوناني صنعت ۽ ڪارخانن جي
سُستي، جنهن جو ڪارڻ، غلاميءَ جو رواج هو،
تنهن ابتدائي سائنس جي ترقيءَ کي پڻ روڪي
ڇڏيو. ان کان سواءِ جيئن يوناني جي سياسي
زندگي، وڌيڪ پيچيده ٿيندي ويئي، تيئن
سوفسطائين، سقراط ۽ افلاطون پڻ حياتي ۽ جسمن
جي تحقيق کان منهن موڙي، اخلاقيات ۽ سياست جي
نظرين طرف رخ رکيو. ارسطوءَ جي اها سڀ کان
وڌيڪ ڪاميابي آهي، جيڪا هن جي ڪشاده دلي ۽
جرئت جو داد ڏئي ٿي، جو هن يوناني خيال جي، ٻن
مختلف شعبن کي پاڻ ۾ ملايو، يعني علم طبعيات
(Physics)
۽ اخلاقيات کي هڪ هنڌ جمع ڪيو. هن پنهنجي
استاد کان پوئتي هٽي، قديمي يوناني سائنس جو
اڀياس ڪيو ۽ محڪم ارادي سان، طرح طرح جي تحقيق
ذريعي، سائنس جي تفصيل ۾ تهائين اضافو ڪيو.
اهڙيءَ ريت هن منظم سائنس جو اعليٰ ادارو قائم
ڪيو.
ب- ارسطو بطور هڪ فطريت پسند
Aristotle as a Naturalist
جيڪڏهن اسان هتي بحث جي سلسليوار شروعات سندس علم طبيعيات
(Physics)
سان ڪنداسين، ته اسان کي نااميد ٿيڻو پوندو.
ڇاڪاڻ ته حقيقت ۾ سندس مقالو مابعد الطبعيات
(Metaphysics)
اها فلسفي جي ٻين شاخن جهڙوڪ اخلاقيات،
جماليات، علميات جهڙي شاخ آهي،
(Metaphysics)
اصطلاح يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن مان جڙي ٺهيو
آهي ميٽا
(Meta)
معنيٰ ڏور/پري/مٿانهون ۽ فزيو
(Physio)
معنيٰ جسم. هن شاخ ۾ ڪائنات جي آخري ۽ بنيادي
سچائي جي ڳولها ۽ ان جو اڀياس ڪيو ويندو آهي.
فلسفي ۾ مابعد الطبعيات کي ڪائنات کي سمجھڻ جي
هڪ طريقي طور سمجھيو وڃي ٿو. هن شاخ مادي،
تحرڪ، مڪان، زمان، لامحدود، سبب ۽ ٻين بنيادي
تصورن جو ڳوڙهو تجزيو ڪيو آهي. هڪ هنڌ ارسطو
جوش ۾ اچي ڊيموڪرائاٽس جي خلا واري نظري جي
ترديد ڪري ٿو، چوي ٿو، ته فطرت ۾ خلا يا خال
ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته خلا واري جڳھه ۾ سڀ جسم
هڪ ئي رفتار سان هيٺ ڪرندا. هيءَ ڳالهھ ناممڪن
آهي. تنهن ڪري مٿيون خلا وارو نطريو بي بنياد
آهي. خلا ۾ ڪابه شيءِ موجود نه آهي. هن جي
لکتن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مزاح/طنز ملي ٿي. هو غير
ثابت ٿيل مفروضن کي تسليم ڪرڻ جو عادي آهي ۽
هن کي کانئس اڳ جي فلسفين جي ترديد ڪرڻ ۾ مزو
اچي ٿو. سندس عادت هوندي هئي، ته پنهنجي تصنيف
جي تمهيد ۾، ساڳئي موضوع تي، سابق فلسفين جا
نظريا ۽ رايا پيش ڪري ۽ سخت لفظن ۾ سندن ترديد
ڪندو هو. بئڪن
(Becon)
چوي ٿو ته، ”ارسطوءَ سمجھيو ته عثماني سلطانن
وانگر، جيستائين پنهنجي ڀائرن کي نه مارائبو،
تيستائين سلامتيءَ سان حڪومت ڪري ڪانه سگهبي.“
پر ارسطوءَ پنهنجي ڀائر فلسفين کي ڪهڻ واري
دستور ذريعي ئي، اسان سقراط کان پهرين واري
فلسفي سان، واقفيت حاصل ٿئي ٿي. ارسطو، علم
آڪاس متعلق، ڪابه نئين تحقيق ڪانه ڪئي ۽ نڪو
وري اڳوڻن ماهرن جي تحقيق ۾ ڪو واضح اضافو
ڪيو. هو فيثاغورث جي خيال جي ترديد ڪري ٿو، ته
سج، نظام شمسي جو مرڪز آهي. هو اها عزت ڌرتيءَ
کي ڏيڻ چاهي ٿو. پر سندس موسميات تي هڪ ننڍو
مقالو، علمي مشاهدن سان ڀرپور آهي ۽ ساڳئي
وقت، ان ۾ اهڙا تضاد پڻ موجود آهن، جيڪي اسان
جي ذهن ۾، روشن شعلا پيدا ڪن ٿا. فرمائي ٿو،
ته هيءَ هڪ گردش ڪندڙ دنيا آهي، سج هميشه،
سمنڊ جي پاڻيءَ کي، بخار ۾ آڻي ٿو، ندين ۽
چشمن کي سڪائي ٿو ۽ آخرڪار اٿاهه مها ساگر کي
بدلائي، خشڪ ٽڪر جي صورت ۾ آڻي ٿو. ان جي
برعڪس وري ٻاڦ يا گهِم، آسمان طرف رخ رکي ٿي،
ڪڪرن جي صورت اختيار ڪري ٿي، جن مان پاڻي ڪري
ٿو ۽ آخرڪار نديون ۽ سمنڊ وري نئين سرآباد ٿين
ٿا. هر جاءِ، ڪانه ڪا تبديلي ٿئي ٿي، جهن کي
اسان جا حواس پروڙي نٿا سگهن، پر ان جو اثر
پُراثر آهي. مصر، نيل نديءَ جي پيدائش آهي.
هزارن صدين ۾ سيلابي مٽي جمع ٿي، جنهن مان مصر
جي سرزمين ٺهي راس ٿي. ڪٿي ڪٿي سمنڊ، زمين ۾
مداخلت ڪري ٿو ته ڪٿي وري زمين، دڄي ڊڄي، وچ
سمنڊ ۾ پيهي وڃي ٿي. نوان کنڊ ۽ نوان سمنڊ،
پيدا پيا ٿين ۽ پراڻا کنڊ ۽ سمنڊ غائب ٿيندا
پيا وڃن، جيئن دل هوا سان ڀرجي ڦونڊي وڃي ٿي ۽
هوا کان خالي ٿي سُسي وڃي ٿي، يا جهڙيءَ طرح
هرشيءِ، ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿي، آخرڪار
زوال ڏي رخ رکي ٿي، تيئن دنيا جي صورت، هر
گهڙيءَ بدلجي سدلجي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن، اهي
تبديليون، اوچتو ظاهر ٿين ٿيون. ان ڪري نه فقط
تهذيب جا، پر خود زندگيءَ جا، ارضياتي ۽ مادي
بنياد برباد ٿيو وڃن. وقتاً فوقتاً، ڌرتيءَ تي
ڪيترا زلزلا ۽ ٻوڏون اچيو ڪڙڪن ۽ تباهيءَ بعد،
انساني زندگي وري نئين سر پنهنجو ابتدائي دور
وري شروع ڪري ٿي. جڏهن تهذيب پنهنجي عروج جي
ويجھو پهچي ٿي، تڏهن ڪي فطري قوتون، کيس وري
سندس وحشاڻي دور طرف، واپس ورڻ تي مجبور ڪن
ٿيون. اهڙيءَ طرح تهذيب بار بار، پنهنجي محنت
۽ مشقت جاري رکي ٿي. هڪ پٺيان ٻي تهذيب ۾، وري
ساڳيون ايجادون ۽ انڪشاف نروار ٿين ٿا، ساڳيون
اونداهيون صديون نمودار ٿين ٿيون، جن ۾
اقتصادي ۽ تمدني حاصلات سست ٿي وڃي ٿي، آخرڪار
علم، سائنس ۽ فن وري نئين زندگي حاصل ڪن ٿا.
هن ۾ ڪوبه شڪ ڪونه آهي، ته ڪي مروج ڏند ڪٿائون گذريل تمدن جون
مبهم روايتون آهن. انسان جي ڏاهپ هڪ خوفناڪ
ڦيري مان لنگهي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته انسان اڃا
هن ڌرتيءَ جو ڌڻي ڪونه بڻيو آهي، جيڪا کيس
جهليو بيٺي آهي.
ت- علم حياتيات جو بنياد
The foundation of Biology
ارسطو هميشه پنهنجي چڙيا گهر ۽ نباتاتي باغ وچان، تعجب مان
گهمندو وتندو هو ۽ قسمين قسمين جا جانور گڏ
ڪندو ۽ ٻوٽا پرکيندو وتندو هو. نيٺ هن کي يقين
ٿي ويو، ته لاتعداد قسمن واريءَ زندگيءَ کي
مرتب ڪري، انهن کي وري اهڙن ته سلسلي واري
قسمن ۾ ورهائي سگهبو، جو هڪ قسم پنهنجي ڀرواري
ٻئي قسم کان مشڪل سان جدا ٿي سگهندو. بدني
بناوت جي لحاظ کان، يا زندگيءَ جي انداز جي
لحاظ کان، يا پيدائش ۽ پرورش جي لحاظ کان، يا
احساسن ۽ جذبن جي لحاظ کان، مطلب ته هرڪنهن
لحاظ کان ننڍي ۽ وڏي جانور يا ٻوٽي جي وچ ۾،
انيڪ ننڍا درجا ۽ سلسلا موجود آهن. هڪ سلسلي
جي ادنيٰ کان ادنيٰ زندگيءَ ۾ به، اسان زنده
(Animate)
۽ غير زنده
(Inanimate)
جسمن جي وچ ۾ فرق نٿا ڪري سگهون. ”فطرت جاندار
جسمن کان، غير جاندار جسمن تائين، اهڙي ته
درجيوار ارتقا رکي آهي، جو اسان کي زندگيءَ جي
انهن ٻن شعبن جي وچ ۾، جيڪي حدون آهن، سي
ڌنڌليون ۽ شڪي نظر اچن ٿيون.“ غير مرڪب
(Inorganic)
مادي ۾ پڻ، زندگيءَ جو ڪجھه درجو موجود آهي.
تنهن کان سواءِ ڪيتريون ذاتيون اهڙيون آهن، جن
کي يقينيءَ سان جا نورن يا ٻوٽن جا نالو ڏيئي
نٿو سگهجي. ننڍڙن جسمن وارن جانورن ۽ ٻوٽن
متعلق، اهو چوڻ ناممڪن آهي، ته هو ڪهڙيءَ جنس
يا نوع ۾ اچي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته اهي بلڪل هم
شڪل نظر اچن ٿا. زندگيءَ جي هر نظام ۾، مسلسل
ڏاڪيدار واڌارو ۽ فرق اهڙا اهم آهن، جهڙا
ڪردار، شڪل ۽ صورت جا مختلف نمونا، پر هن
پريشان ڪندڙ مختلف قسمن جي زندگيءَ کي
جاچيندي، اسان ڪي خاص ڳالهيون ضرور محسوس
ڪريون ٿا، جيئن وقت گذرندو رهيو، تيئن زندگيءَ
جي پيچيدگيءَ ۽ قوت ۾ به اضاطو ٿيو. جيئن ڪنهن
زندگيءَ جي قسم جي جوڙجڪ وڌيڪ پيچيده ۽ سندس
واڌ جي رفتار تيز ٿئي ٿي، تيئن ان زندگيءَ جي
قسم ۾، ذهني ترقي به ٿئي ٿي. ساڳئي وقت، ڪي
خاص ڪم، ڪن خاص عضون يا بدني سرشتن کي سونپيا
ويا ۽ سڀني جسماني ڪمن جي مٿان، هڪ مرڪزي
حڪومت قابض ٿي، آهستي آهستي، زندگيءَ پنهنجي
لاءِ هڪ اعصابي سرشتو ٺاهيو، جيڪو دماغ جي
ماتحت پنهنجو ڪم ڪري ٿو. اهڙي طرح ذهن، ماحول
تي قبضو ڪرڻ لاءِ اڳتي قدم وڌايو.
هتي هيءَ ڳالھه قابل ذڪر آهي، ته قدرت ۾ ڏاڪيدار واڌارو ۽
مشابهت ڏسڻ جي باوجود، ارسطو ارتقا جي نظريي
تائين ڪونه پهتو. هو ايمپيڊاڪلز جي موزون جي
بقا
(Surviual of the fittest)
واري نظريي جي ترديد ڪري ٿو. ساڳئي وقت هو،
انيڪسزاگورس جي خيال کي نندي ٿو، ته جڏهن
انسان پنهنجا هٿ، ٻين ڪمن کان آزاد ڪري، انهن
کي اوزارن بنائڻ واسطي ڪم آندو، تڏهن چئبو، ته
ان ۾ عقل پيدا ٿيو. ارسطو چوي ٿو، ته پهريائين
انسان عاقل ٿيو، پوءِ هن پنهنجا هٿ ڪم آندا.
درحقيقت ارسطو اوتريون ئي غلطيون ڪيون جيتريون
ڪو، حياتيات جو بنياد وجھندي ڪري سگهيو ٿي.
مثال طور هو سمجھي ٿو، ته حملو جي عمل ۾ مرد،
محض اڀارڻ ۽ متحرڪ ڪرڻ جو ڪم ڏئي ٿو، هن کي
اهو خيال نٿو اچي (جيئن موجوده زماني جي تجربن
ثابت ڪري ڏيکاريو آهي) ته مرداني تخم جو، نه
فقط اهو ڪم آهي، ته اهو زناني تخم سان گڏجي،
ان کي آباد / بار آور
(Fertilize)
ڪري، پر ان کان به وڌيڪ ضروري ڪم هيءُ آهي ته
اهو ٻار کي، مرد جون خاصيتون ورثي ۾ ڏئي.
اهڙيءَ ريت ٻار، ٻن مختلف خاندانن جون وصفون،
پاڻ ۾ جذب ڪري، وڌيڪ طاقتور صلاحيت جو مالڪ
بنجي ٿو. پر جيئن ته ارسطوءَ جي زماني ۾،
انساني مُردا چيري، انساني جوڙجڪ جي تحقيق نه
ڪئي ويندي هئي، تنهن ڪري، ارسطوءَ جي جسماني
تشريح ۾ ڪيتريون ئي خاميون رهجي ويون آهن. هن
کي مشڪن بابت ڪابه خبر ڪانه آهي. هو شريان ۽
نس ۾ ڪوبه فرق نٿو ڪري. هو سمجهي ٿو، ته دماغ
رت کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ هڪ عضوو آهي. هي هن عقيدي
جو هو، ته مرد جي مٿي ۾، عورت جي مٿي کان وڌيڪ
ڳنڍ يا جوڙ آهن. هو سمجھي ٿو، ته مرد کي هرهڪ
طرف صرف اٺ پاسيريون آهن. سڀ کان وڌيڪ
بيوقوفيءَ واري ڳالهھ، جيڪا هو ڪري ٿو، سا
هيءَ آهي، ته عورت کي، مرد کان گهٽ ڏند آهن.
ان مان ظاهر آهي، ته هن جا تعلقات، عورت سان
نهايت دوستاڻا هئا.
انهن خامين جي باوجود، هن حياتيات جي علم ۾، ٻين سڀني يونانين
کان وڌيڪ اضافو ڪيو. هو سمجھيو ٿي، ته پکين ۽
زمين تي هلندڙ جانورن جي بدني بناوت ۾ ڪافي
مشابهت آهي. ڀولڙو، شڪل صورت ۾ انسان ۽ چوپائي
جانور جي وچ ۾ اچي وڃي ٿو. هڪ دفعي هن
بهادريءَ سان، هيءُ به اعلان ڪيو، ته انسان
ٻچن ڄڻيندڙ جانورن، يا ٻچن کي ٿڃ پياريندڙ
جانورن جي گروهه ۾ شامل آهي. هن جو رايو آهي،
ته بي سمجھه ٻار ۾، روح ائين آهي، جيئن جانور
۾. هن هيءَ ڳالهھ وضاحت سان بيان ڪئي، ته کاڌ
خوراڪ جو اثر، زندگيءَ جي طريقي تي پوي ٿو.
”ڪي جانور گڏجي، هڪ گروهه ۾ رهن ٿا ۽ ڪي اڪيلا
گذران ڪن ٿا، ڪي اهڙي طريقي مطابق رهن ٿا، جو
هنن کي پنهنجي پسند وارو کاڌو آسانيءَ سان
ميسر ٿي سگهي.“ ارسطو وان بائر
(Von Bear) جي مشهور قاعدي جي بشارت ٿو ڏئي ۽ سڀ ڪنهن ساهه واري جي نشونما
وقت، پهريائين اهي علامتون ظاهر ٿيون ٿين،
جيڪي ساري جنس ۾ عام آهن، جهڙوڪ اکيون ۽ ڪن.
پوءِ ان ساهه واري جي نوع جون علامتون پيدا
ٿيون ٿين. جيئن ته ڏندن جي ترڪيب. آخر ۾ ان
جون شخصي علامتون ٺهن ٿيون، مثلاً اکين جو
رنگ، هو ٻه هزار ورهيه اڳ واري، اسپينسر
(Spencer)
جي نظريي جي پيش قدمي ڪري ٿو، ته جيتري قدر
وڌيڪ، ڪوبه نوع يا فرد ترقي ڪيل يا خصوصيت
وارو هوندو، اوتري قدر گهٽ انداز ۾ کيس ٻار
ڄمندا. هو جنس طرف واپس ورڻ واري نظريي جي
وضاحت ڪري ٿو. مثلاً ڪنهن نسل ۾، ڪو غير
معمولي ذهن وارو شخص پيدا ٿئي ٿو. ان لاءِ اهو
ضروري آهي، ته بلوغت جي زماني ۾، هو زندگيءَ
جو هم شريڪ ڳولهي. اهڙو شخص جڏهن، پنهنجي رفيق
حيات سان صحبت ڪندو، ته سندس غير معمولي ذهن،
رفته رفته گهٽ ٿيندو ويندو. ٻين لفظن ۾ سندس
خصوصيت گهٽجي ويندي ۽ هو پنهنجي اصل خاندان
واري معمولي ذهن طرف واپس ورندو. ٻن ٽن نسلن
کان پوءِ، آخرڪار سندس پويان، اهڙا معمولي شخص
ٿي پوندا، جهڙا ٻيا عام ماڻهو. هو حيوانن
بابت، ڪيترا رايا پيش ڪري ٿو، جن جي عارضي
طور، ڪن حياتيات جي ماهرن ترديد ڪئي آهي، پر
آخرڪار موجوده زماني جي تحقيق، انهن جي تصديق
ڪئي آهي. مثلاً هن جو رايو آهي، ته ڪيتريون ئي
اهڙيون مڇيون آهن، جيڪي آکيرا ٺاهن ٿيون.
آخر ۾ هو بيضيات
(Embryology)
قائم ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته، ”جنهن ماڻهوءَ،
شين جي نشوونما کي شروع کان وٺي جاچيو آهي،
تنهن کي ئي، انهن بابت، ڳوڙهي ۽ گهري ڄاڻ حاصل
آهي.“ هيپوڪريٽس
(Hippocrates)
(460 ق.م)، جو يونان جو سڀ کان وڏو حڪيم هو،
تنهن تجربي واري طريقي جو هڪ سٺو مثال پيش
ڪيو، هن ڇا ڪيو جو ڪڪڙ جي آري جي جدا جدا
منزلن تي، سندس بيضا ڀڳائين ۽ غور سان
جاچيائين ته بيضي مان ڪيئن ٻچو ڦٽي ٿو. ساڳيا
نتيجا هن ٻار جي پيدائش ۽ نشوونما سان لڳايا.
آخرڪار هُن ٻار جي اصليت تي هڪ مقالو لکيو.
ارسطوءَ پڻ هن طريقي سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽
تجربا ڪيا ۽ چوزي جي واڌ جو بيان ڪيائين، جنهن
لاءِ بيضيات جي ماهرن، سندس جوڳي تعريف ڪئي.
علم جينيات جي متعلق پڻ هن نوان تجربا ڪيا
هوندا. اڳي ائين سمجھيو ويندو هو، ته ٻار جي
جنس، هن ڳالھه تي دارومدار رکي ٿي، ته مرد جي
ڪهڙي خصئي
(Testis)
مان مني نڪتي. ارسطوءَ هڪ تجربو ڪيو. نَرَ جو
ساڄو خصيو ٻڌي ڇڏيائين، تنهن هوندي به مختلف
جنسن جا ٻچا پيدا ٿيا. اهڙيءَ طرح هن اڳئين
خيال جي ترديد ڪئي. مرثيت بابت پڻ نوان مسئلا
پيش ڪيائين. هڪ يونانيءَ عورت، هڪ حبشيءَ سان
شادي ڪئي، سندس سڀ ٻار، سفيد رنگ جا پيدا ٿيا.
پر ٽئين نسل ۾ وري ڪاري رنگ جا ٻار پيدا ٿيا.
ارسطو پڇي ٿو، ته وچ واري نسل ۾ ڪهڙيءَ ريت ۽
ڪٿي، ڪاراڻ لڪل هئي؟ اهڙي اهم ۽ عقل واري
سوالن ۽ جيگرل مينڊيا
(Gegeral Mendel) (1822ع – 1882ع) جي مشهور۽ معروف تجربن جي وچ ۾، صرف هڪ قدم جي
وڇوٽي هئي. صحيح سوال پڇڻ معنيٰ، اڌ جواب پيش
ڪرڻ. در حقيقيت سندس غلطين جي باوجود، سندس
حياتيءَ بابت، تحقيق ۽ تصنيف کي سائنس جي
طريقي ۾ اهم جڳهه حاصل آهي. جڏهن اسان خيال ٿا
ڪريون ته ارسطوءَ کان اڳ، علم حياتيات جو
وجود، صرف ڪن پکڙيل قولن تائين محدود هو. تڌهن
اسان سمجھون ٿا، ته ارسطوءَ جي حاصلات، جيڪا
هن پنهنجي سر، پنهنجي حياتيءَ جي دور ۾ ڪئي،
سا کيس امر بنائڻ لاءِ ڪافي آهي. پر ارسطوءَ
ته اڃا شروعات ڪئي هئي.
مابعد الطبعيات ۽ الهايات
Metaphysics and the nature of God
هن جي مابعد الطبعيات، حياتياتي نظرين مان اڀري ٿي. هن جي خيالن
موجب، دنيا جي هر شيءِ کي اندورني خواهش آهي،
ته هوءِ موجوده حالت کان وڌيڪ مرتبو حاصل ڪري.
هرهڪ شيءَ کي صورت آهي. صورت هڪ حقيقت آهي
جيڪا، ڪچي مادي مان ٺهي راس ٿي آهي. صورت پڻ،
هڪ قسم جو مادو آهي، جهن مان مستقبل زماني ۾،
ان کان به وڌيڪ اعليٰ ۽ افضل صورتون ٺهي راس
ٿينديون. مثلاً مرد هڪ صورت آهي، جنهن جو مادو
ٻار هو. ٻچو هڪ صورت آهي، جنهن جو مادو هو
بيضو. بيضو هڪ صورت آهي، جنهن جو مادو هو
مادي جو تخم. اهڙيءَ ريت اسان پٺتي هٽندا
وينداسون، جيستائين اسان اڻ طئه ٿيل طريقي
سان، مادي جي انهيءَ تصور تائين پهچون، جنهن ۾
صورت بنهه ڪانه آهي. وسيع معنيٰ ۾ مادو، صورت
جي ممڪنات
(Possibility)
آهي. صورت مادي جي حقيقت يا تڪميل جو نالو
آهي. مادو صورت بنائيندڙ آهي. ارسطوءَ جي خيال
موجب ڪنهن به شيءِ جي صورت محض ان جي شڪل ۽
شبيهه جو نالو نه آهي، صورت ڪنهن به شيءِ جي
صورت ڏيندڙ قوت، اندروني ضرورت ۽ ڇڪ آهي، جيڪا
چڪي مادي کي قلب ۾ وجهي، ان مان ڪنهن خاص شڪل
۽ شبيهه يا مقصد واري شيءِ پيدا ڪري ٿي. مادي
جو لڪل قوت
(Potential Capacity) کي پايه تڪميل تي پهچائڻ کي صورت سڏجي ٿو. هرهڪ شيءِ جي
اندر ڪَرَڻ، هئڻ ۽ ٿيڻ جون قوتون سمايل آهن.
انهيءَ مجموعي کي صورت سڏجي ٿو. فطرت، صورت جي
مادي تي فتح جو نتيجو آهي. فطرت، زندگيءَ جي
ترقيءَ ۽ ڪاميابيءَ جونالو آهي.
دنيا جي هرهڪ شيءِ، قدرتي طور ڪنهن خاص مقصد پوري ڪرڻ لاءِ
متحرڪ آهي. مختلف سبب ڪو واقعي طئه ڪندا آهن،
آخري سبب مقصد جو تعين ڪندو آهي. اهو اهم ۽
فيصلا ڪندڙ هوندو آهي. فطرت جون غلطيون ۽
بيڪار حرڪتون ڏيکارين ٿيون، ته مادو ساڪن آهي،
جڏهن به ڪا تخليقي قوت، سندس سڪون ۾ مداخلت
ڪري ٿي، تڏهن مادو ان قوت جو، مقابلو ڪري ٿو.
ان سبب ڪري ئي، ڪڏهن ڪڏهن حمل ڪري پوي ٿو يا
بد زيبا ٻار پيدا ٿين ٿا ۽ زندگيءَ جو منظر
داغدار ٿي پوي ٿو. ترقي، بي مقصد يا اتفاقي نه
آهي. سڀ ڪهن شيءِ جي ڪانه ڪا اندروني قوت،
فطرت يا بناوت، رهنمائي ڪري ٿي. ڪڪڙ جي آني ۾
اندروني شڪل/خاڪو رکيو ويو آهي، جيئن ان مان
ڪڪڙ جو چوزو ئي ڦٽي نڪري ۽ نه بدڪ جو ٻچو.
ارسطو ائين نٿو چوي. ته ڪو ٻاهريون مقدر آهي،
جو زميني بناوتن ۽ واقعن جي شڪل جوڙي ٿو.
شڪل/خاڪو شين جي اندر ئي سمايل آهي ۽ شين جو
قسم مقصد تي دارومدار رکي ٿو. خدائي مقدر
هميشه فطري سببن جي عملن سان متفق آهي.
ارسطوءَ مطابق خدا موجود آهي. پر اهو بالغ ٿيندڙ ذهن جي انساني
شڪلين وارن خدائن جي نظريي
(Anthropomorphism)
جي مطابق سادو ۽ انسان جهڙو شايد نه آهي. ارسطوءَ هن مسئلي جي طرف، هن ريت
اچي ٿو. قديم زماني جو اهو هڪ مونجھارو هوندو
هو، ته تحرڪ ڇا آهي. ارسطو پڻ سوال پڇي ٿو، ته
حرڪت ڪيئن، ٿي شروع ٿئي. هو اها ڳالهھ تسليم
نٿو ڪري، ته حرڪت جي به، مادي وانگر، ڪابه
ابتدا نه آهي. مادو دائمي ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ
ته ايندڙ زماني ۾ ممڪن آهي، ته ان مان صورتون
ٺهي سگهن، پر حرڪت ۽ تخليق جو اعليٰ ڪارنامون
ڪيئن شروع ٿيو؟ جنهن جي ذريعي، سڄي ڪائنات،
قسمين قسمين شڪلين ۽ صورتن سان ڀرجي ويئي.
يقيناً حرڪت جو، ڪونه ڪو سرچشمو ضرور هئڻ
گهرجي، يا ته اسان کي قدم بقدم، پوئتي وڃڻ
گهرجي، خوفناڪ ۽ پريشان ڪندڙ، غار ۾ وڃي پوڻ
گهرجي يا ته وري هڪ اعليٰ محرڪ جو تصور فرضي
طور مڃڻ گهرجي، جنهن کي ڪوبه متحرڪ ڪري نٿو
سگهي. (غير متحرڪ محرڪ
(Mover prime Unmoved).
اهو محرڪ، غير مادي، اڻ تقسيم ٿيندڙ، لامڪان،
لاجنس، بي جذبه، غير متبدل، مڪمل ۽ لافاني
آهي. خدا دنيا پيدا نٿو ڪري، پر دنيا کي تحرڪ
ڏي ٿو. خدا محض مشين جي طاقت وانگر دنيا کي
نٿو هلائي، پر هو دنيا جي عملن جي هر پهلوءَ
جي مڪمل محرڪ آهي. جهڙيءَ ريت ڪا محبوب شيءِ،
پنهنجي عاشق کي، متحرڪ ڪري ٿي. اهڙيءَ ئي ريت
خدا، دنيا کي متحرڪ ڪري ٿو. فطرت جو هو آخري
سبب آهي. هو قدرتي شين جو، هلائيندڙ مقصد آهي،
هو، دنيا جي صورت آهي. هو، زندگيءَ جو اصول
آهي ۽ ان جي اهم عملن ۽ قوتن جو مجموعو آهي.
اهو واڌاري جو مقصد آهي. مطلب ته هو سموري
عملن کي توانائي/قوت ڏيندڙ آهي. هو نج توانائي
آهي. موجوده زماني ۾، فزڪس ۽ فلسفي جا،
توانائي بابت نظريا، ارسطوءَ جي خيالن سان
متفق آهن. هو ڪو شخص ڪونه آهي، پر ڪشش ڪندڙ
قوت آهي.