سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي

باب: --

صفحو :21

پر سن 1862ع ۾ ”ابتدائي اصول“ جي شايع ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ئي خريداري بند ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ ته پهرئين ڀاڱي ۾ هن سائنس ۽ مذهب جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ڪري مذهبي پيشوا ۽ سائنسدان، ٻئي ڌريون ڪاوڙجي ويون. صلح ڪندڙن جو ڪم نهايت سخت هوندو آهي. اسپينسر جو ”ابتدائي اصول“ ۽ ڊارون جو ”نوعن جي ابتدا“ ڪتابي مهاڀاري لڙائي جا مرڪز ٿي ويا. هڪسلي ڊارونزم ۽ شڪ پرستي جو سپهه سالار ٿي ويو. ڪجهه عرصي لاءِ ارتقا ۾ اعتقاد رکندڙن جو حقو پاڻي بند ڪيو ويو، کين بداخلاق وحشي سڏيو ويو ۽ سندن عام پبلڪ ۾ بيعزتي ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح اسپينسر جا طرفدار به هوريان هوريان گهٽجي ويا. هن پنهنجي بچيل خريدارن ڏي اطلاع موڪليو، ته هاڻي هو رسالا جاري رکي نه سگهندو.

ان کان پوءِ تاريخ جو هڪ نهايت همت افزا واقعو پيش آيو. اسپينسر جو وڏي ۾ وڏو رقيب، جنهن ”ابتدائي اصول“ جي شايع ٿيڻ کان اڳ فلسفي جي دائري تي پورو قبضو ڪيو هو، پر هاڻي ارتقا جي فلسفي آڏو سر تسليم خم ڪري چڪو هو، تنهن ڏانهس 4 فيبروري 1866ع، هي خط لکيو:

پيارا سائين!

”گذريل هفتي هت پهچڻ شرط مون توهان جي ’حياتيات‘ جو ڊسمبر وارو پرچو ڏٺو. مون کي نهايت افسوس ٿيو، جڏهن مون ان ۾ توهان جو ڏنل اعلان پڙهيو. منهنجي گذارش هيءَ آهي، ته توهان پنهنجا رهيل مضمون لکندا رهو ۽ مان پبلشرن کي يقين ڏياريان ٿو، ته هنن کي ڪنهن به قسم جو مالي نقصان ڪونه پهچندو . . . منهنجي التجا  هيءَ آهي، ته توهان هن رٿ کي ائين نه سمجهندا، ته هيءَ ڪا توهان تي شخصي ٿورو آهي. جيتوڻيڪ ائين به هجي ها، تڏهن به مون کي اها اميد رکڻ گهرجي، ته توهان مون کي ان آڇ جي اجازت ڏيندا. پر درحقيقت ائين نه آهي. هي فقط هڪ رٿ آهي ته هڪ اهم عوامي مقصد لاءِ مان توهان سان تعاون ڪريان، جنهن مقصد واسطي توهان پنهنجو پورهيو ۽ صحت اڳيئي آڇي چڪا آهيون.“

توهان جو سچو دوست

جان اسٽوئرٽ مل

اسپينسر باادب نموني ۾ انڪار ڪيو. پر مل ماٺ ڪري ڪونه ويٺو، هو پنهنجي دوستن وٽ ويو ۽ انهن مان ڪيترن کي هرکايائين، ته هرهڪ 250 پرچن لاءِ مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو. پوءِ اچتو پروفيسر يومنس وٽان هڪ خط پهتو، جنهن ۾ هن لکيو، ته آمريڪا ۾ اسپينسر جي شيدائين 7000 پائونڊن جون سيڪيورٽيز، سنس نالي ۾ خريد ڪيون هيون، جن جو نفعو کيس ملڻو هو. هن دفعي هو هَٺَ کان هيٺ لٿو، جنهن نيت ۽ صاف دليءَ سان اها سوغات ڏني وئي هئي. ان اسپينسر ۾ نئون روح ڦوڪيو. هن پنهنجي مهم وري شروع ڪئي. چاليهن سالن لاءِ هن ڪم کي مڙس ٿي منهن ڏنو، تان جو سڄو ترڪيبي فلسفو سلامتيءَ سان ڇپجي تيار ٿيو. انسان جي تاريخ ۾ هن ذهن جي بيماريءَ ۽ هزارين مشڪلاتن مٿان اها سونهري سوڀ هڪ حوصلي افزا شيءِ آهي.

 

ابتدائي اصول: The First Principle

الف – نه ڄاڻ ۾ ايندڙ: The Unknowable

شروع ۾ اسپينسر چوي ٿو، ته: ”اسان گهڻو ڪري اها ڳالهه وساري ڇڏيون ٿا ته، نه فقط بڇڙين شين ۾ چڱائيءَ جو روح موجود آهي، پر عام طرح سان غلط ڳالهين ۾ پڻ حقيقت جو روح سمايل آهي.“ تنهن ڪري هو مذهبي خيالن کي پرکي ٿو، جيئن کيس ذهن نشين ٿئي، ته ڦرندڙ گهرندڙ اعتقادن پٺيان سچائيءَ جو ڪهڙو روح آهي، جنهن مذهب کي انساني روح مٿان اهڙي مستقبل حاڪميت ڏني آهي.

آخرڪار هو ڳولي لهي ٿو، ته ڪائنات جي ابتدا بابت ڪيترائي نظريا پيش ڪيا ويا آهن، جن مان هرهڪ اسان کي اهڙي هنڌ ٿو پهچائي، جتي عقل ڪم نه ٿو ڏئي. هڪ ملحد ائين سمجھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ته دنيا پاڻمرادو موجود آهي. جنهن جو ڪوبه سبب نه آهي ۽ جنهن جي ڪابه شروعات نه آهي. پر اها ڳالهه اسان جي تصور ۾ نه ٿي اچي، ته ڪيئن ڪابه شيءِ سواءِ ابتدا ۽ سبب جي ٿي سگهي ٿي. هڪ معتقد وري ان مشڪل کي رڳو هڪ قدم پٺتي هٽائي ٿو. هو وي ٿو: ”خدا تعاليٰ دنيا جوڙي.“ جيڪڏهن ڪو ٻار کانئس هيءُ سوال پڇي، ته ”خدا کي ڪنهن پيدا ڪيو؟“ ته جيڪر هو لاجواب ٿي وڃي. مطلب ته منطق جي لحاظ کان سڀ بنيادي مذهبي خيال اعتبار جي لائق نه آهن.

سائنس جا به سڀ بنيادي خيال عقل جي دائري کان بالاتر آهن. مادو ڇا آهي؟ اسان ان کي ورهائڻ ڪري جوهرن جي درجي تائين پهچايون ٿا ۽ پوءِ وري جوهر کي پڻ وڌيڪ ورهائڻ لاءِ مجبور ٿي وڃون ٿا. جيئن اسان ماليڪيولن (Molecules) کي ورهايو هو. آخرڪار اسان ان نتيجي تي پهچون ٿا. ته مادي کي ورهائڻ جي ڪا حد ئي ڪانه آهي. اها ڳالهه پڻ تصور کان ٻاهر آهي، مڪان ۽ زمان جي ورهاست سان پڻ ساڳي ڳالهه لڳائي سگهجي ٿي، يعني ٻئي عقل جي دائري کان ٻاهر آهن. حرڪت ته ٽن قسمن جي پوشيدگيءَ ۾ لڪل آهي. جڏهن ڪو مادو، وقت اندر، مڪان ۾ پنهنجي جوهر بدلائي ٿو. تڏهن اسان اهڙي چرپر کي حرڪت چئون ٿا. پر جنهن صورت ۾ مادي، وقت ۽ مڪان جا تصور چٽا نه ٿيا آهن، تنهن صورت ۾ اسان حرڪت کي محض عقل جي رستي ڪيئن سمجھي سگهنداسون؟ جڏهن اسان پڪي ارادي سان مادي جي تحليل  ڪريون ٿا تڏهن اسان کي زور کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين لڀي ٿو. اهو زور يا ته اسان جي حواسن تي اثر ڪري ٿو يا ته وري اسان جي ڪم ڪندڙ عضون جو مقابلو ڪري ٿو. پر ڪير اسان کي ٻڌائي سگهندو، ته زور ڇا آهي؟ اچو ته طبيعيات کان نفسيات طرف رخ رکون. هتي اسان جونفس ۽ شعور سان واسطو آهي ۽ ساڳئي وقت وڌيڪ مونجھارا درپيش اچن ٿا. تنهن ڪري اسان نتيجي تي پهچون ٿا، ته سائنس جا بنيادي خيال انهن حقيقتن جون علامتون آهن، جن کي اسان جو عقل پروڙي نه ٿو سگهي. هر طرف ڪنهن سائنسدان جي تحقيق کيس ڪنهن معمي سان منهن مقابل ڪن ٿيون، جنهن جو حل مشڪل آهي ۽ صاف ڏسي ٿو، ته برابر ان معمي جو حل ٿي ئي نه ٿو سگهي. هو انساني عقل جي بلندي ۽ نيچائي ڏسي ٿو. جيڪي شيون آزمودي جي دائري اندر اچي سگهن ٿيون، تن جي هو خوب تحقيق ڪري سگهي ٿو، پرجيڪي شيون آزمودي جي دائري کان ٻاهر آهن، تن جي سمجھڻ کان سندس دماغ قاصر آهي. هن کي ٻين کان وڌيڪ خبر آهي، ته شين جي بنيادي فطرت بابت علم حاصل ڪري نه ٿو سگهجي. هڪسلي جي قول مطابق، لا ادراڪيت (Agnosticism) ئي ايمانداري وارو فلسفو آهي.

انهن پوشيدگين جو عام سبب هيءُ آهي. جو سڀ علم نسبتي آهي نه قطعي. خيال ڪرڻ جو مطلب آهي نسبت ڳولڻ، تنهن ڪري هر خيال محض نسبت ظاهر ڪري سگهي ٿو. عقل محض مظهر جي پيدائش آهي ۽ سندس ڪم آهي، مظهر سان لهه وچڙ ۾ اچڻ. جيڪڏهن اسان ان کي مظهر کان بالتر شين جي معلومات لاءِڪم آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسون، ته ڪنهن به معقول نتيجي تي نه پهچنداسون. ان جي باوجود ’نسبت‘ ۽ ’مظهر‘ اهڙا لفظ آهن، جن کي مڃيندي، اسان کي اعتراف ڪرڻو پوي ٿو، ته اهڙي هستي آهي جيڪا نسبت ۽ مظهر کان بالاتر آهي، پنهنجي خيالن تي نگاهه وجھندي اسان ان شعور کان ڇٽي نه ٿا سگهون، ته حقيقي ڏيک ويک پٺيان لڪل آهي، جنهن ڪري آخرڪار اسان جو حقيقت ۾ پڪو اعتقاد ٿئي ٿو. پر اها حقيقت ڇا آهي. ان جي ڄاڻ اسان کي ٿي نه ٿي سگهي.

 ان نقط نظر کان سائنس ۽ مذهب جي وچ ۾ ٺاهه مشڪل نه آهي. سچ ٻن متضاد راين جي ربط کي ئي سڏي سگهجي ٿو. سائنس کي قبول ڪرڻ گهرجي، ته سندس قاعدا قانون صرف مظهر ۽ نسبت سان واسطو رکندڙ آهن. ساڳي وقت مذهب کي به تسليم ڪرڻ گهرجي، ته ان جي دينيات هڪ من گهڙت قصو آهي، جيڪو ان اعتقاد کي معقول بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جيڪو تصور کان ٻاهر آهي، مذهب کي گهرجي، ته مطلب وجود جو تصور ائين نه ڪري، ڄڻ ته اهو محض هڪ اعليٰ انسان آهي ۽ نه وري اهو تصور ته اهو هڪ ظالم، رت جي پياسي ۽ غدار راڪاس آهي، جنهن کي پنهنجي خوشامد ۽ عبادت نهايت پسند آهي. سائنس کي هستيءَ جو انڪار ڪرڻ نه جڳائي ۽ ماديت پرستيءَ کي فرض ڪري وٺڻ نه گهرجي، ذهن ۽ مادو ٻئي نسبتي مظهر آهي، جيڪي هڪ قطعي سبب جا ٻٽا اثر آهن. ان سبب جو صحيح عم حاصل ٿي نه ٿو سگهي. ان مخفي قوت جو اعتراض آهي، هر مذهب جي حقيقت جو جوهر ۽ هر فلسفي جي ابتدا.

 

ب- ارتقا: Evolution

ڄاڻ ۾ نه ايندڙ (Un Knowable) طرف اشارو ڪري، فلسفو پنهنجي ڪمزوري محسوس ڪري ٿو ۽ ان طرف رخ رکي ٿو، جنهن کي هو ڄاڻي سگهي. مابعدالطبعيات هڪ نشو آهي، مشليٽ (Michalet) جي قول مطابق اها پاڻ کي باترتيب نموني ۾ مخمور ڪرڻ جو فن آهي. فلسفي جو صحيح ڪم آهي، سائنس جي نتيجن کي هن هنڌ گڏ ڪري انهن کي متحد ڪرڻ. هيٺاهين قسم جو علم اهو آهي، جيڪو اڃا متحد ڪونه ٿيو آهي. سائنس به نيم متحد علم آهي. فلسفو مڪمل طور متحد علم آهي. اهڙي مڪم طور متحد علمن لاءِ اهو ضروري آهي، ته کيس وسيع ۽ عالمگير اصول هجن، جنهن ۾ سڀ آزمودو سمايل هجي ۽ علم جي هر خصوصيت جو بيان ڪيل هجي. ڇا اهڙي قسم جو اصول موجود آهي؟

اچو ته ڪوشش ڪريون، ته علم طبعي جي سڀ کان وڌيڪ اعليٰ نتيجن کي متحد ڪري اهڙي ڪلي اصول تي پهچون، اهي نتيجا هي آهن: [1- مادي جو لازوال هئڻ. 2- قوت جو محفوظ هئڻ. 3- حرڪت جو تسلسل. 4- قدرت ۾ زورن/طاقتن جي تعلقات جي ثابت قدمي، 5- زورون جو تبديليءَ ٿيڻ ۽ برابري ۽ 6- حرڪت جو ترنم. ]1- مادي کي ٺاهي يا ناس ڪري نه ٿو سگهجي، اهو صرف پنهنجي شڪل بدلائي سگهي ٿو. 2- قدرت قوت جي حفاظت ڪندڙ شيءِ حرڪت آهي، ته پوءِ اها حرڪت ساڳئي رفتار ۽ رخ ۾ جاري رهندي، جيستائين ٻيو ڪو زور ان جو رخ يا رفتار ڦيري. 4- قدرت جو قاعدو اڻٽر آهي.، ايتري قدر جو ڪن مخص زورن جون نسبتون هميشه ساڳيون رهن ٿيون. 5- طبعي، جسماني ۽ ذهني دنيا ۾، زور هڪ صورت مان ٻي صورت ۾ بدلائي سگهجي ٿو. پر بدليل زور اصلي زور جي برابر ٿيندو، 6- قدرت ۾ هرهڪ حرڪت ترنم سان ٿئي ٿي.]

اچو ته پوئين ڳالهه کي وڌيڪ واضح ڪريون، قدرت ۾ ترنم آهي، گرميءَ جي لرزش کان وٺي، رباب جي تارن جي تنوار تائين، روشنيءَ، گرميءَ ۽ آواز جي لهردار حرڪت کان وٺي سومونڊ جي ويرن تائين، جنس جي لهر ڌار حرڪت کان وٺي سيارن، پڇڙ تارن ۽ عام تارن جي لهه ڌار حرڪت تائين. رات ڏينهن جي تبادلي کان وٺي، موسمن جي سلسلي تائين ۽ آب و هوا جي ڦير تائين، مطلب ته ذررن ۽ جوهرن جي جنبش کان وٺي قومن جي ترقي ۽ تنزل تائين ۽ ستارن جي ڄم ۽ موت تائين قدرت جي هرهڪ جزي ۾ ترنم آهي.

انهن سڀني قاعدن جي جائزي ذريعي هڪ ئي قطعي قاعدي جي ماتحت ڪري سگهجي ٿو، جنهن کي قوت جي ثابت قدمي سڏي سگهجي ٿو، پر هن قاعدي ۾ سڪونت ۽ جمود آهي ۽ زندگيءَ جي راز طرف اشارو طرف اشارو به نه ٿو ڪري، حقيقت جو محرڪ قاعدو ڪهڙو آهي؟ سڀني شين جو نشوونما ۽ تنزل ڪهڙي قاعدي پٽاندڙ ٿئي ٿي. اهو ارتقا ۽ زوال جو قاعد هئڻ گهرجي. ڪنهن به شيءِ جي سموري تاريخ ۾ هيءَ ڳالهه درج ڪرڻ گهرجي، ته اها ڪيئن غيب جي پردي مان نڪري ظاهر ٿي ۽ پوءِ وري ڪيئن ظاهري دنيا مان سفر ڪري غيب جي پردي پٺيان غائب ٿي وئي.

اهڙيءَ ريت اسپينسر ارتقا جو مشهور قاعدو پيش ڪيو، جنهن يورپ کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو، جنهن جي سمجھاڻيءَ لاءِ ڏهن جلدن ۽ ڇاليهن سالن جي پورهئي جي ضرورت ٿي. ”ارتقا، ڏاڪي به ڏاڪي، مادي جي تڪميل آهي، جنهن مطابق شين جا جوهر ۽ جزا آهستي آهستي پاڻ ۾ ملي هڪ اعليٰ نظام قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. ان دوران حرڪت جو ڦهلاءُ ٿيڻ لڳي ٿو. مادو، هڪ اڻ واضع، بي ربط يڪسانيت مان بدلجي، واضع، تسلسل واري گوناگونيت اختيار ڪري ٿو. ساڳي وقت روڪيل حرڪت ۾ پڻ تبديلي اچي ٿي.“ ان جو مطلب ڇا آهي؟

مادي جي تڪميل مان اسان جو مطلب آهي. جدا جدا جزن جو پاڻ ۾ ملي ڪو منظم انبار يا گروهه يا مڪمل مرڪب پيدا ٿيڻ، مثلاً گئس جهڙي ڌنڌ مان سيارن جو پيدا ٿيڻ، ڌرتيءَ تي سمنڊن ۽ جبلن جو ٺهڻ، ٻوٽن جو معدني عنصرن کي جذب ڪرڻ، انسان جو حيواني خلين کي جذب ڪرڻ، ڪچي ٻار ۾ دل جو پيدا ٿيڻ ۽ وڌڻ، ڄمڻ کان پوءِ عضون جي حرڪت، احساس ۽ يادگيرين جو متحد ٿيڻ ۽ علم ۽ فڪر جي صورت اختيار ڪرڻ ۽ علم کي وڏي سائنس ۽ فلسفي جي صورت وٺڻ، ڪٽنبن جو وڌي قبيلن، ذاتين ۽ شهرين جي صورت وٺڻ، رياستن جي معاهدن ذريعي ساري دنيا جي فيڊريشن جو قائم ٿيڻ، اهي سڀ مادي جي مڪمل ٿيڻ جون مختلف منزلون آهن. اهڙيءَ ريت مڪمل ٿيڻ ڪري جزن جي حرڪت ۾ گهٽتائي اچي ٿي، جيئن ڪنهن رياست جي طاقت وٺڻ ڪري، ان جي فردن جي آزاديءَ ۾ گهٽتائي اچي ٿي، پر ساڳيءَ وقت جزن جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ۽ مجموعي حفاظت وڌي ٿي. اها ڪارروائي مادي جي صورتن ۾ ڪمن کي ويڪ طئه ڪري ٿي. ٻاڦ يا گئس جي ڌنڌ کي ڪابهه مقرر ڪيل صورت ڪونه آهي، پر تنهن هوندي به انسان پيدا ٿيل سيارن کي مقرر صورت ۽ ترتيب هوندي آهي. جيئن زندگي جي ارتقا ٿيندي ويندي آهي، تيئن هرهڪ جزي کي ڪو خاص ڪم سونپيو ويندو آهي ۽ جزن جو هڪ ٻئي تي دارومدار وڌيڪ پڪو ٿيندو ويندو آهي، جيڪا ڳالهه جسماني نظام سان لاڳو آهي، سا سياسي نظام سان پڻ لاڳو آهي. مطلب ته جيئن ڪو سياسي ادارو وڌيڪ ترقي ڪري ٿو، تيئن ان جي ترتيب وڌيڪ پيچيده ٿيندي وڃي ٿي. تنهن کان سواءِ مادو يا جسم يا نظام هڪ رنگ ۽ يڪسانيت کي ڇڏي گهڻ رنگيت ۽ گونگاگونيت اختيار ڪري ٿو. ابتدائي ٻاڦ جو ڌنڌ يڪسان آهي، اهو انهن جزن جو ٺهيل آهي، جيڪي سڀ هڪ جھڙا آهن، ڏاڪي به ڏاڪي گئسن، پاڻياٺين شين ۽ نهري جسمن جو فرق پيدا  ٿئي ٿو. ڌرتي ڪٿي ڪٿي ٻوٽن ۽ وڻن سان سربسز ٿئي ٿي، ته ڪٿي وري برف ڇانيل جبلن سان سفيد ٿئي ٿي ۽ ڪٿي وري سمنڊن جي پاڻيءَ سبب نيري ٿي نظر اچي. زندگي جي ارتقا ڪري مختلف عضوا، خوراڪ کي جذب ڪرڻ، ٻار پيدا ڪرڻ، چرپر ڪرڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ جو ڪم ڪن ٿا. ڪنهن به سادي زبان جا ڪئين لهجا ۽ مجاورا پيدا ٿيو پون. ڪنهن سائنس مان سوين علم ڦٽي ظاهر ٿين ٿا. ڪنهن به قوم جا عوامي قصا ۽ گيت ادبي فن جا هزارين گل ٿي ٽڙن ٿا. شخصيت اُسري ٿي، هرهڪ انسان جو سڀاءُ، اخلاق عليحديه ٿي پوي ٿو ۽ هرهڪ نسب ۽ قوم پنهنجي پنهنجي خصوصي ذهنيت کي زور وٺائي ٿي. مطلب ته تڪميل ۽ گهڻ رنگيني جزن جي ملاوت مان سالم نظام جو ڦٽڻ، جزن کي نيون نيون ۽ مختلف صورتون اختيار ڪرڻ، اهي آهن ارتقا جا خاص نقطا. جيڪا شيءِ وڌيڪ منظم ۽ متحد ٿيندي وڃي ٿي سا ارتقا جي وَههَ مطابق وهي ٿي، جيڪا شيءِ ڇڙوڇڙ ٿئي ٿي ۽ پيچيدگي سان سادگي طرف رخ رکي ٿي، سا آخرڪار تباهه ۽ منتشر ٿي وڃي ٿي.

هن عام قاعدي تي اسپينسر ڇيهه ڪونه ڪيو. هن ڏيکارڻ گهريو، ته اهو ارتقا وارو نظريو ميڪانيڪي قوتن جي قدرتي فعل مان جبراً ڦٽي ٿو. سڀ کان پهريائين هن ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي، ته يڪسان مادو ناپائدار آهي، اهو گهڻو وقت ساڳي حالت ۽ صورت ۾ جٽاءُ نه ٿو ڪري. ان جو سبب هيءُ آهي، جو هڪجھڙا جزا گهڻو وقت هڪجھڙا رهي ڪونه سگهندا، ڇاڪاڻ ته مٿن ٻاهرين قوتن جو اثر هڪ جيترو ۽ هڪ جھڙو نه ٿو ٿئي. جيئن لڙائيءَ جي زماني ۾ سمونڊن جي ڪناري واري شهرن تي پهريائين ۽ شديد حملو ٿيندو آهي. تيئن ٻاهرين جزن تي قدرتي قوتن جو اثر اول ۽ وڌيڪ تيز ٿئي ٿو. ساڳيءَ ريت طرحين طرحين ڌنڌن اختيار ڪرڻ جي سبب ڪري هڪجھڙا انسان پڻ طبيعت ۽ رغبت جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان مختلف ٿي پوندا آهن. وري ساڳيو ئي سبب ڪيترا مختلف اثر پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ دنيا اندر گوناگوني پيدا ڪري سگهي ٿو. ڪهن لفظ کي اجايو استعمال ڪرڻ، ڪنهن تار ۾ ڦير گهير ڪرڻ ۽ ڪنهن هواءِ جي لڳڻ ڪري ساري تاريخ بدلجيو وڃي. تنهن کان سواءِ علحيدگيءَ وارو قاعدو پڻ موجود آهي. هن قاعدي ماتحت جڏهن ڪنهن يڪسان شيءِ جا جذا هڪ ٻئي کان جدا ٿي مختلف ايراضيءَ اندر رهن ٿا، تڏهن انهن تي ماحول جي جزن جدا اثر ٿئي ٿي ۽ آخرڪار بدلجي هڪ ٻئي کان مختلف ٿيو پون. ان ساڳئي قاعدي پٽاندر جڏهن انگلينڊ مان ڪي انگريز آمريڪا ويا، ته ڪي ڪئناڊا، ته ڪي وري آسٽريليا، تڏهن مختلف ملڪن جي ماحول ۽ آبهوا مٿن مختلف اثر ڪيو ۽ هو طبيعت ۾ هڪ ٻئي کان نرالا ٿي پيا. انهن طريقن  مطابق، قدرت جون قوتون، ارتقا ڪندڙ دنيا جي گوناگونيءَ جي تعمير ڪن ٿيون.

پر نيٺ، اڻٽر نموني ۾ توازن اچي ٿو، هرهڪ حرڪت ڪنهن نه ڪنهن رڪاوٽ جي اثر هيٺ ضرور ختم ٿيڻ واري آهي. هرهڪ لوڏي جي رفتار ۽ وسعت ۾ آهستي آهستي گهٽتائي اچي ٿي. جيستائين ان کي ٻاهرين قوت سان زوردار نه ڪيو وڃي. هرهڪ سياري جو دائرو  جيئن پوءِ تيئن گهٽبو وڃي ٿو. سج جي روشني ۽ گرميءَ ڏاڪي به ڏاڪي گهٽبي ويندي. ويرن جي  مزاحمت سبب ڌرتيءَ جي چال ۾ گهٽتائي ٿيندي. هيءُ ڌرتيءَ جو گولو جيڪو لکين حرڪتن سان جنبس ۾ آهي ۽ جنهن تي لکين رنگبرگي صورتون رونما ٿين ٿيون ۽ وڌن ويجهن ٿيون، سو ڪنهن ڏينهن ڪاهليءَ سان چرندو نظر ايندو ۽ ان جي جزن جي لرزش نهايت گهٽجي ويندي. ڪنهن ڏينهن رت اسان جي خشڪ رڪن ۾ وڌيڪ ٿڌائي ۽ آهستي سان وهندو نظر ايندو. اسان جي تيزي ۽ تندي ختم ٿي ويندي. مرندڙ قومن وانگر اسان جنت کي هڪ آرامگاهه ڪري سمجھنداسين. جنهن ۾ زندگيءَ جو جوش ۽ ولولو ذري ماتر به موجود نه هجي. اسان نرواڻ جا خواب لهنداسين. آهستي اهستي ۽ پوءِ اوچتو توازن تباهه  ٿي پوندو ۽ اهو ٿيندو ارتقا جو غمگين خاتمو. سمان منتشر  ٿيندا. عوام هجرت ڪندو، شهر پنهنجو جاهه ۽ جلوهه وڃائي، ٻهراڙيءَ جيڪي زندگي جا اونداها علائقا ٿي پوندا. ڪابه حڪومت اهڙي زوردار نه ٿيندي، جو اها ڇڙوڇڙ جزن کي ٻيهر متحد ڪري. معاشرتي نظام جو ته نالو نشان به ڪونه رهندو. هرهڪ فرد اندر پڻ انتشار، ڦڙڦاٽ پيدا ٿيندي. اتحاد ۽ ربط جنهن جو ٻيو نالي زندگي آهي، سو ڦري نفاق ۽ بدانتظامي جي صورت وٺندو. جنهن کي موت سڏيو ويندو آهي. ڌرتي افراتفري ۽ تباهي جو ناتڪ گهر ٿي ويندي. تنزل دور ڪرڻ لاءِ ڪوبه تدارڪ هٿ ڪونه ايندو. آخرڪار ڌرتي به ڌوڙ ۽ ڌنڌ جي صورت وٺندي، جنهن مان اها پيدا ٿئي هئي. ارتقا ۽ تنزل جو سلسو پورو ٿيندو. اهو سلسلو وري جاري ٿيندو، پر انجام اهو ئي رهندو ”ياد رک ته توکي مرڻو آهي.“ اهي لفظ زندگي جي مبارڪ منهن تي لکيل آهن. هرهڪ ڄم تباهي ۽ موت جي ابتدا آهي.

”ابتدائي اصول“ هڪ اعليٰ معيار وارو ناٽڪ آهي، جيڪو ادبي سونت سان، سيارن، زندگي ۽ انسان جي ترقي ۽ تنزل، ارتقا ۽ انتشار هي آکاڻي ٻڌائي ٿو. پر اهو دکدائڪ ناٽڪ آهي، جنهن جي آخر ۾ هئمليٽ جا هيءُ لفظ نهايت موزون ٿين: ”باقي فقط خاموشي آهي.“ ان ۾ ڪهڙي عجب ته هيءَ مرد ۽ عورتون، جيڪي ايمان ۽ اميد ٿي پليل هئا، سي زندگي بابت ان اختصار تي بغاوت کڙي ڪرڻ لڳا؟ اسان کي خبر آهي، ته اسان ضرور مرنداسون پر جنهن صورت ۾ موت جو معاملو خود پنهنجي سنڀال ڪندو، تنهن صورت ۾ ڇونه پاڻ کي زندگيءَ طرف ڪيون؟ اسپينسر ۾ به شاپينهاور وانگر اهو احساس موجود هو، ته انساني ڪوشش اجائي آهي. پنهنجي ڪامياب زندگيءَ جي آخر ۾ هن هيءُ احساس ظاهر ڪيو، ته زندگي رهڻ لاءِ نه آهي. هو ان فلسفيءَ جي مرض ۾ مبتلا هو، جنهن جي نظر ايترو دور پهچي وئي هجي، جو کيس زندگيءَ جون قريب، خوشگوار ۽ رنگبرگي صورتون نظر ڪونه پيون اچن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org