سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
فلسفي جي ڪهاڻي |
باب:
-- |
صفحو :3 |
هنن حڪم ڏنو ته سقراط زهر جو پيالو پيئي، هن
جا دوست قيد خاني ۾ هن سان مليا ۽ هن کي
آسانيءَ سان ڀڃي وڃڻ جو وجهھ
به آڇيائون. هنن سڀني پهريدارن کي رشوت ڏيئي
پنهنجو ڪري ڇڏيو هو، پر هُن انڪار ڪيو. انهيءَ
وقت هو ستر سالن جي عمر جو هو. شايد هن سمجھيو
ٿي ته هن جي موت جو عين وقت اهو ئي هو. جڏهن
هو پنهنجي موت جي ذريعي دنيا کي فائدو پهچائي سگهيو ٿي. هن پنهنجي دوستن کي چيو ته
”پرواه نه ڪريو، ائين سمجھو ته اوهين رڳو
منهنجي جسم کي دفن ڪري رهيا آهيو.“
افلاطون سندس زندگيءَ جو پيون ورق هنن لفظن ۾
بيان ڪري ٿو:
”جڏهن هن اهي لفظ چئي پورا ڪيا، تڏهن هو ڪِرٽو
سان گڏ غسلخاني ۾ اندر ويو، ۽ اسان
کي چيائين ته ترسو. اسين ترسياسين ۽ سوچيوسين
... پنهنجي اٿاهه ڏک بابت، ۽ هڪٻئي سان
ڳالهايوسين
ٻولهايوسين، هو اسان جو ڄڻ پيءُ هو، جنهن کان
اسين جدا ٿي رهيا هئاسين.
ٿوري وقت کان پوءِ، اسين يتيم ٿي وينداسين،
هاڻي مغرب جو وقت قريب هو هن کي غسلخاني اندر
گهڻو وقت گذري چڪو هو. جڏهن هو واپس آيو ته
وري به اسان سان گڏ ويٺو ... پر هينئر سڀئي
گهڻو ڪري خاموش هئا. جلد ئي جيل جو داروغو
اندر داخل ٿيو، ۽ هن جي ڀرسان اچي، هن کي
چيائين: ”سقراط! مون کي خبر آهي تون، جيڪي به
هتي مون وٽ هيستائين آيا آهن، تن سڀني کان
وڌيڪ اعليٰ، نيڪ دل ۽ پيارو شخص آهين، تون ٻين
وانگر ڪاوڙ ڪونه ٿو ڪرين. ٻيا هميشه مون کي
گهٽ وڌ چوندا آهن، ۽ جڏهن مان اختياريءَ وارن
جي حڪم جي تعميل ڪندي، هنن کي زهر جو پيالو
پيڻ لاءِ چوندو آهيان، تڏهن هو مون کي پٽيندا
آهن. مون کي يقين آهي ته تون مون تي ڪاوڙ ڪانه
ڪندين. توکي خبر آهي ته تنهنجي موت جو ڪارڻ
آءُ نه آهيان، ٻيا آهن. تنهنڪري هاڻي الوداع،
اي عظِم انسان! جو ڪجھ تنهنجي قسمت ۾ آهي، سو
خوشيءَ سان سهه. توکي خبر آهي ته منهنجي اچڻ
جو ڪهڙو مقصد آهي.“ ائين چئي هو زار زار روئڻ
لڳو. پوءِ ٻئي پاسي منهن ڦيري، هو ٻاهر نڪري
ويو.
سقراط هن ڏانهن نهاريون ۽ چيائين، ”مان پڻ
تنهنجي نيڪ نيتيءَ جي بدلي توکي دعا ڪريان ٿو
۽ تنهنجي حڪم جي تعميل ڪرڻ لاءِ حاضر آهيان.“
پوءِ هو اسان ڏانهن رجوع ٿيو ۽ چيائين ” هيءُ
ڪهڙو نه دلپسند شخص آهي. جڏهن کان وٺي جيل
خاني ۾ رهيو آهيان، هو هميشه منهنجي سنڀال لهڻ
لاءِ مون وٽ پيو ايندو آهي. ۽ هاڻي توهان ڏسو
ٿا ته ڪهڙيءَ نه سچي دل سان هو منهنجي لاءِ غم
جو اظهار ٿو ڪري! مگر اسان کي ائين ئي ڪرڻ
جڳائي، جيئن هو چوي ٿو، جيڪڏهن زهر تيار آهي
ته ڀلي پيالو آندو وڃي، جي تيار نه آهي ته ڀلي
خدمتگارزهر تيار ڪري وٺي.“
ڪِرٽو چيو ته، ”اڃا سج جبل ۾ ٽٻي ڪانه هنئي
آهي، ڪيترا تمام گهڻيءَ دير سان پيالو پيئندا
آهن ۽ ڪيترا پيالي جي اعلان کانپوءِ کاڌو
به
کائيندا آهن ۽ اوهين تڪڙ نه ڪريو، اڃا ڪيترو
وقت پيو آهي!“
سقراط جواب ڏنو ته ”اي ڪرٽو، جن بابت تون بيان
ڪري رهيو آهين، سي ائين ڪرڻ ۾ درست آهن، ڇاڪاڻ
ته هو سمجھن ٿا ته دير ڪرڻ ۾ هنن جو فائدو
آهي، پر مان ائين نه ڪرڻ مناسب ٿو سمجھان،
ڇاڪاڻ ته مان سمجھان ٿو ته دير سان زهر پيڻ
مان مون کي ڪوبه فائدو ڪين ٿيندو. منهنجي
اُها زندگي جيڪا اڳيئي ختم ٿي چڪي آهي، تنهن
جي وڌائڻ يا بچائن مان ڪهڙو فائدو! اها ته هڪ
کل جهڙِي
ڳالهه
آهي، تنهنڪري مهرباني ڪري ائين ڪر، جيئن مان
چوان ٿو. انڪار نه ڪر.“
جڏهن ڪرٽو هيءُ ٻڌو، تڏهن هن خدمتگار کي اشارو
ڪيو. هو اندر ويو ۽ ڪجھ وقت اتي رهيو ۽ پوءِ
زهر جو پيالو کڻي، جيل جي داروغي سان گڏ واپس
آيو، سقراط چيو. ”او منهنجا
نيڪ دل دوست، توکي انهن ڳالهين جو آزمودو آهي.
“هن جواب ڏنو، ”زهر نوش ڪري، تو کي صرف ٻه ٽي
وکون کڻڻيون آهن جيستاَئين تون پنهنجون ٽنگون
ڳوريون محسوس ڪرين. پوءِ تون سمهي پئج ۽ زهر
پاڻيهي پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪندو.“ ساڳئي وقت
هن زهر جو پيالو سقراط جي حوالي ڪيو. سقراط
نهايت اطمينان سان،سواءِ ڪنهن خوف ۽منهن
گھنجائڻ جي، ان شخص ڏانهن غور سان نهاريندي
پيالو ورتو ۽ چيو، ”تنهنجو ان بابت ڪهڙو خيال
آهي ته مان ڪجھ حصو خدا جي نالي ۾ قربانيءِ طور ڪڍي سگھان ٿو؟“ هن جواب ڏنو: ”او سقراط اسين صرف ايترو
تيار ڪندا آهيون جيڪو پنهنجي ڪم لاءِ
پوروهجي.“ هن چيو، ”سمجھيم تنهن هوندي به مون
کي خدائن کان دعا پنڻ گھرجي. جيئن هن دنيا کان
ٻيءَ دنيا تائين منهنجو سفر سڻائو ٿئي. شال
منهنجي هيءَ دعا قبول پوي!“ پوءِ پيالو پنهنجي
چپن تي آڻي، خوشيءَ سان زهر جو پيالو نوش
ڪيائين.
هن مهل تائين اسان مان گھڻن، پنهنجي غم کي
روڪيو هو. پر هاڻي جڏهن اسان هن کي زهر پيئندي
ڏٺو ۽ هن کي آخري ڍڪ ڀريندي ڏٺو، ته اسين سهي
نه سگھياسين ۽روڪڻ جي ڪوشش جي باوجود به اسان
جي اکين مان تيزي سان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا. مون
پنهنجي هٿن سان پنهنجو منهن ڍڪيو، ۽ ڏاڍو روئڻ
لڳس. مان هُن
لاءِ نه پر پنهنجي لاءِ روئي رهيو هوئس،
اهڙي دوست وڃائڻ تي، جنهن کان پوءِ، آئيندي
جون مصيبتون اڪيلي برداشت ڪرڻيون هُيم.
ڪِرٽوبه جڏهن پاڻ کي روڪي نه سگھيو، تڏهن اٿيو
۽ ٻئي پاسي ٿي بيٺو، مان به هن جي پٺيان ويس.
ان وقت اُپالو ڊورس
(Appallodorus)
. جيڪو سڄو وقت چپ چاپ روئي رهيو هو، سو پاڻ
جھلي نه سگھيو ۽ زور زور سان روئڻ لڳو،
جنهنڪري اسان سڀني جون دليون پاڻ روڪي نه
سگهيون، صرف سقراط ئي پنهنجي سنجيدگي قائم رکي
سگهيو هو. هن چيو، ”توهين هي دانهون ۽ ڪوڪون
ڇو ڪري رهيا آهيو، مون عورتن کي انهيءَ ڪري ئي
اڳ ۾
ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ته جيئن هو هن طرح مون کي تڪليف نه ڏين. مون ٻڌو
آهي ته انسان کي سانتيڪي ماحول ۾ مرڻ گهرجي.
تنهنڪري ڪجھ صبر ڪريو، خاموش ٿيو.“ جڏهن اسان
اهي لفظ ٻڌا، تڏهن اسان کي شرم ٿيو، ۽ پنهنجن
ڳوڙهن کي روڪيوسون. پوءِ هو هيڏي هوڏي گهمڻ
لڳو، جيستائين هن جون ٽنگون ساڻيون ٿيون ۽
پوءِ سنئون ٿي سمهي پيو، جيئن هن کي هدايت ڪئي
ويئي هئي. جنهن ماڻهوءَ هن کي زهر ڏنو هو،
تنهن هن جي پيرن ۽ ٽنگن طرف نهاريو، گهڙيءَ کن
کانپوءِ هن سندس پير کي دٻايو ۽ هن کان
پڇيائين. ”تون ڪجهھ محسوس ڪرين ٿو؟“ هن جواب ڏنو ته ”نه“. پوءِ سندس ٽنگن کي رفتي
رفتي بت جي مٿئين حصي کي دٻايائين، ۽ آخرڪار
اسان ڏٺو ته هن جو جسم ٿڌو ۽ سخت ٿي ويو،
سقراط خود پنهنجي جسم کي هٿ لاتو ۽ چيائين
”جڏهن زهر دل تائين پهچندو، ته پوءِ منهنجو
خاتمو ٿيندو.“ هن جو جسم چيلهه تائين سُن ٿي
چڪو هو. ان وقت هن پنهنجو منهن کوليو ۽ پنهنجا
آخري لفظ چيائين: ”ڪرٽو! مون اَسليپئَس
(Asclepius)
کان هڪ ڪڪڙ قرض طور ورتو هو. ڇا! تون اهو
منهنجو قرض ادا ڪندين؟“ ڪرٽو جواب ڏنو: ”قرض
ادا ڪندس. ٻيو به ڪو حڪم اسان لاءِآهي؟“ هن سوال جو ڪوبه جواب
ڪونه مليو، پر هڪ ٻه منٽن بعد ٿوري چرپر ٻڌڻ ۾
آئي ۽ پوءِ نوڪر هن جي مٿان واري چادر پري
ڪئي. هن جون اکيون هڪ هنڌ بيٺل هيون ۽ ڪرٽو
سندس اکيون ۽ منهن بند ڪيو.
اِها هئي پڇاڙي اسان جي دوست جي، اُهو دوست،
جيڪو سڀني کان وڌيڪ ڏاهو، نياءَ وارو ۽ ڀلارو
انسان
هو.
افلاطون جي تربيت
The Proparation of plato:
سقراط سان ملاقات افلاطون جي زندگيءَ
۾ وڏي تبديلي آندي هئي. هو لاڏ ۽ ڪوڏ سان پليو
هو. هو بيحد وڻندڙ ۽ طاقتور نوجوان هو. چون ٿا
ته اهو نالو
(Plato)
مٿس انهيءَ ڪري ئي پيو هو، جو هن جا ڪُلها
موڪرا هئا. هن هڪ قابل ۽ بهادر سپاهيءَ جي
زندگيءَ به گذاري هئي ۽ هو راندين جي قومي
مقابلن ۾ ٻه ڀيرا انعام به حاصل ڪري چڪو هو.
اهڙي اغرض شباب مان هڪ فلسفيءَ جو اُسرڻ
ناممڪن نه ته به مشڪل ضرور هو. پر هن اڙٻنگ
نوجوان جي بي آرام ۽ نازڪ روح، سقراط جي منطقي
بحث مباحثن ۾ راحت ۽ مسرت محسوس ڪئي. سندس
معزز استاد جڏهن عام تسليم شده عقيدن ۽ قياس
آرائين کي پنهنجن موزون ۽ تز سوالن جي نيز نوڪ
سان ڦاڙيندو ۽ اکيليندو هو. تڏهن افلاطون جي
دل خوشيءَ ۾ پيئي ٽپندي هئي. هو شغل ۾ پڻ اهڙي
ئي شوق ۽ امنگ سان شامل ٿيندو هو. جيئن ڪسرت
گاهه جي ڪرتبن ۽ جسماني راندين ۾، سقراط کي هو
”ٻڍو درويش“ سڏيندو هو. ۽ هُن جي رهبريءَ ۾
هو، ٺلهي بحث
مباحثي جي منزل ٽپي، شين ۽ ڳالهين جي باخبر ڇنڊڇاڻ ۽ باريڪ
تحقيق ڪرڻ لڳو.
هو پنهنجي استاد سان ۽ ان جي صحبت ۾ فلسفي سان
پر جوش محبت ڪرڻ لڳو
هو چوندو هو ته ”خدا جو شڪر آهي جو مان يوناني
ٿي ڄائس ۽ نه وحشي، آزاد ٿي ڄائس ۽ نه غلام،
مرد ٿي پيدا ٿيس ۽ نه عورت، پر سڀ کان وڌ مان
خدا جو شڪر گذار انهيءَ ڪري آهيان، جو مون
سقراط جي زماني ۾ جنم ورتو.“
هو اٺاويهن ورهين جو هو، جڏهن سندس استاد فوت
ٿيو، اُن جي صلح پسند زندگيءَ جي المناڪ
پڇاڙيءَ، هن جي فڪر جي هر پهلوءَ تي اونها ۽
گهاٽا اثر وڌا. ان ڪري ئي هو جمهوريت سان نفرت
ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهن جي انبوهه کي ڌڪارڻ لڳو. هن
پڪو ارادو ڪيو ته جمهوريت کي ناس ڪرڻ گهرجي
۽جمهوريت جي بدران وڌ ۾ وڌ دانشمندن ۽ اعليٰ
هستين جي حڪومت
برپا ڪجي، اهو سندس زندگيءَ جو اهم ترين مسئلو
ٿي پيو ته ڪيئن اهڙا دانشمند بزرگ ڳولي لهجن،
۽ ڪيئن ان ڳالهه تي انهن کي رضامند ڪجي، ته هو
حڪومت جون واڳون سنڀالين.
سقراط کي بچائڻ جي لاءِ ڪيل هن جي ڪوششن،
جمهوريت جي اڳواڻن جي دلين ۾ خود افلاطون جي
سلامتيءَ متعلق شڪ پيدا ڪيا هئا، تنهنڪري هن
جي دوستن، هن کي مشورو ڏنو هو ته اٿينس هُن
لاءِ خطري
کان خالي نه هئي. تنهنڪري اهو هن لاءِ سٺو موقعو هو ته ٻاهر دنيا ۾
سفر جي خيال کان نڪري وڃي ۽ ڪجھ وقت اٿينس کان
ٻاهر رهي. ۽ دنيا کي ڏسي وائسي. انهيءَ خيال
کانپوءِ انهيءَ سال يعني 399 ق.م تي هو سفر تي
روانو ٿيو، اسان کي پوريءَ ريت معلوم نه آهي
ته هو ڪٿي ڪٿي ويو. پر شايد سڀ کان اول هو مصر
ويو هجي، اُتي جڏهن هُن اتان جي مذهبي پيشوائن
کان ٻڌو ته يونان اڃا ٻاراڻي اُوستا ۾ هو،
تڏهن هن کي ڏاڍو صدمو پهتو. انهن جي راءِ
موجب، يونان کي اڃا ڪي محڪم ثقافتي روايتون
ڪونه هيون ۽ نه ئي ان جو ڪو پائدا تمدن هئي ۽
ان ڪري يونان ڪنهن خاص ڌيان جي لائق نه هو. پر
سچ پچ ته اسين سبق تڏهن سکون ٿا، جڏهن اهڙو ڪو
صدمو پهچي ٿو. مصر جو هيءُ مخصوص علمي طبقو،
جنهن مصر جي منجمند زرعي سماج جي ماڻهن جي
مٿان نظرياتي طور حڪمراني ڪئي ٿي، اُن جي
يادگيري هميشه افلاطون جي حافظي تي تازي رهي،
۽ اهو ئي اثر پوءِ سندس ڪتاب ”مثالي رياست“ ۾
نمايان طور ظآهر ٿيو، تنهن کان پوءِ هو
سِسليءَ ويو ۽ آخرڪار اٽليءَ ۾ قدم رکيائين.
اُتي ڪجھ وقت ان علمي گروه ۾ داخل ٿيو جنهن جو
بنياد فيثاغورس وڌو هو. ان گروهه جي صحبت مان
هن جي نازڪ دماغ تي هن ڳالهه جو گهرو اثر ٿيو
ته چند انسان علم حاصل ڪرڻ ۽ حڪمراني ڪرڻ لاءِ
تيار ڪري سگهجن ٿا. جيڪي طاقت هئڻ باوجود،
سادگيءَ سان زندگي بسر ڪري سگهن ٿاٰ اهڙِ طرح
هو ٻارهن سال گهميو ڦريو. جيڪو به ذريعو هٿ
آيس، تنهن وسيلي علم حاصل ڪيائين. هر مقدس
جاءِ تي ويو ۽ اُتان جيڪي مليس، سو پرايائين.
هر فرقي جي شخصي طرح آزمائش ورتائين. ڪن جو
رايو آهي ته
هو
يهودين جي ملڪ ۾ پڻ ويو، ۽ اتي جي اشتراڪيت
پسند پيغمبرن جي روايتن جي مڪتب ۾ ذهني
تربيت حاصل ڪيائين، ڪي ته هيئن به چون ٿا ته
هو گنگانديءَ جي ڪنارن تائين به پهتو هو ۽
اُتان جي ساڌن جي ويدانتي فڪر مان ب فيض حاصل
ڪيائين، پر اسان کي تصديق نه آهي.
هو اٿينس ڏانهن سن 387 ق.م ۾ 40 ورهين جي ڄمار
۾ واپس وريو، مختلف قومن سان ملاقاتون ڪرڻ ڪري
۽ مختلف ملڪن جي حڪمت جي اڀياس ڪرڻ ڪري، هن جو
دماغ هاڻي بلوغت جي ڏاڪي تي پهتو هو. جوانيءَ
وارو گرم جوش گهڻي قدر هاڻي گهٽجي ويو هوس.
هو هاڻي
خيال
جي ميدان جو وسيع نظارو ڏسي چڪو هو. ان موجب
کيس هر انتها واري خيال ۾ محض اڌورو سچ ڏسڻ ۾
ٿي آيو. هاڻي هن کي هر مسئلي جا جدا جدا پاسا
نظر اچڻ لڳا ۽ ان سان گڏوگڏ هو حقيقت جي هرهڪ
رخ جي ڀيٽ ۾، غير جانبداريءَ سان فيصلي ڪرڻ جي
پڻ قابل ٿيو. هن کي هاڻي نه فقط علم هو، پر فن
به حاصل هو. ۽ سندس روح تي ڪافي وقت فلسفي ۽ شاعر
گڏگذاريندا هئا. ۽ هُن اهڙو اظهار جو ذريعو
ايجاد ڪيو،
جنهن ۾ حسن
حق
ٻئي هڪ هنڌ گڏجي ۽ کيڏي سگهيا ٿي. اهو سندس
اظهار جو ذريعو
هو ”ڊائيلاگ“ يا ”مڪالمو“. کانئس اڳ ڪڏهن به
فلسفي اهڙو چمڪ ڌمڪ وارو ويس نه پهريو هو، ۽
نه ان کانپوءِ
جو ئي ڪو فلسفي جي ميدان ۾ اهڙو مثال موجود
آهي. ترجمي ڪرڻ کانپوءِ به هن جي تحرير ڏسجي
ٿي ته پئي چمڪي ۽ ٻهڪي، جيئر جاڳنديءَ شيءِ
وانگر پئي نچي ۽ ٽپي ۽ جوشيلي پاڻيءَ وانگر
پئي اڌما کائي ۽ ڇوليون هڻي. شيلي، جيڪو
افلاطون جو شيدائي هو. سو چوي ٿو: ”افلاطون
شاعراڻي امنگ ۽ جوش کي منطق جي باريڪ بينيءَ
سان ملائي بيهاري ٿو. هن جي جملن اندر وقفن جي
خوبيءَ ۽ ترتيب جي هم آهنگيءَ سببان موسيقيءَ
جي هڪ دلفريب نهر پئي وَهي، جڏهن هن جي تحرير
اسان جي سامهون اچي
ٿي،
تڏهن پنهنجي دل ۽ دماغ ٻنهي سان هڪدم اُن جي
حسن ۽ سچائي کي تسليم ڪريون ٿا.“ سچ پچ ته اها
ڳالھ اجائي ۽ فضول نه هئي. جو هن
نجوان فلسفي پنهنجي تحريري زندگي، هڪ ناٽڪ نويس جي حيثيت سان
شروع ڪئي هئي.
افلاطون جي تحريرن کي سمجھڻ انهيءَ ڪري ئي
مشڪل ٿئي ٿو، جو انهن ۾ فلسفي ۽ شعر، سائنس ۽
فن جي اها خمار آڻيندڙ ملاوت موجود آهي، جو هن
کي پڙهڻ سان اسان
کي پڪو ئي ڪانه ٿئي، ته مڪالمي جي ڪهڙيءَ
اداڪار ۾ مصنف جي پنهنجي شخصيت سمايل آهي،
جنهن جي واتان هو پنهنجا خيال اسان کي ٻڌائي
ٿو ۽ جي ٻڌائي ٿو ته ڪهڙيءَ طرز ۽ ڪهڙي نوع ۾.
هن کي پرهندي اسان لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏاڍو
ڏکيو ٿئي ٿو، ته هن جي تحرير جو لفظي
مطلب وٺجي يا تشبيهه ۽ استعاري طوريا هو
مزاحيه انداز ۾ ڳالهھ
چئي رهيو آهي يا سنجيده انداز ۾.
مزا، طنز ۽ ڏند ڪٿا جو سندس شوق اسان کي ڪڏهن
ڪڏهن
بنھ منجھائي ٿو وجھي، بلڪ ان نسبت ۾ ائين چوڻ
ئي شايد درست ٿيندو ته هو محض ڳجھارتن ۾ ٿو
ڳالهائي، سندس هڪ ڪردار، پروٽاگورس، سندس هڪ
مڪالمي ۾ سوال ٿو ڪري ته ”ڇا، مان هڪ ٻڍي جي
روپ ۾ اوهان کي نوجوان سمجھي اوهان سان تمثيلي
يا ڏند ڪٿائي انداز ۾ ئي ڳالهايان!“ اسان کي
ٻڌايو ويو آهي ته حقيقت ۾، اهي مڪالما هن
پنهنجي دور جي عالم پبلڪ لاءِ لکيا هئا. بحث
مباحثي وارو طقيو حمايت ۽ مخالفت ۾ تيز ۽ تز
دليل هو، مکيه دليل کي درجي بدرجي اڳتي وڌائڻ
۽ وري وري ورجائڻ، اهي سڀ ڳالهيون ڏيکارين
ٿيون ته افلاطون ان عام شخص جي سمجهه
آهر ئي لکيو آهي، جيڪو فلسفي ۾ لاڳيتي نه پر
وقتي دلچسپي رکي ٿو ۽ جنهن کي مختصر زندگيءَ
جي ٿورين فرصت جي گهڙين ۾ ئي ان جي مطالعي جا
موقعا ميسر ٿي سگهيا هجن. انهيءَ ڪري هاڻي
افلاطون جي تحرير جو ڳچ حصو رڳو اُهي ئي سمجھي
سگهندا، جيڪي ان زماني جي مخصوص سماجي ۽ ذهني
ماحول کان واقاف هوندا. هن وقت سندس مواد توڙي
تحريري طرز ۾ شايد اسان
کي ڪيئي ڳالهيون غير ضروري ۽ ٻاراڻيون لڳن، پر
اسان کي اها حقيقت نظر انداز ڪرڻ نه کپي ته
افلاطون ان زماني جي ماڻهن لاءِ فلسفي جهڙي
ڳري طعام ۾ مرچ مصالحا ۽ چٽڻي گڏي، ان کي وڌيڪ
دلچسپ ۽ هاضمي لائق ٿي بنايو.
اسان کي اها حقيقت به مڃڻ گهرجي، ته افلاطون
جي شخصت ۾ اهي شيون پڻ ڪافي انداز ۾ موجودآهن،
جن کي هو پاڻ نندي ٿو، هو شاعرن ۽ انهن جي
فرضِ قصن جي نندا ٿو ڪري. پر ساڳئي قت هن جي
پنهنجي تحرير کيس شاعر برادريءَ جو ئي فرد
ثابت ٿي ڪري ۽ شاعرانه
فرضي
قصا ته ڪير هن جي تصنيفن مان ويهي ڪو سکي. هو
مذهبي پروهتن خلاف آواز اٿاري ٿو. جيڪي
دوزخ جو دڙڪو ڏين ٿا ۽ عوام کان پيسا ڦري، کين
نجات ڏيارڻ جا دلاسا ڏين ٿا.
پر هو پاڻ هڪ قسم جو ڪٽر مذهبي پروهت واعظ ۽
مبلغ، خشڪ اخلاقيءَ جو استاد ۽ سئوونورولا
(Savonarola)
وانگر
لطيف فنون کي ڌڪاريندڙ ۽ انهن کي باهه ۾ اڇلڻ جي تلقين ڪندڙ آهي،
هو شيڪسپيئر
(Shakespeare)
وانگر، چوي ٿو ته ”شين جي ڀيٽ ڪرڻ سولي
آهي، پر اعتبار جوڳي نه آهي.“ پر پنهنجي تحرير
۾ هڪ ڀيٽ مان ٻي ڀيٽ ۽ ٻيءَ مان ٽي، ائين شين
جي ڀيٽ مٿان ڀيٽ ڪندو رهي ٿو. هو سوفسطائين کي
نندي ٿو، جو هن اصطلاحن ۾ اڙيل آهن ۽ رڳو رد
ڪد ڏيندا رهن ٿا. پر هو خود به ڪيترن هنڌن
ساڳئي ريت منطق جي ڇريءَ سان رڳو
وارن جون کليون لاهڻ بيهي ٿو. فرينچ مصنف
فئگوئيٽ
(faguet)
هن جي، هن ريت اَهل ڪري ٿو، ”سڄي شيءِ حصي جي
ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي؟ يقيني طور ۽ ان جو حصو سڄيءَ
شيءِ کان گهٽ آهي.؟ هائو ... تنهنڪري صاف ظاهر
آهي ته فلسفين کي حڪومت هلائڻ گهرجي. سو وري
ڪيئن؟ ڪيئن وري ڪيئن! پڌري ڳالهه
پئي آهي ته اچو ته واري ان ڳالهھ
کي تپاسيون.“
پر وڌ ۾ وڌ ٽيڪاٽپڻي افلاطون جي باري ۾ اِها
ئي ڪري ٿي سگهجي، پوءِ به اها حقيقت روشن
ڏينهن وانگر تسليم ڪرڻي پوندي ته سندس مڪالما
دنيا جي املهه خزانن مان آهن، انهن مان
”جمهوريت“ پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ مڪمل ڪتاب آهي،
ڄڻ سڄو افلاطون ان ۾ سمايل آهي. ان مان اسين
هن جي مابعد الطبعيات، هن جي دينيات، هن جي
اخلاقيات، هن جي نفسيات، هن جي علم تعليم، هن
جي سياسيات ۽ هن جي فنون لطيف بابت نظرين
وغيره جو پورو پورو مطالعو ڪري سگهون ٿا. ان ۾
اهڙا مسئلا پيش ڪيا
ويا آهن. جن جو تعلق موجوده زماني سان پڻ آهي،
جهڙوڪ ڪميونزم، سوشلزم
(Socialism)،
عورت زاد
(Feminism)،
ڄم روڪ
(Birth control)،
نسل جي اصلاح
(Eugenics)،
نٽشي
(Nietzsche)،
جا اخلاقيات ۽ آمريت جا مسئلا، روسو
(Rousseau)،
جا فطرت ڏانهن ورڻ ۽ آزاد تعليم جا مسئلا،
برگس
(Bergson)،
جو ’زندگيءَ جي جوهر‘ جو فلسفو ۽ فرائيڊ
(Freud)
جي تحليل نفس، مطلب ته ’جمهوريت‘ ۾ هر شيءِ
موجود آهي، اهو ڪتاب عالمن ۽ عاقلن لاءِ هڪ
خاص غذا آهي، جيڪا گويا هڪ دل جي سخيءَ ميزبان
پيش ڪئي آهي. ايمرسن
(Emerson)
جي راءِموجب ”افلاطون معنيٰ فلسفو ۽ فلسفو
معنيٰ افلاطون.“ ”سڀ ڪتبخانا ساڙي ڇڏيو، ڇاڪاڻ
ته سڀني ڪتابن جي روح هن هڪ ئي ڪتاب ۾ سمايل
آهي.“
اخلاقيات جو مسئلو:
The Elthical Problem
سيفلس
(Cephalus)جي گهر بحث ٿئي ٿو، جو هڪ دولتمند اميرآهي، مجلس ۾
گئلاڪون
(glaucon)
۽ اڊيمئنٽس
(Adeimantus)،
افلاطون جا ڀائر موجود آهن. تنهن کان سواءِ
ٿرئسيمئڪس
(Thrasymachus)،
هڪ خشڪ طبع ۽ چڙڻو سوفسطائي پڻ موجود آهي.
سقراط جنهن جي معرفت افلاطون ڳالهائي ٿو،
سيفلس کان پڇي
ٿو، ”تو پنهنجي دولت مان بهترين ميوو ڪهڙو
حاصل ڪيو آهي؟“
سيفلس جواب ڏئي ٿو، ”دولت هڪ نعمت آهي، ڇاڪاڻ
ته اها سخاوت ايمانداري ۽ انصاف جي قابل بنائي
ٿي.“
سقراط پنهنجي مخصوص چالاڪيءَ سان وري هن کان
پڇي ٿو، ”انصاف ڪهڙي بلا آهيءِ؟“ اهڙيءَ ريت
فلسفياڻو بحث، هوريان هوريان نهايت گرم جوشيءَ
جي درجي تي پهچي ٿو. ڪنهن به ڳالھه
جي خصوصيت بيان ڪرڻ ۽ ان کي واضح ڪرڻ بلڪل
مشڪل آهي . صاف ۽ سنجيده دماغ جي اها نهايت
مشڪل آزمائش آهي ، سقراط جي لاءِ اها سولي
ڳالھه
آهي ته هو، هڪ پٺيان ٻيءَ وضاحت کي رد ڪري،
آخرڪار ٿرئسيمئڪس گجندڙ آواز ۾ چئي ٿو: ”توکي
ڪهڙي بيوقوفيءَ ورتو آهي او سقراط! ۽ ٻيا سڀ
ڇو هڪٻئي جي پيرن تي ٻارن وانگر ڪري رهيا
آهيو؟ مان اوهان کي چوان ٿو ته جيڪڏهن
اوهين
ڄاڻن چاهيو ٿا ته انصاف ڇا آهي،
ته توهين خود ان جو جواب ڏيو ۽ سوال نه پڇو.
ٻين جي جوابن رد ڪرڻ ۾ ڪهڙو فخر؟ ڪيترا شخص
اهڙا آهن، جيڪي رڳو
سوال پيا پڇن پر خود به انهن جا جواب ڏيئي نٿا
سگهن.“
سقراط هرگز
ڊڄي
ڪين ٿو. هو سوال پڇندو رهي ٿو. هڪ ٻن منٽن جي
ردوبدل کان پوءِ، هڪ بيخبر انسان وانگر
ٿرئسيمڪس کان به انصاف جي وضاحت ڪرائي ٿو. ”ته
ٻڌ!“ غصي ۾ ڀريل سوفسطائيءَ جواب ڏنو، ”مان
اعلان ٿو ڪريان ته زور اڳيان زاري آهي ۽
انصاف، ڏاڍي جي غرض تي دارومدار رکي ٿو. حڪومت
جا مختلف نمونا جهڙوڪ جمهوريت، اميراڻو راڄ
(Aristocratic)
يا شخصي راڄ
(Autocratic)،
قاعدا قانون ٺاهين ٿا، محض پنهنجن پنهنجن غرضن
پوري ڪرڻ واسطي. پوءِ اهڙا قاعدا قانون، جڏهن
رعيت کي آڇيا ٿا وڃن ته انهن کي انصاف جي نالي
سان پڪاريو ٿو وڃي ۽ جيڪي به انهن جي ڀڃڪڙي ڪن
ٿا، تن کي سزا ڏني وڃي ٿي. مان بي انصافيءَ
بابت وڏي پئماني تي ڳالهائي رهيو آهيان ۽
منهنجو مطلب شخصي حڪومت ۾ چٽي طرح نظر ايندو،
ان قسم جي حڪومت ۾ زور ۽ فريب ذريعي، عام
ماڻهنجي ملڪيت لٽي ويندي آهي، جڏهن هڪ انسان،
ٻين شهر واسين جا پيسا ڦري، انهن کي غلام
بنائي ٿو، تڏهن اسين ان کي چور ۽ بدمعاش چوڻ
بدران، خوش نصيب ۽ مقدس هستي چئون ٿا. انصاف
جا ٺيڪيدار، جڏهن ڪن کي ڏوهي قرار ڏيندا آهن،
ته ان ڳالهھ
جو ذرو به خيال نه هوندو اٿن، ته متان هو خود
بي انصافي ڪندا هجن. مگر فقط هن ڳالھ جو ڊپ
هوندو اٿن، ته متان حاڪمن جي حڪم خلاف وڃڻ
سبب، کين ڪو عبرتناڪ نتيجو ڀوڳڻو پوي. مطلب ته
جن کي زور آهي، سي
آهن،
انصاف ڪندڙ ۽ جي بي زور آهن، تن تي ئي قاعدي
جي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.“
موجوده زماني ۾ پڻ، اهڙي قسم جو سياسي نظريو،
نٽشي
(Nietzshi)
جي فلسفي سان تعلق رکي ٿو. ”سچ ته ڪيترا ڀيرا
مون انهن ڪمزور ماڻهن تي لکيو آهي، جن پاڻ کي
صرف ان ڪري نيڪ سڏايو ٿي، ڇاڪاڻ ته سندن چنبا
ڪمزور ٿي چڪا هئا ۽ هو هٿ پير هلائي نه ٿي
سگهيا.“ اسٽرنر
(Stirner)
به ساڳي حقيقت، هنن مختصر لفظن ۾ بيان ڪئي
آهي، ”طاقت جي مٺ، حق جي ڳولڻ کان بهتر آهي.“
شآيد فلسفي جي تاريخ ۾ ڪڏهن به هيءُ نظريو،
افلاطون جي ٻئي گفتگو ”جارجيس
(Gorgias)“،
کان بهتر نموني ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي، هڪ
سوفسطائي، ڪئليڪلز
(Callicles)،
نيڪيءَ کي ان ڪري نندي ٿو، جو اها ڪمزور جي
ايجاد آهي، جنهن سان هو طاقتور جي طاقت ختم
ڪرڻ چاهي ٿو.
”هو پنهنجن مفادن لاءِ ڪن جي ساراهه ڪن ٿا، ته
ڪن جي گلا. اُهي چون ٿا ته بي ايماني شرم جهڙي
۽ ناانصافيءِءَ واري ڳالهھ
آهي.
بي ايمانيءَ مان انهن جو مطلب هيءُ آهي، ته ’
پنهنجن پاڙيسرين کان وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي خواهش
رکڻ. اُهي پنهنجي ڪمتريءَ بابت ڄاڻندي
برابريءَ جي ڳالهھ
ڪن ٿا.‘ پر جيڪڏهن اهڙو ڪو مرد سامائجي، جنهن
کي ڪافي قوت هجي ته هو جيڪر، اهڙن نالي ماتر
اصولن کي لتاڙي پار پوي. مطلب خاطر سماج، جيڪي
به قاعدا قانون، قدرت جي خلاف ٺاهي ٿو، تن جي
هو پاڙ پٽي ڪڍي، جيڪو به انسان حقيقي زندگي
گذارڻ چاهي، تنهن کي گهرجي ته پنهنجي خواهشن
کي ڇڏي ڏئي، ته ڀل اهي وڌنديون رهن، پر جڏهن
خواهشون وڌي راس ٿين، ته کيس اهڙ همت ۽ عقل
هئڻ گهرجي، جو اهي پوريون ٿي سگهن، هيءُ آهي
منهنجي مطابق فطرتي انصاف ۽ شان. پر ڪيترا
انسان ائين نه ٿا ڪري سگهن، تنهنڪري هو اهڙن
شخصن کي ڏوهه ڏين ٿا، جڪي پنهنجيون خواهشون
پوريون ڪن ٿا.
ڇاڪاڻ ته سندن ناقابليت کين شرمائي ٿي جيڪا هو
لڪائڻ چاهين ٿا. ان ڪري هو، فطرت جي اعليٰ خاصيتن کي دٻائيندي انصاف کي بهتر
چون ٿا. ڇاڪاڻ ته هو بزدل آهن.“
هيءُ انصاف آزاد مردن لاءِ اخلاقيات نه آهي،
پر غلامن لاءِ آهي، اهو هڪ غلام جو اخلاق آهي
۽ نه هڪ جوڌي جو. مرد جون حقيقي خصلتون آهن،
همت
۽ ذهن.
هيءَ انتهائي بداخلاقي، اٿينس جي پرڏيهي
پاليسيءَ ۾ شهنشاهيت جي ترقي ترقيءَ جو اشارو
ڏئي ٿي. ان وقت اٿينس، ڪمزور رياستن مٿان
ڏاڍائي سان حڪمران هئي. پيريڪلز
(Pericles)،
ٿيوسيڊائيز
(Thucydides)
جي وات ۾ هي لفظ وڌا آهن، ”توهان جي حڪومت صرف
توهان جي قوت تي مدار رکي ٿي ۽ نه رعيت جي
رضامنديءَ تي.“
جڏهن اٿينس، سپارٽا خلاف جنگ ۾، ملاز
(Melos)
رياست کي زبردستيءَ پاڻ سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش
ڪري رهي هئي. ان وقت ساڳيو تاريخ نويس، اٿينس
جي سفيرن جا هي لفظ بيان ڪري ٿو، ”توهان کي
چڱي ريت خبر آهي ته جيئن دنيا جو دستور آهي،
چڱي روش ۽ برابريءَ جو سوال صرف تڏهن پيش اچي
ٿو، جڏهن ٻه هڪجيڏيون (هڪجھڙيون) قوتون موجود
آهن. پر طاقتور، جبر ۽ ڏاڍ اوتري قدر ڪري سگهن
ٿا، جيتري قدر کين قوت آهي ۽ ضعيف اهو جبر،
ايتري قدر برداشت ڪن ٿا، جيتري قدر هنن کي
برداشت ڪرڻ جي سگهھ
آهي. هتي اسان جي آڏو علم اخلاق
(Ethics)
جو اوائلي مسئلو اچي ٿو.
ڇا اسان کي قوت ڳولڻ گهرجي يا انصاف. نيڪ ٿيڻ
بهتر آهي يا طاقتور؟
افلاطون هن نظريي
جي چئلينج جو مقابلو ڪيئن ڪري ٿو؟ پهريائين
ته سندن جواب خاموشي آهي. هو اشارو ڪري ٿو ته
انصاف مختلف فردن جي وچ ۾، تعلقات جو نالو آهي
۽ انصاف، معاشرتي نظام تي دارومدار رکي ٿو.
تنهنڪري اسان کي ائين سمجھڻ گهرجي ته انصاف
ڪنهن به گروهه جي نظآم جو هڪ اهم حصو آهي ۽ ان
حيثيت ۾ ئي انصاف بابت تحقيق ڪرڻ گهرجي. شخصي
روش جي هڪ خاصيت
ئي
انصاف چوڻ صحيح نه آهي. جيڪڏهن اسين عادل
رياست جو تصور دماغ ۾ آڻي سگهون.
ته پوءِ جيڪر عادل شخص جي وضاحت آسانيءَ سان
ڪري سگهون،
هن ڊيگهه ۾ پوڻ جي معافي وٺندي، هو اسان کي هڪ
مثال ڏئي ٿو، ته جڏهن اسان ڪنهن ماڻهوءَ جي
نظر جي آزمائش ڪندا آهيون، ته پهريائين هن کان
وڏا اکر پڙهائيندا آهيون ۽ پوءِ ننڍا. اهڙيءَ
ريت، وڏي پئماني تي، انصاف جو تجربو ڪرڻ آسان
آهي ۽ شخصي روش جي مدنظر، انصاف جي تشريح ڪرڻ
مشڪل آهي، پر اسان کي هن فريب ۾ ڦاسڻ نه
گهرجي،
حقيقت
۾ هتي هڪ فاضل استاد ٻن جدا جدا ڪتابن کي ٽوپا
ڏئي هڪ ڪري رهيو آهي ۽ مٿئين دليل سان سلائي
ڪري رهيو آهي. هو نه فقط شخصي اخلاق متعلق
مسئلن تي بحث ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پر معاشرتي
۽ سياسي نظام جي جوڙجڪ جو پڻ. هن جي دامن ۾ هڪ
مثالي حڪومت جو خاڪو آهي. جنهن جي پيش ڪرڻ جو
هو ارادو رکي ٿو. ان ڳالهھ کي خيال ۾ رکندي، اسين کيس آسانيءَ سان معاف ڪري سگهون ٿا.
ڇاڪاڻ ته سندس ڪتاب جو روح اهڙيءَ
طرح ڪيل تشريح ۾ ئي سمايل آهي.
سياسي مسئلو:
The Political Problem
افلاطون چئي ٿو ته انصاف هڪ آسان شيءِ ٿيندي،
جيڪڏهن انسان سادگي اختيار ڪن، ان حالت ۾، هڪ
انارڪسٽ قسم جو ڪميونزم، جنهن ۾ قاعدن قانونن
جي ضرورت ئي نه هجي، ڪافي ٿيندو، هڪ دفعو وري
به افلاطون پنهنجي تخيل جون واڳون ڍريون ڪري
ٿو ۽ ٻڌائي ٿو، ”پهريائين اچو ته خيال ڪريون
ته سندس زندگيءَجو طريقو ڪهڙو هوندو. ڇا هو
زمين مان ان پيدا نه ڪندا، شراب، ڪپڙا بوٽ نه
ٺاهيندا، رهڻ لاءِ گهر نه جوڙيندا؟ جڏهن
پنهنجن گهرن ۾ اطمينان سان رهندا، ته پوءِ
اونهاري ۾ پنهنجن اگهاڙن پٺن ۽ پيرن سان ڪم
ڪندا ۽ سياري ۾ گرم ڪپڙن ۾ ويڙهجي، بوٽ پائي
ڪم تي ويندا. هو جون ۽ ڪڻڪ جي ماني کائيندا،
اٽو ڳوهي ماني
پچائيندا
۽ عمده ديڳڙن ۾ کيرڻيون
تيار ڪندا. پوءِ تڏهن يا صاف پنن تي کاڌو آڻي
رکندا. وڏن وڏن وڻن جي شاخن ۽ پنن جا بسترا
ٺاهي انهن تي آرام ڪندا. پوءِ پنهنجي ٻارن
سميت کاڌي ۾ شريڪ ٿيندا. پنهنجو تيارڪيل شراب
پيئندا. پنهنجي ڳچين کي گل جي هارن سان
سينگاريندا، ديوتائن جي ساراهه ڪندا. مٺي مٺي
سنگت ۾ گذاريندا ۽ ان ڳالهھ جو خيال ڪندا، ته ڪمائيءَ کان وڌيڪ ڪٽنب وڌي نه وڃي. غربت ۽
جنگ کان پاسو ڪندا، لوڻ، زيتون، پنير، بصر ک ۽
گوبين کي خوب گرم ڪري، منجھانئن مزا اماڻيندا.
انجير، داليون، ڦريون ٻير ۽ سوپاريون، باهه تي
پچائي لطف اندوز ٿيندا ۽ حد اندر شراب پيئندا
اهڙي سادي کاڌي تي هو گذر ڪندا صلح سانت سان
آخرڪار هو ٻڍا ٿيندا ۽ پوءِ پنهنجن پوين کي به
اهڙي زندگي ورثي ۾ ڏيندا.“
(1)
افلاطون جي شاهڪار ڪتاب ريپبلڪ جي صفحي
346 تان ورتل
(1)
ايموسن جي ڪتاب
(Representative Men)
جي صفحي 41 تان آندل.
جيڪ لفظ حضرت عمر (رضه) قرآن جي لاءِ چيا
آهن، سي ساڳيا ئي ايمرسن، ”جمهوريت“ لاءِ
استعمال ڪيا آهن.