سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي

باب: --

صفحو :13

پئنگلاس جيئن تقرير ڪري رهيو آهي، تيئن ان قعلي تي بلگيريا جو لشڪر ڪاهي اچي ٿو ۽ ڪئنڊائيڊ پڪڙجي وڃي ٿو ۽ کيس زوريءَ سپاهي بڻايو وڃي ٿو.

”ڪئنڊائيڊ کي هر قسم جي فوجي سکيا ڏني وئي، جھڙوڪ کٻي ڦرڻ. سڄي ڦرڻ. بندوقبازي ڪرڻ، پريڊ ڪرڻ وغيره، هڪ بهار جي موسم ۾ خوشگوار صبح جو هن ارادو ڪيو، ته ڪنهن ريت آزاديءَ سان گهمان ڦران. ڇاڪاڻ ته اهو سڀ ڪنهن ساهواري جو پيدائشي حق آهي ته پنهنجي مرضيءَ مطابق پنهنجن ڄنگهن کي ڦيرائي گهيرائي. اڃا ڪجهه مفاصلو مس هليو، ته چار ڇهه فوٽ لمبا سپاهي کيس وڪوڙي ويا ۽ کيس ٻڌي قيدخاني طرف وٺي ويا. فوجي قاعدي جي انحرافي ڪرڻ ڪرڻ سندس سزا مقرر ٿي. کانئس پڇيو ويو، ته کيس سڄي لشڪر وچان لنگهندي ڇٽيهه دفعا درا (سچ پترا) هنيا وڃن يا صرف ٻه شيهي جا بال سندس مغز ۾ ٺوڪيا وڃن. هن غرور سان جواب ڏنو. ته اسان جي مرضي آزاد آهي ۽ کيس ٻنهي سزائن مان ڪابه قبول نه آهي. آخرڪار مجبورن کيس ٻنهي سزائن مان هڪ چونڊڻي پئي. اهڙي ريت خداداد آزاديءَ جي عشق ۾ هن ڇٽيهه دفعا دُرا (سچ پترا) سٺا.“

ڪئنڊائيڊ ڀڄي آزاد ٿئي ٿو ۽ سڌو لزبن جو رستو وٺي ٿو.جهاز ۾ سندس ملاقات پروفيسر پئنگلاس سان ٿئي ٿي. جو کيس ٻڌايو ٿو، ته ڪيئن سندس ماءُ پيءُ خون ٿي ويا ۽ سڄو قلعو برباد ٿي ويو.  آخرڪار پروفيسر ان نتيجي تي پهچي ٿو، ته ” اهو سڀ لازمي ٿيڻو هو. شخصي بدقسمتيءَ ڪري اجتماعي فائدو ٿيندو. ذاتي بدقسمتيءَ جي گهڻائي معنيٰ عوام جو وڌيڪ ڀلو. “ هو لزبن ۾ پهچن ٿا، ته زلزلي ۾ گرفتار ٿين ٿا. جڏهن زلزلو پورو ٿي وڃي ٿو، تڏهن هڪ ٻئي کي پنهنجا آزمودا ۽ حادثا سڻائن ٿا. ان تي هڪ ٻڍي مائي کين ٻڌائي ٿي،ته سندس غم هن جي سختين جي ڀيٽ ۾ ڪجھه به ڪونه آهن. ”سو دفعا مان خودڪشي  ڪرڻ تي هئس، پر مون کي زندگيءَ سان پيار هو. ڇا اهڙي ڪا بي عقلي ٻي ٿي سگهي ٿي، جو انسان هميشه چاهي، ته سندس بوجهه سندس سر تي رکيو رهي، جيتوڻيڪ کيس ان بوجهه جي اڇلائڻ جي پوري قوت هجي؟“ ٻئي هڪ ماڻهوءَ وري هي فڪر پيش ڪيو: ”هڪ ٻيڙي هلائيندڙ جي زندگي هڪ مئجسٽريٽ کان بهتر آهي. فرق ايترو ته معمولي آهي، جو تحقيقات ڪرڻ محض مغز ماري ٿيندي.“

ڪئنڊائيڊ مذهبي عدالت کان ڀڄي وڃي پئراگوي (ڏکڻ آمريڪا) ۾ پناهه وٺي ٿو. اتي سڀ ملڪيت پادرين جي هٿ ۾ آهي ۽ عام ماڻهن جي هٿ وس، ڪجهه به نه آهي، ۽ اهو عقل ۽ انصاف جو اعليٰ نمونو آهي. هڪ ڊچ بيٺڪ ۾ هو هڪ حبشيءِ کي ڏسي ٿو، جنهن کي هڪ هٿ ۾ هڪ ٽنگ آهي ۽ هڪ ڦاٽل چادر ۾ ملبوس آهي. اهو غلام سمجھاڻي پيش ڪري ٿو، ته ”جڏهن ڪمند جي چيچڙي ۾ سندس آڱر پاسي پيئي، تڏهن هن جو سڄو هٿ وڍيو ويو ۽ جڏهن هن ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن سندس سڄي ٽنگ ڪپي وئي، اهڙن وڏي قيمت تي توهان يورپ ۾ کنڊ کائو ٿا.“ ملڪ جي اندروني حصي ۾ هو ٽڙيل پکڙيل سون ڏسي ٿو. سون گڏ ڪري  هو ڪناري تي موٽي ٿو ۽هڪ جهاز ڀاڙي تي ڪري ٿو جيڪو کيس فرانس وٺي وڃي. پر جهاز جو ڪپتان کيس بندر تي ڇڏي جهازن کي سون سوڌو گهلي وڃي ٿو. ويچارو ڪئڊائيڊ فلسفين وانگر پهه پچائيندو رهي ٿو. آخرڪار جيڪي ڪجهه هن وٽ باقي آهي، تنهن مادن بورڊيو بندر ڏانهن ويندڙ جهازن جي ٽڪيٽ حاصل ڪري ٿو. جهاز تي هڪ ٻڍي مارٽن سان سندس گفتگو ٿئي ٿي.

 ڪئنڊائيڊ چيو، ”تون ائين اعتبار ڪرين ٿو، ته انسان هميشه اڄ وانگر هڪ ٻئي جو خون وهائيندا آيا آهن؟ ڇا انسان هميشه ڪوڙا، دعاباز، غدار، احسان فراموش، ٺڳ، احمق، چور، بدمعاش، پيٽو، شرابي، موذي، حاسد، حوسي، خوني، گلاخور، بيڪار، تعصبي، منافق ۽ بيوقوف ٿيندا آيا آهن؟“

”تون ان تي ويساهه ڪرين ٿو.“ مارٽن جواب ڏنو، ته ”بازن هميشه ڪبوترن کي پنهنجو لقمو پئي بڻايو آهي؟“

ڪئنڊائيڊ وراڻيو: ”ان ۾ ڪهڙو شڪ آهي؟“

تنهن تي مارٽن چيو: ”جيڪڏهن بازن جو اخلاق اڃا تائين نه بدليو آهي، ته پوءِ تون ڇو اهڙو خيال ڪري رهيو آهين. ته انسانن جو اخلاق بدليو آهي؟“

ڪئنڊائيڊ چيو، ”انسانن ۽ جانورن ۾ ته گهڻو فرق آهي. انسانن جو اختيار آزاد آهي.“

اهڙي طرح دليل بازي ڪندا هو بورڊيو بندر تي پهچي وڃن ٿا. ڪئنڊائيڊ جا اهي سڀ حادثا ۽ آزمودا، وچين دور جي دينيات ۽ لبنز جي روشن خيال سهي ڪئنڊائيڊ ترڪيءَ ۾ هڪ بهادر جي حيثيت ۾ سڪونت پذير ٿئي ٿي: ”پئنگلاس ڪئنڊائيڊ کي چيو: ”سڀني عالمن کان هن بهترين عالم ۾ واقعن جو سلسلو آهي. جيڪڏهن تون هڪ وڏي قعلي مان هڪاليو نه وڃين ها، جيڪڏهن تون منهنجي عدالت ۾ جوابدار جي حيثيت ۾ پيش نه ڪيو وڃين ها. جيڪڏهن آمريڪا تي پنهنجا قدم نه گهمائين ها، پنهنجو سون نه وڃائين ها، ته جيڪر هتي تون هيءُ لذيذ چٽيون ۽ مربا ويهي ڪونه کائين ها.“

”اهو سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.“ ڪئنڊائيڊ وراڻيو. ”پر اچو ته پنهنجو باغ ته پوکيون.“

انسائيڪلوپيڊيا ۽ فلسفي جي لغت

The Encyclopidia and the Philosophy Dictioary

ڪئنڊائيڊ جھڙي بي ادب ڪتاب جي عام مقبوليت ڏيکاري ٿي، ته ان دؤر جي سرگرمي ڪيتري قدر نه بلند هئي. بزرگ مذهبي پيشوائن جي باوجود لوئي چوڏهين جا مهذب امير هرتنگ نظرئي ۽ روايت تي کلڻ سکيا هئا. اچو ته ٿورو ان ذهني ماحول جو معائنو ڪريون، جنهن ۾ والٽيئر جي هستي چمڪي رهي هئي.

لاميتري (1709ع – 1751ع) هڪ فوجي حڪيم هو، جنهن ”روح جي قدرتي تاريخ“ لکي پنهنجي نوڪري وڃائي  جنهن ”انسان هڪ مشين“ لکي پاڻ کي جلاوطن ڪرايو. هن فريڊرڪ جي ڪورٽ ۾ وڃي پناهه ورتي هئي، جو پاڻ ترقي پسند مفڪر هو ۽ هميشه پئرس مان نئين ۽ صحت مند تمدن حاصل ڪرڻ تي راضي هو. لاميتري ميڪانيت جو نظريو ڊيڪارٽ کان ورتو ،جنهن ان کي هڪ ڇوڪر وانگر جنهن جون آڱريون باهه ۾ جليون هجن، ڊڄي ڦٽو ڪيو. هاڻي لاميتري کلم کلايو اعلان ڪيو، ته ساري دنيا جنهن ۾ انسان به اچي وڃي ٿو، هڪ مشين آهي، روح پڻ هڪ مادي شيءِ آهي، ۽ مادي ۾ پڻ روح آهي، روح ۽ مادو ڇا به هجن، پر هو هڪ ٻئي تي اثر ڪن ٿا، هو گڏ اسرن ٿا ۽ فنا ٿين ٿا، جنهن ڪري ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونه آهي، ته هو هڪ ٻئي سان مشابهت رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي جا محتاج آهن. جيڪڏهن روح غير مادي شيءِ آهي، ته پوءِ جسم ۾ ڪيئن جذبا پيدا ٿين ٿا يا بخار ڪيئن ذهني ڪمن م رڪاوٽ وجهي و؟ سڀ جسم هڪ اصيلي جوهرن مان اُسريا آهن. جسم ۽ ماحول جي باهمي اثر ۾ ڇڪتاڻ ڪري ئي ارتقا ٿئي ٿي. جانورن کي ذهن آهي پر ٻوٽن کي ڪونه آهي، تنهن جو سبب فقط اهو آهي، جو جانور خوراڪ خاطر هيڏي هوڏي ڦرن گهرن پيا ۽ ٻوٽا فقط اها خوراڪ وٺن ٿا، جيڪا ازخود کين ملي وڃي ٿي. انسان کي سڀ کان اعليٰ ذهن ان ڪري هاصل ٿيو آهي، جو سندس گهرجون اڻ کٽ آهن ۽ سندس حرڪتون نهايت وسيع، جن هستين کي گهرجون ڪو نه آهن، تن کي ذهن به ڪونه آهن.

جيتوڻيڪ لاميتري کي انهن راين ڪري جلاوطن ٿيڻو پيو. هيلويشس (Helvetius) (1715- 1771ع) جنهن انهن راين کي پنهنجي ڪتاب ”انسان تي مضمون“ لاءِ بنياد ڪري ورتو. فرانس جي شاهوڪارن مان هڪ ٿي پيو ۽ کيس عزت وارو رتبو نصيب ٿيو. لاميتري جي تصنيفن ۾ اسان کي دهريت جي مابعدطلبيعات ملي ٿي. پر هيلويشس جي ڪتاب مان اسان کي دهريت جي اخلاقيات ملي ٿي. سڀ عمل خودي ۽ خودپسنديءَ ماتهت ٿئي ٿو. ”هڪ مجاهد پڻ احساس جي پوئواري ڪري ٿو. جنهن جو سنڌ اعليٰ خوشيءَ سان آهي. نيڪي پڻ خود غرضي آهي. جنهن کي دوربيني ڏني وئي آهي.“ ضمير، الاهي آواز ڪونه آهي، پر پولي سجو ڊپ، والدي، استادن ۽ پريس جي اسرندڙ روح مٿان منع ۽ پابندي ان مان ضمير جڙي راس ٿو ٿئي. اخلاقيات جو بنياد دينيات تي نه پر عمرانيات (سوشيالاجي) تي ٻڌڻ گهرجي. نيڪيءَ جو دارومدار سوسائٽيءَ جي ڦرندڙ گهرندڙ گهرجن تي هئڻ گهرجي ۽ نه ڪنهن وحي/الهام يا مذهبي اصول تي.

هن گروهه ۾ سڀ کان اعليٰ هستي هئي، دينس ڊائڊيراٽ (Denis Diderot) (1713- 1784ع). هن پنهنجي خيالن جو اظهار پنهنجن مقالن ۾ ڪيو. بئرن ڊي هوباش (Baron d’ Holbach) (1732- 1789ع) جي ڪتاب ’قدرت جو نظام‘ ۾ پڻ سندس ئي خيال جي جھلڪ آهي، ڇاڪاڻ ته هن جو ملاقاتي ڪمرو ڊائڊيراٽ جي گروهه جو مرڪز هوندو هو. هو باش جو قول هو، ته ”جيڪڏهن اسان ابتدائي دور تي غور ڪنداسين، ته معلوم ٿيندو ته جهالت ۽ ڊپ ڪري ئي انسانن ديوتا جوڙيا، تصور ۽ اتساهه ۽ ٺڳي يا ته انهن ديوتائن کي سينگاريو يا ته وري کين خراب نموني ۾ پيش ڪيو. ضعين فل وارا انسان انهن ديوتائن جي بندگي ڪن ٿا، ڀورڙا انهن کي قائم رکن ٿا، رسم انهن جي عزت ڪري ٿي ۽ ظلم انهن جي مدد ڪري ٿو. ظالم انسان عوام جي جهادت ۽ انڌي يقين کي پنهنجن غرضن خاطر استعمال ڪن ٿا. ڊائڊيراٽ چيو. ته ديوتا ۾ اعقاد، آمريتي حڪومت آڏو ڪنڌ جھڪائڻ سمان آهي. ماڻهو ايستائين آزدا نه ٿيندا، جيستائين آّري بادشاهه کي آخرين پادريءَ سان گڏ گهٽو ڏئي ماريو نه ويندو. جڏهن فلڪ کي تباهه ڪبو، تڏهن ئي ڌرتيءَ جو شان برقرار رکي سگهبو. ماديت دنيا کي ضرورت کان وڌيڪ آسان نموني ۾ پيش ڪري ٿي، شايد هر مادي ۾ زندگيءَ جو روح موجود  هجي. شعور جي وحدنيات کي مادي ۽ حرڪت ۾ تحليل ڪرڻ ناممڪن آهي. پر ماديت ڪليسا خلاف هڪ سٺو هٿيار آهي. جيستائين ڪو بهتر هٿيار دستياب نه ٿيو آهي. تيستائين ان کي استعمال ڪرڻ  ضروري آهي. ان دوران ۾ هرهڪ جو فرض آهي، ته علم جي تبليغ ڪري ۽ محنت جي همت افزائي ڪري. محنت دنيا ۾ آهي، ته علم جي تبليغ ڪري ۽محنت جي همت افزائي ڪري، محنت دنيا ۾ صلاح ۽ سلامتي آڻيندي ۽ علم نئين ۽ فطري اخلاقيات جو پايو وجھندو.

اهي آهن خيال جن جي پکيڙ جي ڪوشش ڊائڊيراٽ (Diderot) ۽ ڊي المبرٽ (D’ Alembert) انسائيڪلوپيڊيا جي ذريعي ڪئي، جنهن جو هڪ پٺيان ٻيو جلد سن 1752ع کان وٺي سن 1772ع تائين شايع ٿيندو رهيو. اوائلي جلد ڪليسا ضبط ڪرايا. جيئن مخالفت وڌندي وئي، تيئن ڪيترن ڊائڊيراٽ جي دوستي ترڪ ڪئي، پر هو جوش سان ڪم ڪندو رهيو ۽ سندس غصي کي قوت بخشي. ”ان کان وڌيڪ اڻ وڻندڙ ڳالهه جي مون کي خبر نه آهي، ته مذهبي ابا پنهنجن جوشيلن تقريرن ۾ عقل تي ملامت ڪن، سندن تقريرن کي ٻڌڻ معنيٰ ائين تسليم ڪرڻ، ته ايستائين  عيسائيت جي دائري ۾ داخل ٿي نه ٿو سگهجي، جيستائين رڍن ٻڪرين وانگر پاڻ کي ڪنهن واڙي ۾ بند نه رکجي.“  اهو، پين جي قول مطابق عقل جو دؤر هو. انهن ماڻهن کي ان ۾ ذري ماتر به شڪ ڪونه هو، ته سچ ۽ نيڪيءَ جي آخرين ڪسوٽي آهي عقل. سندن چوڻ هو، ته عقل کي آزاد ڪيو وڃي، ته پوءِ ٿورن نسلن کان پوءِ معياري رياست قائم ڪري سهبي. ڊائڊيراٽ کي خواب خيلا به ڪونه هو، ته عاشق مزاج ۽ اعصابي مريض روسيو، جنهن جو تعارف هن پئرس سان ڪرايو هو، تنهن جي دماغ يا دل ۾ عقل خلاف بغاوت جا جراثيم پيدا ٿي چڪا هئا ۽ اهڙي قسم جو انقلاب ڪانٽ جي اثرائتي پر اڻ مشهور نظرئي جي مدد سان فلسفي جو هر قلعو فتح ڪندو.

اهو قدرتي هو، ته والٽيئر جيڪو هر ڳالهه ۾ دلچسپي وٺند هو ۽ هر ڳالهه ۾ بهرو وٺندو هو، انسائيڪلوپيڊيا تيار ڪندڙن جي ڄار ۾ گرفتار ٿي وڃي. هو کيس اڳواڻ تسليم ڪرڻ تي خاموش هئا، والٽيئر کي سندن بنيادي اصول پنسد هئا، جيتوڻيڪ ڪن خيالن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ضروري هئي. هنن کيس عرض ڪيو، ته هو به ڪي مقالا لکي ۽ هن اهڙي ته سهنجائي ۽ زرخيزي سان سندن عرض قبول ڪيو، جو هو سڀ خوش ٿيا. اهو ڪم پورو ڪري هن پنهنجي انسائيڪلوپيڊيا لکڻ شروع ڪيو، جهن کي هن ”فلسفي جي لغت“ جو نالو ڏنو، بي مثال همٿ ۽ برباديءَ سان هن هر موضوع هٿ ۾ کنيو ۽ پنهنجي علم ۽ حڪمت جي خزاني سان ان کي مالامال ڪيو. هڪ ئي انسان هر موضوع تي لکي رهيو هو ۽ دنيا آڏ بي ظير معياري عملي خزانو پيش ڪري رهيو هو، قصن کان سواءِ، اها والٽيئر جي سڀ کان آسان شيءِ ۽ روشن پيشڪش هئي، هرهڪ مقالي ۾ بهادري، صفائي ۽ ظرافت موجود آهي. آخرڪار والٽيئر ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو واقعي هو فلسفي هو.

بئڪن، ڊيڪارٽ، لاڪ ۽ سڀني موجوده زماني جي مفڪرن وانگر، هن شڪ ۽ صاف ذهن سان شروعات ڪئي. ”مون سينٽ ٿامس کي پنهنجو مرشد ڪري ورتو آهي. جنهن هميشه پنهنجن هٿن سان تحقيق ڪرڻ تي زور ڏنو.“ هو بيل جو شڪريو ادا ڪري ٿو، جنهن کيس شڪ ڪرڻ سيکاريو. هو سڀني طريقن جي ترديد ڪري ٿو ۽ سمجھي ٿو، ته فلسفي ۾ هر فرقي جو اڳواڻ نيم حڪيم آهي.“ جيئن مان اڳتي قدم وڌايان ٿو، تيئن مون کي يقين ٿئي ٿو، ته فلسيف جا طريقا فلسفين لاءِ ائين آهن، جهڙا عورتن لاءِ ناول.“ فقط ڍونگي ماڻهن کي ئي هرڳالهه جو يقين ٿئي ٿو. اسان کي ابتدائي اصولن جي ڪابه خبر ڪانه آهي. جڏهن اسان کي اها به خبر ڪانه آهي، ته ڇو اسان پنهنجي مرضيءَ مطابق ٻانهون چوريون ٿا، ته پوءِ خدا فرشتن ۽ ذهن جي تعريف ڪرڻ اضافي آهي. شڪي طبيعت هڪ خوشگوار حالت ته ڪونه آحي، پر هر ڳالهه جو يقين هئڻ ته بيوقوفي آهي. ”مون کي خبر نه آهي، ته مان ڪيئن پيدا ڪيو ويس ۽ ڪيئن ڄائس. پنهننجي زندگيءَ جي پهرئين چوٿين حصي تائين مون کي خبر ڪونه هئي، ته جيڪي ڪجھه مون ڏٺو، ٻڌو يا محسوس ڪيو، تنهن جو ڪهڙو سبب هو. جنهن کي مادو سڏيو وڃي ٿو، تنهن جي سائرس تاري واري صورت يعني هڪ قليل جوهر، واري شڪ، جيڪا صرف خوردبينيءَ سان ڏسي سگهجي، اها صورت مون ڏٺي آهي. پر مون کي خبر نه آهي، ته مادو ڇا آهي؟“

هو هڪ نيڪ برهمڻ جي آکاڻي ٻڌائي ٿو، ته ”شل مان ڄمان ئي نه ها.“ مون کانئس پڇيو، ته ”ڇو؟“ هن جواب ڏنو ته ”ڇاڪاڻ ته چاليهه سال مون علم جو مطالعو ڪيو آهي، پر ائين سمجھان ٿو ته اجايو وقت وڃايو اٿم، مان سمجھان ٿو، ته مان مادي مان ٺاهيو ويو آهيان، پر مان ان بابت مطمئن نه ٿيو آهيان، ته اها ڪهڙي شيءَ آهي. جنهن مان خيال پيدا ٿين ٿا. مان ان بابت پڻ لاعلم آهيان ته آيا فهم به گهمڻ ۽ هضم ڪرڻ وانگر هڪ سادي قوت آهي يا پنهنجي دماغ سان اهڙيءَ ريت خيال ڪيان ٿو، جهڙي ريت پنهنجن هٿن سان ڪا شيءِ جهليان ٿو...؟ مان وڏيون وڏيون تقريرون ڪيان ٿو، پر افسوس جو جڏهن تقريرون ختم ڪيان ٿو، تڏهن منجھي پوان ٿو ۽ جيڪي ڪجھه تقريرن ۾ چيو اٿم، تنهن تي شرمسار ٿيان ٿو.“

ساڳي ڏينهن هڪ ٻڍي عورت سان منهنجي گفتگو ٿي، جيڪا ان برهمڻ جي پاڙي ۾ رهندي هئي، مون ان کان پڇيو ته ڇا هوءِ ان ڳالهه تي رنجيده ڪانه هئي جو کيس خبر نه هئي، ته سندس روح ڪيئن ٺاهيو ويو؟ ان عورت منهنجي سوال کي سمجھيو ئي ڪونه. هوءَ گهر جي ڪمن ڪارين ۾ ايترو ته مصروف هئي، جو کڻي اهڙين ڳالهين تي گهڙيءَ کن لاءِ به سوچ ويچار ڪري. کيس پورو يقين هو ته وشنو پنهنجون ضرورتون بدلائي پيو. جيڪڏهن کيس صرف گنگا جو پاڻي جسم صاف رکڻ لاءِ ملندو رهي، ته هوءَ پاڻ کي سڀ کان خوش نصيب عورت سمجھندي. هن غريب عورت جي خوشيءَ مون تي گهرو اثر ڪيو ۽ وري ان فلسفي طرف رجوع ٿيس. هيءُ لفظ مون ان برهمڻ کي چيا: ”تو کي شرم نه ٿو اچي جو پهه پچائي تون اهڙي حالت کي وڃي پهتو آهين؟؟ توکان پنجاهه قدمن جي مفاصلي تي هڪ غير شعور جاندار رهي ٿو، جنهن کي ڪوبه فڪر ڪونه آهي ۽ هميشه مطمئن گذاري ٿو.“ برهمڻ وراڻيو: ”تنهنجو چوڻ سچو آهي، مون پاڻ کي هزار دفعا چيو آهي ته جيڪڏهن مان پنهنجي پاڙيسريءَ وانگر جاهل هجان ها، ته ڏاڍو خوش گذاريان ها، پر افسوس جو اهڙيءَ خوشيءَ جي مون کي ڪابه آرزو ڪانه آهي.“ برهمڻ جي ان جواب منهنجي دل تي وڌڪ گهرو اثر پيدا ڪيو.

 جيتوڻيڪ کڻي فلسفي جي انتها مڪمل شڪ هجي ۽ مانٽين وانگر اسان چوندا وتون، ته اسان کي ڪهڙي خبر؟ پر تنهن هوندي به فلسفو سڀ کان اعليٰ ۽ عظيم سفر آهي. اچو ته موجوده علمي ترقي تي گذر ڪريون ۽ پنهنجي غلط تصور ذريعي فلسفي جا هميشه نوان ڄار ڪتڻ کان باز اچون.

اسان کي ائين چوڻ نه گهرجي، ته اچو ته نوان اصول ايجاد ڪريون، جن جي وسيلي ه شيءِ جي سمجھاڻي ڏئي سگهون. اسان کي ائين چوڻ گهرجي، ته اچو ته ڪنهن به شيءِ جو صحيح اڀياس ڪيون، ان کان پوءِ ڪوشش ڪري ڏسون، ته اهاڪنهن اصول سان ٺهڪي اچي ٿي يا نه. بئڪن سائنس جي اها واٽ اڳ ۾ ئي ڏيکاري چڪو هو. پر پوءِ ڊيڪارٽ اچي ظاهر ٿيو ۽ صحيح رستي کان گمراهه ٿي ويو. قدرت جي اڀياس بدران هن قدرت جي قانونن بابت ويهي تصوراتي قلعا اڏيا. دنيا جي اعليٰ رياضي دان فلسفي جي ميدان ۾ اچي صرف پهه پچايا. اسان جو فرض آهي، شين کي تورڻ تڪڻ ۽ جستجو ڪرڻ، قدرتي فلسفو ان کي ئي چوڻ گهرجي، ٻيو سڀ وهم آهي.

 

ڪليسائيت سياهه ڪاري: Ecrasez L’Infame

رواجي حالتن هيٺ ڏهن والٽيئر پنهنجي فلسفياڻي خاموشي ۽ شڪ پرستي ڇڏي، وقت جي مذهب خلاف نعرو بلند نه ڪري ها. سندس اٿ ويهه اميراڻي طبقي سان هوندي هئي، جنهن جا فرد يڪدم سندس نظريا قبول ڪندا هئا، جنهن ڪري فضول مناظرن جي ڪڏهن به کيس ضرورت محسوس نه ٿي. ڪيترا مذهبي مهندار پڻ ايمان بابت سندس شڪ شبهن تي لڪي لڪي مشڪندا هئا. پوءِ ڪهڙا واقعا هئا، جن هن جي دل ۽ دماغ ۾ ڪليسائيت خلاف بغاوت جي باهه ڀڙڪائي؟ بغير ڪنهن ساهيءَ جي ڪليسائيت جي بُڇڙائي کي ختم ڪرڻ لاءِ وڙهيو؟

فرني کان ٿوري مفاصلي تي ٽولوسي شهر هوندو هو، جيڪو ان وقت فرانس جو ستون نمبر شهر ڪري ليکيو ويندو هو. والٽيئر جي ڏينهن ۾ ڪئٿولڪ پادرين کي اتي کُلي آزادي ۽ خودمختياري هوندي هئي. ڪوبه پراٽيسٽنٽ عقيدو رکندڙ فرد، وڪالت، حڪمت، دواسازي، دڪانداري، ڪتاب فروشيءَ ۽ ڪتابن ڇاپڻ جا ڌنڌا اختيرا ڪري نه سگهندو هو. ڪوبه ڪئٿولڪ ڪنهن پراٽيسنٽ کي نوڪر يا منشي رکي نه سگهندو هو. سن 1748ع ۾ هڪ عورت کي چار هزار فرانل ان ڪري ڏنڊ مڙهيو ويو هو، جو هن هڪ پراٽيسٽنٽ دائيءَ کان  ويم ڪرايو هو.

قصو ڪوتاهه ته هڪ دفعي ٽولوسي شهر جي هڪ پراٽيسٽنٽ کي هڪ ڌيءَ هوندي هئي، جيڪا پوءِ ڪئٿولڪ ٿي ۽ کيس هڪ پٽ هوندو هو. جنهن شآيد ڌنڌي ۾ ناڪامياب ٿيڻ تي پاڻ کي ڦاهو ڏنو. ان شهر جو قانون هوندو هو، ته خودڪشي ڪندڙ کي اگهاڙو ڪري اونڌو لٽڪايو ويندو هو ۽ سڄي شهر مان گهمائي ڦيرائي آخرڪار جنازي کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويندو هو، ويچاري والده ان خواري کان بچڻ خاطر پنهنجن عزيزن ۽ دوستن کي عرض ڪيو، ته سندس پٽ جو موت قدرتي طرح ٿيو هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو شهر ۾ ڳالهه پکڙي ته پيءُ پنهنجي پٽ کي ان سبب ڪري قتل ڪيو هو، جو هو ڪئٿولڪ ٿيڻ وارو هو. ويچاري ڪئلاس کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس چيچلائي ماريو ويو. سندس ڪٽنب ظلم ۽ ستم کان پاڻ بچائي اچي فرني ۾ والٽيئر وٽ پناهه ورتي . والٽيئر هنن جي سارسنڀال ڪئي ۽ اهڙي ظلم جي قصي تي عجب کائڻ لڳو.

ساڳئي وقت ۾ سن 1762ع ۾ ايلزابٿ سائس وينس (Elqizabeth Sirvens) مري وئي. افواهه اٿيو ته جڏهن ڪئٿولڪ ٿيڻ جو اعلان ڪري رهي هئي. تڏهن زوريءَ کيس هڪ کوهه ۾ اڇلايو ويو. ڪمزور پراٽيسٽنٽ جيڪي اقليت ۾ هئا، انهن کي اها همت ڪيئن ٿيئي، جو اهڙو ڪم ڪري سگهن، اهو سوال هو عقل واري ماڻهوءَ جي دماغ ۾ ڊوڙي رهيو هو. پر بغاوت پيدا ڪندڙن ۽ افواه ڦهلائيندڙن کي ڪير سمجھائي؟ سن 1765ع ۾ هڪ سورهن سالن جي نوجوان، جنهن جو نالو لائبري هو، ان تي الزام مڙهيو ويو ته هو صليبن تي حضرت عيسيٰ جي تصورن جا مٿا ڪٽيندو وتندو هو. کيس اهڙو ته ايذايو ويو جو مجبوراً هن پنهنجو ’ڏوهه‘ باسيو. پوءِ سندس سر ڌڙ کان جدا ڪيو ويو ۽ هن جو جنازو واهه واهه ڪندڙ تماشائين جي سامهون باهه جي شعان ۾ اڇلايو ويو. ان ڇوڪر جي کيسي مان والٽيئر جي فلسفي جي لغت جو هڪ نسخو نڪتو، جيڪو پڻ باهه جي حوالي ڪيو ويو.

پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو والٽيئر مڪمل سنجيدگي اختيار ڪئي. جڏهن ڊي اليمبرٽ رياست، ڪليسا ۽ عوام کان هڪ جيتري نفرت ڪئي، تڏهن هن ارادو ڪيو، ته هاڻي هو هر شيءَ تي ٽوڪبازيءَ جي بارش وسائيندو، والٽيئر کيس صلاح ڏني، ته ”هي وقت چرچي مسخريءَ جو نه آهي. خونريزي ۽ ظرافت پاڻ ۾ هموار ٿي نٿيون سگهن... ڇا هيءُ ملڪ فلسفي جو آهي يا کل خوشيءَ جو؟ هي ملڪ اهو آهي، جنهن ۾ سينٽ بارٿالوميو  (St. Bartholomew) جو خون ٿيو. “

مطلب ته ظم ۽ بي انصافي والٽيئر جي جذبي کي اڀاريو. محض اديب ٿيڻ هاڻي سندس لاءِ محال هو. هو هاڻي ڪردار جو غازي ٿي پيو. فلسفي کي ڇڏي هاڻي هُو جهاد جا سانباها ڪرڻ لڳو. ”هن وقت ۾ جڏهن مون کان اوچتو کل نڪري ويندي هئي، تڏهن پاڻ کي ايترو ته ننديندو هوس، ڄن ته مون هڪ وڏو گناهه ڪيو هو.“ هن وقت ئي هن نعرو بلند ڪيو، ته سياهه ڪاري جي پاڙ پٽي ڪڍو. اهڙو ته ذهني شعلو پنهنجي جان مان پيدا ڪيائين، جو مذهي ابن جون ٽوپيون ۽ شاهي عصا لرزش ۾ اچي ويا. سندس ذهني قوت، ڪليسا جي طاقت توڙي ۽ تخت و تاج کي مٽائڻ ۾ ڪافي مدد ڪئي. هن پنهنجن دوستن ۽ پوئلڳن ڏانهن پيغام موڪليا، ته اچي هو به جهاد ۾ شريڪ ٿين. ”اچو، بهادر ڊائڊيراٽ، دلير ڊي الميبرٽ پاڻ کي متحد ڪيو، تعصبي بدمعاشن جون وايون بتال ڪيون، سندن احمقاڻا متا برباد ڪيو، سندن ڪوڙي تاريخ کي ناس ڪيو. اهو گوارهه نه ڪيو، ته معقول انسان، غير معقول انسانن جي رعيت ٿي رهن، آئنده نسل ۽ عقل ۽ آزادي جي فتح لاءِ اسان جو شڪر گذار ٿيندو.“ 

اهڙي نازڪ وقت تي هڪ ڪوشس ڪئي وئي، ته هن کي خريد ڪيو وڃي، مئڊم ڊي پامپئڊور جي ذريعي کيس ڪاڊينل جي عهدي جي آڇ ملي. اهو انعام هن کي ان ڪري آڇيو ويو، ته هو ڪليسا سان ٺاهه ڪري. ڄڻ ته ان انسان کي ڪن پادرين مٿان  حڪمراني ڪرڻ ۾ مزو ايندو، جيڪو ذهني دنيا جو اڳواڻ بڻجي چڪو هو! هن صاف انڪار ڪيو ۽ پنهنجي هرهڪ خط جي پڇاڙيءَ ۾ هيءُ لفظ لکڻ لڳو: ”سياهه ڪاريءَ کي برباد ڪريو.“ هن ”مذهبي عقيدن جي آزاديءَ“ تي هڪ مقالو شايع ڪيو. سندس چوڻ هو، ته مذهبي تنگ نظرين جي بيوقوفين کي هُو برداشت ڪري وڃي ها، جيڪڏهن پادري پنهنجي خطبن تي عمل ڪن ها. پر ڪيتريون باريڪيون، جن جومقدس ڪتابن ۾ ڪوبه نالو نشان ڪونه آهي، عيسائيت جي تاريخ ۾ خونخوار جھڳڙن جو باعث بنيون آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون کي ائين چئي، ته ”هوبهو مون جهڙو اعتقاد رک نه ته خدا توکي جهنم، داخل ڪندو.“ ته اهو ماڻهو جلد ئي چوندو ته ”هوبهو مون جهڙو اعتقاد رک، نه ته مان توکي خون ڪندس.“ هڪ انسان جنهن کي آزاد خلقيو ويو آهي، تنهن کي ڪهڙو حق آهي، جو ٻئي انسان کي مجبور ڪري، ته هو به هن وانگر خيال ڪري، زماني جي مرض جو ڪارڻ تعصب آهي، جيڪو ڀرم ۽ لاعلميءَ مان جڙيل آهي. دائمي صلح ڪڏهن حاصل ڪري نه سگهبي، جيستائين انسان هڪ ٻئي جي فلسفياڻي، سياسي ۽ مذهبي متڀيد کي برداشت ڪرڻ نه سکيا آهن. اجتماعي صحت کي برقرار  رکڻ لاءِ اهو پهريون قدم آهي ته ڪليسا جي طاقت کي ٽوڙجي. ڇاڪاڻ ته اتان ئي تعصب جي پاڙ شروع ٿئي ٿي.  والٽيئر اهڙي ته خوبيءَ سان لکي ٿو، جو پڙهندڙ کي ڪوبه احساس ڪونه ٿو ٿئي، ته هو فلسفي جو مطالعو ڪري رهيو آهي. هو پاڻ بابت نوڙ سان چئي ٿو: ”مان ننڍن چشمن وانگر آهيان جيڪي ان ڪري شفاف آهن جو اهڙا اونها نه آهن.“ جلد ئي نه فقط عام ماڻهو پر پادري به سندن رسالن ۾ دلچسپي وٺن لڳا. ڪيترن رسالن جون ته ٽي لک ڪاپيون کپي وينديون هيون. جيتوڻيڪ ان وقت پڙهندڙن جو انداز هن وقت کان گهڻو گهٽ هو. ادبي تاريخ ۾ اهڙو واقعو اڳي ڪڏهن به پيش نه آيو. اهڙيءَ ريت هن پنهنجا ننڍڙا سپاهي هر هفتي ۽ هر مهيني موڪليا جيڪي پڪي ارادي وارا ۽ اڻ ٿڪ هئا، جن سندس خيال جي زرخيزيءَ سان دنيا کي حيرت ۾ وڌو. هڪ ستر ورهين جي ٻڍي کي ايتري قوت! هيلويش جي چوڻ موجب والٽيئر روبيڪان لتاڙي هاڻي روم جي روبرو فاتح جي حيثيت ۾ بيٺو هو.

هن پهريائين انجيل جي صداقت ۽ معتبري تي اعليٰ تنقيد ڪئي. هن پنهنجي مواد جو ڳچ حصو اسپنوزا ۽ انگريزي ڊيئسٽس کان ورتو [جيڪي خدا ۾ ايمان آڻيندا هئا، پر وحيءَ ۾ نه] ساڳي وقت هن بيل (1647- 1706ع) جي تنقيدي لغت مان پڻ ڪافي مدد حاصل ڪئي. پر سندس هٿن ۾ اهو مواد ڪهڙو نه آڳ ڏيندڙ ٿي پيو! هڪ رسالي جو نالو آهي ”زپٽا جا سوال“ زپٽا هڪ مذهبي عهدي لاءِ اميدوار هو. اٻوجھائيءَ سان پڇي ٿو: ”اسان ڪيئن ڏيکاريون، ته چئن هزارن ورهين لاءِ اهي ساڳيا يهودي، جن کي اسان سون جي تعداد ۾ هاڻي ساڙيون ٿا، خدا جا منتخب ٿيل بند اهئا؟“ اهڙيءَ طرح هو سوال پڇندو رهي ٿو. اهڙا سوال عهدنامي قديم جي تاريخ ۽ قصن جو متضاد ڳالهيون ظاهر ڪن ٿا. جڏهن ٻه مجلسون هڪ ٻئي کي مردو ٺهرائن ٿيون، ته پوءِ انهن مان ڪهڙي گناهن کان پاڪ آهي؟ آخرڪار جڏهن زپٽا کي ڪوبه جواب نه مليو، تڏهن نهايت سادگيءَ سان خدا جي تعريف ۽ ثنا ڪرڻ لڳو. هن اعلان ڪيو، ته خدا سڀني انسانن لاءِ هڪ والد وانگر آهي، جو اجورو ڏئي ٿو، سزا ڏئي ٿو ۽ گناهه معاف ڪري ٿو. ڪوڙ جي انبار مان آخرڪار هن سچ لڌو ۽ مذهب کي تعصب کان جدا ڪيائين. هن نيڪي اختيار ڪئي ۽ ان جي ٻين کي تبليغ ڪيائين. هو نرم دل مهربان ۽ نماڻو ٿي پيو. سن 1631ع جي پاڪ سال ۾ هن کي وئليڊولڊ (Vallodolid) شهر ۾ جيئري جلايو ويو.

فلسفي جي لغت ۾ هن هڪ مضمون پيغمبريءَ تي لکيو. هو رابن اساڪ جي ڪتاب ”ايمان جي ٿنڀي“ مان ڪجھه ٽڪرا پيش ڪري ٿو ۽ چوي ٿو، ته عبرانين جي اڳڪٿين سان حضرت عيسيٰ جو ڪوبه واسطو ڪونه هو. والٽيئر چاهي ٿو، ته عيسائي متن جي نسبت يونان، مصر ۽ هندوستان سان ڏيکاري.

پنهنجي هڪ مذهب تي مضمون ۾ هو سوال پڇي ٿو، ته عيسائيت کان پوءِ اهو ڪهڙو مذهب آهي، جيڪو سڀ کان گهٽ اعتراض جوڳو هجي؟ عيسائيت هڪ الاهي مذهب هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته بيانداز بدمعاشي ۽ بي عقليءَ جي باوجود سترنهن سو سال زندهه رهيو آهي. هو ڏيکاري ٿو، ته ڪيئن نه قديمي ماڻهو من گهڙت قصا پنهنجي مذهب ۾ داخل ڪندا هئا ۽ ان نتيجي تي پهچي ٿو ته اهڙا سڀ قصا پادرين جا ايجاد ڪيل آهن. ”پهريون درويش حقيقت ۾ پهريون بدمعاش هو، جيڪو پهرئين ڀورڙي کي مليو.“ پادرين اصل مذهب ته ڪونه ٺاهيو، پر سڄي دينيات سندن ئي ايجاد ڪيل ٿي ڏسجي. دينيات جي مسئلن تي ٿوري گهڻي متڀيد ڪري خونخوار لڙايون ٿيو پون. عام ماڻهن کي اهڙين لڙاين سان ڪهڙي دلچسپي. مفت خور ماڻهو جيڪي مزورن جي پورهئي تي پلجن ٿا ۽ انهن جي مفلسيفءَ ذريعي شاهوڪار ٿين ٿا. سي ئي دنيا ۾ جهيڙو ۽ غلامي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، سي ئي تباهه ڪندڙ تعصب جي باهه ٻارين ٿا، جيئن سندن اقتدار قائم رهي، سي ئي ماڻهن کي وهم پرست بڻائن ٿا، نه ان لاءِ ته ماڻهو خدا جو خوف رکن، پر ان لاءِ ته ماڻهو مذهبي ٺيڪيدارن کان ڊڄن ۽ ڦرجن.

ان مان ائين سمجھڻ نه گهرجي، ته والٽيئر بلڪل لامذهب هو. هو دهريت جي ترديد ڪري ٿو، ايتري قدرت جو ڪيترا انسائيڪلوپيڊيا لکندڙ سندس خلاف چوڻ لڳا، ته  هو تعصبي هو، ڇاڪاڻ ته خدا تعاليٰ ۾ سندس اعتقاد هو. هو ڊائڊيراٽ ڏانهن لکي ٿو: ”مان مڃان ٿو ته مان سانڊرس جي راءِ سان متفق ڪونه آهيان، جنهن خدا تعاليٰ جي هستيءَ جو ان ڪري انڪار ڪيو جو هو، ڄائي ڄم انڌو هو. مان شايد غلطيءَ تي هجان، پر جيڪڏهن مان سندس جاءِ تي هجان ها، ته هڪ اعليٰ ذهن جو اعتراف ڪريان، جنهن نظر جي عيوض مون کي ڪيتريون قوتون عطا ڪيون، گهڻي غور ۽ فڪر کان پوءِ اسان کي ڪائنات جي مختلف شين وچ ۾ نسبت نظر اچي ٿي. ان مان اسان اندازو لڳائي سگهون ٿا، ته هڪ بيحد جوڙيندڙ جي هستي ضرور موجود آهي، جيڪڏهن ائين چوڻ بيوقوفي آهي، ته اها هستي ڪير آهي ۽ ان هر شيءِ ڇو پيدا ڪئي، ته ساڳئي وقت خدا جي هستيءَ جو انڪار ڪرڻ پڻ بيوقوفي آهي، مان بيحد خواهشمند آهيان، ته تو سان ملان۽ گفتگو ڪيان، جيتوڻيڪ تون پاڻ کي خدا جي ڪارنامن مان هڪ ڪري سمجھين، يا پاڻ کي دائمي مادي مان جبراً ڦٽي نڪتل هڪ جيو ڪري سمجھين، تون جيڪي ڪجهه هجين، پر ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونه آهي، ته تون ان ساري ڪائنات جو قابل فخر جزو آهين، جنهن ڪائنات کي مان سمجھڻ کان قاصر آهيان.

هوباش کي هو اشاري طور چوي ٿو، ته سندس ڪتاب ’قدرت جو نظام‘ سسٽر ڪانفائيٽ کي چيو ’الاهي قدرت بخوبي منهنجي نگهباني ڪري ٿي. توکي خبر آهي، ته مون کي پنهنجي جهرڪ سان ڪهڙي نه محبت آهي، جيڪڏهن مان سندس شفايابيءَ لاءِ نو دفعا بيبي مريم تي صلوات نه پڙهان ها، نه ويچار قبر داخل ٿي وڃي ها.‘ هڪ الاهيات جي ماهر کيس چيو، ’هو ڪهڙو نه سهڻو لڳي ٿو، جڏهن ڪا ڇوڪري پئرس جي پسگردائيءَ ۾ لاطيني زبان ۾ بيبي مريم تي صلوات پڙهي ٿي! پر مان سمجھان ٿو، ته خدا اهڙو واند ڪونه ويٺو هوندو، جو هو تنهنجي سهڻي جھرڪ ڏانهن توجهه ڏئي، کيس گهڻائي ٻيا ڪم ڪرڻا آهن.“ سسٽر فيسيو وراڻيو، ”تون ته ڪفر پيو بڪين، تنهنجي گفتگو مان ظاهر آهي، ته تنهنجو الاهي قدرت ۾ اعتقاد ڪونه آهي.“ تنهن تي هن ويچاري جواب ڏنو: ’ڀيڻ مان قدرت جو اعتراف ٿو ڪريان، جنهن ابد کان هڪ عالمگير قاعدو ٺاهي ڇڏيو آهي، جنهن  جي ماتحت سڀ شيون هلن چلن ٿيون، اهو قائدو ائين آهي، جيئن سج جي روشني، پر مان اهڙي قدرت کي نه ٿو مڃان، جيڪا تنهنجي جهرڪ جي فائدي خاطر سڄي ڪائنات جي نظام کي خلل ۾ وجھي.“

اتفاق هر ڳالهه جو فيصلو ڪري ٿو. سچي عبادت اهو نه ٿي طلبي ته قدرتي قانون کي شخصي فائدي خاطر هٽايو وڃي. سچي عبادت جو ته مقصد ئي اهو آهي، ته قدرتي قانون کي خدا جي رضا سمجھي تسليم ڪجي. ساڳيءَ ريت هو آزاد اختيار جو منڪر آهي. روح بابت کيس ڪنهن به ڳالهه جو يقين نه آهي، ”مابعدالطبعيات تي کليل چار هزار ڪتاب به مون کي ٻڌائي نه سگهندا، ته آخر روح ڪهڙي بلا  آهي. هڪ ٻڍي جي حيثيت ۾ هو سدا حيات ۾ اعتقاد رکڻ چاهي ٿو ۽ سندس لاءِ مشڪل آهي.

”هڪ جيت کي ڪوبه لافاني روح ڏيڻ جو ارادو ڪونه ٿو ڪري. پوءِ مان ڇو ائين سمجھان، ته هاٿي يا ڀولڙي يا منهنجي نوڪر کي روح آهي؟ فرض ڪيو ته هڪ ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ عين ان موقعي تي مري وڃي ٿو، جڏهن ان کي روح عطا ٿيو آهي. ته پوءِ اهو وري، هڪ ڦوٽي يا هڪ ٻار يا هڪ مرد جي حيثيت ۾ اسرندو ڇا؟ ٻيهر پيدا ٿيڻ لاءِ اهو ضروري آهي، ساڳيو حافظو برقرار هجي جو اڳئين زندگيءَ ۾ هو. جيڪڏهن حافظو ختم ٿي وڃي، ته پوءِ ساڳيو ماڻهو ٿي نه ٿو سگهي. ماڻهو ائين چئي پاڻ کي ٿا ڇڏائين، ته صرف کين ئي هڪ لافاني روح عطا ٿيو آهي. هيءُ ته حد کان وڌيڪ غرور چئبو. مان سمجھان ٿو ته جيڪڏهن هڪ مور انساني زبان استعمال ڪري سگهي ها، ته اهو پڻ روح هجڻ جون ٻٽاڪون هڻي ها ۽ چئي ها ته روح سندس شاندار پڇ ۾ سمايل آهي.“

اهڙي ساڳئي مزاج تحت هو ان نظرئي جي پڻ ترديد ڪري ٿو، ته اخلاق خاطر ابديت ۾ اعتقاد رکڻ لازمي آهي. عبرانين کي اهڙو اعتقاد ڪونه هو، تنهن هوندي به هو خدا جا حاضر بندا سمجھيا ويندا هئا، اسپنوزا پڻ اخلاق جو مجسمو سمجھيو ويندو هو.

پر آخري دؤر ۾ سندس خيال بدلجي ويا. هاڻي هو محسوس ڪرڻ لڳو. ته خدا ۾ اعتقاد رکڻ ايستائين بي معنيٰ آهي، جيستائين ابدي اجوري يا سزا ۾ اعتقاد نه آهي. عام ماڻهن لاءِ هڪ انعام ڏيندڙ ۽ بدلو وٺندڙ خدا جو تصور لازمي آهي. بيل پڇيو هو، ته ڇا اهو ممڪن آهي، ته دهرين جي جماعت قائم رهي سگهي؟ والٽيئر جواب ڏئي ٿو، ته ”هائو، جيڪڏهن اهي ساڳي وقت فلسفي پڻ آهن، پر عام ماڻهو گهڻو ڪري فلسفي نه هوندا آهن، تنهن ڪري هڪ ڳوٺ کي نيڪ رکڻ لاءِ اهو ضروري آهي، ته سندس رهاڪو مذهب طرف مائل هجن. مان چاهيان ٿو، ته منهنجو وڪيل، منهنجو درزي ۽ منهنجي زال خدا کي مڃين. ان حالت ۾ هو مون کي ڦري يا ٺڳي نه سگهندا. جيڪڏهن خدا درحقيقت نه به هجي، ته به ان کي ايجاد ڪرڻ نهايت ضروري آهي. آءُ  سچ کان وڌيڪ اهميت زندگيءَ ۽ خوشيءَ کي ڏيڻ چاهيان ٿو. ”فرينچ روشن خياليءَ جي وچ ۾ والٽيئر جي ان متي ڪانٽ جي ان متي جي پيشبندي ڪئي. جنهن سان ڪانٽ فرانس جي روشن خيال فلسفي جي پوءِ ترديد ڪئي. هو نرمائيءَ سان پاڻ کي دهرين جي دوستن کان بچائي ٿو. خدا تي هڪ مضمون ۾ هو، هوباش کي مخاطب ٿي چوي ٿو:

”تون خود تسليم ڪرين ٿو، ته خدا ۾ اعتقاد گهڻن ماڻهن کي گناهن کان بچايو آهي، اها ڳالهه ئي منهنجي واسطي ڪافي آهي، جيڪڏهن هن اعتقاد، صرف ڏهن خونين ڏهن سياهه ڪارين کي ئي روڪيو آهي، ته پوءِ ان کي اختيار ڪرڻ سڄي دنيا لاءِ لازمي آهي، تون چوين ٿو، ته مذهب بي انداز بدقسمتيون پيدا ڪيون آهن. درحقيقت تو کي چوڻ کپي، انهن لاءِ مذهب نه پر وهم جوابدار آهي، جيڪو اسان جي ڌرتيءَ تي حڪمران آهي، وهم ئي خدا جي حقيقت عبادت جو ظالم دشمن آهي. اچو ته هن راڪاس کي ننديون، جنهن هميشه پنهنجي ماءُ جو پيٽ پئي چيريو آهي. جن سندس مقابلو ڪيو آهي، سي انسان ذات جا مددگار آهن. اهو هڪ نانگ آهي، جيڪو سچي مذهب کي دٻايو ويٺو آهي. اسان کي گهرجي، ته ان جو مٿو اهڙيءَ ريت ڪٽيون جو سندس ماءُ کي زخم نه رسي.“

مذهب ۽ وهم ۾ تفاوت واري ڳالهه والٽيئر لاءِ هڪ بنياد آهي. هو تصور ڪري ٿو، ته حضرت عيسيٰ به دنيا جي فلسيفن مان هڪ آهي، جيڪو سندس نالي ۾ ٿيل گناهن ي ڳوڙها ڳاڙهي رهيو آهي. آخرڪار والٽيئر پنهنجي ئي هڪ عبادتگاهه قائمڪيو، جيڪا سندس خيال موجب هڪ واحد اداروهو، جنهن ۾ حقيقت ۾ خدا جي عبادت ممڪن ٿي سگهي ٿي. هڪ مضمون ’خداپرست‘ ۾ هن پنهنجي ايمان جوصاف صاف اظهار ڪيو.

”خدا پرست اهو ماڻهو آهي، جنهن کي اهو اعتقاد آهي، ته هڪ اهڙي اعليٰ هستي موجود آهي، جيڪا هميشه نيڪي ۽ طاقت وري آهي، جنهن سڀ شيون پيدا ڪيون آهن ... جيڪا گناهن جي ظلم ڪرڻ کان سواءِ سزا ڏيندڙ آهي ۽ چڱن ڪمن جو اجورو ڏيندڙ آهي. ان اصول جي ذريعي هو ٻي سڄي ڪائنات سان هڪ ٿي وڃي ٿو ۽ ٻين فرقن ۾ داخل نه ٿو ٿئي، جيڪي هڪ شيءَ جي مخالفت ڪندڙ آهن، هن جو مذهب سڀ کان وڌيڪ قديمي ۽ سڀ کان وڌيڪ پکڙيل آهي. خدا جي سادي نموني بندگي ٻين سڀني طريقن کان قديم آهي. هو اهڙي زبان ڳالهائي ٿو، جيڪا سڀ ماڻهو سولائيءَ سان سمجھي سگهن ٿا. پيڪن (Pakin) کان وٺي ڪئين (Cayenne) تائين سندس ڀاءُ آهن. سڀ فلسفي سندس مددگار آهن. هو سمجھي ٿو، ته مذهب مابعدالطبيعيات جي منجھيل نظرين جو نالو نه آهي، نه وري اجاين رسمن رواجن ۾ مذهب سمايل آهي، مذهب عبادت ۽ انصاف ۾ سمايل آهي، نيڪي ڪرڻ عبادت آهي ۽ خدا جي فرمانبرداريءَ ڪرڻ ۾ ئي سندس مذهب آهي. هڪ مسلمان مولوي کيس چتاءُ ٿو ڏئي: ”خبردار! متان حج ڪرڻ کان محروم ٿي وڃي.“ هڪ عيسائي کيس چئي ٿو: ”لعنت توتي جيڪڏهن نوتري ڊيم ڊي لوريٽ (Notre Dame de Lorettel) طرف سفر نه ڪيو آهي.“ هو لوريٽ ۽ مڪي شريف (Macca) تي کلي ٿو، پر هو مفلس جي مدد ٿو ڪري ۽ مظلوم جي حمايت ٿو ڪري.

 

والٽيئر ۽ روسيو: Voltaire and Rousseau

 

والٽيئر پنهنجي زندگيءَ جي پوئين حصي ۾ مذهبي ظلم خلاف جدوجهد ڪرڻ ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويو، جو هن سياسي سياهه ڪاري ۽ ظلم خلاف جنگ جوٽڻ ڇڏي ڏني. ”سياست منهنجي دائري کان ٻاهر آهي.مون ڪجهه قدرت ڪوشش ورتي آهي، ته ماڻهو گهٽ بيوقوف ٿين ۽ وڌيڪ عزت وارا ٿين.“ کيس خبر هئي ته سياسي فلسفو ڪهڙو نه پيچيده ٿي سگهي ٿو ۽ جيئن هو وڌيو، تيئن سندس شڪ شبها ويا وڌندا. ”مان اهڙن ماڻهن مان بيزار آهيان جيڪي پنهنجن اوچن محلن مان حڪومت جو ڪاروبار هلائين ٿا. اهي سياستدان جيڪي پنهنجن زال يا گهرن تي حڪومت هلائڻ نه سکيا آهن، سي ساري ڪائنات تي حڪومت ڪرڻ جا خواب لهي رهيا آهن.“ سياسي معاملن کي هڪ سادي ۽ عام نسخي  سان حل ڪرڻ ناممڪن آهي، سياستدان ائين سمجھن ٿا، ته هڪ طرف هو آهن ۽ ٻئي طرف سڀ ماڻهو يا بدمعاش آهن يا بيوقوف. اهڙي تصور مان ڪجهه به حاصل ٿيڻو نه آهي. سچ ڪنهن به سياسي جماعت جو نالو نه آهي. عقلمند ماڻهو ڪن ڳالهين کي ترجيح ڏيندا آهن، پر ڪڏهن ائين به ڪونه سمجھندا آهن، سندن مخالف نپٽ ڪوڙا آهن. ڇاڪاڻ ته هو هڪ شاهوڪار هو، تنهن ڪري سندس لاڙو قدامت پسندي طرف ٿيو، جيئن هڪ بکايل هميشه ڦير گهير پسند ڪري ٿو،جيتوڻيڪ تبديلي سندس حالت ابتر بنائي. ”شخصي ملڪيت وڌائڻ ۾ ئي شفايابي آهي. ملڪيت، انسان ۾ شخصيت جو احساس ۽ بلند ڪندڙ فخر پيدا ڪري ٿي. مالدار هئڻ جو جذبو انسان جي قوت کي ٻيڻو ڪري ٿو. زمين جو مالڪ ان کي بهتر نموني پوکيندو، پر هاري بي دليءَ سان ان تي ڪم ڪندو، ان ڪري جائداد تي موروثي حق هئڻ ضروري آهن.“

حڪومت جي متعلق هو اجائي گرمجوشي اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو. نظرياتي طور هو جمهوريت کي پسند ڪري ٿو، پر ساڳئي وقت هو جمهوريت جي اوڻاين کان واقف آهي. جمهوري مختلف گروهن پيدا ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي، جيڪي قوم اتحاد ۾ خلل وجهن ٿا، جمهوريت ننڍين رياستن لاءِ ڪاگر ثابت ٿئي ٿي، جن جي طبعي بيهڪ کين محفوظ رکي ٿي ۽ جن کي اڇا تائين دولت خراب ۽ منتشر نه ڪيو آهي. عام طور ائين چوڻ درست ٿيندو، ته ماڻهن کي حڪومت هلائڻ جي قابليت صرف ڪڏهن ڪڏهن حاصل ٿيندي آهي، جمهوري نظام عارضي آهي. ڪٽنبن جي ميلاپ مان جمهوريت ٺهي ٿي. آمريڪا جا اصلوڪا رهاڪو، قبائلي جمهوريت هيٺ زندگي گذاريندا هئا ۽ آفريڪا پڻ اهڙين جمهوريتن سان ڀريل آهي، پر اقتصادي رتبن جي گهٽ وڌائي اهڙين حڪومتن جو خاتمو آڻي ٿي. اهڙي قسم جي گهٽ وڌائي، اقتصادي ترقيءَ جو لازمي نتيجو آهي، هو پڇي ٿو، ته چئن هزار ورهين کان ان سوال تي تبصرو ڪيو ويو آهي. شاهوڪار جواب ڏيندا، ته اشرفيا جو راڄ بهتر آهي. عوام جواب ڏيندو، ته کين جمهوريت کپي، صرف شهنشاهه ئي شاهي نظام پسند ڪندا، پوءِ ائين ڇو آهي، ته سڄي ڌرتيءَ تي شهنشاهه حڪمران آهن؟ ڪوئن کان اهو سوال پڇو، جن ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌڻ جو ارادو ڪيو هو. هڪ لکپڙهه ڪندر بحث ڪيو ته مارڪس آريلٽس شهنشاهه هجي. ٻي حالت ۾ هڪ غريب انسان لاءِ ان ۾ ڪهڙو فرق ته هڪ شينهن کيس ڳڙڪائي يا سوڪوئا هن کي ناس ڪن.“

ساڳيءَ ريت قوميت متعلق پڻ هو لاغرض آهي. جنهن معنيٰ ۾ حب الوطني عام طور سمجھي ويندي آهي. ان معنيٰ ۾ اها منجھس عدم موجود آهي. سندس قول مطابق حب الوطنيءَ جي عام معنيٰ آهي، پنهنجي ملڪ کان سواءِ ٻين سڀني ملڪن کي ڌڪارڻ، جيڪڏهن ڪو انسان پنهنجي ملڪ جي خوشحالي چاهي ٿو، پر ٻين ملڪن جي قيمت تي هرگز نه، ته پوءِ اهو ساڳي وقت عقلمند وطن پرست ۽ ساري ڪائنات جو شهر واسي آهي. هڪ نيڪ يورپ واسيءَ وانگر هو انگلينڊ جي ادب جي ساراهه ڪري ٿو ۽ پرشيا جي بادشاهه جي تعريف ڪري ٿو، جيتوڻيڪ فرانس جي انهن ٻنهي ملڪن سان جنگ جاري آهي، جيستائين قومون جنگ جو ڌنڌو جاري رکن ٿيون، تيستائين اهو چوڻ مشڪل آهي، ته انهن مان ڪهڙي قوم بهتر آهي.

هو جنگ کي ٻين سڀني ڳالهين کان وڌيڪ ڌڪاري ٿو. ”جنگ سڀني ڏوهن کان وڏو ڏوهه آهي. تنهن هوندي به هر ظالم پنهنجي ڏوهه کي انصاف جي رنگ ۾ پيش ڪندو آهي.“ ”خون ڪرڻ قاعدي موجب ڏوهه آهي،سڀني خونين کي سزا ملي ٿي، پر جڏهن جنگ جا نغارا وڄن ٿا، تڏهن وڏي پيماني تي انساني ڳلا ڪاٽڻ جي هرهڪ کي مڪمل آزادي آهي. پنهنجي لغت جي هڪ مضمون ’انسان‘ جي آخر ۾ هو ”خوفناڪ نوع“ واري عنوان ۾ انسان تي عام نظريو پيش ڪري ٿو.

انسان ماءُ جي پيٽ ۾ هڪ ٻوٽي جي حالت ۾ رهي ٿو ۽ ننڍپڻ ۾ هو هڪ جانور جيان آهي. اهڙيءَ ريت هن جي عمر جا ويهه سال گذريو وڃن. تنهن کان پوءِ عقل جي بلوغت جا آثار منجھس نمودار ٿين ٿا. پنهنجي بناوت بابت معلومات لاءِ هن کي ٽيهن صدين جي ضرورت آهي. روح بابت ڪجهه قدر ڄاڻ لاءِ ته هن  کي بيشمار عرصو کپي. پر انسان کي مارڻ لاءِ صرف هڪ گهڙيءَ جي ضرورت آهي.

ڇا ان جو علاج انقلاب آهي؟ نه. سڀ کان پهريائين هو عوام تي اعتبار ڪونه ٿو ڪري: ’جڏهن عام ماڻهو عقل استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، تڏهن سڀ ڪجهه ضايع ٿيو پوي.‘ اڪثريت ماڻهن جي ايترو ته ٻين معاملن ۾ مصروف آهي، جو اها سچ کي ڏسي نه ٿي سگهي، تان جو زماني جي ڦير گهير ڪري سچ بدلجي ڪوڙ ٿيو پوي. انهن جي ذهني تاريخ هڪ ڏند ڪٿا جي جاءِ تي ٻي ڏند ڪٿا کي آڻڻ وانگر آهي. ”جڏهن ڪا قديمي غلطي قائم ڪئي وڃي ٿي، تڏهن سياست ان کي وانگر استعمال ڪري ٿي، جيڪو ماڻهن پنهنجي وات ۾ وڌو آهي، تان جو وري ٻيو وهم رونما ٿئي ٿو، جيو پهرئين کي ناس ڪري ٿو. سياست ان مان به ايترو فائدو وٺي ٿي، جهڙو پهرئين جيستائين ماڻهو ماڻهو آهن ۽ زندگي ڪشمڪش آهي، تيستائين عدم مساوات سماج مان وڃڻ جي ڪونه آهي. ”جيڪي چون ٿا ته سڀ ماڻهو برابر آهن، سي سڀ کان وڏو سچ ڳالهائن ٿا، جيڪڏهن سندن مطلب آهي، ته سڀني ماڻهن کي آزادي ماڻڻ، پنهنجي دولت حاصل ڪرڻ ۽ قاعدي قانون جي پناهه وٺڻ جو هڪ جيترو حق آهي. مساوات ساڳي وقت هڪ قدرتي ڳالهه ۽ هڪ وهم آهي، قدرتي شيءِ ان حالت  ۾ آهي، جڏهن دولت ۽ صداقت کي هڪ جيترو بنائڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن. اهو ناممڪن آهي، ته سڀني شهر واسين کي هڪ جيترو زور هجي. پر هو هڪ جيتري آزادي ماڻي سگهن ٿا. انگريزن ان قسم جي مساوات حاصل ڪئي آهي. آزاد ٿيڻ معنيٰ  قاعدي کان سواءِ ڪنهن به غلامي نه ڏيڻ. فرانس ۾ صلح ۽ سلامتيءَ سان انقلاب آڻڻ جا جيڪي خواهشمند هئا، تن جوا هوئي خيال هو، پر ان مان مظلوم راضي نه هئا، جن آزاديءَ کان وڌيڪ برابريءَ جو نعرو بلند ڪيو. روسيو، جيڪو عام ماڻهوءَ جو آواز هو ۽ جنهن کي رتبي جي فرق جو احساس هو، تنهن برابريءَ جي گهر ڪئي، جڏهن انقلاب تي پوري طرح روسيو جي پوئلڳن جو قبضو ٿي ويو، تڏهن برابريءَ تي وڌيڪ زور ڏنو ويو ۽ آزاديءَ کي بنهه ڪچليو ويو.

والٽيئر کي ان ۾ شڪ هو، ته انساني قاعدي ساز جي پنهنجي تصور جي ذريعي هڪ بلڪل نئين دنيا ماڻهن جا خواب ڏسي رهيا آهن، سي هڪ مثالي رياست قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا. سماج هڪ منطقي قياس نه آهي، اها ارتقا ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت وٺي ٿي. جيڪڏهن ماضيءَ کي دروازي کان تڙي ٻاهر ڪڍيو ٿو وڃي، ته وري دريءَ کان اندر داخل ٿئي ٿو. اسان جي سامهون مسئلو صرف اهو آهي، ته اسان جنهن دنيا ۾ رهون ٿا، ڪيئن تنهن دنيا مان ستارن رستي مفلسي ۽ بي انصافيءَ کي گهٽايون. ”عقل جي تاريخي ساراهه“ ۾ سچ عقل جي ڌيءُ آهي. سچ، لوئي سورهين جي تخت نشينيءَ تي، خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو ۽ وڏن سڌارن جي توقع ڪري ٿو. عقل جواب ٿو ڏئي، ”منهنجي ڌيءُ توکي چڱيءَ ريت خبر آهي، ته مون کي به انهن ڳالهين جي خواهش آهي، بلڪ انهن کان به وڌيڪ،پر انهن ڳالهين لاءِ وقت ۽ خيال جي  ضرورت آهي. مان هميشه خوش ٿيندو آهيان، جڏهن ڪيترين ناڪامين وچان ٿورو سڌارو حاصل ڪندو آهيان.“ ان جي باوجود والٽيئر به خوشي ملهائي جڏهن ٽرگاٽ طاقت ۾ آيو. هن لکيو، ”اسان هاڻي پنهنجنن ڳچين تائين سونهري سمي (وقت) ۾ آهيون.“ سندس خيال موجب هاڻي جن سڌارن جي هُن تبليغ ڪئي هئي، سي سڀ حاصل ٿي ويندا. جهڙوڪ: عدالتن رستي مقدما هلائڻ، مذهبي دستور بند ڪرڻ، غريبن کي ڍلون معاف ڪرڻ وغيره. ڇا هن اهو مشهور خط ڪونه لکيو هو:

”جيڪي ڪجھه مان ڏسي رهيو آهيان، سو هڪ انقلاب جا ٻج پري پري ڇٽي رهيو آهي. ڪنهن ڏينهن انقلاب ضرور وڏي جاهه ۽ جلوي سان بجلي ڪرندي. هڪ عجيب ۽ غريب انقلاب ظاهر ٿيندو.نوجوان خوش نصيب آهن، هو پنهنجن اکين سان اهڙيون نزاڪت واريون شيون ڏسندا.“

پر هن چٽي طرح محسوس نه ڪيو، ته سندس آس پاس ڇا وهي واپري رهيو هو. ڪنهن به گهڙيءَ هن اهو ڪونه سمجھيو، ته اهڙي شاندار انقلاب جا پوئلڳ جوش ۽ جذبي سان روسيو جي فلسفي کي قبول ڪندا. جينيوا کان وٺي پئرس تائين جذباتي قصن ۽ انقلابي ڪتابڙن جي ڌم لڳي پئي هئي. فرانس جو پيچيده روح هاني انهن ٻن بزرگن هستين ۾ ورهائجي ويو، جيڪي جيتوڻيڪ هڪ ٻئي کان مختلف هئا، پر ساڳي وقت فرانس جا عيوضي هئا. نيٽشي هلڪن قدمن، حاضر جوابي، شعلن، نزاڪت، مضبوط، منطق، مغرور عقلمندي، ۽ تارن جي ناچ بابت ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو. يقيناً سندس اشارو والٽيئر طرف هو. هاڻي اچو ته روسيو کي والٽيئر جي قريب آڻيون. روسيو ۾ گرم جوشي ۽ لطيف قوت تمام گهڻي قدرت آهي، سندس تصور ساڳي وقت شاندار ۽ حقير آهن، هو وچين طبقي وارن جو بت آهي. پاسڪل وانگر هو اعلان ڪري ٿو، ته دل کي اهو عقل آهي، جيڪي دماغ سمجھي نه ٿو سگهي.

 انهن ٻن انسانن ۾ اسان وري عقل ۽ جبلت جي وچ ۾ پراڻي ڪشمڪش ڏسون ٿا. والٽيئر هميشه عقل کي مڃيندو هو. سندس خيال موجب اسان گفتگو ۽ قلم جي ذريعي ماڻهن کي وڌيڪ روشن دماغ بنائي سگهون ٿا. روسيو کي عقل ۾ بلڪل ٿورو اعتقاد هو، هو عمل جو خواهشمند هو، انقلاب  جي خطرن هن کي نه ڊيڄاريو، هن برادريءَجي جذبي تي ڀروسو ڪيو ۽ سمجھائين، ته قديمي رسم ۽ رواج جي تباهه ٿيڻ ڪري جيڪي معاشرتي عناصر منتشر ٿي ويا آهن، سي وري برادريءَ جي جذبي هيٺ متحد ٿي ويندا. جيڪڏهن قاعدن قانونن کي هٽايو وڃي، ته انسان پاڻمرادو مساوات ۽ انصاف جي حڪومت اندر داخل ٿي وڃن. جڏهن هن والٽيئر ڏانهن’عدم مساوات جي اصليت، تي مقالو موڪليو، جنهن ۾ هن تهذيب، ادب ۽ سائنس خلاف دليل پيش ڪيا ۽ جھنگلي انسانن ۽ جانورن واري قدرتي حالت طرف واپس ورڻ بابت خيال پيش ڪيا، تڏهن والٽيئر جواب ڏنو: ”مون کي تنهن جو انسان ذات خلاف نئون ڪتاب مليو. مان ان لاءِ تنهنجو شڪريو ادا ڪريان ٿو...

 انسانن کي حيوانن بنائڻ لاءِ تو ڪافي عقلمندي کان ڪم ورتو آهي. تنهنجي ڪتاب کي پڙهي، حقيقت ۾ ڪوبه ماڻهو چئن عضون تي هلڻ لاءِ خواهشمند ٿئي، پرڇاڪاڻ ته مون اها عادت سٺ ورهين کان ڇڏي ڏني آهي، تنهن ڪري منهنجي لاءِ غير ممڪن آهي، ته اها عادت وري اختيار ڪريان.“  ’سوشل ڪانٽريڪٽ‘ ۾ پڻ روسيو ساڳئي جذبي جو اظهار ڪيو، جنهن والٽيئر کي نهايت تنگ ڪيو. هڪ لکپڙهه ۾ هو چئي ٿو، ته ”روسيو، هڪ فلسفي سان اهڙي مشابهت رکي ٿو، جهڙي ڀولڙو، انسان سان. هو ڊائوگنز جو مست ڪتو آهي.“ تنهن هوندي به هن سوز حڪومت تي حملو ڪيو، جڏهن اهو ڪتاب ساڙايو ويو، سندس متو هو ته ”مان تنهنجي هڪ لفظ سان به شامل راءِ نه آهيان، پر مان مرڻ گهڙي تائين تنهنجي ان حق جي حفاظت ڪندس، ته توکي گفتار جي آزادي آهي.“ جڏهن روسيو سوين دشمنن کان ڀڄي رهيو هو، تڏهن والٽيئر کيس دل ۽ جان سان دعوت موڪلي، ته هو اچي ساڻس گڏجي ڊيلائسز وٽ رهي. اهو ڪهڙو نه شاندار نظارو ٿئي ها!

والٽيئر جو اعتقاد هو، ته تهذيب کي نندڻ هڪ ٻاراڻي بي عقلي هئي. جهنگلي هئڻ کان تهذيب هيٺ انسان جي زندگي يقينن بهتر آهي.  هو روسيو کي ٻڌائي ٿو، ته پنهنجي فطرت ۾ انسان هڪ وحشي آهي، تهذيب واري سوسائٽيءَ جو مطلب آهي، ان وحشيءَ کي زنجيرن ۾ جڪڙڻ، جيئن ان جي حيوانيت ۾ اضافو نه ٿئي. هو مڃي ٿو ته حالتون خراب آهن. ”اها حڪومت جنهن ۾ ماڻهن جي هڪ طبقي کي ائين چوڻ جي اجازت ڏني آهي، ته جيڪي ڪم ڪن سي ئي ڍلون ڀرين، اسان کي ڍلون ڀرڻ نه گهرجن، ڇاڪان ته اسان ڪم نه ٿا ڪريون.‘ سا جهنگلين جي حڪومت کان ڪنهن به طرح بهتر نه آهي.“ پئرس کي بداخلاقيءَ جي باوجود ڪي سٺا گڻ آهن. هڪ ڪتاب ”دنيا جيئن اها هلي رهي آهي“ ۾ هو لکي ٿو، ته ڪيئن هڪ فرشتي، بيبوڪ کي ان لاءِ موڪليو،ته هو بيان ڏئي، ته پرسپولس شهر کي برباد ڪيو وڃي يا نه. بئبوڪ وڃي ٿو ۽ بڇڙايون ڏسي ڏڪي وڃي ٿو. ڪجھه عرصي کان پوءِ هو شهر کي چاهڻ لڳي ٿو، جنهن جا رهواسي خوش اخلاق ۽ ذهن آهن، جيتوڻيڪ ساڳي وقت هو، گلا خور ۽ مغرور پڻ آهن. هن کي گهڻو ڊپ ٿيو، ته پرسيپولس تي لعنت مڙهي ويندي. بيان پيش ڪرڻ کان به هن کي ڊپ ٿيو. هن ان ريت بيان پيش ڪيو ته: هن هڪ بت، شهر جي پايو وجھندڙن مان هڪ کان ٺهرايو، جيڪو ڪيترن ئي قيمتي ۽ خسيس شين ۽ ڌاتن مان ٺاهي راس ڪيو ويو. اهو بت فرشتي وٽ هو کڻي آيو. هن چيو، ”ڇا تون اهو سهڻو بت ان سبب ڪري ڀڃندين، جو اهو سڄو سون ۽ هيرن مان نه ٺاهيو ويو آهي؟“ فرشتي شهر کي ڊاهڻ جو ارادي ڇڏي ڏنو. هن دنيا کي ڇڏي ڏنو، ته ڀلي جيئن هلي رهي آهي، تيئن پئي هلي. جيڪڏهن ڪو دنيا ۾ انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر ساڳي وقت انساني فطرت اڃا بدلي نه آهي، ته پوءِ اها ساڳي فطرت ساڳين اڳواڻن، ادارن کي وري زندهه ڪندي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org