سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
فلسفي جي ڪهاڻي |
باب:
-- |
صفحو :5 |
ان انتظام ڪري، رياست جي نگهبانن لاءِ اهو نه فقط بي فائدي
ٿيندو، پر خطرناڪ پڻ ٿيندو، جو هو هڪ شر سان
ڀريل، سياسي ٽولي وانگر، محض پنهنجي طبقي وارن
جي ڀلائيءَ خاطر حڪومت هلائن ۽ نه سڄي قوم جي
فائدي لاءِ انهن جون فطري ضرورتون پوريون ڪيون
وينديون. انهن کي ڪنهن حد اندر شاهاڻيءَ
زندگيءَ جا ڪي آرام مهيا ڪري ڏنا ويندا، انهن
کي اقتصادي معاملات جي باري ۾ ڳڻتيون ۽ انتظار
ڪرڻ ڪونه پوندا. پر ساڳئي وقت کين حرص ۽ حوس
کان به بچايو ويندو. مطلب ته کين دنياوي مال
جو صرف ايترو حصو ڏنو ويندو، جنهن جي انهن کي
ضرورت پوي. اهي ڄڻ ته قوم جا حڪيم ٿيندا، جيڪي
قوم جي مختلف فردن لاءِ کاڌي ۽ خوراڪ جو انداز
مقرر ڪندا ۽ ان کي خود پاڻ قبول ڪندا. هو
مجاهدن وانگر مساوات جي زندگي گذاريندا ۽
سپاهين وانگر بئرڪن ۾ رهندا. هو انهن سپاهين
وانگر هوندا، جن سادگيءَ سان زندگي بسر ڪرڻ جو
قسم کاڌو هجي. فيثا غورث جو قول آهي، ته دوستن
کي گهرجي، ته هو سڀ گڏجي، ساڳيون شيون استعمال
ڪن. ائين نه چون ته هيءَ شيءِ فلاڻي جي آهي، ۽
هوءَ فلاڻي جي. اهڙيءَ طرح هنن جي اختياريءَ
مان بغض ۽ حرص جا جراثيم ناس ڪيا ويندا ۽ هنن
جي طاقت مان زهريلا نيش ڪڍيا ويندا. ان جي
عيوض کين عزت، مان ۽ پنهنجي قبيلي جي خدمت جو
مادو، انعام طور حاصل ٿيندو. اهي اهڙا انسان
هوندا، جن شروع کان وٺي دنياوي نقطه نگاهه
کان، هڪ محدود زندگي قبول ڪئي آهي. سخت تربيت
کان پوءِ، هنن هيءَ ڳالهھ سکي آهي، ته هڪ
اعليٰ سياستدان جي ناموس، هڪ عهدي ڳوليندڙ جي
معاوضي يا هڪ دولت ڳوليندڙ جي منافعي کان
بالاتر آهي.
پر انهن جون زالون ان باري ۾ ڇا چونديو ن؟ ڇا! هو راضي ٿينديون
ته هو، دنياوي عيش عشرت ترڪ ڪن ۽ دنياوي سامان
سان آرائسته نه ٿين؟ افلاطون جو جواب آهي ته،
رياست جي نگهبانن کي شخصي زالون ڪين هونديون.
هنن جي گڏيل دائري ۾ نه فقط مال ملڪيت اچي وڃن
ٿا، پر عورتون پڻ. هنن کي ايتري قدر پريشان
ٿيڻ نه ڏنو ويندو. جو هو پنهنجين زالن جي اثر
هيٺ اچي، حرص ڪندڙ ٿي پون. هو ڪنهن به عورت
جا عاشق ڪين ٿيندا، پر سموري قوم جا. هنن جا
ٻار پڻ خاص طور سندن نه سڏيا ويندا. ايتري قدر
جو وڏي هوندي هو کين سڃاڻي به ڪين سگهندا. ڄمڻ
شرط، انهن ٻارن کي، پنهنجين مائرن کا جدا ڪيو
ويندو ۽ سڀني جي گڏ پرورش ڪئي ويندي. اهڙيءَ
ريت هنن جي خاندانن کي پوشيده رکيو ويندو. سڀ
نگهبان مائرون، سڀني ٻارن جي گڏيل پر ورش
ڪنديون. انساني ڀائپي عملي طور پيش ڪئي ويندي.
هرهڪ ڇوڪرو، ٻئي ڪنهن به ڇوڪري جو ڀاءُ هوندو
۽ هرهڪ چوڪري ٻئي جي ڀيڻ. هرهڪ مرد پيءُ ۽ هر
هڪ عورت ماءُ هوندي.
پر اهڙيون عورتون اينديون ڪٿان؟ ڪي صنعتي يا فوجي طبقن جون
هونديون، جن کي نگهبان مرد، پنهنجي محبت جي
دام ۾ ڦاسائيندا ۽ ٻيون پنهنجي حق مطابق
نگهبان طبقي جون ميمبر ٿيندوين. پر هن قبيلي ۾
جنس جي ڪري، ڪا گهٽ وڌائي ڪانه ٿيندي، خاص طور
تعليمي ڪمن ۾. ڇوڪريءَ کي پڻ ايتريون تعليمي
سهولتون ڏنيون وينديون، جيتريون ڪنهن ڇوڪري کي
۽ ڇوڪري خواه ڇوڪريءَ کي هڪ جهڙا موقعا، سياسي
اعليٰ عهدن ماڻن جا ڏنا ويندا. جڏهن ”گلاڪن“
اعتراض وٺي ٿو، ته جيڪڏهن عورت کي به ساڳيا
عهدا عطا ڪيا ويندا، ته پوءِ ڪم جي ورهاست جو
سرشتو، درهم برهم ٿي ويندو. تڏهن هن کي، هيءُ
سخت جواب ملي ٿو، ته ڪم جي ورهاست دلي رغبت ۽
لاڙي جي لحاظ کان ٿيڻ گهرجي ۽ نه جنس جي لحاظ
کان. جيڪڏهن ڪا عورت، سياسي ڪاروبار سنڀالڻ جي
لائق آهي، ته ڀلي هوءَ حڪومت ڪري. جيڪڏهن ڪو
مرد، صرف برتن ڌوئڻ جي لائق آهي، ته ڀلي، هو
اهو ڪم ڪري، جنهن لاءِ قدرت هن کي پيدا ڪيو
آهي.
ڪنهن به عورت جو، ڪنهن به مرد لاءِ مخصوص نه هئڻ، تنهن جو اهو
مطلب نه آهي، ته مرد کي کلي آزادي هجي ته جتي
وڻيس، اتي دل لڳائي ۽ ٻار پيد ڪري، نسل جي
واڌاري خاطر اهو ضروري آهي، ته جهڙيءَ طرح
جانورن جي حالت ۾، اسان بهترين جوڙا هٿ ڪري،
انهن مان بهترين ٻچا يا نسل حاصل ڪريون ٿا،
اهڙيءَ ريت، انسان سان پڻ ساڳيو اصول لڳايو
وڃي، صرف اهو ٺيڪ نه ٿيندو، جو ٻارن کي فقط
صحيح تعليم ڏني وڃي. هنن جو جنم پڻ صحيح نموني
۾ ٿيڻ گهرجي، هو چونڊ ڪيل، تندرست ماءُ ۽ پيءُ
جو اولاد هئڻ گهرجن.
تعليم جنم کان به اڳ شروع ٿيڻ گهرجي.
ان لاءِ اهو لازمي آهي، ته ڪنهن به مرد يا
عورت کي ٻار ڄڻڻ جو حق نه ڏنو وڃي. جيستائين
هو تندرست نه آهن. هر هڪ ڪنوار ۽ گهوٽ لاءِ
ضروري هئڻ گهرجي ته شاديءَ کان اڳ ۾، هو صحت
جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪن.
مرد ٽيهن سالن کان وٺي پنجتياليهن سالن تائين
ٻار ڄڻي سگهن ٿا ۽ عورتون ويهن سالن کان وٺي
چاليهن سالن تائين. جيڪي به مرد پنجٽيهن سالن
جي عمر تائين شادي ڪرڻ کان انڪار ڪن، تن کان
محصول ورتو وڃي.
اهي ٻار، جيڪي بنا لائسنس (اجازت) شادين مان
پيدا ٿين يا جي بدنما هجن يا جن جا عضوا ڏنگا
ڦڏا هجن، تن کي ناس ڪيو وڃي. انهن حدن کان
ٻار، جنسي تعلقات جي اجازت آهي، انهيءَ شرط
سان ته ٻار ڪيرايو وڃي. ”اسان هيءَ اجازت،
ٻنهي ڌرين کي، ان سخت ـشرط سان ڏيون ٿا ته ٻار
کي دنيا ۾ اچڻ نه ڏنو وڃي، جيڪڏهن اتفاقاً ڪو
ٻار پيدا به ٿي پوي ته به رياست، ان جي پرورش
ڪنهن به صورت ۾ نه ڪندي، تنهن ڪري ٻئي ڌريون،
ان ڳالھه مطابق انتظام رکن.“
ويجھن مائٽن جي شاديءَ تي منع آهي. ڇاڪاڻ ته ان ڪري نسل ڪمزور
ٿي پوي ٿو.
”بهترين مرد کي، بهترين عورت سان ملايو وڃي ۽
گھٽ صلاحيت واري مرد کي گهٽ صلاحيت واري عورت
سان.“ اهڙيءَ طرح ڪنهن خاص قسم جي ٻار جي
پرورش جي ذميواري به ڪنهن خاص قسم جي ماءُ، کي
ڏني وڃي، اهڙيءَ طرح، ڪنهن خاص نسل جي اصليت
قائم رکي سگهبي. بهادر ۽ نيڪ، نوجوانن کي ٻين
انعامن ۽ اڪرامن سان گڏ، قسمين قسمين جي عورتن
سان، تعلقات قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ڇاڪاڻ
ته اهڙي والدين کي حق آهي ته ايترا پٽ پيدا
ڪن، جيترا ممڪن ٿي سگهن..
اهڙي قسم جي قائم ڪيل سوسائٽي کي نه فقط اندروني مرضن ۽ خرابين
کان بچائڻو آهي، پر ٻاهرين دشمنن جي حملي کان
پڻ. جيڪڏهن ضرورت ٿئي، ته هڪ ڪامياب لڙائي،
لڙڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. اسان جي معياري قوم،
صلح پسند هوندي، ڇاڪاڻ ته آدمشماريءَ (آبادي)
کي خوراڪ جي ذريعن ۽ انداز تائين محدود رکيو
ويندو. پر اهو ڊپ آهي ته متان، پاڙيسري ملڪ ،
اسان جي معياري رياست جي خوشحالي ڏسي هرکجي
وڃن ۽ مٿس حملو ڪري، ڦرلٽ شروع ڪن. تنهن ڪري
ضروي آهي (جيتوڻيڪ ان ضرورت تي افسوس ظاهر
ڪرڻو پوي ٿو) ته وچولي درجي جي ماڻهن مان هڪ
تربيت يافته فوج تيار ڪجي. انهن سپاهين کي
گهرجي، ته رياست جي نگهبانن وانگر، هڪ سخت ۽
ساديءَ زندگي، بسر ڪرڻ جا عادي ٿين. کين
رياست طرفان هڪ مقرر شده معاوضو پڻ ڏنو وڃي.
ساڳئي وقت، لڙائيءَ کين روڪڻ به هر ممڪن ڪوشش
ڪرڻ گهرجي. لڙائيءَ جو سڀ کان مکيه سبب آهي.
آدمشماريءَ جو وڌڻ. ٻيو سبب آهي بين الاقوامي
تجارت. انهن سببن ڪري ڪيترا جھڳڙا ۽ فساد
پاڻمرادو ٿيو پون ٿا. حقيقت ۾ چٽاڀيٽيءَ وارو
واپار هڪ قسم جي ڳجھي جنگ آهي، تنهن ڪري، اهو
بهتر ٿيندو، جو اسان جي معياري رياست، ساحل
کان دور هئڻ گهرجي. جنهن ڪري ٻاهريون واپاري
ڪشمڪش کان بچيل رهندي ”سمنڊ جي ويجھڙائي ڪري
ملڪ ۾ ٻاهريون مال اچي ڪٺو ٿئي ٿو ۽ ماڻهن کي
دولت وڌائن توڙي ترت نفعا حاصل ڪرڻ جي ڳڻتي
رهي ٿي. انهيءَ سبب، ماڻهن جي دلين ۾ اندروني
۽ ٻاهريان تعلقات بنسبت، لوڀ، لالچ ۽ بي
ايماني پيدا ٿئي ٿي.“ ٻاهرين تجارت لاءِ، بحري
ٻيڙن جي ضرورت پوي ٿي ۽ بحري لشڪر به اهڙوئي
نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو، جهڙو بري لشڪر. فقط ڪي
چند خود غرض ماڻهو، لڙائيءَ جا خواهشمند رهندا
آهن. اڪثريت گهڻو ڪري، اهڙن ماڻهن جي هوندي
آهي، جي پاڻ ۾ دوستيءَ جا تعلقات قائم رکڻ
چاهيندا آهن. اڪثر ڪري گهرو لڙايون لڳنديون
آهن، جي وڌيڪ خرابين سان ڀرپور هونديون آهن.
مثلاً يونانين جي يونانين سان لڙائي. تنهنڪري
يونانين کي گهرجي، ته پاڻ ۾ متحد ٿي، جدا جدا
قبيلن جي هڪ مجلس ٺاهين. ٻيءَ صورت ۾ سڄو
يونانين جو نسل، ڪنهن جھنگلي قوم جي ماتحت،
غلاميءَ جي زندگي گذاريندو.
اسان جي سياسي نظام جي چوٽيءَ تي ، نگهبانن جي هڪ ننڍي جماعت
هوندي. انهيءَ نظام جو بچاءُ سپاهين ۽ محافظن
جي هڪ وڏي جماعت ڪندي. هن نظام جو بنياد،
تجارت، صنعت ۽ زراعتي آباديءَ تي هوندو. سڀ
کان پوئين جماعت (اقتصادي معاملن ۾ بهرو
وٺندڙن) وارن کي شخصي ملڪيت، شخصي زالن ۽
ازدواجي زندگي ماڻڻ جي اجازت هوندي. پر تجارت
۽ صنعت تي پڻ نگهبانن جي جماعت جو قبضو هوندو.
اهي، انهيءَ ڳالھه جو خاص ڌيان رکندا، ته ڪنهن
به فرد جي دولت يا عزت، حد کان گهڻي وڌي نه
وڃي. مثلاً جيڪڏهن ڪنهن فرد جي آمدني، سراسري
آمدنيءَ کان چئوڻي ٿي وڃي ٿي، ته پوءِ هو
پنهنجي آمدنيءَ جو، وڌيڪ وارو حصو سرڪاري
خزاني ۾ جمع ڪرائي. جڏهن ته وياج تي روڪ وڌي
ويندي ۽ منافعي جي حد مقرر ڪئي ويندي. نه ته
نگهبانن جي جماعت وارو ڪميونزم، اقتصادي جماعت
لاءِ بيڪار ثابت ٿيندو. هن (اقتصادي) جماعت
جون خاص خصلتون آهن، پيسو ڪمائڻ ۽ چٽاڀيٽي ڪرڻ
لاءِ زوردار رغبت پيدا ڪرڻ. انهن مان ڪي نيڪ
انسان، اهڙي قسم جي حرص ۽ چٽا ڀيٽيءَ کان آزاد
رهندا. پر اڪثريت اهڙين ماڻهن جي هوندي، جيڪي
دنياوي حرص ۽ بغض ۾ پيا جلندا. اهي صحيح راهه
جا پياسي نه آهن ۽ نه وري عزت ۽ ؛آبروءَ جا.
هو دنياوي دولت ۽ مال وڌائڻ جا شوقين آهن. اهي
ماڻهو جي محض پيسي پٺيان آهن، سي حڪومت هلائڻ
جا لائق ڪين ٿي سگهندا. اسان جي سموري تجويز،
ان اميد تي دارومدا رکي ٿي ته، جيڪڏهن نگهبان،
سٺي حڪومت هلائين ۽ سادي زندگي گذارين، ته
پوءِ اقتصادي جماعت وارا پاڻيهي راضي ٿيندا ۽
چاهيندا ته حڪومت جون واڳون، ڀلي، نگهبانن جي
جماعت کي هجن. ڇاڪاڻ ته ٻي هر قسم جي راحت،
انهيءَ اقتصادي جماعت وارن لاءِ هوندي. ڪامل
نظام اهو ئي آهي، جنهن ۾ هرهڪ جماعت کي اهو
ڪم ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ ان ۾ دلي لاڙو آهي ۽
جنهن ۾ ڪنهن به جماعت يا فرد کي، ٻين جماعتن
يا فردن جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪرڻ جو اختيار نه
آهي. پر اهڙِ نظام ۾ فرقن ۽ جماعتن جي باوجود،
هرهڪ فرقو يا جماعت، ٻين فرقن ۽ جماعتن جي
مددگار ۽ معاون ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح هڪ منظم ۽
مڪمل نظام قائم ٿيندو ۽ اها انصاف واري رياست
هوندي.
اخلاقي حل:
The Ethical Solution
هاڻي سياسي فرق ختم ٿيو. هينئر اسين انهيءَ سوال جي جواب ڏيڻ
لاءِ تيار آهيون، جنهن سان هن بحث جي شرعات
ڪئي آهي. يعني انصاف ڇا آهي؟ هن دنيا ۾ فقط ٽي
شيون، تمام گهڻي اهميت واريون آهن. اهي آهن
انصاف، جمال ۽ حق. انهن ٽنهي شين مان ڪنهن جي
به مڪمل تعريف ڪري نٿي سگهجي. افلاطون کان چار
سو سال پوءِ، روم جي هڪ مفتيءَ، بيڪسيءَ جي
حالت ۾ سوال پڇيو ته حق ڇا آهي؟ اڄ تائين
فلسفين، انهيءَ سوال جو جواب نه ڏنو آهي ته نه
وري ٻڌائي سگهيا آهن ته جمال ڇا آهي؟ پر
افلاطون انصاف جي تعريف ڪرڻ جي همت ڪري ٿو ۽
فرمائي ٿو ته انصاف آهي، پنهنجي قابليت ۽ طبعت
جي لاڙي مطابق ڪم ڪرڻ ۽ ان جو صحيح معاوضو
حاصل ڪرڻ.
انصاف جي هيءَ تعريف اهڙِ ته آسان آهي، جو ڪجهھ وقت ته اسان
نااميديءَ واري احساس ۾وٺجي ٿا وڃون. گهڻو
عرصو انتظار ڪندي، اسان ائين سمجھيو ته هاڻي
ته جو الهامي آواز اچن وارو آهي. اهڙي قسم جي
تعريف جو مطلب ڇا آهي؟ فقط اهو ته هرهڪ
ماڻهوءَ کي ايترو معاوضو ملندو، جيترو هن
پنهنجي پورهئي سان، ملڪ کي فائدو پهچايو
هوندو ۽ اهڙي قسم جو ڪم سرانجام ڏيندو، جنهن
جو هو لائق آهي. انصاف ڪندڙ انسان اهو آهي،
جيڪو پنهنجي عهدي سنڀالڻ جي لائق آهي ۽ پنهنجي
قابليت سان، ايترو ئي فائدو پهچائي ٿو. جيترو
هن کي معاوضو حاصل ٿئي ٿو. انصاف ڪندڙ انسانن
جي جماعت ۾، هڪ اعليٰ قسم جي تنظيم هوندي ۽
اها جماعت، نهايت موزون ۽ قابل انسانن جو هڪ
گروهه هوندي، جنهن ۾ هرهڪ جزو، پنهنجي پنهنجي
صحيح جڳھه والاريندو. جيئن جيئين سيارن جي وچ
۾ رشتي جي هم آهنگي يا موزونيت جنهن تحت ترتيب
۾ حرڪت ڪندا آهن يا فيثا غورث مطابق جدا جدا
قسمن جا ساز گڏجي، هڪ شيرين آلاپ پيدا ڪند
آهن. ڪنهن به جماعت ۾ انصاف ائين آهي، جيئن
ڪائنات جو حسين نظام، جنهن مطابق مختلف خلا
مختلف سيارا ترتيبوار تحريڪ قائم رکن ٿا ۽
ڪڏهن به پاڻ ۾ ٽڪرجي، هڪ ٻئي کي برباد نٿا ڪن.
اهڙي قسم جي منظم جماعت ئي، زنده رهڻ جي قبال
آهي. جهڙيءَ طرح ڊارون جي نظريه موجب قابل شين
کي ئي زنده رهڻ جو حق آهي، ساڳئي طرح، انصاف
پڻ زنده رهي ٿو. پر جنهن به ملڪ ۾ ماڻهو،
قدرتي طور عطا ٿيل، پنهنجو عهدو نٿا سنڀالين ۽
جنهن ملڪ ۾ هڪ اقتصادي ماهر جو رتبو، سياستدان
کان اعليٰ سمجھيو وڃي ٿو يا هڪ فوجي ماڻهو،
حڪمران بنجي ٿو، اتي جزن جي ترتيب ناس ٿي وڃي
ٿي، قوم جو سنڌُ سنڌُ، مرض ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو
۽ سڄي قوم دشمنيءَ سبب، ٽڪر ٽڪر ٿي پوي ٿي ۽
آخرڪار ناس ٿي وڃي ٿي. دراصل انصاف، اثرائتي
تنظيم جو ٻيو نالو آهي.
نه فقط قوم جي حالت ۾، مگر هرهڪ فرد جي حالت ۾ به ، انصاف جي
معنيٰ آهي، اثريئتي تنظيم. انسان جي وجود ۾
پڻ، جڏهن مختلف جزا، هڪ ٻئي جا مددگار ٿي،
پنهنجو پنهنجو ڪم سنڀالين ٿا، تڏهن ئي انسان
جي طبيعت درست رهي ٿي ۽ هو نيڪ اخلاق ٿئي ٿو.
هرهڪ فرد، يا ته خواهشن، جذبن ۽ خيالن جي منظم
ڪائنات آهي، يا وري سندن بي ترتيب مجموعو.
جيڪڏهن انسان جا خواهشون، جذبا ۽ خيال
همساز/هم آهنگ آهن، ته پوءِ اهو انسان زنده
رهي ٿو ۽ ڪامياب ٿئي ٿو. هڪ تعصبي ماڻهو، جذبن
جي روشني ۽ گرميءَ جي اثر هيٺ عمل ڪري ٿو ۽ هڪ
بردبار ماڻهو وري، خيالن جي روشني ۽ گرميءَ جي
اثر هيٺ عمل ڪري ٿو. اهڙين حالتن ۾ جڏهن انسان
جذبن ماتحت عمل ڪري ٿو، تڏهن شخصيت جي
برباديءَ جي شروعات ٿئي ٿي ۽ ناڪامي، ڪاريءَ
رات وانگر ويجهي ٿئي ٿي. انصاف، روح جي مختلف
حصن جي ترتيب ۽ حسن جو ئي نالو آهي. روح جي
لاءِ انصاف ائين آهي، جيئن بدن لاءِ تبدرستي.
ان جي مقابلي بدي، انسان ۽ قدرت جي وچ ۾،
انسان ۽ جو انسان جي وچ، ۾ توڙي انسان ۽ سندس
خوديءَ جي وچ ۾ هڪ ناسازي/ناهم آهنگي آهي.
اهو آهي افلاطون جو جواب ٿرئسيميڪس
(Thrasymachus)،
ڪئليڪلز
(Callicles)
۽ نٽشي
(Nietzsche)
جي پوئلڳن کي. انصاف فقط قوت نه، مگر هڪ منظم
قوت آهي. خواهشون ۽ انسان، اهڙي ته ترتيب ۾
منظم ٿين ٿا، جو انهن مان عقلمندي پئي ٻهڪي.
انصاف وڌيڪ طاقتور انسان جو حق نه آهي، مگر
اثرائتي تنظيم جو نالو آهي. اها حقيقت آهي ته
جيڪڏهن ڪو انسان، پنهنجي فطرت ۽ قابليت جي
برعڪس، پنهنجي جڳهھ ڇڏي ڪو ٻيو عهدو ماڻي ٿو،
ته پوءِ قدرت به کيس ٿوري عرضي لاءِ ڊگهي رسي
ڏئي ٿي ۽ ڇيڪ ڇڏي ٿي، پر آخرڪار، هو سخت ۽ هڪ
اڻٽر، سزا جو مستحق ٿئي ٿو ۽ آخرڪار اهڙي ڇيڪ
ڇڏيل انسان کي، قدرت پنهنجي زوردار ڏنڊي سان
موٽائي، پنهنجي مقرر ٿيل ماڳ تي آڻي بيهاري
ٿي. ڪارسينڪا جو ليفٽيننٽ، ڀلي ڪوشش ڪري ته
يورپ مٿان ظلم ۽ ڏاڍ سان حڪومت ڪري، پر آخرڪار
يقيناً هو وچ سمنڊ ۾، هڪ ٽاڪرو ٻيٽ جي جيل
خاني ۾ پنهنجي پويان پساهه کڻندو ۽ محسوس
ڪندو، ته هو خود به قدرتي قانون جو غلام آهي.
سندس بي انصافي ضرور ظاهر ٿي پوندي.
هيءُ خيال ڪو نئون خيال ڪونه آهي. دراصل فلسفي ۾ جيڪڏهن ڪو
نظريو نئون نظر اچي، ته ان کي شڪي نگاهن سان
ڏسڻ گهرجي. سچ پنهنجون پوشاڪون، اڪثر
بدلائيندو رهي ٿو، پر هر نئين ويس اندر، اصليت
ساڳئي ئي رهي ٿي.
اخلاقيات ۾ اها توقع رکڻ اجائي آهي ته ڪا نئين شيءِ هجي، جا
اسان کي عجب ۾ وجھي ڇڏي. جيتوڻيڪ سوفسطائين ۽
نٽشي جي پوئلڳن، عجيب قسم جي خيالن پيش ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي، مگر تنهن هوندي به. سڀ اخلاقي
نظريا، سموري انسان ذات جي ڀلائيءَ جي چو طرف
ڦرن ٿا. اخلاق، ٻين سان رلڻ ملڻ، ٻين تي
دارومدار رکڻ ۽ تنظيم سان شروع ٿئي ٿو. سماج
جي زندگي، هيءَ تقاضا ڪري ٿي ته هرهڪ خود
پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري جو ڪجهھ حصو، سماج
جي تنظيم خاطر قرباني ڪري، آخرڪار اخلاق جو
معيار، سموري گروهه جي راحت جو باغث بنجي ٿو،
فطرت جو اهو فيصلو آهي ۽ فطرت جي فتويٰ آخرين
آهي، هڪ گروهه جي مقابلي ۾ ٻيو گروهه فقط
انهيءَ حالت ۾ ئي زنده رهندو. جڏهن ان ۾ اتحاد
۽ قوت موجود هوندي ۽ جڏهن انهيءَ گروه جي فردن
۾ اها صلاحيت هوندي، ته هو منزل مقصود حاصل
ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ هڪ جسم ٿي وڃن. هن کان وڌيڪ هڪ
جسم ڪهڙو آهي. جو هرهڪ فرد، اهو ڪم سرانجام
ڏئي، جيڪو هو بهترين نموني ۾ پورو ڪري سگهي
ٿو، حضرت عيسيٰ عليہ السلام چيو آهي ته اخلاق
انهيءَ ۾ آهي جو ضعيفن سان احسان ڪريو. نٽشي
چيو آهي، ته اخلاق آهي طاقتور جي بهادري، مگر
افلاطون چوي ٿو ته اخلاق آهي، سڄي نظام جي
اثرائتي تنظيم. انهن ٽنهي نظرين کي ملائي،
شايد اسان مڪمل اخلاق کي ڳولهي لهون. پر انهن
مان ڪهڙو جزو اخلاق جو هڪ بنيادي حصو آهي تي
شڪ ڪري سگهون ٿا.
تنقيد:
Criticism
هاني هن مثاليءَ رياست بابت ڇا چوڻو آهي؟ ڇا اهڙِ قسم جي رياست
ممڪن آهي؟ جيڪڏهن نه، ته پوءِ منجھس اهڙيون ڪي
خوبيون آهن، جيڪي موجود زماني ۾ استعمال ۾ آڻي
سگهجن ٿيون؟ ڇا! ڪنهن به دنيا جي حصي ۾ عمليءَ
طور، اهڙي قسم جي رياست. ڪنهن به حد اندر،
ٺاهي ويئي آهي؟
گهٽ ۾ گهٽ پوئين سوال جو جواب افلاطون جي فائدي ۾ آهي. هڪ هزار
سال، يورپ ۾ ان قسم جا نگهبان حڪومت ڪندا
رهيا، جن جو نظريو، اسان جي فلسفين پيش ڪيو
آهي. وچئين دؤر ۾، عام طرح آباديءَ کي ٽن حصن
۾ ورهايو ويندو هو: 1- مزدور، 2- سپاهي، 3-
پادري. پويون گروهه جيتونيڪ ٿوري تعداد ۾ هو،
تنهن هوندي به تمدن جون ڪنجيون سندس هٿ ۾ هيون
۽ اهو گروهه، بيحد اختيارن سان، دنيا جي سڀ
کان طاقتور کنڊ مٿان، حڪومت هلائيندو هو.
افلاطون جي نگهبانن وانگر، پادرين کي به،
حڪومت جون واڳون، چونڊن ذريعي حاصل ڪونه ٿيون
هيون، پر سندس مذهبي معلومات ۽ انتظامي ڪمن هڪ
مهارت رکڻ سببان، سندن فڪر ۽ سادگيءَ واري
زندگي بسر ڪرڻ سببان ۽ سندن عزيزن جي ملڪي ۽
مذهبي معاملن ۾ اثر ۽ رسوخ هئڻ سببان ئي کين
حڪومت حاصل ٿي هئي. هن عرصي جي پوئين اڌ ۾،
حڪومت هلائيندڙ پادري، اازدواجي زندگيءَ کان
پڻ ايتري قدر آزاد هئا، جيتري قدر افلاطون جي
خواهش هئي. ڪن حالتن ۾ انهن کي پڻ ٻارن پيدا
ڪرڻ جي ايتري آزداي هئي، جيتري افلاطون،
پنهنجي نگهبانن کي ڏني هئي. سندن غير شادي شده
هجڻ، رهبانيت جي طاقت جي، نفسي عمارت جو هڪ
حصو هوندو هو. هڪ طرف ته هو ازدواجي زندگيءَ
جي تنگ خياليءَ کان آزاد هئا، ته وري ٻئي طرف،
سندن ظاهري پرهيرزگاري ۽ زهد، اڻ پڙهيل
گنهگارن جي دلين ۾ گهربل رعب ۽ اثر پيدا ڪيو.
ويچارا اٻوجهھ گنهگار، پنهنجن ڏوهن ۽ گناهن جي
جي قبوليت، پيش ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪين ڪيٻائيندا
هئا ۽ هميشه ائين سمجھندا هئا ته پادري، ان
قسم جي گناهن کان پاڪ آهن.
ڪئٿولڪ فرقي جي سياست تي، افلاطون جي مثالي رياست جو ڪافي اثر
ٿيو، وچين دور ۾ بهشت، ڪفاري جي مقام ۽ دوزخ
بابت احسان جي ابتدا، افلاطون جي جمهوريت جي
پوئين ڪتاب مان ٿي. ان زماني جي عالمن جا،
ڪائنات جي بناوت بابت خيال پڻ، افلاطون جي هڪ
مڪالم ٽائيمئس
(Timaus)
سان ٺهڪي اچن ٿا. حقيقت جو هيءُ نظريو ته (عام
تصورن جي خارجي وجود) دراصل، افلاطون جي خيالن
واري نظريي جي سمجھاڻي آهي، نه صرف ايترو، پر
علمي نصاب، جنهن ۾ رياضي، جاميٽري، علم هيئت ۽
موسيقي اچي وڃن ٿا، سو پڻ افلاطون جي مقرر ڪيل
تعليمي نصاب جي بنياد تي ٻڌل آهي. ان قسم واري
نظريي ماتحت، يورپ جي ماڻهن تي، بنا ڪنهن زور
زبردستيءَ جي حڪومت هلائيئ وئي. يورپ جي
رهاڪن، هن حڪومت جي، پرجوش ڀلي ڪار ڪئي ۽ هڪ
هزار سالن تائين پنهنجي حاڪمن جا، هر لحاظ ۾،
معان ۽ مددگار رهيا. پر حڪومت جي ڪمن ۾ بهرو
وٺڻ لاءِ، ذري برابر به طلب ڪين ڪيائون. نه
فقط عوام سندن حڪومت قبول ڪئي، پر واپار
ڪندڙن، سپاهين، جاگيرادارن ۽ مقامي طاقتن پڻ
روم آڏو سر تسليم خم ڪيو. اها هڪڙي اشرافياجي
حڪومت
(Aritocracy)
هئي، جنهن ۾ سياسي مدبرن، اهم حصو ادا ڪيو،
جنهن دنيا ۾ هڪ عجيب طاقتور نظام پيدا ڪري
ڏيکاريو.
يسوعين جي ڪجهھ وقت، پرگئي
(Paraguay)
ته حڪومت ڪئي، سي به افلاطون
جي نگهبانن وانگر هئي. اها چند پادرين جي
حڪومت هئي، جيڪي علمي ۽ هنري قابليت دوران
طاقت ۾ آيا ۽ جھنگلي آباديءَ مٿان، حڪمران
رهيا. رشيا ۾ پڻ نومبر 1917ع ۾ انقلاب کان
پوءِ، ڪجھه عرصو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حڪومت جو
طريقو پڻ، افلاطون جي جمهوريت جي يادگيري
ڏيکاري ٿو. ڪميونسٽ پارٽيءَ جا ميمبر، اقليت ۾
هئڻ جي باوجود، هڪ قسم جي مذهبي يقين جي ڪري
متحد هئا، پنهنجن اصولن تي مستحڪم هئا ۽ جن به
پارٽيءَ جي اصولن جي ڀڃڪڙي ٿي ڪئي، تن کي
يڪدم، پارٽيءَ مان خارج ٿي ڪيو ويو. هو پنهنجي
نظريي تي اهڙا پابند ۽ جان نثار هئا، جهڙا
درويش، جيتوڻيڪ يورپ جي اڌ حصي تي سندن قبضو،
پر تنهن هوندي به سندن رهڻي ڪهڻي، نهايت سادي
هوندي هئي.
اهي مثال ڏيکارين ٿا، ته ڪن حدن اندر ۽ ڪن ضروري ترميمن سان،
افلاطون جي تجويز، عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي. معياري
رياست جو اهو خاڪو درحقيقت افلاطون، پنهنجي
سفر جي دوران حقيقتن کي سمجھي، انهن جي بنياد
تي پنهنجي دماغ ۾ ٺاهيو. مصر جي الاهي حڪومت،
مٿس گهرو اثر پيدا ڪيو. مصر ۾ هڪ بزرگ ۽ قديمي
تهذيب مٿان، چند مذهبي پيشوائن جي جماعت،
حڪومت ڪري رهي هئي. اٿينس جي سياسي مجلس جي
ڀيٽ ۾، جتي هميشه جھڳڙي، فساد ۽ ظلم جي بازار
گرم هوندي هئي ۽ جنهن جا ميبمبر نااهل هوندا
هئا، مصر جي حڪومت اعليٰ سياسي تدبر هوندو هو.
ڪجهه عرصو افلاطون اٽليءَ ۾ پڻ رهيو ۽ اتي
ڏٺائين ته ڪيئن نه، فيثا-غورث جي اصولن جا
پوئلڳ، سادگيءَ ۽ برابريءَ واري زندگي گذاري
رهيا آهن. اسپارٽا ۾ به هن ڏٺو هو ته ڪيئن نه
حڪمران جماعت، رعيتي آباديءَ جي وچ ۾ سختي ۽
سادگيءَ واري زندگي گذاري رهي هئي. هو گڏجي
کائيندا هئا، منجھن شادين جي معاملي ۾ نسل جي
واڌاري خاطر، حدون مقرر ڪيل هيون ۽ بهادرن کي
گهڻين شادين ڪرڻ جو حق حاصل هو. ان ۾ ڪوبه شڪ
ڪونه آهي، ته هن يورپيڊيز کان ٻڌو هو، ته
عورتن ۾ به برابري قائم ڪرڻ گهرجي، غلام آزاد
ڪرڻ گهرجن ۽ يوناني قبيلن جي گڏيل مجلس قائم
ڪري، صلح سانت پيدا ڪجي. هن کي انهن خشڪ مزاج
ماڻهن جي جماعت
(Cynics)
جي پڻ خبر هئي، جن سقراط جي زير اثر، هڪ
برابري ۽ اشتراڪت واري تحريڪ شروع ڪئي هئي.
بهرحال هن تجويز کي تيار ڪندي، افلاطون محسوس
ڪيو هوندو ته هو ڏٺل وائٺل حقيقتن کان گهڻو
پري ڀٽڪي نه رهيو آهي.
تنهن هوندي به ارسطو جي زماني کان وٺي، اڄ ڏينهن تائين، ڪيترا
تنقيد ڪندڙ پيدا ٿيا، جن ”جمهوريت“ ۾ ڪيترا
اعتراض جوڳا نقطه ڏٺا. سٽئجيرائيٽ
(Stagirite)
چوي ٿو ته اهڙي قسم جون ڪئين شيون گذريل صدين
۾ ايجاد ڪيون ويون آهن. اهو هڪ نيڪ ارادو آهي،
ته هڪڙي اهڙي سماج جي رٿابندي ڪجي، جنهن جا سڀ
فرد پاڻ کي هڪ ٻئي جا ڀائر ڪري تسليم ڪن. پر
اهڙي اميد، موجوده زماني جي مردن سان لڳائڻ
معنيٰ، انهن مان گرم جوشي ۽ مطلب ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ
آهي. ساڳي ڳالهھ، ملڪيت کي عام بنائڻ واري
تجويز سان پڻ لڳي ٿي. جڏهن هرهڪ شيءِ، هر هڪ
مرد جي آهي، ته پوءِ ان بابت جوابداري ڪير
کڻندو؟ آخر ۾ هو، هڪ اهڙو بي حس دليل ٿو پيش
ڪري ته اشتماليت، ماڻهن کي هڪ اهڙي ناقابل
برداشت تعلقات ۾ اڇلائيندي، جو شخصي آزادي ۽
خودمختياري بلڪل غائب ٿي ويندي، صبر ۽
استقلال، گڏيل تعاون ۽ همدردي، صرف چند هستين
جو ورثو ٿيندا. ”اسان کي اهڙو ڪوبه اخلاقي
معيار تسليم ڪرڻ نه گهرجي، جيڪو عام خلق کان
بالاتر هجي، نه وري اهڙي جي تعليم ئي قبول ڪرڻ
گهرجي، جنهن جي ڪاميابيءَ جو دارومدار فقط غير
رواجي انساني طبيعتن ۽ حالتن تي هجي. برعڪس ان
جي ، اسان کي هڪ اهڙي قسم جي زندگيءَ جي فلسفي
۽ زندگي جي طريقي لاءِ عزت هئڻ گهرجي، جنهن ۾
عام ماڻهن جي اڪثريت حصو وٺي سگهي. ساڳيءَ طرح
اهڙي قسم جي حڪومت لاءِ عزت هئڻ گهرجي، جيڪا
رواجي ملڪ سولائيءَ سان حاصل ڪري سگهن.“
اهي آهن افلاطون جي سڀ کان وڏي ۽ سڀ کان وڌيڪ حاسد شاگرد جا
رايا. ان کان پوءِ جيڪا به تنقيد ٿي آهي، تنهن
۾ به ساڳيا ئي ساز ڇيڙيا آهن. هڪ شاديءَ بابت
جيڪي قديمي ريتيون رسمون هيون، تن کي افلاطون
نظرانداز ڪيو ۽ اخلاقي قاعدن قانونن ڏي ڪوبه
ڌيان ڪونه ڏنو. هن عورتن ۾ اها رغبت نه پروڙي،
جنهن مطابق هو ڪڏهن به ڪين چاهينديون، ته سندن
جگري اولاد کانئن جدا ڪيا وڃن ۽ ڪي غير انسان،
انهن جي پيئرن کان اڻ واقفيت واري سخت ماحول ۾
سندن پرورش ڪن. هن اها ڳالهھ پڻ وساري ڇڏي، ته
ازدواجي زندگيءَ کي ختم ڪرڻ معنيٰ، اخلاقي وڻ
جي پاڙ ڪرڻ آهي. رياست لاءِ نفسي بنياد قائم
ڪرڻ لاءِ اهو ضروي آهي، ته ٻار ۾ شروع کان ئي
وٺي تعاون، خود قرباني ۽ مساوات جا جذبا پيدا
ڪجن ۽ ازدواجي زندگيءَ کان سواءِ، ائين ڪرڻ
ڪجهھ مشڪل آهي.
اهڙي قسم جي نڪتاچينيءَ جو جواب، سنئون سڌو ڏيئي سگهجي ٿو.
افلاطون پنهنجي اشتراڪيت واري تجويز مان
اڪثريت کي خارج ڪري ٿو. هو صاف صاف لفظن ۾
اعتراض ٿو ڪري، ته صرف ڪي چند انسان، مال
ملڪيت جي طمع کان پاڻ کي روڪي سگهن ٿا. صرف
انهن انسانن کي هو حڪمران طبقي جا رڪن بنائي
ٿو. سندن راءِ موجب فقط رياست جا نگهبان، ٻين
نگهبانن کي ڀاءُ، ڀيڻ ڪري ڪوٺيندا. اهي نگهبان
ئي سون، چانديءَ يا مال ملڪيت جي طمع کان
بالاتر هوندا. باقي عام خلق کي مڪمل آزادي
هوندي ته هو اهي سڀ شيون پاڻ وٽ موجود رکن، جن
سان سندن دنيوي مان مرتبو وڌي ٿو. جهڙوڪ مال
ملڪيت، پيسو ڏوڪڙ، عيش عشرت، واپار ۽ ڌنڌي جي
چٽاڀيٽي ۽ هرقسم جي خلوت، جنهن جي هو خواهش ڪن
جيڪڏهن هو چاهين ته ڀلي هڪ شادي اختيار ڪن ۽
ازدواجي زندگيءَ جا اخلاق قائم رکن. مردن کي
اختيار آهي ته ڀلي پنهنجين زالن کي گهر جي
زينت ڪن ۽ مائن کي به اختيار آهي ته پنهنجي
اولاد کي، اکين آڏو رکن. مگر نگهبانن لاءِ
اشتراڪيت کان به وڌيڪ عظمت وارو احساس جو هئڻ
ضروري آهي. احسان مندي نه، مگر فخر هنن جو شان
برقرار رکندو.
ماءُ جي مامتا نه رڳو ٻار ڄمڻ کان اڳ ۾، پر ٻار جي نشونما وقت
پڻ اهڙي مضبوط نه آهي، جهڙي عام طرح سمجهي وڃي
ٿي. نئين ڄاول ٻار کي ماءُ خوشيءَ سان نه، پر
جبلت جي ڪري ٿي. ٻار لاءِ ماءُ جي محبت هڪ
اوچتو معجزو نه آهي، اها محبت آهستي آهستي
تڪميل تي پهچي ٿي. مامتا، ماءُ جي تخيل جي
ٺهيل، هڪ فني عمارت آهي. جڏهن اها عمارت ٺهي
راس ٿئي ٿي، تڏهن ئي سندس دل تي گهرو اثر ٿئي
ٿو.
ٻيا اعتراض، نفسياتي نه، پر اقتصادي آهن. هيءُ دليل پيش ڪيو ويو
آهي، ته افلاطون جي جمهوريت، شهر کي ٻن حصن ۾
ورهائڻ کي نندي ٿي، پر پوءِ شهر کي ٽن حصن ۾
ورهائڻ جي تجويز پيش ڪري ٿي. ان جو جواب هيءُ
آهي ته پهرين قسم جي ورهاست، اقتصادي ڪشمڪش جو
نتيجو آهي. افلاطون جي مثالي رياست ۾ نگهبانن
۽سپاهين کي سون، چاندي ۽ مال ملڪيت بابت
چٽاڀيٽي ڪرڻ کان بالاتر رکيو ويو آهي. پر پوءِ
نگهبانن کي طاقت ڏني ويئي آهي، سواءِ ڪنهن
جوابداريءَ جي، ان ڪري ڪو ظلم جو انديشو ته نه
آهي؟ هرگز نه، کين سياسي اقتدار آهي ۽ حڪم
جاري ڪرڻ جو اختيار آهي. پر کين اقتصادي طاقت
يا دولت نه آهي. جيڪڏهن اقتصادي طبقو، نگهبانن
جي حڪومت جي سرشتي مان راضي نه آهي، ته پوءِ
ڀلي سندن کاڌو خوراڪ روڪي ڇڏي، جيئن ڪنهن به
ملڪ جي پارليامينٽ، انتظامي فيصلا ڪرڻ جي عمل
تي قبضو رکي سگهي ٿي ۽ بجيٽ پاس ٿيڻ نٿي ڏئي.
پر وري سوال ٿو اٿي ته جيڪڏهن نگهبانن کي صرف
سياسي اقتدار آهي ۽ نه اقتصادي قوت، ته پوءِ
هو پنهنجي حڪومت ڪيئن برقرار رکي سهگندا؟ ڇا!
هئرنگٽن
(Herrington)
۽ مارڪس
(Marx)
توڙي ٻين ڪيترن ائين نه ڏيکاريو آهي ته سياسي
اقتدار فقط، اقتصادي طاقت جو پاڇو آهي؟ جڏهن
به اقتصادي قوت، حاڪمن کي خيرباد چئي، محڪومن
طرف رخ رکندي آهي، تڏهن حاڪمن جي سياسي اقتدار
کي پڻ خطرو محسوس ٿيندو آهي. مثلاً ارڙهين صدي
۾ وچولي درجي وارن، اقتصادي طاقت حاصل ڪئي، ان
جو نتيجو اهو نڪتو، جو آخرڪار انهن، اوائلي
حاڪمن کي ٿڏي، حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ
ڪيون.
هيءُ هڪ بنيادي ۽ موتمار اعتراض آهي. ان جو جواب هيءُ ڏيئي
سگهجي ٿو ته ، رومن ڪئٿولڪ ڪليسا جي طاقت،
جنهن مطابق، شهنشاهه پڻ ڪليسا آڏو اچي مٿو
ٽيڪيندا هئا، تنهن جو دارمدار، اوائلي دور ۾
دولت جي منصوبن تي نه هو. پر عوام جي دلين ۾،
مذهبي سکيا جي ديرو ڄمائڻ تي. پر ائين به ممڪن
هو ته، ڪليسا جو ڊگهو ۽ ديرپا، رعب، يورپ جي
زراعتي حالتن سان وابسته هو. عام طرح ائين ڏٺو
ويو آهي، ته زراعتي آباديءَ جو، فطري قوتن کان
بالاتر قوت تي گهرو اعتماد هوندو آهي. هڪ
هاري، فطري عنصرن جي مزاج جو محتاج آهي. هو
قدرتي قوتن تي قبضو نٿو رکي سگهي. تنهن ڪري هن
جي دل ۾ هميشه بالاتر قوتن جو ڊپ رهي ٿو ۽ هو
موسمي عبادتون ڪري ٿو. جڏهن صنعت ۽ تجارت ترقي
ڪئي، تڏهن هڪ نئين قسم جو ذهن، انسان اندر
پيدا ٿيو. ان مطابق، انسان حقيقت پسند ۽ هن
دنيا ۾ اعتقاد رکندڙ ٿي پيو. نئين اقتصادي
حقيقت جي مقابلي ۾، ڪَليسا جي طاقت ڪرندي رهي.
سياسي طاقت کي گهرجي، ته هوءَ بار بار، ڦرندڙ
گهرندڙ، اقتصادي قوتن مطابق، پنهنجو نظريو
ڦيرائي. افلاطون جي نگهبانن جو اقتصادي معاملن
۾، اقتصادي طبقي جو محتاج هئڻ معنيٰ، سياسي
ڪاروبار تي، اقتصادي طبقي جو قبضو. فوجي طاقت
جو استعمال پڻ. هن اڻ ٽر، نتيجي جو اندازو
نٿو لڳائي سگهي. انقلابي روس جي فوجي طاقت پڻ،
هارين کي، شخصي ملڪيت رکڻ کان روڪي نه سگهي.
ڇاڪاڻ ته هارين جي قبضو ۾ کاڌي خوراڪ جي شين
جي پيدائش هئي. تنهن ڪري قوم جي قسمت تي سندن
ئي قبضو هو. افلاطون جو چوڻ ايتري قدر ته سچو
آهي، جو جيتوڻيڪ سياسي حڪمت عملي، جو فيصلو
اهو طبقو ڪري ٿو، جنهن کي اقتصادي سرخروئي
حاصل آهي. پر تڏهن به قوم جي ڀلي خاطر، اهو
ضروري آهي، ته سياسي ڪاروبار جو انتطام، اهي
عهديدار ڪن، جن کي ان بابت خاص تربيت ڏني ويئي
آهي ۽ نه اهي شخص، جيڪي تجارتي خواهه صنعتي
ادارن مان ٽپي، سياسي عهدي ماڻهن جا شوقين ٿيا
آهن ۽ جن کي سياسي تدبر جي فنن بابت ڪابه
تربيت ڪانه ملي آهي.
افلاطون جي سڀ کان وڏي، هيراقليس
(Heracltes)
جي نقطه نگاهه مطابق خامي هيءَ آهي، ته هن کي
زماني جي وهڪري ۽ اٿل پٿل بابت ڪوبه احساس
ڪونه آهي. هن کي هر وقت اها ڳڻتي آهي، ته کيس
هن زماني جي دائمي متحرڪ تصوير، ڪنهن نه ڪنهن
حيلي سان، بي حس ۽ غير متحرڪ نقشي وانگر، ساڪن
نظر اچي. هن کي تنظيم ۽ تربيت سان، بيحد محبت
آهي. هڪ بزرگ فلسفي وانگر، هن کي اٿينس جي
جمهوري گرمجوشيءَ، ڊپ ۾ وجھي ڇڏيو آهي. جنهن
ڪري هو شخصيت جي قدر ۽ قيمت بابت، نهايت بي
پرواهي اختيار ڪري ٿو. هو انسانن کي، اهڙيءَ
تربيت سان طبقن ۾ ورهائي ٿو، جهڙيءَ طرح هڪ
ماهر حشريات
Entomologist)
= جيت جڻين جو ماهر) مکين کي، مختلف درجن ۾
ورهائيندو آهي. پنهنجي مقصد پوري ڪرڻ لاءِ، هو
مذهبي مُلن واريءَ زباني پٽاڙ ۽ ورجاءَ کان نه
ٿو مڙي. هن جي رياست سولائيءَ سان بدلجي، هڪ
قدامت پسند ماڻهن جي جماعت ٿي سگهي ٿي، جنهن
تي ڪن ٻڍن، سخت طبيعت شخصن جي حڪومت هجي، جيڪي
هر قسم جي ايجاد ۽ واڌاري جا دشمن هجن. اها
سائنس جي نظريي تي ٻڌل آهي ۽ منجھس هُنرن ۽
لطيف فن کي ڪابه اهميت ڪانه آهي. اها تنظيم جي
ساراهه مان ڍاپي ئي نٿي ۽ انهيءَ شخصي آزاديءَ
کي نظرانداز ڪري ٿي، جيڪا لطيف فن جو روح آهي.
اها صرف حسن جي نالي جي عبادت ڪري ٿي، پر لطيف
فن جي ماهرن کي جلاوطن ٿي ڪري، جيڪي حسن جا
جوڙيندڙ ۽ چمڪائيندڙ آهن. هيءَ ڪا مثالي رياست
ٿي نه سگهندي.
انهن اڻ وڻندڙ، پر ضروري اعتراضن کي پيش ڪرڻ جي باوجود، اسان کي
گهرجي ته افلاطون جي خيال جي قوت ۽ گهرائيءَ
جو خوشيءَ سان احترام ڪريون. ڇا! هو درحقيقت
صحيح راهه تي نه آهي؟ ڇا، دنيا جي اها ضرورت
نه آهي ته عقلمند انسان حڪومت ڪن؟ اهو اسان تي
ڇڏيل آهي ته اسان اهو خيال پنهنجي وقت ۽
حالتن مطابق، پنهنجي ملڪ سان لڳايون. اڄ اسان
کي جڳائي ته جمهوريت کي قبول ڪريون. ووٽن ڏيڻ
جي حد، اسان مقرر ڪري نٿا سگهون، پر ڪنهن به
عهدي ماڻهن جي حد، مقرر ڪري سگهون ٿا. اهڙيءَ
طرح جمهوريت ۽ اشرافيا جي حڪومتن جو امتزاج
حاصل ڪري سگهون ٿا، جيڪا حقيقت ۾ افلاطون جي
من جي مراد هئي. اسان کي اهو دليل سواءِ ڪنهن
مخالفت جي قبول ڪرڻ گهرجي، ته سياستدانن لاءِ
پڻ اهڙي ئي مخصوص ۽ مڪمل تربيت ضروري آهي،
جهڙي حڪيمن لاءِ، اسان کي پنهنجي تعليم گاهن ۾
علم سياست ۽ سياسي انتظام جا شعبا، قائم ڪرڻ
گهرجن. جڏهن اهي شعبا، پوريءَ طرح ڪم ڪرڻ شروع
ڪن، تڏهن اسان کي اعلان ڪرڻ گهرجي ته ڪوبه
شخص، سياسي عهدي ماڻڻ جو لائق نه سمجھيو
ويندو، جيستائين هو اهڙن سياسي ادارن جو سند
يافته نه هوندو. هرهڪ اهڙو شخص، جنهن کي ڪنهن
به عهدي ماڻڻ لاءِ خاص تربيت ڏني ويئي هجي، ان
کي انهيءَ عهدي جو حقدار سمجھيو وڃي. اهڙيءَ
طرح اعليٰ عهدن تي آفيسر مقرر ڪرڻ ۾ جيڪا
بداخلاقي، اڄڪلهه جي جمهوري نظآم ۾ موجود آهي،
سا غائب ٿي ويندي. ڪنهن به حلقي جي ماڻهن کي
ڇڏي ڏيو، ته ڀلي هو اهڙو شخص چونڊ ڪن، جنهن کي
تربيت ڏني ويئي هجي ۽ هو ڪنهن عهدي ماڻڻ لاءِ
تسليم ٿيل هجي. اڄ ڪلهه ته هڪ ڪرڙ خان،
ڪانڊيرو خان پنهنجي وڏائيءَ جو ناٽڪ رچائي،
پنهنجي دولت ۽ قوت جي نمائش ڪري، عام ماڻهن کي
ڀنڀلائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿي وڃي ٿو. ان
ڳالھ ۾ فقط هڪ ترميم لازمي آهي، ته هرهڪ مرد
توڙي عورت کي هڪ جيترو موقعو ڏنو وڃي، ته جيئن
هو اعليٰ سياست جي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري،
پنهنجي سياسي اقتدار کي وڌائي. جيڪڏهن والدين
اعليٰ تعليم جو ڳرو خرچ برداشت ڪري نه سگهن،
ته پوءِ حڪومت جو فرض آهي، ته هوءَ قابل
شاگردن کي وظيفا ڏيئي، کين اعليٰ تعليم جي
زيور سان سينگاري. اهڙي جمهوريت ئي صحيح معنيٰ
۾، جمهوريت سڏائڻ جي لائق ٿيندي.
آخر ۾ هيءَ ڳالهھ ڪرڻ انصاف جوڳي ٿيندي، ته افلاطون خود سمجھي
ٿو، ته سندس مثالي رياست کي عملي جامون
پهرائڻ، ڪا آسان ڳالهھ ڪانه آهي. هو قبول ڪري
ٿو، ته هن هڪ مثال پيش ڪيو آهي، جيڪو حاصل ڪرڻ
مشڪل آهي. هو جواب ٿو ڏئي، ته فقط خواهشن جون
خيالي تصويرون چٽڻ به، هڪ اهميت رکن ٿيون.
اسان جي ڏاهپ ان ۾ آهي، ته هڪ بهتر دنيا جو
تصور پيش ڪري سگهون، جنهن جو ڪجهھ حصو حقيقت ۾
ترجمو ٿي سگهي ٿو. انسان پڻ هڪ جانور آهي،
جنهن کي تصور جي قوت عطا ٿيل آهي. اسين اڳتي ۽
پوئتي نهاريون ٿا ۽ انهن شين لاءِ بي چين رهون
ٿا، جن کي ڪابه جسماني حقيقت ڪانه آهي. اسان
کي ائين سمجھڻ نه گهرجي، ته انساني تصور جو
ڪوبه نتيجو ڪونه ٿو نڪري، ڪيترن خوابن کي
ساڀيان ملي آهي، جن جي وسيلي هو گهمي ڦري
سگهيا آهن. ڪيترن خوابن پر حاصل ڪري، پرواز
ڪرڻ شروع ڪيو آهي. مثلاً اڪارس جو خواب ته
انسان اڏامي سگهي ٿو. آخرڪار، جيتوڻيڪ اسان
محض هڪ خيالي تصوير چٽي آهي، پر تنهن هوندي به
اها تصوير اسان جي تحريڪ ۽ سڀاءُ جو منزل
مقصود ۽ مثال ٿي سگهي ٿي. جڏهن اسان مان ڪافي
تعداد، اها تصوير ڏسي ٿو ۽ سندس نور پسي ٿو،
تڏهن اهو خيال آهستي آهستي، حقيقت جي صورت
اختيار ڪندو. ”فلڪ ۾ اهڙي شهر جو مثال قائم
آهي، جنهن ۾ مرضي مطابق جيڪو ڏسڻ چاهجي سو ڏسي
سگهي ٿو، ۽ انهيءَ مطابق پاڻ تي حڪومت هلائي
سگهي ٿو. زمين تي اهڙو شهر هجي يا نه خواه
اهڙو شهر ممڪن ٿي سگهي يا نه، پر تنهن هوندي
به هڪ مدبر، انهيءَ آسماني شهر جي قاعدن ۽
قانونن مطابق عمل ڪندو ۽ نه ٻين قاعدن مطابق
.“ هڪ نيڪ انسان، نامڪمل رياست سان پڻ مڪمل
قاعدا لڳائيندو.
ان هوندي به افلاطون کي همت ٿي، جو جڏهن هن کي وجھه مليو، تڏهن
پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي به، پنهنجي تصور کي
عملي جامو پهرائڻ جي ڪوشش ڪيائين.
سن 387 قبل مسيح ۾، ڊايو نٽئيسئس
(Diontysius)،
سراڪيوز
(Syracuse)
جي حاڪم، افلاطون کي دعوت ڏني، ته هو اچي سندس
ملڪ کي، مثالي رياست ۾ تبديل ڪري. (سراڪيوز،
سسليءَ جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ طاقت ۽ ترقيءَ ۾
پنهنجو مٽ پاڻ هو) افلاطون ائين سمجھيو، ته
سڄيءَ قوم کان، هڪ ماڻهوءَ کي تعليم ڏيڻ، وڌيڪ
آسان ڳالهھ آهي. هن اها دعوت قبول ڪئي، پر
جڏهن ڊايونٽيسئس ڏٺو ته، يا ته هن کي فلسفي
ٿيڻو پوندو، يا ته وري حڪومت کان هٿ صاف ڪرڻا
پوندا، تڏهن هو رُڪيو. هن معاملي جي انتها، هڪ
سخت جهيڙي سان ٿي، عام طور روايت ڪئي ويندي
آهي، ته افلاطون کي غلام ڪري وڪيو ويو. آخرڪار
سندس دوست ۽ شاگرد، ائنيسيرس
(Anniceris)
کيس بچايو. جڏهن افلاطون جي، اٿينس ۾ رهندڙ
پوئلڳن کي ان بابت خبر پيئي، تڏهن انهن
آزاديءَ جي قيمت ڏيڻ لاءِ خواهش ڏيکاري، پر
ائنيسيرس، ائين چوندي، پئسن وٺڻ کان انڪار
ڪيو، ته صرف اٿينس جي رهواسين کي، فلسفي جي
مدد ڪرڻ جو حق هئڻ نه گهرجي. هن چُپندڙ تجربي
کانپوءِ، افلاطون جي اک کلي. سندس آخرين تنصيف
قاعدا
(Laws)
۾ جيڪا قدامت پسندي آهي، سا انهيءَ آزمودي جو
نتيجو آهي.
پر هن جي زندگيءَ جا آخري ڏينهن خوشگوار رهيا. هن جا شاگرد،
دنيا ۾ ٽڙي پکڙجي ويا ۽ ڪاميابي حاصل ڪري،
پنهنجي استاد جي عزت ۽ شان وڌايائون. هو
پنهنجي ائڪيڊميءَ ۾ صلح سانت جي زندگي گذارڻ
لڳو. شاگردن جي هڪ گروهه کان ٻئي گروهه تائني
ويندو رهيو، سندن آڏو، ڳرا مسئلا ۽ سخت ڪم پيش
ڪندو رهيو، جن تي هو تحقيق ۽ جستجو ڪندا رهيا.
سندن استاد کين پنهنجا جواب ۽ بيان ڏيندو
رهيو. ”لا رچيفو ڪالڊ
(la Rechafoucauld)
“ چيو آهي ته، ”ٿورن کي خبر آهي ته پوڙهو ڪيئن
ٿجي.“ افلاطون کي خبر هئي، ته ”سولن“ وانگر
ڪيئن لکجي ۽ ”سقراط“ وانگر ڪئين پڙهائجي.
مشتاق نوجوانن جي ڪيئن رهنمائي ڪجي ۽ دوستن
لاءِ ڪيئن ذهني محبت پيدا ڪجي. ان لاءِ هن جا
شاگرد کيس محبت ڪندا هئا ۽ هو کين محبت ڪندو
هو. هو نه رڳو سندن دوست پر هڪ فلسفي ۽ رهبر
پڻ هو.
هن جي شاگردن مان، هڪ کي شاديءَ جهڙيءَ عميق غار جو مقابلو ڪرڻو
پيو. پنهنجي استاد کي شاديءَ جي دعوت ڏنائين.
افلاطون، اسي سالن جي روحاني دولت سان، تشريف
فرما ٿيو ۽ ٻين نوجوانن سان خوشيءَ ۾ شامل
ٿيو، پر جيئن ڪافي وقت کل خوشيءَ سان گذري
ويو، تيئن آخرڪار، افلاطون گهر جي هڪ خاموش
ڪمري ۾ وڃي، خلوت نشين ٿي. هو هڪ آرام ڪرسيءَ
تي آرام ڪرڻ لاءِ ليٽي پيو. صبح جو جڏهن مجلس
خير ۽ خوبيءَ سان ختم ٿي، تڏهن ٿڪل، خوشي
ملهائيندڙ ساٿي کيس سجاڳ ڪرڻ لاءِ آيا. انهن
ڏٺو ته، رات جي دوري ۾، خاموشيءَ ۽ سڪون سان،
هو دائمي خوابگاهه ۾ پهچي چڪو آهي. سڀ اٿينس
جا رهواسي، عزت ۽ احترام سان، سندس آخري
آرامگاهه تائين، سندس پويان هليا.
(2)
قانون
(Laws)،
صفحو 789، ليکڪ: افلاطون.