سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
فلسفي جي ڪهاڻي |
باب:
-- |
صفحو :10 |
يهودين جي اڪثريت ٻنهي مان وڌيڪ سختيءَ وارو
ڪم چونڊيو ۽ هو سڀ اهڙي ملڪ جي ڳولا ۾ رهيا،
جو کين پناهه ڏئي. ڪيترن سفر اختيار ڪيو ۽
اٽليءَ جي بندرن طرف روانا ٿيا. اتي انهن کي
ملڪ اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڪانه ڏني وئي.
مفلسي، تنگ حالي ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ هو
آفريڪا جي ڪناري تائين پهتا. اتان جي ماڻهن
سمجھيو، ته ڪيترن يهودين قيمتي هيرا جواهر
ڳڙڪائي ڇڏيا آهن، ان ڪري کين بي رحميءَ سان
ماريو ۽ چيريو ويو. ڪن ٿورن کي وينس شهر اندر
داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي، ڇاڪاڻ ته اتان جي
رهاڪن محسوس ڪيو، ته وينس جي سامونڊي اقتدار
وڌائڻ ۾ يهودين جو ڪافي هٿ هو. ٻين ڪولمبس کي
سفر اختيار ڪرڻ لاءِ مالي امداد ڏني. شايد
ڪولمبس سندن ئي نسب جو فرد هو ۽ کين اميد هئي.
ته هو هڪ اعليٰ بحري سياح جي حيثيت ۾ کين هڪ
نئون وطن ڳولي ڏيندو. انهن جي هڪ وڏي تعداد ان
وقت جي ڪمزور جهان ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ طرف رخ
رکيو ۽ انگلينڊ ۽ فرانس جي دشمن ملڪ جي وچ ۾
وڏي دل واري هالينڊ ڪجهھ قدر سندن ڀليڪار ڪئي.
انهن ۾ پورچوگيز يهودين جو هڪ ڪٽنب هو، جنهن
جو نالو هو اسپنوزا.
ان وقت کان وٺي اسپين جو زوال شروع ٿيو ۽
هالينڊ ترقي ڪئي. سن 1598ع ۾ يهودين ائمسٽرڊ
(Amsterdam)
۾ پنهنجو پهريون عبادت گهر تعمير ڪيو. ان کان
75 سال پوءِ جڏهن هنن يورپ ۾ سڀ کان اعليٰ
عبادت گهر جي تعمير ڪئي، تڏهن سندن عيسائي
پاڙيسرين سندن مالي امداد ڪئي. هاڻي يهودي
خوشيءَ سان زندگي گذارڻ لڳا. پر سترهين صدي جي
وچ ڌاري سندن عبادت خاني ۾ به مخالفت جو ٻج
ڇٽجي ويو، جنهن ڪري يهودين ۾ گهرو اڻبڻت ٿي
پئي. يورل، هڪ جوشيلو جوان پيدا ٿيو، جنهن تي
جاڳرتا ڪافي اثر ڪيو هو. هن هڪ مضمون لکيو،
جنهن ۾ ’ موت کان پوءِ زندگيءَ‘ جو کليل لفطن
۾ انڪار ڪيائين. هيءُ منفي عقيدو قديم يهودين
جي نظرئي مطابق هو. پر يهودين ان نوجوان کي
مجبور ڪيو، ته پنهنجي ڪفر جي ڪلمي کي واپس وٺي
ڇاڪاڻ ته انهن کي ڊپ هو، ته متان عيسائي، جن
فراخدليءَ سان سندن ڀليڪار ڪئي هئي، ناراض نه
ٿين. اهو ڄڻ ته عيسائيت جي روح تي حملو هو.
توبهه ڪرڻ جو قاعدو هوندو هو، ته گهنگار عبادت
خاني جي چائنٺ تي سمهي پئي تان جو سڀ عبادت
ڪندڙ سندن جسم مٿان لنگهي وڃن. پاڻ کي اهڙي
ريت بي عزتو ٿيندو ڏسي، اهو نوجوان پنهنجي گهر
ويو، سندس مٿان ظلم ڪندڙ جي تذليل لاءِ هڪ
موتمار مضمون لکيائين ۽ پاڻ کي گوليءَ سان
اڏائي ڇڏيائين.
هي سن 1640ع جو واقعو آهي. ان وقت، اسپنوزا،
موجوده زماني جو سڀ کان اعليٰ يهودي ۽ موجوده
فلسفين مان سڀ کان اعليٰ فلسفي، اٺن سالن جو
ٻار ۽ عبادت خاني جو هر دلعزيز شاگرد هو.
ب- اسپنوزا جي تعليم:
The Education of Spinozia
يهودين جو اهو المناڪ سفر اسپنوزا جي ذهن جو
پس منظر بڻيو. جيتوڻيڪ هن کي سماج مان خارج
ڪيو ويو، پر تنهن هوندي به هو هڪ پڪو يهودي
هو، جنهن جو پنهنجي قوم لاءِ احساس مٽجڻ جو نه
هو. سندس والد ڪامياب واپاري هو، پر هن نوجوان
جو ڌنڌي طرف لاڙو ڪونه هو. عبادت خاني اندر ۽
ان جي چوطرف وقت گذارڻ کيس وڌيڪ پسند هو.
پنهنجي قوم جي تواريخ ۽ مذهب کي سمجھڻ جي ڪوشش
ڪندو رهيو. هو هڪ تيز فهم عالم ۽ سندس قوم جا
وڏا ائين سمجھندا هئا، ته نيٺ هو پنهنجي مذهب
۽ قوم لاءِ هڪ اعليٰ نور ثابت ٿيندو. بائيبل
کي پڙهڻ کان پوءِ، هو تلمرد
جون ڳوڙهن خيالن واريون تشريحون پڙهڻ لڳو انهن
تشريحن ۾ مائيمونائيڊس
(Maimonides)،
ليوي بين جرسن
(Levi ben Gersen)،
ابن عذرا
(Ibn Ezra)
۽ هڊائي ڪرسڪس
(Hasdai Gresees).
ان کان پوءِ قديمي صوفي مصنفن ابن جبرائيل ۽
ڪارڊووا واري موسيٰ جا لکيل ڪتاب علمي ذوق سان
پڙهڻ لڳا.
ڪارڊووا واري موسيٰ خدا ۽ ڪائنات جي مطابق
جيڪو خيال ظاهر ڪيو هو، جنهن اسپنوزا تي ڪافي
اثر ڪيو. بين جرسن
(Ben Gersen)
پڻ ساڳي خيال جو اظهار ڪيو هو ۽ دنيا کي غير
فاني ڪري تسليم ڪيو هئائين. هاسدي ڪرد ڪاس جو
عقيدو هو ته مادي جي ڪائنات، خدا جو جسم آهي.
مئمونائيڊس، اوريروز
(Arerroes)
جي ان نظرئي تي پسند نه ڪري بحث ڪيو هو، ته
لافانيءَ حياتي کي ڪوبه وجود نه آهي. پر
اسپنوزا ”گمراهن جي رهبر“ مان رهبريءَ کان
وڌيڪ گمراهي حاصل ڪئي، ڇاڪاڻ ته ان بزرگ ربيءَ
جوابن ڏيڻ کان وڌيڪ سوال ڪيا هئا. اسپنوزا
توريت ۾ تڪرارن / اختلافن ۽ اڻ امڪانيت وارا
خيال ۽ واقعا پڙهيا، جن سندن دل تي اهڙو، ته
گهرو اثر ڪيو هو، جو يهودي عالم مئونائيڊس جي
شرح پڻ ان کي مٽائي نه سگهي. ڪنهن به مذهب جا
سڀ کان وڌيڪ گهرائيءَ سان بچاءُ ڪندڙ ان مذهب
جا سڀ کان وڏا دشمن آهن، ڇاڪاڻ ته خيالي
گهرائي شڪ شبهو پيدا ڪري ٿي ۽ من کي جنبش ۾
آڻي ٿي. مئونائيڊس جي تحرير جيڪڏهن ان قسم جي
هئي، ته ان کان به وڌيڪ ساڳي حالت ابن ازرا جي
شرح جي هئي. ابن ازرا جي تصنيف ۾ ان پراڻي
مذهب جا مسئلا وڌيڪ صفائي ۽ آسانيءَ کان پيش
ڪيا ويا. ڪڏهن ڪڏهن ته هن ڪن مسئلن تان هٿ کڻي
ويو، ڇاڪاڻ ته انهن جو حل ممڪن ئي نظر نه ٿي
آيو. مطلب ته جيتري قدر وڌيڪ اسپنوزا مطالعو
ڪيو، اوتري قدر تيزيءَ سان سندن يقين ڪمزور
ٿي، عجب ۽ شڪ جي صورت اختيار ڪئي.
سندن شوق تجسس کيس مجبور ڪيو، ته هو تحقيق
ڪري، ته عيسائي دنيا جي مفڪرن خدا ۽ انساني
مقدر بابت ڇا لکيو هو. ان ڪري هن لئٽن زبان
سکڻ شروع ڪئي، سندس تجربي ۽ علم جو دائرو وڌيڪ
وسيع ٿيو. سندس نئون استاد وان ڊين اينڊ
(Van den Ende)
خود مذهبي عقيدن جو پڪو ڪونه هو، پر فرقن ۽
حڪومتن جو نقاد هو. هو هڪ خطرو کڻندڙ شخص هو،
جيڪوپنهنجي ڪتب خاني کان قدم ٻاهر ڪڍي، فرانس
جي بادشاهه خلاف هڪ منصوبي ۾ شامل ٿيو ۽ سن
1674ع ۾ ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو. ان کي هڪ سهڻي
ڌيءَ هوندي هئي، جنهن اسپنوزا جي دل ۾ ڪافي
جڳهه پيدا ڪئي، پر اها خوبصورت نوجوان ڇوڪري
اهڙي ذهين نه هئي، جو هوءَ اسپنوزا کي بهتر
نصيب تي ترجيح ڏئي، جڏهن هڪ ٻيو عاشق ميدان ۾
آيو ۽ وڌيڪ قيمتي سوکڙيون نذر ڪيائين، تڏهن
سندس دل ۾ اسپنوزا لاءِ ڪابه دلچسپي باقي نه
رهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، ته ان گهڙيءَ کان
وٺي اسان جو هيرو فلسفي بڻجي ويو.
بهرحال هو لئٽن زبان تي حاوي ٿي. ان ذريعي هو
قديم ۽ وڃين جي يورپي خيال مان واقف ٿيو. هن
سقراط، افلاطون ۽ ارسطو کي پڙهيو، پر انهن کان
وڌيڪ کيس ائٽمي نظريي جا عالم پسند هئا، جن جا
نالا آهن ڊيموڪرائٽس، اپيڪيورس ۽ ليوڪريٽس.
يونان جي زاهدن پڻ سندس دماغ تي گهرو اثر ڪيو.
ڪتبن جي فلسفين جو پڻ اڀياس ڪيائين، انهن وٽان
نه صرف اصطلاحن جو ذخيرو حاصل ڪيائين، پر ساڳي
وقت جاميٽريءَ جو طريقو پڻ سکيو.
هن برونو
(Bruno)
(1548 – 1600ع) جو اڀياس پڻ ڪيو، جيڪو هڪ وڏو
انقلابي هو، جنهن جا شعلا ڪوهه ڪاف جبل جي برف
پڻ وسائي نه سگهي. ’هو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۽
هڪ فرقي کان ٻئي فرق طرف ڦرندو گهرندو رهيو ۽
جنهن دروازي کان اندر داخل ٿيو، ان کان ئي وري
ٻاهر نڪري آيو. هو هميشه تجسس ڪندو رهيو ۽
قدرتي ڪاروبار تي تعجب کائيندو رهيو. آخرڪار
عدالت فتويٰ ڏني، ته هن کي، جيتري قدر ممڪن ٿي
سگهي، کيس جيئري جلايو وڃي. هن رومانوي اٽليءَ
۾ ڪهڙي نه خيالن جي دولت آهي! سڀ کان اول هو
سندس خيال جي وحدانيت، سموري حقيقت پنهنجي
بنياد ۽ سبب ۾ هڪ ئي وجود ۾ آهي، الله تعاليٰ
۽ حقيقت هڪ آهن. سندس خيال موجب ذهن ۽ جسم هڪ
آهن. حقيقت جو هرهڪ جزو نفس ۽ مادي جو ٺهيل
آهي، جن کي جدا نٿو ڪري سگهجي، ان ڪري فلسفي
جو مقصد آهي، اڪثريت ۾ وحدانيت ڏسڻ، مادي ۾
ذهن ڏسڻ ۽ ذهن ۾ مادو ڏسڻ، هڪ مرڪب ڳولهي
لهڻ، جنهن ۾ متضاد قوتون ملي هڪ ٻئي ۾ جذب ٿي
وڃن، عالمگير وحدانيت جي اعليٰ علم تائين
پهچڻ، ذهني طور خدا تعاليٰ سان عشق ڪرڻ جي
برابر آهي. انهن خيالن مان هرهڪ اسپنوزا جي
خيالي نظام جو هڪ اهم حصو بڻيو.
آخر ۾ سڀ کان وڌيڪ هن تي ڊيڪارٽ جو اثر ٿيو،
جيڪو جديد زماني جي داخليت
(Subjective)
۽ خياليت
(Idealistic)
جو ابو هو. سندس فرانسسي پوئلڳن ۽ انگريز
دشمنن جي راءِ موجب سندن مرڪزي نڪتو آهي، شعور
جي فوقيت يعني سندس خيال آهي ته ذهن پنهنجي
پاڻ کي ٻي ڪنهن به شيءِ کان وڌيڪ تيزي سان ۽
سڌي طرح سڃاڻي ٿو. ٻاهرين دنيا بابت ان کي
معلومات حَسن
(Sensation)
۽ ادراڪ
(Perception)
ذريعي ٿئي ٿي. تنهن ڪري فلسفي کي شخصي نفس کان
شروعات ڪرڻ گهرجي ۽ هنن لفظن ۾ پهريون دليل
پيش ڪرڻ گهرجي ”مان شڪ ڪريان ٿو، تنهن ڪري مان
آهيان.“
(Cogito, ergo Sum)
شايد هن شروعاتي نقطي ۾ جاڳرتا جي دور جي
انفراديت سمايل هجي، بلڪل ان ۾ آئنده جي فڪر
لاءِ ڪافي خيرو موجود هو. هاڻي علميت
(Epistemology)
جي عظيم بازي شروع ٿي، جنهن ۾ ليبنيز
(Leibnitz)،
لاڪ
(Loclce)،
برڪلي
(Berlceley)،
هيوم
(Hume)
۽ ڪانٽ
(kant)
حصو ورتو. ٽن سئو سالن جي فلسفياڻي جنگ شروع
ٿي وئي، جنهن جديد فلسفي کي هڪ طرف تحرڪ ۾
آندو، ته ٻئي طرف سندس تباهيءَ جو ڪارڻ بڻي.
پر ڊيمڪارٽس جي خيال جي مٿئين پهلوءَ اسپنوزا
۾ ڪابه دلچسپي پيدا نه ڪئي. علميت جي سرنگهن ۾
گمراهه ٿيڻ کيس پسند ڪونه هو. جنهن ڳالهه کيس
متاثر ڪيو، سا هئي ڊيڪارٽ جونظريو، ته مادي جي
سڀني صورتن اندر هڪڙيءَ قسم جو
(Homogeneous)
جوهر سمايل آهي ۽ ساڳيءَ ريت نفس جي سڀني
صورتن اندر هڪ ٻيو يڪسان جوهر سمايل آهي. پر
حقيقت کي ان ريت جدا ڪري، ٻن اصلي جوهرن ۾
ورهائڻ اسپنوزا جي وحدانيت واري جذبي لاءِ
چئلينج هيو. ساڳي وقت ان نظرئي سندس خيالن ۾
ٻج ڇٽي، ان کي آباد ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڪيو.
ڊيڪارٽ جي خواهش، ته خدا جي روح کان سواءِ هر
شيءَ کي ميڪانيڪي ۽ رياضي قاعدن مطابق
سمجھائجي، ان خيال سندس دماغ تي ڪافي اثر پيدا
ڪيو. ان خيال موافق لينارڊو ۽ گئليلو طرف واپس
ورڻ فائديمند آهي ۽ اهو خيال شايد اها ڳالهه
ظاهر ڪري ٿو، ته اٽليءَ ۾ ان وقف مشينري ۽
صنعت جي
(Homogenous)
ترقي ٿي رهي هئي. ڊيڪارٽ چوي ٿو، ته شروع ۾
فقط هڪ قسم جو جوهر هو، جنهن کي خدا پنهنجي
ارادي مطابق حرڪت ۾ آندو، تنهن کان پوءِ آهستي
آهستي سڀ فلڪي ۽ زميني ۽ غير نفسي نظام ٺهي
راس ٿيا ۽ ارتقا ڪندا رهيا. ڪنهن به جانور يا
انسان جي جسم جي هرهڪ حرڪت هڪ ميڪانيڪي حرڪت
آهي. مثلاً رت جو دورو ۽ شعوري يا غير شعوري
عمل سڄي دنيا ۽ هرهڪ جسم مشين آهي، پر دنيا
کان ٻاهر الله آهي ۽ جسم ۾ روح سمايل آهي. ان
جاءِ تي ڊيڪارٽ بيهي رهيو، پر اسپنوزا شوق سان
اڳتي قدم وڌائيندو رهيو.
ت- نيات نيڪالي:
Excommanication
اهي هئا سندس دماغ تي شروعاتي اثر. هو ظاهري
طرح بلڪل خاموش نوجوان هو. پر سندس اندر ڪڙهي
رهيو هو. سن 1656ع ۾ هو عبادت خاني جي بزرگن
آڏو پيش ڪيو ويو ۽ هن تي ڪفر جو الزام مڙهيو
ويو. کانئس پڇيو ويو، ته ڇا اها حقيقت هئي، ته
هن پنهنجن دوستن کي چيو هو، ته شايد خدا کي
جسم به هجي يا شايد مادي دنيا خدا جو جسم هجي؟
ڇا هن چيو هو، ته فرشتا شايد نظر جو فريب هجن؟
ڇا سندس خيال موجب روح به محض زندگي آهي؟ ڇا
هن ظاهر ڪيو هو، ته توريت ۾ لافاني زندگيءَ
بابت ڪجھه به چيل ڪونهي؟
اسان کي خبر به ڪانه آهي، ته هن ڪهڙو جواب
ڏنو. اسان کي فقط اها خبر آهي، ته کيس هر سال
500 سڪن جي آڇ ڪئي وئي، ان شرط تي گهٽ ۾ گهٽ
ظاهري طرح هو عبادت خاني ۾ مذهب سان وفادار
هوندو. هن انڪار ڪيو، جنهن ڪري 27 جولاءِ
1656ع ۾ هن کي عبراني رسم ۽ رواج جي تڪليف
واري ريت مطابق پنهنجي قبيلي مان خارج ڪيو
ويو. ”جنهن وقت مٿانئس لعنت پڙهي پئي ويئي، ان
وقت هڪ وڏي سڱ جو طويل ۽ دردناڪ آواز پئي ٻڌڻ
۾ آيو. شروع ۾ سڀ بتيون پئي چمڪيون، پر پوءِ
آهستي آهستي هڪ هڪ بتي وسائي پئي وئي. آخر ۾
تاريڪي ڇائنجي وئي. اهو اشارو ان طرف هو ته
خارج ٿيل ماڻهوءَ جي روحاني زندگي ختم ٿي چڪي
هئي.“
جن لفظن ۾ کيس خارج ڪيو ويو ۽ مٿانئس ڦٽ لعنت
جي برسات وسائي وئي، سي وئن لوٽن اسان جي آڏو
پيش ڪيا آهن: ”مذهبي ڪائونسل جا اڳواڻ اعلان
ٿا ڪن، ته انهن کي اسپنوزا جي بدخيالن ۽ عملن
بابت يقين ٿي چڪو آهي، ڪيترن طريقن ۽ ڪوششن
سان هنن کيس بديءَ جي رستن کان موڙڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. پر جيئن ته کيس سنئين راهه تي آڻڻ ۾
ڪاميابي حاصل ڪونه ٿي آهي، جيئن ته هو هر روز
پنهنجي ڪفر جي ڪلمن جو چٽي نموني اعلان ڪندو
رهي ٿو ۽ بي ادبيءَ سان انهن جي تبليغ ڪندو
رهي ٿو، جيئن ته ڪيترن معتبرن سندن خلاف حق جي
شاهدي ڏني آهي، تنهن ڪري کيس ڏوهي ٺهرايو وڃي
ٿو. سڄي معاملي جو غور سان اندازو لڳائي،
ڪائونسل جا اڳواڻ، ٻين سڀني ميمبرن جي يڪراءِ
منظوريءَ سان فيصلو ٿا ڪن، ته هن کي ڏوهاري
ٺهرايو وڃي، هن کي بني اسرائيلين کان جدا ڪيو
وڃي ۽ هن گهڙيءَ کان وٺي هن کي بددعا ڏني وڃي.
فرشتن جي فيصلي سان ۽ ولين جي فتويٰ سان، اسان
اسپنوزا تي لغنت ۽ ملامت ڪريون ٿا، کانئس نفرت
ڪريون ٿا ۽ کيس نيڪالي ڏيون ٿا. اها ڳالهه
مقدس ڪتابن جي سامهون، جن ۾ ڇهه سو تيرنهن
نصيحتون لکيل آهن، سڄو قبيلو قبول ٿو ڪري. شل
ڏينهن جو هن مٿان لعنت هجي، شل رات جو هن مٿان
لعنت هجي. سمهڻ وقت مٿانئس لعنت هجي ۽ اٿڻ وقت
مٿانئس لعنت هجي، ٻاهر وڃڻ وقت لعنت هجي ۽
اندر داخل ٿيڻ وقت لعنت هجي. اي خدا تون کيس
ڪڏهن به معاف نه ڪر ۽ کيس ڪڏهن به پنهنجو نه
ڪر. اي خدا! تون پنهنجي غضب ۽ ناراضگيءَ جي
باهه سان هن کي جلاءِ، قاعدي جي ڪتاب ۾ جيڪي
به لعنتون لکيل آهن، سي هن مٿان اڇلاءِ ۽ فلڪ
هيٺان سندس نالو ۽ نشان گم ڪري ڇڏ! اي خدا تون
بني اسرائيلين جي سڀني قبيلن کي سندس بڇڙائيءَ
کان بچاءِ. اي خدا تون انهن سڀني کي بچاءِ
جيڪي تنهنجا نيڪ فرمانبردار آهن!
سڀني کي نصيحت ڪئي ٿي وڃي، ته هو هن سان گفتگو
نه ڪن، ساڻس لکپڙهه نه ڪن، سندس ڪنهن به قسم
جي خدمت نه ڪن، ساڳيءَ ڇت هيٺان تحرير نه
پڙهن، جيڪا هن لکي هجي يا ٻين کان لکائي هجي.“
اسان کي عبادت خاني جي اڳواڻن خلاف فتويٰ ڏيڻ
۾ تڪڙ ڪرڻ ڪونه گهرجي، ڇاڪاڻ ته کيس نازڪ
حالتن جو مقابلو ڪرڻو پيو. هو ان ڳالهه کان
ڊنا ٿي، ته مٿن اهو الزام لڳايو وڃي، ته
مذهبي آزاديءَ بابت هو به اهڙا ئي تعصبي هئا،
جهڙي عدالت، جنهن کين اسپين مان تڙي ڪڍيو. پر
ساڳي وقت هنن اهو پڻ محسوس ڪيو، ته هالينڊ ۾
سندن ميزبانن جيڪا سندن خاطرداري ڪئي هئي،
تنهن کي ڳُڻ مڃڻ لاءِ اهو لازمي هو ته ان
ماڻهوءَ کي خارج ڪيو وڃي، جنهن جي شڪن شبهن نه
رڳو يهوديت جي بنيادي عقيدن سان ٽڪراءُ ۾ هجن،
پر ساڳي وقت عيسائي عقيدن جي پڻ پراٽيسٽنٽ
فرقي جو فلسفو به اهڙو آزاد ۽ شائسته نه هئو،
جهڙو هن زماني ۾ آهي. مذهبي لڙاين هرهڪ فرقي
کي پنهنجي پنهنجي کڏ والارڻ لاءِ مجبور ڪيو.
هرهڪ فرقي وارن پنهنجي فرقي جي بچاءَ واسطي حق
جي راهه ۾ رت قربان ڪيو هو، جنهن ڪري کين
پنهنجي فرقي جي عقيدن سان بي انتها محبت هئي.
ڊچ اختياريءَ نسل وارا يهودي قبيلي کي ڇا
چوندا، جنهن حفاظت ۽ رواداريءَ جي عيوض هڪ نسل
۾ يوريل
(Costa)
پيدا ڪيو ته ٻئي نسل ۾ اسپنوزا؟ ان کان سواءِ
ڏاهن خيال ڪيو، ته مذهبي يڪسانيت ئي يهودين جي
ننڍي قبيلي کي منتشر ٿيڻ کان بچائيندي ۽ اتحاد
قائم ڪندي. ان ذريعي ئي سندن قوم دنيا ۾ زندهه
رهندي. جيڪڏهن کين پنهنجي رياست هجي ها، کين
پنهنجو گهرو قاعدو قانون هجي ها، کين پنهنجا
دنياوي طاقت جا ادارا هجن ها، جن ذريعي
اندريون اتحاد ۽ ٻاهريون احترام حاصل ڪري سگهن
ها، ته پوءِ جيڪر وڌيڪ آزاد خيال هجن ها. پر
سندن مذهب ۾ ئي سندن ايمان ۽ حب الوطنيءَ جو
جذبو سمايل هو، پر ساڳئي وقت اجتماعي ۽ سياسي
زندگيءَ جو مرڪز پڻ هو، توريت ئي سندن گهمندڙ
ڦرندڙ وطن هو، جنهن جي سچائي تي اسپنوزا شڪ جو
اظهار ڪيو هو. انهن حالتن هيٺ هنن سمجھيو، ته
ڪفر غداري آهي ۽ رواداري خودڪشي آهي.
شايد ڪو محسوس ڪري، ته اهو چڱو ٿئي ها، جيڪڏهن
بهادري سان هو سڀني خطرن جو مقابلو ڪن ها. پر
ٻين بابت اتفاق سان فيصلو ڪرڻ اهڙو مشڪل آهي،
جهڙو پنهنجي جسم جي کل کان ٻاهر نڪرڻ، شايد
ميناسيح بن اسرائيل
(Menasseh ben Israil)،
ائمسٽرڊم جي يهودين جي اڳواڻ هڪ اهڙو رستو
ڳولي ڪڍي ها، جنهن ذريعي يهودي۽ اسپنوزا گڏجي
صلح ۽ التجا ڪري رهيو هو، ته هو انگلينڊ جا
دروازا يهودين لاءِ کولي. مقدر ۾ لکجي ويو هو،
ته اسپنوزا عالم انسانيءَ جو محبوب بڻجي.
(ث) اڪيلائي ۽ موت:
Retirement and Death
هن بردباريءَ سان پنهنجي نيات نيڪاليءَ
[برادريءَ مان ڪڍڻ] کي قبول ڪيو. ”اها مون کي
ڪنهن به ان ڳالهه ڪرڻ لاءِ مجبور نه ٿي ڪري،
جيڪا مون کي هر صورت ۾ ڪرڻ نه گهربي هئي.“ پر
حقيقت ۾ هو ڄڻ ته اونداهيءَ ۾ سيٽيون وڄائي
رهيو هو. هڪ نوجوان شاگرد کي هاڻي ڪڙي ۽
بيرحيم اڪيلائيءَ جو مقابلو ڪرڻو پيو.
اڪيلائيءَ جهڙي بري بلا ٻي ڪانه آهي.
اڪيلائيءَ جي سڀني نمونن کان اها اڪيلائي وڌيڪ
مشڪل آهي. جنهن ۾ هڪ يهوديءَ کي پنهنجي قوم
کان علحده زندگي گذارڻي پوي ٿي. پنهنجي قديمي
ايمان وڃائڻ ڪري هو اڳ ۾ ئي گهڻو ڀوڳي چڪو هو.
اهڙيءَ ريت اهو سڀ ڪجهھ ڪنهن جي ذهني مقصد جون
پاڙون پٽجڻ هڪ وڏي آپريشن جهڙو آهي، جيڪا
ڪيترا زخم پيدا ڪري ٿي. جيڪڏهن اسپنوزا ٻئي
ڪنهن مذهب ۾ داخل ٿئي ها، ۽ رڍن وانگر ٻئي
ڪنهن متعصب ۽ تنگ فرقي جي چوديوارين اندر پاڻ
کي قيد ڪري ها، ته جيڪر هڪ مريد وانگر دلي
تسڪين حاصل ڪري ها، جيڪا هو وڃائي چڪو هو. پر
هو ٻئي ڪنهن فرقي اندر داخل ٿيڻ لاءِ تيار نه
هو ۽ هن پنهنجي سڄي زندگي خاموشيءِ ۾ گذاري.
سندس والد کي وڏيون اميدون هيون، ته هو هڪ
عبراني عالم جي حيثيت ۾ وڏي شهرت جو مالڪ
بڻبو، پر هاڻي ان به کيس پنهنجن نظرن کان دور
ڪيو. سندس ڀيڻ ٺڳي ڪري، کانئس ٿورڙي جائداد
کسڻ جي ڪوشش ڪجي. سندس شروعاتي دوست پڻ کانئس
منهن موڙڻ لڳا. ان ۾ ڪوبه عجب ڪونهي ته هن ۾
رحم دلي بنهه ڪانه آهي. ان ۾ڪوبه عجب ڪونهي،
ته جڏهن هو قاعدي جي محافظن بابت خيال ڪري ٿو،
تڏهن نهايت تلخ بيانيءَ کان ڪم وٺي ٿو.
”دنيا ۾ ڪي اهڙا چند شخص آهن، جيڪي معجزن جي
سببن ڳولڻ جا خواهشمند آهن، جيڪي ڪائنات جي
شين کي فلسفين وانگر سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ٿا،
جيڪي انهن شين کي بيوقوفن وانگر انهن کي عجب
وچان نه ٿا ڏسن. اهڙن انسانن کي ڪافر ۽ پليت
سمجھيو وڃي ٿو. هجوم جا مرشد اهڙن انسانن جي
ملحد هئڻ جو اعلان ڪن ٿا. اهڙن مرشدن کي خبر
آهي، ته جيڪڏهن هڪ دفعو لاعلمي ختم ٿئي، ته
پوءِ هميشه لاءِ هجوم جي حيراني ختم ٿي ويندي
۽ هو پنهنجي اقتدار برقرار رکڻ جو واحد ذريعو
وڃائي ويهندا.“
پنهنجي قوم مان خارج ٿيڻ بعد ئي جلد هن کي هڪ
ڪڙو تجربو حاصل ٿيو. هڪ رات جيئن اسپنوزا
گهٽين ۾ چهل قدمي ڪري هيو هو، تيئن هڪ يهودي
بدمعاش، پنهنجي مذهبي جنون کي ثابت ڪرڻ لاءِ،
مٿس خنجر سان وار ڪيو. اسپنوزا ڦڙتيءَ سان هڪ
طرف ڦري پاڻ بچايو، پر ڳچيءَ وٽ هڪ هلڪو زخم
ٿي پيس. ان واقعي مان هو ان نتيجي تي پهتو، ته
دنيا اندر ڪي بلڪل ٿوريون جايون آهن، جتي هڪ
فلسفي رڳو محفوظ رهي سگهي ٿو. ان کان پوءِ
ائمسٽرڊم کان ٻاهر هڪ خاموش ڪمري ۾ رهڻ لڳو.
هن پنهنجو نالو برج
(Baruch)
کان بدلائي بين ڊڪٽ
(Benicidict)
سڏايو. سندن نوان ميزبان ميونائيٽ
(Mennonite)
فرقي جا عيسائي هئا، جيڪي هڪ ٻئي مذهب واري
انسان کي ڪنهن قدر سمجھي سگهيا ٿي. کين سندس
ڏکارو ۽ مهربان چهرو پسند آيو، کين خوشي ٿيندي
هئي، جڏهن اسپنوزا ڪڏهن ڪڏهن شام جو هيٺ لهي
ايندو هو، ساڻن گڏ تماڪ ڇڪيندو هو. ۽ پنهنجي
ڳالهه ٻولهه کي سندن سمجھه جي سطح جي برابر
هيٺ آڻي ڪندو هو. پهريائين هڪ ڀر واري اسڪول ۾
ٻار پڙهائي پنهنجو پيٽ گذر ڪندو هو، تنهن کان
پوءِ هن شيشن ۽ ليتزن صاف ڪرڻ جو ڪم ڪيو. ڄڻ
ته کيس انهن سڀني شين جي وهنوار لاءِ خاص لاڙو
هوندو هو. جيڪي شعاع کي منعڪس ڪن، جڏهن هو
يهودين جي قبيلي ۾ هوندو هو، تڏهن کان هن کي
نظر جي شيشن سان لاڳاپيل واپار جو ڪافي تجربو
حاصل هو. اهو عبراني متي مطابق هو، ته هرهڪ
شاگرد کي ڪونه ڪو هٿ جو ڌنڌو سکڻ گهرجي، نه
فقط ان لاءِ ته فقط علمي پڙهائي ۽ ايمانداريءَ
واري سکيا مشڪل سان ڪهن انسان کي روزي ڏئي
سگهندي پر ان لاءِ پڻ ته ڪم ڪار انسان کي نيڪ
بڻائي ٿو ۽ هرڪو عالم جنهن ڪوبه ڌنڌو نه سکيو
آهي، آخرڪار بدمعاش ٿي پوندو.
پنج سال پوءِ 1660ع ۾ سندس ميزبان لنڊن جي
ويجھو رائينسبرگ شهر ۾ پنهنجي جاءِ ورتي.
اسپنوزا پڻ ساڻس گڏ ويو. اها جاءِ اڃا تائين
موجود آهي ۽ اهو رستو ان فلسفي جي نالي سان
مشهور آهي. اهو هن لاءِ سادي رهڻي ۽ اعليٰ
خيالن وارو عرصو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن جا ڏينهن
هو پنهنجي ڪمري کان ٻاهر ڪونه نڪرندو هو. ان
دوران ۾ هو ڪنهن سان به ڪونه ملندو هو ۽ صرف
سادو کاڌو هن لاءِ مٿي آندو ويندو هو. شيشن جي
صفائي هو چڱيءَ ريت ڪندو هو. ايتري قدر جو هن
کي پيٽ گذر لاءِ ڪافي پيسو حاصل ٿيندو هو. کيس
ڏاهپ لاءِ ايتري ته محبت هئي، جو ڪامياب زندگي
هن جي نظر ۾ هيچ هئي، ڪوليرس
(Colerus)
جيڪو سندس پوئلڳ ٿيو ۽ جنهن سندس سوانح عمري
لکي آهي. سو چوي ٿو ته: ”هو هر هفتي پنهنجي
خرچ جو حساب ڪتاب ٺاهيندو هو، ان لاءِ ته
آمدني آهر، سال جو خرچ ڪري، ڪڏهن ڪڏهن گهر
وارن کي اشاري طور چوندو هو، ته هو هڪ نانگ
وانگر هو، جيڪو پنهنجي وات ۾ پڇ سان گول
ٺاهيندو آهي، ان جو مطلب هيءُ آهي، ته کس سال
جي آخر ۾ ڪابه پاڇي ڪانه پچندي هئي، پنهنجي
سادگيءَ باوجود هو خوش هوندو هو. جيڪي ماڻهو
کيس صلاح ڏيندا هئا، ته عقل کان وڌيڪ الهام ۾
اعتبار رکجي، تن کي هو جواب ڏيندو هو، ته
”جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي عقل سان حاصل ڪيل
ميوو غير قيمتي معلوم ٿيو آهي، پر تنهن هوندي
به عقل ڪم آڻڻ سان مون کي دلي تسڪين حاصل ٿئي
ٿي. فصل گڏ ڪرڻ ۾ مون کي راحت پهچي ٿي. ائين
ڪرڻ سان زندگيءَ جا ڏينهن غم ۽ ڏک ۾ نٿا گذرن،
پر صلحت خاموشيءَ، دلي سڪون ۽ خوشيءَ ۾ گذرن.“
هڪ درويش فرمايو آهي، ته ”جيڪڏهن نيپولين اهڙو
ئي ذهين ٿئي ها، جهڙو اسپنوزا ته تڏهن هو
اڪيلائي اختيار ڪري ها۽ ٻه چار ڪتاب لکي ها.“
اسپنوزا جون تصويرون جيڪي اسان کي دستياب ٿيون
آهن، سي اسان کي سندس شڪل شبيهه کان واقف ڪن
ٿيون، انهن کان علاوه اچو ته ڏسون ته ڪوليرس
سندس ڪهڙو بيان ڪيو آهي. ”هو وچين قد جو هو.
سندس چهري جا نقش سٺا هئا، پر رنگ ڪارو هئس.
سندس وار اوندها ۽ گهنڊيدار ۽ ڀرون ڊگها ۽
ڪارا هئا. سندس شڪل مان سڀ ڪو سولائيءَ سان
سمجھي سگهي ٿي، ته هو پورچوگيز يهودين جي نسل
مان هو. ڪپڙن بابت هو بي پرواهه هو ۽ گهٽ رتبي
واري شهر واسيءَ کان به سندس ڪپڙا بهتر نه
هئا. حڪومت جي اعليٰ ڪائونسلن مان هڪ وٽس
ملاقات لاءِ ويو. ۽ ڏٺائين، ته کيس گندو پهراڻ
پهريل هوس، جنهن تي ان ڪائونسلر مٿس ٽوڪ ڪئي ۽
هن کي هن ٻيو پهراڻ آڇيو. اسپنوزا جواب ڏنو ته
بهتر ڪپڙن مان انسان جو ربو وڌي نه ٿو، وڌيڪ
چيائين، ته هو علقمنديءَ جو ڪم نه آهي، ته
ڪنهن ڪمترشيءِ کي قيمتي پوشاڪ ۾ ويڙهي رکجي،
پر اساپنوزا جي لباس متعلق فلسفو، هميشه
رهبانيت تي دارومدار رکندڙ نه هو. هو چوي ٿو،
ته بي ڍنگا ۽ بي سليقي وارا ڪپڙا پائڻ جي ڪري
ماڻهو درويش ۽ ڏاهو نه ٿو ٿي پوي، ڇاڪاڻ ته
پنهنجي باري منافقانه لاپرواهي بدمزاجيءَ جي
نشاني اهي. صحيح علم ۽ حڪمت پاڻ اسان کي
سيکارن ٿا، ته ڪيئن بري ترتيبي ۽ ڪمتريءَ سان
مقابلو ڪريون.
راهينس برگ
(Rhynsburg)
پنجن سالن جي عرصي ۾ اسپنوزا ’عقل جو سڌارو‘
عنوان تي هڪ ننڍو مضمون لکيو. ان کان سواءِ
”جاميٽريءَ رستي ثابت ڪيل اخلاقيات“ تي پڻ هڪ
ڪتاب هن 1665ع ۾ لکي پورو ڪيائين. پر ڏهه سالن
تائين هن ان ڪتاب جي شايع ڪرڻ لاءِ ڪابه ڪوشش
ڪانه ڪئي. سن 1668ع ۾ ايڊرين ڪوئر باخ
(Adrian Koerbagh)
کي ساڳين خيالن کي ڇپائڻ جي ڪري جيل موڪليو
ويو. جتي هو ارڙهن مهينن کان پوءِ مري ويو.
جڏهن سن 1675ع ۾ اسپنوزا ائمسٽرڊم ۾ انهي خيال
سان ويو، ته هاڻي هو پنهنجو ڪتاب سولائيءَ سان
ڇپائي سگهندو، تڏهن اتي هڪ افواهه ڦهلجي ويو
ته اسپنوزا هڪ ڪتاب ڇپائڻ وارو هو، جنهن ۾ هن
خدا جي هستيءَ جي غير موجودگيءَ بابت ثابتيون
ڏنيون هيون، گهڻن ماڻهن کي ويساهه ٿي ويو، ته
اهو افواهه سچو هو، ڪيترا مذهبي ماڻهو، خود ان
افواهه ڦهلائڻ جا باني هئا، ان موقعي جو فائدو
وٺي، حاڪمن ۽ مصنفن وٽ مٿس الزام مڙهڻ لڳا. پر
چند دوستن، جيڪي هن جا گهڻ گهرا هئا، کيس
حالتن کان آگاهه ڪيو، جنهن ڪري هو پنهنجي ڪتاب
ڇپائڻ کان مڙيو ۽موقعي جي تاڙ ۾ رهيو، ته ڪڏهن
ٿيون حالتون خوشگوار ٿين.
اسپنوزا جي موت کان پوءِ ئي سندس ڪتاب
”اخلاقيات“ شايع ٿيو. ان سان گڏ سياسيات تي
مضمون ۽ انڊلٺ تي مضمون پڻ شايع ٿيا. اهي سڀ
ڪتاب اٽليءَ جي زبان ۾ لکيل هئا. جيڪا 17 صدي
جي يورپي فلسفي ۽ ماڻهن جي زبان هئي. ’خدا ۽
انسان‘ تي ڊچ زبان ۾ هڪ ننڍو مقالو وان ولوٽن
(Van Vloten)
کي سن 1852ع ۾ هٿ آيو. ظاهر طور اهو
’اخلاقيات‘ جو تيار ڪيل خاڪو هو. جيڪي ڪتاب
سندس زندگيءَ ۾ شايع ٿيا، سي هئا: ”ڊيڪارٽ جي
فلسفي جا اصول“ ۽ ”مذهب ۽ رياست تي مقالو“
پويو ڪتاب گمنام طور سن 1670ع ۾ ظاهر ٿيو. ان
تي حڪومت پابندي وڌي ۽ ان جي وڪري تي بندش وڌي
وئي. پر نوان سرورق تيار ڪيا ويا. جن ۾
ڏيکاريو ويو، ته اهو ڪتاب دوائن يا تاريخي
افساني جي باري ۾ آهي. ان ڪتاب جي ترديد ۾ بي
انداز ڪتاب تيار ڪيا ويا. هڪ مصنف هن کي سڀ
کان وڌيڪ پليت ملحد ڪري ڇڏيو. ان کان سواءِ
کيس ڪيترا خط مليا، جن ۾ کيس سڌرڻ جي صلاح ڏني
وئي. انهن خطن مان سندس هڪ پراڻي شاگرد جو
لکيل خط، جيڪوپوءِ ڪيٿولڪ ڌرم جو پوئلڳ ٿيو،
مثال طور پيش ڪجي ٿو:
”تون سمجهين ٿو، ته تو سچو فلسفو ڳولهي هٿ ڪيو
آهي. توکي ڪيئن خبر پئي، ته تنهنجو فلسفو،
گذريل زماني ۾ سيکاريل، هن زماني ۾ سيکاريل ۽
آئنده زماني جي فلسفي کان بهتر آهي؟ تو کي
ڪهڙي خبر ته مستقبل ۾ ڪهڙو فسلفو تخليق ڪيو
ويندو؟ ڇا تو قديمي هندوستاني ۽ سڄي دنيا جي
فلسفي کي جاچي ڏٺو آهي؟ فرض ڪجي، ته تو برابر
ايترو مطالعو ڪيو آهي، پر تهن هوندي به توکي
ڪهڙي خبر ته تنهنجي چونڊ بهترين آهي؟ ڇا توکي
ايتري همٿ ٿي آهي جو تون پاڻ کي سڀني بزرگن،
پيغمبرن، شهيدن، حڪيمن ۽ ڪليسا جي رهنمائن کان
وڏو ٿو سمجھين؟ تون هڪ نڀاڳو انسان آهين، تون
زمين جو ڪيڙو آهي. تون ڪيڙن ماڪوڙن جي خوراڪ
آهين. ڇا تون پنهنجي ذڪر نه ڪرڻ جهڙن ڪفر جي
ڪلمن سان ابدي ڏاهپ جو مقابلو ڪري سگهين ٿو؟
تو کي ان بدتميز، احمقاڻي، افسوسناڪ، لعنتي
نظرئي لاءِ ڪهڙيون ثابتيون آهن؟ توکي ڪهڙو
شيطاني عرصو هُشي ڏئي ٿو، جو تون معجزن بابت
فتويٰ ٿو ڏين، جن بابت ڪيٿولڪ فرقي وارن ظاهر
ڪيو آهي، ته اهي انساني سمجھه کان بالاتر
آهن.“
هيءُ آهي اسپنوزا جو جواب:
”تون ائين سمجھين ٿو، ته آخرڪار تو بهترين
مذهب ڳولهي هٿ ڪيو آهي، يا شايد تنهنجا استاد
سڀ کان اعليٰ آهن، جن ۾ تنهنجو اعتقاد پڪو ٿي
ويو آهي. تو کي ڪهڙي خبر ته اهي سڀني مذهبي
تعليم ڏيندڙن استادن کان بهترين آهن، جن ماضي
۽ حال ۾ سکيا ڏني آهي، يا جيڪي مستقبل زماني ۾
تعليم ڏيندا؟ ڇا تو سڀ قديمي ۽ موجوده مذهب
جاچي ڏٺا آهن، جيڪي هندوستان ۽ سڄي دنيا ۾
سيکاريا ويا آهن؟ فرض ڪجي، ته تو برابر ائين
ڪيو آهي، پر ان لاءِ ڪهڙي ثابتي آهي ته تنهنجي
چونڊ بهترين آهي.“
ان مان صاف ظاهر آهي، ته نرم دل فلسفي، موقعي
جي تقاضا آهر، مضبوطيءَ سان جواب ڏئي سگهيو
ٿي. پر سڀ خط اهڙي تيز ۽ تکي طرز جا نه هئا.
ڪيترا اعليٰ تهذيب ۽ رتبي وارن وٽان هئا. انهن
لکپڙهه ڪندڙن مان سڀ کان مشهور هو هينري اولڊن
برگ
(Henry Olden Buurg)،
جيڪو نئين جوڙيل ڪيل انگلينڊ جي رائل سوسائٽي
جو سيڪريٽري هو. ان کان سواءِ جرمتي جي نوجوان
ايجاد ڪندڙ امير وان شرينهاس
(Von Ischirnhaus)،
هالينڊ جي سائنسدان هائجينس
(Huggens)،
ليبنز جنهن سن 1676ع ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، هينگ
جي هڪ ڊاڪٽر لوئس ميئر
(Lous Meyer)
هئي. ائمسٽرڊم لکپڙهه ڪئي. انهن مان پوئين کي
سندس خيال اهڙا ته پسند آيا، جو هن کيس هڪ
هزار ڊالر قبول ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي، جيڪا
اسپنوزا ٺُڪرائي ڇڏي. ڪجهھ وقت پوءِ، جڏهن ان
واپاريءَ پنهنجي سڄي ملڪيت اسپنوزا کي ورثي ۾
ڏيڻ جو ارادو ظاهر ڪيو، تڏهن اسپنوزا کيس
مڃايو، ته هو پنهنجي ملڪيت پنهنجي ڀاءُ کي
ورثي ۾ ڏئي وڃي، جيڪو ئي سندس صحيح وارث هو.
جڏهن آخرڪار اهو واپاري مري ويو، تڏهن سندس
وصيت نامي ۾ لکيل هو، ته سندس ملڪيت مان هر
سال کيس 250 ڊالر ڏنا وڃن، وري به اسپنوزا
ائين چوندي انڪار ڪيو، ته قدرت ٿوري تي راضي
آهي، تنهن ڪري مان به ٿوري تي راضي آهيان. پر
نيٺ کيس هر سال 150 ڊالر قبول ڪرڻ لاءِ راضي
ڪيو ويو، ٻئي هڪ دوست جيئن ڊي وٽ
(De Witt)،
جو ڊچ ريپبلڪ جو اعليٰ منصب هو، کيس حڪومت
طرفان 50 ڊالر هر سال ڏياريا. آخرڪار شهنشاهه
لوئي چوڏهين
(Louis XIV)
به کيس چڱي پينشن عطا ڪئي، جنهن لاءِ هن صرف
هيءُ شرط وڌو ته هو پنهنجو نئون ڪتاب شهنشاهه
جي نالي سان منسوب ڪندو. اسپنوزا ادب سان
انڪار ڪيو.
پنهنجن دوستن ۽ لکپڙهه ڪندڙن کي خوش ڪرڻ لاءِ،
هو 1665ع ۾ هيگ جي پسگردائيءَ واري هڪ ڳوٺ
ووئر برگ
(Voorlourg)
۾ وڃي رهيو ۽ سن 1667ع ۾ خود هيگ شهر اندر رهڻ
لڳو. انهن ڏينهن ۾ جئن ڊي وٽ
(jan De witt)
سان پڪي پريت ٿي ويس. جڏهن جئن ڊي وٽ ۽ سندس
ڀاءُ کي گهٽين ۾ هجوم ان لاءِ قتل ڪيو، ته هو
ڊچ لشڪر جي فرينچ فوج کان سن 1672ع ۾ شڪست
لاءِ جوابدار هئا. تڏهن اسپنوزا اهڙي ڪميڻي ڪم
کان باخبر ٿيندي اچي رئڻ ۾ شروع ٿيو. جيڪڏهن
کيس روڪيو نه وڃي ها، ته ائنٿي وانگر هو جاءِ
واردات تي وڃي اهڙي گناهه کي صاف لفظن ۾ نندي
ها. جلد ئي پوءِ پرنس ڊي ڪانڊي، جيڪو فرينچ
فوجن جو اڳواڻ هو، کيس پنهنجي هيڊ ڪواٽر ۾ اچڻ
لاءِ دعوت ڏني، ته هو کيس فرانس طرفان پينشن
جي آڇ ڪري ۽ ڪجهھ فرانسسي شيداين جي ساڻس
ملاقات ڪرائي. اسپنوزا هڪ قوم پرست کان وڌيڪ
هڪ نيڪ يورپ واسيءَ جي حيثيت ۾ان دعوت قبول
ڪرڻ ۾ ڪابه برائي ڪانه ڏٺي. جڏهن هو واپس هيگ
پهتو، تڏهن سندس نئين ملاقات جون خبرون تمام
گهڻيون پکڙجي ويون ۽ ماڻهو ڪاوڙ واري لهجي ۾
ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳا. سندس ميزبان وان ڊين سپائيڪ کي
ڊپ ٿيو، ته متان ماڻهو سندس گهر تي حملو ڪن.
اسپنوزا کيس خاموش ڪيو ۽ ائين چيائين، ته ”مان
سولائيءَ سان پاڻ کي غداريءَ جي شڪ کان بچائي
سگهان ٿو. پر جيڪڏهن ماڻهو توکي نقصان پهچاڻ
لاءِ گڏ ٿيندا، جيڪڏهن هو هجوم ٺاهي تنهنجي
گهر آڏو گوڙ ڪندا، ته مان خود سندن منهن مقابل
ٿيندس، جيتوڻيڪ هر مظلوم ڊي وٽ وانگر منهنجو
پڻ خاتموڪرڻ چاهين.“ پر جڏهن هجوم کي خبر پئي،
ته اسپنوزا محض هڪ فلسفي آهي، تڏهن هوا ن
نتيجي تي پهتا، ته هو ضرور نقصانڪار نه هوندو،
اهڙي ريت ماڻهن جو گوڙ خاموش ٿي ويو.
اسپنوزا جي زندگي جيئن اسان کي انهن ننڍن
واقعن مان نظر اچي ٿي، اهڙي اڪيلائي ۽
گوشانشيني واري نه هئي، جيئن عام روايت ڪئي
ويندي آهي. هن جي مالي حالت ڪافي قدر محفوظ
هئي، هن جا هلندي پڄنديءَ وارا دوست ساڳي
طبيعت وارا هئا. هن کي ان زماني جي سياسي
معاملن سان دلچسپي هئي، هنجي زندگي اهڙن
جوکائتن ڪمن کان خالي نه هئي، جن تي ذري گهٽ
سندس زندگيءَ ۽ موت جو دارومدار هو. پنهنجي
قوم ۽ مذهب مان خارج ٿيڻ جي باوجود هن پنهنجي
زندگيءَ جو رستو ٺاهي، پنهنجي همعصرن ۾ عزت
حاصل ڪئي. اها ڳالهه ان مان صاف ظاهر آهي، ته
سن 1673ع ۾ هيڊلبرگ جي يونيورسٽيءَ هن کي
فلسفي جي ڪرسيءِ جي آڇ ڪئي، جنهن ۾ سندس بي
انتها احترام ۽ عزت ڪئي ويئي، ساڻس فلسفي جي
ڪمن ۾ مڪمل آزادي جو وعدو ڪيو ويو. ان شرط تي
هو ان آزاديءَ جو غلط فائدو وٺي قائم ٿيل مذهب
جي ترديد نه ڪندو. اسپنوزا خصوصيت سان جواب
ڏنو:
”محترم سائين! جيڪڏهن اها منهنجي آرزو هجي ها،
ته ڪنهن شعبي جي پروفيسريءَ جا فرائض سرانجام
ڏيان، ته جيڪر توهان جي آڇ قبول ڪري ضرور
پنهنجون خواهشون پوريون ڪريان ها. منهنجي نظر
۾ ان آڇ جي قيمت بلڪل وڌي وئي آهي، جيڪو فلسفي
بابت مڪمل آزادي پڻ ڏني وئي آهي. پر مون کي
خبر نه آهي، ته ڪيتري قدر ۽ ڪهڙين حدن اندر
مون کي پنهنجي فلسفياڻن خيالن کي ان لاءِ
روڪڻو پوندو، ته اهي مقرر ٿيل مذهب جي ڪمن ۾
دست اندازي نه ڪن. توهان ڏسو ٿا، ته مون کي
ڪنهن به اعليٰ عهدي جي گهرج نه آهي. مان
پنهنجي موجوده حال تي مطمئن آهيان. مون کي
اڪيلائي وڌيڪ پسند آهي، جيڪا مون کي ٻي ڪنهن
به صورت ۾ ملي نه ٿي سگهي. جنهن ڪري مان عوام
جي استاد ٿيڻ کان پاڻ کي لاچار ٿو سمجھان.“
سندس زندگيءَ جو آخري دور سن 1677ع ۾ ختم ٿيو.
هو اڃا 44 سالن جو هو، پر سندس دوستن کي خبر
هئي، ته هو وڌيڪ عرصو زنده رهي ڪونه سگهندو.
سندس ابا ڏاڏا دم جي مرض ۾ متبلا هوندا هئا،
هو پاڻ کي ضرورت کان وڌيڪ بند ڪمرن ۾ قيد
رکندو هو ۽ آلودگيءَ واري فضا ۾ ڪم ڪندو هو،
جنهن ڪري ان موروثي مرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري
نه سگهيو. ساهه کڻڻ ۾ تڪليف وڌڻ لڳس ۽ سندس
ڦڦڙ هر سال ويا وڌيڪ خراب ٿيندا. هن پنهنجي
طبعي عمر کان پهرين، جيون جي انت کي خوشيءَ
سان قبول ڪيو ،جنهن کي فقط اهو ڊپ رهيو، ته
متان سندس ڪتاب، جنهن جي شايع ڪرڻ جي همٿ هو
پنهنجي زندگيءَ ۾ ساري ڪونه سگهيو، سندس موت
کان پوءِ برباد ٿي وڃي. هن لکڻ واري ننڍي ڊيسڪ
۾ پنهنجو ڪتاب رکيو، ان کي تالو ڏنائين ۽ ان
جي ڪنجي پنهنجي ميزبان کي ڏنائين ۽ هن کي
تاڪيد ڪيائن ته اها ڊيسڪ ۽ ڪنجي، جئن ريورز
(Jan Rieuwertz)،
ائمسٽرڊم جي هڪ پبلشر کي پهچايون وڃن.
آچر ڏينهن فيبروريءَ جي ويهين تاريخ، جنهن گهر
۾ هو رهندو هو، تنهن جا ڀاتي جن کي اسپنوزا
يقين ڏياريو، ته هو هميشه کان گهڻو بيمار نه
آهي، تڏهن اهي ديول ۾ ويا. صرف ڊاڪر ميئر هن
وٽ رهيو. جڏهن موٽيا، تڏهن هن ڏٺو ته اهو
فلسفي پنهنجي دوست جي ٻانهن تي دائمي آرام وٺي
رهيو هو. ڪيترن موت تي سندس ماتم ڪيو. سادا
ماڻهو کيس نرم دل هئڻ ڪري ساڻس محبت ڪندا هئا،
جڏهن ته عالم سندس ڏاهپ جي ڪري، سندس عزت
ڪندا هئا، فلسفي ۽ مئجسٽريٽ عوام سان گڏجي کيس
سندس آخري آرامگاهه طرف وٺي هليا. مختلف مذهبن
۽ فرقن جا ماڻهو سندس قبر تي گڏ ٿيا. نيٽشي
(Nietzsche)
هڪ هنڌ چيو آهي، ته سڀ کان پويون عيسائي (حضرت
عيسيٰ) مصلوب ڪيو ويو. هن کان اسپنوزا وسري
ويو هو.
مذهب ۽ رياست تي مقالو
The Treatise on religion and the State
اچو ته جنهن ترتيب سان هن چار ڪتاب لکيا، ان
ترتيب سان انهن جو مطالعو ڪريون. سندس پهريون
ڪتاب اڄ اسان لاءِ سڀني کان گهٽ دلچسپ آهي.
اسپنوزا اعليٰ تنقيد جي تحريڪ جي ابتدا ڪئي،
جنهن ڪري اهي ڳالهيون جن لاءِ هن پنهنجي جان
جوکي ۾وڌي، موجوده تنقيد جي اثر ڪري، پراڻيون
۽ بي مزو ٿي ويون آهن. ڪنهن به مصنف لاءِ اهو
عقلمنديءَ جو ڪم نه آهي، ته پنهنجي نڪتي جي
مڪمل ثابتي پيش ڪري. اهڙي حالت ۾ سندس نتيجا
تعليم يافته ماڻهن جي دلين ۾ عام ٿي وڃن ٿا ۽
سندس تصنيفن ۾ ڪنهن به قسم جا راز لڪل نٿا
رهن، جيڪي هميشه اسان جي دلين کي ڪشش ڪن،
والٽيئر سان به ساڳي حالت آهي ۽ اسپنوزا جي
مٿئين ذڪر ڪيل مقالي سان پڻ ساڳي حالت آهي.
ان ڪتاب جوخاص احوال هيءُ آهي ته بائيبل جي
زبان ڄاڻي ٻجھي تشبيهي ۽ تمثيلي ڪئي وئي آهي،
نه فقط ان لاءِ ته ان ۾، مشرقي لاڙي مطابق
اعليٰ ادبي رنگيني، رونق ۽ مبالغو پيدا ڪيو
وڃي، پر ان لاءِ پڻ ته پيغمبر ۽ ولين پنهنجن
نظرين کي عوام جي تخيل تائين پهچائڻ خاطر
مجبور ٿي اهڙي قسم جي زبان ڪم آندي جيڪا عام
ماڻهن جي لياقتن ۽ لاڙن مطابق هجي. ” سڀ مقدس
ڪتاب شروع ۾ سڄي قوم لاءِ لکيا ويا ۽ ان کان
پوءِ سڄي انسان ذات لاءِ. تنهن ڪري اهو لازمي
سمجھيو ويو، ته انهن جو مواد عوام جي سمجهھ
مطابق پيش ڪجي.“ مقدس ڪتاب شين جي سمجھاڻي
سندن ثانوي سببن ذريعي نٿا ڏين پر فقط اهڙي
ترتيب ۽ طرز سان انهن جو ذڪر ڪن ٿا جو ماڻهو،
خاص طور اڻ پڙهيل ماڻهو، فقط جذبات جي جوش هيٺ
دين قبول ڪن ٿا. انهن جو مقصد عقل کي مڃائڻ نه
آهي، پر تخيل کي ڪشش ڪري ان تي قبضو ڪرڻ.“ ان
ڪري ئي مقدس ڪتابن ۾ معجزن جي ورجاءُ ۽ بار
بار خدا جو ظاهر ٿيڻ ڏيکاريو ويو آهي. ”عام
ماڻهو ائين سمجھن ٿا، ته خدا جي قوت ۽
ڪارسازي، چٽائيءَ سان، صرف غير رواجي واقعن ۾
ظاهر ٿئي ۽ جيڪو خيال فطرت ۾ ٿيندڙ واقعن جي
ابتڙ آهي. حقيقتن ۾ هو سمجھن ٿا ته جيستائين
قدرت دستوري نظام هيٺ ڪم ڪري رهي آهي،
تيستائين خدا خاموش آهي ۽ جڏهن خدا عمل ڪري
ٿو، تڏهن قدرت جي قوت ۽ قدرتي سبب سست ٿي وڃن
ٿا. هو تصور ڪن ٿا، ته ڪائنات ۾ ٻه مختلف
قوتون آهن: خدا جي قوت ۽ قدرت جي قوت.“ هتي
اسپنوزا جو بنيادي تصور داخل ٿئي ٿو، ته خدا ۽
قدرتي ڪاروايون هڪ ئي شيءِ جا مختلف نالا آهن.
ماڻهو ان عقيدي جا شوقين آهن ته خدا، سندن
لاءِ، قدرتي نظام ٽوڙي ٿو. ان ڪري يهودين
ڏينهن جي وڌجڻ کي هڪ معجزو ڪري ليکيو، جيئن
ٻين تي يا شايد خود مٿن اهو اثر پوي ته يهودي
خدا جا پسنديده بندا آهن. هرهڪ قوم جي شروعاتي
تاريخ ۾ ساڳيون ئي ماجرائون آهن. پاڪ، سنجيده
۽ صحيح بيان روح کي متحرڪ نٿا ڪن. جيڪڏهن
موسيٰ چون ها، ته اها صرف مشرقي هوا هئي، جنهن
ڳاڙهي سمنڊ مان سندن رستو صاف ڪيو، ته اها
ڳالهه سندن پوئلڳن تي ڪوبه اثر نه ڪري ها.
اهڙيءَ ريت ولين پڻ ڪرامت وارين آکاڻين مان ڪم
ورتو، جيئن هنن تمثيلي قصن مان ڪم ورتو هو.
فلسفي ۽ سائسدانن جي ڀيٽ ۾ انهن ماڻهن جو وڏو
اثر صرف ان سبب ڪري ٿيو جو سندن گفتار جا
نمونا چٽا ۽ مجازي هئا. پنهنجي فرض جي خصوصيت
۽ جذبي جي گهڻائي، مذهب جي بنياد وجھندڙن کي
مجبور ڪيو، ته هو اهڙي قسم جي زبان کان ڪم
وٺن.
اسپنوزا چوي ٿو ته جيڪڏهن هن اصول جي نظر سان
اسان بائيبل جي شرح لکنداسون، ته پوءِ سمجھي
وينداسين، ته منجھس ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانه آهي،
جيڪا عقل جي خلاف هجي. پر جيڪڏهن لفظي سمجھاڻي
ڏينداسين، ته پوءِ غلطين سان ڀرپور نظر ايندي
۽ منجھس متضاد ۽ ناممڪن ڳالهيون نظر اينديون.
فلسفاڻي شرح اسان جي آڏو وڏن وڏن مفڪرن ۽
رهبرن جا خيال پيش ڪندي. پوءِ اسان کي بائيبل
جي دائمي اثر جو راز پڻ معلوم ٿي ويندو. ٻنهي
قسمن جون سمجھاڻيون پنهنجي پنهنجي جڳهه ۽ مقصد
آهر درست آهن. عام ماڻهو گهُر ڪندا، ته مذهب
کي تصوري رنگ ۽ روپ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ غير رواجي
معجزا ان جي دائري اندر داخل ڪيا وڃن، جيئن
مذهب هڪ اعليٰ ۽ مقدس شيءِ نظر اچي. جيڪڏهن
اهڙي قسم جو هڪ مذهب ڊاٺو وڃي، ته هو وري ساڳي
قسم جو ٻيو مذهب ٺاهن ٿا. پر هڪ فلسفي ڄاڻي
ٿو، ته خدا ۽ قدرت هڪ ئي هستي آه، جيڪي ساڳئي
قاعدي ۽ ضرورت مطابق عمل ڪن ٿا، هو فقط اهڙِي
عظيم الشان قاعدي جي عزت ۽ فرمانبرداري ڪندو.
هو ڄاڻي ٿو، ته مقدس ڪتابن ۾ خدا کي قاعدي ساز
يا حڪمران سڏيو ويو آهي ۽ عام ماڻهن جي سمجهھ
۽ غير مڪمل علم آهر خدا کي اهڙن ٻين نالن سان
پڪاريو ويو آهي. مثال طور رحيم، ڪريم وغيره،
درحقيقت خدا پنهنجي فطرت جي ضرورت اثر هيٺ عمل
ڪري ٿو ۽ سندس حڪم، دائمي حقيقتن جو روپ وٺي
ٿو.
اسپنوزا پراڻو عهدنامي (تورات) ۽ نئون عهدنامي
(انجيل) کي جدا ڪري نه ٿو ليکي، يهودي ۽
عيسائي مذهب کي هڪ ڪري ٿو سمجھي. جڏهن عوامي
نفرت ۽ غلط فهميءَ کي دور ٿو ڪجي، تڏهن
فلسفياڻي شرح ٻنهي مخالفن جي اندروني معنيٰ
ڳولهي لهي ٿي. ”مون کي تعجب ٿئي ٿو ته اهي
ماڻهو جيڪي عيسائيت اختيار ڪرڻ جي لٻاڙ ٿا
هڻن، سي گڏيل محبت، خوشي، صلح، پرهيزگاري،
همدردي ۽ سخاوت جي زندگيءَ گذارڻ بدران پاڻ
وڌيڪ بغض، ڪيني ۽ عداوت سان وڙهن ٿا، هڪ ٻئي
کان وڌيڪ نفرت ڏيکارن ٿا ۽ پنهنجي اميدن جي
ڪسوٽي نيڪيءَ کي نه پر بديءَ کي مقرر ڪن ٿا.“
يهودين جي قوم اڄ ان ڪري زنده آهي، جو عيسائي
ان کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. ظلم ڪري
منجھن ٻڌي ۽ هيڪڙائي پيدا ٿي، جيڪا مستقل قومي
وجود لاءِ ضروري آهي. جيڪڏهن ظلم ۽ زبردستي نه
ٿئي ها، ته يورپ جي رهواسين سان شاديون ڪري
ملي هڪ ٿي وڃن ها ۽ اڪثريت ۾ جذب ٿي وڃن ها.
پر جيڪڏهن نسلي پاڪيزگيءَ بابت بڪواس کي هڪ
طرف ڦٽو ڪجي، ته پوءِ ڪوبه سبب ڪونه آهي، ڇونه
فلسفياڻي دماغ وارا عيسائي ۽ يهودي پاڻ ۾ ملي
صلح، امن ۽ گڏيل تعاون جي زندگي گذارين.
ان چوٽيءَ تي پهچڻ جو پهريون ڏاڪو ٿيندو حضرت
عيسيٰ عليہ السلام کي صحيح طور سمجھڻ. اچو ته
ناممڪن عقيدا پري ڪريون، پوءِ يهودي جلدي
مڃيندا، ته حضرت عيسيٰ عليه السلام سڀني کان
اعليٰ ۽ اُتم پيغمبر آهي. اسپنوزا حضرت عيسيٰ
کي خدا ڪري نٿو مڃي، پر انسانن مان کيس سڀني
کان اعليٰ رتبي وارو ڪري تسليم ڪري ٿو، ”خدا
تعاليٰ جي ابدي حڪمت سڀني شين مان ظاهر آهي،
پر خاص طرح انساني ذهن مان، پر سڀني کان وڌيڪ
حضرت عيسيٰ جي هستيءَ مان.“ ”حضرت عيسيٰ نه
فقط يهودين کي سيکارڻ لاءِ موڪليو ويو هو، پر
سڄي انسان ذات جي سڌاري لاءِ تنهن ڪري ماڻهن
جي سمجهھ مطابق هن پاڻ کي محدود رکيو. مثالن ۽
قصن ذريعي انهن کي سکيا ڏنائين.“ هو سمجھي ٿو،
ته حضرت عيسيٰ جي اخلاقيات ڏاهپ جي مطابق آهي.
سندس عزت ۽ احترام جو مطلب آهي، خدا سان ذهني
محبت. اهڙي طرح عظيم الشان هستي جيڪا ماڻهن ۾
ڏڦيڙ وجھندڙ عقيدن جي رنڊڪن کان آزاد هوندي،
سا ازخود ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڪشش ڪندي ۽ ان
هستيءَ جي اثر هيٺ ،زباني ۽ تلواري خودڪشيءَ
وارين جنگين کان چُور چُور ٿيل هن دنيا ۾،
ايمان جي اتحاد تي گڏيل برادري جو امڪان مضبوط
ٿيندو.
ذهن جو سڌارو:
The Improvement of the Intellect
اسپنوزا جو ٻيو ڪتاب کوليندي، اسان شروع ۾ ئي
محسوس ڪريون ٿا، ته اهو فلسفياڻي ادب جو هڪ
قيمتي هيرو آهي. اسپنوزا اسان کي ٻڌائي ٿو، ته
ڇو هن فلسفي خاطر سڀ ڪجھه ترڪ ڪيو:
”جڏهن تجربي مون کي سيکاريو، ته اهي سڀ شيون
جن سان رواجي زندگيءَ ۾ اسان جو وهنوار ٿئي
ٿو، سي اجايون ۽ بي فائده آهن ۽ جڏهن مون ڏٺو،
ته اهي سڀ شيون جن کان مون کي ڊپ ٿيندو هو، يا
جن کي مون کان ڊپ ٿيندو هو، تن ۾، سواءِ ان جي
ڪابه نيڪي يا برائي ڪانه هئي، ته هو دماغ تي
اثر ڪن ٿيون، تڏهن آخرڪار مون پڪو ارادو ڪيو،
ته مان تحقيق ڪريان، ته واقعي اهڙي ڪا شيءَ
آهي. جنهن ۾ حقيقي خوبي هجي ۽ جيڪا خوبي ٻين
تائين پهچائي سگهي ۽ جيڪا اڪيلي سر پنهنجو اثر
انساني دماغ تي پيدا ڪري. مان چوان ٿو. ته مون
پڪو ارادو ڪيو، ته تحقيق ڪريان ۽ واقعي مون کي
ڳولها کان پوءِ اهڙي قوت حاصل ٿي سگهي ٿي، جو
مان هميشه لاءِ مستقل ابدي خوشي ماڻيان. مان
ڏسي سگهيس ٿي، ته عزت ۽ شاهوڪاريءَ مان ڪيترا
نه فائدا حاصل ٿي سگهيا ٿي ۽ اهو پڻ محسوس
ڪيم، ته جي مان ڪنهن نئين مهم جي جستجو پٺيان
پيس، ته پوءِ سڀني دنياوي شين جي حاصلات کان
هٿ کڻڻا پوندم. پر جيئن دنياوي شين جي حاصلات
وڌندي رهي ٿي، تيئن دنياوي مزا پڻ وڌڻ لڳن ٿا
۽ اسان جي همت ۾ به اضافو ٿئي ٿو، جيئن وڌيڪ
شيون ۽ مزا حاصل ڪريون، پر جيڪڏهن ڪنهن دفعي
اسان جي اميدن تي پاڻي پئجي وڃي ٿو، ته پوءِ
اسان جي اندر ۾ گهرو درد پيدا ٿئي ٿو. شهرت ۾
پڻ هيءَ هڪ وڏي خامي آهي، ته جيڪڏهن اسان ان
جو پيڇو ڪريون ٿا، ته پوءِ مجبوراً اسان
پنهنجي زندگيءَ کي اهڙيءَ ريت موڙيون ٿا، جيئن
عام ماڻهن جي وهمن کي راضي ڪريون، جن ڳالهين
کان انهن کي نفرت آهي، انهن کان پاسو ڪريون ۽
جن ڳالهين تي هو راضي ٿين. انهن جي ڳولا
ڪريون، پر فقط هڪ دائمي ۽ لامحدود شيءِ سان
محبت، اسان جي نفس کي سچي خوشيءَ جي خوراڪ
ڏئي ٿي، جيڪا هر قسم جي درد کان آجي آهي. سڀ
کان اعليٰ خوبي آهي، ان تعلق جو علم، جيڪو ذهن
۽ ساري ڪائنات سان تعلق ڪري حاصل ڪري ٿو. جيئن
دماغ وڌيڪ ڄاڻي ٿو، تيئن بهتر نموني، پنهنجون
قوتون سڃاڻي ٿو ۽ قدرتي نظام کي سمجھي ٿو،
جيئن هو پنهنجن قوتن کي وڌيڪ سمجھي ٿو، تيئن
بهتر نموني پنهنجي اڳواڻي ڪري سگهي ٿو ۽ پاڻ
لاءِ قاعدا قانون مقرر ڪري ٿو، جيئن قدرتي
نظام کي وڌيڪ سمجھي ٿو، تيئن وڌيڪ سولائيءَ
سان پاڻ کي فضول شين کان آزاد ڪري سگهي ٿو،
هيءُ آهي سچو طريقو.“
پوءِ صرف علم ئي قوت ۽ آزادي آهي. دائمي خوشي
صرف علمي حاصلات ۾ آهي. سچي راحت صرف شين جي
صحيح سمجھڻ ۾ آهي. پر هڪ فلسفي کي به هڪ انسان
۽ شهر واسي ٿي رهڻ گهرجي. سچ جي جستجوءَ وقت
سندس زندگيءَ جو طريقو ڪهڙو هئڻ گهرجي؟
اسپنوزا روش جو هڪ سادو قاعدو مقرر ڪري ٿو،
جنهن سان سندس اخلاق بلڪل متفق رهيو.
1.
اهڙيءَ ريت ڳالهائجي جو ٻڌندڙن جي سمجهھ مطابق
هجي ۽ ماڻهن جي خدمت لاءِ اهڙيون سڀ شيون ڪجن
جيڪي اسان جي مقصدن جي حاصلات ۾ رڪاوٽون نه
هجن.
2.
فقط اهي شيون ماڻجن، جيڪي صحت جي حفاظت لاءِ
ضروري هجن.
3.
فقط ايترو پيسو ڳولهجي جيڪو اسان جي زندگيءَ ۽
صحت جي پرورش لاءِ ڪافي هجي.
4.
انهن ريتن رسمن کي تسليم ڪجي، جيڪي اسان جي
منزل مقصود پهچڻ ۾ مخالفت ڪن.
پر ان جستجوءَ جي شروعات ۾ ان ايماندار ۽ صاف
دماغ واري فلسفي کي هڪ نئون مسئلو درپيش آيو.
مون کي ڪهڙي خبر، ته منهنجو علم حقيقي علم
آهي، مان پنهنجن حواسن تي ڪيئن اعتبار ڪريان،
ته جيڪو مواد هو منهنجي عقل جي آڏو رکن ٿا، سو
حقيقي مواد آهي، مان پنهنجي عقل تي ڪيئن
اعتبار ڪريان، ته ان جيڪي حواسن جي گڏ ڪيل
مواد مان نتيجا ڪڍيا آهن. سي سچا آهن؟ سفر
اختيار ڪرڻ کان اڳ پنهنجا سفر جا ذريعا نه
جاچيون؟ ڇا انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ مڪمل ڪوششون
نه ڪريون؟ بئڪن جي انداز ۾ اسپنوزا پڻ چوي ٿو
ته سڀني ڳالهين کان اڳ ذهن جي سڌاري ۽ صفائي
لاءِ ڪو تدارڪ ڪرڻ جڳائي. علم جي مختلف صورت
جي وچ ۾ غور سان فرق ڪرڻ گهرجي ۽ انهن مان فقط
بهترين صورت تي اعتبار ڪرڻ گهرجي.