سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي

باب: --

صفحو :20

انهن ڪمزورين جي باوجود سندس فلسفي ۾ بيباڪ ايمانداري آهي، جنهن جي ڀيٽ ۾ اُميد پسند نظريا محض مدهوش ڪندڙ منافقي آهي. اسپنوزا وانگر ائين چوڻ ٺيڪ آهي، ته نيڪي ۽ بدي موضوعي اصطلاح آهن ۽ انسان تعصب جا نتيجا آهن، پر تنهن هوندي به اسان مجبور ٿي، حقيقي انساني ڏکن ۽ ضرورنت کي خيال ۾ رکي، دنيا تي فتويٰ وڏيون ٿا. اسان جي فتويٰ ڪڏهن به غيرجانبدار ٿي نه ٿي سگهي. اهو چڱو آهي، ته شاپينهاور فلسفي تي زور رکي ٿو، ته هوءَ  بديءَ جي ڪچي حقيقت طرف رخ رکي ۽ انساني خيال کي انسان جي غمن دور ڪرڻ جي مهمن ۾ ڪم آڻي. سندس زماني کان پوءِ فلسفي مابعدالطبيعيات جي غير حقيقي فضا ۾ ڏينهن ڪاٽي رهي آهي. هن زماني جي مفڪرن محسوس ڪيو آهي، ته عمل بنا فڪر هڪ مرض آهي.

شاپينهاور نفسيات جي ماهرن جو ڌيان جبلت جي نفيس گهرائي ۽ هرهنڌ موجود رهندڙ قوت طرف ڇڪايو. هاڻي اهو تصور، ته انسان هن ذهين جانورن آهي ۽ عقل سان چونڊ ڪيل منزلون صحيح رستن ذريعي طئي ڪري ٿو، مري چڪو هو، ٻن صدين جي نفسياتي تجزئيءَ کان پوءِ فلسفيءَ ڏٺو، ته خيال پٺيان خواهش لڪل آهي ۽ ذهن پٺيان جبلت. ساڳيءَ ريت هڪ صديءَ جي ماديت کان پوءِ علم طبعي مادي پٺيان قوت لڪل ڏٺي آهي. اسان شاپينهاور جا شڪر گذار آهيون، جو هن اسان کي اسان جون ڳجهيون دليون ظاهر ڪري ڏيکاريون.، هن اسان کي ذهن نشين ڪرايو، ته اسان جون خواهشون اسان جي فلسفن جا فارمولا آهن، اهڙيءَ ريت هن ڏيکاريو، ته خيال، غير شخصي واقعن جو محض فڪري اندازو نه آهي، پر عمل ۽ خواهش جو لچڪدار هٿيار.

آخرڪار، وڌاءَ جي باوجود، شاپينهاور اسان کي سيکاريو، ته غير معمولي ذهن جي ڪيتري قدر ضرورت آهي ۽ فن جي ڪيتري قيمتي آهي. هن ڏٺو، ته آخرين نيڪي جمال ئي آهي ۽ آخرين راحت حسن جي پيدا ڪرڻ ۽ ان مان لطف اندوز ٿيڻ ۾ ئي آهي. گيٽي ۽ ڪارلائيل سان گڏ هن هيگل، مارڪس ۽ بڪل جي ان ڪوشش تي اعتراض ڪيو، ته انساني تاريخ جي جوڙجڪ مان غير معمولي هستين جي حصي کي خارج ڪيو وڃي. ان زماني ۾ جڏهن اعليٰ هستيون ختم ٿي چڪيون هيون، هن وري ذهين هستين جي پوئلڳي ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ پنهنجي غلطين باوجود هن پڻ ذهين هستين جي فهرست ۾ اضافو ڪيو.

باب اٺون

 

هربرٽ اسپينسر: Herbert Spencer

ڪامتي ۽ ڊارون: Comte and Darwin

ڪانٽ جي فلسفي بابت اهو اعلان ڪيو ويو هو، ته اهو مستقبل جي مابعدالطبيعيات لاءِ هڪ مقدمو ثابت ٿيندو. ڪانٽ جو بدنيت ارادو هيءُ هو ته هُو فڪر جي رواياتي طريقن تي خوني وار ڪري، پر سندس فلسفو ان ارادي جي ابتڙ هر قسم جي مابعدالطيبعيات لاءِ تباهه ڪندڙ هڪ وار ثابت ٿيو. خيال جي تاريخ ۾ هميشه مابعدالطبعيات لاءِ تباهه ڪندڙ هڪ وار ثابت ٿيو. خيال جي تاريخ ۾ هميشه مابعدالطبيعات جو مطلب ’حقيقت جي اصل سچائي جي ڳولا‘ ڪڍي ويندو هو. پر  هاڻي ڪانٽ جھڙي مفڪر وٽان مليل خاطر خواهه سَنَدَ جي ڪري ماڻهن سمجھيو، ته حقيقت بابت ڪڏهن به آزمودو ٿي نه ٿو سگهي. حقيقت ’باطن‘ آهن، جنهن جو تصور ڪري سگهجي ٿو، پر علم حاصل ڪري نه ٿو سگهجي. سڀ کان وڌيڪ تيز ذهن به مظهر جي اندر گهڙي نه ٿو سگهي ۽ مايا جي پردي کي هٽائي نه ٿو سگهي. فختي، هيگل ۽ شيلنگ جي مابعدالطبيعيات تي سندس قديمي ڳجهارت تي مختلف تشريحن ۽ سندس خودي، تصور ۽ عزم متعقل فڪرن، هڪ ٻئي کي رد ڪري ڇڏيو هو. سن 1839ع تائين سڀ ڪنهن مڃيو، ته اڃا تائين ڪائنات پنهنجي اندر ۾ رازن جي پوري طرح حفاظت ڪئي هئي. هڪ نسل جي مابعدالطبيعياتي مدهويءَ کان پوءِ يورپ جي زهن، رد عمل ظاهر ڪيو ۽ هر قسم جي مابعدالطبيعيات خلاف نعرو بلندو ڪيو.

شڪ پرستي (Scepticism) فرانس وارن جي خصوصيت هئي، جنهن ڪري اهو قدرتي هو، ته فرانس ئي مشاهديت (Positiusit) جو ابو پيدا ڪري. آگسٽ ڪامتي [جنهن کي والدين آئيزوڊر آگسٽ ماري فرنڪسئاس زاريئر ڪامتي سڏيندا هئا] مونٽ پليئر (Montepellies) شهر ۾ سن 1798ع ۾ ڄائو. جوانيءَ ۾ هو بينجامن فرئنلڪن (Benjemin Franklin) جو معتقد ٿي پيو، جنهن کي هو موجودهه زماني جو سقراط ڪري سڏيندو هو. هُن لکيو: ”توهان کي خبر آهي ته پنجويهن ورهين جي ڄمار ۾ هن (فرئنڪلن) مڪمل ڏاهي ٿيڻ جي تجويز تيار ڪئي ۽ ان تجويز کي آخرڪار تڪميل جي مرحلي تائين پهچايائين. مون به ساڳيءَ رٿ تي  عمل ڪرڻ لاءِ ڪمر ڪشي آهي، جيتوڻيڪ مان اڃا ويهه سال به پورا نه ڪيا آهن.“ بعد ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات فرانس جي هن هڪ اعليٰ ۽ بلند خيال مُفڪر، سينٽ سائمن (Saint Simon) جو سيڪريٽري بڻجي ڪئي. سينٽ سائمن ٽرگوٽ (Turgot) ۽ ڪاندورسٽ (Condorcet) جو اصلاحي جوش ۽ جذبي ڪامتي تائين پهچايو. هاڻي هو سمجھڻ لڳو، ته طبعي واقعن وانگر معاشرتي معاملا پڻ قاعدن قانونن مطابق مرتب ڪري سگهجن ٿا ۽ سائنس جي صورت ۾ پيش ڪري سگهجن ٿا ۽ فلسفي جو ڌيان انسان ذات جي اخلاقي ۽ سياسي اصلاح طرف ڇڪائڻ گهرجي. پر جيئنن اسان مان ڪيترا انسان سڀنري نڪرندا آهن، دنيا کي سڌارڻ لاءِ، پر پنهنجي گهر تي به پورو ضابطو رکي نه سگهندا آهن. تيئن 1827ع ۾، ٻن سالن جي گهرو زندگيءَ جي لاهين چاڙهين کان پوءِ ڪامتي ذهني مريض ٿي پيو ۽ سين نديءَ ۾ ٽپو ڏيئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. اسان سندس بچائيندڙ جا ٿورائا آهيون، جنهن جي ڪاوش ذريعي ئي اسان ”مشاهديت پسندي واري فلسفي“ جا پنج جلد، جيڪي سن 1830ع کان 1842 تائين شايع ٿيا، ۽ ”مشاهديت پسندي وارو نظام سياست“ جا چار جلد، جيڪي سن 1851ع کان سن 1854ع تائين شايع ٿيا، حاصل ڪري سگهيا آهيون.

اها هڪ اهڙي مهم هُئي، جنهن وسعت ۽ تحمل جي لحاظ کان موجوده زماني ۾ صرف اسپينسر جي ”ترڪيبي فلسفي“ (Synthetic Philosophy)  کان پوءِ ٻيو نمبر لهڻو. ڪامتي جي انهن تحريرن ۾ مختلف علمن جي گروهه بندي، سادگي ۽ ڪُليت کي سامهون هن ريت ڪئي وئي: رياضيات، هيئت، طبعيات، ڪيميا، حياتيات ۽ سماجيان. جن منجهان سماجيات ”علم جي چوٽي“ ڪري ليکي وئي ۽ ٻين علمن جي وجود جو سبب فقط اهو هو، ته اُهي انساني سماج جي علم تي روشني وجهن. سائنس ”قطعي علم“ هئڻ جي مفهوم ۾ ان ئي ترتيب سان هڪ موضوع کان ٻئي تائين پکڙجي وئي ۽ اهو قدرتي هو، ته سماجي زندگيءَ جي پيچيدهه مسئلن سائنس سڀ کان آخر ۾ قطعي علمن جي قاعدن قانون پٽاندر مرتب ٿئي. تصورن جي تاريخ نويس کي خيال جي هرهڪ ميدان اندر ٽي منزلون نظر اينديون: سڀ کان پهريائين هرهڪ مضمون جو تصور دنيا تي نموني ۾ ڪيو ويندو هو ۽ سڀ مسئلا ڪنهن نه ڪنهن ديوتا جي رضا ذريعي سمجھيا ويندا هئا. جيئن ته ستارن کي يا ديوتا ڪري مڃيو ويندو هو، يا وري ديوتائن جون گاڏيون، تنهن کان پوءِ ساڳئي مضمون جي سمجهاڻي مابعدالطبيعياتي تجريديت ذريعي پيش ڪئي ويندي هئي، جيئن ته ستارا گول ڦرن ٿا، ڇاڪاڻ ته گول سڀ کان مڪمل شڪل آهي، آخرڪار ٽين منزل ذريعي ڪنهن به مضمون کي مشاهديتي سائنس جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو، مشاهدي، مفروضي ۽ تجربي کان ڪم ورتو ويو، سبب ۽ نتيجن جي قاعدن قانون مطابق هر قدرتي واقعي جي تشريح ڪئي وئي. سڀ کان پهريائين هر واقعي اندر ”ديوتا جي منشا“ سمايل هئي، تنهن کان پوءِ افلاطون جا ”تصور“ ۽ هيگل جا قطعي تصور“ وارا نظريا پيش ڪيا ويا ۽ آخرڪار سڀني نظرين سائنس جي قاعدن قانونن آڏو ڪنڌ جهڪايو. مابعدالطبيعيات ترقيءَ جي راهه ۾ هڪ منزل هئي، پر ان منزل تي مطمئئن ٿيڻ نه کپندو هو. وقت اچي ويو هو، جو اهڙي اٻوجھائيءَ کي هڪ طرف ڦٽو ڪجي. فلسفو سائنس کان ڪا مختلف شيءِ نه هئي. انساني زندگي جي اصلاح خاطر سڀني علمن جي ربط ۽ ترتيب کي فلسفي سڏجي ٿو.

سندس مشاهديت (Positivism) اندرڪجهه قدر ڪٽر عقليت جي ملاوت هئي، جنهن مان هڪ صاف نظر ۽ تنهائي پسند فلسفي ظاهر ٿي رهيو هو. سن 1845ع ۾ مئم ڪلوٽلڊ دي واڪس (Mme Clotide de vausx)، جنهن جو مڙس جيل ۾ زندگي گذاري رهيو هو، ڪامتي جي دل جي چارج ورتي، محبت سندس خيال کي گرمجوشي ۽ رنگيني بخشي، سندس دماغ ۾ هڪ رد عمل نمودار ٿيو، جنهن ڪري اصلاحي قوت جي حيثيت ۾ هن احساس کي عقليت کان وڌيڪ اهميت ڏني ۽ ان نتيجي تي پهتو، ته دنيا کي صرف هڪ نئون مذهب بچائي سگهي ٿو. ان نئين مذهب جو ڪم ٿيندو، انساني ايثار جي ڪمزور ٿيل جذبي کي پالڻ ۽ طاقتور بنائڻ ۽ انسان ذات کي مذهبي رسم ۽ رواج مطابق عبادت جي لائق ڪري سمجھڻ. ڪامتي پنهنجي پيريءَ ۾ هڪ نئين ڪئلينڊر جي تجويز پيش ڪئي، جنهن ۾ قديمي ديوتائن ۽ قرون وسطيٰ جي درويشن جي نالن بدران انساني ترقيءَ جي مجاهدن جا نالا درج ڪيل هجن. هڪ عقلمند چيو، ته ڪامتيءَ دنيا کي عيسائيت کان آجو ڪئٿولڪ مذهب آڇيو.

هن مشاهدي کي مڃيو، ته مشاهديت پسندي جي تحريڪ انگريزي خيال جي نهر سان هموار ٿي. صنعت ۽ واپار جي زندگيءَ انگريز ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو، جنهن ڪري هو عام رواجي روزمرهه جي حقيقت کي عزت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا. بيڪن جي جاري ڪيل روايت خيال کي مادي شين طرف ڦيرايو ۽ ذهن کي مادي جسمن طرف موڙيو. هابس جي ماديت، لاڪ جي محسوسيات، هيوم جي شڪ پسندي، بينٿام جي افاديت، عملي ۽ مصروف زندگي جي موضوع تي طرحين طرحين فلسفا هئا. برڪلي جيڪو آئرلينڊ جو رهاڪو هو، ان همواريءَ ۾ هڪ نئون ساز ڇيڙيو. هيگل جڏهن ڏٺو، ته انگريز طبعي ۽ ڪيميائي اوزارن کي ’فلسفي جا اوزار‘ ڪري ٿا سڏن، تڏهن هو مٿن خوب کليو. پر اهڙو اصطلاح انهن ماڻهن لاءِ قدرتي هو، جن ڪامتي ۽ اسپينسر سان گڏ فلسفي کي سڀني علمن جي نتيجن جو منظم ربط ڪري سڏيو. اهڙيءَ ريت مشاهديتي تحريڪ فرانس جي بجاءِ انگلينڊ ۾ پوئلڳ پيدا ڪيا. جان اسٽوئرٽ مل (John Stuart Mill) (1806ع کان 1873ع تائين) ۽ فريڊرڪ ڪامتيءَ جي فلسفي جي رسي مضبوطي ۽ ديانتداريءَ سان پڪڙيندا رهيا، پر ساڳئي وقت خبرداريءَ سان هو سندس مذهبيت کان دور رهيا.

ان دوران ۾ صننعتي انقلاب، جيڪو ٿوري سائنس مان پيدا ٿيو هو، سو موٽ ۾ سائنس کي جوش ڏياري رهيو هو. نيوٽن ۽ هرشل (Herschel) ستارا انگلينڊ ڏانهن آندا هئا، بائل (Boyle) ۽ ڊيوي (Davy) ڪيميا جا خزانا کوليا، فراڊي (Faraday) پنهنجي تحقيق ذريعي دنيا کي برقي قوت سان منور ڪرڻ وارو هو، رمفورڊ  (Rumford) ۽ جائول (Joule) تغير برابريءَ ۽ قوت جي بقا بابت تجربا ڪري رهيا هئا. مختلف علم پيچيدگيءَ جي منزل تائين پهچي رهيا هئا ۽ حيران ٿيل دنيا ضرور سڀني علمن جي ترڪيب جو آڌر ڀاءُ ڪندي. پر انهن سڀني ذهني اثرن کان وڌيڪ حياتيات جي ترقيءَ ۽ ارتقا جي نظرئي انگلينڊ کي حيران ڪيو. هڪ تيز فهم نوجوان هربرٽ اسپينسر به ان اثر جو شڪار ٿيو. ڪانٽ چيو هو، ته اهو ممڪن آهي، ته ڀولڙا ترقي ڪري انسان جي رتبي تي پهچن. گيٽي ٻوٽن جي تغير بابت هڪ مضمون لکيو هو: ارئسمس ڊارون (Erasmus Darwin)  ۽ لئمارڪ هي نظريو ظاهر ڪيو هو، ته جدا جدا انواع، استعمال ۽ غير استعمال جي اثرن کي ورثي ۾ وٺي، سادين صورتن مان ارتقا ڪئي هئي. سن 1830ع ۾ سينٽ هيليري ارتقا جي مسئلي تي ڪيوئر سان هڪ مشهور بحث ۾ حصو وٺندي سوڀ حاصل ڪئي، جنهن ڪري سموري يورپ کي صدمو پهتو پر گيٽي جي دل خوش ٿي. هيءُ پراڻي دنيا جي پراڻن خيالن خلاف ظاهر ظهور انقلاب هو.

اڃا اڻويهين صديءَ جو پهريون اڌ به ختم ڪونه ٿيو هو، ته ارتقا جا نظريا فضا ۾ اڏامي رهيا هئا. اسپينسر، ڊارون کان گهڻو اڳ ۾ اهو خيال ظاهر ڪيو ۽ ان کي ”ارتقا جو نظريو“ ۽ ”نفسيات جا اصول“ ۾ پيش ڪيو. سن 1858ع ۾ ڊآرون ۽ وئليس (Wallace)، لنيئن سوسائٽيءَ (Linnaean Society) آڏو پنهنجا مشهور مقالا پڙهيا. سن 1859ع ۾ ڊارون جو مشهور ڪتاب ”انواع جي اصليت“ (Origion of Species) شايع ٿيو ۽ نيڪ بشپن سمجهيو، ته پراني دنيا اوچتو پرزا پرزا ٿي وئي هئي. هي ارتقا جو گولمول تصور ته ڪونه هو، جنهن مطابق زندگيءَ جا اعليٰ نمونا، ادنا نمونن مان ترقي ڪري وجود ۾ آيا هئا، پر ارتقا جي حقيقت طريقي متعلق هڪ تفصيلوار ۽ سَنَدَ وارو مقالو هو. ارتقا، قدرتي انتخاب يا زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ وڌيڪ بهترين نسل جي بقا ذريعي ٿئي ٿي. ڏهن سالن جي عرصي اندر سموري دنيا ارتقا بابت گفتگو ڪرڻ لڳي. اسپينسر جو ذهن نهايت صاف ۽ وسعت وارو هو. هن ارتقا جو نظريو هر علم ۽ هر زندگي جي مشاهدي سان لڳايو. ان ڪري ٿوري ئي عرصي ۾ هو فڪر جي هن لهر تي سوار ٿي ڪائنات جون بلنديون طئيءَ ڪندو رهيو ۽ زندگيءَ جي گهرن رازن تي روشني وجهندو رهيو. جيئن سترهين صدي ۾ رياضيات فلسفي تي حڪمران هئي ۽ دنيا اندر ڊيڪارٽ، هابس، اسپنوزا، ليبنز ۽ پاسڪل پيدا ٿيا، ۽ جيئن برڪلي، هيوم، ڪانڊلئڪ ۽ ڪانٽ فلسفي کي نفسياتي رنگ ۾ پيش ڪيو، تيئن اڻويهين صدي ۾ شيلنگ ۽ شاپينهاور، اسپينسر، نيٽشي ۽ برگسن جي هستين ۾ فلسفي جي فڪر جو پس منظر علم حياتيات هو. پر هرهڪ حالت ۾ جدا جدا فلسفين ان دوران جا اهم خيال مختلف رنگن ۽ روپن ۾ پيش ڪيا، جيڪي گهڻي يا ٿوري قدر مبهم هئا. جيئن تيئن دنيا اميريگو ويسپڪيءَ (Amerigo Vespucci) جي نالي سان ان ڪري سڏڻ ۾ آئي جو هن نئون نقشو تيار ڪيو، تيئن هڪ صاحب نظر نئين دنيا جي سڀني نون خيالن کي مرتب ڪري صاف رنگ ۾ پيش ڪيو. هربرٽ اسپينسر ڊارون جي دور جو ويسپڪي هو ۽ ڪجهه قدر ڪولمبس به انهيءَ سان ڪلهي جوسي هو.

 

اسپينسر جي نشوونما: The Development of Spencer

هو ڊربيءَ وٽ سن 1820ع ۾ ڄائو. سندس ابا ڏاڏا ماءُ ۽ پيءُ جي طرف کان قومي ڪليسا جا مخالف هئا. سندس والد جي ماءُ جان ويزلي جي پڪي معتقد هئي، سندس والد جو ڀاءُ انگريز پادري هئڻ جي باوجود ڪليسا اندر ويزلي جي پٺڀرائي جي تحريڪ شروع ڪئي ۽ ڪڏهن به ساز سنگيت جي مجلس يا ناٽڪ ۾ شرڪت نه ڪئي، هن سياسي اصلاح جي تحريڪن ۾ اهم حصو ورتو. قائم ٿيل مذهب جي مخالفت جو جذبو سندس پيءُ اندر مضبوط ٿيندو ويو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو هربرٽ اسپينسر خود هڪ ضدي انفراديت پسند ٿي پيو. سندس پيءُ ڪنهن به شيءَ  جي سمجھاڻي لاءِ ڪڏهن انفراديت پسند ٿي پيو. سندس پيءُ ڪنهن به شيءِ جي سمجھاڻي لاءِ ڪڏهن به فوق الفطرت قوتن کي استعمال ڪونه ڪيو، هڪ واقفڪار چيو، ته هو ڪنهن به ايمان ۽ مذهب کان خالي هو، جيتوڻيڪ هربرٽ اسپينسر ان کي هڪ قسم جو وڌاءُ ڪري ليکيو. سندس رغبت سائنس سان ٿيڻ لڳي ۽ هن هڪ ايجادي جاميٽري لکي. سياست ۾ هو پنهنجي پٽ وانگر انفراديت پسند هو ۽ ڪنهن به اعليٰ رتبي واري شخص جي آڏو ڪڏهن به پنهنجو ٽوپلو مٿي تان ڪونه لاهيندو هو.” جڏهن منهنجي ماءُ کانئس ڪو سوال پڇندي هئي ۽ اهو کيس سمجهه ۾ ڪونه ايندو هو ته هو خاموش ٿي ويندو هو ۽ ڪڏهن به نه پڇندو هو، ته سوال ڪهڙو هو. هيءُ طريقو هن سڄي زندگي اندر جاري رکيو.“

سندس پيءُ چاچو ۽ ڏاڏو خانگي اسڪولن ۾ معلم هئا. پر تنهن هوندي به هربرٽ اسپينسر، جيڪو ان صديءَ جو سڀ کان وڌيڪ مشهور فلسفي ٿيڻ وارو هو، چالهين سالن جي ڄمار تائين تعليم کان وانجهيل رهيو. هربرٽ سست هو ۽ ساڻس پيءُ جو پيار بيحد هو. تيرهن سالن جي ڄمار ۾ هربرٽ کي هنٽن (Hinton) موڪليو ويو، ته هو پنهنجي چاچي جي سنڀال هيٺ تعليم پرائي. سندس چاچو سختيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. پر هربرٽ هڪدم پنهنجي چاچي وٽان ڀڄي ويو ۽ ڌڪا ٿاٻا کائيندو 48 ميل پهرئين ڏينهن، 47 ميل ٻئي ڏينهن ۽ 20 ميل ٽئين ڏينهن ڪري، صرف ٿوري ماني ۽ بيئر تي گذر سفر ڪندو ڪري اچي ڊربيءَ ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر سهڙيو. پر ڪن هفتن کان پوءِ وري هو هنٽن طرف واپس ويو ۽ ٽي سال کن اتي گذاريائين. اهو ئي عرصو هن باقاعده تعليم ورتي. پوءِ هو چئي نه سگهيو، ته هن اتي ڇا پرايو هو، نه تاريخ، نه قدرتي سائنس ۽ نه ادب. هو خاص فخر سان چوي ٿو، ته ”نه ٻاراڻي اوستا ۾ نه وري جوانيءَ ۾ مون هڪ به سبق انگريزيءَ ۾ پڙهيو ۽ هن وقت تائين مون کي گرامر بابت ذري ماتر به علم ڪونه آهي.“ چاليهن سالن جي عمر ۾ هن هومر جي ”ايلئڊ“ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي،پر ڇهن جلدن پڙهڻ کان پوءِ هن محسوس ڪيو،ته ڪتاب جو مطالعو جاري رکڻ ڪهڙو نه اوکو ٿيندو ۽ اهو بهتر ٿيندو جو هو ڳري رقم ڀري بجاءَ هو ڪتاب کي ختم ڪري. سندس دلچسپ مضمونن ۾ به هن کي باقاعده تعليم ڪونه ملي. البت هن ڪيميا اندر پنهنجون آڱريون ساڙيون ۽ ڪي بم ڇوڙيا، اسڪول ۽ گهر ۾ جيڪي جيت ۽ ڪيڙا هو ڏسندو هو، تن جو غور سان مطالعو ڪندو هو ۽ پوءِ هڪ سول انجنيئر جي حيثيت ۾ هو زمين جي طبقي ۽ دٻيل جانورن، ٻوٽن وغيره بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه سکيو. تنهن کان پوءِ زندگي جي دوران هو سائنس متعلق معلومات حاصل ڪندو رهيو. ٽيهن سالن تائين هن کي فلسفي بابت ڪوبه فڪر ڪونه هو، تنهن کان پوءِ هن ليوئز جو مطالعو ڪيو ۽ ڪانٽ طرح رخ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن هن ڏٺو، ته ڪانٽ زمان ۽ مڪان کي ادراڪ جا نمونا ڪري ٿو ليکي، تڏهن هن فيصلو ڪيو، ته ڪانٽ موڳو مٽر آهي ۽ هن سندس ڪتاب اڇلائي ڇڏيو. سندس سيڪريٽري اسان کي ٻڌائي ٿو. جڏهن هن پنهنجو پهريون ڪتاب ”سماجي سڪونيات“ لکڻ شروع ڪيو، تڏهن هن جو ناٿن ڊائمنڊ جي هڪ فضول ڪتاب کان سواءِ ٻيو ڪوبه مقالو اخلاقيات تي ڪونه پڙهيو هو. پنهنجي ”نفسيات“ صرف  هيوم (Hume)، مئنسل (Mamsel) ۽ ريڊ (Reid) جي پڙهڻ کان پوءِ لکيائين. ”حياتيات“ صرف ڪارپينٽر (Carpenter) جي تقابلي عضويات پڙهڻ کان پوءِ لکيائين. (هن ڊارون جو مشهر ڪتاب ’انواع جي اصليت‘ به ڪونه پڙهيو هو) پنهنجي ”عمرانيات“ ڪامتي ۽ ٽيلر (Tylor) جي مطالعي کان سواءِ لکيائين، ۽ ”اخلاقيات“ سجوڪ (Sedgwick) کانسواءِ ڪانٽ، مل يا ٻئي ڪنهن اخلاقياتي فلسفي کي پڙهڻ بنا لکيائين. سندس تعليم ۽ تربيت جان سٽوئرٽ (John Stuart Mill) جي گهري ۽ بي درد مطالعي کان ڪهڙو نه مختلف هئي!

پوءِ هن کي بي انداز حقيقتون ڪٿان مليون، جن جي زور تي هن هزارين دليل کڙا ڪيا؟ گهڻو ڪري هن سنئين سڌي مشاهدي جي ذريعي اهي حقيقتون زنگيءَ جي ڪتاب مان ويهي چونديون. ”سندس شوق تجسس هميشه بيدار هوندو هو ۽ هُو هميشه پنهنجي همراهه جو ڌيان ڪنهن عجيب و غريب قدرتي واقعي طرف ڇڪائيندو هو، جنهن کي اڳي ٻئي ڪنهن جي نظرن ڪونه پروڙيو هو.“ اٿينيئم (Athenaeum) ڪلب ۾ هو هوڪسلي ۽ ٻين دوستن کان خاص علم حاصل ڪندو هو، ايتري قدر جو آخرڪار هو خشڪ ٿي ويندا هئا. ڪلب ۾ علمي رسالن جي تيز نظرن سان مطالعو ڪندو هو، جهڙيءَ طرح ڊربي وٽ هو فلسفي جي رسالن کي غور سان ڏسندو هو، ۽ هرهڪ ڪارآمد حقيقت کي پنهنجي ذهني خزاني اندر جذب ڪندو هو. جڏهن هن فيصلو ڪيو، ته کيس ڇا ڪرڻو هو ۽ جڏهن هن کي اهو مرڪزي تصور (ارتقا) هٿ آيو، جنهن جي چوڌاري سنس هر تصنيف ڦرڻي هئي، تڏهن سندس دماغ مناسب مواد لاءِ هڪ چقمق ٿي پيو، سندس بي مثال خيالي مواد جي خودبخود درجابندي ڪئي. ان ۾ ڪوبه عجب ڪونهي، ته هڪ مزور ۽ هڪ سيٺ ساڳي وقت هن کي خوشيءَ سان ٻڌو، سندن ذهن به هن جي ئي ذهن وانگر هو، جنهن کي ڪتابي معلومات ٿوري هئي، جو ”تمدن“ کان غير واقف هو، پر تنهن هوندي، به روزمرهه جي زندگيءَ جي حقيقتن سان مالامال هو. هربرٽ اسپينسر اهڙوئي شخص هو جو عملي زندگيءَ مان هميشه سبق سکندو رهي ٿو.

هن کي پنهنجي پيٽ قوت لاءِ ڪم ڪرڻو پيو. سندس ڌنڌي سندس خيال کي عملي ويس پهرايو. هو ريلوي لائين ۽ پلين جو سرويئر، سپروائيزر ۽ ڊزائينر هو ۽ عام طور انجنيئر جو ڪم ڪندو هو.، هر موڙ تي هو ايجادن جي اپٽار ڪندو هو، جيڪي سڀ ناڪام ثابت ٿيون، پر پوءِ پنهنجن ايجادن تي اهڙي شوق سان نظر وجھندو هو، ڄن ته ڪو پيءُ پنهنجي اڍنگي پٽ کي ڏسي رهيو هو. پنهنجي سوانح عمريءَ ۾ گذريل ڳالهيون ياد ڪندي پنهنجن ڪن تجويزن ۽ ايجادن جو هرهنڌ ذڪر ڪري ٿو، جيئن جوانيءَ ۾ اڪثر اسان نوان نوان طعام ۽ خوراڪون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، تيئن هو به ان مشغلي ۾ مصروف هو. ڪجهه عرصو هو ويشنو ٿي رهيو، پر پوءِ جڏهن پنهنجي هڪ ڀاڄي خور دوست کي هڪ مرض ۾ متبلا ٿيندو ڏٺائين ۽ پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪيائين، تڏهن ان کي ترڪ ڪيائين. ”مون ڏٺو ته جيڪي ڪجهه مون ان عرصي ۾ لکيو، تنهن کي ٻيهر لکڻ جي ضرورت پيش آئي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ قوت ٿوري هئي.“ انهن ڏينهن ۾ هو هر ڳالهه کي آزمائڻ لاءِ تيار هو، هن نيوزيلينڊ ۾ آباد ٿيڻ جو پڻ خيال ڪيو ۽ اها ڳالهه وساري ڇڏيائين، ته هن نئين ملڪ کي فلسفين جي ضرورت ڪانه آهي. سندس عادت هوندي هئي، جو هو هر تجويز جي فائدي وارن ۽ ان جي خلاف سبب جي لسٽ تيار ڪندو هو ۽ هرهڪ سبب کي مارڪون مقرر ڪري ڏيندو هو. مٿينءَ تجويز جي حالت ۾ انگلينڊ ۾ رهڻ کي 110 مارڪون مليون ۽ انگلينڊ کان ٻاهر نڪرڻ کي 301 مارڪون مليون، ان جي باوجود هو انگلينڊ ۾ رهي پيو.

سندس اخلاق ۾ نيڪين سان گڏ ڪي ڪوتاهيون به هيون. پڪي حقيقت پسندي ۽ عملي احساس سبب سندس طبيعت ۾ شاعراڻو جوش ۽ جذبو بلڪل نه هو، جنهن جي ڪري سندس نثر ڦڪو پيو لڳي. هن ۾ استقلال هيو، جنهن ڪري هو ٻئي طرف راين سان ڀرپور ضدي ٿي پوي. هو ساري ڪائنات اندر پنهنجن نظرين جا ثبوت ڏسي سگهيو ٿي، پر ساڳي وقت هو ٻين خيال پروڙڻ قطعي ۽ نظر سمجهڻ کان قاصر هو. هن ۾ خودي هئي، جيڪا هڪ غير مطابقت لاءِ سگهارو هئي، پر هو بزرگيءَ جو بار خودبينيءَ کان سواءِ کڻي نه سگهيو. هڪ پهرئين محقق وانگر همت، دلي صفائي ۽ صاف گوئي ۽ گهري اصليت سان گڏوگڏ هن ۾ ڪٽر تنگ خيالي موجود آهي. ساري زندگيءَ ۾ هن خوشامد ۽ سرڪاري عزتن کان پاسو ڪيو ۽ خراب صحت جي باوجود خاموشي ۾ چاليهه سال سخت محنت ۽ مشقت سان پنهنجو ڪم ڪندو رهيو، تنهن هوندي به هڪ دماغي ڄاڻ جي ماهر سندس لاءِ ائين چيو آهي، ته هو حد کان وڌيڪ پنهنجي پاڻ جي عزت ڪندو هو. استادن جو پٽ ۽ پوٽو هئڻ ڪري هو هميشه پنهنجن ڪتابن ۾ ڏنڊو استعمال ڪندو هو ۽ نصيحت جو آواز بلندو ڪندو هو. هو اسان کي ٻڌائي ٿو، ته ”مان ڪڏهن به منجهي نه ٿو پوان.“ ڪنوارپ جي خاموش زندگي گذارڻ جي ڪري هن ۾ گرمجوشيءَ وارا انساني گڻ غير موجود آهن. هن بزرگ انگريز عورت جارج الئٽ سان رستو رکيو، پر ان عورت ۾ ايترو ذهن هو جو هوءَکيس راضي ڪري ڪونه سگهي. هن ۾ ظرافت عدم موجود هئي ۽ سندس تحرير ۾ لطيفيت، باريڪي ۽ ڦير گهير نالي برابر هئي. هڪ ڀيرو جڏهن پنهنجي دلپسند راند بلئرڊ ۾ هارايو، تڏهن هن پنهنجي مخالف کي چيو، ته ”لعنت آهي توتي جو تو ايترو وقت ان راند ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ ضايع ڪيو آهي.“ پنهنجي سوانح عمري ۾ پنهنجي اوائلي ڪتابن تي تبصور ڪندي ڏيکاريو اٿس، ته اهي ڪيئن وڌيڪ صحيح طور لکڻ کپندا هئا.

ظاهري طور سندس اعليٰ مهم کيس مجبور ڪيو، ته زندگيءَ جو اڀياس وڌيڪ سنجيدگيءَ سان ڪري. پئرس مان هو لکي ٿو، ته ”مان آچر ڏينهن سينٽ ڪلائوڊ جي جشن ۾ موجود هئس. مون کي عجب لڳو، ته ڪيئن نه وڏا به ٻارن وانگر راند روند ۾ مزو وٺي رهيا هئا. اڇي مٿي وارا پڻ چوڏيلن تي چڪر کائي رهيا هئا، جيڪي اسان جي ميلن ۾ عام هوندا آهن.“ زندگيءَ جي تحليل ڪرڻ ۽ ان  جي بيان ڪرڻ ۾ هو اهڙو ته مشغول هو، جو هن کي زنده دليءَ سان زندگي گذارڻ لاءِ وقت ڪونه مليو. نياگرا آبشار (Niagara Falls) ڏسي نه ٿي سگهيو، هو پنهنجو ڪم جاري رکندو رهيو ۽ پنهنجي کيسي مان خرچ جي پورت ڪندو رهيو. آخرڪار سندس پونجي ۽ همت پويان پساهه کڻڻ لڳيون ۽ هن پنهنجي ڊائري ۾ هي لفظ لکيا: ”جيئن مون سمجھيو هو تيئن ئي نظر آيو.“ رواجي واقعن کي پڻ هو ڪتابي نوع ۾ پيش ڪري ٿو. هن زندگيءَ جا لاها چاڙها ڪونه ڏٺا، نڪي وري ڪنهن عشق جي دام ۾ گرفتار ٿيو، کيس ڪي گهرا دوست هئا، پر هو انهن متعلق هڪ رياضي دان وانگر لکي ٿو. مطلب ته سندس بيانن ۾ ڪنهن به قسم جو جوش ۽ ولولو ڪونه آهي. سندس هڪ دوست کي ٻڌايو، ته جڏهن هو هڪ نوجوان عورت اسٽينوگرافر کي عبارت لکائيندو هو، تڏهن هو پنهنجي خيالن جو سنجيدگيءَ سان اظهار ڪري نه سگهندو هو. اسپينسر کيس ٻڌايو، ته هو اهڙيءَ ڪمزوريءَکان آجو هو. سندس سيڪريٽري چوي ٿي، ته سندس سنهن چپن ۾ ڪنهن به قسم جو جنسي حوس ڪونه هو ۽ سندس هلڪيون اکيون جذباتي گهرائيءَ جي عدم موجودگي ظاهر ڪري رهيون هيون.“ ان ڪري ئي سندس طرز ۾ ٿڪاوٽ پيدا ڪندي ڪسانيت آهي. نه هو بلنديءَ طرف پرواز ڪري ٿو ۽ نه وري سندس تحرير کي عجب جي نشانين جي ضرورت آهي. رومانيت جي دؤر ۾ هو ڄڻ ته عظمت ۽ ضبط جو پتلو آهي.

سندس ذهن غير رواجي طور منطقي آهي. اوليٰ ۽ ثانويءَ کي هو هڪ شطرنج  باز وانگر حرفت ۽ درستيءَ سان استعمال ڪري ٿو. پيچيده موضوعن کي هو نهايت صاف بيانيءَ سان سمجھائي ٿو. هو چوي ٿو، ته ”ماڻهو ائين چون ٿا، ته مون کي واضح ڪرڻ جي غير رواجي قابليت آهي. مان مفروض حقيقتن، دليلن ۽ نتيجن کي خاص چٽائي ۽ ربط سان پيش ڪيان ٿو.“ کيس وسيع ۽ ڪلي مفروضن سان محبت هوندي هئي ۽ ثابتين کان وڌيڪ مفروضن سان پنهنجي ڪتابن کي دلچسپ بڻائيندو هو. هڪ دفعي هُڪسلي چيو، ته اسپينسر جي ٽريجڊي بابت خيال هي آهي، ته هقيقت، تصور کي قتل ڪندڙ آهي. اسپينسر جي ذهن ۾ ايترا ته تصور هئا، جو هر ڪنهن ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن تصور جو قتل ٿيڻ لازمي هو. هڪسلي هڪ دوست بڪل جي هلڻ تي تنقيد ڪندي چيو: ”مان ڏسان ٿو ته هو ڪهڙي قسم جو انسان آهي. هو نهات ڳرو آهي.“ اسپينسر ان تي هيءُ اضافو ڪيو: ”هن مادي جو ايترو ته گهڻو انداز حاصل ڪيو آهي، جو هو ان جي تنظيم ڪري نه ٿو سگهي.“ اسپينسر جي حالت ان جي ابتڙ هئي: هن تنظيم طرف وڌيڪ توجهه ڏنو ۽ حقيتن جي انداز طرف گهٽ. ربط ۽ امتزاج سندس خاص شغل هو. هن ڪارلائيل کان ان ڪري ڪناره ڪشي ڪئي، جو ڪارلائيل جي ذهني رغبت مختلف هئي. ممتاز عام (Brilliant Generalization) جو سندس ذهن تي خاص قبضو هو ۽ منظم ڪرڻ جو شوق سندس زهني قوتن مٿان طاري ٿيو. پر دنيا کي اهڙي قسم جي ذهن جي هاڻي اشد ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. دنيا ان شخص کي پڪاري رهي هئي، جو بي انداز ٽڙيل پکڙيل حقيقتن کي مهذب معنيٰ جو ويس پهرائي صفائي ۽ چٽائيءَ سان پيش ڪري. پنهنجي نسل لاءِ جيڪا خدمت هن سرانجام ڏني، تنهن سندس غلطينک ي پڻ صاف ظاهر ڪري ڇڏيو، جڏهن اسان کي ڪنهن بزرگ هستي جي ڀلن چڪن جي معلومات حاصل ٿئي ٿي. تڏهن ئي اسان ساڻس محبت ڪرڻ لڳون ٿا. ڀلون چڪو، ته انسان ذات جو ڏاج آهن، جيڪڏهن ڪو شخص حد ڪماليت سان چمڪي ٿو، ته اسان مٿس شڪ ڪرڻ لڳون ٿا ۽ اٽلو کانئس ڪناره ڪشي اختيار ڪيون ٿا. اچو ته هن هستيءَ جو صاف گوئي سان بيان ڪيون.

چاليهن سالن جي ڄمار ۾ اسپينسر پنهنجي زندگي لاءِ لکي ٿو، ته منهنجي زندگي بهتر رهي. مشڪل سان اهڙو ٻيو ڪو فلسفي لڀندو، جنهن جي زندگي ۾ اهڙي قسم جو متفق نمونو نظر اچي. ٽيويهن سالن جي ڄمار حن خيال ڪيو، ته ڇو نه واچ سازيءَ جو پيشو اختيار ڪيان. پر آهستي آهستي نيٺ هن  پنهنجي عمل جو ميدان  ڳولي لڌو، جنهن تي سخت محنت ۽ مشتق سان پورهيو ڪرڻ لڳو. 1842ع ۾ هن هڪ غير مطابقت پسند (Non Conformist) اخبار لاءِ ڪي خط لکيا، جن جو موضوع هو ”حڪومت جو صحيح دائرو“. هيءُ هو سندس عدم مخالفت جي فلسفي جو ٻج. ڇهه سال پوءِ هن انجنيئر جي ڌنڌي کي ڇڏي ”ايڪانامسٽ“ جو ايڊيٽر ٿيو. ٽيهن سالن جي ڄمار ۾ هن جوناٿن ڊائمنڊ جي ”اخلاقي اصولن تي مضمون“ بابت گهٽ وڌ ڳالهايو. سندس پيءُ کيس چئلينج قبول ڪيو، ته هو اهڙي موضوع تي اهڙي ڪا تصنيف ته پيش ڪري. اسپينسر اها چئلينج قبول ڪئي ۽ ”سماجي سڪونيت“ لکيائين. ڪتاب جو تمام گهٽ وڪرو ٿيو، پر هو هاڻي رسالن سان لهه وچڙ ۾ آيو. سن 1852ع ۾ هن ”آباديءَ جو نظريو“ پيش ڪيو، جيڪو ڏيکاري ٿو، ته مالٿس جو ان دؤر تي ڪيترو نه اثر ٿيو. ان مضمون ۾ هن ڏيکاريو، ته ڪيئن نه زندهه رهڻ لاءِ ڪشمڪش، سڀ کان اعليٰ نسبت کي قائم رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ساڳئي سال هن ”ارتقا جي نظرئي“ تي هڪ مضمون لکيو. ارتقا جي خالفن هيءُ اعتراض ورتو هو، ته اهو ته ڪنهن به ڪونه ڏٺو آهي، ته اڳيان نوع آهستي آهستي ترقي ڪري نون نوعن جي صورت اختيار ڪن. ان جو جواب اسپينسر هيءُ ڏنو، ته ڇا اهو وري ڪنهن ڏٺو آهي، ڇا ته خدا ڪنهن مقرر وقت تي ڪنهن خاص نوع کي خاص حڪم سان پيدا ڪيو. ساڳي مضمون ۾ هن هيءُ به خيال پيش ڪيو، ته نئين نوع جي ارتقا، ماءُ جي رحم ۾ ٻار جي ارتقا ۽ ٻج مان ٻوٽي جي ارتقا سان مشابهت رکي ٿي. اسان رحم اندر ٻار جي نشونما تي عجب نه ٿا کائون، نه وري ٻوٽي جي اُسرڻ تي حيرت ٿا ڪريون، پوءِ ڇو اسان ڪنهن نئين نوع جي ڦٽي ظاهر ٿيڻ کان اعتبار جوڳي ڳالهه نه ٿا ڪري ليکيون؟ سن 1855ع ۾ سندس ٻيو ڪتاب ”نفسيات جا اصول“ ظاهر ٿيو، جنهن ۾ هن ذهن جي ارتقا جي سمجھاڻي ڏني. تنهن کان پوءِ سن 1857ع ۾ هن جو هڪ مضمون ”ترقي، ان جو قاعدو ۽ سبب“ شآيع ٿيو. ان مضمون ۾ هن وان بيئر جو هيءُ تصور کنيو، ته سڀ ڪنهن نوع جي شروعات يڪسان آهي، پر پوءِ هرهڪ نوع ۾ مختلف تبديليون نمودار ٿين ٿيون، جيڪي ان نوع جي ترقيءَ جو باعث بڻجن ٿيون. ان تصور کي هن وڌيڪ وسيع ڪيو. مطلب ته اسپينسر به ان دؤر جي روح مطابق اسريو. هاڻي هو عالمگير ارتقا جو فلسفي بڻجڻ لاءِ تيار هو.

جڏهن سن 1858ع ۾ پنهنجي مضمونن کي مجموعي صورت ۾ ڇپائڻ جي خيال کان هو انهن تي نظرثاني ڪري رهيو هو، تڏهن کيس پنهنجي ظاهر ڪيل خيال ۾ هڪ قسم جو اتحاد ۽ تسلسل نظر آيو، جيئن در کولڻ وقت يڪدم روشني اندر لنگهي ايندي آهي، تيئن هن جي من ۾ هي خيال پيدا ٿيو، ته ارتقا واري نظرئي کي نه فقط حياتيات سان پر هرهڪ علم سان لڳائي سگهجي ٿو ۽ انجي ذريعي اسان نه فقط نوعن ۽ جنسن جي سمجھاڻي ڏئي سگهنداسون، پر ساڳئي وقت سيارن، طبقن، معاشرتي ۽ سياسي تاريخ، اخلاق ۽ جمالياتي تصورن تي پڻ روشني وجهي سگهنداسون. سنس ذهن شعلي کيس بيتاب ڪيو، ته هو اهڙي قسم جا ڪتاب لکي، ڪجيڪي مادي ۽ هن جي مڪمل ارتقا کي ظاهر ڪن ۽ گئس ۽ ڌنڌ ۾ ويڙهيل ستاري (Nebula) کان وٺي انسان جي وجود ۾ اچڻ تائين واري پوري تاريخ پيش ڪئي وڃي ۽ جن ۾ وحشيءَ کان وٺي شيڪسپيئر تائين انسان ذات جو ذڪر ڪيل هجي. پر جڏهن هن ڏٺو، ته هو اڻونجاهه سالن جو ٿي ويو هو، تڏهن هو ذري گهٽ نااميد ٿي پيو. ڪيئن هڪ انسان، جيڪو ۽ ۽ بيماري هو، انساني علم جيساري ميدا کي پار ڪري سگهيو ٿي؟ فقط ٽي سال اڳ هن جي صحت کي سخت صدمو پهتو هو، ارڙهن مهينن تائين هو بستري داخل هو ۽ سندس ذهن ۽ همت هارجي ويا هئا. کيس خبر هئي، ته هن جو مڪمل طور صحتمند ٿيڻ محال هو ۽ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ لڳاتار محنت هو ڪري نه ٿي سگهيو. پوشيده قوتن جي شعور هن جي ڪمزوري کي هڪ نهايت ڪڙي شيءِ بڻائي ڇڏيو. هو ئي هڪ اهڙو مرد هو، جنهن هاڻي پنهنجو ڪم چونڊيو هو، پر صحت جي خرابي سندس راهه ۾ هڪ رڪاوٽ هئي. افسوس جو هن زندگيءَ ۾ ايتري دير سان اهڙي اعليٰ مهم ڳولي هٿ ڪئي.

ان کان سواءِ هو غريب هو. روزگاري حاصل ڪرڻ طرف هن ڪوبه خيال ڪونه ڏنو. ”ايڪانامسٽ“ جي ايڊيٽريءَ تان ان ڪري استعيفا ڏيئي ڇڏي هئائين. جو کيس سندس چاچي وٽان 2500 پائونڊ ورثي طور مليا هئا. پر ڪاهلي سبب جلد ئي اها رقم ختم ٿي وئي. هاڻي سوچيائين ته ڇونه ارادي ڪيل جلدن ڇپائڻ لاءِ اڳواٽ چندا ڪٺا ڪري ۽ انهن چندن مان پيٽ گذر به ڪري ۽ ساڳي وقت پنهنجي من جو مقصد پڻ پورو ڪري. پنهنجي تجويز جو هن خاڪو تيار ڪري ان کي هڪ سلي، ليوئز ۽ ٻين دوستن جي حوالي ڪيائين. انهن دوستن جي مدد سان هن کي ڪيترا روشن خيال دماغ وارا خريدار ملي ويا. جن مان ڪنگسلي، لائيل، هوڪر، ٽنڊال، بڪل، فرائوڊ، بين، هرشل جا نالا قابل زڪر آهن. جڏهن سن 1860ع ۾ اهڙي قسم جا رسالا شايع ٿيا، تڏهن يورپ مان چار سو ۽ آمريڪا مان ٻه سئو خريدار ملي ويا. سندس ڪل آمدني پندرنهن سو پائونڊ سالياني ٿي. اسپينسر ان واجبي رقم تي راضي رهيو ۽ ارادي جي قوت سان ڪم کي لڳي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org