سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
فلسفي جي ڪهاڻي |
باب:
-- |
صفحو :12 |
ڪنهن به مصنف پنهنجي زندگيءَ جي دوران ۾ ايترو
اثر پيدا نه ڪيو، جيتوڻيڪ ڪليسا ۽ رياست جي
حاڪمن کيس جلاوطن ڪيو، کيس قيد ڪيو، سندس ڪتاب
منسوخ ڪيا، پر تنهن هوندي به هو جوش ۽ جذبي
سان حق جي جي رستي تي هلندو. آخرڪار شهنشاهه ۽
مذهبي پيشوا سندس مرضي پوري ڪرڻ لاءِ مجبور
ٿيا، تخت ۽ تاج سندس آڏو لڏڻ ۽ لمڻ لڳا ۽ اڌ
دنيا سندس هرهڪ لفظ ٻڌڻ لاءِ پريشان ٿي. هيءُ
اهو وقت هو، جنهن ۾ ڪيتريون شيون پڪاري رهيون
هيون، ته آهي ڪو برباد ڪرڻ وارو. نٽشي چيو، ته
کلندڙ شينهن اچڻ گهرجن. هائو، والٽيئر آيو ۽
کل سان پراڻي دنيا کي ميٽي ڇڏيائين.هو ۽ روسو،
اقتصادي ۽ سياسي انقلاب جا ٻه زوردار آوازهئا.
قدرت اميرن، نوابن ۽ جاگيردارن کان حڪومت جون
واڳو کسي، وچولي طبقي کي آڇي رهي هئي. جڏهن ڪو
اسرندڙ طبقو وقتي رسم ۽ رواج ۽ قاعدي قانون کي
نه صحيح سگهندو آهي، تڏهن اهو رسم کي ڇڏي، عقل
جي ڀر وٺندو آهي ۽ قاعي کي ڦٽو ڪري فطرت کان
ڪم وٺندو آهي. جهڙيءَ طرح ڪنهن به فرد ۾ به
مخالف خواهشون پاڻ ۾ مقابلو ڪندي، آخرڪار هڪ
پرنور خيال جي صورت اختيار ڪنديون آهن، اهڙيءَ
ريت ٻه مختلف طبقا پاڻ ۾ لڙي نئين ترقيءَ جي
راهه ڳولي ڪڍندا آهن. تنهن ڪري دولتمند
واپارين جي طبقي والٽيئر جي عقليت ۽ روسو جي
فطرت واري نظريي جي حمايت ڪئي. نئين احساس ۽
خيال ۽ تازگي ۽ قوت ڏيڻ لاءِ اهو ضروري هو، ته
پراڻين عادتن ۽ رسمن مطابق پابندين کي هٽائجي
۽ ذهن کي آزادي ڏجي، جيئن هو نوان تجربا ڪري
سگهي ۽ نيون تبديليون آڻي سگهي. ان کان پوءِ
ئي هڪ عظيم انقلاب ممڪن ٿيندو. ان مان اهو
نتيجو ڪڍڻ نه گهرجي، ته والٽيئر ۽ روسو فرانسي
انقلاب جا سنوان سڌا سبب هئا. فرانس زندگي جي
سياسي ۽ سماجي سطح هيٺان ڪي انقلابي طاقتون
اوڀڙ جا ڏس ڏس ۽ گلس ڳلي رهيون هيون. اهي ڄڻ
ته ٻرندڙ جبل جي گرمي ۽ باهه جا اُهي شعلا
هئا. فلسفو، تاريخ لاءِ ائين آهي، جيئن عقل،
خواهش لاءِ. هر حالت ۾ هيٺان سطح تي ڪي
لاشعوري ڪاروايون ڪو انقلاب پيدا ڪري رهيون
آهن ۽ سطح مٿان ڪو شعوري خيال چمڪي رهيو آهي،
جنهن جو دارومدا رلاشعري ڪارواين تي آهي.
هر فلسفي جي دلي خواهش ٿيندي آهي، ته فلسفي جي
اثر ظاهر ڪرڻ ۾ مبالغو ڪري. اسان کي ان رغبت
درست ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ نه گهرجي. لوئي سورهين
جڏهن ٽيمپل قيدخاني ۾ والٽيئر ۽ روسو جا ڪتاب
ڏٺا، تڏهن چيائين ته ”انهن ٻن ماڻهن فرانس کي
برباد ڪيو آهي. ”يعني سندس گهراڻي جي تباهي
جا ڪارڻ بڻيا آهن. نيپولين چيو، ته ”بوربن
گهراڻي وارا جيڪڏهن تحريري مواد تي قبضو رکن
ها، ته جيڪر پنهنجي حفاظت ڪري سگهن ها. توبن
جاگيرداري سرشتي جو خاتمو آندو، تحرير موجوده
معاشرتي نظام کي ماري مات ڪندي.“ والٽِئر چيو،
ته ”ڪتاب دنيا تي حڪومت ڪن ٿا يا گهٽ ۾ گهٽ
انهن قومن تي جن کي تحريري زبان آهي، ٻيون
قومون ته ذڪر جي قابل ئي ڪونه آهن. تعليم کان
سواءِ ٻي ڪابه شيءِ انسان کي آزاد نه ٿي ڪري.“
هن فرانس کي آزاد ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌو. ”جڏهن
هڪ دفعو ڪنهن قوم خيال ڪرڻ شروع ڪيو، ته پوءِ
ان کي روڪڻ ناممڪن آهي.“ والٽيئر سان گڏوگڏ
فرانس خيال ڪرڻ شروع ڪيو.
والٽيئر سن 1694ع ۾ پئرس ۾ ڄائو. سندس والد هڪ
خوشحال ۽ ڪامياب، دستاويزن جي تصديق ڪندڙ
آفيسر هو. سندس والده جو تعلق ڪجهه قدر امير
گهراڻي سان هئو. شايد هن تيز فهمي ۽ ترش مزاجي
پنهنجي والد وٽان حاصل ڪئي ۽ ساڳئي وقت نرم
مزاجي ۽ حاضر جوابي پنهنجي والده کان پرائي.
سندس دنيا ۾ اچڻ ئي هڪ عجيب واقعو هو. سندس
والده ويم جي سورن ۾ ئي وفات ڪري وئي ۽ سندس
نرس سمجھيو، ته اهڙو ڪچو ۽ بيمار ٻار هڪ ڏينهن
کا ن وڌيڪ زندهه رهي ڪونه سهگندو. قدرت ان نرس
جي خيال کي غلط ثابت ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو ذري گهٽ
چوراسي سال زنده رهيو. پر ساري عمر ۾ سندس
ڪمزور جسم، مرضن ذريعي، سندس بي ضبط روح کي
چيچلايو.
سندس آڏو سندس وڏي ڀاءُ جو مثال هو، جنهن ڪنهن
مذهبي اختلاف سببان شهادت جو جام نوش ڪيو. هڪ
ڀيري وڏي ڀاءُ پنهنجي هڪ دوست کي چيو، ته
”جيڪڏهن تون ڦاسيءَ تي چڙهڻ نه ٿو چاهين، ته
گهٽ ۾ گهٽ ٻين کي ته شرف حاصل ڪرڻ کان نه
روڪ.“ سندس والد پنهنجن ٻن پٽن جو ذڪر ڪندي
چوندو هو، ته وڏو نثر ۾ پنهنجي بيوقوفي پيو
بڪي ته ننڍو نظم ۾ پنهنجي مستيءَ جو اظهار پيو
ڪري. جنهن وقت کان وٺي والٽيئر پنهنجو نالو
لکڻ سکيو، ان وقت کان وٺي هن کي شعر لکڻ جو
شوق جاڳيو. تنهن ڪري سندس تجربيڪار بابي کي
يقين ٿي ويو، ته نينگر مان ڪجهه به ورڻو نه
آهي. هڪ مشهور ڳائڻي نائن
(Ninon de I’Encols)
جيڪا صوفائي شهر ۾ رهندي هئي، منجھس ڏاهپ جا
ڳُڻ سڃاتا ۽ مرڻ وقت 2000 فرانڪ ڪتاب خريد ڪرڻ
لاءِ هن واسطي ڇڏي وئي. سندس شروعاتي تعليم
انهن ڪتابن سان شروع ٿي. ساڳئي وقت هڪ آزاد
خيال پادري هن کي سکيا ڏني، جنهن هن کي عبادت
ڪرڻ سان گڏ ديني معاملن ۾ شڪ ڪرڻ سيکاريو.
بلوغت جي عرصي ۾ هن کي جيزوئٽ فرقي وارا استاد
نصيب ٿيا، جن سندس مشڪوڪ طبيعت لاءِ دليل
بازيءَ جو هٿيو ميسر ڪري ڏنو. هر شيءِ ثابت
ڪرڻ جو فن آخرڪار انسان کي هر عقلمندي کان
منڪر ٿيڻ سيکاري ٿو. اهڙيءَ ريت والٽيئر بحث
مباحثي ڪرڻ ۾ ڀڙ ٿيو. جنهن وقت ٻيا ڇوڪر ميدان
۾ راند روند پيا ڪندا هئا، تنهن وقت هو ٻارهن
سالن جي عمر ۾ گهر اندر ويهي مذهبي مسئلن تي
بحث ڪندو هو. جڏهن هن لاءِ ڪهاڻي ٻڌڻ جو وقت
آيو، تڏهن ادب کي پنهنجو مشغلو ڪري اختيار
ڪيائين. سندس والد سمجھيو، ته اهو ته ڄڻ
خانداني عزت تي ٽڪو هو جو سندس پٽ چند ڪتاب
لکي پيٽ گذر ڪري. هن چيو ته ”ادب ته ان
ماڻهوءَ جو ڌنڌو هوندو آهي، جيڪو سوسائٽي لاءِ
بيڪار ثابت ٿيڻ چاهي، عزيزن لاءِ بوجهه هجي ۽
بک سبب آخرڪار مري وڃي.“ هن وقت به اسان انهن
لفظن جوانداز محسوس ڪري سگهون ٿا. بهرحال
والٽيئر ادبي پيشو اختيار ڪرڻ کان باز نه آيو.
ائين نه آهي، ته هو فقط خاموش ۽ محنتي ڇوڪر
هوندوهو. هو اڌ رات تائين ٻين جو تيل کپائيندو
هو. رات جو دير تائين ٻاهر رهڻ جي عادت پئجي
ويس. شهر جي حاضر جواب ٻٽاڪين سان ٻٽاڪون هڻڻ
۾ وقت وڃائڻ ڪرڻ لڳو ۽ اخلاقي حڪمن جي ڀڃڪڙي
ڪرڻ لڳو. سندس والد ڪڪ ٿي کيس هڪ عزيز وٽ
موڪلي ڏنو، ته کيس گهر اندر بند رکيو وڃي.پر
سندس جيلر هن جي ذهني تيزيءَ جي سامهون
هارائجي پيو ۽ جلد ئي کيس وري ڊگهو رسو ڏنو
ويو. قيد کان پوءِ وري هن کي جلاوطني نصيب ۾
لکيل هئي. سندس والد کيس فرانس جي ايلچيءَ جي
حوالي ڪري ڇڏيو، ته هو کيس هيگ شهر جا وڻ
ڏيکاري ۽ ان وحشي ڇوڪري تي پوري نظرداري رکي.
پر اتي وري هڪ ننڍي نيٽي دوشيزه ’پمپيٽ‘
(Pimpette)
سان محبت جا گيت ڳائڻ لڳو ۽ لڪي لڪي ملاقاتون
ڪندو رهيو. نيٺ ڳالهه ظاهر ٿي پئي. ۽ هن کي
گهر واپس ڪيو ويو. ڪيترا هفتا هو پنهنجي محبوب
’پمپيٽ‘ کي ياد ڪندو رهيو.
سن 1715ع ۾ ايڪيهن سالن جي ڄمار ۾ هو پئرس
ويو. اڃا هو اُتي مس پهتو ته لوئي چوڏهين جو
انتقال ٿيو. نئون شهنشاهه عمر ۾ ننڍو هو.
فرانس تي حڪومت هلائڻ هن جي لاءِ مشڪل ڳالهه
هئي. ان کان به وڌيڪ مشڪل ڪم هو پئرس تي ضابطو
رکڻ. تنهن ڪري سڀ طاقت هڪ ريجنٽ جي هٿ ۾ اچي
وئي. ان دوران شهر ۾ بغاوت جو ٻج ڦهلجي ويو،
جنهن ۾ والٽيئر پڻ اهم حصو ورتو. هڪ ذهين ۽
لاپرواهه جوان جي حيثيت ۾ هن جي شهرت وئي
وڌندي. جڏهن خرچ گهٽائڻ جي ارادي سان، ريجنٽ
شاهي طنبيلن مان اڌ گهوڙا وڪڻي ڇڏيا، تڏهن
والٽيئر راءِ ڏني، ته ڪهڙو نه عقلمنديءَ وارو
ڪم ٿئي ها، جيڪڏهن شاهي ڪچهريءَ مان اڌ گڏهه
برطرف ڪيا وڃن ها. نيٺ وقت آيو، جو والٽيئر کي
هر روشن ۽ شرارت انگيز گفتي جو سرچشمو ڪري
تصور ڪيو ويو. اهڙي قسم جي تحرير ۾ ڪي ٻه چار
اهڙا به شعر هئا، جن ۾ ريجنٽ تي الزام مڙهيو
ويو ته هو شاهي تخت هٿ ڪرڻ ٿو چاهي. ريجنٽ کي
غصو وٺي ويو. هڪ دفعي والٽيئر کيس باغ ۾ مليو.
کيس چيائين، ته ”مان شرط ٿو هڻان ته توکي اهڙي
شيءِ ڏيکاري سگهندس، جيڪا تو ڪڏهن ڪانه ڏٺي
هوندي.“ اها ڪهڙي شيءِ آهي؟“ ”بئسٽلي قيد خاني
جو اندريون حصو.“ ٻئي ڏينهن 16 اپريل 1717ع جو
هن اها شيءِ ڏٺي.
قيد خاني ۾ ئي هن والٽيئر جو تخلص اختيار ڪيو.
هاڻي هو سچ پچ شاعر ٿي پيو ۽ طويل نظم لکڻ
لڳو. جڏهن هن اٽڪل يارهن مهينا قيد ڪاٽيو،
تڏهن ريجنٽ کي معلوم ٿيو، ته هڪ بيڏوهي قيد جي
سزا ڪاٽي رهيو هو. هن کي آزاد ڪيو ويو ۽ کيس
پينشن پڻ ڏني وئي. والٽيئر هڪ خط ريجنٽ ڏانهن
لکيو، جنهن ۾ هن شڪرگذاريءَ جو اظهار ڪيو
سرڪار سندس خوراڪ جو انتظام ڪيو هو، پر ان سان
گڏ درخواست پڻ ڪيائين، ته کيس پنهنجو گهر ڳولڻ
۾ آزادي ڏني وڃي.
هڪ ئي ڌڪ سان والٽيئر قيد خانو ڇڏي اچي اسٽيج
تي ظاهر ٿيو. سندس غمناڪ ناٽڪ اوڊپي سن 1718ع
۾ پيش ڪيو ويو، جنهن لڳاتار 45 راتيون هلي
پئرس جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. سندس والد کيس
ڇنڀڻ آيو، هڪ باڪس ۾ ناٽڪ ڏسڻ لاءِ اچي ويٺو،
هر منزل تي پنهنجي خوشي روڪڻ لاءِ ’بدمعاش،
بدمعاش‘ پڪارڻ لڳو. ناٽڪ ختم ٿيڻ کان پوءِ هڪ
شاعر فانٽينيلي والٽيئر سان مليو ۽ ناٽڪ جي
ساراهه ڪندي چيائين، ته ان ۾ ايترو ته روشن
دماغي کان ڪم ورتو ويو آهي، جو هڪ غم پيدا
ڪندڙ ناٽڪ لاءِ غير مناسب پيو لڳي. والٽيئر
مشڪي جواب ڏنو، ته ”مون کي تنهنجا ڳوٺاڻا بيت
بار بار پڙهڻ گهرجن.“ ان نوجوان جي طبيعت
گوارا نه ڪيو ته هو خبرداري يا احترام کان ڪم
وٺي. ڇا هن ان ناٽڪ ۾ هيءُ لاپرواهه سٽون نه
وڌيون هيون:
”اسان جا مذهبي پيشوا درحقيقت ائين نه آهن،
جيئن سادا ماڻهو سمجھن ٿا. انهن جو علم ۽ اسان
جي اٻوجھائي ٻئي برابر آهن.“ ڇا هن پراڻي نظام
کي هنن لفظن ۾ چئلينج نه ڪيو هو؟
”اچو ته اسان پاڻ تي اعتبار ڪريون، سڀ ڪجهه
پنهنجن اکين سان ڏسون. اچو ته اها ڳالهه
سمجھون، ته اکيون ئي الاهي آواز آهن، اکين تي
ئي اسان جي زندگيءَ جو دارومدار آهي، اکيون ئي
اسان جا ديوتا آهن، جيڪي اسان کي هلائين
ڦيرائن ٿيون ۽ رستو ڏيکارين ٿيون.“
ان ناٽڪ مان والٽيئر کي چار هزار فرانڪ هٿ
آيا، جيڪي هن ڏاهپ سان سيڙايا. ادبي ماڻهن ۾
اهڙي ڏاهپ نه ٻڌي نه ڏٺي وئي. زندگيءَ جي
لاهين چاڙهين ۾، هن پنهنجي لاءِ نه فقط پيسي
گڏ ڪرڻ جو هنر سکيو، پر پيسي کي صحيح نموني ۾
سيڙائڻ جو پڻ. هن ان قديمي نصيحت جو احترام
ڪيو، ته فلسفي پيش ڪرڻ کان اڳ انسان پاڻ کي
زندهه رکي. سن 1729ع ۾ هن هڪ سرڪاري لاٽريءَ
جون سڀ ٽڪيٽون خريد ڪيون. لاٽريءَ جي رٿ
اڻپوري هئي. نتيجو اهو نڪتو، جو هن کي ڳري رقم
هٿ اچي وئي ۽ سرڪار مٿس اچي ڪاوڙي. پر جيئن هو
شاهوڪار ٿيندو ويو، تيئن وڌيڪ سخاوت ڪرڻ لڳو.
سندس زندگيءَ جي شام ۾ ته سندس چوڌاري محتاجن
جو ٽولو ويو وڌندو. جن کي هو خوشيءَ سان
پاليندو تاليندو هو.
اهو چڱو ٿيو جو فرانسي تحريري هوشياري سان
گڏوگڏ هن ۾ يهودي مالداريءَ جي چالاڪي موجود
هئي. سندس ٻيو ناٽڪ آرٽيمائر ڪامياب ڪونه ٿيو.
والٽيئر کي سخت احساس ٿيو. هر فتح، پويان هارڻ
جو ڏنگ وڌيڪ تيزي سان هڻي ٿو. هن کي عوامي
راءِ جو ڏاڍو احساس ٿيندو هو. هو جانورن تي
رشڪ ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر نه آهي، ته
ماڻهو انهن بابت ڇا پيا چون. ان بدقسمتي سان
گڏ، هن کي سخت ماتا جو مرض ڀوڳڻو پيو. هڪ سو
ويهه بوتلون ليمن جون يا ڪجهه ان کان گهٽ
مقدار دوائن جو پي ڪري هن پنهنجو علاج پاڻ
ڪيو. جڏهن هو موت جو پاڇولي کان بچي نڪتو،
تڏهن ڏٺائين، ته سندس نظم هينرئيڊ، جيڪو هن
جيل ۾ لکيو هو، کيس مشهور ڪري ڇڏيو هو، جتي
ڪٿي هاڻي سندس آجيان ٿيڻ لڳي. امير گهراڻي
وارن سان لهه وچڙ ۾ اچي هاڻي هو هڪ شانائتو
مرد ٿي پيو. هاڻي هو گفتگو ڪرڻ جوماهر ۽ يورپ
۾ شاندار شهري زندگيءَ جو وارث بڻجي پيو.
اٺ سال هو اميرن جي اوطاقن جي زينت بڻيو. تنهن
کان پوءِ وري سندس قسمت ۾ ڦيرو آيو. ڪيترن
اميرن اها ڳالهه اڃا وساري ڪونه، ته هو فقط
اعليٰ ذهن سبب رتبي ۽ عزت جو حقدار ٿيو هو، نه
ته خانداني لحاظ کان هو کانئن گهٽ ذات وارو
هو. هڪ ڀيري جو ذڪر آهي، ته رات جو طعام
کائيندي والٽيئر پنهنجي غير رواجي تيز زبانيءَ
سان مهمانن کي وندرائي رهيو هو، ته هڪ امير
شوليئر ڊي روهن پڇيو، ته اهو ڪهڙو نوجوان آهي،
جو اهڙو زور سان ڳالهائي رهيو آهي؟ والٽيئر
جواب ڏنو ته ”منهنجا سائين! هي اهو نوجوان
آهي، جيڪو سکڻن نالن ۽ تعريفن جو بار سر تي نه
ٿو کڻي، پر جيڪو نالو کيس آهي، تنهن لاءِ
هرهنڌ عزت حاصل ڪري ٿو.“ اهڙي مغرور امير کي
جواب ڏيڻ معنيٰ بدتميزي، لاجواب ڪرڻ معنيٰ
غداري. هن هڪ غنڊن جي ٽولي کي تيار ڪيو ۽ رات
جو غريب والٽيئر مٿان حملو ڪن. پر غنڊن کي
نصيحت ڪيائين، ”سندس مٿو نه ڦيهجو، شايد ان
مان ڪا چڱائي پيدا ٿئي.“ ٻئي ڏينهن جڏهن
والٽيئر ٿيئٽر وٽ ظاهر ٿيو، تڏهن پٽيون ٻڌل
هئس ۽ منڊڪائي رهيو هو. هو شوليئر جي باڪس طرف
وڌيو ۽ کيس چئلينج ڏنائين، ته اچ ته هٿن جي
صفائي ڪريون. تنهن کان پوءِ والٽيئر گهر واپس
ويو ۽ ٻيو سارو ڏينهن مڏين تلوارن سان جنگ جي
مشق ڪندو رهيو. پر ان امير جي مرضي نه هئي، ته
فقط هڪ ذهن وار شخص سان لڙي، دوزخ ۾ وڃي.
پنهنجي هڪ سئوٽ سان ڳالهه ڪيائين جيڪو پوليس
کاتي جو وزير هو. والٽيئر کي گرفتار ڪيو ويو ۽
پنهنجي پراڻي گهر، بئسٽل جي قيد خاني ۾ پاڻ کي
ڏٺائين. هڪ دفعو وري هن کي موقعو ڏنو ويو ته
جيل خاني اندر دنيا کي پروڙي کيس يڪدم ان شرط
تي آزاد ڪيو ويو ته هو جلاوطن ٿي انگلينڊ
روانو ٿئي. هڪ دفعو وري هن کي موقعو ڏنو ويو
ته هو جلاوطن ٿي انگلينڊ روانو ٿئي. هو روانو
ٿيو، پر ڊوئربندر تي پهچي ويس بدلائي وري
فرانس اندر داخل ٿيو ۽ وير وٺڻ جا پهه پچائڻ
لڳو. پر وري کيس خبر پئي، ته اختياري وارن کي
ساري ماجرا معلوم ٿي چڪي هئي. هن کي ٽيون ڀيرو
گرفتار ٿيڻ جو ڊپ ٿيو. تنهن ڪري هن سفر اختيار
ڪيو ۽ ٽي سال انگلينڊ ۾ رهڻ لاءِ مجبور ٿيو.
لنڊن- انگريزن کي خط
London: Letters on the English
هو همت سان ڪم جنبي ويو، ته جيئن هو اها نئين
زبان سکي. ٿوري عرصي ۾ هو انگريزي چڱي طرح
پڙهي سگهيو ۽ هڪ سال اندر هو ان زماني جي
بهترين انگريزي ادب تي حاوي ٿيو. لارڊ بالينگ
گبروڪ کيس اديبن سان تعارف ڪرايو. هو هاڻي هڪ
پٺيان ٻئي اديب سان گڏ طعام کائيندو رهيو. خود
ڊيپ سوفٽ
(Dean Swift)
جيڪو هڪ اڪيلائي پسند ۽ جگر جلائيندڙ اديب هو،
ان سان پڻ هو لهه وچڙ ۾ آيو. هو خانداني
بزرگيءَ کي ڪابه اهميت ڪونه ڏيندو هو ۽ نه وري
پنهنجي وڏائيءَ جي هام هڻندو هو. جڏهن ڪانگريو
(Congrue)
پنهنجي ناٽڪن بابت چوڻ لڳو، ته اهي محض
رانديڪا آهن ۽ اها خواهش ڏيکارڻ لڳو، ته هن کي
ليکڪ قرار نه ڏنو وڃي، پر محض هڪ شريف انسان،
جيڪو فرصت جي وقت انسانن جي وندر لاءِ ڪجهه
لکي ٿو، تڏهن والٽيئر تيزيءَ سان جواب ڏنس، ته
”جيڪڏهن بدقسمتي سان تون فقط اعليٰ خاندان جو
هڪ شريف انسان هجين ها ۽ ٻي ڪنهن به خوبيءَ جو
مالڪ نه هجين ها، ته جيڪر ماڻهن تنهنجي چائنٺ
اندر ڪڏهن به قدم ڪونه ڌريان ها.“
جنهن ڳالهه هن کي عجب ۾ وڌو، سا هيءَ هئي، ته
ڪهڙي نه آزاديءَ سان باليگبروڪ
(Bolingbroke)،
پوپ
(Pope)،
ائڊيسن
(Addison)
۽ سوفٽ
(Swift)،
پنهنجي مرضيءَ مطابق ملڪ اندر گهرايو، هڪ
پارلياميٽ ٺاهي جيڪا يورپ جي ٻئي ڪنهن به حاڪم
کان وڌيڪ مضبوط هئي. هتي بئسٽل جھڙو قيد خانو
ڪونه هو، نه وري مفت خور ۽ خطاب يافته امير ۽
نواب هئا. جيڪي پَل ۾ پنهنجي معصوم دشمنن کي
جيل جا دروازا ڏيکاري سگهندا هئا. جن جو نڪو
داد، نڪو فرياد، هتي سخت تعصبي مذهبي فرقا پڻ
نرم دل عيسائين وانگر هلت چلت ڪندا هئا.
پنهنجي زندگيءَ جي آخري دم تائين جو انگريزن
کي عجب سان ڏسندو رهوي. پنهنجي ’فلسفي‘ جي لغت
۾ هو هيءُ لفظ هڪ انگريز جي وات ۾ وجھي ٿو:
”اسان جو خدا، جنهن اسان کي حڪم ڏنو، ته
پنهنجن دشمنن سان به محبت ڪريو ۽ ظلم کي صبر
سان سهو، تنهن جو اهو ارادو هرگز ٿي نه ٿو
سگهي، ته ٿوري ڳالهه تي اسان سمنڊ لتاڙي وڃي،
پنهنجن ڀائرن جون سسيون ڪاٽيون.“
ان وقت جو انگلينڊ ذهين جدوجهد سان جنبش ۾ هو.
بئڪن جو نالو اڃا تائين ها ۾ گونجار ڪري رهيو
هو ۽ سندس تجربي ذريعي نتيجو ڪڍڻ وارو طريقو
هر ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري رهيو هو. هابس،
جاڳرتا واري شڪي روح کي زندهه رکيو ۽ پنهنجي
استاد (بئڪن) جي ڪارائتي عملي فلسفي کي اهڙي
ته ڪماليت ۽ بي باڪيءَ سان ظاهر ڪيو، جو
جيڪڏهن هو فرانس ۾ هجي ها، ته جيڪر ضرور شهادت
جو شرف حاصل ڪري ها. لاڪ نفسياتي تجزيي تي هڪ
اعليٰ مقالو لکيو، جنهن کي ’انساني فهم تي هڪ
مضمون‘ جو نالو ڏنائين. ان ۾ هن قدرت کان
بالاتر قوتن کي دخل ڏيڻ ضروري نه سمجھيو.
ڪالنس
(Collins)،
ٽنڊل
(Tyndal)
۽ ٻيا عقليت جا حامي، خدا تعاليٰ جي وجود کي
تسليم ڪرڻ لڳا. پر مروج ڪليسا جي ٻين سڀني
عقيدن کان منهن موڙڻ لڳا. نيوٽن اڃا تازو وفات
ڪئي هئي. والٽيئر سندس دفن ٿيڻ جي رسم ۾ حصو
ورتو. هو هميشه ياد ڪندو رهندو هو، ته انگريزن
جي قوم اهڙي نرم ۽ نازڪ طبيعت سائنسدان جي
ڪيتري نه عزت ڪئي. هو لکي ٿو، ته ”ڪجھه وقت اڳ
هڪ اعليٰ محفل ۾ ان عام رواجي سوال تي بحث
ٿيو، ته سڀ کان اعليٰ انسان ڪير هو؟ سيزز
(Ceasar)،
سڪندر
(Alexander)،
تيمورلنگ
(Tamerlane)
يا ڪرامويل
(Cromwell)؟
محفل مان هڪ جواب ڏنو، ته انهن سڀني کان
مٿاهون درجو، ته نيوٽن کي حاصل آهي. اها حقيقت
آهي، عزت ۽ احترام جو لائق اهو آهي، جو حق
گوئيءَ ذريعي اسان جي دلين تي قبضو ڪري ۽ نه
اهو جو زبردستي سان اسان جي ذهنن کي غلام
بڻائي.“ والٽيئر، نيوٽن جي تصنيفن جو صبر سان
۽ مڪمل مطالعو ڪندڙ ٿي پيو ۽ ان کان پوءِ
نيوٽن جي خيالن جي فرانس ۾ خوب تبليغ ڪيائين.
اسان کي تعجب آهي، ته ڪيئن اهڙي تيزيءَ سان،
هن انگلينڊ جي هر علمي ۽ ادبي شعبي مان فيض
حاصل ڪيو. انگريزي ادب، سائنس ۽ فلسفي کي جذب
ڪري، پنهنجي فرانسسي تمدن ۽ فرانسسي روح جي
شعلي مان لنگهايائين ۽ آخرڪار ان کي فصاحت
بلاغت ۽ عقليت جي روپ ۾ پيش ڪيائين. پنهنجن
تاثرن کي قلمند ڪري، ان کي ’انگريزن تي خط‘ جو
نالو ڏنائين ۽ قلمي نسخي جي صورت ۾ پنهنجن
دوستن احبابن جي وچ ۾ ڦيرايائين. هن کي ڇپائڻ
جي همت ڪانه ٿي، ڇاڪاڻ ته کيس ڊپ ٿيو، ته متان
عام رواجي انگريز جي گهڻي ساراهه ڪرڻ ڪري شاهي
محتسب کي خار لڳي. ان ۾ انگريزن جي سياسي
آزادي ۽ ذهني خودمختياريءَکي ساراهيو ويو ۽
ساڳئي وقت فرانسسي غلام ۽ پابنديءَ کي ننديون
ويو. فرانسسي اميرن ۽ ڪليسا جي پيشوائن تي
ڇوهه ڇنڊيا ويا ۽ اهو ڏيکاريو ويو، ته ڪيئن
فرانس ۾ هر سوال ۽ هر شڪ جو جواب هو بئسٽل قيد
خانو. وچين طبقي جي تلقين ڪئي وئي، ته رياست ۾
پنهنجي حقي منزل حاصل ڪن، جيئن انگلينڊ ۾ ٿي
رهيو هو. بنا ڪنهن علم يا ارادي جي اهي خط
انقلاب جو پهريون آواز ٿيا.
سائري شهر: معاشقو:
Cirey: The Romances
سن 1729ع ۾ ريجنٽ والٽيئر ڏانهن اجازت نامو
موڪليو، ته ڀلي هو هاڻي فرانس واپس اچي. کيس
اهڙي ڪا خبر ڪانه هئي، ته والٽيئر هڪ ڪتاب
لکيو آهي، جيڪو فرانسسي انقلاب جو پهريون آواز
ٿيندو. پنج سال والٽيئر وري به پئرس جي زندگي
مان لطف اندوز ٿيندو رهيو. پئرس جو شراب وري
هن جي نس نس ۾ رچندو رهيو ۽ پئرس جو جوهر سندس
قلم مان ظاهر ٿيندو رهيو. تنهن کان پوءِ هڪ
شرارت ڪندڙ کي سندس لکيل ”انگريزن تي خط“ هٿ
اچي ويا ۽ مصنف جي اجازت کان سواءِ ڇپائي
ڇڏيائين. سڀني شريف فرينچن کي ڊپ وٺي ويو.
پئرس جي پارليامينٽ يڪدم حڪم ڪڍيو، ته اهڙو
ذليل ڪتاب جيڪو مذهب ۽ اخلاق جي خلاف آهي، ۽
جنهن ۾ حاڪمن لاءِ ڪابه عزت ڪانه ڏيکاري وئي
آهي، سو عام ماڻهن آڏو جلايو وڃي. والٽيئر کي
اطلاع پهتو، ته وري کيس بئسٽل جون هوائون
کارايون وينديون، تنهن ڪري هڪ ڀيرو وري
پنهنجين کڙين تي زور رکيائين. پر هن دفعي
موقعي جو فائدو وٺي هڪ شادي شده عورت کي پاڻ
سان گڏ وٺيو ويو.
مارڪيز ڊي شئٽليٽ
(Maquise Du Chatelet)
28 سالن جي نوجوان عورت هئي، ۽ والٽيئر 40
سالن جو ٿي چڪو هو. هوءَ هڪ قابل ذڪر عورت
هئي. هوءَ رياضي جي ماهر هئي ۽ نيوٽن جي
’پرنسيپيا‘ جو ترجمو پڻ تشريح سميت پيش ڪري
چڪي هئي. جلد ئي کيس فرينچ اڪيڊمي ’باهه جي
طبعيات‘ تي مضمون نويسيءَ جي چٽا ڀيٽي ۾
والٽيئر تي ترجيح ڏني. بهرحال اهڙي عورت مان
اها توقع نه ٿي رکي سگهجي، ته هو ڪنهن سان ڀڄي
ويندي. پر سندس مڙس مارڪئز
(Marquis)
هڪ ڪند ذهن انسان هو ۽ ان جي مقابلي ۾ والٽيئر
ڪهڙو نه دلچسپ‘ ها عورت هميشه چوندي هئي، ته
اهڙو انسان هر طرح محبت ڪرڻ جي لائق آهي، هو
فرانس جو سڀ کان بهتر زيور آهي ۽ والٽيئر پڻ
سندس ڳڻن جا گيت ڳائيندو هو ۽ محبت جو جواب
محبت ۾ ڏيندو هو. هو چوندو هو، ته ”هوءَ هڪ
عظيم مرد هئي، جنهن جي غلطي صرف اها هئي، هو
ظاهر طرح عورت هئي.“ اهڙين لائق عورتن کي ڏسي
سندس عقيدو پڪو ٿيو، ته ذهني طور مرد ۽ عورتون
برابر آهن. هن فيصلو ڪيو، ته فرانس جي بي رحم
سياسي فضا کان ڀڄي، ان عورت جي سائري
(Cirey)
شهر واري گهر ۾ پناهه وٺڻ هڪ سڪون وارو عمل
آهي. مارڪئز پنهنجي پلٽڻ سان گڏ پراهين ملڪن ۾
موجون ماڻي رهيو هو. گهر جي رياضياتي فضا کان
ڀڄي وڃڻ سندس دلپسند شغل هوندو هو. ان ڪري کيس
سندس زال جي هن نئين انتظام تيز ڪوبه اعتراض
ڪونه هو. ان وقت، سهولت خاطر، ٻڍن دولتمند
اميرن کي نوجوان ڇوڪرين تي زوريءَ مڙهيو ويندو
هو. انهن ڇوڪرين کي ٻڍن سان زندگي گذارڻ ۾ ڪو
لطف ڪونه ايندو هو. هميشه هو نئين من مستيءَ
جي وهڪريءَ ۾ لڙهنديون نظر اينديون هيون ۽ دلي
اڃ ۽ بيقراري ظاهر ڪنديون هيون. زماني جي
حالتن کين مڪمل اجازت ڏئي ڇڏي هئي. هڪ اعليٰ
ذهن وارو عاشق ڳولهي لهڻ ته بلڪل رواجي عمل
هو، جنهن لاءِ ساري دنيا ڏوهه معاف ڪرڻ لاءِ
تيار هئي.
سائري واري گهر ۾ هو پنهنجو وقت محبت ۾ ضايع
ڪونه ڪندا هئا. سارو ڏينهن مطالعي ۽ تحقيق ۾
گذري ويندو هو. والٽيئر کي هڪ اعليٰ تجربيگاهه
هئي، جنهن ۾ قدرتي سائنس بابت کوجنا ڪرڻ جو هر
سامان موجود هوندو هو. ڪيترا سال ٻنهي مطالعي
۽ تحقيق جي ڪارواين ۾ هڪ ٻئي جي رقابت ڪئي.
هنن وٽ ڪيترا مهمان هميشه موجود هوندا هئا، پر
انهن کي ذهن نشين ڪرايو ويندو هو، ته سارو
ڏينهن پاڻ کي پاڻهي وندرائين. رات جو نائين
بجي طعام کائي ڪڏهن ڪڏهن والٽيئر مهمانن کي
پنهنجون زنده دل آکاڻيون ٻڌائي وندرائيندو هو.
جلد ئي سائري، فرينچ ذهن جي پئرس واري رهاڪو
ٿي پئي. امير ۽ وچين طبقي وارا سفر ڪري
والٽيئر جي شراب ۽ عقل جو سواد وٺڻ ايندا هئا
۽ والٽيئر کي پنهنجي لکيل ناٽڪن ۾ اداڪاري
ڪندي ڏسي خوش ٿيندا هئا. پاڻ کي بداخلاق پر
ذهين دنيا جو مرڪز ٿيندو ڏسي، هو پيو ٽڙندو
هو. ڪنهن به شيءَ کي ڳنڀير نظرن سان ڪونه
ڏسندو هو.ڪجهه عرصو ته اهو سندس اصول ٿي ويو،
ته ”کلو ۽ ٻين کي کلايو.“ روس جي ڪئٿرائين
چيو، ته هو کل خوشيءَ جو روح هو. هو پاڻ چوندو
هو ته ”جيڪڏهن قدرت انسان جي طبع ۾ هلڪڙائي
يپدا نه ڪري ها، ته جيڪر سندس زندگي ئي زهر ٿي
پوي ها.“ ڪارلائيل جھڙي ڳنڀيرتا ۽ تلخي منجھس
عام هئي. ”وقتي بيوقوف بڻجڻ ۾ به لطف آهي.“
افسوس آهي ان فلسفي جي حالت تي، جو کلي کلي
پنهنجا غم وساري نه ٿو ڇڏي. ڳنڀيرتا هڪ قسم جو
مرض آهي.“
هن دور ۾ والٽيئر پنهنجا لطف سان ڀرپور افسانا
لکڻ شروع ڪيا،جيڪي سندس طبيعت جو نجو اظهار
آهن. درحقيقت انهن کي ناول چوڻ درست نه آهي.
اهي ٺڳن ۽ بدمعاشن جون ڀوڳن سان ڀريل آکاڻيون
آهن. پر انهن ۾ سورمن جي بدران تصور، بدمعاشن
جون ڀوڳن سان ڀريل آکاڻيون آهن. پر انهن ۾
سورمن جي بدران تصور، بدمعاشن جي بدران وهم، ۽
واقعن جي بدران خيال استعمال ڪيا ويا آهن.
مثلاً هڪ قصي لي انجينو ۾ هڪ اتر آمريڪا جو
اصلو رهاڪو، فرينچ تجسس ڪندڙن جي ٽوليءَ سان
گڏ، فرانس ۾ اچي ٿو. سڀ کان پهريون مسئلو جيڪو
درپيش اچي ٿو، سو هيءُ آهي، ته ڪيئن هن کي
عيسائي بڻائجي. هڪ پادري انجيل جي نئين
عهدنامي جو هڪ نسخو کيس پيش ڪري ٿو. اهوڪتاب
کيس اهڙو ته پسند ٿو اچي، جو هو نه فقط عيسائي
ٿيڻ جي هر رسم پوري ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو،
پر ساڳي وقت ان ڳالهه تي پڻ زور ڏئي ٿو، ته
سندس ختنو ڪرايو وڃي. چوي ٿو، ته ”هن ڪتاب ۾
جنهن به ماڻهو جو ذڪر ڪيو ويو آهي، تنهن جو
ختنو ڪرايو ويو هو، پوءِ ڇو نه مان ان قديمي
قربانيءَ جوشرف حاصل ڪريان؟“ [ويچاري کي خبر
ئي ڪانه هئي ته عيسائين ان حڪم جي پيروي ڪرڻ
بلڪل ڇڏي ڏني هئي.] اڃا اها مصيبت مس دور ڪئي
وئي، ته وري ٻي مصيبت کڙي ٿي. کيس چيو ويو، ته
پنهنجا ڏوهه باس. هن چيو ته انجيل ۾ اهو حڪم
ڪٿي آهي؟ هن کي سينٽ جيمس جي خط جو اهڙو ٽڪر
ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي، ته .اسان کي
هڪ ٻئي سان پنهنجا ڏوهه باسي پورا ڪري ٿو.
تڏهن يڪدم پادريءَ کي پنهنجي ڪرسيءَ تان
زوريءَ هٽائي، پاڻ سندس جاءِ والاري ٿو ۽ کيس
حڪم ڪري ٿو، ته هاڻي تنهنجو وارو آهي. باس
پنهنجا ڏوهه. تون هن جاءِ تان چري به نٿو
سگهين، جيستائين تون پنهنجا ڏوهه مون کي نه
ٻڌايا آهن، اسان کي مقدس ڪتاب جي پوري طرح
پيروي ڪرڻ گهرجي.“ هو پوءِ مس سينٽ يويس
(Miss St. Yves)
سان محبت ڪري ٿو، پر کيس ٻڌايو وڃي ٿو، ته هو
ان سان شادي نه ٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته هوءَ
بپتسمه [عيسائي بنائڻ جي رسم] وقت سندس روحاني
ماءُ ٿي چڪي هئي. گهڻي مٿاڪٽ کان پوءِ آخرڪار
هن کي اجازت ملي ٿي، ته ڀلي ساڻس شادي ڪري. هن
کي تعجب ٿو لڳي، جڏهن کيس معلوم ٿئي ٿو، ته
شاديءَ واسطي دستاويز لکندڙ، پادرين، شاهدن،
قانوني معاهدن ۽ مال و ملڪيت جي تقسيم نهايت
ضروري شيون آهن. چوي ٿو ته: ”توهان ڏاڍا
بدمعاش ٿا ڏسجو، جو اهڙو احتياط ٿا ڪريو.“
اهڙيءَ ريت جيئن آکاڻي هڪ واقعي کان ٻئي تائين
وڌي رهي آهي، تيئن اوائلي ۽ موجوده عيسائين ۾
فرق وڌيڪ چٽائي سان پيش ڪيو ويو آهي. نه ان ۾
هڪ عالم جي غير جانبداري آهي ۽ نه وري هڪ
فلسفي جي نرمائي. پر والٽيئر وهم خلاف جنگ
شروع ڪئي هئي ۽ جنگ جي حالت ۾ اسان غير
جانبداريءَ ۽ نرمائيءَ جي تقاضا صرف پنهنجن
دشمنن کان ڪيون ٿا.
’مئڪرو ميگاز‘
(Macromogas)
۾ هن سوفٽ
(Swift)
جو نقل ڪيو آهي، پر سوفٽ جي ڪتابن کان سندس
عالمگير تصور نهايت تيز آهي. سائريس
(Sirius)
تاري جوهڪ رهاڪو ڌرتيءَ تي لهي ٿو. هو اٽڪل
پنج لک فوٽ ڊگهو آهي، جيئن اهڙي وڏي تاري جي
رهواسيءَ کي هئڻ جڳائي. پنهنجي سفر جي دوران
هو زحل سياري جي هڪ رهواسيءَ کي پڻ پاڻ سان گڏ
کڻي ٿو، جنهن کي ان ڳالهه تان ڏک ٿو ٿئي، ته
هو صرف ٻه چار هزار فوٽ ڊگهو آهي. جيئن هو
ڀونچ سمنڊ مان لنگهن ٿا، تيئن سائريس جي
رهواسيءَ جون صرف کڙيون آليون ٿين ٿيون. هو
پنهنجي ساٿيءَ کان سوال پڇي ٿو، ته زحل وارن
کي ڪيترا حواس آهن؟ جواب مليس ٿو، ته ”اسان
کان سوال پڇي ٿو، ته زحل وارن کي ڪيترا حواس
آهن؟ جواب مليس ٿو، ته ”اسان کي ٻاهتر حواس
آهن، پر هر روز اسان ايترن ٿورڙن حواسن هئڻ
خلاف احتجاج بلند پيا ڪريون.“ وري سوال پڇي
ٿو، ته سراسري طور توهان جي عمر ڪيتري ٿئي ٿي؟
جواب مليس ٿو، ته ”ڪيترو نه ٿورو عرصو اسان کي
زندگي نصيب ٿئي ٿي.اسان جي سياري تي ڪي ٿورا
خوش نصيب پندرهن هزار سال پورا ڪن ٿا. ڄڻ ته
هڪ گهڙيءَ ڄم آهي، ته ٻي گهڙيءَ موت. اسان جي
زندگيءَ ڄڻ ته هڪ نقطو آهي، اسان جو عرصو صرف
هڪ گهڙي آهي ۽ اسان جو سيارو محض هڪ جوهر آهي.
اسان مشڪل سان عمل ۽ عقل ۽ آزمودي جو آغاز
ڪريون ٿا، ته حضرت عزرائيل اچيو اسان جا در
کڙڪائي.“ سمنڊ ۾ بيٺي بيٺي هو هڪ جهاز کي مٿي
کڻن ٿا، ڄڻ ته اهو هڪ ڪيئون آهي. سائريس جو
رهاڪو جهاز کي پنهنجي آڱوٺي تي سنئون جھلي ٿو.
انساني مسافرن ۾ اٿل پٿل مچي وڃي ٿي. پادري
پنهنجي عبادت شروع ڪن ٿا، خلاصي قسم کڻن ٿا ۽
فلسفي فڪري نظريا پيش ڪن ٿا، ته ڇو ڪشش ثقل جي
قاعدن ۾ خلل پئجي ويو آهي. سائريس جو ماڻهو هڪ
اونداهي ڪڪر وانگر مٿائن نِوڙي، ڏانهن مخاطب
ٿي، هي لفظ چئي ٿو: ”او عقل وارا ذرڙا/ائٽم
جنهنجي ذريعي اعليٰ هستيءَ پنهنجي عالمگير
وجود ۽ قوت جو اظهار ڪيو آهي، اسان کي يقين
آهي، ته هن ڌرتيءَ تي توهان جون خوشيون نفيس ۽
پاڪ هونديون. ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي، ته توهان ۾
مادو ته فڪر ۾ پنهنجي سموري زندگيءَ گذاريندا
هوندا. صرف توهان ۾ ئي سچي خوشي سمايل هوندي.“
تنهن تي هڪ فلسفي جواب ڏنو: ”اسان ۾ ڪافي مادو
موجود آهي، جو اسان شرارت ڪري سگهون. مثلاً
توهان کي خبر هئڻ گهرجي، ته هن وقت اسان جهڙا
هڪ لک جانور، مٿي تي ٽوپلا پائي، ٻين هڪ لک
جانورن کي، جن کي مٿي تي پٽڪا آهن، مارڻ ۾
مصروف آهن. هنن پڪو پهه ڪيو آهي، ته مرڻ مارڻ
کان سواءِ جنگ جو ميدان نه ڇڏيندا. قديم زماني
کان وٺي اسان جي ڌرتيءَ جي اهائي حالت رهي
آهي.“
غصي ۾ ڀرجي سائريس جي رهاڪوءَ رڙ ڪري چيو:
اوبدمعاش! منهنجي دل ٿي چوي، ته جيڪر ٻه ٽي
قدم کڻي توهان جهڙيون بيوقوف خونين جي آکيري
جو اتي ئي خاتمو ڪريان.“ تنهن تي ان فلسفي
جواب ڏنو: ”ايتري تڪليف نه وٺ. انسان اهڙا ته
محنتي آهن، جو پاڻ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ دير
ئي نه ڪندا. ڏهن سالن جي اندر انساني آبادي
جو هڪ سيڪڙو به نه بچندو. ازانسواءِ سزا جا
لائق هيءُ غريب نه آهن، پر اهي سُست ۽ ڪاهل
غير مهذب ظالم آهن، جيڪي پنهنجن محلاتن مان
لکين ماڻهن کي خون ڪرڻ جا حڪم جاري ڪن ٿا ۽
تنهن کان پوءِ پنهنجي ڪاميابيءَ تي خدا جا
شڪرانا بجا آڻين ٿا.“
انهن آکاڻين مان ’ڪئنڊائيڊ‘
(Cadide)
[جيڪا والٽيئر جي آخرين زندگي جي تصنيف هئي]
کان پوءِ بهتر آکاڻي ’زاڊگ‘
(Zadig)
اچي وڃي ٿي. زاڊگ بابل [عراق] جو هڪ فلسفي هو.
هو اهڙو عقلمند هيو، جهڙو هڪ انسان لاءِ ممڪن
آهي. مابعدالطبعيات جي علم مان ايترو واقف هو،
جيترو ڪوبه پنهنجي هم عصر دور ۾ واقف ٿي سگهي
ٿو، يعني تمام ٿوري بنهه نه هجڻ جي برابر، ساڙ
مان سوچيندي هن اهو تصور ڪيو، ته هو سيميرا
(Semira)
سان محبت ڪري رهيو هو. ان حسينه کي ڦورن کان
بچائيندي هن جي کٻي اک کي هڪ زخم رسيو.
ميمفز
(Memphis)
شهر ڏانهن هڪ ماڻهو ڊوڙايو ويو، ته مصر جي هڪ
وڏي حڪيم هرمز کي سان وٺي اچي. آخرڪار هرمز
پنهنجي بي انداز اوزارن سان پهچي ويو. هن زاڊڪ
جي اک جو معائنو ڪيو. هن اعلان ڪيو، ته مريض
پنهنجي اک وڃائي ويهندو. پنهنجي علم سان هن
اها پڻ اڳڪٿي ڪئي، ته ڪهڙي ڏينهن ۽ ڪهڙي وقت
اهو موتمار واقعو پيش ٿيندو. هن چيو: ”جيڪڏهن
ساڄي اک هجي ها ته مان آسانيءَ سان شفاياب ڪري
سگهان ها، پر کٻي اک جا زخم لاعلاج آهن.“ ان
تي سڄي بابل ۾ واويلا مچي وئي. هر طرف ماڻهو
زاڊگ جي حالت تي افسوس ڪرڻ لڳا، ته ٻئي طرف
هرمز جي حڪمت تي کيس داد ڏيڻ لڳا. پر ٻن ڏينهن
اندر زخم پاڻمرادو ڦسي پيو ۽ منجھانئس گند
نڪري ويو. اک کي ڪوبه ضرر ڪونه رسيو. هرمز هڪ
ڪتاب لکيو، جنهن ۾ ثابت ڪيائين، ته اک کي
شفاياب ٿيڻ نه کپندو هو. زاڊگ اهو ڪتاب نه
پڙهيو. هو اوڏي مهل ئي پنهنجي محبوبه سيميرا
طرف روانو ٿيو. اتي وڃي ڏٺائين، ته جڏهن هن
حڪيم جو بيان ٻڌو، تڏهن پنهنجو مڱڻو هڪ ٻئي
مرد سان ڪري ڇڏيائين، ڇاڪاڻ ته کيس هڪ اکئي
مرد کان ڏاڍي نفرت هئي. زاڊگ تنهن تي هڪ ڪمذات
عورت سان شادي ڪئي ۽ اها اميد رکيائين، ته هڪ
ڳوٺاڻي عورت ۾ اهي خوبيون ظاهر ٿينديون، جيڪي
هڪ شاهاڻي عورت ۾ ملڻ مشڪل هيون. پنهنجي زال
جي وفاداري پروڙڻ لاءِ هن پنهنجي هڪ دوست سان
منصوبو سٽيو، ته هو اعلان ڪندو، ته هو مري چڪو
آهي ۽ سندس دوست ان عورت سان محبت ڪرڻ شروع
ڪندو. آخرڪار زاڊگ جي مرڻ جو اعلان ٿي ويو.
سندس دوست پهريائين سندس زال سان همدردي
ڏيکاري، پوءِ کيس مبارڪ ڏنائين ۽ آخر ۾ سانس
ان مهل ئي شادي ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريائين.
پهريائين هن زبردست مقابلو ڪيو ۽ پوءِ قسم
کنيا، ته هوءَ ڪڏهن به اها ڳالهه ڪونه مڃيندي.
پر انڪار ڪرڻ سان گڏ هن اقرار ڪيو. زاڊگ موت
جي بستري تان اٿي کڙو ٿيو ۽ جھنگل طرف ڀڄي
ويو. اتي قدرتي حسن سان پنهنجي ڀڳل ٽٽل دل کي
تسڪين ڏيندو رهيو.
زندگيءَ جي آزمودي مان هن ايترو ته عقل پرايو
جو آخرڪار زماني جي بادشاهه کيس پنهنجو وزير
ڪيو. پنهنجي وزارت جي عرصي ۾ هن حڪومت کي
خوشحال ۽ شاداب ڪيو ۽ هر هنڌ انصاف ۽ سلامتيءَ
جو آواز بلند ٿيو. پر بدنصيب راڻي هن سان محبت
جا گيت ڳائڻ لڳي. جڏهن بادشاهه اها حالت ڏٺي،
تڏهن دل ۾ آنڌ مانڌ ٿيڻ لڳس. هڪ ڀيرو اشارن ۾
چيائين، ته راڻيءَ جا بوٽ آسماني هئا ۽ ذادگ
جا بوٽ پڻ آسماني هئا، راڻيءَ جون ربينون
پيليون هيون ۽ ساڳي وقت زاڊگ جي ٽوپي پڻ پيلي
هئي. بادشاهه ارادو ڪيو، ته ٻنهن کي زهر ڏئي
ختم ڪري. راڻيءَ کي ان منصوبي جي خبر پئجي وئي
۽ زاڊگ کي خط لکيائين، ته مان توکي پنهنجي
محبت ۽ پيلين زيبنن جو قسم ٿي وجھان، ته هتان
ڀڄي وڃ. زاڊگ وري ٻيو دفعو جھنگل ڏانهن ڀڄي
ويو.
هاڻي هن کي انسان ذات بابت صحيح حقيقت معلوم
ٿي. هوائين تصور ڪرڻ لڳو، ته انسان ڪيڙن جو هڪ
جھڳٽو آهن، جيڪي زمين جي ٽڪر تي بيهي هڪ ٻئي
کي ڳڙڪائڻ ۾ مصروف آهن. انسان ذات جيڪي صحيح
اندازي لڳائڻ کان پوءِ، کيس پنهنجي نڀاڳ جو پڻ
ڪوبه احساس ڪونه ٿيو. کيس صرف اهو محسوس ٿيو،
ته سندس هستي ۽ بابل ڪجهه ڪونه اهن، پاڻ کي
دنياوي حرصن ۽ حوسن کان پري ڪري لامحدوديت جي
دنيا طرف رخ ڪيو. ڪائنات جي دائمي ۽ نه ڦرندڙ
نظام بابت فڪر ڪندو رهيو. پر پوءِ وري جڏهن
پنهنجي رواجي حالت طرف واپس وريو ۽ خيال
ڪيائين، ته شايد راڻي سندس خاطر ئي جان ڏني
هئي، تڏهن ساري ڪائنات سندس نظر کان غائب ٿي
وئي.
هڪ ڀيري جيئن هو بابل کان ٻاهر وڃي رهيو هو،
تيئن هن ڏٺو ته ڪو مرد هڪ عورت کي بي رحميءَ
سان ماري رهيو هو. ان عورت مدد لاءِ رڙيون
ڪيون ۽ زاڊگ سندس بچائڻ لاءِ سندرو ٻڌو. ان بي
رحم مرد سان خوب لڙيو. آخرڪار خود پنهنجي جان
بچائڻ لاءِ هن پنهنجي دشمن کي زور سان ڌڪ
هنيو. جنهن سبب هومري ويو. تنهن کان پوءِ هن
عورت طرف مخاطب ٿي چيو، ته ”هاڻي تنهنجو ٻيو
ڪهڙو حڪم آهي، جنهنجي پيروي ڪريان؟“ ان عورت
جواب ڏنو: ”او بدمعاش هاڻي وڃي مر، تو ته
منهنجي دلپسند عاشق کي هڻي ماري وڌو. ڪاش مون
کي ايتري طاقت هجي ها، جو تنهنجي دل کي چيري
ڦاڙي ڇڏيان ها.“
ان واقعي کان پوءِ زاڊگ کي پڪڙيو ويو ۽ کيس
غلام بڻايو ويو. هن پنهنجي مالڪ کي فلسفو
سيکاريو ۽ سندس اعتبار جوڳو صلاحڪار ٿيو. هن
جي صلاح تي اهو قاعدو جاري ڪيو ويو، ته جنهن
به عورت جو مڙس مري وڃي، تنهن کي هڪ ڪلاڪ ڪنهن
سهڻي نوجوان سان اڪيلو گذارڻ گهرجي. ان قاعدي
جو نتيجو اهو ٿيو بيوه عورتون ٻي شادي ڪرڻ تي
آماده ٿيون. هڪ خاص مقصد سان هن کي سرانديپ جي
بادشاهه ڏانهن وڃڻو پيو. زاڊگ ان بادشاهه کي
سيکاريو، ته هڪ ايماندار وزير کي ڪيئن پرکي هٿ
ڪجي. اعلان ڪيو وڃي، ته اميدوارن مان جيڪو سڀ
کان وڌيڪ نزاڪت ۽ تيزيءَ سان ناچ ڪندو، تنهن
کي وزير بڻايو ويندو. ناچ واري ڪمري جي ڀرسان
هڪ ورانڊي ۾ هر قسم جا قيمتي هيرا جواهر بلڪل
کليل رکيا وڃن، جيئن هرڪو آسانيءَ سان اهي
چورائي سگهي. اهڙو بندوبست رکيو وڃي، جو هرهڪ
اميدوار انهيءَ ورانڊي مان اڪيلو لنگهي ۽ کيس
ڪير به نه ڏسي. مطلب ته کيس چوري ڪرڻ لاءِ هر
آساني مهيا ڪري ڏني وڃي. اهڙيءَ ريت جڏهن
ورانڊي مان لنگهي ڪمري ۾ اچن، تڏهن کيس ناچ
ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو وڃي. انهيءَ سڄي منصوبي جو
نتيجو اهو نڪتو جو ”هو اميدوار – ناچو بلڪل
غير رضامندي ۽ بي ڍنگي چال سان نچڻ لڳا. سندس
ڪنڌ هيٺ زمين طرف هئا، سندس پٺيون نوڙيل هيون
۽ سندس هٿ پاسيرين سان چهٽيا پيا هئا، بادشاهه
کي خبر پئجي وئي، ته وزارت جي خواهشمندن ۾
ايمانداري نالي ماتر آهي.
اهڙيءَ ريت آکاڻي تيزي سان اڳتي قدم وڌائي ٿي.
اهڙين آکاڻين کي پڙهندي اسان سائري جي پر لطف
فضائن جو تصور ڪري سگهون ٿا.
پاٽسڊم ۽ فريڊرڪ:
Potsdam and Fredrick
جيڪي سندس گهر اچي نه سگهيا، تن ساڻس خط ۽
ڪتابت شروع ڪئي. سن 1736ع کان سندس فريڊرڪ سان
لکپڙهه شروع ٿي. فريڊرڪ ان وقت اڃا شهزادو هو
۽ تخت ۽ تاج جو مالڪ ڪونه بڻيو هو. فريڊرڪ جو
پهريون خط ائين هو، ڄڻ ته هڪ رواجي ڇوڪري هڪ
شهنشاهه ڏانهن لکيو هجي، ان خط ۾ جيڪا والٽيئر
جي ساراهه ڪئي وئي آهي، سا ڏيکاري ٿي، ته ان
وقت هو ڪهڙو نه عام مقبول هو. جيتونيڪ هن اڃا
پنهنجي معياري ڪتابن مان هڪ به نه لکيو هو. ان
خط ۾ اعلان ڪيو ويو آهي، ته: ”والٽيئر فرانس
جو سڀ کان وڌيڪ اعليٰ انسان آهي، هو اهو
انسان آهي، جنهن فرينچ زبان کي عزت بخشي آهي.
مان پنهنجي زندگيءَ جي اها سڀ کان وڌي عزت
سمجھان ٿو، جو اهڙي نامياري مرد جوهمعصر ٿيس.
اها قوت هر شخص کي حاصل نه آهي، ته هو ٻين
ماڻهن کي کلائي. ذهني مزن کان بالاتر ٻيا ڪهڙا
مزا ٿي سگهن ٿا.“ فريڊرڪ هڪ آزاد خيال ماڻهو
جو تنگ نظرين کي ائين ڏسندو هو، جيئن هڪ
بادشاهه پنهنجي رعيت کي ڏسي، والٽيئر کي وڏيون
اميدون هيون ته جڏهن فريڊرڪ حڪومت جون واڳون
سنڀاليندو، تڏهن هو علمي ۽ عقلي روشنيءَ کي
خوب پکيڙيندو، جھڙيءَ ريت افلاطون کي
ڊايوٽائيسز سڏائي معياري رياست قائم ڪرڻ جو
موقعو ڏنو هو، اهڙيءَ ريت فريڊرڪ کيس پڻ موقعو
ڏيندو. جڏهن والٽيئر ساراهه جو جواب ساراهه ۾
ڏنو، تڏهن فريڊرڪ لکيو، ته کيس اجائي خوشامد
پسند نه هئي. تنهن تي والٽيئر جواب ڏنو، ته
”جيڪو شهزادو خوشامد خلاف لکي ٿو، سو اهڙو
ئيبي نظري آهي جهڙو هڪ پوپ جيڪو انسان کي خطا
جو گهر سمجھي ٿو.“ فريڊرڪ پنهنجو ڪتاب
”مئڪاويلي جو ضد“ ڏانهنس موڪليو، جنهن ۾
شهزادي جي لڙائيءَ واري ظلم بابت پرلطف اپٽار
ڪئي. ان منجھه ڄاڻايو ويو هو ته هڪ بادشاهه جو
فرض آهي، امن امان قائم رکڻ، والٽيئر ان صلح
پسند شهزادي جي اعليٰ اخلاق تي خوشيءَ جا
ڳوڙها ڳاڙيا. ڪجھه مهينن کان پوءِ، فريڊرڪ کي
تاج پهريايو ويو. هن سليشيا
(Silesia)
تي چڙهائي ڪئي ۽ سڄي يورپ کي قتل ۽ غارت جي
مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيائين.
سن 1745ع هڪ شاعر ۽ سندس رياضيات جي ماهر
محبوبه پئرس ڏانهن ويا. سندس ارادو هو، ته هو
فرينچ اڪيڊمي جي ميمبري لاءِ اميدوار بيهي. ان
سکڻي عزت حاصل ڪرڻ خاطر هن پاڻ کي هڪ نيڪ
ڪئٿولڪ سڏايو. ڪن قوتمند جيزوئٽ فرقي واري جي
تعريف ڪئي، بي انداز ڪوڙ ڳالهايا. مطلب ته
اهڙي طرح هليو، جيئن عام سياستدان هلندا آهن.
هو ڪامياب نه ٿيو، پر ٻئي سال کيس ڪاميابي
حاصل ٿي. هن ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن آڏو هڪ
تقرير ڪئي، جيڪا فرانس جي شاندار تقريرن مان
هڪ ڪري ليکي ويندي آهي. ڪجهه عرصو هو فرانس جي
اعليٰ سوسائٽي جي گهرن ۾ ڦرندو رهيو ۽ هر قسم
جا ناٽڪ لکندو رهيو، جن مان گهڻا اسٽيج تي
ڪامياب رهيا.
انهيءَ عرصي ۾ سندس زندگيءَ ۾ پڻ خوشي ۽ غم جا
واقعا پيش آيا. پندرهن سالن کان پوءِ سندس
مارڪيز ڊوشئٽليٽ لاءِ محبت ڪجهه ڍري ٿي، هڪ
ٻئي سان جھڳڙا ڪرڻ پڻ بند ڪري ڇڏيائون. سن
1748ع ۾ ان عورت وري هڪ ٻئي سهڻي نوجوان
مارڪيزڊي سينٽ لئمبرٽ سان محبت شروع ڪري ڏني.
جڏهن والٽيئر کي خبر پئي، تڏهن پهريائين ته
کيس سخت غصو آيو، پر جڏهن سينٽ لئمبرٽ معافي
گهري، تڏهن والٽيئر فراخدليءَ سان پنهنجي
معشوقه سندس حوالي ڪري ڇڏي. هو هاڻي زندگيءَ
جي چوٽيءَ تي پهچي چڪو هو ۽ پري کان موت جو
روپ ڏسي رهيو هو. خيال ڪرڻ لڳو، ته ان ۾ ڪهڙي
خرابي آهي، ته نوجوانن کي ڇڏيو وڃي. ته ڀلي من
مستي ڪن.هن فلسفياڻي انداز ۾ چيو ته: ”عورتن
جي فطرت ئي اهڙي آهي. مون رشليو کي دربدر ڪيو،
هاڻي سينٽ لئمبرٽ مون کي خارج ٿو ڪري. اهو ته
قدرت جو قاعدو آهي. هڪ ڪوڪو ٻئي ڪوڪي کي ٻاهر
ڪڍي ٿو ڇڏي. تئين ڪوڪي بابت هن هڪ دلچسپ نظام
ٺاهيو، جو هيءُ آهي:
”او سينٽ لئمبرٽ! فقط تنهنجي واسطي ئي گل ٽڙي
ٿو، گل جا ڪنڊا مون لاءِ آهن، پر گل جو شباب
تنهنجي لاءِ.“
Saint. Lambert, it is all for thee
The Flower grows,
The rose’s thorns are all for me,
For thee the rose.
سن 1749ع ۾ مئڊم ڊوشئٽليٽ ويم ڪندي گذاري وئي.
ان وقت جي خصوصيت هئي، ته موت جي بستري تي
ساڻس سندس اصلوڪو مڙس، والٽيئر ۽ سينٽ لئمبرٽ
ٽئي ملن، هڪ ٻئي خلاف ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍن، ۽
گڏيل نقصان سبب ٽئي پاڻ ۾ دوست ٿي وڃن.
والٽيئر پنهنجي غم وسارڻ لاءِ پاڻ کي ڪتابن
لکڻ ۾ مصروف ڪيو. هو لوئي چوڏهين جي تاريخ
لکڻ ۾ محو ٿي ويو. پر جنهن ڳالهه کيس مايوسيءَ
کان بچايو، سان هئي فريڊرڪ جي دعوت، جنهن سان
گڏ فريڊرڪ ٽي هزار فرانڪ سفر جي خرچ لاءِ
موڪليا ۽ کيس تاڪيد ڪيو، ته جلد پاٽسڊم ۾ پهچي
وڃي. والٽيئر هرکجي ويو. سن 1750ع ۾ هو برلن
لاءِ روانو ٿيو.
والٽيئر جڏهن ڏٺو، ته وقت جي سڀ کان قوتمند
بادشاهه سندس لاءِ پنهنجي خاص محلات ۾ رهائش
جو انتظام ڪيو ۽ کيس پاڻ جھڙو ڪري ليکيو، تڏهن
کيس دلي تسڪين پهتي. ان وقت هن جيڪي خط لکيا،
انهن مان صاف ظاهر آهي، ته هو بلڪل راضي هو.
پاٽسڊم جي سپاهين، موسيقي، ادارن، ناٽڪ گهرن،
فلسفي، شعر، رونق ۽ رنگيني، شاهاڻي روب تاب،
سوسائٽيءَ ۽ آزاديءَ سندس ذهن تي گهرو اثر
ڪيو. هڪ خط ۾ هن لکيو، ته ”اها ڪهڙي نه راحت
بخش زندگي آهي، جو ٻن ٽن اديبن ۽ عاقلن سان گڏ
گهارجي، جن ۾ ذري ماتر به حسد نه جي، جيڪي هڪ
ٻئي سان ميٺ محبت ۾ هلن، خاموشيءَ جي زندگيءَ
گذارين،، پنهنجي علم ادب ۾ اضافو ڪن، ان بابت
گفتگو ڪن ۽ هڪ ٻئي کي نور سان مالامال ڪن. ڇا
هڪ روشن دماغ واري انسان لاءِ بهشت ان کان
ڪجھه ٻيو ٿيندو؟“
والٽيئر گهڻو ڪري شاهي طعام جي مجلسن کان
نٽائيندو هو، ڇاڪاڻ ته هو نه چاهيندو هو، ته
فوجي عملدار کيس وڪوڙي وڃن. پر ڪڏهن ڪڏهن
فريڊرڪ شام جو پنهنجي خاص دوستن کي ڪوٺائيندو
هو، جن ۾ والٽيئر پڻ شريڪ ٿيندو هو. انهن ۾
گهڻو ڪري ادبي ذوق رکندڙ هوندا هئا. فريڊرڪ جي
دلي آرزو هئي، ته هو هڪ طاقت واري بادشاهه سان
گڏوگڏ هڪ شاعر ۽ فلسفي پڻ ٿئي.
اهڙن موقعن تي گفتگو گهڻو ڪري فرينچ زبان ۾
ٿيندي هئي. والٽيئر جرمن سکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
پوءِ نااميد ٿي پيو. هو هميشه اها خواهش
ڏيکاريندو هو، ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جيڪڏهن
جرمنيءَ جي رهاڪن کي وڌيڪ عقل هجي ها ۽ گهٽ
حروف صحيح استعمال ڪن ها. جن اهڙي ڳالهه ٻولهه
۾ حصو ورتو، تن هيءُ خيال ظاهر ڪيو، ته اها
دنيا جي سڀ کان وڌيڪ دلچسپ ۽ اعليٰ معيار واري
ڪتاب کان به بهتر هئي. فريڊرڪ جي حاضر جوابي
اهڙي ئي تيز ۽ موزون هئي، جهڙي والٽيئر جي.
فرق فقط هيءُ هو، ته والٽيئر کي ايتري همت
هئي، جو هو اهڙي فن سان جواب ڏئي جو دل رنجائڻ
کان سواءِ انسان کي قتل ڪري ڇڏي. والٽيئر هڪ
خط ۾ لکيو ته: ”هت بهادري ۽ بردباريءَ سان
خيال ڪرڻ جي کلي آزادي آهي، فريڊرڪ هڪ هٿ سان
کرڙي ٿو، ته ٻئي هٿ سان پٺي ٺپري ٿو. مون سان
ڪير به تڪرار يا ضد ڪونه ٿو ڪري. آخرڪار
پنجاهه سالن جي طوفان کان پوءِ مون پنهنجو
بندر ڳولي لڌو. هڪ بادشاهه منهنجو نگهبان آهي،
هڪ فلسفي سان منهنجي گفتگو آهي، هڪ رحمدل
انسان جي سنگت جا مزا ميسر آهن، مان انهي شخص
سان ملي ويو آهيان، جنهن سورنهن سالن مشڪلات ۾
منهنجي همدردي ڪئي ۽ مون کي دشمنن کان پناهه
ڏني. جيڪڏهن مون کي ڪنهن به شيءِ تي مڪمل يقين
۽ ڀروسو آهي، ته اها آهي روس جي بادشاهه جي
نيڪ نيتي.“
ساڳي سال جي نومبر مهيني ۾ والٽيئر سوچيو، ته
سئڪسن بانڊس ۾ پنهنجا پيسا سيڙائي پنهنجي دولت
وڌائيندو. جيتوڻيڪ فريڊرڪ کيس منع ڪئي هئي، پر
هن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. بانڊس جي قيمت چڙهي
وئي ۽ والٽيئر کي ڪافي نفحو حاصل ٿيو. پر سندس
ايجنٽ هرش
(Hirsch)
چاهيو، ته کيس ڊپ ڏئي منجھانئس پيسا ڪڍي، هن
مٿس دٻاءُ رکيو، ته پيسا هلاءِ نه ته اجھو ٿو
فريڊرڪ آڏو راز ظاهر ڪيان. والٽيئر کيس گلي
مان جهلي چڱي لعنت ملامت ڪئي. فريڊرڪ کي پتو
پئجي ويو ۽ شاهاڻي غصي کي جوش آيو. هن لاميتري
(La Mettrie)
کي چيو، ”مون کي هن جي ضرورت وڌ ۾ وڌ هڪ سال
لاءِ آهي. نارنگي کي نپوڙي، رس ڪڍي، سندس کوپي
کي اڇلائي ڇڏبو آهي.“ لاميتري شايد منتظر ويٺو
هو، ته موقعو هٿ اچي، ته پنهنجي رقيبن کي پري
ڪجي ۽ جان ڇڏائجي، سو ان ڇا ڪيو جو سڄي ماجرا
وڃي والٽيئر کي سڻايائين. هاڻي جڏهن ته
والٽيئر فريڊرڪ جي ڪچهري ۾ وهندو هو، تڏهن
نپوڙيل نارنگيءَ وارو تصور کيس ستائيندو هو.
هاڻي سندس حالت ان شخص کان به بدتر هئي. جو
ڪنهن اوچي هنڌان هيٺ ڪري رهيو هو ۽ چئي رهيو
هو، ته نرم نرم هوا مان گذرڻ ڪهڙو نه راحت بخش
آهي. جنهن لاءِ شرط هيءَ آهي ته اها حالت
هميشه قائم رهي [يعني منهنجو جسم زمين سان
لڳي پرزا پرزا نه ٿئي] سندس مرضي هئي، ته
فريڊرڪ سان سندس ناتا ٽٽن، ڇاڪاڻ ته هو هاڻي
وطن واپس ورڻ لاءِ آتو هو. سن 1752ع ۾ هڪ
معمولي واقعو پيش آيو، جنهن معاملي جو فيصلو
ڪري ڇڏيو، فريڊرڪ فرانس مان هڪ رياضي دان
ماپرٽيوئز
(Mauperuis)
گهرايو هو، ان هڪ ٻئي رياضي دان ڪوئنگ
(Koeing)
سان نيوٽن جي هڪ سمجھاڻيءَ بابت تڪرار ڪيو.
فريڊرڪ ماپريٽوئز جو پاسو ورتو ۽ والٽيئر،
جنهن کي خبرداريءَ کان وڌيڪ همت هئي. جلدي ئي
ڪوئنگ جو پاسو ورتو. هڪ خط ۾ مئڊم ڊينس ڏانهن
لکيائين، ”بدنصيب آهيان جو مان پڻ هڪ ليکڪ
آهيان، پر بادشاهه جي مخالف ڪئمپ ۾ آهيان. مون
کي ڪا خوشي نه آهي، پر قلم آهي.“ ساڳي وقت
فريڊرڪ پنهنجي ڀيڻ ڏانهن لکيو: ”منهنجي اديبن
۾ شيطان، انساني روپ وٺي آيو آهي. اهڙن شخص
سان پڄڻ محال آهي. اهڙن ماڻهن وٽ عقل کان
سواءِ ٻي ڏاهپ نه آهي. اها ڳالهه شايد جانورن
لاءِ تسڪين جو باعث هجي، جو ڪيترن انسانن کي
دماغ هئڻ جي باوجود جانورن جيتري فوقيت به
حاصل ڪونه آهي.“ هن وقت والٽيئر ماپرٽيوئز
خلاف پنهنجو مشهور ڪتاب ”ڊاڪٽر اڪيڪيا جو
مباحثو“ لکيو. هن اهو فريڊرڪ کي پڙهي ٻڌايو،
جيڪو سڄي رات ان تي خوب کليو، پر والٽيئر کي
التجا ڪيائين، ته هو اهو ڪتاب نه ڇپائي، ائين
ڏسڻ ۾ پئي آيو، ته ڄڻ ته والٽيئر اها ڳالهه
مڃي، پر حقيقت ۾ والٽيئر اڳي ئي اهو ڪتاب
ڇاپخاني ۾ موڪلي چڪو هو ۽ مصنف پنهنجي قلم جي
پيدائش جو خون ڪرڻ نه ٿي چاهيو. جڏهن ڪتاب
ظاهر ٿيو، تڏهن فريڊرڪ ڪاوڙ واري باهه ۾ وٺجي
ويو ۽ والٽيئر انهيءَ باهه کان پاڻ بچائي اٿي
ڀڳو.
فرئنڪفرٽ علائقو توڙي فريڊرڪ جي بادشاهت کان
ٻاهر هيو، پر اتي بادشاهه جا ايجنٽ اچي پهتا
۽ کيس گرفتار ڪيائون. کيس ٻڌايو ويو، ته هن وٽ
بادشاهه جو کليل هڪ شعر ”پئلاڊيم، آهي، سو
هڪدم سندس حوالي ڪري ڇاڪاڻ ته اهو بافضيلت
سماج لاءِ تيار نه ڪيو ويو هو، پر ان شعر جو
قلمي نسخو هڪ پيتيءَ ۾ هو جيڪا رستي تي وڃائجي
وئي هئي، جيستائين اها پيتي پهتي، هفتن جا
هفتا، والٽيئر کي قيد رکيو ويو. هڪ ڪتاب
وڪڻندڙ، جنهن جو والٽيئر قرضي هو، سٺو موقعو
ڏسي، والٽيئر کي بل ادا ڪرڻ لاءِ زور ڪري رهيو
هو. جوش ۾ والٽيئر کيس ڪن تي ڌڪ هنيو. والٽيئر
جي سيڪريٽري ڪالني اشاري طور کيس چيو: ”خوش
نصيب آهين، جو دنيا جي بزرگ ترين هستين مان هڪ
تنهنجي گوشمالي ڪئي آهي.“
آخرڪار هو آزاد ٿيو ۽ فرانس جون حدون ٽپڻ ۾
هو، ته هن کي اطلاع مليو ته حڪومت سندس
جلاوطني جو حڪم ڪڍيو هو. مظلوم ٻڍي روح کي خبر
ئي ڪانه ٿي پئي ته هاڻي ڪيڏانهن رخ رکي. ڪجهه
وقت سوچيائين ۽ ارادو ڪيائين، ته آمريڪا جي
رياست پينسلوانيا طرف هليو وڃي. هو ڪيڏي نه
مايوسيءَ ۾ مبتلا هو. سن 1754ع ۾ مارچ مهييني
۾ هو جنيوا جي آس پاس پنهنجي ’محفوظ
رهائشگاهه‘ جي تلاش ۾ رهيو،جتي پئرس ۽ برلن جا
ظالم شهنشاهه کيس ضرر رسائي نه سگهن. آخرڪار
هن قديم جائداد خريد ڪئي، جنهن جو نالو لي
ڊيلائسز هو. اتي هو اطمينان سان ٿانيڪو ٿي
ويٺو، پنهنجي باغ کي آباد ڪرڻ ۽ پنهنجي
تندرستي درست ڪرڻ ۾ مشغول رهيو ۽ جڏهن سندس
زندگي پير مرديءَ جي دور ۾ قدم رکي رهي هئي،
تڏهن هڪ شاندار ۽ اعليٰ ڪتاب لکڻ جو پهه
ڪيائين.
لي ڊيلائسز: اخلاقيات تي مضمون
Les Delices: The Esay on Morals
هن نئين جلاوطنيءَ جو ڪهڙو سبب هو؟ برلن ۾ هُن
هڪ ڪتاب ڇپايو هو، تنهن مان سندس عزم، وسعت،
خصوصيت ۽ همت صاف ظاهر هيون. ان نئين ڪتاب جو
نالو هو. ”شارليمن کان وٺي لوئي تيرهين تائين
قومن جي اخلاقيات ۽ روحانيات تي مضمون.“ هن
اهو ڪتاب سائريءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. مئڊم
شئٽليت، عام طرح سان، جنهن نموني ۾ تاريخ لکي
ويندي آهي. ان طريقي کي هن ڌڪاريو، تنهن تي
والٽيئر هيءُ ڪتاب لکڻ لڳو.
سندس خيال موجب ”تاريخ هڪ پراڻي جنتري آهي. هڪ
مون جهڙي فرينچ عورت کي ان ڳالهه سان ڪهڙو
تعلق ته سويڊن ۾ هاڪئن
(Haquin)
کان پوءِ ايجل
(Egil)
بادشاهه ٿيو وغيره. مون يونانين ۽ رومين جي
تاريخ خوشيءَ سان پڙهي آهي. انهن مون کي ڪي
تصور آڇيا آهن، جن مون کي موهيو آهي. پر
موجوده قومن جي ڪابه وڏي تاريخ مون ڪڏهن به
پڙهي پوري نه ڪئي آهي. مان ان ۾ مونجھاري کان
سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿي ڏسان، هزارين ننڍا
ننڍا واقعا، جن جو تعلق يا سلسلو ڪونه آهي،
هزارين لڙايون، جن جو ڪوبه نتيجو ڪونه ڏيکاريل
آهي. مان ان مطالعي کي ڌڪاريان ٿي، جيڪا محض
ذهن تي بوجھه آهي، پر ان کي ڪنهن به صورت ۾
روشن نه ٿي ڪري.“
والٽيئر انهيءَ راءِ سان اتفاق ڪيو.پنهنجي هڪ
ناٽڪ ۾ اڳي ئي چئي آيو هو، ته ”تاريخ ڏوهن ۽
بدنصيبن جي تصوير کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه
آهي.“ جولاءِ 15 سن 1768ع ۾ هن هوريس والپرل
(Horace Nalpde)
ڏانهن لکيو.“ يارڪ ۽ لئڪاسٽر گهراڻن جي تاريخ
پڙهندي ائين معلوم ٿو ٿئي، ڄڻ ته ڦورن ۽
ڌاڙيلن جون آکاڻيون پيا پڙهون.“ پر هن مئڊم
شئٽليٽ سان اِها اميد ظاهر ڪئي هئي، ته فلسفي
کي تاريخ تي لاڳو ظاهر ڪرڻ ئي هڪ صحيح طريقو
آهي، اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ته اهو ڏسون، ته
سياسي ڦيريون گهيريون ڪيئن نه انساني ذهن جي
ارتقا سان وابسته آهن. سندس خيال موجب صرف
فلسفي کي تاريخ لکڻ جو حق آهي. سڀني قومن ۾
ڏند ڪٿائون تاريخ کي بگاڙين ٿيون، پر آخرڪار
فلسفو صحيح روشني پيش ڪري ٿو. جڏهن فلسفو هن
ٻاٽ اونداهيءَ ۾ روشني ڪري ٿو، تڏهن ڏسي ٿو،
ته صدين جي غلطين سبب انساني ذهن ايترو نه انڌ
ٿي چڪو آهي، جو فلسفي لاءِ مشڪل ٿيو پوي، جو
هو انسان کي فريب ۽ ڌوڪي کان بچائي. ريتون
رسمون، حقيقتون ۽ يادگار سڀ ڪٺا ٿي، ڪوڙ کي سچ
ثابت ڪرڻ لاءِ خواهشمند آهن. اسان ماضي کي
مروٽي پنهنجي آئينده بابت خواهشن سان متفق ڪرڻ
ٿا چاهيون. تاريخ ذريعي مئلن شخصن تي ڪوڙ ۽
فريب جي بي رحم بارش وسايون ٿا. تاريخ ثابت
ڪري ٿي، ته ڪنهن به ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ
تاريخ بهترين اوزار آهي.
هن هڪ کاڻين کوٽڻ واري مزدور وانگر ڪم ڪيو،
جيئن هو ڪوڙ جي انبار هيٺان سچا هيرا ڳولي هٿ
ڪري ۽ انسان ذات جي صحيح تاريخ جوڙي تيار
ڪري. سالن جا سال هو تاريخي ڪتابن جو مطالعو
ڪندو رهيو. روس جي تاريخ. چارلس ٻارهين جي
تاريخ، لوئي چوڏهين جو دور، وغيره سندس نظر
مان گذريا. ايڏي وڏي مطالعي ه ن۾ هڪ ذهني ضمير
پيدا ڪيو.“ هڪ جيزوئٽ پيري ڊينيل، جنهن فرانس
جي تاريخ لکڻ جي مهم شروع ڪئي، پنهنجي آڏو
فرانس جي شاهي لائبرري مان ٻارهن سئو نسخا
رکايا. هڪ ڪلاڪ انهن کي ڏسندو رهيو، تنهن کان
پوءِ ٽرنيمائين [جيڪو والٽيئر جو اڳوڻو استاد
هو]، طرف رخ ڪري چيائين، ته اهو سارو مواد مون
لاءِ فضول آهي.“ والٽيئر جو طريقو ان جي ابتڙ
هو. هن پنهنجي موضوع تي سڀ ڪجهه پڙهيو. گذريل
واقعن تي سوين ڪتاب غور سان پڙهيائين، جن به
شخصن مشهور واقعا پنهنجن اکين سان ڏٺا هئا، تن
سان خط ۽ ڪتابت ڪيائين. پنهنجي ڪتابن شايع ڪرڻ
کان پوءِ به هن مطالعو جاري رکيو ۽ هرهڪ ڇاپي
کي سڌاريائين.
مواد کي ڪٺو ڪرڻ صرف ابتدائي ڪم هو. هاڻي چونڊ
ڪرڻ ۽ مرتب ڪرڻ جي ضرورت هئي. صرف واقعا پيش
ڪرڻ تاريخ نه آهي، ڀلي کڻي واقعا سچا به هجن.
”تفصيلوار واقعا تاريخ لاءِ ائين آهن، جيئن
لشڪر لاءِ سامان يعني رنڊڪون. اچو ته ٿلهين
ٿلهين حقيقتن جو معائنو ڪريون. انسان ذهن اهڙو
ته هلڪو آهي، جو گهڻي تفصيل جو وزن برداشت ڪري
نه ٿو سگهي.“ مورخ کي گهرجي، ته مختلف واقعن
کي جمع ڪري ۽ مرتب ڪري هڪ تاريخي لغات ٺاهن،
جيئن ضرورتمند انهن کي ڳولهي هٿ ڪن. والٽيئر
هڪ متحد ڪندڙ اصولن جي ڳولا ۾ رهيو، جنهن
ذريعي ’يورپ جي تهذيبي تاريخ هڪ ئي ڌاڳي تي
اُڻي سگهجي ۽ کيس يقين هو، ته هيءُ ڍاڳو هو
تمدني تاريخ، هن پڪو اراد ڪيو، ته تاريخ ۾
يادگيرين جوذڪر ڪجي، پر انسان ذات جو، جنگين
جو ذڪر نه ڪجي پر انساني ذهن جي ترقيءَ جو ذڪر
ڪجي. ”جنگيون ۽ انقلاب هڪ اعليٰ تجويز جو
ننڍڙو جزو آهن. فجن جي فتح ۽ هار، شهرن ۾ ملڪن
جو کٽڻ ۽ وڃائڻ، ته تاريخ جون عام رواجي
ڳالهيون آهن. ڪنهن به دور جا هنر ۽ فن ۽ ذهني
ترقي جيڪڏهن نظرانداز ڪجن، ته جيڪر اهڙي ڪا
ڳالهه باقي نه رهي جيڪا ايندڙ نسل جو ڌيان
ڇڪائي.“ ”مان جنگين ۽ فسادن جي تاريخ لکڻ نٿو
چاهيان، پر سماج تي لکڻ چاهيان ٿو. مان ان
ڳالهه جو پتو لهڻ ٿو چاهيان، ته ماڻهو پنهنجن
ڪٽنبن اندر ڪيئن رهندا هئا۽ ڪهڙن هنرن کي اندر
زور وٺايو هو. منهنجي مراد آهي، انساني ذهن جي
تاريخ لکڻ ،منهنجو واسطو معمولي واقعن کي
تفصيلوار بيان ڪرڻ سان نه آهي، نه وري وڏن وڏن
اميرن جي تاريخ سان ڪا دلچسپي اٿم، پر مان
ڄاڻڻ چاهيان ٿو، ته وحشت کان تهذيب تائين سفر
ڪرڻ ۾ انسان کي ڪهڙيون منزلون طئي ڪرڻيون
پيون“. تاريخ مان بادشاهن کي ٿڏي ڪڍڻ جمهوري
انقلاب جي نشاني هئي، جنهن آخرڪار بادشاهن کي
حڪومتن مان پڻ ٿڏي ڇڏيو والٽيئر جي نئين قسم
جي تاريخ، فرانس مان بوربن گهراڻي کي تڙي ڪڍڻ
جو آعاز ڪيو.
تنهن ڪري هن پهرئين ڀيرو تاريخ جو فلسفو پيدا
ڪيو. يورپي ذهن جي واڌاري جا ڪهڙا قدرتي سبب
هئا، تن جي تحقيق ڪيائين، اها توقع هئي، ته
اها هڪ نئون تجربو ٿيندو، جنهن ۾ قدرت کان
بالاتر سمجھاڻين کي ترڪ ڪيو ويندو. تاريخ
تيستائين صحيح معنيٰ ۾ تاريخ ٿي نه سگهندي،
جيستائين مذهبيت کي منجھانئس نه هٽائبو. بڪل
(Buckle)
جو رايو آهي ته والٽيئر جي ڪتاب موجوده تاريخي
علم جو بنياد وڌو، گبن
(Gibbon)،
نبيوهر
(Niebuho)،
بڪل
(Buckle)
۽ گروٽي
(Grote)
سندس احسانمند ۽ پوئلڳ هئا. اڃا تائين به ڪنهن
ان ميدان ۾ والٽيئر مٿان فوقيت حاصل ڪونه ڪئي
آهي.
پر اهڙي عظيم الشان ڪتاب جي عيوض کيس جلاوطني
ڇو نصيب ٿي؟ ڇاڪاڻ ته سچ کي ظاهر ڪندي، ان
ڪتاب هر رتبي واري شخص جي دل آزاري ڪئي هئي.
ان ڳالهه مذهبي پيشوائن کي غصو ڏياريو، ڇو جو
ان ۾ اهو رايو ڏنو ويو هو، جيڪو بعد ۾ گبن
اختيار ڪيو ۽ جنهن مطابق عيسائيت جو قبل مسيح
نظام مٿان غلب پوڻ ڪري روم اندروني طرح منتشر
ٿي ويو. جنهن ڪري آخرڪار روم کي حملو ڪندڙ
وحشي قومن جو شڪار ٿيڻو پيو. ان ڪري به پادرين
کي غصو آِو، جو ان ڪتاب ۾ عيسائيت ۽ عيسائي
حڪومت کي گهٽ اهميت ڏني وئي هئي، چين ۽
هندستان ۽ ايران جي ملڪن ۽ مذهبن کي همدرديءَ
۽ غير جابداريءَ سان پيش ڪيو ويو هو. ان ڪري
دنيا جو هڪ نئون، عجيب ۽ وسيع منظر ظاهر ڪيو
ويو. هرهڪ مذهبي متي کي نسبتي نوع ۾ پيش ڪيو
ويو. وسيع مشرق کي وري نئين سر اهميت ملي.
اوچتو يورپ کي خبر پئي، ته يورپ هڪ عظيم تمدن
جي صرف عارضي تجربيگاهه هو، جنهن جون پاڙون
مشرق ۾ هيون. يورپ ڪيئن ان شخص کي معاف ڪري
سگهيو ٿي، جنهن خود يورپ خلاف حق جي شاهدي
ڏني؟ بادشاهه حڪم ڪيو ته اهڙي فرانس جي
رهواسيءَ کي، جيڪو پهريائين پاڻ کي انسان
سڏائي ٿو ۽ پوءِ فرانس جو باشندو، ڪوبه حق
ڪونه آهي، جو هو پنهنجا قدم فرانس جي زمين تي
رکي، کيس فرانس ۾ داخل ٿيڻ هرگز نه ڏنو وڃي.
فرني ڪئنڊائيڊ:
Ferney Candide
لي ڊيلائسز سندس عارضي رهائشگاهه هئي، ڄڻ ته
هڪ مرڪز هو. جتان والٽيئر وڌيڪ دائمي پناهه
گاهه ڳولڻ جي اميد ڪري سگهيو ٿي. سن 1758ع ۾
اهو هن کي لڀي ويو. فرني سوزلينڊ جي اندر هو ۽
فرانس جي ويجھو هو، فرينچ اختياريءَ وارن جي
ظلم کان محفوظ هو ۽ ساڳئي وقت جيڪڏهن
سوئزرلينڊ حڪومت کيس ڪا تڪليف ڏئي، ته کيس ڀڄي
وڃڻ آسان هو. هن پوئين تبديليءَ سندس بي
آراميءَ واري سفر جوخاتمو ڪيو. پر سندس ڊڪ ڊوڙ
رڳو اعصابي بي آراميءَ جو نتيجو نه هئي، پر
ساڳي وقت هيءَ ڳالهه ظاهر ڪري ٿي، ته کيس ظلم
کان پاڻ بچائڻ جو ڪو خاطر خواهه چارو اڃا
تائين حاصل ڪونه ٿيو هو. فقط جڏهن 64 سالن جي
ڄمار کي پهتو، تڏهن کيس هڪ گهر نصيب ٿيو، جتي
کيس گهرو رهائش حاصل ٿي، سندس هڪ آکاڻي ”سڪار
مينٽئڊو جا سفر“ ۾ هڪ ٽڪرو آهي، جيڪو سندس
زندگيءَ تي روشني وجھي ٿو: ”جيئن هاڻي مون
ڌرتيءَ جي هرهڪ اڻ لڀ ۽ حسين شيءِ جو معائنو
ڪيو هو، مون ارادو ڪيو، ته هاڻي صرف گهرو
زندگيءَ جي راحتن سان لطف اندوز ٿيندس. مون
شادي ڪئي،پر جلد ئي شڪ پيم، ته هوءَ مون کي
دوکو ڏيئي رهي هئي. ان شڪ جي باوجود مان ان
نتيجي تي پهتس، ته زندگيءَ جي ٻين سڀني حالتن
کان اها حالت بهتر هئي.“ والٽيئر کي ڪا زال
ڪانه هئي، کيس گهر ۾ فقط هڪ ڀائٽي هئي، جيڪا
هڪ ذهن واري شخص لاءِ زال کان بهتر آهي. هاڻي
هن پئرس وڃڻ جي ڪابه خواهش ڪانه ڏيکاري. ان ۾
ڪو شڪ ڪونهي، ته ان عقلمنديءَواري جلاوطنيءَ
سندس زندگيءَ جي ڏينهن ۾ اضافوڪيو.
هو پنهنجي باغ ۾ ڪم ڪندو ڏاڍو خوش نظر ايندو
هو. هو ميون جا وڻ پوکيندو هو. جن جي ميوي
کائڻ جي کيس زندگيءَ ۾ اميد ڪانه هئي، جڏهن هڪ
دوست سندس ان ڪم جي ساراهه ڪئي، تڏهن هن جواب
ڏنو: ”مون چار هزار وڻ پوکيا آهن.“ هو هرهڪ
سان نهايت مهرباني ۽ قرب سان ملندو هپ، پر
ڪوبه هن کي تيز تقرير ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري
سگهندو هو. هڪ ڏينهن هن هڪ ملاقاتي کان پڇيو،
ته هو ڪتان آيو هو. هن جواب ڏنو ته مسٽر هئلر
وٽا. تنهن تي والٽيئر چيو، ته ”مسٽر هئلر هڪ
بزرگ ماڻهو آهي، هڪ عظيم شاعر، اعليٰ حياتيات
جو ماهر، فلسفي ۽ عالمگير ذهن رکندڙ شّص آهي.“
ملاقاتيءَ چيو، ”سائين توهان جي راءِ ته نهايت
تعريف جوڳي آهي، پر مسٽر هئلر جي توهان بابت
ساڳي راءِ ته ڪونه آهي، توهان کي هڪ اعليٰ شخص
ڪري تسليم نه ٿو ڪري.“ والٽيئر تنهن تي وراڻي
ڏني، ”شايد اسان ٻئي غلطيءَ تي هجون.“
فرني هاڻي ذهني دنيا جو مرڪز ٿيو. هرهڪ عام يا
روشن دماغ حاڪم يا ته شخصي طور اچي پيش ٿيندو
هو يا ته ساڻس لکپڙهه ڪندو هو. شڪ پرست پادري،
آزاد خيال امير، ۽ پڙهيل عورتون اچي ڪٺيون
ٿينديون هيون. انگلينڊ کان گبن ۽ باسويل،
فرانس کان سجاڳيءَ جي دور جا انقلابي جهڙوڪ ڊي
الميبرٽ ۽ هيلويشئس ۽ ٻيا ڪيترا اچي سهڙبا
هئا. ايترن بي انداز ملاقاتين جي مهماني
والٽيئر لاءِ ڏکي ثابت ٿي. هن شڪايت ڪئي، ته
هو يورپ لاءِ هڪ هوٽل وارو ٿي پيو هو. هڪ
واقفڪار ارادو ظاهر ڪيو، ته هو والٽيئر وٽ ڇهه
هفتا رهندو. تنهن تي والٽيئر جواب ڏنس، ته ”تو
۾ ۽ ڊان ڪئڪسوٽ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ هو هوٽلن کي
گهر ڪري سمجھندو هو ۽ تون گهرن کي هوٽلون ڪري
سمجھين ٿو. شل خدا مون کي پنهنجن دوستن کان
بچائي. پنهنجن دشمنن سان ته مان پاڻهي پڄي
وٺندس.“
اهڙي اعليٰ پيماني تي مهماننوازي کان علاوه
کيس بي انداز خطن سان منهن ڏيڻو پوندو هو.
سندس خط قابليت ۽ ذهنيت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا.
هر قسم ۽ هر رتبي جي انسانن وٽان خط اچي جمع
ٿيندا هئا. جھڙوڪ: جرمنيءَ مان هڪ مئجسٽريٽ
سوال پڇيو ته ”مهرباني ڪري ٻڌايو، ته خدا آهي
يا نه؟ هيءَ ڳالهه ٻئي ڪنهن سان نه ڪجو ۽
ورندي وارو جواب ٽپال ۾ موڪلجو.“ سويڊن جي
گسٽاوس ٽئين
(Gustavus)
ان خيال تي خوشي ڪئي جو والٽيئر ڪڏهن ڪڏهن اتر
طرف مهر جي نظر ڪندو هو، هن ظاهر ڪيو، ته اها
سندن همت افزائي هئي، جيئن هو هر ڪم بهترين
نموني ۾ پورو ڪن. ڊيمارڪ جي ڪرسچين ستينا
کانئس معافي گهري جو هو سڀ سڌارا هڪ ئي وقت
قائم ڪري نه سگهيو هو. روس جي ڪئٿرائين ٻي
سندس واسطي سهڻيون سوغاتون موڪليون، خط ۽
ڪتابت جاري رکي ۽ اميد ڏيکاري، ته والٽيئر کيس
بي ادب نه سمجھندو. خود فريڊرڪ به ٿوري عرصي
جي ڍرائيءَ کان پوءِ، پنهنجي واڙي ڏي واپس
وريو. هن لکپڙهه نئين سر جاري رکي. نرنيءَ جي
شهنشاهه سان هن لکيو، ته ”تو مون سان گهڻي
زيادتي ڪئي آهي، پر مون سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو
آهي، نه رڳو ايترو پر منهنجي دلي خواهش اها ئي
آهي، ته مان سڀ اڳيون ڳالهيون وساري ڇڏيان.
مان ته تنهنجي اعليٰ ذهن تي ديوانو آهيان، نه
ته تون مون کان ڪڏهن به ائين بچي ڪونه سگهين
ها. تو کي مٺين ڳالهين جي ضرورت آهي ڇا؟ چڱو،
مان توکي ڪي حقيقتون ٻڌائيندس. مان توکي سڀني
دؤرن جي اعليٰ پيدائش سمجھان ٿو، مان تنهن جي
شعر کي ساراهيان ٿو. مان تنهنجي نثر تي فدا
آهيان. اڳي ڪنهن به مصنف کي اهڙو تيز فهم ۽
پختو ۽ نازڪ ذوق نصيب ڪونه ٿيو آهي. جيڪڏهن
تون چاهين ۽ ساري دنيا کي پنهنجو عاشق ڪري
سگهين ٿو تو وٽ اهڙيون ته ذهني خوبيون آهن، جو
جيڪڏهن کڻي تون ٻين کي رنجائين به پر تڏهن به
ٻيا سڀ توسان مروت سان پيش ايندا. مطلب ته تون
جيڪڏهن انسان نه هجين ها ته حقيقت ۾ صاحب ڪمال
هجين ها.“
اهڙي زنده دل ميزبان کان اها توقع ڪير ڪري
سگهندو، ته هو تاريخ خيال فلسفي جي پيشڪش
ڪندو؟ جوانيءَ جي دور ۾، بئسٽل جي قيدخاني ۾
بند هئڻ جي باوجود، هو اعليٰ ملاقاتي ڪمرن ۾
خوشي ملهائيندو رهيو، پر ان لاپرواهي جي ڏينهن
۾ پڻ هن ليبنز جي روشن خيال فلسفي خلاف انقلاب
کڙو ڪيو. هڪ نوجوان مٿس قلمي حملو ڪيو ۽ ليبنز
جي ان خيال جي تائيد ڪئي، ته هي دنيا ٻين سڀني
عالمن کان بهترين آهي. تنهن تي والٽيئر کيس
جواب ڏنو، ته: مون کي خوشي ٿي آهي، جو تو
منهنجي خلاف هڪ ڪتابڙو لکيو آهي، تو منهنجي حد
کان وڌيڪ عزت افزائي ڪئي آهي. جڏهن تو نظم ۾
توڙي نثر ۾ ڏيکاريو هو ڇو سڀ کان بهترين عالم
۾ انسان هڪ ٻئي جا گلا پيا ڪن ته پوءِ مان
تنهنجو نهايت احسامند ٿيندس. مان تنهنجي
دليلن، شعرن ۽ گارين جو انتظار ڪري رهيو
آهيان. مان توکي پنهنجي دل جي گهرائي مان يقين
ٿو ڏياريان، ته نڪي تو نڪي مون هيءُ معاملو
سمجھيو آهي.“
هو دنيا جي ظلم، زبردستي ۽ دغا کان خوب واقف
هو، جنهن ڪري سندس زندگيءَ ۾ ايمان ۽ اعتقاد
ڪجهه قدر هيڻو ٿي ويو. برلن ۽ فرائنڪفورٽ جي
اکيون کوليندڙ آزمودن سندس اميد کي مڏو ڪري
ڇڏيو. پر جڏهن نومبر 1755ع ۾ هڪ خوفناڪ زلزلي
جون خبرون لزبن مان پهتيون، جنهن ۾ ٽيهه هزار
ماڻهو مري ويا، تڏهن سندس اعتقاد ۽ اميد کي
سخت صدمو پهتو. اهو زلزلو هڪ مقدس ڏينهن واقع
ٿيو. جنهن ڏينهن عبادت ڪندڙ اچي جمع ٿيا هئا
موت هيءُ موقعو غنيمت سمجھي انساني زندگيءَ ۾
خوب لابارو وجھڻ شروع ڪيو. پر والٽيئر کي وڌيڪ
صدمو ان ڪري پهتو، جو مذهبي پيشوا ان سانحي کي
ماڻهن جي گناهه سان مسنوب ڪري رهيا هئا.
والٽيئر ڪاوڙ ۾ تپي لعل ٿي ويو. هن هڪ جوشيلو
نظم تيار ڪيو، جنهن ۾ هن هيءَ قياس آرائي ڪئي:
”يا ته خدا بديءَ کي روڪي سگهي ٿو يا نه، يا
ته وري بدي کي روڪڻ جي خواهش رکي ٿو. پر ائين
ڪري نه ٿو سگهي.“ هو اسپنوزا جي جواب تي راضي
نه ٿيو، ته نيڪي ۽ بدي انساني ذهن جي پيداوار
آهن، جن جو ساري ڪائنات سان ڪوبه واسطو ڪونه
آهي، اسان جا افسوس وارا واقعا ساري ابدي
ڪائنات جي سامهون ڪابه اهميت نٿا رکن. سندس
نظم جو هي ٽڪر پيش ڪجي ٿو:
”مان هڪ سالم (ڪائنات) جو هڪ ننڍڙو جزو آهيان.
هائو، پر سڀ جانورن جن تي زندگيءَ جي سزا
عائد آهي، سموريون احساسن رکندڙ شيون، جيڪي
سخت قاعدي ماتحت ڄايون آهن، مون وانگر حقيقت
کي سهن ٿيون ۽ مون وانگرموت جو عذاب پڻ سهن
ٿيون. هڪ ڳجهه پنهنجي هيڻي شڪار کي تيزيءَ سان
ڳڙڪائي ٿي، ڏڪندڙ ڪنبدڙ عضون کي خوني چهنب سان
زخمي ڪري ٿي. ايتري ظلم جي باوجود قدرت جي
سڪونيت مان ائين پيو لڳي محسوس ٿئي، ڄڻ ته سڀ
ڪجهه ٺيڪ آهي، پر گهڙي کن ۾ اجھو هڪ عقاب ڳجهه
جي جسم کي پرزا پرزا پيو ڪري. عقاب کي وري
انسانن جي تيرن جو نشانو ٿيڻو پوي ٿو. انسان
وري جنگي ميدانن تي هڪ ٻئي جي خونريزي ڪرڻ ۾
مشغول آهن. تان جو سندن جسم درندن جي خوراڪ
ٿيو پون. اهڙيءَ ريت دنيا جو هر هڪ عضوو ڪنهن
نه ڪنهن مصيبت جي زير اثر ڪنجھي ۽ ڪرڪي پيو.
سڀ ايذا ۽ اهنج ۽ گڏيل تباهي ۽ برباديءَ خاطر
پيدا ڪيا ويا آهن. اهڙي ڏڪائيندڙ حالت مٿان
جيڪڏهن ڪو ائين ويهي چئي ته ”انفرادي طور
مصيبتون سهڻ، ساري جماعت جي فائدي جو باعث
ٿيندو.“ ته ان کي ڪهڙو نه بيوقوف سڏبو. ڪهڙي
نه رحمت! اي فاني ۽ رحم لائق انسان! تون ڏڪندڙ
آواز سان ائين چئي رهيون آهين، ته ”سڀ خير
آهي.“ ڪائنات توکي ڪوڙو ثابت ڪري رهي آهي.
تنهنجي دل تنهنجي هن جي خوبدينيءَ جي ترديد
ڪري رهي آهي... سڀ کان اعليٰ ذهن جي ڪهڙي
فتويٰ آهي؟ خاموش: قسمت جو دفتر اسان لاءِ بند
آهي. انسان پنهنجي تحقيق ۾ ناڪام ويو آهي. کيس
خبر نه آهي ته ڪٿان آيو آهي ۽ ڪاڏي وڃي رهيو
آهي. مٽيءَ جي بوتي ۾ سور سهندڙ جوهرن جو
جهڳٽو جنهن تي نصيب پٿربازي ڪري ٿو ۽ جنهن کي
آخرڪار موت ڳڙڪائي وڃي ٿو. پر خيال ڪندڙ جوهر
جن جون ڏور ڏسندڙ اکيون خيال جي رهبري هيٺ،
جهڪي روشنيءَ وارن تارن کي ڪٿڻ ۾ ڪامياب ٿي
ويون آهن. اسان جي هستي لامحدود سان وڃي ملي
ٿي. اسان پنهنجو پاڻ نٿا ڏسون، نٿا سڃاڻون
هيءَ دنيا، هيءُ غرور ۽ ظلم جو ناٽڪ گهر، جيڪو
اهڙن بيوقوفن سان سٿيو پيو آهي، جيڪي خوشيءَ
جا راڳ آلاپن ٿا... هڪ دفعي مون پڻ گهٽ اداس
انداز ۾ خوشيءَ جي چمڪندڙ رستن جي جستجو ڪئي.
وقت بدلجي چڪو آهي، وڌندڙ ڄمار مون کي گهڻو
ڪجهه سيکاريو آهي. انسان ذات جي هيڻائي ۽
ناداريءَ مان ڪجهه حصو مون کي پڻ نصيب ٿيو
آهي. وڌيڪ گهُگهُه اونداهيءَ ۾ روشنيءَ جي
ڳولا ڪري رهيو آهيان. اڃا پڻ سهڻ جو مادو مون
۾ موجود آهي. مان ڪڏهن به بيزار نه ٿيندس.“
ڪجھه مهينا پوءِ ستن سالن واري لڙائي لڳي.
والٽيئر جي راءِ موجب اها چريائي ۽ خودڪشي
هئي. ڪئناڊا جي برف ڇانيل ميدانن خاطر يورپ کي
برباد ڪرڻ ڪهڙي عقلمندي هئي؟ لذبن تي جيڪو شعر
والٽيئر چيو، تنهن جو کلم کلايو جواب روسيو
لکيو: ”انسان پنهنجي تباهيءَ جو ڪارڻ پاڻ آهي.
جيڪڏهن اسان شهرن جي بدران ميدانن ۾ رهون ها،
ته ايتري قدر وڏي پيماني تي برباد نه ٿيون ها.
جيڪڏهن آسماني ڇت هيٺان زندگي گذاڻ سکون ها،
ته اسان جا گهر اسانجي مٿن کي هوند نه ڦيهن
ها.“ والٽيئر کي اهڙي الاهي انصاف واري راءِ
جي عام مقبوليت تي عجب آيو. کيس غصو آيو جو هڪ
منصوبه باز سندس مٽي پليت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري
رهيو آهي. هن پنهنجي طنز جو سڀ کان خطرناڪ
اوزار روسيو تي استعمال ڪيو. ٽن ڏينهن اندر سن
1751ع ۾ هن هڪ ڪتاب ”ڪئنڊائيڊ“ لکيو.
نااميديءَ کي ڪڏهن به اڳي اهڙن زنده دل دليلن
سان پيش نه ڪيو ويو. اهڙا مثال مشڪل لڀندا جو
آکاڻيءَ کي اهڙي سادي ۽ پوشيده فن سان پيش ڪيو
ويو هجي. اها صاف صاف واقع بياني ۽ مڪالمه
نگاري آهي. ائناٽول فرانس جو قول آهي، ته
والٽيئر جي هٿ ۾ قلم ڊوڙي ٿو. شايد ادب ۾ اها
سڀ کان بهتري آکاڻي آهي.
ڪئنڊائيڊ هڪ سادو ۽ ايماندار ڇوڪرو آهي. هو هڪ
عظيم بئرن جو پٽ آهي ۽ هڪ فاضل پروفيسر
پئنگلاس جو شاگرد آهي.
”پئنگلاس مابعدالطبعيات، مذهبيت ۽ تخليق
ڪائنات جو پروفيسر هو، سندس قول موجب اهو ثابت
ڪري سگهجي ٿو، ته سڀ ڪجهه جبر وسيلي بهترين
مقصد خاطر ٿئيٿو. ڏسو، نڪ اهڙي طرح ٺاهيو ويو
آهي، ته ان تي عينڪ رکي سگهجي، ڄنگهون اهڙيءَ
ريت مرتب ڪيون ويون آهن جو انهن تي ڊگها جوراب
پائي سگهجن، پٿرن جي ساخت اهڙي آهي، جو انهن
مان مضبوط قلعا اڏي سگهجن، سوئرن کي انهيءَ
مقصد خاطر جوڙيو ويو، ته هو ڪن انسانن کي گوشت
ميسر ڪري ڏين، جيڪي صرف ائين چون ٿا، ته مڙيو
ئي خير آهي، سي وڏا بيوقوف آهن، انهن کي ته
ائين چوڻ گهربو هو، ته سڀ ڪم انسان جي بهتري
مفاد خاطر پيا ٿين.“