سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
فلسفي جي ڪهاڻي |
باب:
-- |
صفحو :23 |
مٿئين فقري مان ظاهر آهي، ته اسپينسر جي
اعتقاد موجب اشتراڪيت فرجي ۽ فيوڊل سرشتي مان
نڪتل آهي ۽ ان جو صنعت سان ڪو قدرتي تعلق ڪونه
آهي. جوفي رشتي وانگر، اشتراڪيت ۾ پڻ مرڪزيت
جي ترقيءَ حڪومت جي اختيارين ۾ اڌارو ۽ شخصي
حوصلي ۽ ايجاد جي گهڻائي سمايل آهي. شهزادو
بسمارڪ ڀلي اشتراڪي رياست طرف مائل هجي. هر
تنظيم جو اهو قاعدو هوندو آهي ته جيئن اها
مڪمل ٿيندي آهي. تيئن ان ۾ وڌيڪ تشدد پيدا
ٿيندو آهي. صنعت اشتراڪيت ائين ٿيندي، جيئن
جانورن ۾ ڪنهن شديد جبلت جو پيدا ٿيڻ. اها
انسانن جي هڪ اهڙي سماج کي بنائيندي. جنهن ۾
فردن جي حيثيت ماڪوڙين ۽ ماکيءَ جي مکين جهڙي
ٿيندي. مطلب ته اشتراڪيت (socialism)
هڪ اهڙي قسم جي غلامي آڻيندي. جنهن جو مثال
اڳتي ڪڏهن به ڪونه ٿيندو آهي.
”اشتراڪيت لاءِ اهو ضروري ٿيندو، ته حڪومت
پنهنجا هڪ طرفا فيصلا ماڻهن مٿان زوريءَ مڙهي.
حاڪم پنهنجن شخصي غرضن طرف وڌيڪ توجهه ڏيندا ۽
عام مزورن جي گڏيل مقابلي جي دال انهن آڏو
ڪونه ڳرندي. صرف انهن ماڻهن کي ڪم ڏنو ويندو.
جيڪي مقرر ڪيل شرطن ئي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هجن
آهستي آهستي حاڪم پنهنجي طاقت کي وڌائيندا
رهندا ۽ پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪندا رهندا،
تان جو عام ماڻهو سندن مقابلو ڪري ئي ڪو نه
سگهندا اهڙين حالتن هيٺ هڪ اهڙي اشرافيا جي
حڪومت جو قائم ٿيڻ لازمي آهي. جيڪا عوام جي
حقن کي چيڀاٽي. پنهنجي اقتدار کي برقرار رکي.
اقتصادي تعلقات سياسي تعلقات کان اهڙا ته
مختلف آهن ۽ اهڙا ته پيچيده جو ڪابه حڪومت
سواءِ اهڙي قسم جي غلاماڻي ضابطي پرستيءَ جي
انهن کي درست رکي ڪونه سگهندي. حڪومت جي دست
اندازيءَ ضعتي حالت جو صحيح معاثنو ڪري نه ٿي
سگهي. اقتصادي حالتن جو منجهيل سٽ جي دست
اندازي سان دست ٿي نه ٿو سگهي. مثلاّ وچين دؤر
جي انگلينڊ ۾ پگهارن مقرر ڪرڻ جا قاعدا ٺاهيا
ويا ۽ انقلابي فرانس ۾ شين جي اگهن مقرر ڪرڻ
جا قاعدا ٺاهيا ويا. پر اهي سڀ ناڪامياب ويا.
تنهن ڪري اهو بهتر ٿيندو، ته اقتصادي تعلقن کي
ڇڏي ڏجي. ته پاڻمردار پاڻ کي طلب ۽ رسد جي
قاعدن مطابق درست ڪن. جنهن شيءَ جي سماج کي
سخت ضرورت ٿيندي. ان لاءِ ڳري قيمت ڏيڻ تي
تيار ٿيندي، جيڪڏهن ڪن ماڻهن کي ڳرا نفعا حاصل
ٿين ٿا،ته ان جو سبب اهو آهي. جو انهن ماڻهن
ڪن خاص شين پيدا ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪئي ۽ جوکا
سر تي کنيا. زبردستيءَ سان مڙهيل برابري،
ماڻهو ڪڏهن به برداشت ڪونه ڪندا. جيستائين
پاڻمرادو بدليل ماحول انساني اخلاق کي
پاڻمرادو نه ٿو ڦيرائي، تيستائين هٿراڌو ڦير
گهير آڻڻ لاءِ قاعدا قانون اهڙا بيڪار ٿيندا
جهڙو ستارن جو علم ڪنهن ڪم جو ناهي.
اسپينسر کي اهو تصور پريشان ڪري ڇڏيندو هو، ته
دنيا مٿان مزدورن جو طبقو حڪمران هجي. مزدور
پارٽين جي اڳواڻن مٿس ڪڏهن به جادوءَ جهڙو اثر
ڪونه ڪيو. سندس خيال موجب هڙتال بيڪار آهن.
جيڪڏهن ساڳي وقت سڀ مزدور هڙتال ڪن ۽ ڪامياب
وڃن، ته وڌايل معاوضن سبب جيڪر اگهه وڌي وڃن ۽
حالت وري ساڳي ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته مزدور ضرورت
جون شيون ڳري اگهه تي حاصل ڪري سگهندا. اسان
ڏسنداسون، ته جلدي اهو زمانو ايندو جو مالڪن
جي ظلمن وانگر، مزدور پڻ ظلم ڪرڻ شروع ڪندا ۽
بي انصافيءَ کان ڪم وٺندا.
تنهن هوندي به هو بنا سوچ ويچار جي هڪ قدامت
پسند ڪونه هو. هن محسوس ڪيو، ته سماجي سرشتي
اندر ڪهڙو نه انڌير ۽ ڪهڙي نه وحشيانيت آهي.
نهايت غور سان هن سوچيو ته ڪهڙو نظام موجودهه
سماجي جي جاءِ وٺي سگهندو. آخر ۾ هن جي همدردي
معاشرتي تعاون جي تحريڪ سان ٿي. هن ڏٺو ته
سندس منزل اقتدار بدران تعوان ۽ معاهدو هئي.
”جيئن سماج ارتقا ڪري اعليٰ صورت اختيار ڪري
ٿو، تيئن مزدورن تي ضابطو ڏاڍائيءَ جي اصول
تي نه ٿو ٿئي. هرهڪ ميمبر جيڪو ڪم هو پاڻ ڪري
ٿو، ان جي ڀيٽ پنهنجو ڌني پاڻ آهي. هو اڪثريت
جي پاس ڪيل قاعدن جو پاڻ کي غلام نه ٿو سمجهي.
اهڙيءَ ريت فوج جي زوريءَ مڙهيل قاعدن جي
فرمانبرداري ڪرڻ بدران، مزدور پنهنجيءَ مرضيءَ
مطابق، هڪ صنعتي نظام اندر، هڪ ٻئي سان تعاون
ڪن ٿا.“ کيس شڪ آهي، ته ماڻهو هن وقت اهڙا
قابل ۽ ايماندار آهن، جو هو جمهوريت جي اصولن
تي ٻڌل صنعتي نظام کي ڪارآمد بڻائين، پر تنهن
هوندي به هُو اسان کي ڪوشش ڪرڻ جي تلقين ڪري
ٿو. هو ان زماني کي شوق مان ڏسي ٿو، جڏهن صنعت
جي رهبري خودمختيار مالڪ نه ڪندا ۽ ماڻهو
پنهنجي زندگين جون قربانيون محض گند پيدا ڪرڻ
خاطر ڪونه ڏيندا. ”فوجي ۽ صنعتي نظام ۾ اهو
فرق آهي، جو فوجي نظام ۾ انسان رياست جي فائدي
لاءِ رهي ٿو ۽ صنعتي نظام ۾ رياست انسان لاءِ
قائم ٿئي ٿي. ساڳيءَ طرح موجود صنعتي نظام ۽
آئندهه دور ۾ جيڪو مڪمل صنعتي نظام پيدا
ٿيندو، انهن جي وچ ۾ فرق اهو آهي، ته پهرئين ۾
ائين سمجھيو وڃي ٿو، ته زندگي ڪم لاءِ آهي ۽
ٻئي ۾ ائين سمجھيو ويندو، ته ڪم زندگيءَ لاءِ
آهي.“
اخلاقيات – اخلاق جي ارتقا
Ethics: The Evolution of Morals
صنعتي تعمير جي مسئلي کي اسپنيسر ايتري ته
اهميت ٿو ڏئي، جو هو ’اخلاقيات جي اصولن‘
(1893) جي گهڻي حصي اندر وري ان ساڳئي مسئلي
جو ذڪر ٿو ڪري. سندس مهم هيءَ آهي، ته ڪيئن
روايتي ايمان سان واسطو رکندڙ اخلاقي قاعدنک ي
هڪ ڪنڊ ۾ اڇلائي، ان جي جاءِ تي نئون ۽ قدرتي
اخلاق آڻي رکي. هو چوي ٿو، ته جيڪڏهن ماڻهو
فوق الفطرت هستي جي ڊپ کان نيڪ راهه تي هلڻ
لاءِ آماده نه ٿين، ته پوءِ ائين سمجھڻ نه
گهرجي، ته سماج اندر هڪ اخلاقي خال رهجي
ويندو. فوق الفطرت هستيءَ جي ڊپ بنا پڻ انسان
اخلاقي زندگي گذاري سگهي ٿو. ٻيا به ڪيترا
قدرتي قانون آهن، جن جو دائرو وڌيڪ وسيع آهي،
جن ماتحت انسان نيڪ ٿي سگهي ٿو.
نئين اخلاق جو بنياد علم حياتيات جي اصولن تي
ٻڌڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان ارتقا جو متو قبول
ڪنداسون، ته پوءِ ڪي اخلاقي تصور اسان کي ضرور
مڃڻا پوندا، ڇاڪاڻ ته ارتقا ڪن اخلاقي تصورن
بابت فيصلو ڪري ٿي. هڪسلي سن 1893ع ۾ آڪسفورڊ
۾ ان مسئلي تي ڪي تقريرون ڪيون، جنهن ۾ هن صاف
ظاهر ڪيو، ته حياتيات کي هڪ اخلاقي رهبر ڪري
تسليم نه ٿو ڪري سگهجي. قدرت جا ڏند ۽ چنبا رت
۾ لال آهن، قدرت وحشانيت ۽ چالاڪيءَ کي انصاف
۽ محبت تي فوقيت ڏئي ٿي. پر اسپينسر محسوس ڪيو
ته اخلاقي قانون جيڪو ’قدرتي چونڊ‘ ۽ زندگيءَ
لاءِ ڪشمڪش’ جي آزمائش مان ڪامياب ٿي نه ٿو
نڪري، سو شروع کان وٺي بيڪار آهي. چال، جيڪڏهن
زندگيءَ جي مقصيد سان ٺهڪي، ته پوءِ اها نيڪ
آهي ۽ جيڪڏهن ان جي خلاف آهي، ته پوءِ اها بد
آهي. سڀ کان اعليٰ چال اها آهي، جيڪا گهڻي ۾
گهڻي وسعت سان زندگيءَ کي مڪمل بڻائي ٿي.
ارتقا جي فارمولا مطابق چال نيڪ اها آهي، جيڪا
فرد يا گروهه کي طرحين طرحين جي مقصدن جي مها
ساگر اندر وڌيڪ مڪمل منظم ۽ مربوط بڻائي ٿي.
فن وانگر اخلاق پڻ ڪثرت اندر وحدت حاصل ڪرڻ جو
نالو آهي. سڀ کان اعليٰ شخص اهو آهي، جيڪو
پنهنجي نفس اندر ڦهليل گهڻ رنگينيءَ،
پيچيدگيءَ ۽ سالميت کي متحد ڪري سگهي ٿو.
اخلاق جي تعرف البت غير واضح آهي، جيئن اها
ٿيڻ گهرجي، گهري ٿي، تنهن ڪري نيڪيءَ جو تصور
پڻ مختلف ۽ زمانن ۽ مڪانن ۾ ساڳيو رهي نه ٿو
سگهي. اهو سچ آهي، ته ڪي چال چلت جون صورتون
نيڪ تسليم ڪيون ويون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي سالم
زندگيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪار آمد ثابت ٿي چڪيون
آهن. انهن جي استعمال سان اسان هڪ راحت محسوس
ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته قدرت، انهن ذريعي انسان
ذات جي حفاظت ۽ واڌاري جو ڪم سرانجام ڏئي ٿي.
عام طرح ان چال مانخوشي حاصل ٿئي ٿي جيڪا
حياتيات خيال کان ڪارآمد آهي ۽ ان چال مان غم
حاصل ٿئي ٿو. جيڪا حياتياتي خيال کان خطرناڪ
آهي. پر ان وسيع اصول اندر پڻ نيڪي جا ڪيترا
مختلف ۽ متضاد تصور لهي سگهجن ٿا. مغرب اندر
جنهن ڳالهه کي اخلاقي قانون سمجھيو وڃي ٿو،
تنهن ڳالهه کي ٻئي ڪنهن هنڌ بداخلاقي سمجھيو
وڃي ٿو. ڪن قومن ۾ نه رڳو گهڻون شادين پر
خودڪشيءَ، پنهنجي هم وطنن جي خون، پنهنجي
والدين جي خون کي اخلاقي نقطه نظر کان ساراهيو
وڃي ٿو.
”فجيءَ ۾ ڪن سردارن جو زالون اهو مقدس فرض
سمجهن ٿيون، ته هو پنهنجن مڙسن جي موت کان
پوءِ رضامند ٿين، ته کين گهٽو ڏيئي ماريو
وڃي.هڪ اهڙي عورت کي هڪ انگريز بچائي، پنهنجي
حفاظت هيٺ رکيو. پر رات جي هوندي پار ڪري وڃي.
پنهنجي ماڻهن سان ملي ۽ انهن تي زور رکيائين
ته مقدس رسم پوري ڪئي وڃي. ٻي اهڙي عورتن جي
ڳالهه ڪئي ويندي آهي، ته هن پنهنجي محافظ تي
گارين جو وسڪارو ڪيو ۽ هن کان نفرت ڪرڻ لڳي.
لونگسٽن مئڪولولو جي عورتن متعلق چوي ٿو، ته
جڏهن انهن ٻڌو، ته انگلينڊ ۾ هڪ مرد صرف هڪ
عورت سان شادي ڪري ٿو، تڏهن انهن کي ڏاڍو صدمو
پهتو، ڇاڪاڻ ته صرف هڪ عورت سان شادي ڪرڻ هنن
لاءِ شريفن جو ڪم ڪونه آهي. ريڊ وري چوي ٿو،
ته آفريڪا جي خط استوا واري حصي ۾ جيڪڏهن ڪو
مرد پهرين شادي ڪري ٿو ۽ سندس زال سمجھي ٿي ته
هن ۾ ٻي زال پالڻ جي توفيق آهي، ته پوءِ هوءَ
کيس ايستائين سک سان سمهڻ نه ٿي ڏئي، جيستائين
هو ٻي شادي نه ڪري.
اهي حقيقتون اسان کي اهو اعتقاد رکڻ نه ٿيون
ڏين، ته هرهڪ انسان اندر ڄمندي ئي هڪ اخلاقي
شعور موجود آهي. جيڪو هن کي ٻڌائي ٿو، ته نيڪ
ڪم ڪهڙو ۽ بدعمل ڪهڙو آهي. پر ساڳي وقت گهڻو
ڪري ڏٺو ويو آهي ته نيڪ ڪم اسان ۾ خوشي پيدا
ڪري ٿو ۽ خراب عمل، رنج، شايد ائين به هجي، ته
ڪي اخلايق تصور ڪنهن قوم ۾ گهر ڪري ٿا ويهن ۽
پويان اهي تصور ورثي طور حاصل ڪن ٿا ۽ هرهڪ
فرد اندر شروع کان وٺي اهڙن تصورن جو شعور
موجود رهي ٿو. هتي اسپينسر پنهنجو دلپسند
فارمولا ان لاءِ استعمال ڪري ٿو، ته هو
وجدانيت ۽ افاديت جي وچ ۾ دوستي پيدا ڪري. هو
وري اها حقيقت واضح ڪري ٿو، ته حاصل ڪيل
خصلتون ورثي طور پوين تائين پهچي سگهن ٿيون.
جيڪڏهن فطري اخلاقي شعور هجي، تڏهن به اڄ ان
تي اعتقاد رکڻ ٿورو مشڪل آهي. ڇاڪاڻ ته موجوده
دؤر اندر اخلاقي نظريا نهايت منجهيل آهن. ان
ڳالهه ڪافي شهرت حاصل ڪئي آهي، ته جيڪي اصول
اسان روزمرهه جي حقيقي زندگيءَ سان لڳايون ٿا،
سي انهنجي بلڪل متضاد آهن، جن جي سکيا اسان
ديوين يا ڪتابن ۾ ڏيون ٿا. يورپ ۽ آمريڪا
دعويٰ ٿا ڪن، ته سندن اخلاق صلح پسند عيسائيت
تي ٻڌل آهي، پر درحقيقت سندن اخلاق، قديم
زماني جي ڦرلٽ ڪندڙ ٽيوٽونس
(Teutons)
جي فوجي قاعدن قانونن مطابق آهي، ڇاڪاڻ ته ان
ئي قوم جا پويان هن وقت يورپ جي هرهڪ ملڪ مٿان
آهن حڪمران آهن. مثلاً ڪئٿولڪ فرانس ۽
پراٽيسٽنٽ جرمنيءَ ۾ ڊيوئل (دوبدو ٻن ماڻهن جي
لڙائي) جي رسم، اوائلي ٽيوٽونڪ ڪوڊ جي يادگي
آهي. اسان جا نصيحت ڏيندڙ هن وقت ان ٽڪرائن
لاءِ معافي طلب آهن، جيئن پوئين زماني جا
يوناني ۽ هندو (جن جو فقط هڪ عورت سان شادي
ڪرڻ ۾ اعتقاد هو) ان ڳالهه جي سمجھاڻي پيش ڪرڻ
کان قاصر هئا، ته پوءِ سندن ديوتائون هڪ کان
وڌيڪ عورتن سان شادي ڪرڻ جا خواهشمند هئا.
جيڪڏهن ڪنهن قوم جو غالب فڪر اهو آهي، ته سندس
شهر واسي صنعت ۽ حرفت طرف قدم وڌائين، ته پوءِ
هوءَ سندن تعليم ۽ تربيت عيسائيت جي اخلاق
مطابق جاري ڪندي. پر جيڪڏهن ڪنن قوم جومقصد
آهي، ته شهر واسي جنگي ڪمن ۾ ڀَڙ ٿين، ته پوءِ
سندس پرورش ٽيوٽونڪ ڪوڊ مطابق ڪئي ويندي. فوجي
سماج ڪن خاص گڻن کي وٺي آسمان تي چاڙهيندو آهي
۽ ٻين گڻن کي جيڪو ٻين قومن جي نظرن ۾ ڏوهه
آهن. تن کي ڪابه اهميت نه ڏيندو آهي، يعني
اهڙن ڏوهارين کي معاف ڪري ڇڏيندو آهي. مثلاً
ظلم سان ڪنهن جو حق ڦٻائڻ، ڦرلٽ ۽ دوکو، فريب،
جنگجو قبيلن لاءِ ڦٽ لعنت جا لائق نه آهن، جتي
جنگ گهٽ آهي، اتي سخاوت ۽ انساني رحمدلي کي
وڌيڪ ساراهيو وڃي ٿو. صلح جي دور ۾ اسان هڪ
ٻئي جي مدد ڪرڻ سکون ٿا. فوجي سماج جو هرهڪ هب
الوطني، بهادري ۽ مضبوطيءَ کي سڀ کان اعليٰ گڻ
ڪري تسليم ڪندو، ان ۾ فرمانبرداري هرهڪ شهر
واسي جو سڀ کان پهريون فرض ڪري ليکيو ويندو ۽
هرهڪ عورت جو شان ۽ مان ان ۾ هوندو ته هوءَ
گهڻي ۾ گهڻا ٻار پيدا ڪري. قيصر سمجهيو، ته
خدا جرمن فوج جو اڳواڻ آهي. هو ڊيول کي ساراهه
جوڳو ڪم ڪري سمجهندو هو ۽ ان سان گڏوگڏ ديول
جي بندگيءَ ۾ پڻ شامل ٿيندو هو. اتر آمريڪا
اصل رهواسي تيرڪمان، عُصا ۽ ڀالي جي استعمال
کي اعليٰ انساني عمل ڪري سمجهندا هئا. هو
سمجهندا هئا، ته پوک يا ٻيا محنت مزدوريءَ جا
ڪم نيچ اهن، فقط هن زماني ۾ جڏهن قومي
خوشحاليءَ جو دارومدار گهڻي قدر پيداوار جي
اعليٰ قوتن تي آهي ۽ اعليٰ ذهني طاقت تي آهي.
ماڻهو ٻين ڌنڌن ۽ شغلن جي پڻ عزت ڪرڻ سکيا
آهن.
هاڻي جنگ وڏي پيماني تي آدمخوري آهي. اسان کي
ڪوبه سبب ڪونه آهي، ته پو ان کي بنا شرط شروط
۽ بنا منافعي جي نهايت سخت لفظن ۾ ننديون وڃي.
انصاف جو جذبو ۽ تصور صرف تڏهن وڌي سگهي ٿو،
جڏهن سماجن جا ٻاهريان متڀيد ۽ مقابلا گهٽ ٿين
ٿا ۽ ميمبر اندروني طرح ڪ ٻئي سان ميٺ ميلاپ ۾
ڪيئن اضافو ڪيو وڃي؟ اهو ضابطي سان نه، پر
آزاديءَ سان پيدا ٿي سگهي ٿو. انصاف جي
فارمولا هيءَ هئڻ گهرجي: هرهڪ فرد کي آزادي
آهي، ته جيئن کيس وڻي، تيئن ڪري بشرطيڪ هو ٻين
جي ساڳي آزاديءَ جي ڀڃڪڙي نه ڪري. اهو فارمولا
صلح ۽ سلامتيءَ واري صنعت ۾ ڪارآمد ثابت ٿيندو
۽ لڙائي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ ته
ان فارمولا مطابق هرهڪ ماڻهو پنهنجي قوتن مان
پورو پورو فائدو وٺندو ۽ هرهڪ ماڻهوءَ کي اسرڻ
جو هڪ جيترو موقعو ملندو. ساڳي وقت، اختياري،
فوجي سختي ۽ فرمانبرداري جي جنگي حالتن ۾
ساراهه جوڳا گڻ آهن، سي صلح جي زماني ۾
نظرانداز ڪيا وڃن ٿا، اهو فارمولا عيسائي
اخلاق مطابق آهن. ڇاڪاڻ ته هرهڪ فرد کي مقدس
هستي ڪري تسليم ڪيو وڃي ٿو ۽ هن کي هر قسم جي
ظلم ۽ زبردستيءَ کان آزاد ڪيو وڃي ٿو. قدرتي
چونڊ، جيڪا هرهڪ فرد جي آخري ۽ قطعي جج آهي،
سو پڻ ان فارمولا جي همت افزائي ڪري ٿو، ڇاڪاڻ
ته اهو فارمولو، ڌرتي جا سڀ وسائل ۽ ذريعا
سڀني انسانن لاءِ ساڳين شرطن تي کليل ڇڏي ٿو ۽
هرهڪ انسان کي اجازت ڏئي ٿو، ته ڀلي پنهنجي
لياقت آهر ۽ محنت مطابق، اجورو حاصل ڪري، وڌي
ويجهي.
شايد ڪيترن لاءِ هي اصول سختي ۽ بي رحميءَ تي
ٻڌل هجي، ڪيترا مفڪر شايد ان جي خلاف ٻيو هڪ
اصول پيش ڪن، ته جيئن هڪ خاندان اندر هڪ ميمبر
کي سندس ضرورت مطابق کاڌ خوراڪ ملندو آهي،
تيئن سموري قوم ۾ پڻ محنت ۽ لياقت جي لحاظ کان
نه، پر ضرورت جي مدنظر، هرهڪ فرد کي اجورو ملڻ
گهرجي. پر اسپيننسر جو خيال آهي، ته اهڙن
اصولن تي منظم ٿيل سماج جلد ئي خارج ٿي ويندو.
نابالغيءَ جي دور ۾ مليل فائدن ۽ قابليتن جي
وچ ۾ وڌيڪ اُبتي نسبت هئڻ گهرجي، يعني جيئن
قابليت گهٽ تيئن اجورو وڌيڪ. خاندان جي گروهه
اندر ننڍڙن ٻارن کي، جيڪي گهٽ مستحق آهن، سڀ
کان وڌيڪ اجورو ڏنو ويندو آهي. پر بلوغت کان
پوءِ جيئن ڪو وڌيڪ قابل هوندو آهي، تيئن نسبتن
هن کي وڌيڪ اجوري جو حقدار ڪيو ويندو آهي.
قابليت ان لحاظ کان پرکي ويندي آهي، ته ڪنهن
خاص شخص کي زندگي جي حالتن مطابق ڪيتري قدر
رهڻ جي صلاحيت آهي. جن کي گهٽ صلاحيت آهي، سي
ڀلي ته فائدو حاصل ڪن. اهي آهن قاعدا، جي
هرهڪ نسل کي مڃڻ گهرجن. جيڪڏهن اهو زندهه رهڻ
چاهي، جيڪڏهن ٻار کي پڻ قابليت مطابق اجورو
ملي ته جيڪڏهن نسل ختم ٿي وڃي ۽ جيڪڏهن بالغن
کي ويڪ نااهل هئڻ تي وڌيڪ اجورو ملي، ته جيڪر
ان نوع مان صلاحيت غائب ٿي وڃي ۽ اهو نوع
زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ هار کائي ناس ٿي وڃي. اهي
ماڻهو بيوقوف آهن جيڪي سمجهن ٿا ته ٻار ۽
والدين هڪ برابر آهن يا عوام ۽ حڪومت هڪ برابر
آهن.
اسپينسر جي ذهن اندر آزادي ۽ ارتقا وچ ۾
چٽاڀيٽي ٿئي ٿي، ته ڪير سندس لاءِ وڌيڪ محبوب
ثابت ٿئي ۽ آخرڪار آزادي فتحيابي ٿئي ٿي. هو
سمجھي ٿو، ته جيئن جنگي حالتون وڌيڪ دور ٿيڻ
لڳن ٿيون، تيئن حڪومت کي فرد مٿان پابنديون
عائد ڪرڻ جو هق گهٽ ٿئي ٿو. دائمي صلح جي حالت
اندر ته حڪومت صرف ان لاءِ رهي ٿي، ته هرهڪ
انسان کي هڪ جيتري آزادي ميسر ڪري ڏني وڃي ۽
اهڙي قسم جي آزاديءَ ۾ ڪنهن کي به دخل نه ٿو
ڏنو وڃي. اهڙي قسم جو انصاف هرهڪ فرد تي هجي،
جنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي به ذري ماتر به
خرچ ڪرڻو نه پوي. ڏوهيءَ کي ذهن نشين ڪرائڻ
کپي، ته فرياديءَ جي غربت، ڏوهيءَ جي سزا کي
رڪي نه ٿو سگهي. حڪومت جو خرچ سنئين سڌي ڍل
رستي پورو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اڻ سڌي ڍل جي
حالت ۾ عوام کي خبر نه پوندي، ته سرڪار ڪهڙن
رستن ذريعي کين ڦري لٽي، فضول خرچي ڪري رهي
آهي. اهڙي قسم جي انصاف ڪرڻ کان سواءِ جيڪڏهن
حڪومت ٻيا به ڪي ڪم سرانجام ڏيندي، ته ان جي
معنيٰ ته حڪومت خوف انصاف ۾ ڪئيچي وجهي رهي
آهي. جيڪڏهن حڪومتٻين ڪمن ۾ دست اندازي ڪندي،
ته ان جو مطلب ته اها نااهل فردن کي بچائڻ جي
ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ قدرتي سزا يا جزا جي قاعدن
قانونن کي درهم برهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
اهو ٿيندو سڄي گروهه کي تباهه ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته
اهي قاعدا قانون ئي انسان ذات جي حفاظت ۽
صلايت جو ڪارڻ ٿي رهيا آهن.
پنهنجي پهرئين ڪتاب اندر اسپينسر زمين کي قومي
ملڪيت بنائڻ جي تلقين ڪئي هئي. سندس خيال موجب
ان ريت ئي هرهڪ کي هڪ جيترو اقتصادي موقعو
ملندو. پر پوءِ وري هن اهو دليل واپس ورتو.
ان جي جاءِ تي هن هيءُ خيال پيش ڪيو، ته زمين
کي صرف اهو ئي ڪٽنب سڌاري سنواري سگهي ٿو،
جنهن جي اها شخصي ملڪيت آهي ۽ جهن کي اميد
آسرو آهي، ته جيڪا محنت ان زمين مٿان ڪئي وڃي
ٿي، تنهن جو فائدو پويان حاصل ڪندا. انصاف جي
تقاضا هيءَ آهي، ته هرهڪ کي پنهنجي محنت سان
پيدا ڪيل ملڪيت مٿان پورو پورو قبضو هجي ۽ ان
کي رثي طور هو پنهنجن پوين جي حوالي ڪري وڃي.
واپار نه فقط فردن جي وچ ۾ آزاد ڪيو وڃي، پر
قومن جي وچ ۾ پڻ کليل هئڻ گهرجي، انصاف جو
قاعدو نه صرف ڪنهن قبيلي جي قانون جي حيثيت
رکي، پر ساڳي وقت بين الاقوامي تعلقات جو اٽل
اصول ٿي ڪم اچي.
اهو آهي انسان جي حقيقت حقن جو خاڪو. هرهڪ
انسان کي زندهه رهڻ، آزادي ماڻڻ ۽ خوشيءَ جي
جستجو ڪرڻ جو هڪ جيترو حق آهي. انهن اقتصادي
حقن جي ڀيٽ ۾ سياسي حق ڪابه اهميت نه ٿارکن.
جيڪڏهن اقتصادي حقن جي ڀيٽ ۾ سياسي حق ڪابه
اهميت نه ٿا رکن. جيڪڏهن اقتصادي زندگي آزادي
نه آهي، ته پوءِ حڪومت جي نموني ۾ ڦيرگهير آڻڻ
مان ڪوبه فائدو حاصل نه ٿو ٿئي. شهنشاهيت جيڪا
اقتصادي معاملن ۾ دخل نه ٿي ڏئي، سا اشتراڪي
جمهوريت کان گهڻو چڱي آهي.
”ووٽ ڏيڻ محض هڪ طريقو آهي، جنهن جي وسيلي عام
ماڻهو پنهنجا حق محفوظ رکي سگهن ٿا. هاڻي سوال
ٿو اٿي، ته ڇا سڀني فردن کي ووٽن جو حق ڏيڻ
ڪري، انساني حقن کي محفوظ ڪرڻ جو بهترين
طريقو پيدا ڪري سگهبو؟ آزمودو ڏيکاري ٿو، ته
ان طريقي سان هميشه ان طبقي کي ڳرو فائدو
پوندو، جنهن ۾ سڀ کان گهڻا فرد آهن ۽ اقليت
وارن طبقن کي هميشه نقصان رسندو. ان مان ظاهر
آهي، ته صنعتي نموني واري سماج لاءِ انصاف جي
تقاضا هيءَ ٿيڻ گهرجي، ته فردن کي نه، پر
مختلف مفادن واري طبقن کي نمائندگي ڏني وڃي.
شايد ائين ٿئي، جو اهڙي نظام هيٺ اهڙيون ڪي
تحريڪون پيدا ٿين، جن جو مقصد هجي گڏيل مدد ۽
جيڪي مالڪن ۽ نوڪرن جي وچ ۾ متڀيد ميٽي ڇڏڻ جي
ڪوشش ڪن... پر موجوده حالتون، جيڪي شايد گهڻو
وقت جتاءُ ڪن، اسان کي يقين نه ٿيون ڏيارن، ته
هروڀرو سڀ ڪنهن کي هڪجھڙا سياسي حق ڏيڻ ڪري،
انسان ذات جا پيدائشي حق محفوظ رکي سگهبا.“