سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
فلسفي جي ڪهاڻي |
باب:
-- |
صفحو :7 |
عام غير مستقبل مزاجي جي باوجود، ارسطو خدا کي هڪ خود شعور واري
روح صورت ۾ پيش ڪري ٿو. خدا پراسرار روح آهي،
ته هو ڪو ڪم نٿو ڪري، هو ڪابه خواهش يا ارادو
نٿوڪري. سندس مشغلو آهي، شين جي جوهر تي فڪر
ڪرڻ ۽ ڇاڪاڻ ته هو بذات خود، شين جو جوهر آهي،
سڀني صورتن جي صورت آهي، تنهن ڪري سندس مشغلو
آهي، پنهنجي ذات تي فڪر ڪرڻ. هيءُ آهي ارسطوءَ
جو ويچارو خدا. جيڪو ڪجهھ به نه ڪندڙ بادشاهه
وانگر آهي. جهڙيءَ طرح انگلينڊ جو بادشاهه،
حاڪم آهي، پر حڪومت نٿو هلائي.
ارسطوءَ کي فڪر ڪرڻ سان ايتري ته محبت هئي، جو هن اها وصف خدا
ڏانهن پڻ منسوب ڪئي. ارسطو جو خدا بلڪل ارسطو
وانگر آهي. اهو رومانوي نه آهي، خواهشن ۽ جذبن
کان پاڪ آهي ۽ دنياوي شين جي ڪشمڪش کان بالاتر
آهي. ارسطوءَ جو هيءُ تصور، افلاطون جي فلسفي
شهنشاهه، يحيٰ جي سخت ماس ۽ رت جي ٺهيل حقيقي
خدا ۽ نرم دل، شفقت ڪندڙ والد مثل عيسائي خدا،
جي تصورن کان لکين ڪوهه دور آهي.
نفسيات ۽ فنون لطيفه
Psychology and the nature of Art
ارسطوءَ جي نفسيات پڻ اهڙي قسم جي مونجھاري ۽ گڙٻڙ سان بگڙيل
آهي. هن جا ڪيترا ٽڪرا دلچسپ آهن. ارسطوءَ
عادت جي قوت تي زور ڏنو آهي ۽ پهريون دفعو ان
کي هڪ ٻي فطرت سڏيو آهي. اجتماعيت جا قاعدا
پهريون دفعو مرتب ڪيا ويا آهن. پر فلسفياڻي
نفسيات جا ٻه اهم مسئلا- 1- قوت ارادي جي
آزادي، 2- روح جي بقا، پريشان خيالي ۽ شڪ ۾
ڇڏيا ويا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هو ائين ڳالهائي ٿو،
ڄڻ ته مقرريت جو مڃڻ وارو
(Determinist)
آهي. ”اسان سنئون سڌو ارادو نٿا ڪري سگهون، ته پنهنجي موجوده حالت کان
مختلف هجون.“ پر اڳتي وڌي وري مقرريت جي خلاف
دليل بازي ڪري ٿو، ته اسان موجوده وقت ۾
پنهنجو ماحول چونڊي، پنهنجي مستقبل کي، پنهنجي
مرضيءَ مطابق موڙي سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته ماحول
جو اثر، اسان جي اخلاق ۽ حالتن تي پوي ٿو.
اسان هن ڳالهھ ۾ بلڪ آزاد آهيون، ته پنهنجا
دوست، ڪتاب، ڌنڌا ۽ تفريحون، مرضي موجب چونڊي،
پنهنجي اخلاق کي پنهنجي مرضيءَ مطابق موڙيون.
هو مقرريت پسند
(Determinist)
جي حاضر جوابي جي پيش قدمي نٿو ڪري، ته اهي
اختيار، جيڪي اسان جي اخلاق کي جوڙين ٿا، سي
پڻ، اسان جي ابتدائي اخلاق جو نتيجو آهن ۽
اسان جي ابتدائي اخلاق جو دارومدار، اسان جي
موروثيت ۽ اوائلي ماحول تي آهي،، جن تي اسان
جو ڪوبه اختيار ڪونه آهي. هو ان ڳالهھ تي زور
ڏئي ٿو، ته اسان هميشه ڪن ڳالهين جي ساراهه ٿا
ڪريون ۽ ڪن ڳالهين کي ننديون ٿا. ان مان صاف
ظاهر آهي ، ته اسان اخلاقي ذميواري ۽ آزاد
ارادي جا مالڪ آهيون. پر ارسطو اها ڳالهھ نٿو
سمجهي، ته هڪ مقرريت پسند، ساڳين بيان مان
بلڪل ابتڙ نتيجو ڪڍي سگهي ٿو. اسان جي ساراهه
۽ ڌڪار، انهن عنصرن جو جزو آهي، جيڪي هڪ ٻي
پٺيان ٿيندڙ عمل جي حد بندي ڪن ٿا.
ارسطوءَ جو روح بابت نظريو، هڪ دلچسپ وصف سان شروع ٿئي ٿو. روح
حياتيءَ جو بنيادي عنصر آهي ۽ سندس قوتن ۽
عملن جو جوڙ آهي. ٻوٽن ۾ روح، محض خوراڪ ۽ نسل
وڌائڻ جي قوت آهي. انسان ۾ روح، عقل ڪم آڻڻ ۽
خيال ڪرڻ جي قوت پڻ آهي. جانورن ۾ روح، حواس
ڪم آڻڻ ۽ چرپر ڪرڻ جي قوت آهي. پر روح بدن کان
سواءِ رهي نٿو سگهي. روح ۽ جسم، ائين آهي،
جيئن ميڻ ۽ ان جي صورت. صرف تصور ۾، اهي هڪ
ٻئي کان جدا ڪري سگهجن ٿا، پر حقيقت ۾ اهي هڪ
نظام قائم ڪن ٿا. ڪو انفرادي ۽ خاص روح، فقط
پنهنجي جسم ۾ ئي رهي سگهندو. تنهن هوندي به
روح هڪ جسماني شيءِ ڪانه آهي ۽ اهو فنا به نٿو
ٿي سگهي. انساني روح جي، عقل واري قوت جو هڪ
حصو، ساڪن آهي، اهو حافظي سان وابسته آهي ۽
جسم سان گڏ مري وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته جسم ئي،
حافظي کي قائم رکيو. پر متحرڪ عقل يا خيال جي
نج نبار قوت، حافظي جي محتاج نه آهي ۽ زوال ان
تي اثر پذير نٿو ٿي سگهي. متحرڪ عقل، انسان
جو، ڪُلي عنصر آهي ۽ نه شخصي. ڪنهن به بني بشر
جي اهڙي شخصيت زنده نٿي رهي، جيڪا عارضي محبت
۽ خواهش سان ڀرپور آهي، پر ذهن، خيالي ۽ غير
شخصي حيثيت ۾ هميشه قائم رهي ٿو. حاصل مطلب ته
ارسطوءَ پهريائين روح کي خود ناس ڪري، پوءِ ان
کي زنده جاويد ڪري ٿو. هن جو غير فاني روح نجو
خيال آهي، جنهن کي ٻاهرين حقيقت ناپاڪ نٿي
ڪري، جيئن خدا، نجو عمل آهي، جنهن کي عملي
سرگرمي ناپاڪ نه ٿي ڪري سگهي. هن قسم جي
الهايت مان، جنهن کي آرام ملي سگهي، سو ڀلي
حاصل ڪري. هن مان بعدالطبعيات جي مونجھاري ۾
ائين پيو لڳي، ڄڻ ته ارسطو، هڪ جادوگر وانگر،
نانگ کائي، تماشائين کي چوي ٿو، ته ڏسو ساڳيو
نانگ، اڃا تائين موجود آهي. ڇا! ارسطوءَ ان
زهر کان، پاڻ بچائڻ لاءِ، اهو ڍونگ ته نه
رچايو هو؟ جيڪو مقدونيا جي باشندن خلاف، هميشه
تيار رکيو ويندو هو.
ارسطو، نفسيات جي ميدان ۾ اچي، نهايت اصليت ۽ تُز نموني سان،
پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري ٿو. هو علم جماليات
جو بنياد وجھي ٿو ۽ جمال و فن جي نظريي کي پيش
ڪري ٿو. فني پيدائش، انسان جي تخليقي لاڙي مان
اڀري ٿي. جڏهن انسان جذباتي اظهار جي خواهش
ڏيکاري ٿو. تڏهن فن پيدا ٿئي ٿو. فني پيدائش،
انسان جي تخليقي لاڙي ۽ جذباتي اظهار جي شوق
جو گڏيل نتيجو آهي. خاص طرح فن جي صورت، حقيقت
جو نقل آهي. فن قدرت جي نمائش لاءِ، هڪ آرسي
آهي. جڏهن انسان، نقل ڪري ٿو، تڏهن هن کي خوشي
حاصل ٿئي ٿي. اهڙي قسم جي خوشي هيٺين طبقي جي
جانورن ۾، نٿي جاڳي، تنهن هوندي به فن جو
مقصد، شين جي ظاهري نمائش، پيش ڪرڻ نه آهي،
پر سندس اندروني مفهوم ظاهر ڪرڻ آهي. فن جو
اصل مطلب ٻاهرين رنگ روپ ۽ طرز جي واکاڻ ڪرڻ
نه آهي، پر قدرت جي اندروني راز جي تشريح ڪرڻ
آهي.
سڀ کان اعليٰ فن، نه فقط ذهن تي اثر ڪري ٿو، پر جذبات تي پڻ.
ذهني خوشي انسان لاءِ، سڀني هنرن کان مٿاهين
آهي. فن جو سڀ کان اعليٰ مقصد هئڻ گهرجي، صورت
۽ وحدانيت پيدا ڪرڻ. ڇاڪاڻ ته فن، بناوت جو
پٺيءَ جي هڏي وانگر اهم آهي صورت جو مرڪز
آهي. ناٽڪ ۾ ڪردار جي وحدانيت هئڻ گهرجي،
منجھس منجھائيندڙ واقعا ۽ اصل کان ملندڙ قسطون
نه هئڻ گهرجن. دراصل فن جو سڀ کان اعليٰ
ڪارنامو آهي، من کي صاف ۽ پاڪ ڪرڻ. سماجي
پابندي سببان،اسان جي اندر ۾ جذبا گڏ ٿيندا
وڃن ٿا، جيڪي موقعي تي ڀڙڪو کائي، ظاهر ٿين ٿا
۽ غير سماجي تخريبي ڪمن ۾ بهرو وٺن ٿا، پر
ناٽڪي جوش ۽ جذبي جي وهڪري سان گڏوگڏ، سواءِ
ڪنهن نقصان رسائڻ جي وهي وڃن ٿا ۽ اسان جو من
صاف ٿيو پوي. ”اهڙيءَ ريت المناڪ ناٽڪ، رحم ۽
ڊپ ذريعي، اسان جا اهي جذبا، صحيح نموني، صاف
ڪري ٿو.“ ارسطو، دکدائڪ ناٽڪ جون ڪيتريون ئي
خاصيتون نظرانداز ڪري ٿو (مثلاً اصولن ۽
شخصيتن جو تضاد. ارسطوءَ جو روح کي پاڪ ڪرڻ
وارو مٿيون نظريو، اسان کي اشاري طور، فنون
لطيف جي مبهم قوت کان آگاهه ڪري ٿو. اهو سندس
قابليت جو هڪ روشن مثال آهي، تنهن مطابق هو
فڪر جي هر دائري ۾ داخل ٿي، جنهن به شيءِ کي
هو ڇهي ٿو، تنهن کي سينگاري ٿو.
اخلاقيات ۽ خوشي
Ethics and the Nature of Happiness
جيئن جيئن، ارسطوءَ ذهني ترقي ڪئي ۽ نوجوان، علم پرائڻ ۽ فيض
حاصل ڪرڻ لاءِ سندس ويجھو جمع ٿيندا ويا،
تيئين تيئن هن جو دماغ آهستي آهستي سائنس جي
تفصيلن کي خير باد چئي، اخلاقيات ۽ ڪردار ۽
ورتاءُ جي وسيع ۽ مبهم مسئلن طرف مائل ٿيڻ
شروع ٿيو. هاڻي هو سمجھڻ لڳو ته طبعيات جي
سوالن کان به وڌيڪ اعليٰ ۽ اهم سوال هيءُ هو،
ته بهترين زندگي ڪهڙي آهي؟ زندگيءَ جي سڀ کان
سٺي شيءِ ڪهڙي آهي؟ اخلاق ڇا آهي؟ اسان خوشي ۽
ڀلائي ڪيئن حاصل ڪريون؟
اخلاقيات جي ڀيٽ ۾ هو، حيقيقت پسند ۽ سادگي اختيار ڪندڙ آهي.
سائنس جي تربيت ڪري، هو انساني قوت کان بالاتر
اصولن ۽ تڪميل بابت، خيالي نصيحت جي تبليغ نٿو
ڪري. ستيانا چوي ٿو ته ”ارسطوءَ جو انساني
فطرت بابت خيال، بلڪل صحيح آهي. هرهڪ مقصد جو
فطري بنياد آهي ۽ هي فطري شيءِ اصول پسندي جي
دائري ۾ اچي، وڌي ويجهي ٿي.“ ارسطو صاف لفظن ۾
قبول ٿو ڪري، ته زندگيءَ جو مقصد چڱائي نه
آهي، پر خوشي آهي. ”اسان خوشيءَ جي بذات خود
چونڊ ڪريون ٿا ۽ نه ڪنهن ٻيءَ شيءِ خاطر عزت،
عيش ۽ عقلمندي، اسان محض ان ڪري چاهيون ٿا، جو
اسان سمجھون ٿا، ته انهن شين کي حاصل ڪرڻ
ذريعي، اسان خوش ٿي وينداسون.“ ارسطو اهو پڻ
محسوس ڪري ٿو، ته خوشيءَ کي اعليٰ نيڪي سڏڻ،
هڪ واضح سچ آهي. اسان کي گهرجي، ته خوشيءَ ۽
فطرت کي واضح ڪريون ۽ ان کي، حاصل ڪرڻ جي
ذريعن جو صاف بيان ڪريون. هو توقع ڪري ٿو، ته
انسان ۽ حيوان ۾ فرق ڳولهڻ سان ئي خوشيءَ کي
پهچڻ جو رستو معلوم ڪري سگهبو. هو اها ڳالهھ
پڻ تسليم ڪري ٿو، ته انسان جي خصوصي وصف کي،
تڪميل تائين پهچائڻ سان ئي، انسان خوشي حاصل
ڪري سگهي ٿو. اسان ڏسون ٿا، ته انسان، ٻين
حيوانن کان، اعليٰ ۽ افضل هن ڪري آهي، جو هن ۾
خيال ڪرڻ جي قوت آهي. هن وصف جي ترقيءَ ڪري
ئي،انسان ٻين جانورن تي حڪمران آهي. تنهنڪري
خيالي قوت کي وڌائڻ ۾ ئي، انساني خوشي ۽ ڀلائي
جو راز سمايل آهي.
ڪن جسماني ضرورتن کي ڇڏي، خوشيءَ جو اهم شرط آهي عقلي زندگي
گذارڻ، جنهن تي ئي انسان جي شان ۽ طاقت جو
دارومدار آهي. نيڪي يا مهارت جو دارومدار
انسان جو واضح تجربو ڪرڻ، پاڻ تي ضابطو رکڻ،
خواهشن ۾ توازن ۽ وسيلن جي ڪارائتي استعمال تي
آهي. سادو ۽ اڻ تجربي ڪار ماڻهو، مهارت ۽
تجربو حاصل ڪري نه سگهندو. فقط ڪو ڪامل انسان
ئي، نيڪي ۽ مهارت جو تجربو حاصل ڪري سگهندو.
مهارت تائين پهچڻ جو آسان ۽ ويجهو رستو آهي
اعتدال. ڪردار جون خصلتون، ٽن منزلن ۾ مرتب
ڪري سگهجن ٿيون. پهرين ۽ پوئين منزل،
انتهاپسند ۽ بڇڙائيءَ ڏانهن مائل ڪندڙ آهي، پر
وچين، نيڪي واري ۽ مهارت آهي. مثلاً بزدلي ۽
احمق پڻي جي وچ ۾ همٿ آهي، ڪنجوسي ۽ فضول
خرچي جي وچ ۾ معتبرائپ آهي. نيچائي ۽ غرور جي
وچ ۾ ايمانداري آهي، خشڪ مزاجي ۽ ڀوڳائي طبع
جي وچ ۾ مزاح آهي، جهيڙي ۽ چاپلوسيءَ جي وچ ۾
دوستي آهي، هئمليٽ جي فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت نه
هجڻ ۽ ڪئزوٽ جي جبلتن جي وهڪري کي جي وچ ۾ پاڻ
تي ضابطو آهي، اخلاقيات يا رويي ۾ صحيح هئڻ،
رياضيات يا انجينريءَ ۾ صحيح هئڻ کان مختلف نه
آهي. صحيح هئڻ جو مطلب آهي، اها ڳالھه يا
شيءِ، جا بهترين نموني پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي.
پر ارسطو چوي ٿو، ته عملي زندگيءَ ۾، هيءُ سونهري اعتدال، هميشه
حالتن مطابق اهو رياضي جي فارمولن وانگر نه
آهي، ڦرندو گهرندو رهي ٿو، ۽ صرف بالغ ۽
لچڪدار عقل ئي، اعتدال ڳولهي لهي ٿو. مهارت به
هڪ فن آهي جيڪا تربيت ۽ عادت بنائڻ ذريعي حاصل
ڪري سگهجي ٿي. اسان صحيح عمل، انهيءَ ڪري نٿا
ڪريون، جو اسان ۾ نيڪي يا مهارت اڳي ئي موجود
آهي، پر اسان ۾ نيڪي يا مهارت تڏهن پيدا ٿي
ٿئي، جڏهن اسان اڳئي ڪو صحيح عمل ڪيو آهي.
جيڪڏهن اسان بار بار سٺو عمل ڪريون ٿا، ته
پوءِ عادت ۾ نيڪ انسان ٿي وڃون ٿا. ”ڪنهن به
انسان جي خوبي هن ۾ آهي، ته هن جو روح، سڄي
زندگي، مهارت جي شاهراهه تي ڪم ڪندو رهي. جيئن
هڪ ابابيل ۽ فرحت بخش ڏينهن، بهار جون مڪمل
علامتون نه ٿا پيش ڪن، تيئن صرف هڪ ڏينهن يا
ٿورو عرصو، انسان کي متبرڪ ۽ خوش نٿا بنائين.“
جواني اهو عرصو آهي، جنهن ۾ انسان، انتهاپسند ٿيو پوي. ”جيڪڏهن
نوجوان غلطي ٿا ڪن، ته اها زيادتي ۽ واڌ جو
نتيجو آهي. وڏي مشڪل اها آهي ته ڪيئن هڪڙيءَ
انتها کان پاڻ بچائي، ٻيءَ انتها ۾ پاڻ کي نه
ڦاسائجي. جڏهن هڪڙيءَ انتها کان پاڻ بچائي،
پنهنجي روش کي درست ڪرڻ جي وڌيڪ ڪوشش ٿا
ڪريون، تڏهن جوش وچان، رستي جي ٻي حد به ٽپي
وڃي، ٻيءَ انتها ۾ پاڻ کي ٿا ڦاسايون. هڪ طرف
بي وفائي ۽ مڪاري به، حد کان وڌيڪ سڏي ٿي، ته
وري ٻئي طرف، نوڙت به، خودپسنديءَ جي اعليٰ
ترين منزل تي، ناز ڪندڙ آهي. جيڪي ڄاڻي ٻجھي
هڪ انتها ۾ ڦاٿل آهن، اهي اعتدال کي درست نه
سڏيندا. مگر ٻيءَ انتها کي ڪڏهن ڪڏهن، ان مان
چڱا نتيجا به نڪرن ٿا. جيڪڏهن اسان باخبر
آهيون ۽ هڪ انتها تي غلطيءَ وچان وڃي پهتا
آهيون. ته پوءِ اسان جو ارادو ٿيندو، ته ٻي
انتها تي پهچون. اهڙيءَ طرح ڪوششن جي ذريعي،
جيڪڏهن ٻيءَ انتها تي نه پهتاسون، ته گهٽ ۾
گهٽ وچين مڪان تي پهچي وينداسون. ساڳيو ئي
طريقو ماڻهو، ڏنگي ڪاٺيءَ کي سڌي ڪرڻ ۾
استعمال ڪندا آهن. پر بي خبر، انتهاپسند،
اعتدال کي برو ڪري ليکيندا آهن. جيڪو ماڻهو
وچين جڳهھ تي هوندو آهي، تنهن کي هو، هڪ ٻئي
طرف ڌڪي ڇڏيندا آهن. بزدل ماڻهو، دلير ماڻهوءَ
کي، احمق ۽ جلد باز سڏيندو آهي. موجوده سياست
۾ پڻ انقلاب پسند، لبرل پسند کي قدامت پسند
چوندو ۽ قدامت پسند وري لبرل پسند کي انقلاب
پسندو سڏيندو.
اها ڳالهھ صاف ظاهر آهي، ته هيءُ اعتدال وارو نظريو، هڪ خاص
ڪيفيت جي پيش ڪش آهي، جيڪا يوناني فلسفي جي هر
دستور ۾ ظاهر ٿئي ٿي. افلاطون جي دماغ ۾،
اهوئي نظريو هو، جڏهن هن نيڪيءَ کي منظم فعل
سڏيو ۽ سقراط جي ذهن ۾ پڻ ساڳي ڳالهھ هئي،
جڏهن هن نيڪيءَ ۽ علم کي هڪ ئي شيءِ ڪري قبول
ڪيو. يونان جي ستن ڏاهن، ساڳي ئي روايت قائم
ڪئي، جڏهن هنن، ڊيلفيءَ وٽ، اپولو جي مندر تي،
هيءُ مقالو اڪيري ڇڏيو، ”ڪنهن به ڪم ۾ زيادتي
نه ڪريو.“ نٽشي، دعويٰ ڪري ٿو ته: اهي سڀ
يونان جون ڪوششون هيون، ته هو پنهنجي تشدد
واري ۽ جذبن جي وهڪري ۾ وهي وڃڻ واري طبيعت کي
روڪين، پر درحقيقت، اعتدال وارو نظريو ڏيکاري
ٿو، ته يونانين ائين محسوس ڪيو، ته جذباتي
ولولا، بذات خود خراب نه آهن، پر انهن ۾
جيڪڏهن گهڻائي ۽ بدانتظامي پيدا ٿيندي، ته اهي
برائيءَ طرف وٺي ويندا. پر جيڪڏهن اعتدال ۾
موزونيت پيدا ٿيندي، ته پوءِ بهتريءَ ڏانهن
مائل ٿيندا.
پر اسان جو حقيقت پسند فلسفي چوي ٿو، ته صرف اعتدال، انساني
خوشيءَ جو راز نه آهي. اسان کي دنياوي مال
مڪيت جو به ڪافي حصو هئڻ گهرجي. غربت انسان
کي، تنگ مزاج ۽ حرص ڪندڙ بنائي ٿي. خوشحالي
اسان کي ڳڻتين، اوسيئڙن ۽ لالچ کان آزاد ڪندي
آهي. انهيءَ ڪري اعليٰ طبقي وارن کي تسڪين ۽
دلربائي هوندي آهي.مگر خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ
کان شاندار طريقو آهي دوستي. هڪ خوشحال
ماڻهوءَ کي، هڪ ڪمزور ۽ بيمار ماڻهوءَ کان به
وڌيڪ، دوستيءَ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته پنهنجي
خوشيءَ ۾، ٻين کي شامل ڪرڻ سان، خوشي وڌي ٿي.
دوستي، انصاف کان وڌيڪ، ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته،
”جڏهن انسان، هڪ ٻئي جا دوست آهن، ته پوءِ
انصاف جي ضرورت ئي ڪانه ٿي پوي، پر جڏهن انسان
انصاف ڪندڙ آهن، تڏهن پڻ دوستي، هڪ نعمت
آهي.“ (دوست پاڻ ۾ هڪ روح ۽ ٻه جسم آهن). پر
جيترا ٿورا دوست هجن، اوترو چڱو. ”جنهن کي
گهڻا دوست آهن، تنهن کي ڪوبه سچو دوست ڪونه
آهي.“ ڇاڪاڻ ته گهڻن ماڻهن سان، سچي ۽ مڪمل
دوست رکڻ پڻ ناممڪن آهي.
سچي دوستيءَ جي تقاضا آهي، ته اها جٽاءَ واري هجي ۽ نه اهڙي،
جنهن ۾ فقط جذباتي شدت هجي. ان جو مطلب آهي،
ته دوستن ۾ ڪردار جو جٽاءُ هئڻ گهرجي. طرحين
طرحين جون دوستيون، روز بروز انهيءَ ڪري ڳنڍجن
۽ ٽٽن پيون، جو انسانن جي طبيعت بدلجندڙ ۽
هلڪڙي آهي. دوستيءَ ۾ برابريءَ جو هجڻ لازمي
آهي. ڇاڪاڻ ته، جيڪڏهن صرف هڪڙي ڌر احسان ڪندي
رهندي، ته ان صورت ۾ دوستيءَ جو بنياد ڪچو ۽
ترڪڻو ٿي پوندو. عام طرح ائين سمجھيو ويندو
آهي، ته جيڪا دوستي رڳو احسان ڪرڻ جي بنياد تي
ٻڌل آهي، سا ڪڏهن به پائدار ٿي ڪانه سگهندي.
جيڪڏهن ڪي قرض ڏيندڙ آهن ۽ ڪي قرضدار، ته پوءِ
جيتوڻيڪ ڪو قرض ڏيندڙ، پنهنجي دوست قرضدار جي
مدد ڪرڻ لاءِ آماده به آهي، پر تنهن هوندي به
قرضدار، پنهنجي دوست قرض ڏيندڙ کان هميشه ڪوڙ
پيو ڳالهائيندو. پر ارسطو، هن سمجھاڻيءَ جي
ترديد ڪري ٿو، هو اعتبار ڪري ٿو، ته جهڙيءَ
طرح هنرمند کي، پنهنجي هنر لاءِ محبت آهي يا
هڪ ماءُ کي، پنهنجي ٻار لاءِ پيار آهي، اهڙيءَ
طرح هڪ محسن کي به، پنهنجي احسان ڪيل دوست
سان بي انتها محبت آهي. جنهن شيءِ کي اسان
جوڙيو آهي، تنهن سان اسان جي گهري محبت ٿئي
ٿي.
جيتوڻيڪ ٻاهرين مال ۽ ملڪيت ۽ دوستاڻو تعلق، خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ
ضروري آهن. پر تنهن هوندي به خوشيءَ جو جوهر،
اسان جي جان اندر سمايل آهي. خوشيءَ جي جڙ،
علم جي حاصلات ۽ روح جي پاڪيزگيءَ تي لڳل آهي.
محض جسماني لذتن ذريعي خوشي ڳولهڻ بي فائده
آهي. نه وري سياسي اقتدار ئي، اسان کي سچي
خوشي ڏيندو، ڇاڪاڻ ته سياسي ڪاميابي خاطر،
اسان مجبور ٿي، عوام جي وهمن مطابق عمل ڪريون
ٿا ۽ هجوم جي طبيعت ڦرڻي گهرڻي آهي. خوشي
دماغي راحت جو نالو آهي. خوشيءَ تي اعتبار صرف
تڏهن ڪرڻ گهرجي، جڏهن اها، حق جي جستجو ۽
حاصلات ذريعي اسان وٽ پهتي آهي. ”ذهني ڪم بذات
خود، هڪ نصب العين آهي. ذهني ڪم ڪندي، اسان
روحاني راحت محسوس ڪريون ٿا، جنهن جي ڪري ئي
اسان وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿيون ٿا.“ جيئن ته
آسودگي، غير افسردگي ۽ سڪون، خوشيءَ جون ٽي
اهم وصفون، ذهني ڪرڻ ۾ ئي سمايل آهن، تنهن ڪري
ان ڪم ۾ ئي مڪمل خوشي آهي. ارسطوءَ جو ڪامل
مرد مابعد الطبيعيات جو ماهر نه آهي. هو پاڻ
کي اجايو خطري ۾ نٿو وجھي، ڇاڪاڻ ته هن کي فقط
چند شين لاءِ مڪمل آرزو آهي. پر مهل تي،
پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان به نٿو مڙي. ڇاڪاڻ
ته ڪن حالتن ۾، هو سمجھي ٿو ته زنده رهڻ به،
بيعزتي آهي. هو ٻين ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ
تيار آهي. جڏهن ٻيا ماڻهو سندس خدمت ڪن ٿا،
تڏهن هو ان کي پسند نٿو ڪري ۽ پاڻ کي شرم
محسوس ٿئي ٿي. ٻين تي مهرباني ڪرڻ عظمت جي
نشاني آهي، هو ٻين جو ٿورو کڻڻ کان نٽائي ٿو.
عوامي نمائش ۾ هوڪوبه حصو نٿو وٺي. هو بلڪل
صاف صاف چوي ٿو ته ڪهڙيون شيون کيس پسند آهن ۽
ڪهڙين شين کان هو نفرت ڪري ٿو. هو هر قول ۽
عمل ۾، دل جو صاف ۽ سچو آهي. هو ڪنهن به شيءِ
جي غير مناسب تعريف نٿو ڪري. ڇاڪاڻ ته هن جي
نظر ۾ ڪابه دنياوي شيءِ، اهميت لائق نه آهي.
هو سواءِ ڪنهن خاص دوست جي، ٻين سان گڏ، مطئمن
ٿي نٿو گذاري. ڇاڪاڻ ته اطمينان، غلاميءَ جي
نشاني آهي. هو ڪنهن جو به مَٺ گهرو [برو
چاهيندڙ] نه آهي. جيڪڏهن ٻيا هن کي ايذاءُ
رسائين ٿا، ته هو هنن کي معاف ڪري ٿو ۽ ڳالھه
درگذر ڪري ٿو. هو گفتگو جو شوقين نه آهي. هو
پنهنجي ساراهه ٻڌڻ نٿو چاهي ۽ ٻين جي گلا ۽
غيبت ۾ مزو نٿو اچيس. پرپٺ ڪنهن جي برائي نٿو
ڪري، جيتوڻيڪ کڻي ڪي سندس دشمن ئي هجن. هن جي
روش ۾ سنجيدگي آهي. هن جو آواز اثرائتو آهي ۽
هن جي گفتار موزون آهي. هو تڪڙ ڪرڻ جو عادي نه
آهي. ڇاڪاڻ ته هو، صرف چند شين جي پٺيان آهي،
ڪڏهن به شدت کان ڪم نٿو وٺي. ڇاڪاڻ ته هو
سمجھي ٿو، ته ڪابه شيءِ اهم نه آهي. اٻهرو ۽
تيز زبان صرف اهو انسان هوندو. جنهن کي دنياوي
ڳڻتيون وڪوڙي ويون هجن. زندگي جا حادثا هو
بردباري ۽ حسن اخلاق سان برداشت ڪري ٿو. حالتن
جو هُو پورو پورو فائدو وٺي ٿو. جيئن هڪ جرنيل
فوجي حڪمت عملي ۽ تدبير سان، ٿوري لشڪر هوندي
به، ڪاميابي حاصل ڪري ٿو. هو خود، پنهجو ئي
بهترين دوست آهي ۽ اڪيلائي پسند آهي، پر جنهن
ماڻهوءَ ۾ نيڪي ۽ قابليت نه آهي، سو خود
پنهنجو ئي دشمن آهي ۽ هو خاموشيءَ کان ڊڄي
ٿو.
اهو، ارسطوءَ جو، فوقيت رکندڙ انسان
(Superman)
بابت تصور آهي.
سياست Politics:
الف – اشتراڪيت ۽ قدامت پسندي
Communism and Conservatism
جنهن ماڻهوءَ جا اخلاقيات بابت خيال، اهڙي اميراڻي قسم جا
هوندا، ان جو سياسي فلسفو پڻ، اهڙي ئي قسم جي
هوندو. توڙي جو ارسطو، هڪ شهنشاهه جو استاد هو
۽ هڪ شهزاديءَ جو مڙس، ان ڪري اها توقع رکي
نٿي سگهجي، ته هو ڪو غريب طبقي وارن سان رليو
مليو هوندو ۽ نه وري ڪو وچين واپاري طبقي وارن
سان ئي، خاص واسطو هوندس.
اسان جو فلسفو، اسان جي واپار تي دارومدار رکي ٿو. ان کان سواءِ
اٿينس جي جمهوريت، گوڙ گهمسان ۽ غضب کڙو ڪيو
هو، تنهن ارسطوءَ جي دل ۽ دماغ تي خراب اثر
ڪيو ۽ هو دل جي خلوص سان قدامت پسند ٿي پيو.
هڪ ممتاز عالم وانگر هن ڊگهي عرصي تائين زور
ڏنو ته ملڪ اندر، ڪنهن به صورت ۾ تنظيم، صلح
سانت ۽ سلامتي پيدا ڪئي وڃي. هن محسوس ڪيو، ته
ڪنهن به قسم جي سياسي سرگرميءَ جي گهڻائيءَ
لاءِ حالتون سازگار نه هيون. انتهاپسندي به هڪ
عيش آهي، جيڪو صرف تڏهن ئي ماڻي سگهجي ٿو،
جڏهن ملڪ جون پاڙون پختيون آهن.
اسان سياسي تبديلي جي همت، تڏهن ئي ڪري سگهون ٿا، جڏهن حالتن
مٿان، مڪمل قبضو ڪيو اٿئون.
ارسطو چوي ٿو، ته هلڪڙائي سان، ملڪ جا قاعدا قانون ڦيرائڻ
گهيرائڻ جا نتيجا اُگرا ٿا نڪرن. اهڙي صورت ۾
تبديليءَ مان صرف، ٿورا فائدا حاصل ٿين ٿا، ان
صورت ۾، اهو بهتر ٿيندو، جو ڪنهن حاڪم يا ڪنهن
قاعدي جا نقص، صبر ۽ تحمل سان برداشت ڪجن.
ڪنهن به شهر واسيءَ کي تبديلي مان ٿورو فائدو
پوندو. پر حڪم جي انحرافي ڪرڻ مان، وڌيڪ نقصان
رسندو. ماڻهو پراڻين ريتن رسمن ۽ روايتن
مطابق، ڪنهن به قاعدي جي مڃتا ڪن ٿا، اهڙيءَ
طرح ملڪ جو سياسي نظام مستحڪم رهي ٿو، پوءِ
جيڪڏهن، قديم قاعدا ڦٽو ڪري، انهيءَ جاءِ تي
نوان قاعدا ٿاڦينداسين، ته ان صورت ۾، قاعدي
لاءِ عزت ۽ احترام گهٽجي ويندو، ملڪ ۾ ڏڦيرڙ
پئجي ويندو ۽ ملڪ جون سياسي ۽ قانوني جڙون
ڪمزور ٿي وينديون. اچو ته صدين جي آزمودي مان،
اسان جيڪو سبق پرايو آهي، تنهن کي نه وساريون.
جيڪڏهن نين ڳالهين ۾ ڪا چڱائي هجي ها، ته اها
ايترن سالن ۾ ڳجھي نه رهي ها.
نين ڳالهين جو ارسطوءَ وٽ مطلب آهي، افلاطون جي اشتراڪي جمهوريت
(Communistic Republio).
ارسطو هڪ طرف ته افلاطون جي آفاقي تصورن/ مثال
پسندي جي حقيقت واري نظريي کي نندي ٿو، ته ٻئي
طرف وري، سندس حڪومتي تصورن سان مقابلو ڪري
ٿو. سندس استاد جيڪا تصور چٽي، ان ۾ کيس
ڪيترائي نقص ۽ داغ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. افلاطون جيڪا
رٿ ڏني ته ”رياست جي نگهبانن کي گهرجي، ته هو
عوام سان لهه وچڙ ۾ اچي، ساڻن خيال جي ڏي وٺ
ڪن.“ اها ڳالھه کيس نٿي وڻي. ڇاڪاڻ ته ارسطو
قدامت پسند آهي، تنهن ڪري هن کي، شخصي خصوصيت،
اڪيلائيءَ ۽ آزاديءَ جو، اجتماعي ڪارڪردگي ۽
قوت کان وڌيڪ قدر هو. هن کي ڪهڙي ڪاڻ هئي، جو
هرهڪ هم عمر کي، ڀاءُ يا ڀيڻ ڪري سڏي يا هرهڪ
بزرگ کي، پيءُ ماءُ ڪري ليکي! جيڪڏهن سڀ
تنهنجا ڀائر آهن ته حقيقت ۾ تنهنجو ڪوبه ڀاءُ
ڪونهي. ڪهڙو نه بهتر آهي، ته ڪنهن جو سچو پچو
سئوٽ هجي. بنسبت افلاطون جي تجويز مطابق ڪنهن
جوپٽ ٿيڻ جي. [جنهن کي پنهنجي والدين متعلق
ڪابه خبر ڪانه آهي.] جنهن رياست ۾ زالون ۽ ٻار
به اشتراڪيت جي دائري ۾ اچي ٿا وڃن، ان ملڪ ۾
حقيقي ملڪيت جي ڪهڙي ڄاڻ؟ احترام ۽ محبت تڏهن
ٿي جاڳي، جڏهن سمجھجي ٿو، ته ڪا شيءِ پنهنجي
آهي، ۽ اها شيءِ حقيقي محبت جو جذبو پيدا ڪري
ٿي. پر جنهن صورت ۾ ڪابه شيءِ ڪنهن خاص
ماڻهوءَ جي ڪانه آهي، جنهن سان خصوصيت سان
محبت ونڊي سگھجي ته پوءِ ڇاجي محبت، ۽ ڇا جو
احترام؟ بهرحال افلاطون جو سياسي نظريو غلط
بنياد تي ٻڌل آهي.
قديم زماني جي ڌنڌلي دور ۾، شايد ڪا اشتراڪي جماعت هجي. انهيءَ
زماني ۾ ڪٽنب تي هڪ رياست مشتمل هئي ۽ ماڻهو
زندگيءَ جو گذر مال چارڻ يا کيتي ڪرڻ سان ڪندا
هئا. پر جڏهن انساني جماعت ترقي ڪئي ۽ ڪم جي
ورهاست جي ضرورت محسوس ٿي، هرهڪ فرد کي، گهٽ
يا وڌ اهميت وارو ڪم سونپيو ويو، تڏهن مڪمل
اقتصادي برابريءَ جو نالو نشان به گم ٿي ويو ۽
اشتراڪيت وارو نظريو پڻ پرزا پرزا ٿي ويو.
ڇاڪاڻ ته اشتراڪيت انفرادي طور، اعليٰ انسان
قوتن جي ترغيب نٿي ڪري. ماڻهو سخت پورهيو تڏهن
ڪندا، جڏهن انهن کي شخصي فائدي ملڻ جي اميد
هوندي. زراعت، صنعت ۽ حرفت جي ترقيءَ لاءِ اهو
ضروري آهي، ته عام ماڻهن کي ذهن نشين ڪرائجي،
ته جيڪڏهن هو محنت، مشقت ۽ قابليت سان، قومي
دولت وڌائيندا ته هو خود به ان مان پورو پورو
فائدو وٺندا، مال ۽ ملڪيت جا مالڪ ٿيندا. جيڪا
ڪجھه گهڻي تعداد جي عام ملڪيت آهي. ان تي ڪوبه
فرد وڌيڪ توجھه نه ڏيندو. سڀ ڪنهن کي پهريائين
پنهنجيءَ شخصي ملڪيت جي ڳڻتي هوندي ۽ عوام جي
مفاد خاطر، ڪوبه پنهنجو جيءُ جنجھٽ ۾ ڪونه
وجھندو. ان کان سواءِ گڏ رهڻ ۾ هميشه مشڪلاتون
درپيش اينديون ۽ دنياوي شيون گڏجي استعمال ڪرڻ
به نهايت ڏکي ڳالهھ آهي. پر خاص طرح گڏيل
ملڪيت ته بلڪل ڏکيا مسئلا پيش ڪندي. شايدن جي
متعلق، اشتراڪيت ته بلڪل ناممڪن آهي، پر
جيڪڏهن کڻي تصور به ڪريون، ته سمورا انسان
مسافر آهن ۽ سفر جي گڏيل ثمر (دولت) ۾ حصيدار
آهن. تڏهن به پڻ عملي زندگيءَ ۾ نظر ايندو، ته
عام طرح همسفر، منزلون طئي ڪندي. پاڻ ۾ اٽڪجي
پوندا آهن ۽ ٿورن ٿورن اختلافن تان پاڻ ۾
جھڳڙو ڪرڻ شروع ڪندا آهن.
جيڪڏهن ڪو فلسفي، مثالي رياست جو تصور پيش ڪري ٿو، ته پوءِ
ماڻهو ان کي ٻڌڻ لاءِ فورن تيار ٿي وڃن ٿا ۽
هرکجي اعتبار ٿا ڪن، ته ڪن عجيب ۽ غريب طريقن
سان هرهڪ انسان، ٻئي انسان جو دوست بنجي
ويندو. خاص ڪري جڏهن ڪو شخصي ملڪيت مان پيدا
ٿيل، بڇڙاين کي نندي ٿو، ته سندس ڪيترائي
پوئلڳ پيدا ٿي وڃن ٿا، پر انهن بڇڙاين جو
حقيقي ڪارڻ ٻيو آهي ۽ اهو آهي، انساني فطرت جي
خراب عمل ڪرڻ وارو مزاج. سياست انسان کي انسان
نٿي بنائي، پر ائين بنائي ٿي جيئن سندس حقيقي
فطرت آهي.
انساني فطرت، خدا جي ڀيٽ ۾، انسان کي سراسري جي ويجھو آهي.
ماڻهن جي اڪثريت انهن جي آهي، جيڪي ڪند فهم ۽
ڪاهل آهن. ڪنهن به نظام ۾ اهي انسان،
هيٺائينءَ جي تري ۾ وڃي ڪرندا. بيت المال مان
انهن جي مدد ڪرڻ معنيٰ سوراخ واري دٻي کي
پاڻيءَ سان ڀرڻ جي ڪوشش ڪرڻ. سياست ۾ اهڙن
ماڻهن مٿان حڪومت ڪرڻ گهرجي ۽ اقتصادي معاملن
۾ اهڙن ماڻهن کي سڌو ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ممڪن
ٿي سگهي، ته پوءِ سندس مرضيءَ سان ۽ جيڪڏهن
ضروري سمجھجي، ته سواءِ سندن مرضيءَ جي مٿان
حڪمران ٿجي. ڄمڻ شرط ڪي انسان غلام هئڻ جي
لائق آهن، ته ڪي حڪم هلائڻ جي. جيڪو پنهنجي
عقل سان مستقبل جي رٿابندي ڪري سگهي ٿو، تنهن
کي قدرت حاڪم ۽ مالڪ هئڻ لاءِ بنايو، پر جيڪو
فقط جسماني پورهيو ڪري سگهي ٿو، سو فطرتي طور
هڪ غلام هئڻ لاءِ پيدا ٿيو. جيئن جسم لاءِ
دماغ آهي. تيئن غلام لاءِ حاڪم. غلام هڪ اوزار
آهي، جنهن ۾ زندگي آهي ۽ اوزار هڪ غلام آهي،
جنهن کي زندگي ڪانهي. آخرڪار اسان جو سخت دل
فلسفي، امڪان جي روشنيءَ ۾ جيڪيءَ موجوده
زماني جي صنعتي انقلاب ظاهر ڪيون آهن، ڏک ڀريل
خواهشن سان لکي ٿو ته، ”جيڪڏهن هرهڪ اوزار
ازخود انسان جي مرضي سهي ۽ ان کي مڃي، پنهجو
ڪم پاڻ مرادو پورو ڪري يا جيڪڏهن سواءِ انساني
هٿ جي، رهبريءَ جو چرخو، ازخود ڪتڻ شروع ڪري
۽ ساز ازخود وڄڻ شروع ڪري، ته پوءِ جيڪر،
اعليٰ ڪارڪنن کي، مددگارن جي ضرورت نه پوي ۽
مالڪن کي غلامن جي ضرورت نه پوي.“
هيءُ فلسفو، يوناني ذهنيت جي، جسماني پورهئي لاءِ، نفرت ڏيکاري
ٿو. اهو ڪم ان وقت جي اٿينس ۾، اهڙو پيچيده نه
ٿيو هو، جهڙو موجوده زماني ۾. اڄڪلهھ ته هٿ جي
صنعت ۾ به ذهن ۽ عقل جي ڪافي ضرورت آهي. هڪ
ڪاليج جو پروفيسر گاڏين جي مستري جي عقل تي
رشڪ ڪري ٿو. ان وقت هٿ جي صنعت ۾، صرف هٿ ڪم
ايندا هئا. تنهن ڪري فلسفي جي بلنديءَ تان،
ارسطو، اهڙي قسم جي پورهئي کي، نفرت جي نگاهه
سان ڏٺو، ڄڻ ته اهو ڪم، انهن جو هو، جن کي
ڪوبه دماغ ڪونهي يا جيڪي صرف غلام هئڻ جي لائق
آهن. سندس خيال موجب اهو ڪم، انسانن کي
غلاميءَ جي لائق بنائي ٿو. هن جو عقيدو آهي ته
هٿ جو پورهيو ۽ دماغ کي گهٽ عقلي ۽ پستيءَ طرف
وٺي وڃي ٿو ۽ سياسي دور انديشيءَ لاءِ وقت ۽
قوت نٿو بچائي. ارسطو، ان مان هيءُ نتيجو ڪڍي
ٿو، ته جن کي فرصت آهي، انهن کي ئي حڪومت
هلائڻ جو حق آهي. حڪومت جو بهترين دستور به،
ڪمائيندڙ مزدورن کي شهر واسين جا حق ڏيئي نه
سگهندو. ٿيبس
(Thebes)
۾ هڪ قاعدو مروج هوندو هو، جنهن مطابق ڪنهن به
شهر واسيءَ کي سياسي عهدي ماڻڻ جو حق ايستائين
نه ملندو هو، جيستائين هن گذريل ڏهن سالن کان
ڌنڌي کان ڪناره ڪشي نه ڪئي هوندي. واپارين ۽
شاهوڪارن کي پڻ ارسطو، غلاميءَ جي دائري ۾
داخل ڪري ٿو. ريزڪي واپار غير فطري آهي. اهو
هڪ طريقو آهي، جنهن جي وسيلي ماڻهو هڪ ٻئي مان
فائدو پرائين ٿا. اهڙيءَ ڏي وٺ جو سڀ کان
ڌڪاريل نمونو آهي وياج، جنهن جي وسيلي ماڻهو،
پيسي مان پيسو ڪمائين ٿا ۽ پيسي جي قدرتي
استعمال مان فائدو نٿا پرائين. پيسو بدل سدل
جو هڪ ذريعو آهي ۽ نه سود خوريءَ جي ماءُ.
وياج جو مطلب آهي، پيسي مان پيسي جو ڄمڻ، سڀني
منافعن مان، وياج خوري وڌيڪ غير قدرتي آهي.
پيسي کي اولاد پيدا ڪرڻ نه گهرجي. ماليات تي
بحث ڪرڻ، فلسفي جي لاءِ ناقابل نه آهي، پر
ماليات جي ڪمن ۾ مشغول ٿيڻ ۽ پيسو گڏ ڪرڻ، هڪ
آزاد انسان جي شايان شان نه آهي.
ب - شادي ۽ تعليم
Marriage and Education
عورت جي مرد سان نسبت ائين آهي، جيئن غلام جي مالڪ سان، مزدور
جي ذهني ڪم ڪندڙ سان، هڪ غير مهذب انسان جي هڪ
يونانيءَ سان. عورت غير مڪمل مرد آهي، ارتقا
جي ڏاڪڻ تي هوءَ هيٺئين ڏاڪي تي بيٺل آهي. مرد
کي پنهنجي فطرت جي لحاظ کان فوقيت حاصل آهي.
مرد حڪومت هلائي ٿو ۽ عورت فرمانبرداري ڪري
ٿي. هيءُ اصول سموري انسانذات سان لڳي ٿو.
عورت ارادي جي ڪمزور آهي، تنهن ڪري اخلاقي
آزادي ۽ عهدي سنڀالڻ جي لائق نه آهي. سندس
بهترين تقاضا آهي، خاموش گهرو زندگي. جيستائين
ٻاهرين تعلقات جو تعلق آهي، مرد جو مٿس پورو
پورو قبضو هئڻ لازمي آهي، پر گهرو معاملا، هن
جي هٿ وس هئڻ گهرجن. افلاطون جي جمهوريت جي
برعڪس، تعليم ۽ تربيت جي لحاظ کان عورت کي،
مرد جي برابر آڻن نه جڳائي، پر عورت ۽ مرد جي
فرق تي، وڌيڪ زور ڏيڻ گهرجي. مختلف شيءِ وڌيڪ
دلفريت لڳي ٿي. سقراط جي سمجهھ يا نظريو غلط
هو، جڏهن هن چيو، ته عورت جي دليري ۽ مرد جي
دليري ساڳي ڳالهھ آهي. مرد جي دليري حڪم هلائڻ
۾ آهي ۽ عورت جي دليري فرمانبرداري ۾، هڪ شاعر
چيو آهي ته: ”خاموشي عورت جو شان آهي.“
ارسطو سمجھي ٿو، ته عورت جي غلامي، مرد لاءِ هڪ غير معمولي
ڪاميابي آهي. مرد جي حڪومت جو دارومدار نه فقط
ٻانهن جي طاقت تي آهي، پر ان کان به وڌيڪ،
زبان جي پختگيءَ تي پڻ آهي. مرد کي وڌيڪ فائدو
ڏيڻ لاءِ، ارسطو کيس صلاح ڏئي ٿو، ته ستٽيهن
سالن جي عمر جي قريب اچي شادي ڪري. جيڪڏهن
ڇوڪري ويهن سالن جي آهي، ته پوءِ هوءَ ٽيهن
سالن جي مرد لاءِ به ڪارگر ساٿي ٿي سگهندي. پر
ستٽيهن سالن جو آزمودگار جنگي جوڌو کيس
سولائيءَ سان منهن ڏيئي سگهندو. انهيءَ قسم جي
حساب جو سبب، ارسطو هيءُ ڏئي ٿو، ته اهڙيءَ
حالت ۾ مرد ۽ عورت جون جنسي قوتون ۽ خواهشون،
ساڳئي وقت ختم ٿي وينديون، پر جيڪڏهن مرد کي،
اڃا ٻارن ڄڻڻ جي قوت آهي ۽ عورت ان جي قابل نه
آهي، ته پوءِ سندن تعلقاتن ۾ مونجھارو پيدا ٿي
ويندو. عام طور مرد جي جنسي قوت، ستر سالن
تائين برقرار رهي ٿي. پر عورت جي پنجاهه سالن
تائين، تنهن ڪري مڙس ۽ زال جي عمرين ۾ اها
وڇوٽي يا فرق لازمي آهي. ننڍي عمر ۾ ڏٺو ويو
آهي، ته ننڍي عمر جي جانورن جي ميلاپ سبب، ٻچا
ضعيف پيدا ٿين ٿا ۽ گهڻو ڪري ماديون ٿيون پيدا
ٿين. محبت کان وڌيڪ ضروري شيءِ آهي تندرستي.
ان کان سواءِ، وڏي عمر ۾ شادي ڪرڻ ڪري، جنسي
تعلقاتن ۾ اعتدال کان ڪم ورتو وڃي ٿو. ننڍي
نيٽي ڇوڪري، شهوت انگيز ٿئي ٿي. ننڍي عمر جي
شادي، مرد جي جسماني نشوونما ۾ رڪاوٽ وجھي ٿي.
شاديءَ جو معاملو اهڙو ته اهم آهي، جو ان کي
نوجوانن جي وهمن تي ڇڏڻ نه گهرجي. پر ان تي
حڪومت جو ضابطو ۽ نگراني هئڻ گهرجي. حڪومت کي
فيصلو ڪرڻ گهرجي، ته مرد يا عورت جي شاديءَ
لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ۽ وڌ ۾ وڌ عمر ڪهڙي هئڻ گهرجي.
حمل جون بهترين موسمون ڪهڙيون هئڻ گهرجن ۽
آباديءَ جي اضافي جي رفتار ڪهڙي هئڻ گهرجي.
جيڪڏهن آباديءَ ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ٿي وڃي،
ته پوءِ بي قياسيءَ سان ٻار مارائڻ جي رواج
بدران، حمل وقت ٻار ڪيرائڻ جو طريقو استعمال
ڪجي. حمل وقت، شروعاتي منزل تي جڏهن اڃا زندگي
۽ حواس پيدا ئي نه ٿين، ته ٻار کي پيدا ٿيڻ
کان روڪڻ گهرجي. آباديءَ جي انداز جو
دارومدار، ملڪ جي اقتصادي حالت ۽ خوراڪ جي
ذريعن تي آهي. جيڪڏهن آبادي بلڪل گهٽ آهي، ته
ان حالت ۾ رياست غير مڪمل آهي، پر جيڪڏهن
آبادي حد کان وڌيڪ آهي ته پوءِ رياست، دستوري
نظام جي قابل نه آهي ۽ نه وري ان ۾ سياسي
اتحاد قائم ٿي سگهندو. جيڪڏهن ڪنهن رياست ۾
ڏهن هزارن کان آبادي وڌي وڃي، ته اها
ناپسنديده ڳالهھ سمجھڻ گهرجي.
تعليم پڻ، رياست جي هٿن ۾ هئڻ گهرجي. ملڪ جو دستور تڏهن مستحڪم
ٿيندو، جڏهن ان ملڪ جي تعليم، حڪومت جي نموني
جي موافق هوندي. رواجي طرح حڪومت جي جنهن نظام
ماتحت ڪو شهر واسي رهي ٿو، ته انهيءَ نظام
واسطي ئي، هن کي تيار ڪرڻ گهرجي. اسڪولن تي
رياست جي قبضي هئڻ سبب، اسان صنعت ۽ واپار کان
، ماڻهن جون دليون ڦيرائي، کين زراعت طرف ڦيري
سگهون ٿا، شايد اسان، ماڻهن کي اهڙي قسم جي
تربيت ڏيون، جو هو شخصي ملڪيت رکڻ جي باوجود،
پنهنجي دولت گهرج وارن جي مرد لاءِ کليل رکن.
سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهھ هيءَ آهي، ته ترقي ڪندڙ
شهر واسيءَ کي قاعدي جي فرمانبرداري ڪرڻ
سيکاري وڃي، نه ته رياست جو وجود ئي ناممڪن ٿي
پوندو. سچ چيو ويو آهي. ته، ”جيڪو فرمانبرداري
نه سکيو آهي، سو سپهه سالار ٿي نه سگهندو. هڪ
سٺو شهر واسي حڪم ڏيڻ ۽ حڪم مڃڻ جي قابل هئڻ
گهرجي. جيڪڏهن تعليمي سرشتو، رياست جي زير
نگرانيءَ آهي، ته پوءِ مختلف خوبين وارن
انسانن پيدا ٿيڻ جي باوجود، منجھن اجتماعي
اتحاد هوندو. رياست الڳ الڳ فطرت رغبت وارن
ماڻهن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ تعليم جي ذريعي
ئي، هڪ متحد قوم پيدا ڪري سگهجي ٿي. اچو ته
نوجوانن کي سيکاريون، ته سڀ کان وڏي نعمت،
جيڪا هنن کي رياست طرفان ملي آهي سا آهي محافظ
بنجڻ، جيڪا اجتماعي تنظيم مان پيدا ٿئي ٿي ۽
آزادي جيڪا قانون کين آڇي ٿي. ”جڏهن انسان
ڪامل ٿئي ٿو، تڏهن هو اشرف المخلوقات جو لقب
وٺي ٿو، پر جڏهن هو علحدگي اختيار ڪري ٿو،
تڏهن هو سڀ کان بدتر آهي. بي انصافي، جيڪڏهن
مسلح آهي، ته وڌيڪ خطرناڪ آهي. پر انسان ڄمڻ
شرط عقل جي هٿيار سان ملسح ڪيو وڃي ٿو. ساڳئي
وقت، انساني اخلاق ۾ ڪي پوشيده قوتون آهن، جن
کي بدترين مرادن يا مقصدن خاطر، استعمال ڪري
سگهجي ٿو. ان سبب، جيڪڏهن انسان ۾ نيڪي نه
آهي، ته هو سڀني جانورن مان وڌيڪ ناپاڪ ۽
جھنگلي آهي، جيڪو حرص ۽ شهوت سان ڀريو پيو
آهي.“ ارسطوءَ جي خيال موجب صرف اجتماعي
ضابطو، انسان کي نيڪ ڪري سگهندو. ٻوليءَ ذريعي
انسان سوسائٽي پيدا ڪئي. سوسائٽيءَ ذريعي ذهن،
ذهن ذريعي تنظيم ۽ تنظيم ذريعي تهذيب. اهڙيءَ
منظم رياست ۾ هرهڪ فرد کي، ترقي ڪرڻ جا هزارين
موقعا ملن ٿا، جيڪي اڪيلائيءَ واري زندگي ڏيئي
نٿي سگهي. ”اڪيلي رهڻ وارو يا ته جانور آهي يا
ديوتا.“
انقلاب علقمنديءَ جي ڳالهھ نه آهي. ٿوري فائدي خاطر، اسان بي
انداز بڇڙاين کي ڇيڪ ڇڏي ٿا ڏيون. انهن بڇڙاين
مان مکيه آهي، وڳوڙ ۽ اجتماعي نظام جو خاتمو،
جنهن جي بنياد تي سياسي بهبودي قائم ٿيل آهي.
انقلابي ايجاد جا سنوان سڌا نتيجا شايد ڳڻي
سگهجن ۽ ظاهري طرح مفيد لڳن، پر اڻ سڌا نتيجا
ڳڻي نٿا سگهجن ۽ گهڻو ڪري غضبناڪ ثابت ٿين ٿا.
جيڪي ماڻهو، فقط ٿورڙن نقطن کي پروڙين ٿا، تن
لاءِ ته فتويٰ ڏيڻ بلڪل آسان ڳالهھ آهي. جنهن
ماڻهوءَ جو دماغ ٺلهو هوندو آهي، تنهن کي
فيصلي ڪرڻ ۾ دير ئي ڪانه لڳندي آهي. نوجوانن
کي سولائيءَ سان ڀُنڀلائي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته
هو اڻ آزمودگار هئڻ سبب، سڀ ڪنهن نئين ڳالھه
سان اميدون وابسته رکن ٿا. گهڻي عرصي کان
پختيون ٿيل عادتن کي روڪڻ جو نتيجو ايجاد پسند
حڪومتن لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ
ته پراڻين عادتن جون پاڙون ماڻهن جي دلين اندر
پختيون ٿي چڪيون آهن. ماڻهن جا اخلاق اهڙو
سولائيءَ سان بدلائي نٿا سگهجن، جهڙو ملڪ جا
قاعدا قانون، جيڪڏهن ڪوبه دستور مستقل ٿي چڪو
آهي، ته پوءِ سوسائٽي جا سڀ جزا چاهيندا، ته
ان کي قائم رکيو وڃي. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن
حاڪم چاهي، ته ملڪ کي انقلابن کان ڇوٽڪارو
ڏئي، ته پوءِ کيس گهرجي، ته هو غربت ۽
دولتمنديءَ جي انتها کي روڪي. غربت ۽
دولتمنديءَ جو حد کان وڌي وڃڻ، لڙائيءَ جو سبب
ٿئي ٿو. تنهن کان سواءِ، حاڪم کي گهرجي، ته
خارجي بيٺڪن قائم ڪرڻ جي تحريڪ کي زور وٺائي.
آباديءَ جو گهڻو وڌڻ جي خطري جو اهو ئي واحد
حل آهي. آخر ۾ حاڪم کي جڳائي، ته مذهبي سکيا
تي زور ڏئي ۽ ان مطابق عمل ڪري. خاص ڪري هڪ
خودمختيار حاڪم لاءِ ضروري آهي، ته هو خلوص ۽
دل جي سچائي سان خدائن جي عبادت ڪري. جيڪڏهن
حاڪم مذهب جو پابند آهي ۽ ديوتائن جي هستيءَ
جو احترام ۽ ڊپ ڪندڙ آهي، ته پوءِ سڀ ڪو
سمجھندو، ته اهڙي نيڪدل حاڪم جي هٿن مان بي
انصافي جو ٿيڻ، گهٽ امڪان رکي ٿو. تنهنڪري ان
حاڪم جي خلاف منصوبا گهٽ ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته
ماڻهو سمجھندا، ته خدا تعاليٰ هميشه، نيڪ
حاڪمن جو مددگار آهي.
ت – جمهوريت ۽ اشرافيا جي حڪومت
Democracy and Aristocracy
مذهب، تعليم ۽ ازدواجي زندگيءَ کي اهڙن طريقن سان صحيح سلامت
رکڻ کان پوءِ، حڪومت جو ڪهڙو به سرشتو،
ڪارائتو ثابت ٿيندو. حڪومت جي سڀني نمونن ۾
چڱائي ۽ برائي گڏ موجود آهي ۽ جدا جدا حالتن
آهر انهن ۾ درستي آندي وڃي ٿي. نظرياتي طور ته
بهترين حڪومت جو سرشتو اهو ٿيندو، جنهن ۾
حڪومت جون سڀ اختياريون، هڪ بهترين شخص جي
حوالي ڪيون وڃن. هومر
(Homer)
سچ چيو آهي ته، ”گهڻن جي حڪومت خراب آهي،
توهان جو حاڪم ۽ مالڪ هڪ ئي هئڻ گهرجي.“ اهڙي
حاڪم لاءِ قاعدو هڪ اوزار ٿيندو ۽ نه رنڊڪ.
”اعليٰ قابليت وارن شخصن لاءِ ڪوبه قانون ڪونه
آهي، اهي خود قاعدو آهن.“ جيڪو انهن لاءِ
قاعدن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو، سو پاڻ تي خلق
کلائيندو. ائنٽسٿينيز
(Antisthenes)
جي هڪ ڏند ڪٿا موجب، جانورن جي هڪڙي ڪائونسل
ٿي، ان ۾ سَهَن زرودار آواز اٿاريو ۽ برابريءَ
جي دعويٰ ڪرڻ لڳا. تنهن تي شينهن کانئن سوال
پڇيو ته اوهان جا چنبا ڪٿي آهن؟
پر عملي طرح، شخصي حڪومت بيڪار ثابت ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته اعليٰ قوت
۽ اعليٰ اخلاق هڪ ئي شخص ۾ ملڻ مشڪل آهن. تنهن
ڪري عملي طور، بهترين سياسي تدبر انهيءَ ۾
آهي، ته اشرافيا جي حڪومت برپا ڪجي. حڪومت جون
اختياريون، چند باخبر، آزمودگار ۽ قابل شخصن
جي حوالي ڪجن. حڪومت اهڙي ته نازڪ شيءِ آهي،
جو اهم معاملن جو فيصلو اڪثريت جي راءِ تي ڪرڻ
هڪ وڏي بيوقوفي آهي. عجب جي ڳالھه ته وري اها
آهي جو عام طرح جمهوري نظام ۾، ننڍين ننڍين
ڳالھين جو نبيرو تربيت يافته آفيسر، پنهنجي
علم ۽ قابليت سان ڪندا آهن، پر اهي مسئلا، جن
تي ساري قوم جو مستقبل مدار رکي ٿو، سي هڪ
جاهلن، بيوقوفن ۽ ٺڳن جي ٽوليءَ جي حوالي ڪيا
وڃن ٿا. ”هڪ ڊاڪٽر جي قابليت متعلق، هڪ قابل
ڊاڪٽر ئي فيصلو ڪري سگهي ٿو. ڇا اهو اصول
چونڊن سان نٿو لڳي؟ صحيح چونڊون صرف اهي ئي
ڪري سگهن ٿا، جن کي علم آهي. جاميٽري جي ڪمن ۾
صرف، هڪ جاميٽري جو ماهر درست چونڊ ڪري
سگهندو. جهاز رانيءَ جي ڪمن ۾ صرف هڪ قابل
جهاز ران ئي، درست راءِ ڏيئي سگهندو. ان اصولن
جي بنياد تي، اسان ڪيئن قبول ڪريون، ته
مئجسٽريٽن کي چونڊڻ ۽ انهن کان حساب ڪتاب وٺڻ
جو ڪم، جاهل عوام جي حوالي ڪيو وڃي.
اها هڪ نهايت خراب ڳالهھ آهي، جو سڀ کان اعليٰ سياسي عهدا خريد
ڪيا وڃن. اهڙو قاعدو، جيڪو هن قسم جي برائيءَ
جي اجازت ڏئي ٿو، سو دراصل دولت کي، قابليت تي
ترجيح ڏئي ٿو. اهڙيءَ ريت سموري رياست حرص
ڪندڙ بنجي پوي ٿي. جڏهن به رياست جا اعليٰ
حاڪم، ڪنهن به ننڍڙي شيءِ کي عزت واروڪري ليکن
ٿا، تڏهن سڀ شهر واسي پڻ انهن جو نقل ڪن ٿا.
جتي به قابليت کي اول درجو نه ڏنو ويو آهي،
اتي صحيح معنيٰ ۾ اشرافيا جي حڪومت ٿي نه
سگهندي.
دلوتمندن جي حڪومت خلاف جڏهن انقلاب اچي ٿو، تڏهن ان جو نتيجو
جمهوريت نڪري ٿو. حڪمران طبقي ۾ جڏهن مفاد
لاءِ محبت جاڳي ٿي، تڏهن آهستي آهستي انهن جو
تعداد گهٽبو رهي ٿو. عوام وڌيڪ طاقتور ٿئي ٿو
۽ آخرڪار جمهوريت جنم وٺي ٿي. جتي عام ماڻهو
حڪومت هلائڻ لاءِ پنهنجا عيوضي چونڊين ٿا.
غريبن جي حڪومت مان ڪي فائدا به آهن. اجتماعي
طور، عام ماڻهو پڻ اهڙا ئي ڪارائتا ٿي سگهن
ٿا، جهڙا علم وارا ۽ تربيت يافته عهديدار.
ڪيترائي اهڙا هنرمند آهن، جيڪي پنهنجي هنر کي
پرکي نٿا سگهن، پر جن جي هٿ ۾ انهن جو هنر
آهي، اهي کين وڌيڪ چڱي طرح پرکي سگهندا. مثال
طور ڪنهن جاءِ جو مالڪ، جاءِ جي جوڙيندڙ کان
وڌيڪ جاءِ جون خوبيون۽ خاميون پروڙي سگهندو.
هڪ مهمان، بورچيءَ کان وڌيڪ طعام جو قدر ڪري
سگهندو. ماڻهن جي گهڻائي ۾ بداخلاقي ۽
رشوتخوري، ايترو جلد پکڙجي نه سگهندي، جيترو
ماڻهن جي ٿوري تعداد ۾. پاڻيءَجو گهڻو مقدار،
ايترو جلدائيءَ ۽ سولائيءَ سان خراب ٿي نه
سگهندو، جيترو پاڻيءَ جو ٿورو مقدار. ڪنهن فرد
تي، ڪنهن به وقت، غصو طاري ٿئي يا ٻين جذبن جي
اثر هيٺ، غلط فتويٰ ڏيئي وجھي، پر ائين سمجھڻ
ٿورو مشڪل آهي، ته ماڻهن جو وڏو تعداد، ساڳئي
وقت، ڪنهن خاص جذبي ماتحت غلطيءَ جو شڪار بڻجي
ويندو.
انهن سڀني خوبين جي باوجود جمهوريت اشرافيا جي حڪومت کان گهٽ
درجي جي آهي. جمهوريت، برابريءَ جي غلط تصور
تي بيٺل آهي ۽ اها انهيءَ خام خيال سان شروع
ٿي ٿئي، ته جيڪڏهن ماڻهو هڪ ڳالهھ ۾، هڪ ٻئي
جي برابر آهن، ته ان صورت ۾ هو ٻين سڀني
ڳالهين ۾ پڻ برابر آهن، ڇاڪاڻ ته سڀني ماڻهن
کي هڪ جيتري آزادي آهي، ته هو مڪمل مساوات ۽
برابريءَ جي دعويٰ ڪن، انهيءَ ڳالهھ جو انجام
اهو ٿو ٿئي، جو تعداد خاطر، قابليت قربان ڪئي
وڃي ٿي ۽ اڪثريت حاصل ڪرڻ لاءِ دوکيبازي ۽
حيلي سازيءَ کان ڪم ورتو وڃي ٿو. عام ماڻهو
آسانيءَ سان گمراهه ٿي سگهن ٿا. هو پنهنجن
راين متعلق غير مستقل مزاج يعني ڦرندڙ گهرندڙ
آهن. تنهن ڪري چونڊن جو حق صرف عقلمند ماڻهن
تائين محدود ڪرڻ گهرجي. اسان کي گهرجي، ته
اشرافيا جي حڪومت ۽ جمهوريت جون خوبيون جمع
ڪري، هڪ نئين حڪومت بنايون.
دستوري حڪومت هيءَ خوشگوار ميلاپ پيش ڪري ٿي. اسان کي پڇڻ
گهرجي، ته گهڻين رياستن لاءِ بهترين دستور
ڪهڙو آهي ۽ گهڻن ماڻهن لاءِ بهترين زندگي ڪهڙي
آهي؟ اسان کي خوبي جو اهو معيار تسليم ڪرڻ نه
گهرجي، جو عام ماڻهن کان مٿي هجي، نه وري اها
ڳالهھ تسليم ڪرڻ گهرجي ته سڀني ماڻهن جي فطرت
۽ حالتن، کين اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ آماده
ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح هڪ مثالي رياست جو اهڙو
تصور، جنهن تائين پهچڻ محال آهي، سو به بيڪار
آهي. اسان کي اها ڳالهھ ذهن ۾ رکڻ گهرجي، ته
ماڻهن جي اڪثريت، ڪهڙي قسم جي زندگي حاصل ڪرڻ
جي قابل آهي ۽ ڪهڙي قسم جي حڪومت، عام طرح،
اسان جون رياستون حاصل ڪري سگهن ٿيون. شروعات
۾ اسان کي هيءُ عام مروج اصول تسليم ڪرڻ
گهرجي، ته رياست جي اها پارٽي، جيڪا دستوري
حڪومت جو سلسلو جاري رکڻ چاهي ٿي، سا ان
پارٽيءَ کان وڌيڪ طاقتور هئڻ گهرجي، جيڪا ائين
نٿي چاهي. طاقت صرف تعداد تي مدار نٿي رکي، نه
صرف دولت تي ۽ نه ئي صرف فوجي ۽ سياسي قابليت
تي. پر انهن سڀني ڳالهين جي ميلاپ يا جوڙ تي.
تنهن ڪري نه فقط عددي برتريءَ تي ڌيان ڪرڻ
گهرجي، بلڪ ان سان گڏ آزادي، دولت، تمدن ۽
اعليٰ خاندان پڻ توجھه جي لائق آهي. هاڻي سوال
آهي، ته اهڙي اقتصادي اڪثريت ڪٿان لڀي، جيڪا
اسان جي دستوري حڪومت جي مدد ڪري. شايد وچيون
طبقو، اسان جون اميدون پوريون ڪري سگهي. هن
حالت ۾ پڻ اسان کي اعتدال کان ڪم وٺڻو پوندو،
ڇاڪاڻ ته دستوري حڪومت خود، جمهوريت ۽ اشرافيا
جي حڪومت جي وچ ۾ آهي. اسان جي رياست ڪافي حد
تائين جمهوريت هوندي، جيڪڏهن هر هڪ عهدي لاءِ
سڀني ماڻهن کي اميدوار بيهڻ جو پورو پورو
موقعو ڏنو وڃي، ساڳئي وقت اها ڪافي قدر،
اشرافياجي اصولن تي بيٺل هوندي، جيڪڏهن عهدن
ماڻڻ جو حق صرف انهن کي ڏنو وڃي، جن عهدن
سنڀالڻ لاءِ تعليم۽ تربيت ورتي هجي. بهرحال
ڪهڙي به رستي ۽ ڪهڙي به وسيلي هيءُ سياسي
مسئلو اسان جي سامهون اچي ٿو، پر نتيجو هميشه
ساڳيو ئي نڪرندو، ته قوم کي ئي مقصد ۽ مفادن
بابت فيصلو ڪرڻ گهرجي. پر انهن مقصدن کي حاصل
ڪرڻ جا طريقا ۽ رستا، خاص تعليم ۽ تربيت حاصل
ڪيل ماهر ئي چونڊ ڪن ۽ انهن کي عمل ۾ آڻين.
ٻين لفطن ۾ مطلب هي آهي، ته چونڊ ڀلي عام
ماڻهو ڪن، پر عهدا، رڳو تربيت يافته چونڊيل
ماهرن لاءِ مخصوص ڪجن.
تنقيد Criticism
ارسطوءَ جو فلسفو پڙهندي، اسين محسوس ڪريون ٿا ته ان ۾ اهڙي
ڪابه ڳالهھ ڪانه آهي، جيڪا اسان جي اندر ۾
سرمستيءَ جو عالم برپا ڪري. جوش ۽ جذبي سان
سندس آجيان ڪرڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته سندس فطرت
۾، ڪنهن به شيءِ لاءِ جوش ۽ جذبو پيدا ٿيڻ
مشڪل هو ۽ هن چيو ٿي، جيڪڏهن توهان مون کي
روئندي ڏسڻ چاهيو ٿا، ته پهرين توهان روئو.
سندس قول آهي، ته ڪنهن به شيءِ تي حيرت نه
ڪريو. هن حالت ۾ اسان سندس زندگيءَ جو اصول
ٽوڙڻ نٿا چاهيون. هن ۾ افلاطون وانگر تعميري ۽
اصلاحي جوش ۽ ولولو نه آهي. هن ۾ انسانذات
لاءِ اها شديد محبت نه آهي، جنهن سبب افلاطون
جهڙو تصوري فلسفي، پنهنجن رفيقن مٿان ملامت جا
تير وسائيندو رهيو. ارسطوءَ ۾ پنهنجي استاد
جهڙي بي باڪ اصليت نه آهي ۽ نه وري هن ۾ اهڙو
بلند حوصلو ۽ تصور آهي. انهن سڀني ڳالهين جي
باوجود افالاطون پڙهڻ کان پوءِ، ارسطوءَ جي
شڪي خاموشي مفيد ثابت ٿئي ٿي.
اچو ته انهن ڳالهين جو تت ڏيون، جن بابت اسين هن سان متفق نه
آهيون. شروع کان وٺي هو منطق تي وڌيڪ زور ڏئي
ٿو، جنهن ڪري انسان جو من منجھي پوي ٿو. هو
سمجهي ٿو ته منطقي قياس، انساني عقل ڪم آڻڻ جي
طريقي جو بيان آهي، حقيقت ۾ منطقي قياس،
پنهنجي عقل کي پوشاڪ پهرائي، ٻئي انسان وٽ پيش
ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي، ان لاءِ ته هو هرکجي،
اسان جي عقل کي قبول ڪري. هو سمجھي ٿو، ته
اسان خيال، بيان سان شروع ڪريون ٿا ۽ پوءِ
نتيجا ڳولهي لهون ٿا. پر درحقيقت، خيال فرض
ڪيل نتيجن سان شروع ٿئي ٿو ۽ پوءِ انهن نتيجن
کي ثابت ڪرڻ لاءِ اسين بيان ڳولهي لهون ٿا.
هٿرادو پيدا ڪيل، پنهنجي ضابطي هيٺ آندل ۽
عليحده ڪيل حالتن هيٺ تجربا ڪري، اسان ڪي خاص
خاص واقعا جاچيون ٿا. اهڙيءَ ريت پهريائين
اسان بيان ڳولهي لهون ٿا، جن جي بنياد تي،
پنهنجي قياس آرائين جي تصديق ڪريون ٿا. تنهن
هوندي به، اها ڪهڙي نه بيوقوفي ٿيندي، جيڪڏهن
اسان اها ڳالھه وسارينداسون، ته ٻن هزارن
ورهين جي ڊگهي عرصي، ارسطوءَ جي منطق ۾ صرف ڪي
چند اتفاقي ڦيريون گهيريون آنديون آهن. آڪام
(Occam)
بئڪن
(Bacon)،
وهيويل
(Whewell)
۽ مل
(Mill)
يا ڪيترن ٻين فلسفين صرف ارسطوءَ جي آفتاب ۾
ڪي ٿورا داغ ڏٺا آهن. خيال جي هن نئين ضابطي
جي پيدائش ۽ ان جون حدون مقرر ڪرڻ، انساني
دماغ جي پائدار حاصلات مان هڪ آهي.
تجربن ۽ زرخير قياس جي غير موجودگي، ارسطوءَ جي قدرتي سائنس کي
هڪ اڻ هضم ٿيندڙ تجربن جي انبار وانگر پيش ڪيو
آهي. هن جي خصوصيت آهي، مواد ڪٺو ڪرڻ ۽ ان جي
درجا بندي ڪرڻ، هرهڪ شعبي ۾ هو درجا مقرر ڪري
ٿو ۽ فهرستون ٺاهي ٿو. تجزيي ڪرڻ جي لاڙي ۽
قابليت سان گڏ، هو افلاطون وانگر
مابعدالطبعيات جو عادي آهي. ان ڪري هو سائنس
جون حدون ٽپي، غير تصديق ڪيل مفروضن طرف هرکجي
وڃي ٿو. يوناني ذهن جي اها هڪ وڏي خامي هئي.
يوناني ذهن ۾ ضابطو نه هو. ان کي حدن مقرر ڪرڻ
۽ ثابت قدم رهڻ جي روايت جي ضرورت هئي. هڪ
مشڪوڪ ميدان ۾ ڪاهي پوڻ ۽ فوري طور نظريا ۽
نتيجا قائم ڪرڻ، يونانين جو هڪ خاص مشغلو
هوندو هو، انهيءَ ڪري يوناني فلسفو اهڙي ته
بلنديءَ تائين پهچي ويو جو وري اهڙي بلندي
ڪنهن به حاصل نه ڪئي، پر ساڳئي وقت يوناني
سائنس کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ آهستي آهستي
منڊڪائيندي هلي. موجوده زماني جو خطرو ان جي
بلڪل برعڪس آهي. ويسووس
(Vesuvius)
جي لاوي وانگر، هر طرف کان تجربي جو مواد اچي
ڪٺو ٿيو آهي. اڻ مرتب [اڻ سهيڙيل] حقيقتون
اسان کي ايترو ته وڪوڙي ويون آهن، جو اسان جو
ساهه گهٽجي رهيو آهي. مرتب ڪندڙ خيال ۽ متحد
ڪندڙ فلسفي جي غير موجودگيءَ ۾، موجوده علمي
مواد، اسان جي من کي مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو
آهي. هر هڪ علمي شعبي لاءِ، خاص ماهرن جي
ضرورت آهي، جن کي صرف پنهنجي خاص شعبي جو علم
هجي. مطلب ته هن زماني ۾ ڪامل انسان پيدا ٿيڻ
مشڪل آهي. اسان سڀ هڪ مشين جا پرزا بنجي ويا
آهيون.
ارسطوءَ جي ”اخلاقيات“ سندس منطق جي هڪ شاخ آهي. مثالي زندگي به
هر صحيح منطقي قياس وانگر آهي. هو اسان جي
اصلاحي جذبن کي اڀاري نٿو. پر آداب اخلاق جي
قاعدن جو ڪتاب پيش ڪري ٿو. هڪ قديم نقاد هن
بابت چيو آهي ته، ”ارسطو حد کان وڌيڪ اعتدال
پسند هو، شايد ڪو انتها پسند، سندس ڪتاب
’اخلاقيات‘ کي اجاين ۽ خشڪ نصيحتن جو مجموعو
سڏي. آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج ۾، جن شاگردن کي،
ارسطوءَ جي اخلاقيات زبردستيءَ پڙهائي ويئي،
انهن ڄڻ ته پنهنجي آئينده گناهن جي سزا اڳ ۾
ئي ڀوڳي ڇڏي. جيڪي هُنن، سلطنت شاهيءَ جي دور
۾ ڪيا هوندا. اسان جي خواهش آهي ته سندس خشڪ
صفحن سان تازا ساوا پن، پڻ ملايون ۽ سندس خالص
ذهني خوشيءَ سان حواسن جا مزا پڻ شامل ڪريون.
ڪهڙو عجب ته ارسطوءَ جي انتها اعتدال واري
اصول، انگريز ذهن جي اميدن تي اثر ڄمايو هجي
۽ هو پڻ بي رنگ نيڪي، خشڪ ڪماليت ۽ بي زبان
سهڻي صورت جا قائل ٿي ويا هجن. ميٿيو آرنولڊ
(Mathew Arnold)
اسان کي ٻڌائي ٿو ته سندس زماني ۾ آڪسفورڊ جا
ستاد، اخلاقيات کي بي نقص ڪري سمجھندا هئا.
سڄا سارا ٽي سو سال ’اخلاقيات‘ ۽ ’سياسيات‘
حڪمران انگريزن جي ذهن جا سرچشما رهيا آهن.
انهن ٻن ڪتابن جي اثر سان ئي انگريزن، اعليٰ ۽
شاندار سوڀون حاصل ڪيون آهن. پر يقيني طور
ساڳئي وقت هُو سخت ۽ بي حس ڪاڪردگيءَ جا مالڪ
بنيا آهن. جيڪڏهن انهن ٻن ڪتابن جي بدران دنيا
جي اعليٰ سلطنت جي مالڪن، ’جمهوريت‘ جي مقدس
گرمجوشي ۽ تعميري جذبن مان فيض پرايو هجي ها،
ته ڪهڙو نه سهڻو نتيجو نڪري ها؟
ارسطو مڪمل يوناني ذهن نه هو. هو اٿينس ۾ اچڻ کان اڳ ئي رچي راس
ٿيو هو. اٿينس جي رهواسيءَ جي منجھس ڪابه خصلت
ڪانه هئي. هن کي اٿينس جا تڪڙا ۽ جوشيلا تجربا
پسند نه هئا، جن اٿينس کي سياسي سرگرمي جو
مرڪز بنائي ڇڏيو ۽ آخرڪار کيس هڪ متحد ڪندڙ
شهنشاهه جو غلام ڪري ڇڏيو. هن مڪمل طور
ڊيلفيءَ جا الاهي آواز کي تسليم ڪيو ته گھڻائي
کان پاسو ڪريو. انتها تائين پهچڻ لاءِ هو اهڙو
ته ماندو آهي، جو آخرڪار ڪجهھ به باقي نٿو
رهي. بدانتظاميءَ کان هو ايترو ته ڊڄي ٿو، جو
غلاميءَ جا خطرا به کائنس وسري وڃن ٿا. غير
يقيني تبديليءَ کان ايترو ته ٽهي ٿو، جو هو
موت مثل سڪون کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو. هيرا، قلطس
جي فلسفي، هن تي ڪو اثر ڪونه ڪيو.، نه ته هو
هڪ قدامت پسند وانگر اعتبار ڪري ها، ته هرڪا
دائمي تبديلي آهستي آهستي ٿيندي آهي ۽ هڪ
انتهاپسند وانگر يقين ڪري ها، ته ڪنهن به قسم
جو سڪون دائمي ٿي ئي نٿو سگهي. هو اها ڳالھه
وساري ٿو ڇڏي، ته افلاطون جي اشتراڪيت، صرف
چند چونڊ شخصن لاءِ آهي، جيڪي بي غرض لاطمع
آهن. هو ڦري گهري، وري افلاطون جي نتيجي تائين
پهچي ٿو. جڏهن هو چوي ٿو، ته جيتوڻيڪ ملڪيت
شخصي هئڻ گهرجي، پر جيتري قدر ٿي سگهي، ان جو
استعمال مشترڪ هئڻ گهرجي. هن مان اها اميد نٿي
رکي سگهجي، ته اوائلي دور ۾ اها ڳالھه سمجهي،
ته پيدائشي طريقن مٿان، شخصي قبضو، محض انهن
حالتن ۾ اشارو پيدا ڪندڙ ۽ مفيد ثابت ٿئي ٿو،
جڏهن اهي طريقا اهڙا ته سادا هجن جو هرهڪ شخص
انهن کي آسانيءَ سان خريد ڪري سگهي. پيدائشي
ذريعن جي پيچيده ۽ قيمتي ٿيڻ ڪري، صنعتي
ادارا، صرف چند سرمائيدارن ۽ طاقتور شخصن جي
هٿ وس ٿي پيا. انهيءَ ڪري ئي عوام جي آسودگيءَ
لاءِ خطرو پيدا ٿيو، جنهن ڪري ئي هڪ مصنوعي ۽
تفرقو پيدا ڪندڙ، ناهمواريءَ جو بنياد پيو.