سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
فلسفي جي ڪهاڻي |
باب:
-- |
صفحو :16 |
سن 1784ع ۾ هن هڪ ننڍي مقالي جي صورت ۾ پنهنجو
سياسي نظريي جو اظهار ڪيو هو، جنهن جو عنوان
هو ”سياسي نظام جو قدرتي اصول“ ڪانٽ قبول ٿو
ڪري، ته هر جيو جي ٻين سڀني جيون سان جدوجهد
مان قدرت جو مقصد ئي آهي. ته زندگيءَ جون
پوشيدهه قوتون رچي راس ٿين. ترقيءَ لاءِ
جدوجهد نهايت لازمي آهي. جيڪڏهن انسان نهايت
ملي جلي رهڻ جا خواهشمند هجن ها، ته انسان ذات
ساڳئي ئي جاءِ تي بيٺل هجي ها. انساني نوع جي
حفاظت ءٌ بهبودي لاءِ اهو ضروري آهي، ته ڪجهه
قدرت انفراديت ۽ چٽاڀيٽي هجي. ”غير معاشرتي
خصلتن بغير انسان اڃا تائين جيڪر ڌنارن واري
ميٺ محبت جي زندگيءَ بسر ڪن ها، پر ان حالت ۾
سندس پوشيده قابليتون هميسه ٻج جي صورت ۾ رهن
ها ۽ ڪڏهن به ڪين اسرن ها، اسان کي قدرت جو
ٿورائتو ٿيڻ گهرجي، جو قدرت اسان ۾ مقابلي جو
مادو ۽ رشڪ ڪرڻ واري دل عطا ڪئي. قدرت جا لک
شڪرانا جو اسان ۾ مال گڏ ڪرڻ ۽ قوت حاصل ڪرڻ
جو جذبو پيدا ٿيو. انسان صلح ۽ امن چاهي ٿو،
پر قدرت کي بهتر علم آهي، ته انساني نوع لاءِ
ڇا فائديمند آهي. قدرت ڦڙڦوٽ پيدا ڪرڻ جو
ارادو رکي ٿي، جيئن انسان هميشه پنهنجن بهتر
قوتن کي ڪم آڻي ۽ پنهنجن قدرتي قابليتن کي
وڌائي.“
زندهه رهڻ لاءِ ڪشمڪش هڪ خراب فعل نه آهي،
تنهن هوندي به انسان محسوس ڪن ٿا، ته ان ڪشمڪش
کي محدود ڪجي ۽ ڪن قاعدن قانونن ۽ ريتن رسمن
ماتحت ڪجي. ان ڪري ئي معاشرتي شهري زندگيءَ جي
شروعات ۾ واڌ ٿي. جهنگلي زندگيءَ جي غير
معاشرتي خصلتن کان پوءِ اهستي آهستي انسانن ۾
شهريت جو جذبو پيدا ٿيو، تان جو مختلف قومون ۽
رياستون ٺهي تيار ٿيون، هن وقت مختلف قومن ۽
ملڪن جي وچ ۾ خارجي معاملن متعلق ڇڪتاڻ هلندڙ
آهي، ڇو جو هڪ ملڪ کي مڪمل آزادي آهي، ته ٻين
ملڪن سان ڪهڙو به ورتاءُ ڪري. اڳي جو ظلم هڪ
فرد ٻئي فرد سان ڪندو هو، سو ساڳيو ظلم هاڻي
هڪ ملڪ ٻئي ملڪ سان ڪري سگهي ٿو. وقت اچي ويو
آهي، جو قومون، فردن وانگر، جهنگلي حالتن مان
نڪري پار ٿين ۽ صلح قائم ڪرڻ لاءِ معاهدو ڪن.
تاريخ جي سڄي معنيٰ ۽ تحريڪ ان ڳالهه ۾ سمايل
آهي، ته ڪيئن انسان لوڀ لالچ ۽ ظلم زبردستيءَ
کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪيتري قدر ان ڏس ۾
ڪاميابي حاصل ڪئي. ”انساني نسب جي تاريخ فقط
اهو ڏيکاري ٿي، ته قدرت کي هڪ ڳجهي رٿ آهي، ته
ڪيئن سياسي دستور تيار ڪيو وڃي، جو اندروني ۽
ٻاهرين طور مڪمل هجي ۽ جنهن جي ذريعي انسان
ذات جون قابليتون خوبيءَ سان وڌن ۽ ويجهن.“
جيڪڏهن اهڙي ڪا ترقي نه ٿي آهي، ته پوءِ
سلسليوار تهذيبن جون ڪوششون ائين آهن، جيئن
جبل تي پٿر اڇلائڻ، جتان اهو پاڻ مرادو اچيو
پٽ پوي. تاريخ پوءِ محض هڪ بي انتها ۽ چڪردار
بيوقوفي ٿيندي. ان حالت ۾ شايد اسان هندن
وانگر ائين سمجھون، ته ڌرتي ماتا اسان جي
گذريل پاپن جي جزا ڀوڳڻ لاءِ هڪ جڳهه آهي.
ان کان پوءِ سن 1795ع ۾ جڏهن ڪانٽ ايڪهتر
ورهين جو هو، تڏهن هن ”دائمي صلح“ تي مضمون
لکيو، جنهن ۾ هن ساڳي ئي موضوع تي شاندار
اضافو ڪيو. ڪانٽ ڄاڻي ٿو، ته ان اصلاح تي کلڻ
ڪهڙو نه سولو آهي. ڪانٽ شڪايت ٿو ڪري، ته اسان
جي حاڪمن کي عوام جي تعليم ۽ تربيت لاءِ پيسو
ڪونه آهي. ڇاڪاڻ ته سڄو خزانو ايندڙ لڙائيءَ
جي ڀيٽا رکيو وڃي ٿو. قومون مهذب نه ٿينديون،
جيستائين مستقل فوجن کي هٽايو نه ٿو وڃي. هن
رٿ پيش ڪرڻ جي بهادري ان مان ظاهر آهي، ته اهو
پرشيا جو ئي ملڪ هو، جتي پهريون دفعو زوري
ڀرتي جاري ڪئي وئي. مستقل فوجون ٻين ملڪن کي
جوش ڏيارن ٿيون، ته اهي پڻ لشڪر جي تعداد ۽
جنگي ساز و سامان ۾ ٻين ملڪن کان گوءِ کڻي
وڃن، تان جو جيئن پوءِ تيئن قصو وڃي وڌندو. ان
وڏي خرچ ڪري، صلح جو عرصو جنگ جي عرصي کان
وڌيڪ تڪليف وارو ثابت ٿئي ٿو. اهڙيءَ ريت
مستقل فوجون ان وڏي خرچ کي دور ڪرڻ لاءِ
جارحانا جنگين جو باعث ٿيو پون، ڇاڪاڻ ته
لڙائيءَ جي دوران فوجون ڦرمار ڪري، پنهنجي
رهائش ۽ کاڌي خوراڪ جي انتظام پاڻهي ڪنديون،
پوءِکڻي هو ٻئي ملڪ کي کٽين يا پنهنجي ملڪ کي.
ڪانٽ جي خيال موجب اها حالت به ان کان بهتر
آهي، ته سرڪاري خزاني مان فوجن کي برقرار رکيو
وڃي.
ڪانٽ جي راءِ موجب هيءُ فوجي نظام ان ڪري قائم
ٿيو آهي، جو يورپ آمريڪا، آفريڪا ۽ ايشيا طرف
هٿ ڊگهيريا آهن. چور جيئن چوريءَ جي مال تي
وڙهندا آهن، تيئن يورپ جا ملڪ به پرائي مال تي
وڙهڻ لڳا آهن. ”جيڪڏهن اسان يورپ جي مهذب ۽
واپاري رياستن جي ٻين ملڪن سان ناانصافي جو
تصور ڪريون، ته جيڪر خوف وچان ڏڪي وڃون، جڏهن
يورپ وارا آمريڪا، آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن تي
پنهنجو ديرو ڄمائڻ لڳا. تڏهن ائين سمجھيائون،
ته اهي ملڪ ڪنهن جا به نه هئا. ڇاڪاڻ ته
اصلوڪا رهواسي ته سندس خيال ۾ انسان ئي ڪونه
هئا. اهي ڪم انهن ماڻهن جا هئا. جيڪي پاڻ کي
پرهيزگار ۽ مهذب عيسائي سمجهندا هئا. ظلم ۽
استبداد ۾ ٽمٽار ٿيل قومون پاڻ کي حضرت عيسيٰ
عليہ السلام جي ڪليسا جا مقدس علمبردار ڪري
سمجهنديون هيون.“ ڪونگسبرگ جي ٻڍي لومڙ کي اڃا
تائين خاموش نه ڪيو ويو هو.
ڪانٽ، ڌارين ملڪن تي تسلط ڄمائڻ جي لالچ،
يورپي رياستن جي چنيسري حڪومت نظام سان منصوب
ڪري ٿو. حرام جو مال صرف چند خوش نصيبن کي
حاصل ٿئي ٿو ۽ ورهاست کان پوءِ به ڪافي مقدار
۾ رهي ٿو. جيڪڏهن صحيح جمهوريت قائم ڪئي وڃي ۽
سڀني کي هڪ جيترا سياسي حق هجن، ته پوءِ بين
الاقوامي ڦرمار جو مال ايترن ته گهڻن حصن ۾
ورهائجي وڃي، جو ان لاءِ لالچ گهڻي قدر گهٽجي
وڃي. تنهن ڪري دائمي صلح جي شرطن مان سڀ کان
پهريون هيءُ آهي، ته سڀ ڪنهن رياست جو دستور
جمهوري اصولن تي ٺاهيل هجي ۽ عام راءِ وٺڻ کان
سواءِ جنگ جو اعلان نه ڪيو وڃي. جيڪڏهن جنگ يا
صلح بابت فيصلو انهن تي ڇڏيو وڃي، جيڪي خود ان
۾ اهم حصو وٺن ٿا، ته پوءِ جيڪر تاريخ رت جي
اکرن سان نه لکي وڃي. ٻي حالت ۾ هڪ حاڪم جو
پاڻ کي رياست جو والي ٿو سمجهي، تنهن کي
پنهنجو شخصي عيش عشرت لڙائيءَ سبب قربان ڪرڻو
نه ٿو پوي، جنهن ڪري هو ٿوري ئي سبب ڪري لڙائي
جو اعلان ڪري سگهي ٿو، ڄڻ ته لڙائي پڻ هڪ قسم
جو شڪار آهي. پنهنجي گناهه کي لڪائڻ لاءِ هو
هزارين قسمن جي تبليغ ڪري ٿو ۽ ايلچي روانا
ڪري ٿو، جيڪي سندس خذمت لاءِ هر وقت تيار ويٺا
آهن. اها حقيقت موجوده زماني جي حالتن سان
ڪهڙي نه ٺهڪي اچي ٿي.
فرينچ انقلاب جي رجعت پسند طاقتن مٿان سوڀ مان
ڪانٽ جي دل ۾ اميد جاڳي، ته هاڻي يورپ ۾
جمهوري دستور قائم ٿيندو ۽ بين الاقوامي نظام
پيدا ٿيندو، جنهن مطابق غلامي، ظلم بند ٿيندو
۽ دائمي صلح جا آثار نمودار ٿيندا. حڪومت جو
فرض صرف هيءُ آهي، ته فرد کي ترقيءَ جي راهه
تي گامزن ڪري ۽ نه ان کي پيڙي. هرهڪ انسان جي
عزت ڪرڻ جڳائي، ڄڻ ته هو پنهنجي سر هڪ نصب
العين آهي، ڪنهن خارجي مقصد لاءِ هن کي
استعمال ڪرڻ سنس شان ۾ رُخنو آهي. هيءُ اصول
به ان لاءزمي امر جو حصو آهي، جنهن کان سواءِ
مذهب هڪ تماشو آهي. ڪانٽ ان ڪري مساوات جي
تقاضا ڪري ٿو، قابليت جي مساوات نه، پر قابليت
کي وڌائڻ ۽ عملي جامون پهرائڻ لاءِ موقعن جي
مساوات. هُو ڄم ۽ رتبي جي حقن جي ترديد ڪري ٿو
۽ موروثي حقن کي گذريل زماني جي جابراڻي سوڀ
جو اثر ڪري ليکي ٿو. گوڙ گمسان، رجعت پسندي ۽
يورپ جي حاڪمن جي انقلاب خلاف ٻڌيءَ جي وچ ۾
ڪانٽ جو نور چمڪي رهيو هو. ستر سالن جو ٻڍو هڪ
نئين نظام، جمهوريت ۽ آزادي لاءِ تڙپي رهيو
هو. ڪڏهن به هڪ ٻڍي اهڙي جوان آواز سان نه
پڪاريو هو.
پر هاڻي هو ٿڪجي پيو هو. هن پنهنجو ڪم پورو
ڪيو هو ۽ پنهنجي جنگ جوٽي هئي. آهستي آهستي
سندس دماغ ٻاراڻي اٻوجھائيءَ طرف مائل ٿيو ۽
آخرڪار بي ضرر ديوانگيءَ جو شڪار ٿيو. هڪ هڪ
ٿي سندس احساسن ۽ قوتن کيس جواب ڏنو. سن 1804ع
۾، جڏهن هو اڻاسي سالن جي ڄمار جو هو، هو
خاموشي سان گذاري ويو، جيئن هڪ پن وڻ مان ڪري
پوندو آهي.
تنقيد ۽ تخمينو:
Criticism and Estimate
هاڻي اچو ته ڏسون، ته هڪ صديءَ جي طوفانن کان
پوءِ سندس منطق، مابعدالطبعيات، نفسيات،
اخلاقيات ۽ سياسيات جي عمارت ڪيتري قدر پختي ۽
پائدار آهي. اهو جواب خوشگوار ٿيندو، ته ان
اعليٰ عمارت جو ڳچ حصو اڃا تائين قائم آهي ۽
سندس تنقيدي فلسفو خيال جي تاريخ ۾ هڪ دائمي
اهميت رکندڙ واقعو آهي. پر ڪيترن تفصيلن ۽
ٻاهرينءَ ٺاهه ٺوهه تي وقت جو ڪافي اٿر پيو
آهي.
پهريائين هي سوال غور طلب آهي، ته ڇا مڪان
فقط احساس جي صورت آهي ۽ کيس ادراڪي ذهن کان
آزاد خارجي حقيقت [وجود] نه آهي؟ ان سوال جو
جواب ها به آهي ۽ نه به. هائو، ڇاڪاڻ ته
جيڪڏهن مڪان ڪن ڏنل وائٽل جسمن سان ڀريل نه
آهي، ته پوءِ ان جو تصور خالي آهي. مڪان جو
صاف مطلب هيءُ آهي، ته ڪي جسم ڪن ٻين جسمن سان
طرف ۽ مفاصلي جي نسبت رکندڙ آهن، ان نسبت جو
ايستائين تصور ڪري نه سگهبو. جيستائين
پهريائين ان مڪان جو تصور نه ڪبو. جنهن ۾ اهي
جسم موجود آهن. ساڳيءَ طرح جسمن جي غير
موجودگيءَ ۾ مڪان جو تصور ڪابه معنيٰ نه ٿو
رکي. ٻاهريون ادراڪ صرف مڪان ۾ رهندڙ جسمن جو
ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري مڪان يقينن ٻاهرين احساس
جي لازمي صورت آهي. ساڳي سوال جو جواب نفيءَ ۾
به ٿي سگهي ٿو. جهڙوڪ: ڌرتيءَ جو سج جي چوڌاري
بيضوي طور ڦرڻ ڪنهن به ذهني ادراڪ جو محتاج نه
آهي، نيلي رنگ وارو اونهو مهاساگر هميشه اٿل
پٿل ڪندو رهندو آهي ۽ ڪندو رهندو، جيتوڻيڪ
قدرتي حقيقت کي شاعراڻي تصور ۾ پيش ڪري يا نه.
نه وري مڪان لامڪاني احساسن جي ميلاپ مان
ٺاهيل تصور آهي. مختلف جسمن ۽ نقطن کي ڏسندي
ئي هڪدم اسان مڪان ڏسون ٿا. جهڙوڪ: جيئن ڪو
جيت زمين تي چري ٿو، تيئن ئي اسان مڪان جو
ادراڪ ڪريون ٿا. ساڳئي حقيقت زمان سان به
لڳائي سگهجي ٿي. يعنيٰ ان کي به اندروني ۽
ٻاهرين حيثيت آهي. اڳ ۽ پوءِ جو احساس يا حرڪت
جي ماپ کي اڪثر ڪري وقت يو ويندو آهي، اهو
تصور اندروني ۽ گهڻي قدر نسبتي آهي. پر ساڳئي
وقت هڪ وڻ ٻڍو ٿيندو آهي ۽ زواليت تي پهچندو،
جيتوڻيڪ اسان وقت جي گذرڻ جو تخمينو ڪريون يا
نه. حقيقت هيءَ آهي، ته ڪانٽ مڪان جي موضوعيت
[داخليت] ثابت ڪرڻ لاءِ اهڙو ته منتظر هو، جو
کيس مڪان جي معروضيت [خارجيت] ڏسڻ ۾ ڪانه آئي.
هو ماديت کان پناهه گهري رهيو هو. کيس ان دليل
جو ڊپ هو، ته جيڪڏهن مڪان خارجي ۽ ڪُلي حيثيت
رکندڙ آهي، ته پوءِ خدا جو مڪان ۾ رهندڙ آهي،
تنهن کي پڻ مڪاني ۽مادي حيثيت هئڻ گهرجي. کيس
تنقيدي تصوريت سان راضي ٿيڻ کپندو هو، جيڪا
ڏيکاري ٿي، ته هر حقيقت احساسن ۽ تصورن جي
ذريعي اسان تائين پهچي ٿي. ان ٻڍي لومڙ ايتري
ته گهڻي مال ۾ چڪ هنيو جو هو ان کي چٻاڙي نه
سگهيو.
اهو پڻ بهتر ٿئي ها، جو هو سائنس جي سچ کي صرف
اضافي سچ ڪري مڃي ها ۽ قطعي سچ جي دوکي ۾ پاڻ
کي نه ڦاسائي ها. موجوده زماني جا عالم جهڙوڪ:
انگلينڊ ۾ پيئرسن
(Pearson)،
جرمنيءَ ۾ مئش
(Mach)
۽ فرانس ۾ هينري پانڪي
(Henri poincare)،
هيوم سان وڌيڪ متفق راءِ آهن. خود علم رياضي
جو سچ به اضافي سچ آهي. سائنس ان باري ۾
پريشان نه آهي، ممڪنات جو اوچو درجو ان کي
راضي ڪري ٿو. شايد جبري علم درحقيقت جبري نه
آهي.
ڪانٽ جي اعليٰ ڪاميابي هيءَ هئي. ته خارجي
دنيا جي خبر اسان کي صرف حواسن جي ذريعي پوي
ٿي ۽ نفس محض هڪ بي حس و حرڪت پٽي ياسليٽ نه
آهي، جنهن تي احساس جبرن [ڏاڍ سان] پنهنجا اثر
ڄمائي ٿو، پر هڪ چالاڪ ڪارڪن آهي، جيڪو آزمودي
کي جي چونڊ ڪري، ان جي نئين سر تعمير ڪري ٿو.
اسان ان ڪاميابيءَ مان ڪيتري به ڪَٽ ڪُوٽ ڪري
سگهون ٿا، پر سندس رتبي کي ڪوبه ضرر نه رسندو.
اسان شاپينهاور سان گڏ مٿس کلي سگهون ٿا، جو
هن درجن کن درجا مقرر ڪيا آهن، جن کي ڇڪي تاڻي
۽ سسائي ڦنڊائي اهڙي ته صورت ڏني اٿس، جيئن
اهي سڀني شين تي حاوي ٿين. اسان ان تي پن
اعتراض ڪري سگهون ٿا، ته اهي درجا اوليٰ آهن،
جيڪي احساس ۽ آزمودي کان اڳي جا آهن. شياد هڪ
فرد جي حالت ائين هجي، جيئن اسپينسر قبول ڪيو،
پر قوم انهن کي حاصل ڪيو آهي ۽ شايد پوءِ فرد
به انهن کي حاصل ڪيو هجي. شايد اهي درجا خيال
جن قدرتي واٽون هجن يا ادراڪ ۽ تصور جون
عادتون هجن، جن کي احساس ۽ ادراڪن آهستي آهستي
ٺاهيو هجي ۽ جن پاڻ کي پاڻمرادو منظم ڪيو هجي.
اهو حافظو آهي، جيڪو احساسن جي درجه بند ڪري ۽
انهن جي تشريح ڪري، انهن کي ادراڪن جي صورت
ڏئي ٿو ۽ ساڳيءَ ريت ادراڪن کي تصورن جي صورت
ڏئي ٿو. پر حافظو ته صرف هڪ وڌاءُ آهي. نفس جي
وحدانيت جيڪا ڪانٽ قدرتي سمجهي ٿو، سا حقيقت
ڪري گهڻي ڪوشش ۽ آزمودي کان پوءِ حاصل ڪئي
ويندي آهي ۽ اها سڀ انسان حاصل ڪري نه سگهندا
آهن ۽ نه ڪن ذهني بيمارين جي حالت ۾ ان کي
وڃائي به سگهجي ٿو. تصور به ڪاميابيءَ جي
دائري ۾ داخل آهن، اهي هڪ ڏات ڪونه آهن.
اڻويهين صديءَ ۾ ڪانٽ جي قطعي اخلاقي احساس
واري نظرئي جي سختيءَ سان تنقيد ڪئي وئي.
ارتقا جي فلسفي هيءُ خيال پيش ڪيو، ته اخلاقي
احساس گذريل صدين جو معاشرتي نظام ۽ مجموعي
نتيجو آهي. ضمير به آهستي آهستي حاصل ڪيو وڃي
ٿو. ڪو اخلاقي شخص يا معاشرتي انسان خدا جي
هٿن مان عجيب نموني ٺهي نه ٿو اچي، پر ارتقا
جي پيدائش آهي. اخلاقيات قطعي نه آهي. اهي هلت
چلت جا قاعدا قانون آهن، جيڪي جماعت جي حفاظت
خاطر اتفاق سان ٺهي راس ٿيا آهن ۽ جماعت جي
فطرت ۽ حالت مطابق ڦرن گهرن ٿا. اها قوم جيڪا
دشمنن سان وڪوڙيل آهي، سا پريشان ڪندڙ
انفراديت کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندي، پر اها
قوم جا مالي ۽ دفاعي خيال کان پاڻ کي سلامت
سمجهي ٿي، سان انفراديت جي همت افزائي ڪري ٿي،
ڇو جو ان ڪري ئي قومي اخلاق رچي راس ٿيندو.
ڪوبه عمل پنهنجي سر نيڪ ڪونه آهي. جيئن ڪانٽ
سمجهي ٿو.
سندس جواني پرهيزگاريءَ ۾ گذري ۽ هن جي سخت ۽
جاکوڙي زندگي جا فرض بي انتها هئا. هُن خوشي
ورلي ڏٺي. ان ڪري سندس لاءِ اخلاق طرف ٿيو.
آخرڪار هن ”فرض، فرض خاطر“ جو نعرو بلند ڪيو ۽
بنا ڪنهن ڄاڻ جي قطعيت جو شڪار ٿيو. هو فرض کي
خوشيءَ تي ترجيح ڏئي ٿو. هو خودپرستي ۽ لذتيت
جي ترديد ڪري ٿو. هڪ صديءَ جي رد عمل کان پوءِ
اسان وري وڃي، جسماني لذتن ۽ بداخلاقيءَ ۾
ڦاٿا آهيون. اسان انفراديت پسند ٿي پيا
آهيون، جنهن ۾ نڪو جمهوريت جو ضمير آهي، نڪو
اشرافيا جي حڪومت جو مان مرتبو. شايد اهو
ڏينهن اچڻ وارو آهي، جو اسان جي منتشر ٿيندڙ
تهذيب ڪانٽ جو سڏ سڻندي ۽ فرض جي اهميت محسوس
ڪندي.
ڪانٽ جي فلسفي جو معجزو هيءُ آهي، ته هن
پنهنجي ٻي تنقيد ۾ خدا، آزادي ۽ لافاني
زندگيءَ جي مذهبي تصورن جي سموري قوت سان
ورجاءُ ڪيو. ظاهري طور هن اهڙن تصورن کي پهرين
تنقيد ۾ برباد ڪيو هو. نٽشيءَ جي تنقيد ڪندڙ
دوست پال ري چيو آهي، ته ڪانٽ جي تصنيفن ۾
اسان ائين ٿا محسوس ڪريون، ته ڄڻ ته ڪنهن
ڳوٺاڻي ميلي ۾ آهيو. اسان اتان هر شيءِ خريد
ڪري سگهون ٿا. ارادي جي آزادي ۽ ارادي جي
غلامي، تصوريت ۽ تصوريت جي ترديد، دهريت ۽ خدا
۾ اعتقاد. جيئن هڪ بازيگر خالي ٽوپلي مان
قسمين قسمين جون شيون ڪڍندو ويندو آهي، تيئن
هو فرض جي تصور مان خدا لافاني ۽ آزادي ڪڍي ٿو
۽ پڙهندڙ کي حيران ڪري ٿو.“ شاپينهاور پڻ
ٽوڪبازي ڪري ٿو، ته سندس معاوضي جي ضرورت مان
لافاني زندگيءَ جو تصور ڪڍڻ درست نه آهي.
”ڪانٽ جو نيڪيءَ بابت تصور پهريائين بهادريءَ
سان خوشيءَ طرف اشارو ڪري رهيو هو، پر پوءِ ان
تصور پنهنجي خودمختياري وڃائي ڇڏي ۽ هڪ محتاج
جي صورت ۾ پڪارڻ شروع ڪيائين.“ ان اعليٰ
نااميد سمجهيو، ته ڪانٽ خود هڪ شڪي هو، جيڪو
غلام جي ايمان وڃائڻ کان هٻڪيو ٿي. ڇاڪاڻ ته
کيس ڊپ هو، ته متان شڪ پرستي عوام جي اخلاق کي
ڪيرائي. ”ڪانٽ نظرياتي دينيات جي بي بنيادي
هئڻ کي ظاهر ڪري ٿو، پر عوامي دينيات کي ڇهي
به نه ٿو، مورڳو ان کي شاندار صورت ۾ قائم ڪري
ٿو، ڄڻ ته اهو ايمان اخلاقي احساس تي ٻڌل
آهي.“ ان نڪتي کي پوءِ ڪوڙن فلسفين بگاڙي عقلي
سمجهه ۽ خدا جي شعور وغيره ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
ڪانٽ جيئن پراڻين، احترام ۽ عزت وارين غلطين
کي ڊاٺو ۽ ائين ڪرڻ جي خطري کان واقف هو، تيئن
هن ڪرندڙ عمارت جي هيٺان عارضي طور اخلاقي
دينيات جا ضعيف ٿنڀا کڙا ڪيا، ته ڪرندڙ عمارت
مان هن کي ضرر نه رسي ۽ کيس ڀڄي نڪرڻ جو وقت
ملي. هو پڻ چٿر بازيءَ جي نوع ۾ هڪ قصو ٿو
بيان ڪري، ته جيئن ڪانٽ مذهب کي برباد ڪرڻ کان
پوءِ پنهنجي نوڪر لئمپ سان گڏ گهمي رهيو هو،
تيئن هن پنهنجي نوڪر جي اکين مان ڳوڙها ڳڙندا
ڏٺا. ڪانٽ کي مٿس رحم آيو ۽ ڏيکاريائين، ته هو
نه فقط هڪ اعليٰ فلسفي هو، پر ساڳي وقت هڪ نيڪ
انسان پڻ هو، اڌ مهربانيءَ اڌ ٽوڪبازيءَ جي
طرز ۾ هن پنهنجي نوڪر کي مخاطب ٿي چيو: ”ٻڍائپ
۾ تنهنجي لاءِ خدا جو هئڻ ضروري آهي، نه ته
تون خوش نه رهندين. عملي عقل ائين چئي رهيو
آهي.“ جيڪڏهن اهي تشريحون سچيون آهن، ته پوءِ
اسان کي ڪانٽ جي ٻي تنقيد کي ”ماورائي بيهوش
ڪندڙ“ چوڻو پوندو.
پر اهڙي تشريح ۽ تنقيد ڳوڙهي ويچار جي گهرجائو
نه آهي. سندس مضمون ”مذهب خالص عقل جي حدن ۾“
ڏيکاري ٿو، ته سندس سچائي ڪيتري نه ڳوڙهي هئي.
ساڳي طرح مذهب جو بنياد دينيات مان ڦيرائي
اخلاق تي رکڻ جي ڪوشش فقط هڪ ڳوڙهي مذهبي ذهن
مان پيدا ٿي سگهي ٿي. سن 1766ع ۾ هن موسز
مينڊلسان
(Moses Mendelssohn)
ڏانهن لکيو، ته ”اها حقيقت آهي ته مان نهايت
صاف اعتقاد مان ڪيترين ئي شين تي سوچ ويچار
ڪريان ٿو، جن جي ظاهر ڪرڻ جي مون کي همت ڪانه
آهي. پر گهري فڪر ڪرڻ کان سواءِ مان ڪنهن
ڳالهه کي لفظي جامون نٿو پهرايان. اهو قدرتي
آهي، ته ’تنقيد‘ جهڙي ڊگهي ۽ رازدار مقالي جون
ڪيتريون ئي رقيب تشريحون ٿي سگهن ٿيون. ڪتاب
ظاهر ٿيڻ کان ٿورو پوءِ رينهولڊ
(Reinhold)
ان تي تبصور ڪيو، جنهن ۾ هن اهو چيو جو اسان
هن وقت چئي سگهون ٿا: ”تنقيد عقل محض بابت
ڪٽرپسند ماڻهن اعلان ڪيو، ته اها هڪ شڪ پرست
جي ڪوشش آهي، جيڪو سموري عمل جي يقيني کي
برباد ڪرڻ ٿو چاهي. شڪ پرست ماڻهن چيو، ته
ڪانٽ غرور سان پراڻي نظام جي تباهيءَ تي هڪ
نئون ڪٽرپسند نظام قائم ڪرڻ ٿو چاهي، مافوقيت
وارن چيو، ته اها هڪ چالاڪ ماڻهوءَ جي رٿ آهي،
جو مذهب جون تاريخي پاڙون پٽڻ ٿو چاهي ۽ سوا
ڪنهن ضرورت جي فطريت قائم ڪرڻ ٿو چاهي، فطريت
وارن چيو، ته اهو ڪتاب مرندڙ ايمان جي فلسفي
جو هڪ نئون ٿنڀو آهي، ماديت وارن چيو، ته اها
مادي جي حقيقت جي تصوري ترديد آهي، روحانيت
وارن چيو ته ڪانٽ حقيقت کي جسماني عالم تائين
محدود ڪرڻ جي بنا سبب ڪوشش ڪري رهيو آهي.“
حقيقت ۾ ڪتاب جو شان ان ۾ آهي، ته ڪانٽ انهن
سڀني نظرين کي همدرديءَ سان سمجهڻ جي ڪوشش
ڪئي. پنهنجي تيز ذهن ذريعي هن رقيب نظرين جي
وچ ۾ نئين سر دوستي پيدا ڪئي، ايتري قدر جو
اهي ملِي ڪري هڪ پيچيده سچ جو متحد فلسفو ٿي
پيا. فلسفي جي تاريخ ۾ اڳي اهڙو واقعو پيش نه
ٿيو.
هاڻي اچو ته ڏسون، ته ڪانٽ ڪيترو اثر پيدا
ڪيو. اڻويهين صدي جو فلسفياڻو خيال سندس ئي
فڪر جي چوڌاري ڦري رهيو هو. ڪانٽ کان پوءِ سڄو
جرمني مابعدالطبيعيات بابت گفتگو ڪرڻ لڳو. شلر
۽ گيٽي سندس تصنيفن جو اڀياس ڪيو. بيروون حيرت
وچان، زندگيءَ جي ٻن ڪرامنت بابت، سندس هي لفظ
دهرايا: تارن ڀريل فلڪ اسان جي مٿان ۽ اخلاقي
قاعدو اسان جي وجود ۾. فشي، شيلنگ، هيگل ۽
شاپينهاور هڪ ٻئي پٺيا تڪڙو تڪڙو تصو فڪرن جا
نظام قائم ڪيا، جيڪي ڪونگسبرگ جي ٻڍي فلسفي جي
پال رچر لکيو ته: .خدا فرينچن کي زمين عطا ڪئي
آهي، انگريزن کي سمنڊ، پر جرمن وارن کي هوا جي
شهنشاهيت.“ ڪانٽ جي عقل تي تنقيد ۽ احساس جي
تحسين، شاپينهاور ۽ نٽشي جي اراديت، برگسن جي
وجدانيت ۽ وليم جيمس جي نتيجي واري نظريي لاءِ
رستو تيار ڪيو. سندس خيال جي قاعدن ۽ حقيقت جي
نتيجي واري نظريي لاءِ رستو تيار ڪيو. سندس
خيال جي قاعدن ۽ حقيقت جي قاعدن جي سڃاڻپ هيگل
کي فلسفي جو هڪ سڄو نظام تيار ڪري ڏنو ۽ سندس
”شيءِ بذات خود جنهن بابت علم حاصل ڪري نه ٿو
سگهجي، (واجب الوجود) واري تصور اسپينسر تي
گهرو اثر پيدا ڪيو. ڪارلائيل جي پوشيدگيءَ جو
گهڻو سبب اهو آهي، جو هن گيٽي ۽ ڪانٽ جي مخفي
فڪر کي تمثيلي طرز سان بيان ڪيو آهي، هو
فرمائي ٿو، ته مختلف مذهب ۽ فلسفا ابدي سچائي
جا فقط ڦرندڙ گهمندڙ نمونا آهن. انگلينڊ جي
ڪيترن مفڪرن جهڙوڪ ڪيئرڊ، گرين، وئليس، واٽسن
۽ برئڊلي سندس پهرين ”تنقيد“ مان فيض پرايو.
خود نٽشي جيڪو شوخ بدعت ڪري مشهور آهي. سو پڻ
سندس علميات مان فيض حاصل ڪري ٿو، جيتوڻيڪ هو
سندس ساڪن اخلاقيات کي جوش ۽ جذبي سان نندي
ٿو. ڪانٽ جي تصوريت ۽ فرينچ روشنيءَ جي ماديت
جي وچ ۾ هڪ صديءَ جي لڙائي کان پوءِ فتح جو
سهرو ڪانٽ ئي ٻڌو. خود اعليٰ ماديت پرست
هيلويشس لکيو ته” جيڪڏهن مون کي ائين چوڻ جي
همت ٿئي، ته انسان ماديت پرست هيلويشس لکيو ته
”جيڪڏهن مون کي ائين چوڻ جي همت ٿئي، ته
انسان ماديت جا خالق آهن.“ فلسفو وري ڪڏهن به
اهڙي سادو نه ٿيندو، جهڙو اهو اوائلي ڏينهن ۾
هئو ڪانٽ جي هستيءَ ڪري سندس رنگ روپ ٻين تي
ٿي ويو ۽ منجهس گهرائي ۽ پيچيدگي پيدا ٿي.
هيگل تي نوٽ:
A Note On Hegel
ڪجهه وقت اڳ فلسفي جي تاريخ نويسن جي اها عادت
هوندي هئي، جو هو ڪانٽ جي جانشين فلسفين –
فشي، شيلنگ ۽ هيگل کي ايتري ئي عزت ڏيندا هئا،
جيتري سندس پيش رو فلسفين – بئڪن، ڊيڪارٽ،
والٽيئر ۽ هيوم کي ڏيندا هئا. اسان جي نظر
هاڻي ڪجهه قدر بدلجي چڪي آهي ۽ اسان کي
شاپينهاور جي شديد طعنن مان لطف پيو اچي، جيڪي
هن پنهنجن رقيبن کي هنيا. شاپينهاور چيو، ته
”ڪانٽ کي پڙهندي عوام زوريءَ ڏٺو، ته جيڪي
ڪجهه پوشيده آهي، اهو هميشه معنيٰ کان سواءِ
نه آهي. فيشي ۽ شيلنگ به هن مان فائدو ورتو ۽
مابعدالطبعيات جا وڏا ڄار اُڻيائون، پر هيگل
ته چريائيءَ جي گفتن کي اڻانگن اکرن جي ذريعي
ظاهر ڪرڻ ۾ حد ڪري بيٺو، عوام کي منجھائڻ ۾ هن
سڀ کان گهڻو بهرو ورتو، ان ڪري آئينده نسل
سندس فلسفي کي هڪ عجيب و غريب ڏند ڪٿا ڪري
ليکيندو ۽ اها جرمن بيوقوفيءَ جو مشهور يادگار
ٿيندي.“ ڇا هيءُ رايو درست آهي؟
جارج وليم فريڊرڪ هيگل اسٽٽگارٽ شهر ۾ سن
1770ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ ورٽيمبرگ رياست جي
مالي کاتي ۾ هڪ ننڍو آفيسر هو. هيگل جوانيءَ ۾
اڻٿڪ شاگرد هو ۽ مکيه ڪتابن جو هو مطالعو ڪندو
هو. تنهن تي مڪمل غور ويچار ڪندو هو. ساڳي وقت
هو چڱن چڱن ٽڪرن جو نقل ڪري پاڻ وٽ رکندو هو.
هو چوندو هو، ته سچو تمدن پنهنجي پاڻ وسارڻ
سان شروع ٿئي ٿو. کيس پيٿاگورس وارو تعليمي
طريقو پسند هو، جنهن مطابق پهريان پنج سال
شاگرد کي خاموشيءَ واري زندگيءَ گذارڻي پوندي
هئي.
يوناني ادب پڙهڻ ڪري، هن کي اٿينس جي تمدن
لاءِ اتساهه جاڳيو. جو توڙ تائين سندس ذهن ۾
رهيو. هڪ ڀيري هن لکيو، ته ”يونان جو نالو
ٻڌندي ئي پڙهيل ڳڙهيل جرمن سڪون يافته ٿين ٿا.
يورپ واسين پنهنجو مذهب مشرق مان حاصل ڪيو
آهي. پر سائنس ۽ فن جي زندگيءَ کي سنوارين ٿا،
سي سڌي يا اڻ سڌي طرح يونان کان حاصل ڪيا اٿن.
ڪجهه عرصي لاءِ هُو يوناني مذهب کي عيسائيت
کان به وڌيڪ پسند ڪندو هو. اسٽراس ۽ رينن جي
پيشقدمي ڪندي هن حضرت عيسيٰ جي سوانح عمري ۾
هيءُ ڄاڻايو، ته هن حضرت عيسيٰ جي جنم کي
معجزو نه پر عام لقاءُ ڄاڻايو ۽ پوءِ اهو ڪتاب
پاڻ ساڙي ڇڏيائين. . .
سياست ۾ پڻ هُن انقلاب جو آواز اٿاريو، پر
پوءِ هن وري موجوده حالت برقرار رکڻ کي
همٿايو. جڏهن شيلنگ سان گڏ ٽيون جن وٽ مذهبي
سکيا وٺي رهيو هو، تڏهن هن فرينچ انقلاب جو
پاسو ورتو ۽ هڪ صبح جو مارڪيٽ وٽ وڃي آزادي جو
وڻ پوکڻ لڳو. هن لکيو، ته انقلاب سان وهنجي،
فرانس ڪيترن ادارن کان آزداي حاصل ڪئي آهي،
جيڪي مردهه ۽ بي ڪار ٿي چڪا هئا ۽ انساني
ترقيءَ جي راهه ۾ رنڊڪون هئا. جوانيءَ جي بهار
۾ هن اشتراڪيت سان پڻ محبت ونڊي ۽ خصوصي قوت
سان پنهنجو پاڻ کي رومانوي لهر کي آڇي
ڇڏيائين، جيڪا ان وقت يورپ مٿان سرفراز هئي.
آخرڪار سن 1713ع ۾ هن ٽيوبنجن وٽان ڊگري حاصل
ڪئي. سندس سرٽيفڪيٽ ۾ لکيل هو: سٺن لڇڻن ۽
اخلاق وارو نينگر هو، جنهن کي دينيات ۽ لسانيت
سان گهڻو چاهه هو، پر فلسفي ۾ کيس ڪابه قابليت
ڪونه هئي. هو هاڻي غريب هو، برني ۽ فرئنڪفورٽ
Frankfort))
وٽ پڙهائيءَ جو ڪم ڪري پيو پيٽ گذران ڪندو هو.
ان عرصي ۾ هن اندروني ارتقا حاصل ڪئي. جڏهن
يورپ قوميت جي ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿي رهيو هو،
تڏهن هيگل اندر ئي اندر ۾ رچي راس ٿي رهيو هو.
سن 1799ع ۾ سندس والد وفات ڪئي ۽ هيگل کي اٽڪل
پندرهن سو ڊالر ورثي طور مليا. پاڻ کي هاڻي
شاهوڪار سمجھي پڙهائڻ جي ڪم کي ڇڏي ڏنائين.
پنهنجي دوست شيلنگ ڏي لکيائين، ته هو صلاح
ڏئيس، ته ڪٿي دائمي طور زندگي گذاري، هن اهڙي
جڳهه جي گهر ڪئي، جتي سادو کاڌو ۽ جام ڪتاب
حاصل ٿي سگهن. شيلنگ جينا ۾ رهڻ جي رٿ پيش
ڪئي، جيڪو ڊيوڪ آوويمار جي حد ۾ يونيورسٽي جو
شهر هو. جينا ۾ شلر تاريخ جو استاد هو، ٽيڪ،
نووئلس ۽ شيلگل رومانيت جي سکيا ڏئي رهيا هئا،
فشي ۽ شيلنگ پنهنجي فلسفي کي مڪمل ڪري رهيا
هئا، سن 1801ع ۾ هيگل اتي پهتو ۽ سن 1803ع ۾
يونيورسٽيءَ ۾ استاد ٿيو.
سن 1806ع ۾ جڏهن نيپولين پرشيا فتح ڪيو ۽ ان
علم واري ننڍي شهر کي پريشان ۽ خوفزده ڪري
ڇڏيائين، تڏهن پڻ هو اتي هو، فرينچ سپاهين
هيگل جي گهر تي حملو ڪيو ۽ هن هڪ فلسفيءَ
وانگر کڙين تي زور رکيو. پاڻ سان گڏ پنهنجي
پهرئين مکيه ڪتاب ”روح جي مظهريت“ جو نسخو کڻي
ويو. ڪجهه عرصي لاءِ هو ايترو ته مسڪين هو، جو
گيٽي نيبل کي عرض ڪيو ته ڪجهه ڊالر کيس ڏئي،
جيئن هو پنهنجو گذر سفر ڪري سگهي. هيگل درديلي
انداز ۾ نيبل ڏي لکيو، ته ”مان بائيبل جي ان
چوڻي کي زندگيءَ جو اصول ڪري ٿو سمجهان، جنهن
جو سچ مون آزمودي مان سکيو آهي: کاڌي ۽ ڪپڙي
جي پهريائين ڳولا ڪر، تنهن کان پوءِ الاهي
حڪومت توکي نصيب ٿيندي.“ ڪجهه وقت هو بئمبرگ
شهر ۾ هڪ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. تنهن کان پوءِ
سن 1812ع ۾ هونيورنبرگ ۾ هڪ ورزش گاهه جو
سرڪردو بڻيو. هتي سخت انتظامي سرگرمين سندس
روماني شعلن کي ٿڌو ڪيو. هُو گيٽي ۽ نيپولين
وانگر، روحاني دور ۽ قديمي طرز جو حمايتي ٿي
پيو. اتي هن پنهنجو ڪتاب ”منطق“ لکيو جو عوام
جي سمجهه کان بالاتر هو ۽ جنهن ڪري سڄو جرمني
حيرت ۾ پئجي ويو، هيڊلبرگ ۾ کيس فلسفي جي ڪرسي
ملي. هيڊلبرگ ۾ هن فلسفي جي علمن جو
انسائيڪلوپيڊيا تيار ڪيو، جنهن ڪري سن 1818ع ۾
کيس وڌائي برلن يونيورسٽي ۾ فلسفي جو پروفيسر
مقرر ڪيو ويو. ان وقت کان وٺي هن فلسفي جي
دنيا تي ايتري حڪومت ڪئي. جيتري گيٽي ادبي
دنيا تي ۽ بيٿوون موسيقيءَ جي دنيا تي. سندس
جنم جو ڏينهن گٽي جي جنم جي ڏينهن کي يڪدم
پوءِ ايندو هو ۽ جرمني وڏي فخر سان سندس عزت ۾
هر سال ٻٽي موڪل ملهائيندا هئا.
هڪ دفعي هڪ فرينچ هيگل کي عرض ڪيو، ته هو
پنهنجي فلسفي جو هڪ ئي جملي ۾ بيان ڪري. ان ۾
هيگل ايتري ڪاميابي حاصل نه ڪئي، جيتري هڪ
عيسائيءَ جنهن کي عرض ڪيو ويو، ته عيسائيت جي
تعريف ڪري. عيسائي يڪدم هڪ پير تي بيهي چيو،
ته ”پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جيتري محبت ڪر.“
هيگل اهو وڌيڪ پسند ڪيو، ته ان سوال جو جواب
ڏهن جلدن ۾ پيش ڪري. جڏهن اهي ڏهه جلد لکيا
ويا ۽ شايع ڪيا ويا، تڏهن هيگل چيو، ته .افسوس
جو صرف هڪ ماڻهو منجھن ڪتابن کي سمجھي ٿو ۽
اهو پڻ پوري طرح نه.“ سندس تصنيفن جو گهڻو حصو
تقريرن جي نوٽن جو آهي يا سندس شاگردن جي ورتل
نوٽن جو، جڏهن هو تقرير ڪندو هو، فقط ”منطق“ ۽
”مظهريت“ سندس هٿن سان لکيل ڪتاب آهن. تجريد،
پوشيدگي ۽ شڪ طرز ۾ انهن ڪتابن جو ڪو مٽ نه
آهي، اصطلاح بلڪل تُز نموني استعمال ڪيا ويا
آهن ۽ هر جملي جي ڪيترن ننڍن فقرطن ذريعي
خبرداريءَ سان ترميم ڪئي وئي آهي. هيگل پنهنجي
تصنيف جو بيان هن ريت ڪيو، ته: ”اها هڪ ڪوشش
آهي، فلسفي کي جرمن زبان ۾ پيش ڪرڻ جي.“ هو ان
ڏس ۾ ڪامياب ٿيو.
ڪتاب ”منطق“ عقل ڪم آڻڻ جو طريقن جو جائزو نه
آهي، پر انهن تصورن جي جائزو آهي، جيڪي عقل ۾
ڪم آڻڻ وقت استعمال ڪيا وڃن ٿا. اهي تصور جا
درجا آهن، جن جا نالا ڪانٽ پيش ڪيا. وجود،
صفت، انداز، نسبت وغيره، فلسفي جو اهو پهريون
فرض آهي، ته اها انهن بنيادي تصورن جي تجزيو
ڪري، جيڪي اسان جي فڪر سان جڪڙيا پيا آهن.
انهن سڀني مان وڌيڪ موجود رهندڙ تصور نسبت
آهي. هرهڪ خيال نسبتن جو مجموعو آهي. اسان
ڪنهن شيءِ بابت خيال صرف هن ريت ڪري سگهون ٿا،
ته ان جي نسبت ڪن ٻين شين سان ڏيکاريون، سندس
ٻين شين سان مشابهت ۽ فرق پيش ڪيون. نسبتن بنا
خيال خالي آهي. ان چوڻ جو اهوئي مطلب آهي، ته
خالص وجود ۽ نسبتي هڪ آهن. اها هستي جنهن کي
نسبتون ۽ وصفون نه آهن، سان نيستي آهي ۽ کيس
ڪابه معنيٰ ڪانه آهي. ان بيان ڪيترائي عقل
وارا گفتا پيدا ڪيا، جيڪي اڃا تائين وڌندا رهن
ٿا ۽ ان هيگل جي مطالعي لاءِ ساڳي وقت رنڊڪ ۽
ترغيب ڏيندڙ ثابت ٿيو.
سڀني نسبتن کان وڌيڪ عالمگير امتياز يا مخالفت
جي نسبت آهي. خيال يا شيءِ جي هر حالت ضرور هن
دنيا ۾ پنهنجي مخالفت پيدا ڪندي ۽ پوءِ
پنهنجي مخالفت سان ملي، هڪ اعليٰ ۽ وڌيڪ
پيچيده سمورائي کي ٺاهيندي. هيءَ منطق تحريڪ
هيگل جي هر تصنيف مان لنگهي ٿي. درحقيقت اهو
پراڻو خيال آهي، جنهن جي جهلڪ ايمپيڊاڪلز جي
فلسفي ۾ ظاهر ٿئي ٿي. ارسطوءَ جو سونهري
اعتدال وارو نظريو پڻ ان موافق آهي، ڇاڪاڻ ته
ارسطو لکيو هو، ته ”متضاد شين جو علم هڪ آهي.“
سچ ٻن متضاد حصن جو ترڪيبي اتحاد آهي. قدامت
پسندي ۽ انتهاپسنديءَ جو سچ آهي، حريت پسندي،
جنهن جو مطلب آهي، کليل دماغ، محتاط هٿ، کليل
هٿ ۽ محتاط دماغ. جڏهن به اسان ڳرن معاملن تي
پهنجا رايا ٺاهيندا آهيون، تڏهن ٻن انتهائن جي
وچ ۾ لوڏو هوريان هوريان گهٽبو ويندو آهي. بحث
جي ٻن مختلف پهلوئن جي وچ ۾ ئي حقيقت لڏندي
آهي. ارتقا جي تحريڪ، متضاد قوتن جي مسلسل
پيدائش جو نالو آهي، جيڪي آخرڪار پاڻ ۾ ملي هڪ
ٿيو وڃن ۽ تفاوت وڃائي وهن. شيلنگ سچ چيو، ته
متضاد قوتن هيٺان هڪ قطعيت سمايل آهي. فشي به
سچ چيو، ته هر ترقي ۽ هر حقيقت جون علامتون ۽
راز حرڪت، متضاد حرڪت ۽ ترڪيب آهن.
نه فقط خيال هن جدلياتي حرڪت مطابق وڌن ٿا ۽
ارتقا ڪن ٿا، پر ساڳيءَ طرح شيون به وڌن ۽
ارتقا ڪن ٿيون، هر هڪ حالت اندر ضد سمايل آهي،
جيڪو ارتقا جي ذريعي اصلي حالت سان ملي آخرڪار
هڪ ٿي وڃي ٿو. تنهن ڪري ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونه
آهي، ته اسان جو موجوده معاشرتي نظام اندر ۾
هڪ ضد رکي ٿو، جيڪو هن کي آخرڪار نابود ڪندو.
اقتصادي دور جي شروعات ۾ جان وجهندڙ انفراديت
جي ضرورت پوي ٿي. ڇاڪاڻ ته ملڪي ذريعا اڃا
باقاعدي استعمال نه ڪيا ويا آهن. پر پوءِ جيئن
ملڪي وسيلا کٽندا وڃن ٿا ۽ ڪشمڪش وڌندي وڃي
ٿي، تيئن گڏيل سهڪار جي اشد ضرورت محسوس ٿئي
ٿي، آئندا نسل نه موجوده حقيقت ڏسندو، نه وري
خيالي نظريو ڏسندو، پر هڪ مرڪب ڏسندو، جنهن ۾
ٻنهي جو اتحاد هوندو ۽ اهڙيءَ ريت ضد پيدا
ڪندو. اهڙيءَ طرح زندگي تنظيم، پيچيدگي ۽
اتحاد جون اعليٰ منزلون طئي ڪندي ويندي. تنهن
ڪري خيال جي حرڪت ۽ شين جي حرڪت هڪ آهن، هرهڪ
۾ منطق واڌارو آهي: ’ڪثرت ذريعي وحدت‘ کان وٺي
’ڪثرت - وحدت، تائين، خيال ۽ وجود ساڳي ئي
قاعدي جي پيروي ڪن ٿا. منطق ۽ مابعدالطبيعيات
هڪ آهن.
ذهن هن جدلياتي حرڪت پروڙڻ لاءِ هڪ ضروري عضوو
آهي. ذهن ڪثرت ۾ وحدت ڏسي ٿو. ذهن جو ڪم ۽
فلسفي جو ذمو آهي، ان اتحاد جي تحقيق ڪرڻ،
جيڪو ڪثرت اندر طاقتور آهي. اخلاقيات جو ڪم
اخلاق ۽ هلت چلت کي ڳنڍي هڪ ڪرڻ آهي. سياست جو
ڪم، فردن کي هڪ ڪري، هڪ رياست جو ڇايو وجهڻ
آهي. مذهب جو ڪم ان ڪامل وجود تائين پهچڻ ان
کي محسوس ڪرڻ، جنهن ۾ سڀ متضاد قوتون ڏجي هڪ
ٿيو وڃن، جنهن ۾ مادو ۽ ذهن، فاعل ۽ فعل، نيڪي
۽ بدي، هڪ آهن. خدا نسبتن جو هڪ نظام آهي،
جنهن ۾ سڀ شيون هلن چلن ٿيون ۽ وجود ۽ معنيٰ
رکن ٿيون. انسان ۾ ڪامل وجود خود سجاڳي جي
حالت تائين ترقي ڪري ٿو ۽ ڪامل خيال ٿي پوي
ٿو، يعنيٰ خيال محسوس ڪري ٿو، ته اهو ڪامل
وجود جو هڪ حصو آهي، جيڪو انفرادي حدون ۽ مقصد
لتاڙي، عالمگير ڪشمڪش جي هيٺان، شين جي
پوشيدهه ساز ڏسي ٿو. ”عقل ڪائنات جو جوهر آهي.
. . دنيا جي رٿ بلڪل عقل تي ٻڌل آهي.“
ان جو اهو مطلب نه آهي، ته ڪشمڪش ۽ بدي محض
نفي تصور آهن. انهن کي به ڪافي حيثيت آهي، پر
سياڻپ جي نظر ۾ اهي نصب العين حاصل ڪرڻ جون
منزلون آهن. ڪشمڪش ترقيءَ جو قانون آهي. دنيا
جي طوفانن ۾ ئي انساني اخلاق جي تعمير ٿئي ٿي
۽ فقط مجبورين، ذميوارين ۽ ڏکن ذريعي انسان
پنهنجي پوري قد تائين پهچي ٿو. سُورن پٺيان به
هڪ عقلي سبب آهي، سور زندگيءَ جي نشاني آهي،
جيڪو اسان جي پٺڀرائي ٿو ڪري ۽ اسان کي جوش ٿو
ڏياري، ته اسان پنهنجي پاڻ جي نئين سر تعمير
ڪريون. حرص حوس کي به عقلي ڪمن ۾ هڪ اهم جڳهه
حاصل آهي. حرص حوس کان سواءِ دنيا ۾ ڪابه
اعليٰ شيءِ حاصل ڪانه ڪئي وئي آهي. نيپولين
جون خود مطلبي مرادون پڻ قومن جي واڌاري جو
باعث بڻيون. زندگيءَ خوشيءَ لاءِ نه پر
ڪاميابيءَ لاءِ ٺاهي وئي آهي. دنيا جي تاريخ
خوشيءَ جو ناٽڪ گهر نه آهي، خوشيءَ جا پَلَ
[لمحا] ته ان ۾ ڄڻ ته خالي صفحا آهن، ڇاڪاڻ ته
اهي سڪون جا پَلَ [لمحا] آهن. خوشي انسان جي
لائق نه آهي. تاريخ فقط انهن لمحن ۾ ٺهي ٿي.
جڏهن حقيقت جون متضاد صورتون، ارتقا جي ذريعي،
پاڻ ۾ ملي هڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون ۽ نوجوانيءَ
جي گهٻراهٽ ۽ ارڏائي، بلوغت جو سهنج ۽
سازگاريءَ ۾ بدلجي وڃي ٿي. تاريخ پڻ جدلياتي
حرڪت آهي، اها انقلابن جي سلسليوار زنجير آهي،
جنهن ۾ قومن جون قومون، ۽ هستين جون هستيون
ڪامل وجود جو اوزار ٿي ڪم ڪن ٿيون. اعليٰ شخص
مستقبل جا ابا ڪونه آهن، پر هو مستبقل جون
دايون آهن، جيڪي ڪارناما هو جتائن ٿا، سي
درحقيقت ’وقت جي روح‘ جي پيدائش آهن. هڪ اعليٰ
ذهن وارو فقط ان ڍڳ تي هڪ نئون پٿر رکي ٿو.
جيڪو ٻين گڏ ڪيو، اها سندس خوشنصيبي آهي، جو
هو آخر ۾ آيو ۽ جڏهن هو پنهنجو پٿر رکي ٿو،
تڏهن عمارت پنهنجي سر بيهي ٿي. اهڙن شخصن کي
خبر نه آهي، ته هو هڪ ڪلي خيال کي ظاهر ڪري
رهيا آهن، پر وقت جي تقاضائن بابت هو دور
انديش آهن. هي هو سندن وقت جو سچ يا حقيقت جي
زنجير جي اها ڪڙي، جنهن جي ظاهر ڪرڻ جو ڪم
قدرت انهن عظيم هستين کي سونپيو هو.
اهڙي قسم جي تاريخ جي فلسفي انقلابي نتيجن تي
پهچي ٿي، جدلياتي حرڪت ۽ تبديليءَ کي زندگيءَ
جو اهم اصول ڪري مڃي ٿي. ڪابه حالت دائمي نه
آهي، شين جي هر منزل وٽ هڪ اندروني ضد آهي ۽
ڪشمڪش سان ئي ٺاهي ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري سياسي
علم جو سڀ کان اونهو قاعدو آهي ته، آزادي،
تبديل لاءِ رستو کليل هجي. تاريخ آزادي جو وڌڻ
آهي. ۽ رياست منظم آزادي آهي يا هئڻ گهرجي.
ٻئي طرف وري اهو اصول ته حقيقت عقل تي ٻڌل
آهي، اسان کي قدامت پسندي طرف مائل ڪري ٿو.
جيتوڻيڪ هر حالت غائب ٿي وڃڻ واري آهي، پر
تنهن هوندي به ان کي الاهي حق آهي، جيئن ته
اها ارتقا جي ضروري منزل آهي. ٻين لفظن ۾ اهو
بي رحم نموني ۾ سچ آهي، ته جيڪي ڪجهه هن وقت
موجود آهي، سو صحيح آهي. جيئن ته اتحاد ترقيءَ
جو مقصد آهي، تنهن ڪري تنظيم آزاديءَ جي پهرين
تقاضا آهي.
جيڪڏهن هيگل زندگيءَ جي آخرين دور ۾ پنهنجي
فلسفي جي قدامت پسندي طرف وڌيڪ مائل ٿيو، ته
ان جو سبب فقط هيءُ هو جو وقت جو روح تمام
گهڻي تبديلي ڪري ٿڪجي پيو هو. 1830ع ۾ جي
انقلاب کان پوءِ هن لکيو، ته ”چاليهن سالن جي
جنگ ۽ بي انداز مونجهاري کان پوءِ آخرڪار هڪ
ٻُڍي دل، جڏهن اها جهڳڙي جو خاتمو ڏسندي ۽ صلح
سانت ۽ رضامنديءَ جي دؤر جو آغاز پسندي ته دل
خوشي ٿيندي، ڇا اهو عجيب نه آهي، ته هڪ ڪشمڪش
۾ اعتقاد رکندڙ فلسفي سڪون ۽ اطمينان جي
ساراهه ڪري؟ پر سٺ سالن جي ڄمار ۾ هر انسان کي
حق آهي، ته هو صلح جي تقاضا ڪري. تنهن هوندي
به سندس خيال ۾ تضاد نهايت گهرو هو، تنهن ڪري
ٻئي نسل سندس پوئلڳن جون ٻه ٽوليون ٿي پيو، ڪي
ساڄي ڌر وارا، ته ڪي کاٻي ڌر وارا ٿي پيا. ويس
(Weisse)
۽ فشي
(Fichte)
سندس حقيقت جي نظريي ۾ هڪ الاهي مقدر ڏٺو،
جنهن ڪري چيائون، ته سياست ۾ مڪمل فرمانبرداري
ضروري آهي. ٻئي طرف وري فوريا، موليشاٽ، بائر
۽ مارڪس، هيگل جي جوانيءَ واري شڪ پرستي ۽
وڌيڪ اوچي تنقيد طرف مائل ٿيا ۽ تاريخ جو هڪ
نئين فلسفو قائم ڪيائون، جنهن مطابق مختلف
اقتصادي طبقن وچ ۾ ڪشمڪش لازمي آهي ۽
اشتراڪيت کي روڪڻ ناممڪن آهي. هڪ قطعي وجود جي
بدران، مارڪس جي خيال موجب، عوامي تحريڪون ۽
اقتصادي قوتون، تاريخي تبديلين آڻڻ لاءِ
ذميوار آهن، جيتوڻيڪ اهي شين جي عالم ۾ اچن يا
خيال جي زندگيءَ ۾. هيگل، هڪ شاهاڻي پروفيسر،
اهڙيءَ ريت اشتراڪيت جو فصل پوکيو.
ٻڍي فلسفي انقلابين کي هوائي قلعا اڏيندڙ ڪري
سڏيو ۽ پنهنجي جوانيءَ جا مضمون خبرداريءَ
سان لڪائي ڇڏيا. هو پرشيا جي حڪومت جو دوست
ٿيو ۽ ان کي ائين تصور ڪندي، دعا ڪيائين، ته
اها ڪليل وجود جو اظهار هئي. حڪومت جي
مهربانين مان خوب فائدو ورتائين. ايتري قدر جو
سندس فلسفي جو نظام دنيا جي قدرتي قاعدن جو هڪ
حصو هو. هِن اها ڳالهه وساري ڇڏي، ته سندس ئي
جدليات سندس خيال کي رد ڪري ڇڏيو. بهرحال سن
1830ع ۾ فلسفو برلن ۾ وڃي چوٽي تي رسيو.
پر انهن خوشيءَ جي ڏينهن ۾ هيگل تيزيءَ سان
ٻڍو ٿيڻ لڳو. سندس حافظو ويو گهٽبو. هڪ ڀيرو
هو ليڪچر روم ۾ صرف هڪ پادر سان لنگهيو ۽ ٻيو
گپ ۾ ڇڏي آيو، جنهن جي کيس ڪابه خبر ڪانه پئي.
جڏهن سن 1831ع ۾ ڪالرا جي مرض، برلن جي شهر تي
حملو ڪيو، تڏهن سندس ضعيف جسم ان جو شڪار
بڻيو. هڪ ڏينهن بيماريءَ کان پوءِ اوچتو
خاموشيءَ سان ننڊ ۾ هو گذر ڪري ويو. جيئن هڪ
سال جي عرصي ۾ نيپولين، بيٿوون ۽ هيگل پيدا
ٿيا. تيئن 1827ع کان 1832ع وارن سالن ۾
جرمنيءَ گيٽي، هيگل ۽ بيٿوون وڃايا. جرمنيءَ
جي اعليٰ دور جو اهو خاتمو هو.
باب ستون
شاپينهاور:
Schopenhauer
دؤر:
The Age
اڻويهينءَ صدي جي پهرين اڌ، ڇو اهڙا شاعر،
نغمه نگار ۽ فلسفي پيدا ڪيا، جيڪي نااُميديءَ
واري نظريي طرف مائل هئا؟ مثلاً، شاعرن ۾
انگلينڊ بئرن
(Byron)،
فرانس دي مست
(De Musset)،
جرمني هني، اٽلي ليوپارڊي
(Leapradi)
۽ روس پشڪن
(Puskin)
۽ لرمانٽاف
(Lermontof)
پيدا ڪيا. ساڳئي وقت يورپ جي سرزمين تي نغمه
نگارن جو هڪ ٽولو اڀريو، جنهن جا مشهور ميمبر
شوبرٽ، شومئن، شوپن ۽ آخر ۾ بيٿوون ٿي گذريا
آهن. [انهن مان پويون پاڻ کي مڃائي رهيو هو،
ته هو روشن خيال هو، پر درحقيقت هو پاڻ
نااُميديءَ وارو نظريو پيش ڪري رهيو هو] انهن
سڀني کان مٿاهون درجو شاپينهاور کي حاصل هو،
جيڪو هڪ نهايت گهري مايوسيءَ وارن خيالن وارو
فلسفي ٿي گذريو آهي.
سندس اعليٰ تصنيف ”دنيا عزم ۽ تصور جي حيثيت
۾“ جنهن جو هرهڪ باب انساني غم جو ترجمان آهي،
سن 1818ع ۾ شايع ٿي، اهو ”مقدس معاهدي“ وارو
زمانو هو. واٽرلو واري جنگ پڄاڻي تي هئي ۽
”انقلاب“ به ختم ٿي ويو هو. انقلاب جو پٽ
(نيپولين) هڪ ڏوراهين سمنڊ ۾ هڪ ٽڪر تي
زندگيءَ جا ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. نيپولين جي
هستيءَ ۾ شاپينهاور انساني عزم جو اعليٰ ۽
خونخوار مجسمو ڏٺو ۽ هن جي شڪست ۾ هن انساني
عزم جي هار ڏٺي. بوربن گهراڻي وارن کي تخت ۽
تاج واپس مليو، جاگيردار فرانس طرف واپس وريا
۽ پنهنجي زمين جا نئين سر ڌڻي بڻيا، نيپولين
جي سڌارن جي مٽي پليت ٿي، هڪ اعليٰ دؤر جو
خاتمو ٿيو. گيٽي پڻ چيو، ته ”شڪر خدا جو مان
اهڙي مرده دنيا ۾ نوجوان نه آهيان.“
سڄو يورپ همت هاري زمين تي ڪريو پيو هو. لکين
مضبوط ماڻهو تباهه ٿي چڪا هئا، زمين جا لکين
ايڪڙ ويران ٿي چڪا هئا. مطلب ته يورپ کي
اقتصادي ۽ معاشرتي طور وري پيرن تي بيهڻ لاءِ
نئين سر ڪوشش ڪرڻي پئي. سن 1804ع ۾ شاپينهاور
جيئن فرانس ۽ آسٽريا جو دورو ڪري رهيو هو،
تيئن ڳوٺاڻي زندگيءَ جي بي ترتيبي ۽ گندگيءَ،
هارين جي غربت ۽ شهرن جي بي آراميءَ ۽
مفلسيفءَ سندس دل تي گهرو اثر پيدا ڪيو. هر
ملڪ منجھان جيئن نيپولين جون فوجون لنگهي رهيو
هيون، تيئن تباهيءَ ۽ بربادي ڦهلائي رهيو
هيون، جنهن جا آثار اڃا تائين پڌرا هئا. ماسڪو
سڙي خاڪ ٿي ويو هو. انگلينڊ، جيڪو فتح تي فخر
ڪري رهيو هو، تنهن جا هاري ڪڻڪ جي قيمتن ڪرڻ
ڪري تباهه ٿي چڪا هئا ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ
مزدور، نئين پيدا ٿيندڙ اقتصادي نظام جي بي
ترتيبي ۽ بي قاعدگيءَ جو ڪڙو ذائقو چکي رهيا
هئا. غير منظم هجڻ ڪري ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي
رهي هئي. ڪارليل
(Carlyle)
لکيو، ته ”مون پنهنجي پيءُ کي چوندو ٻڌو هو،
ته جنهن وقت ۾ جون جي مانيءَ جي قيمت ڏهه
شلننگ هڪ سٽو هئي، تنهن وقت هن ڪيترن هارين
کي، رات جي ماني کائڻ بدران، چشمن طرف وڃي،
پاڻيءَ سان پيٽ ڀريندي ڏٺو هو، ڇاڪاڻ ته هو هڪ
ٻئي کان پنهنجي مفلسي لڪائڻ چاهيندا هئا.“
ڪڏهن به اڳي زندگيءَ اهڙي بي معنيٰ ۽ نيچ ڏسڻ
۾ ڪونه آئي.
انقلاب ختم ٿي چڪو هو ۽ ان سان گڏ ڄڻ ته يورپ
جي روح مان جان نڪري وئي هئي. ٻڍڙيون اکيون
پنهنجي اميدن جو حشر ڏسي چڪيون هيون ۽ هاڻي
ڏورانهين اميدن کي ڏسڻ لاءِ لاچار هيون،صرف
جوان اکيون ڪي قدر اميدن جا ڪرڻا ڏسي سگهيون
ٿي، صرف نوجوان مستقبل ۾ رهي سگهن ٿا ۽ ٻڍا
رڳو ماضيءَ ۾ رهي سگهن ٿا، ماڻهن جي اڪثريت
مجبور حال ۾ گذاري رهي هئي ۽ حال محض هڪ تباهي
هئي. ڪيترن هزارن سورمن ۽ معتقدن انقلاب لاءِ
جدوجهد ڪئي هئي؟ ڪيترن هزارن جوان دلين يورپ
جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اميد ۽ آسري جي اکين سان
جمهوريت کي ڏٺو پئي؟ آخرڪار بيٿوون محسوس ڪيو،
ته نيپولين انقلاب جو نيڪ ۽ ڀلارو پٽ ڪونه هو،
پر هڪ خود مطلب طاقت جي نشي ۾ انڌو ٿيل جرنيل
هو. ڪيترن ته پڇاڙيءَ تائين به اميد جي واڳ
هٿان نه ڇڏي. پر هاڻي پڇاڙي اچي چڪي هئي.
واٽرلو، سينٽ هيلينا ۽ وينا جا نالا ماڻهن جي
ڪنن ۾ وڄي رهيا هئا ۽ ڪريل فرانس جي تخت تي هڪ
بوربن گهراڻي جو بادشاهه راڄ ڪري رهيو هو.
جنهن انقلاب جي تجربي مان ڪجهه نه پرايو هو ۽
جنهن ڪجهه ڪونه وساريو هو. هيءُ هو انساني
اميد ۽ ڪوشش جو ڦل!