سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي

باب: --

صفحو :22

کيس خبر هئي، ته عام ماڻهن کي ان فلسفي مان سواد نه ايندو، جنهن جا آخري لفظ خدا ۽ جنت نه هئا، پر توازن ۽ تنزل، پهرئين حصي کي ختم ڪندي، هن نهايت فصيح زباني ۽ اتساهه سان هي لفظ چيا، ته هڪ فلسفيءَ کي اهو حق آهي، ته هو انهن ڪڙين حقيقتن جو بيان ڪري، جيڪي هن پنهنجن اکين سان ڏٺيون، انسان جيئن ماضيءَ جو اولاد آهي، کيس گهرجي، ته انهن کي بيپرواهيءَ سان مرڻ نه ڏئي، هن کي ائين سمجھڻ گهرجي، ته هو به ٻين لکين اوزارن وانگر، پهرين سبب جي هٿ ۾ هڪ اوزار آهي، جنهن جي ذريعي ڪا ڳجهي قوت پنهنجي ارادي کي تڪميل جي انتها تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان ڪري کيس پنهنجو اعتقاد برقرار رکڻ، ان جي تبليغ ڪرڻ  ان تي عمل ڪرڻ جي مڪمل اختياري آهي.

علم حياتيات -  زندگيءَ جي ارتقا

 The Biology - The Evolution of Life

مرڪبي فلسفي جو ٻيو ۽ ٽيو جلد سن 1872ع ۾ ”حياتيات جا اصول“ جي نالي سان پڌرو ٿيو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته جڏهن ڪو فلسفي ڪنهن ماهر سائنسدان جي دائري تي حملو ڪري ٿو، تڏهن ڪيئن نه سندس اوڻايون پڌريون ٿيو پون. پر انهن اوڻاين جي عيوض هو روشن عام اصول پيش ڪري ٿو، جيڪي حياتيات جي وسيع تفصيل کي هڪ نئين نموني سان متحد ڪري، واضع ڪن ٿا.

اسپينسر زندگيءَ جي هن مشهور تعريف جي شروعات ڪري ٿو: ”زندگي، اندروني نفس جي ٻاهرين ماحول سان مسلسل موافقت جو نالو آهي.“ اندرين تعلقاتن کي ٻاهرين تعلقاتن سان ٺهڪندڙ ۽ موافقت وارو بنائڻ جو ناتو زندگي آهي. زندگيءَ جي خصوصيت هيءَ آهي، جو نفس ٻاهرين حالتن ۾ تبديليءَ جو اڳواڻ اندازو لڳائي، پاڻ کي ان مطابق ڦيرائي ٿو، جيئن ڪو جانور ڪنهن ڌڪ کان پاڻ بچائڻ لاءِ ڪرونڊڙو ٿئي ٿو، يا ڪو ماڻهو کاڌي کي گرم ڪرڻ لاءِ باهه دکائي ٿو. زندگيءَ جي ان نظرئي جي خامي هيءَ آهي، جو ان ۾ هن اهم حقيقت کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، ته هڪ زندهه جيو کي اها قوت عطال ٿيل آهي، ته هو ماحول کي پڻ پنهنجي خيال مطابق ڦيرائي گهيرائي سگهي. نفس ڪيئن ۽ ڪهڙي طاقت جي اثر هيٺ ايندڙ حالتن جو معائنو ڪري ٿو؟ ان بابت پڻ سندس فلسفو خاموش آهي، پوين ڇاپن ۾ هن هڪ نئون باب داخل ڪيو، جنهن ۾ هن مجبور ٿي، هيءُ اعتراف ڪيو، ته زندگيءَ ۾ هڪ قوت محرڪ سمايل آهي. ”اسان مجبور ٿي اعتراف ريون ٿا، ته اسان زندگيءَ جي جوهر کي علم طبعي ۽ ڪيميا جي اصطلاحن ذريعي سمجھي ڪونه سگهنداسون.“ هن کي اهو احساس نه هو، ته اهو اعتراف سندس نظام جي ٻڌي ۽ پورائيءَ لاءِ ڪهڙو نه نقصانڪار هو.

جهڙي طرح اسپينسر هڪ فرد جي زندگي اندر، اندروني ۽ ٻاهرين تعلقن جي موافقت ڏسي ٿو، تهڙيءَ ريت هو نوعن جي زندگيءَ اندر، پيدائشي زرخيزي ۽ رهڻ ڪهڻ جي حالتن جي وچ ۾ هم آهنگي ڏسي ٿو. نئين پيدائش ان ڪري ٿئي ٿي، جو قدرت کي خوراڪ پهچائيندڙ سطح ۽ خوراڪ حاصل ڪندڙ جيو جي وچ ۾ توازن رکڻو آهي. مثلاً جيئن ڪو اميبا وڌي ٿو، تيئن سندس مادو، خوراڪ پهچائيندڙ مٿاڇري جي ڀيٽ، وڌيڪ تيزيءَ سان وڌي ٿو، جنهن ڪري توازن جي ٽٽڻ جو انديشو ٿئي و. تنهنڪري قدرت هڪ اميبا کي ٽوڙي، ان مان به جيو پيدا ڪري ٿي. ساڳي طرح ڪن جيون (ساهوارن) مان شاخون ڦٽن ٿيون، جيڪي آخرڪار آزاد زندگي ماڻين ٿيون. ڪن ٻوٽن اندر جنسي/تخمي ٻج (Spore) پيدا ٿين ٿا. ڪن جيون، وڻن توڙي جانورن، جي حالت ۾ جنسي ميلاپ ذريعي نئين سر پيدائش ٿئي ٿي. پر قدرت جو مقصد هر حالت ۾ ساڳيو آهي. قدرت چاهي ٿي، ته ڪنهن به جيو جي واڌ ۾ ڪنهن حد کان پوءِ بندش وڌي وڃي، جيئن ان جيو جي نوع ۽ خوراڪ پهچائيندڙ سطح، جي وچ ۾ توازن برقرار رکيو وڃي. هڪ ئي جيو جي وڌڻ بدران اهو بهتر آهي، ته اهو جيو پاڻ جهڙن ٻين جيون پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري، ان ريت ئي توازن قائم رکي سگهبو.

عام طور ڏٺو ويندو آهي، ته جيئن ڪو جيو وڌيڪ قوت خرچ ڪندو آهي، تيئن ان جي واڌ تي وڌيڪ روڪ پوندي آهي، ٻين لفظن ۾ جيئن ڪو ٻارن پيدا ڪرڻ جي رفتار وڌائيندو آهي، تيئن سندس نشوونما ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي. گهوڙن پالڻ وارن کي خبر آهي، ته جيڪڏهن ڪنهن گهوڙيءَ کي وڇيرو پيدا ڪرڻ ڏنو ويندو آهي، ته پوءِ اها پنهنجي پوري قد تائين پهچي نه سگهندي آهي. خصي ڪيل جانورن، جهڙوڪ ڪڪڙن ۽ ٻلن جي قد ۽ قوت ۾ غير رواجي اضافو ٿيندو آهي. جيئن ڪنهن فرد جي واڌ ۽ قابليت ۾ ترقي اچي ٿي، تيئن هو گهٽ انداز ۾ ٻار پيدا ڪري ٿو. ننڍڙن جانورن اندر مقابلي ڪرڻ ۽ پنهنجي حفاظت ڪرڻ جي قوت گهٽ هوندي آهي. تنهن ڪري سندن آبادي ۾ غير رواجي اضافو هئڻ گهرجي، ڇاڪان ته منجھانئن ڪيترا قدرتي خطرن جو مقابلو ڪري نه سگهندا آهن ۽ ختم ٿي ويندا آهن جڏهن اعليٰ عقل ۽ ذهن سان ڪو جانورن پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ سکي ٿو، تڏهن آباديءَ جي وڌڻ جي گهٽ ضرورت پيش اچي ٿي. هاڻي اهو ڊپ آهي، ته متان آبادي ايترو وڌي وڃي، جو ان جي لاءِ خوراڪ ميسر ٿي نه سگهي. تنهن ڪري عام طرح ذهنيت ۽ قابليت ۾ ترقي معنيٰ تخم جي رفتار ۾ ڪمي. اسپينسر فرمائي ٿو: ”جتي آبادي تمام گهڻي هوندي آهي، اتي ذهن سست ٿيو پوي ۽ جتي علم ۽ تربيت ذريعي ذهني ترقي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي، اتي آباديءَ ۾ ٿوري يا گهڻي گهٽتائي اچي ٿي. تنهن ڪري انسان جي ذهني ترقيءَ جو نتيجو آخرڪار جنسي قوت جو زوال ٿيندو.“ فلسفي گهڻو ڪري ان ڳالهه کان ڪيٻائيندا آهن، ته کين اولاد ٿئي. عورت جيئن ماءُ جا فرض سرانجام ڏيندي آهي، تيئن سندس ذهني قوتون گهٽجڻ لڳنديون آهن. شايد سندس جوانيءَ جي شباب جو عرصو گهٽ ان ڪري ٿيندو آهي، جو هوءَ اوائلي دور ۾ پنهنجي قوت، پيدائش خاطر قربان ڪري ڇڏيندي آهي.

ڄم جي رفتار ۽ اجتماعي بقا جي ضرورتن جي نسبت پوري طور ڪڏهن به درست نه ٿي رهي. مالٿس سچ چيو هو، ته هميسه آبادي، خوراڪ جي ذريعي جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ تيزي سان وڌي ٿي. اسپينسر چوي ٿو: ”آباديءَ جي وڌڻ جو انديشو ئي انسان ذات جي ترقي جو اهم ڪارڻ آهي. ان ڪري ئي اوائلي دور ۾ انسان ذات ڌرتيءَ تي پکڙجي وئي. ان ڪري ئي انسان غارت گريءَ جون عادتون ڇڏي، زراعت جو ڌنڌ اختيار ڪيو. ان ڪري ئي زمين جو سطح صاف ٿيڻ لڳي. ان ڪري ئي انسان معاشرتي نظام قائم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. ان ڪري ئي پيدائش جي ذريعن ۾ ڏاڪي به ڏاڪي ترقي ٿيڻ لڳي ۽ هنر ۽ ذهن جي ارتقا ٿي.“ زندهه رهڻ لاءِ ڪشمڪش جو اهوئي مکيه سبب آهي ۽ ان ڪشمڪش جي ڪري ئي سڀ کان وڌيڪ قابل انسان زندهه رهي سگهن ٿا ۽ انساني نسل کي ترقي ڏيارين ٿا.

سڀ کان مناسب جي بقا جو دارومدار، خودبخود ٿيندڙ مفيد تبديلي تي آهي، يا ڪجهه قدر پنهنجي ابن ڏاڏن جون خصلتون ورثي طور حاصل ڪرڻ تي، ان مسئلي بابت اسپينسر ڪنهن به قسم جو يڪطرفو تنگ نظري وارو فيصلو ڪونه ٿو ڪري. هن خوشيءَ سان ڊارون جو نظريو قبول ڪيو، پر ساڳئي وقت هن محسوس ڪيو، ته ان ذريعي هو ڪن حقيقتن جي تشريح ڪري نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري ڪنهن سڌاريل صورت ۾ هن لئمارڪ جي راين کي پڻ قبول ڪيو. لئمارڪ (Lamarck) ۽ وسمن (Weismann) جي وچ ۾ مخالفت هن لئمار جو پوري قوت سان بچاءُ ڪيو ۽ ڊارون جي نظرئي جي خامين طرف هن اشارو ڪيو.

 

نفسيات: ذهن جي ارتقا

Psychology: The Evolution of Mind

’نفسيات جا اصول‘ اسپينسر جي زنجير جون سڀ کان وڌيڪ ڪمزور ڪڙيون آهن، ان کان گهڻو اڳ (1855ع) ۾ هن ساڳئي موضوع تي هڪ ڪتاب تيار ڪيو هو. جنهن ۾ جوانيءَ جي جوش سان هن ماديت ۽ مقرريت  (Determinism) جي پٺڀرائي ڪئي هئي، پر پوءِ ٻڍاپڻ ۾ هن ڪتاب کي ٻيهر نظر مان ڪڍيو ۽ ڪجهه قدر نرمائيءَ سان پنهنجا خيال پيش ڪيائين. سخت محنت سان ڪيل تجزييءَ کي سوين صفحن تائين جاري رکيائين. هتي ٻين سڀني ڪتابن کان وڌيڪ هو نظريا پيش ڪرڻ جو شوقين آهي، پر ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ڪمزور آهي. مثلاً هو تنتي سرشتي جي ابتدا بابت هيءُ نظريو پيش ڪري ٿو، ته اهو بدني تنتن (Tissue) جي ڳانڍاپي مان شروع ٿيو. جبلت جي پيدائش بابت چوي ٿو، ته اها منعڪس ڪرڻ جي صلاحيت ۽ حاصل ڪيل خصلت جي منتقل ڪرڻ جو گڏيل نتيجو آهي. سندس خيال موجب ذهني درجن جي ابتدا نسل جي تجربن سان ٿي. هو سمجھي ته اهي جسم، جن متعلق اسان آزمودو حاصل ڪريون ٿا. سي ادراڪ ذريعي بدلجن ٿا. پر تنهن هوندي به انهن کي خارجي حقيقت آهي، جيڪا ادراڪ تي دارومدار نه ٿي رکي. اهڙي قسم جا سوين نظريا هو پيش ڪري ٿو، جن کي مابعدالطبيعيات جي هوش اڏائيندڙ قوت آهي، پر جن ۾ عام نفسيات جي صفائي ۽ چٽائي عدم موجود آهي، انهن جلدن ۾ اسان حقيقت پسند انگلينڊ کي الوداع چئي ڪانٽ طرف واپس ورون ٿا.

جيڪا ڳالهه اسان جي ذهن تي يڪدم اثر ڪري ٿي، سا هيءَ آهي، ته نفسيات جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ارتقا جو نڪتو پڪي ارادي سان پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪوشش ڪئي آهي، ته هر ڪارنامي جي سمجھاڻي لاءِ ان جي ابتدا ظاهر ڪئي وڃي. جهڙوڪ: خيال جي پيچيدگين جي شروعات ڪٿان ٿي، ان جي تحقيق ڪندي هو وڃي ٿو، آسان تنتي ڪارنامن تائين پهچي ۽ آخرڪار ان جو لاڳوپو مادي جي حرڪتن سان ٿو ڏيکاري. اهو صحيح آهي، ته اها ڪوشش ناڪام ٿي، پر اهڙي ڪوشش ۾ ڪير ڪامياب ٿيو آهي؟ شعور جي ارتقا ۾ ڪهڙيون ڪارروايون شامل آهن، تنهن جي ظاهر ڪرڻ لاءِ هي هڪ اعليٰ پروگرام جوڙي ٿو. آخرڪار هو مجبور ٿي شعور جي ارتقا ڪرڻ لاءِ ان کي هرهنڌ موجود سمجهي ٿو. هوان ڳالهه تي زور رکي ٿو، ته گيس ۽ ڌنڌ جهڙ (Nebula) کان وٺي ذهن تائين هڪ ئي مسلسل ارتقا ٿي آهي ۽ آخرڪار اعتراف ڪري ٿو، ته مادي کي ذهن جي ذريعي سڃاڻي سگهجي ٿو. شايد انهن جلدن ۾ پرمغز فقرا اهي ئي آهن، جن ۾ هو ماديتي فلسفي کي خيرباد چئي ٿو.

”ڇا انساني شعور اندر هڪ گڏيل اُڻي (1) (Molecule) جي لوڏي ۽ هڪ تنتي جهٽڪو ساڳي ڳالهه ڪري ليکي سگهجي ٿو؟ ڪيتري به ڪوشش سان هو هڪ ٻئي ۾ جذب ٿي نه ٿا سگهن. هو ٻه مختلف شيون آهن.مادو، نفس جي پيچيدگين جي سمجھاڻي ڏيڻ کان قاصر آهي، پر ساڳئي وقت نفس ذريعي اسان قدرتي ڪارنامن کي آسانيءَ پروڙي سگهون ٿا.“

ان جي باوجود ذهن جي ارتقا هڪ اهم حقيقت آهي، جوابي فعلن جي طريقن جي ڏاڪي به ڏاڪي ترقي هڪ نهايت اهم ۽ دلچسپ حقيقت آهي، سادي فعل کان وٺي مرڪب ۽ آخرڪار نهايت پيچيده عمل تائين، تنتي عمل کان وٺي مستقل رد عمل ۽ جبلت تائين، حافظي ۽ تصور کان وٺي ذهن ۽ عقل تائين هڪ ارتقا جو سلسلو جاري آهي. جيڪو به پڙهندڙ سندس جسماني ۽ نفسياتي تحليل جا 1400 صفحا پڙهي پار پيو، تنهن کي ان ڳالهه جو بي حد احساس ٿيندو، ته زندگي ۽ نفس ۾ ڪهڙو نه تسلسل آهي! هو سامهون ٽنگيل پردي تي هوبهو ڏسندو، ته ڪيئن تنتي سرشتو ٺهي راس ٿيو، تنگي عمل ۽ جبلتون ڪيئن پيدا ٿيون، شعور ڪيئن بنيو ۽ مختلف جذبن جي ٽڪرجڻ مان آخرڪار خيال ڪيئن نمودار ٿيو. جبلت ۽ عقل جي وچ ۾ ڪو وڏو خال ڪونه اهي، فقط درجي جو تفاوت آهي. ٻئي اندروني تعلقات جي ٻاهرين تعلقات سان ٺهڪڻ جي عم لجو نتيجو آهن. بنيادي طور عقل ۽ جبلت، نفس ۽ زندگي هڪ ئي شيءِ آهن.

ارادو هڪ خيالي اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب آهي، چست جذبن جو گڏيل مجموعو ۽ عزم جومطلب آهي، آزاد خيال، جو بنا ڪنهن روڪ رنڊڪ جي وجهڻ ۽ عملي صورت اختيار ڪرڻ، ساڳيءَ طرح جذبو جبلتي عمل جي پهرين منزل آهي ۽ جذبي جو اظهار، مڪمل جوابي فعل جو ڪارآمد آغاز آهي. مثلاً غصي ۾ ڏند ڏيکارڻ جو اصل مقصد آهي، پنهنجي دشمن کي چيري ڦاڙي ناس ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪرڻ، ’خيال جون صورتون‘ پڻ، زمان ۽ مڪان جي ادراڪ وانگر يا مقدار ۽ سبب جي تصورن وانگر، جبلتي خيالن جو نتيجو اهن، جبلتون درحقيقت اهي عادتون آهن، جيڪي ڪنهن نسل حاصل ڪيون آهن، پر اهي هاڻي ڪنهن فرد اندر قدرتي آهن، تيئن اهي خيالي درجا پن ذهني عادتون آهن، جيڪي ارتقا جي دور ۾ ڏاڪي به ڏاڪي حاصل ڪيون وڃن ٿيون، پر هاڻي ذهني ورثي جو هڪ حصو ٿي ويون اهن. نفسياتي مسئلا جن صدين کان انسان ذات کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. سي فقط هڪ ئي نڪتي سان سمجهائي سگهجن ٿا. ترقيءَ جو دارومدار موجوده نسل جي اڳئين نسل کان مستقل طور گڏ ٿيل ترميمن ۽ تبديلين کي ورثي طور حاصل ڪرڻ تي آهي، اسپينسر ان ڳالهه تي کڻي ڳنڍ ٻڌي. جنهن ڪري ئي شايد سندس تصنيف جو ڳچ حصو اعتراض جوڳو ۽ بيڪار بڻجي ويو هجي.

 

سماجيات: سماج جي ارتقا

Sociology: The Evolution of Society

پر سندس سماجيات تي ساڳي فتويٰ ڏئي نه ٿي سگهجي. اهي مضبوط جلد، جن جي اشاعت ويهن سالن تائين جاري رهي، سندس شاهڪار آهن. هاڻي هو پنهنجي دلچسپ دئري اندر آهي ۽ اسارتي عام راين ۽ سياست جي فلسفي ذريعي پنهنجي هستيءَ جو اظهار ڪري ٿو. پهرئين ڪتاب ”معاشرتي انگ اکر“ کان وٺي پڇاڙيءَ واري ڪتاب ”سماجيات جا اصول“ تائين، سندس دلچسپي خاص طرح اقتصاديات ۽ حڪومت جي مسئلن سان آهن. افلاطون وانگر هو اخلاقي ۽ سياسي انصاف سان شروعات ڪري ٿو ۽ ان ئي مسئلي تي پنهنجو بحث ختم ڪري ٿو. ڪنهن به انسان سماجيات لاءِ ايترو نه ڪيو، جيترو هن جاکوڙيو آهي. ڪامتي، جيوڪو ان علم جو بنياد وجهندڙ هو ۽ ان لفظ جوٺاهيندڙ هو، تنهن به سماجيات جي ايتري مدد نه ڪئي، جيتري هربرٽ اسپينسر ڪئي آهي.

هڪ عام مقبول تمهيدي جلد ’سماجيات جو مطالعو‘ (1873ع) ۾ هو فصاحت سان هيءَ دليل پيش ڪري ٿو، ته ان نئين علم کي اهميت ڏني وڃي ۽ ترقي وٺرائي وڃي، جيڪڏهن نفسيات ۾ مقرريت صحيح آهي، ته پوءِ هر معاشرتي واقعي لاءِ ڪونه ڪو سبب ۽ نتيجي وارو سلسلو هئڻ لازمي آهي. انسان ۽ سماج جو ماهر فقط تاريخي واقعا سلسيلوار ڏيڻ تي راضي نه ٿيندو ۽ نه وري فقط سوانح عمرين پيش ڪرڻ تي. هو انساني تاريخ اندر ترقي جا عام اصول ڏسنود. سبب ۽ نتيجو جو سلسلو پروڙيندو ۽ روشن ڪندڙ گڏيل تعلقات جاچيندو. جيڪي حقيقتن جي بيابان کي سائنس جي دائري اندر آڻي نهايت واضح ڪن ٿا، جيتري قدر سوانح عمري، بشريات (Anthropology) لاءِ ضروري آهي، اوتري قدر تاريخ سماجيات لاءِ ان ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي، ته سماجيات کي صحيح نموني ۾ سائنس بنائڻ لاءِ اسان کي هزارين مصيبتن جو سماجيات کي صحيح نموني ۾ سائنس بنائڻ لاءِ اسان کي هزارين مصيبن جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ ڪيترن شخصي، تعليمي، ديني، اقتصادي، سياسي ۽ قومي تعصبن سان منهن ڏيڻو پوندو. ان کان سواءِ بي علم جاهل انسان، جيڪي هرهنڌ موجود آهن، سي اسان کي هيسائيندا. هڪ فرانس واسيءَ جي ڳالهه ڪندا آهن، جيڪو ٽي هفتا انگلينڊ ۾ مس رهيو، ته انگلينڊ تي ڪتاب تيار ڪرڻ جو ارادو رکيائين. پر پوءِ محسوس ڪيائين، ته اڃا کيس ڄاڻڻ جي ضرورت آهي، جڏهن هو انگلينڊ ۾ ٽي سال رهي چڪو، تڏهن هو ان نتيجي تي پهتو، ته کيس انگلينڊ بابت ڪابه خبر نه هئي. سڄي زندگيءَ جي مطالعي کان پوءِ ئي انسان علم طبعي يا علم ڪيميا يا حياتيات تي مهارت حاصل ڪن ٿا. پر معاشرتي ۽ سياسي ڪمن ۾ هر پان ٻيڙيءَ واري جو پٽ پاڻ کي استاد سمجهي ٿو. ائين محسوس ڪري ٿو، ڄڻ ته هن ئي حل ڳولي لڌو آهي ۽ اها تقاضا ڪري ٿو ته ٻيا خاموشيءَ سان هن کي ٻڌن.

اسپينسر جي ان حالت ۾ تياري، ذهني ايمانداريءَ جو زندهه مثال آهي، هن ٽي سيڪريٽري ان ڪم تي رکيا، ته هو کيس مواد ڪٺو ڪري ڏين ۽ هر اهم قوم جي گهرو، مذهبي، سياسي ۽ صنعتي ادارن بابت مواد جمع ڪري، ان جي لڳولڳ گروهه بندي ڪن. پنهنجي خرچ تي هن اٺن وڏن جلدن ۾ اهو مواد ڇپرايو، جيئن ٻيا طالب علم سندس نتيجن جي تصديق ڪري سگهن يا ترميم پيش ڪري سگهن. اها اشاعت سندس مرڻ وقت اڌوري رهجي وئي هئي. جنهن ڪري هو پنهنجي معمولي بچت مان ڪجهه حصو ان مهم کي پوري ڪرڻ لاءِ ڇڏي ويو. ستن سالن جي تياريءَ کان پوءِ سن 1876ع ۾ سندس سماجيات جو پهريون جلد شايع ٿيو ۽ 1896ع تائين پويون جلد تيار ٿي ويو. جڏهن اسپينسر جي تصنيف جو ٻيو حصو صرف تاريخ نويس لاءِ دلچسپيءَ جو باعث ٿيندو، تڏهن پڻ اهي ٽي جلد سماج جي هرهڪ  طالب علم لاءِ قيمتي سوغات ٿي رهندا.

ان جي باوجود هو يڪدم عام نتيجن تي پهچڻ جي خاميءَ کان هتي پڻ خالي نه آهي. هو سمجھي ٿو، ته سوسائٽي پڻ هڪ جسماني نظام آهي، جيئن هڪ فرد جي جسم اندر، غذا، رت جي دوري، ربط ۽ توليد جا عضوا آهن، تيئن سماج ۾ پڻ اهڙي قسم جا عضوا موجود آهن. اهو صحيح آهي، ته هڪ فرد اندر شعور هڪ هنڌ موجود آهي، پر سماج جي هرهڪ حصي کي جدا جدا  شعور ۽ ارادو آهي، پر حڪومت ۽ اختياريءَ جر مرزيڪت ان تفاوت گهٽايو ڇڏي. انهن وصفن جي مدنظر سماج جو نظام پڻ هڪ فرد جي جسماني نظام وانگر آهي.

سماج جو نظام پڻ نسري ٿو ۽ جيئن اسري ٿو تيئن وڌيڪ پيچيدهه ٿيندو وڃي ٿو. پيچيده ٿيڻ ڪري مختلف حصن جو هڪ ٻئي تي دارومدار وڌيڪ پڪو ٿئي ٿو. سماج جي ساري نظام جي عمر مختلف فردن جي عم کان گهڻو ڊگهي ٿئي ٿي. جيئن طرحين طرحين نوان عنصر پيدا ٿين ٿا. تيئن مرڪزيت ۽ سالمتي جي اهميت وڌي ٿي. ڪٽنب کان رياست تائين، ننڍن دڪانن کان وڏن ڪارخانن تائين ۽ ڳوٺن کان وڏن شهرن تائين ارتقا، اسان کي ڏيکاري ٿي، ته ارتقا ج رخ انتشار کان مرڪزيت طرف آهي. ساڳي وقت ڪم جي ورهاست، ڌنڌن ۽ ڪاروبارن جي ڪثرت، شهرن ۽ ڳوٺن جو هڪ ٻئي تي اقتصادي انحصار، هڪ قوم جو ٻي قوم تي دارومدار، اهي سڀ مثال ڏيکارين ٿا، ته موجوده دور ۾ ربط ۽ امتياز ترقي ڪري رهيا آهن.

قسمين قسمين جي شين ۽ ادارن جي سالميت جو اهو اصول سماجي ڪمن جي هرهڪ شعبي سان لاڳو آهي. مذهب ۽ حڪومت کان وٺي اسائنس ۽ فن تائين. شروع ۾ مذهب جو مطلب هو ڪيترن ئي ديوتائن ۽ روحن جي بندگي. پر پوءِ جئن مذهب ارتقا ڪندو رهيو، تيئن هڪ ئي مرڪزي ۽ طاقتور خدا جو تصور وڌيڪ پڪو ٿيندو ويو، جو سڀني روحن مٿان قابض هجي ۽ انهن کي پنهنجو پنهنجو ڪم سونپي ڏئي، جنهن ڪري هڪ ئي روحاني نظام قائم ٿي ويو. شروع ۾ شياد خوابن ۽ مري ويل انسانن جي روحن جي تصورن تائين ديوتائن ۾ اعتقاد پيدا ڪيو. اوائلي غير مهذب نفس ائين سمجهيو، ته موت، ننڊ يا مدهوشيءَ جي حالت ۾ روح جسم کي ڇڏي وڃي ٿو. ڇڪ جي حالت ۾ پڻ جڏهن ساهه زور سان ٻاهر نڪرڻ شروع ڪري ٿو، تڏهن ڪي روحاني قوتون ٻاهر نڪرڻ شروع ڪن ٿيون، جنهن ڪري اهڙن خطرناڪ واقعي وقت ماڻهو خدا جي پناهه حاصل ڪرڻ لاءِ دعائون گهرن ٿا. پڙاڏي ۽ پاڇي بابت ماڻهو سمجھندا آهن، ته اهي اسان جي روحن جا آواز ۽ نظارا آهن. شروع ۾ خدا جو تصور فقط هڪ دائمي رهندڙ روح هو. جيڪي شخص زندگيءَ جي دور ۾ طاقتور هئا. تن لاءِ ائين سمجھيو ويندو هو، ته موت کان پوءِ پڻ روحاني حيثيت ۾ هو پنهنجي قتو برقرار کن ٿا. ڪن قومن ۾ ديوتا ۽ مثل انسان هڪجھڙا سمجھيا وڃن ٿا ۽ انهن لاءِ هڪ ئي نالو مروج آهي. مثلاً جيهووا (Jehova) جو مطلب هو هڪ مصبوط انسان يا جنگي جوڌو، هو شايد هڪ مڪاني طاقتور شخص هو، جنهن جي موت کان پوءِ عبادت ڪئ يوئي ۽ جنهن بابت ائين سمجهيو ويو، ته هاڻي هو لشڪر جو غيبي ديوتا هو. اهڙن خطرناڪ روحن کي راضي ڪرڻ ضروري هو. موت جي ڪريا ڪرمن مان بندگيءَ جو تصور پيدا ٿيو ۽ جيئن دنيا جي بادشاهه کي راضپو حاصل ڪرڻ لاءِ انسان ڪئين طريقا استعمال ڪري ٿو. تيئن ديوتائن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي رسمون ۽ رواج اختيار ڪيا ويا. ماڻهو ديوتائن کي سوکڙيون ۽ سوغاتون ڏيڻ لڳا. جن مان مذهبي ادارن کي آمدني ٿيڻ لڳي. رومي موت کان اڳ ئي پنهنجن حاڪمن کي ديوتا جو درجو ڏيندا هئا، جنهن مان صاف ظاهر آهي، ته اوائلي دور ۾ ماڻهو مري ويل بادشاهه کي ديوتا ڪري پوڄيندا هئا. مذهب جي ابتدا وڏن جي بندگيءَ مان ئي ٿي. هڪ حاڪم جي ڳالهه ڪندا آهن، ته هن بپتسما (عيسائي) ٿيڻ) کان انڪري  انڪار ڪيو، جو کيس ٻڌايو ويو، ته هو مرڻ کان پوءِ پنهنجن ابن ڏاڏن سان ملي ڪونه سگهندو، جن جي بپتسما ڪانه ٿي. سن 1905ع واري لڙائي ۾ ان اعتقاد جاپانين ۾ بهادريءَ جو روح ڦوڪيو، ته سندن ابا ڏاڏا آسمان کان سندن طرف نهاري رهيا هئا، جنهن ڪري  منجهانئن موت جو ڊپ غائب ٿي ويو ۽ موت سندن لاءِ آسان ٿي پيو.

مذهب شايد اوائلي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ هڪ مرڪزي عنصر هو. اوائلي دور م زندگي خطرن سان ڀرپور هئي ۽ نيچ هئي، تنهنڪري ماڻهن جا نفس هميشه آئندهه جي اميد تي ڀروسو رکندا هئا ۽ موجوده حالتن جي حقيقت کان ڪناره ڪشي ڪندا هئا. ڪجهه قدر وري فوق الفطرتي مذهب جو واسطو فوجي سماج سان پڻ هو. جيئن ماڻهو لڙائيءَ جو تصور وساري ڇڏيندا آهن ۽ محنت ۽ صنعت طرف رجوع ڪندا آهن، تيئن خيال جو لاڙو موت کان زندگيءَ طرف ٿيندو آهي ۽ زندگي ڪنهن بزرگ اختياريءَ جي قبضي کان نجات حاصل ڪري،آزادي ۽ عزم جي کليل شاهراهه تي فخر سان قدم وڌائيندي آهي. سڀ کان وڌيڪ اهم تبديلي جيڪا مغربي سماج اندر ظاهر ٿي آهي، سا آهي فوجي نظام کي ڊاهي، ان جي جاءِ تي صنعتي نظام جو بنياد رکڻ. اڪثر ڪري سماجن جي درجه بندي ان لحاظ کان ڪئي ويندي آهي، ته ان ۾ شهنشاهيءَ اشرافيائي يا جمهوري نظام حڪومت يا نه، پر درحقيقت اهي فرق مٿاڇرا آهن. اسان کي ڏسڻو آحي، ته سماج جو دارومدار ڦرلٽ تي آهي، يا محنت ۽ صنعت تي، نظام حڪومت فوجي آهي يا صنعتي. ان ڪسوٽيءَ تي ئي اسان سماجن ۽ قومن جي گروهه بندي ڪري سگهون ٿا.

هڪ فوجي رياست ۾ مرڪزي حڪومت هميشه طاقتور هوندي آهي ۽ سندس رخ گهڻو ڪري شهنشاهيت طرف هوندو آهي. عوام جي مدد فوجي طريقي زبردستيءَ سان حاصل ڪيو ويندو آهي، مذهب ماڻهن تي زور مڙهيو ويندو آهي ۽ جنگي ديوتا جي بندي ڪرائي ويندي آهي. اهڙو نظام سماج کي درجن يا طبقن ۾ ورهائيندو آهي ۽ هرهڪ طبقي لاءِ نرالا قاعدا قانون ٺاهيا ويندا آهن. ان ۾ مرد وٽ قبضو هوندو آهي. جيئن ته فوجي سماجن ۾ مردن جو موت گهڻو هوندو آهي، تنهن ڪري هڪ مرد گهڻين زالن سان شادي ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيندو آهي. ان ڪري عورتن کي نهايت گهٽ حيثيت هوندي آهي. گهڻيون رياستون فوجي ان ڪري ٿي رهيو آهن، جو جنگ مرڪزي قوت کي وڌائي ٿي ۽ سڀ غرض رياست جي ڀلي خاطر ان جا زيردست ٿيو پون. ان ڪري تاريخ محض ڦرلٽ، غداري، خون ريزي ۽ قومي خودڪشيءَ جو هڪ يادگيرو آهي. اوائلي غير مهذب سماجن لاءِ آدمخوري هڪ شرمناڪ داغ آهي، پر ڪي موجود زماني جا مهذب سماج پڻ سڄي قوم جو رت چوسي، ان کي ڳڙڪائڻ تي آمادهه آهن. جيستائين اسان لڙائي کي غير قانوني ڄاڻائي، ان کي ختم ڪونه ڪيو آهي، اسان جي تهذيب آفتن جي وچ ۾ هڪ عارضي کيل ٿي رهندي. هڪ اعليٰ درجي جي سماجي رياست ان حالت ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي، جڏهن لڙائي بلڪل ختم ڪئي وڃي.

 اهڙي اعليٰ ترقيءَ جي اميد انساني دلين کي روحاني رنگ ۾ رچڻ مان نه آهي، پر صنعتي سماجن جي واڌاري مان آهي. صنعت جمهوريت ۽ صلح کي آڻي  ٿي. جيئن زندگيءَ مٿان جنگ جو قبضو گهٽجي ٿو، تيئن اقتصادي ترقيءَ جا هزاري مرڪز قائم ٿين ٿا ۽ سموري قوم جي ڀلي خاطر حڪومت جون اختياريون گهڻن ماڻهن جي وچ ۾ ورهايون وڃن ٿيون. اقتصادي پيداوار جي خوشحالي ان ۾ آهي، ته عام ماڻهن کي آزاد اختيار ڏنو وڃي، ته ڀلي هو نيون تجويزون پيش ڪري، انهن کي صورت ڏئي، ان مان فائدو حاصل ڪن. اهڙي قسم جو سماج فضول روايتن کي پرزا پرزا ڪري ٿو ڇڏي ۽ اجاين فرقن کي ختم ڪري ٿو ڇڏي. اهڙي نظام ۾ هڪ فوجي سپاهيءَ جي ايتري عزت نه ٿي ڪي وڃي ۽ حب الوطني جو مطلب، ٻين قومن سان نفرت ڪرڻ نه، پر پنهنجي قوم سان پيا ڪرڻ ڪڍيو وڃي ٿو. گهرو صلح، خوشحاليءَ جي پهرين تقاضا ڪري ليکجي ٿو. جيئن سرمايو بين الاقوامي ٿئي ٿو، تيئن ٻاهرين ملڪن جو پيسو، ملڪي حدو ٽپي اچي ۽ ڪنهن خاص ملڪ اندر سيڙجي ٿو جنهن ڪري بين الاقوامي صلح هڪ اهم ضرورت ٿيو پوي. جيئن ٻاهرين ملڪن سان جنگ جو انديشو گهٽجي ٿو، تيئن گهرو وحشانيت جا طريقا گهٽج استعمال ڪيا وڃن ٿا. جيئن ت مرد جي زندگي ذري گهٽ عورت جي زندگيءَ جيتري  ٿئي ٿي، تنهن ڪري هڪ مرد هڪ ئي عورت سان شادي ڪري ٿو ۽ عورتن جو تعداد وڌي نه ٿو وڃي. عورتن جي سماجي حيثيت وڌي ٿي ۽ ڏاڪي به ڏاڪي انهن ۾ سجاڳي اوس پيدا ٿئي ٿي. عقيدن سان ڀرپور مذهبن جي بدران ملڪ اندر آزاد خيال فرقا وجود ۾ اچن ٿا، جن جي ڪوشش جي مراد ۽ مقصد آهي، انساني زندگيءَ جو سڌارو ۽ ان جي شان شوڪت ۾ اضافو، ڪارخانن جي ڪلن جي چرپر انسانن کي ڪائناتي ميڪانيت طرف متوجهه ڪري ٿي ۽ سبب ۽ نتيجي جي سلسلن کان آگاهه ڪري ٿي، جيڪي مستقل آهن. قدرتي سببن جي صحيح تحقيق، فوق الفطرتي سمجھاڻين جي جڳهه وٺي ٿي. هاڻي تاريخ نويس بادشاهن جي لڙاين سان شروعات نه ٿا ڪن، پر عوام جي محنت سان هاڻي تاريخ عظيم شخصيتين جو رڪارڊ ڪري نه ٿي ليکي وڃي، پر عظيم ايجادن ۽ خيالن جو بيان. حڪومت جون اختياريون گهٽجن ٿيون ۽ رياست ۾ مال پيدا ڪندڙ گروهن جو اقتدار وڌي ٿو. حڪومت جي چاهه ۽ جلوي بدران گڏيل آزادانه معاهدي جو خيال وڌيڪ مقبول ٿئي ٿو. ظلم ۽ زبردستيءَ سان رعيت کي قبضي هيٺ رکڻ جي بدران عام ماڻهن جو حوصلو وڌايو وڃي ٿو ۽ منجهن آزاديءَ جو روح ڦوڪيو وڃي ٿو. مطلب ته فوجي ۽ صنعتي سمان ۾ فرق هيءُ آهي، ته پهرئين ۾ فرد رياست جي مفاد لاءِ زندهه رهن ٿا ۽ پوئين ۾ رياست فردن جي مفاد لاءِ وجود ۾ اچي ٿي.

انگلينڊ جي وڌندڙ سلطنت شاهي ۽ فوجي نظام خلاف اعتراض وٺندي، اسپينسر چيو، ته انگلينڊ جو رخ هميشه صنعتي نظام طرف پئي رهيو آهي. اشاري طور هن چيو، ته ساڳيءَ وقت فرانس ۽ جرمني فوجي نظام جا مثال آهن.

”هر وقت اسان جون اخبارون اسان کي ياد ڏيارن ٿيون، ته اسان کي فوجي ڳالهين ۾ جرمني ۽ فرانس سان چٽاڀيٽي ڪرڻي آهي. هر حالت ۾ سياسي نظام، پنهنجون قوتون، صرف ڏندن ۽ چنبن جي واڌ لاءِ خرچ ڪري ٿو. جڏهن ڪوبه ملڪ پنهنجو فوجي ساز سامان وڌائي ٿو، ته ٻيا ملڪ پڻ ساڳيو ئي طريقو اختيار ڪن ٿا. تازو فرانس جي پرڏيهي وزير، ٽيونس، ٽانگ ڪنگ، ڪانگو ۽ مڊغاسڪر (Madagascar) طرف اشارو ڪندي چيو ته سياسي ڦرمار ۾ اسانک ي ٻين قومن جو مقابلو ڪرڻو آهي. هن ٻٽاڪي انداز ۾ ظاهر ڪيو، ته ڪمذات ماڻهن جي ملڪن تي زبردستيءَ سان قبضو ڪري، فرانس پنهنجو اڳوڻو شان ۽ شوڪت وري حاصل ڪيو آهي. اسپينسر جو رايو آهي، ته ان ڪري ئي فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ اشراڪيت پسند ماڻهن جو اضافو ٿي رهيو آهي، جن جو خيال آهي، ته مال ملڪيت جو مالڪ ان جو پيدا ڪندڙ نه آهي، پر انگلينڊ ۾ ساڳي وقت ماڻهن جو رخ اشتراڪي يا ڪميونسٽ رياست قائم ڪرڻ طرف ڪونه آهي. اتي هرڪو ماڻهو پنهنجي محنت جو ڦل حاصل ڪري ٿو ۽ ان کي پنهنجي ملڪيت ڪري سمجھي ٿو، جنهن جو اڪيلو مالڪ خود هو آهي. مطلب ته فوجي نظام ۽ اشتراڪيت جي وچ ۾ گهرو تعلق اهي.“


(1)  اُڻو = Atom، گڏيل اڻو= Molecule

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org