سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
فلسفي جي ڪهاڻي |
باب:
-- |
صفحو :2 |
آخر ۾، مابعدالطبعيات (فلسفي جو هيءُ علم فلسفي جي ٻين علمن
وانگر نه آهي، جيڪي حقيقت کي آدرشي/مثالي قدر
سان ملائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.) سڀني شين جي
بنيادي/ پهرين/ آخري/توڙ واري حقيقت جو
مطالعو آهي ۽ مادي جي آخري صورت (جنهن جو
مطالعو آنتولاجي
(Ontology)
ڪري ٿي) ۽ ذهن (جنهن جو فلسفياڻيءَ نفسيات اُن
جو مطالعو ڪري ٿي) جي وچ ۾ اندروني رشتي جو هي
موضوع/علم ڄاڻ جي مختلف عملن جي ذريعي مطالعو
ڪري ٿو.
اهي آهن فلسفي جا حصا. پر جيڪڏهن اسان فلسفي کي ان ريت ٽڪر ٽڪر
ڪنداسين، ته سندس سونهن ۽ اتساهه غائب ٿي
ويندو، هتي اسين فلسفي جي تلاش دستوري طرح
سندس تجريدي موضوعن ذريعي نه، بلڪ سدا حيات
فلسفين جي زندگين ۽ سندن ذهني اوسر جي مطالعي
سان ئي ڪنداسون. اسان کي فقط فلسفي جو نه پر
فلسفي جو اڀياس ڪرڻو آهي. اسين پنهنجو وقت ۽
پنهنجو پورهيو ڏاهپ جي متوالن ۽ فلسفي جي
شهيدن جي صحبت ۾ صرف ڪنداسين، ته ڀلي سندن
روشن روح اسان جي آس پاس رهاڻ ڪن، ايستائين،
ليونارڊو
(Leonardo)
جي چوڻ مطابق، اسان کي پڻ، انهن جي سنگت ۾،
ڪجهه قدر اُها سڀ کان اعليٰ راحت ميسر ٿئي ٿي،
جنهن کي ”ڄاڻڻ يا سمجھڻ جي خوشي“ سڏيو ويو
آهي. جيڪڏهن اسان انهن مان هرهڪ فلسفيءَ جي
ويجهو اينداسين، ته اسان کي معلوم ٿيندو، ته
منجھانئن هرهڪ وٽ اسان جي لاءِ ڪونه ڪو سبق ۽
نصيحت موجود آهي. ايمرسن
(Emerson)
پڇي ٿو ته: ”ڇا، اوهان کي خبر آهي ته هڪ سچي
عالم جو راز ڇا آهي؟ هيءُ ته هو ائين سمجي
گذاري ٿو، ته سڀ ڪنهن انسان ۾ ڪي ڪجهه موجود
آهي، جنهن وٽان مان ڪجهه پرائي سگهان ٿو، ۽ ان
صورت ۾ مان هن جو شاگرد آهيان.“
اسان کي پڻ تاريخ جي بزرگ هستين سان ان طرز جو وهنوار رکڻ کپي ۽
ائين سمجھن گهرجي، ته انهن جي پوئلڳ ٿيڻ مان
اسان جي وقار ۽ عزت کي ڪو ضرر نه رسندو. هن
سلسلي ۾ ايمرسن جو هڪڙو ٻيو خيال به اسان لاءِ
ڪارگر ٿي سگهي ٿو. چوي ٿو، ته ”جڏهن ڪو اعليٰ
دماغ ڏاهو اسان سان مخالب ٿئي ٿو، ته اسين
هڪدم ائين محسوس ڪريون ٿا، ڄڻ ته اُن جا خيال
اُهي ساڳيا ئي آهن، جيڪي تازه دم جوانيءَ واري
وقت ۾ اسان جا پنهنجا هئا، مگر تڏهن اسان ۾
اها همت ۽ هنر ڪونه هو، جو اسان انهن خيالن کي
لفظي يا فني جامو پهرائي سگهون.“ تنهن جي
معنيٰ ته اهي ڏاها، اسان سان محض ايتري قدر
ڳالهائين ٿيون، جيتري قدر اسان جي ڪنن ۽ روح
کي انهن جي ٻڌڻ جي لياقت آهي، فقط ايتري قدر
جيتري قدر اسان ۾ ان ٻوٽي جون پاڙون کتل آهن،
جنهن جا گل انهن اعليٰ هستين جي قول ۽ عمل جي
صورت ۾ نڪري نروار ٿيا آهن، درحقيقت اسين پڻ
اهي ساڳيا ئي آزمودا پرايون ٿا، جن مان اهي
ڏاها لنگهي پار پيا آهن. فرق فقط هيءُ آهي، ته
اسان انهن آزمودن ۽ تجربن مان اهي اونها راز ۽
نازڪ مطلب نه ڪڍيا آهن، جيڪي انهن ڏاهن ڪڍيا
آهن. هڪ اعليٰ هستي روحاني دنيا جا آلاپ ٻڌي
ٿي، کيس خبر آهي، ته فيثاغورث جو مطلب ڇا آهي،
جڏهن هو چوي ٿو ته ”فلسفو، هڪ اعليٰ موسيقي
آهي.“
اچو ته اسين انهن انسانن کي ٻڌون، انهن جون عارضي ڀُلون ۽ چڪون
نظرانداز ڪريون، انهن جا پيش ڪيل سبق اهڙي شوق
سان پرايو، جهڙي شوق سان انهن ڏنا هئا. ٻُڍڙي
سقراط، ڪرائٽو کي نصيحت ڪندي، هيئن چيو هو، ته
”توکي عقلمند شخص ٿيڻ کپي، ان ڳالهه جو خيال
نه ڪر، ته فلسفي جا استاد بُرا آهن يا ڀلا، پر
تون فقط فلسفي جو خيال ڪر ۽ ان کي سچائيءَ سان
۽ چڱيءَ ريت پروڙ. جيڪڏهن اهو ماڻهن کي بديءِ
طرف مائل ڪري، ته تون سڀني ماڻهن کي انهيءَ
کان باز آڻ. پر جيڪڏهن اهو خوبين سان ڀرپور
آهي 7 انسانن کي بهترين راهه ڏانهن ڇڪي ٿو،
جيئن منهنجو اعتقاد آهي، ته اهو ئين ئي ڪري
ٿو، ته پوءِ توکي گهرجي ته ان جو پوئلڳ ٿي، ان
جو پرچار ڪر ۽ جوڳين وانگر ان جي تلاش ۾ محو
رهه، ۽ ڪنهن جي پرواهه نه ڪر ۽ خوش گذار.“
باب پهريون
افلاطون:
Plato
تاريخي ۽ سماجي پس منظر
The Context of Plato
جيڪڏهن اوهين يورپ جي نقشي تي نظر وجھندا ته اوهان کي معلوم
ٿيندو، ته يونان جو ملڪ هڪ هڏائين هٿ وانگر
آهي، جنهن جون ڏنگيون ڦڏيون آڱريون، ڀونچ سمنڊ
(Mediterranean Sea)
طرف وڌيل آهن. ان جي ڏکن طرف ڪريٽ
(Crete)
جو عظيم ٻيٽ آهي، جتان عيسوي سن کان ٻه هزار
ورهين اڳ، يونانين، تهذيب ۽ تمدن جا ابتدائي
سبق حاصل ڪيا، اوڀر طرف، ايجين سمنڊ
(Agean Sea) جي ٻئي پاسي، ايشيا ڪناري جي سرزمين آهي، جيڪا هن وقت خاموش ۽
مرده ٿي چڪي آهي، پر افلاطون
(Plato)
جي زماني کان اڳي، هيءَ صنعت، واپار ۽ سوچ
ويچار جو مرڪز هئي. اولهه طرف ’آيونئن‘ سمنڊ
(Ionian Sea)
جي ٻئي ٻئي طرف اٽلي آهي، جا سمنڊ ۾ هڪ نوڙيل
مناري وانگر، بيٺل پيئي لڳي. ساڳئي طرح اسپين
۽ سسلي آهن، جيڪي ان زماني ۾ يونان جون خشحال،
ترقي ڪندڙ بيٺڪون هيون، آخر ۾ جبرالٽر
(Gibraltar)،
جنهن کي ان زماني ۾ ”هرڪيولس جا ٿنڀا“ چيو
ويندو هو، هڪ اهو خوفنائتو سمنڊ آهي، جتان
گهڻن قديم جهاز رانن کي لنگهڻ جي همت ئي ڪانه
ٿي ٿئي. اتر پاسي اهي جهنگلي ۽ غير مهذب ملڪ
هئا، جن کي ان وقت ٿِسلي
(Thessaly)،
ايپيرس
(Epirus)
۽ مَيسيڊونيا
(Mecedonia)
سڏيو ويندو هو، جن مان اهي طاقتور قبيلا آيا،
جن دنيا کي هومر
(Homer)
۽ پيريڪلز
(Pericles)
جي زماني جون بزرگ هستيون ۽ عظيم ڪارناما مهيا
ڪري ڏنا.
جيڪڏهن وري ساڳئي نقشي تي غور سان نظر ڪندا،
ته اوهان کي معلوم ٿيندو، ته يونان جو ڪنارو،
بيحد کاڌل ۽ وروڪڙ واروآهي ۽ زمين لاهين
چاڙهين واري اٿس. هن سرزمين ۾ هر طرف نهرون ۽
ناريون، اپسمنڊ ۽ چشما موجود آهن، سڄي زمين
جبلن ۽ ٽڪرن سان ڀريل آهي، اهڙيءَ طرح، يونان
انهن قدري بحري ۽ بري بندرن جي ڪري ٽڪرن ٽڪرن
۾ ورهائجي ويل هو. ان وقت اتي مسافري ۽ آمدرفت
بيحد خطرناڪ هئي، هر هڪ ماٿريءَ ۾ پنهنجي
پنهنجي اقتصادي زندگي هئي، جنهن سبب هر
ماٿريءَ ۾ خود حڪومت، ادارا، لهجا، مذهب ۽
تمدن پننجا پنهنجا پيدا ٿي پيا هئا، خود
حڪومت جي دائري ۾ هڪ يا ٻه اهڙا شهر هئا، جيڪي
جبلن جي وچ ۾ هئا، جن جي ماٿرين ۾ پوک لائق
زمين موجود هئي، انهن ئي قسم جي حڪومتن کي
”شهري رياستون“ سڏيو ٿي ويو، جن کي
تاريخ ۾ يوبيا
(Euboea).لوڪرس
(Locris)،
آٽوليا
(Atolia)،
فوسس
(phocis)،
بوشيا
(Beotia)،
ايڪيا
(Achae)،
آرگولس
(Argolis)،
ايلس
(Ellis)
۽ آرڪيڊيا
(Arcadia)
۽ ميسينيا
(Messenia)
۽ ليڪونيا
(Laconia)
جنهن جي اسپارٽا
(Sparta)
شهر کي تاريخي شهرت حاصل آهي، ۽ ائٽيڪا
(Attica)
جنهن جو مک شهر اٿينس هو، جي نالن سان ياد ڪيو
ٿو وڃي، وري به هڪ ڀيرويونان جي نقشي ڏانهن
نهاريون ۽ اٿينس جي بيهڪ کي جاچي ڏسو، اهو
شهر، يونان جي سڀني
وڏن شهرن جي اوڀر طرفآهي، اهوڄڻ ته هڪ دروازو
آهي، جنهن مان يوناني لنگهي، ايشيا مائنر جي
سرگرم شهر طرف
وک وڌائيندا هئا، ۽ انهيءَ ئي دروازي رستي، ايشيا مائنر جا قديم
شهر، عيش عشرت جو سامان ۽ تمدن نوجوان ۽
پراُمنگ يونان ڏانهن موڪليندا هئا، اٿينس کي
هڪ تعريف جوڳو بندر هوندو هو، جنهن جو پَئريوس
(piraus)
هو، جتي بي انداز بيڙا، خطرناڪ سامونڊي لهرين
۽ طوفانن کان بچي، اچي پناهه وٺندا هئا، اٿينس
کي هڪ وڏو سامونڊي فوجي ٻيڙو به هوندو هو.
490- 470 ق.م وارن سالن ۾ اسپارٽا ۽ اٿينس
وارن پنهنجا ذاتي وير وساري،پنهنجي سموري طاقت
کي منظم ڪري، ايران جي شهنشاهه دارا
(Darius)
۽ خسروءَ
(Xerxes)
جي
حملن جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ انهن کي
پوئتي هٽائي ڇڏيو، اهڙي طرح ايشيائي شهنشاهيت
جي بيٺڪي غلاميءَ هيٺ اچڻ کان پاڻ بچائي ورتو.
نوجوان يورپ ۽ ٻڍڙي
ايشيا جي هن ڪشمڪش ۾ اسپارٽا بَري ۽ اٿينس
بحري لشڪر ميدا تي آندا. جڏهن لڙائي ختم ٿي،
تڏهن اسپارٽا پنهننجي لشڪرجي هڪ وڏي حصي کي،
نوڪريءَ کان موڪل ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ کيس
لازمي طور اقتصادي بدامنيءَ کي منهن ڏيڻو پيو.
ساڳئي وقت اٿينس پنهنجي بحري لشڪر جي ٻيڙي
کي،واپاري ٻيڙي جي صورت ۾ تبديل ڪيو، انهيءَ
تبديليءَ جي ڪري قديم دنيا جي واپاري شهرن مان
اٿينس کي سڀ
کان اعليٰ حيثيت حاصل ٿي ۽ اسپارٽا فقط زرعي پيدائش تي گذارو
ڪيو. ان ڪري دنيا سان سندس ناتا قائم نه رهي
سگهيا ۽ سندس ترقي رڪجي ويئي. اٿينس دنيا جي
سرگرم تجارتي منڊي ۽ مختلف نسلن ۽ ريتن رسمن
وارن انسانن جي گڏجڻ ڪري ۽ ميلاپ جي سرزمين
بنجي ويئي، اهڙي طرح مختلف قومن جي ميل ميلاپ،
ڏي وٺ ۽ ڇڪتاڻ وسيلي، اُتي زندگيءَ جي مختلف
قومن ميل ميلاپ، ڏي وٺ ۽ ڇڪتاڻ واسيلي، اُتي
زندگي جي مختلف عقيدن ۽ فلسفن جي وچ ۾ ڀيٽ ٿيڻ
شروع ٿي، ۽ فڪر جي دنيا۾ تجرباتي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ
جو مادو ۽ خيال جي قوت پيدا ٿي.
اهڙن مرڪزن ۾، جتي مختلف نمونن ۽ خيالن جي
انسانن جي آمد رفت ۽ ڏي وٺ ٿئي ٿي، اتي
روايتون ۽ عقيدا پاڻ ۾ ٽڪرجن ٿا ۽ گسجي مسجي
پنهنجو تيز ۽ کهرو انداز بلڪل وڃايو ڇڏين. جتي
هزارين مذهب ۽ عقيدا موجود هجن. اتي فطرتي طور
ماڻهوءَ جي من ۾ انهن بابت شڪ شبها پيدا
ٿيندا. شايد، سڀ کان پهريان شڪي انسان واپاري
ئي هئا. هُنن ايتري قدر ته ڏٺو وائٺو ٿي، جو
هو گهڻين ئي ڳالهين مان پنهنجو اعتقاد وڃائي
ٿي ويٺا، گهڻو ڪري واپارين ماڻهن جي طبيعت
ائين ٿيندي آهي، جو هو سڀني ماڻهن کي صرف ٻن
قسمن ۾ ورهائيندا آهن، يعني هڪڙا بيوقوف ۽
ٻيا ٺڳ. انهيءَ ڪري هو هر هرهڪ عقيدي ۽ طريقي
جي باري ۾ شڪ جو اظهار ڪندا آهن.۽ ان جي پوري
ڇنڊ ڇاڻ ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح اٿينس جا واپاري
به ائين سائنس کي ترقي ڏياري رهيا هئا. ۽ جيئن
جيئن ڏي وٺ ۽ حساب ڪتاب جا مسئلا وڌيڪ پيچيده
ٿيندا ويا، تيئن اتي رياضيءَ جي علمن ترقي
ڪئي، ۽ جيئن جيئين بحري سفر ۾ ماڻهو وڌيڪ
بهادر۽ بي ڊپا ٿيا، تئين علم هيئت
(Astronomy)
اڳتي قدم وڌايو. دولت جي وڌڻ ڪري ماڻهن کي وقت
جي بچت هڪ طرف ٿي ۽ سلامتيءَجو احساس ٻئي طرف
ٿيو، جنهنڪري
کين
کوجنا ۽ خيال ڪرڻ جوموقعو مليو. ماڻهو هاڻ نه فقط بحري سفر
بابت، پر ڪائنات جي رازن پروڙن واسطي به تارن
جي معلومات حاصل ڪرڻ لڳا.
يونان جا سڀ
کان اوائلي فلسفي علم هيئت جا ماهر
(Astronomers)
هئا. ارسطو چوي ٿو: ”ايران سان لڙاين ۾ فتحن
حاصل ڪرڻ کان
پوءِ، يونان بجا طور پنهنجو پاڻ تي فخر ڪندا
رهيا ۽ اڳتي قدم وڌائيندا رهيا. هنن سموري علم
کي پنهنجي دنيا سمجھيو، ۽ ان جي هرهڪ پهلوءَ
جي باري ۾ هو جاچ جوچ
ڪندا رهيا.“ ماڻهن کي همت پيدا ٿي ۽ هو هيئنر
انهن واقعن ۽حادثن جي سمجھاڻي، قدرتي قاعدن ۽
قانونن موجب ڏيڻ لڳا، جن لاءِ اڳي هو ديوين ۽
ديوتائن کي ذميوار سمجھندا هئا، آهستي آهستي
جادو ۽ ڪريا ڪرم جو زور ۽ اعتقاد ماڻهن مان
گهٽبو ويو، آهستي آهستي ماڻهن
۾ انهن جي جاءِ تي سائنس ۽ انساني قوت ۾
اعتماد پيدا ٿيو ۽ اهڙيءَ ريت فلسفو شروع ٿيو.
اوائلي دور ۾ فلسفي صرف جسماني شين سان واسطو
ٿي رکيو. ان مادي جي دنيا تي نظر ٿي وڌي ۽
سوال ٿي اٿاريو ته شين جو قطعي ۽ ناقابل
تبديلي ترڪيبي جزو ڪهڙو آهي. خيال جي هن لاڙي
جو فطري خاتمو ڊيموڪريٽس
(Democritus)
(460- 360 ق. م) جي ماديت واري فلسفي تي ٿيو،
جنهن
موجب ”درحقيقت جوهرن
(Atoms)
۽ خلا
(space)کان
سواءِ ٻيو ڪي ڪين آهي.“ هيءَ يونان فڪر جي مکي
ڌارائن مان هڪ اهم ڌار هئي. افلاطون جي زماني
۾ اها ڌارا ڍڪجي ۽ دٻجي ويئي، پر ايپيڪيورس
(Epicurus)
(342 – 270 ق.م) جي وقت ۾ اُها وري ظاهر ٿي ۽
ليوڪريٽيئس
(Luicretius)
(98- 55 ق.م) جي هٿن ۾ ۽ زبان تي هيءَ ڌارا
فصاحت ۽ بلاغت جي جوشيلي درياء وانگر ٻيهر وهڻ
لڳي. پر يوناني فلسفي جي خصوصي ۽ نمايان ترقي
سُوفسطائين جي زماني ۾ جلوه گر ٿي. سوفسطائي
”ڏاهپ جا سيلاني استاد“ سڏبا هئا. جن شين جي
ٻاهرينءَ دنيا تي نظروجھڻ بدران، پنهنجي اندر
۾ جھاتي پائي. پنهنجي جيءَ ۾ خيال ۽ فطرت جو
معائنو ڪيو. اهي سڀ هوشيار ماڻهو هئا، (جيئن
ته جارجياس
(Gorgias)
۽ هپاز
(Hippaz)
، ۽ انهن مان گهڻن ۾ فڪر جي گهرائي هئي (جيئن
ته پروٽئگورس
(Protagoras)
۽ پروڊيڪس
(prodeix)،
موجوده زماني ۾ فلسفه نفس
(Philosophy of mind)
۽ علم اخلاق ۾ اهڙو ڪو ورلي مسئلو يا ان جو حل
آهي. جيڪو انهن محسوس نه ڪيو هجي يا جنهن تي
انهن بحث نه ڪيو هجي. انهن هر شيءِ تي سوال
پڇيا، مذهبي ۽ سياسي پابنديون هوندي به هو بي
خوف رهيا، ۽ هر عقيدي ۽ سياسي ۽ سماجي اداري
کي همت سان عقل جي عدالت سامهو، پيش ڪيائون.
سياست متعلق هو ٻن فرقن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙن
روسو
(Rousseau)
وانگر دليل ڏنا ته قدرت چڱي آهي ۽ تهذيب بري
آهي، قدرتي طرح سڀ انسان هڪ جھڙا آهن، پر پوءِ
طبقاتي طور ٺهيل ادارن منجھن گهٽ وڌائي پيدا
ڪئي آهي، انهن جي خيال موجب قاعدو طاقتور
انسانن جو من گهڙت هٿيار
آهي، جنهن سان هو
ميڻڻ کي غلام بڻائي مٿن حڪمراني ڪن ٿا. ٻين
واري نٽشي وانگر هيءَ دعويٰ ڪئي ته قدرت چڱائي
۽ برائي کان بالاتر آهي، قدرتي طور انسانن ۾
غير برابري موجود آهي. اخلاق وغيره ميڻ جو من
گهڙت هٿيو آهي، جنهن سان هو طاقتور انسانن جي قوت کي محدود ڪن ۽ انهن جي ارادن کي روڪين ٿا،
قوت سڀ کان اعليٰ نيڪي آهي ۽ اهائي انسان جي
اعليٰ خواهش آهي، حڪومت جي سڀني قسمن ۾ وڌ ۾
وڌ عقلمنديءِ ۽ فطري اصولن تي مبني ”آمريت“
آهي، وغيره.
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي، ته جمهوريت تي هيءُ حملو
عڪس هو، انهن حالتن جو جڏهن اٿينس ۾ دولتمند
ماڻهن جي هڪ اقليت ترقيءَ جي راهه تي گامزن
هئي، جن پاڻ کي ”اميرن جي پارٽي“ سڏايو ٿي، ۽
جن جمهوريت کي ”نااهليت جو سانگ“ سڏي، بدنام
ڪرڻ ۾ ڪا اٽڪ محسو ڪانه ٿي ڪئي. هڪ ڳالهه ته
ان وقت اُتي ڪا جمهوريت هئي ئي ڪانه، جنهن تي
اميرن طرفان ايتري ملامت ڪرڻ ضروري ٿي سمجھي
ويئي، اٿينس جي چئن لکن جي آباديءَ مان اڍائي
لک ته غلام هئا، جن کي ڪنهن به قسم جا سياسي
حق ڪونه هئا ۽ باقي رهيل ڏيک لک آزاد شهر
واسين مان ڪي تمام ٿورا شهري عام اسيمبليءَ ۾
حاضر ٿيندا هئا. جتي رياست جي پاليسيءَ بابت
بحث ڪيو ويندو هو ۽ فيصلا ڪيا ويندا هئا.
بهرحال جيتري قدر به جمهوريت موجود هئي.، اها
ايتري قدر مڪمل ته هئي، جو ان زماني کان پوءِ
اهڙي مڪمل جمهوريت ڪڏهن به ڪانه عمل ۾ اچي
سگهي آهي. عام اسيمبلي رياست جي اختيار اعليٰ
جو مرڪز هوندي هئي ۽ رياست جي اعليٰ عدالت،
جيڪا ئي حڪومت جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽
بااختيار تنظيم هوندي هئي، اُها
هڪ هزار ميمبرن تي مشتمل
هوندي هئي،
ايترا گهڻا ميمبر انهيءَ ڪري ته انهن کي رشوت
ڏيڻ مهانگي ڳالهه ٿي پوي.)، جي واري واري سان
سندن نالن جي الف- بي جي حساب موجب چونڊيا
ويندا هئا! دراصل ڪوبه ادارو انهيءَ کان وڌيڪ
جمهوري نٿي ٿي سگهيو، نه وري ڪو ادارو، ان جي
مخالف ڌر جي چوڻ موجب، ان کان وڌيڪ نامعقول به
ٿي ٿي سگهيو.
پيلوپونين
(Pelopnnesian)
لڙائيءَ جي دور ۾ 400- 430 ق.م کان اڳ) جڏهن
اسپارٽا جي بري فوجي طاقت، اٿينس جي سامونڊي
طاقت جو مقابلو ڪيو ۽ آخر ان کي شڪست ڏني.
تڏهن اٿينس جي اميرن جي پارٽيءَ ’ڪِريٽِاس
(Critias)‘
جي اڳواڻيءَ
هيٺ تبليغ ڪئي ته جمهوريت کي ڦٽي ڪيو وڃي،
ڇاڪاڻ ته ٻين ڳالهين سان گڏ، لڙائيءَ جي زماني
۾ انهيءَ قسم جي حڪومت نڪمي ثابت ٿي آهي. هو
ڳجھيءَ طرح اسپارٽا جي آمرانه حڪومت جي ساراهه
ڪرڻ لڳا. ان پارٽيءَ جا ڪيترا اڳواڻ جلاوطن
ڪيا ويا، پر جڏهن اٿينس، اسپارٽا جي اڳيان آڻ
مڃي، تڏهن اسپارٽا صلح جي شرطن مان هڪ اهو شرط
وڌو ته سڀني جلاوطنين کي واپس گهرايو وڃي. اڃا
هو ملڪ ۾ داخل مس ٿيا ته هنن ڪرٽياس جي
مهنداريءَ هيٺ ”جمهوري“ پارٽي خلاف جنهن جي
لڙائيءِ وقت حڪمراني هئي، دولتمندن جي انقلاب
جو اعلان ڪيو. اهو انقلاب آخرڪار ناڪامياب
ٿيو ۽ ڪرٽياس لڙائيءَ جي ميدان ۾ مارجي ويو.
اُهو ڪرٽِاس، سقراط جو شاگرد ۽ افلاطون جو
چاچو هو.
سقراط:
Socrates
جيڪڏهن اسين ان مٿئي ڌَڙ جي بوتي تي پنهنجي راءِ قائم ڪريون،
جيڪو قديم سنگتراشيءَ جي برباد نشآنن مان اسان کي حاصل
ٿي سگهيو آهي، ته اسين ان نتيجي تي پهچنداسون
ته سقراط ايتري قدر به خوبصورت ڪونه هو، جيتري
قدر وري به هڪ فلسفيءَ کي به هئڻ گهرجي، گنجو
مٿو، منهن وڏو ۽ گول، اکيون اندر پيٺل ۽ گهور
ڪري نهاريندڙ، نڪ ويڪرو ۽ ڦٽل- اهي سڀ وصفون،
هڪ مشهور فلسفيءَ جون نه، پر هڪ مزدور يا
ڪَميءَ جون سمجھي سگهجن ٿيون، پر جيڪڏهن اسين،
ٻيهر ان تي غور سان نظر ڪنداسون، ته اسان کي
پٿر جي ان سختيءَ ۾، انساني نرم دل ۽ فطري
سادگيءَ جا آثا ڏسڻ ۾ ايندا، اُنهن
ئي خصلتن، هن سڌي سادي مفڪر کي اٿينسي نوجوانن
جي محبوب استاد جو درجو ڏنو، اسان کي هن بابت
تمام ٿوري خبر آهي، پر تنهن هوندي به اسين هن
کي امير طبقي جي فرد افلاطون ۽ علمن جي استاد
۽ شرميلي ارسطوءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهڻو وڌيڪ
سڃاڻو ٿا. ٻه هزار ٽي سؤ ورهين کان پوءِ به،
اسين سندس ساديءَ ۽ پروقار شخصيت کي تصور ۾
آڻي سگهون ٿا، جا هميشه گنجيل ڪُڙتي ۾ ويڙهيل
رهندي هئي، جا آهستي آهستي گهٽين ۾ لڏندي
لمندي ويندي نظر ايندي هئي، ۽ سياسي پاڳل پڻي
کان دور، نوجوانن ۽ عالمن کي گڏ ڪري، کين
دلفريب انداز سان پنهنجي اثر ۾ آڻي، عبادت
گاهن جي ايوانن طرف وٺي ويندي
هئي، جتي کين چوندي هئي ته سڀ کان اول پنهنجا
لفظ ۽ اصطلاح چٽيءَ طرح واضح ڪريون.
اهي نوجوان، جيڪي هن جي چوڌاري گڏ ٿيندا هئا،
سي جيتوڻيڪ جدا جدا طبقن ۽ عقيدن وارا هئا.
تڏهن به وٽس پهچي هڪ ئي رنگ ۾ رڱجي پيا هئا.
انهن جي مدد سان سقراط يوروپي فلسفي جو بنياد
وڌو، انهن مان ڪي نوجوان دولتمند هئا، جيئن
افلاطون ۽ السيبياڊس
(Alcibiades)،
جن کي
اٿينس جي جمهوريت کي نندڻ ۾ مزو ايندو هو. اتي
ڪي ائنٽيٿس
(Antisthenes)
جهڙا اشتراڪي به هوندا هئا، جنهن کي پنهنجي
استادن جي لاغرض مفلسفي پسند هئي، انهن مان هڪ
يا ٻه اهڙآ به هوندا هئا، جن جو قانون جي وجود
۾ اعتقاد ئي ڪونه هوندو هو، جن جي خواهش هئي
ته اهڙي
ڪا دنيا هجي، جتي مالڪ ۽ غلام قطعي نه هجن ۽
سڀيئي انسان اهڙا آزاد ۽ روزمره جي پريشانين کان دور هجن، جهڙو
سقراط. سڀيئي اهڙا مسئلا، جي اڄوڪي انساني
سماج کي ستائين ٿا ۽ جيڪي اڄ به نوجوانن جي
اڻ کٽندڙ بحث مباحثي جا موضوع آهن، سي سڀ
ساڳئيءَ ريت انهيءَ زماني ۾ مفڪرن ۽ بحث مباحثي ڪندڙن جي انهيءَ
ننڍڙيءَ جماعت کي پڻ ستائييندا هئا. انهن به
پنهنجي استاد وانگر، اهو محسوس ٿي ڪيو، ته
زندگي بغير ڳالھه ٻولھه
۽ خيالن جي ڏي وٺ جي انسان جي لائق ئي نه
رهندي، منجھن سماجي فڪر جي هر هڪ مڪتب جو
نمائندو اتي موجود هو، بلڪ هر اُنهيءَ مڪتب جي
ابتدا پڻ شايد اُتان ئي ٿي.
شايد ئي ڪنهن کي خبر هجي ته سندن استاد ڪيئن
زندگي بسر ڪندو هو، هن ڪڏهن به ڪو پورهيو ڪونه
ڪيو، ۽ هن کي آئينده جو ڪوبه خيال ڪونه هوندو
هو. جڏهن سندس پوئلڳ کيس دعوت ڏيندا هئا، تڏهن
ئي کائيندو هو، انهن
کي سندن سنگت ڏاڍي ڪا پسند هوندي هئي، ڇاڪاڻ
ته خوراڪ جي ڪميءَ جا هن جي بدن توڙي صحت ۾
ڪڏهن به ڪي نشان ڏسڻ ۾ ڪونه آيا، پر کيس
پنهنجي گهر ۾ ايتري عزت نه ملندي هئي – ڇاڪاڻ
ته کيس زال ۽ ٻارن جو ڪوبه اونو ڪونه هوندو
هو. سندن زال، زئن ٿيپي
(Xanthippe)،
جي راءِ موجب، هو هڪ بيڪار ۽ ڪاهل
مرد هو، جنهن پنهنجي گهر ’مانيءَ‘ کان وڌيڪ
’بدنامي‘آندي هئي. زئن ٿيپي کي به ڳالهائڻ جو
اهڙو ئي شوق هوندو هو. جهڙو سقراط کي. انهن جي
وچ ۾ ضرور دلچسپ گفتگو
ٿي هوندي، جنهن جو بيان افلاطون پنهنجي تحرير
۾ نه آندو آهي، پر هن جي زال جي به بهرحال
ساڻس محبت به هوندي هئي. جو ستر سالن جي عمر
کان
پوءِ به سندس موت کي صبر سان سهي نه سگهي.
سندس شاگرد،
کيس ايتري عزت ڇو ڏيندا هئا؟ شايد ان ڪري، جو
هو هڪ فلسفي به هو، ۽ هڪ سٺو انسان پڻ. هڪ
دفعي، هن لڙائيءَ هلندي پنهنجي پاڻ کي جوکي ۾
وجھندي، السيبياڊس جي حياتي بچائي هئي. هو هڪ
معتبر انسان وانگر شراب جا جام بي ڊپائيءَ ۽
حد اندر پيئندو هو. پر سڀ کان بهترين شيءِ جا
هنن کي پسند هئي، سا هئي هن جي ڏاهپ ڀري
نماڻائي. هن ڪڏهن به اها دعويٰ نه ڪئي ته هو
عقلمند آهي. هن صرف اها دعويٰ ڪئي ته کيس حڪمت
(فلسفي) سان پيار هو. هو حڪمت جو واپاري نه
هو، مگر ان جو عاشق هو. ائين چيو ويندو هو ته،
ڊيلفيءَ وٽ، غيبي آواز، غير معمولي هوشمنديءَ
جو مظآهرو ڪندي، کيس سڀني يونانين کان وڌيڪ
عقلمند قرار ڏنو هو. سقراط انهيءَ ڳالهه جي
هيءَ تشريح ٿي پيش ڪئي، ته غيبي آواز سنس
اگنان واد
(Agnostic)
جي تصديق ڪئي هئي، هن جي فلسفي جو ابتدائي
نقطو پڻ اهو ئي آهي. هو چوندو هو: ”فقط هڪ
ڳالهھ مان ڄاڻان ٿو، ۽ اُها هيءَ آهي ته مان
ڪجهھ
به نه ٿو ڄاڻان.“ فلسفو تڏهن شروع ٿئي ٿو،
جڏهن انسان شڪ ڪرڻ سکي ٿو. خاص طرح جڏهن هو
پنهنجن دلپسند اعتقادن، نظرين ۽ اصولن ۾ شڪ
ڪرڻ شروع
ڪري ٿو. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙيءَ طرح انهن
دلپسند اعتقادن، اسان جي اندر ۾، يقين جو روپ
ورتو؟ ڇا اسان جي اندر جي ڪنهن ڳجھيءَ خواهش،
مخفي طرح ته کين پيدا نه ڪيو آهي؟ ڇا اسان جي
هِن يا هُن اعتقاد ۾، هڪ خواهش، خيال جو جامو
ته نه پهريو آهي؟ حقيقي فلسفو ايستائين وجود ۾
ڪونه ٿو اچي. جيستائين مَن ڦري پنهنجو اندر
نٿو جاچي، سقراط جو پهريون ۽ پويون سبق آهي ته
”پنهنجو
پاڻ سڃاڻ.“
هن کان اڳ به ڪيترا فلسفي ٿي گذريا هئا. ٿيلس
(Thales)
۽ هِرئڪلٽيس
(heraclitus)
جهڙا پختا ۽ طاقتور، ۽ ڪي تيز طبع ۽ گهري نظر
رکندڙ، جيئن ته پارمينائيڊس (Parmenides)
۽ زينو
(Zeno)
۽ ڪي فيثاغورث
(Pythagoras)
۽ ايمپيڊ وڪلس (Empedocles)
جهڙا اهل دل ۽ ڊگهي نظر وارا، پر اهي گهڻي قدر
طبعياتي فلسفي هئا. اُنهن ٻاهرين شين جي رنگ
ڍنگ يا فطرت کي جاچڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ۽ جسماني
يا طبعياتي دنيا، جيڪا توري ۽ ماپي سگهجي ٿي،
ان جي قاعدن ۽ جزن بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي
ڪوشش ٿي ڪئي، سقراط چيو ته اها ڳالهه ته بلڪل
ٺيڪ آهي، پر فلسفين جي مطالعي لاءِ پٿرن ۽ وڻن
۽ تارن کان گهڻو گهڻو مٿي ۽ وڌيڪ لائق موضوع
ٻيو آهي، ۽ اهو آهي انساني نفس يا من. انسان
ڇا آهي، ۽ هو ڇا بنجي
سگھي ٿو؟
اهڙِءَ ريت هو انساني روح ۾ جھاتي پائي، ان
بابت جاچ جوچ
ڪندو رهيو، عام قبوليل عقيدن ۽ تصورن کي
کوليندو رهيو ۽ انهن متعلق اعتراض وٺندو رهيو.
جيڪڏهن تڙ تڪڙ ۾ ماڻهو انصاف متعلق ڳالهائڻ
شروع ڪندا هئا، ته هو خاموشيءَ سان کانئن
پڇندو هو ته ”پهرين ٻڌايو ته انصاف ڇا آهي؟
انهن خيالي لفظن جو نيٺ مطلب ڪهڙو آهي، جن سان
توهين زندگيءَ ۽ موت جا مسلا ايتري سهنجائيءَ
سان حل ڪرڻ ويهو ٿا؟ عزت، نيڪي، اخلاق، حب
الوطني، انهن مان اوهان جي ڇا مراد آهي؟
پنهنجي ’پاڻ‘ مان اوهان جو ڇا مطلب آهي.“
سقراط کي هميشه اهڙا اخلاقي ۽ نفسياتي سوالن
اُٿارڻ ۾ لطف ايندو هو. هو سدائين صحيح وصف،
صاف فڪر ۽ پوري تجزيي جي طلب ڪندو هو. اهي
ماڻهو جن کي سقراط جي گفتگوءَ جي هيءَ طرز ڏکي
لڳندي هئي، سي هميشه هيءُ اعتراض واريندا هئا،
ته سقراط جوابن ڏيڻ کان وڌيڪ سوال پڇندو ٿو
رهي ۽ ماڻهن جي دماغن کي صاف ڪرڻ بدران وڌيڪ
منجھائيندو ٿو رهي. بهرحال، سقراط، فلسفي کي
ورثي ۾ ٻن نهايت مشڪل مسئلن جا ٻه نهايت واضح
جواب ڏنا. اهي ٻه مشڪل مسئلا هئا: ”پهريون ته
اخلاق جي معنيٰ ڇا آهي؟ ۽ ٻيو ته بهترين رياست
ڇا آهي؟“
۽ ٻيا ڪي به مسئلا ان دور ۾ اٿينس جي نوجوانن
لاءِ اهڙا اهم نه ٿي ٿي سگهيا، جهڙا مٿيان ٻه
هئا. سوفسطائين، انهن جوانن جي دلين مان
اولمپس جي ديوتائن ۽
ديوين
جو ايمان ڪڍي ڇڏيو هو. اڳي ماڻهو اخلاقيات جو
بنياد اهڙِن لاتعداد ڊيڄاريندڙ غيبي قوتن جي
وجود تي رکندا هئا ۽ انهن جي راضپي ۽ ناراضپي
يا انعام ۽ سزا جو خيال رکي، پنهنجو عمل درست
رکندا هئا. پر هاڻي ماڻهن لاءِ اهڙي ڪابه روڪ
۽ رنڊڪ ڪانه هئي، هنن هاڻي پاڻ کي پنهنجي عمل
درست رکندا هئا، پر هاڻي ماڻهن لاءِ اهڙي ڪابه
روڪ ۽ رنڊڪ ڪان هئي. هنن هاڻي پاڻ کي پنهنجي
عمل ۾ آزاد ٿي سمجھيو ته پنهنجي عمل
درست رکندا هئا، پر هاڻي ماڻهن لاءِ اهڙي ڪابه
روڪ ۽ رنڊڪ ڪانه هئي. هنن هاڻي پاڻ کي پنهنجي
عمل
۾ آزاد ٿي سمجھيو ته پنهنجي عمل کي پنهنجي ئي
ٺاهيل ملڪي قانون جي حدن اندر رکي سگهن. هن
آزاديءَ هنن جي ڪردار ۽ عمل کي ڪافي حد تائين
انتها تي پهچائي ڇڏيو ۽ سندن اخلاق حد کان
وڌيڪ انفراديت پسنديءَ سبب نمايان طور ڪمزور
ٿي چڪو هو. اّخر اٿينس جي آزاد رهواسين کي سخت
مزاج ۽ محنت ڪش اسپارٽا جو شڪار ٿيڻو پيو.
رياست جي سلسلي ۾ واقعي اها ڪهڙي نه کل جهڙي
ڳالھه
هئي. جو سڌڙين ۽ جذبات ۾ وڪوڙيل انبوهه جي
اڳواڻيءَ هيٺ جمهوريت قائم هجي، محض ڳالھين ۾
ورتل ۽ بحث مباحثي ڪندڙ سوسائٽيءَ جي حوالي
حڪومت هجي، فوجي جنرل مقرر ڪري، وري انهن کي
خارج ڪبو رهجي، ۽ ڦاسي ڏبي رهجي ۽ جاهل
آبادگارن ۽ واپارين کي سندن نالن جي الف – ب
طور چونڊي، انهن کي ملڪ جي اعليٰ عدالت جو
ميمبر بنائجي! انهن حالتن هيٺ اٿينس ۾ نئون ۽
فطرت جي عين مطابق اخلاق ڪيئن پيدا ٿئي؟ رياست
کي ڪيئن بچائي سگھجي؟
انهن سوالن جي جواب ئي هئا، جن سقراط کي موت
به ڏنو ۽ ابدي زندگي پڻ عطا ڪئي. شهرجا پيرسن
مرد هن جي عزت ڪن ها، جيڪڏهن هو اڳوڻي گهڻن
ديوتائن واري مزهب کي جيارڻ جي ڪوشش ڪري ها.
يا جيڪڏهن هو پنهنجن آزاد خيال پوئلڳن کي
موٽآئي پاڪ هُڙين ۽ مندرن ۾ وٺي وڃي ها ۽ کين
هدايت ڪري ها، ته اڳي وانگر اُتي بيهي هو
پنهنجن ابن ڏاڏن جي ديوتائن جي پوڄا ڪن ۽ انهن
جي نالي تي قربانيون ڪن، پر هن محسوس ڪيو ته
اها هڪ بي فائده ۽ تباهه ڪندڙ پاليسي هئي،
ترقيءَ بدران تباهيءَ ڏانهن نيڻ واري پاليسي
هئي، مقبرن تان ٽپي اڳتي وڌڻ بدران موٽي انهن
مقبرن جي اندر خود پاڻ کي دفن ڪرڻ واري پاليسي
هئي. هن کي خاص پنهنجي مذهب ۾ ايمان هو، هن جو
خدا جي وحدت ۾ اعتقاد هو. ۽ هن جي نيازمند دل
۾ اهو يقين ويٺل هو. ته موت هن کي هرگز فنا
ڪري نه سگهندو.
پر ساڳئي وقت هن سمجھيو ٿي، ته اُن
غير يقيني دينيات تي مستقل اخلاقي آئين پڻ
قائم ڪري ڪين سگهبو. هُن سوچيو ٿي ته جيڪڏهن
ڪو اهڙو اخلاقي دستور ٺاهي سگهجي، جيڪو دينيات
جو بنهه محتاج نه هجي، جيڪو هڪ ملحد ۽ هڪ
عقيدي رکندڙ لاءِ هڪ جيتروئي ڪارگر ٿي سگهي،
ته پوءِ هڪ دين جي وڃڻ ۽ ٻئي جي اچڻ جو هوند
هڪوبه اثر عملي اخلاق تي پئجي ڪين سگهي، ۽ اُن
مستقل اخلاقي دستور جي ڳانڍاپي ۾ انساني
انبوهه جا سرڪش فرد پاڻ ۾ ملي، هر حالت ۾ هوند
صلح پسند شهريت واري اجتماعي زندگي بسر ڪري
سگهن.
مثلاً، جيڪڏهن ”چڱي“ جو مطلب هجي ”سمجھو“، ۽
”نيڪي“ جو مطلب هجي ”ڏاهپ“، ته پوءِ ماڻهن کي
سمجھائي ۽ سيکاري سگهبو ته هو پنهنجا حقيقي
غرض پروڙين، دور انديشيءَ سان پنهنجي عمل جا
نتيجا اڳواٽ ڏسن ۽ پنهنجين خواهشن جو پورو
جائزو وٺي، انهن کي منظم ڪن، ۽ اُنهن جي
هاڃيڪار اونده ۽ انڌڪار کان پاسو ڪري، بامقصد
۽ تخليقي هم آهنگيءَ طرف قدم وڌائين. ان طريقي
سان ئي تعليم، يافته ۽ ڳوڙهي دماغ وارن لاءِ
هڪ قابل قبول ۽ قابل عمل اخلاقي دستو ٺهي ۽
قائم رهي سگهي ٿو، جيڪو جاهلن جي حالت ۾ رڳو
هدايت نامن جي دُهرائڻ يا بظاهر دڙڪي ۽ داٻ
جي آڌار تي ئي قائم رکي سگهبو آهي. شايد هر
قسم جو گناهه انسان جي ڀُل آهي، ڪوتاهه نظري ۽
بيوقوفي آهي. هڪ سمجھو انسان ۾ به هڪ جاهل
وانگر طاقتور، سماج دشمن رغبتون موجود ٿي سگهن
ٿيون، پر هو انهن تي بهتر نموني قبضو رکي سگهي
ٿو ۽ گهٽ موقعن تي هن کان محض هڪ حيوان جي
ڪردار جي اميد رکي سگهجي ٿي. دانشمنديءَ سان
مرتب ڪيل هڪ نظام ۾، هرهڪ شخص جو فائدو ان ۾
ئي آهي ته هو ان نظام جي اطاعت ڪري ۽ ٻين شخصن
جي حقن ۽ مفادن جي عزت ڪري، رڳو صاف ۽ چٽيءَ
نظر جي ضرورت آهي. ان لاءِ ته ان نظآم ۾ صُلح،
ترتيب ۽ نيڪ نيتي يقيناً قائم رهي، اهڙي قسم
جي نظآم ۾ جيتوڻيڪ هر هڪ فرد کي محدود آزادي
حاصل رهي ٿي. مگر ان جي بدلي کيس وڌيڪ
اختياريون ۽ ترقي ڪرڻ جا واڌو موقعا نصيب ٿين
ٿا.
پر جيڪڏهن حڪومت خود بدانتظاميءَ ۽ بيوقوفيءَ
تي مبني آهي، ۽ جيڪڏهن اُها مدد ڏيڻ کان سواءِ
رڳو راڄ ڪري ٿي ۽ رهنمائي ڪرڻ کان سواءِ فقط
حڪم جاري ڪري ٿي، ته پوءِ اُن حڪومت ۾ اسين
ڪيئن هڪ فرد کي ترغيب ڏيئي، کانئس قاعدي ۽
قانون جي تعميل ڪرائينداسين يا ڪيئن هن کي ذهن
نشين ڪرائي سگهنداسين ته هو شخصي غرض تي قوم
جي مفاد کي ترجيح ڏئي؟ ان ۾ ڪو عجب ڪونهي جڏهن
هڪ محب وطن مدبر به پنهنجي ’ملڪ‘ جي خلاف وڃي،
جڏهن ان ملڪ ۾ قابليت جو ذرو به قدر نه هجي ۽
علم کان وڌيڪ عدد کي مانُ ملندو هجي. ان ۾
ڪوبه عجب ڪونهي، ته جتي خيال ۽ ويچار ڪرڻ جو
مادو گهٽجي وڃي ٿو، اتي بدانتظامي ڦهلجي وڃي
ٿي، ۽ ماڻهن جو انبوهه پهريائين تڪڙا ۽
جاهلانه فيصلا ڪري، پوءِ فرصت واري وقت انهن
تي ناڪاميءَ وچان پڇتائي ٿو. ڇا اهو هڪ بدترين
وهم نه آهي ته محض اڪثريت ئي علقمند آهي؟ ان
جي برعڪس، ڇا اها ڳالھ عالم آڪشار نه آهي ته
جدا جدا ۽ اڪيلن ماڻهن کان انبوهه ۾ گڏ ٿيل
ماڻهو، وڌيڪ بيوقوف، سرڪش ۽ ظالم ٿين ٿا؟ ڇا
اها شرم جھڙي ڳالهھ نه آهي ته عام ماڻهو، انهن
چند فصيح ۽ بليغ تقرير بازن جي ئي ضابطي هيٺ
هجن، جيڪي رڳو ڊگهيون تقريرون ڪري ڄاڻندا هجن
– ”ڄڻ ته وٽا ۽ ٿالهيون آهن، جيڪي جيڪڏهن هڪ
دفعو جنبش ۾ اچي ويا ته وڄندا رهندا. جيستائين
انهن جي منهن تي هٿ رکي کين ماٺ نه ڪرائجي؟“
ملڪ جو نظام هڪ اهڙو معاملو آهي، جنهن جي
هلائڻ لاءِ جيترا وڌ ۾ وڌ سمجھو ماڻهو هجن،
اوترو ڇو ۽ ان لاءِ دانشمند ذهنن جي مڪمل فڪر
جي ضرورت آهي، سماج ڪيئن تباهيءَ کان بچندو ۽
ڪيئن طاقتور ٿيندو، جيستائين ان جا اعليٰ ترين
دانشمند فرد گڏجي ان جي رهبري نه ڪندا؟
توهين سمجھي سگهو ٿا ته اِن آمريت جي سياسي
فلسفي جو اثر حڪمران ”جمهوري““ پارٽيءَتي ڪهڙو
ٿيو هوندو، جڏهن جنگي حالتن هيٺ هر
نڪتاچينيءَ کي هر صورت ۾ خاموش ڪرائڻ جي ضرورت
پيش آئي هئي، ۽ جڏهن دولتمند ۽ پڙهيل اقليت
اڳي ئي انقلاب جا منصوبا سٽي رهي هئي. ائنيٽس
(Anytus)،
جيڪو جمهوريت جو برک اڳواڻ هو. تنهن جو پٽ
سقراط جو شاگرد بنجي چڪو هو ۽ پنهنجي والد جي
ديوتائن خلاف بيزاريءَ جو اظهار ڪري چڪو هو.
جڏهن پٽ پنهنجي والد جي روبرو، پنهنجي والد تي
کلندو ۽ ٽوڪبازي ڪندو هوندو، تڏهن ان والد جي
دلي احسان جو ڪهڙو حشر هوندو؟ ڇا! ارسٽوفينز
(Aristephanes)
اهڙي ئي اڳڪٿي نه ڪئي هئي، ته ابن ڏاڏن جي
آزمايل اخلاق جي جاءِ تي جيڪو ”سماج دشمن“ عقل
نوجوانن ۾ پيدا ٿي رهيو هو، ان جو نيٺ به اهو
ئي نتيجو نڪرندو؟
پوءِ، آخرڪار انقلاب آيو، ڪن ماڻهن ان جو پاسو
ورتو ۽ ڪي ان جي برخلاف لڙيا، تمام گهڻي
رتوڇاڻ ٿي. جمهوريت کٽيو ۽ سقراط جي قسمت جو
ڄڻ فيصلو ٿي چڪو هو. هو ئي باغي ڌر جو ذهني
رهبر هو. جيتوڻيڪ پنهنجي سر هو ڪيڏو به کڻي
صلح پسند هو، هُو ئي ڌڪاريل آمريت جي فلسفي جو
سرچشمو هو ۽ هو ئي انهن نوجوانن کي بگاڙيندڙ
هو، جيڪي مباحثي جي نشي ۾ سرمست هئا. آئنيٽس
(Anytus)
۽ ميليٽس
(Meletus)
جي چوڻ موجب، بهتر ئي هو ته سقراط کي ختم ڪيو
وڃي.
باقي قصي جي سڄي جهان کي خبر آهي، ڇاڪاڻ ته
افلاطون نظم کان وڌيڪ مِٺي نثر ۾ ان کي لکي
پيش ڪيو آهي. ۽ اسان کي ان ساديءَ ۽ حوصله مند
”معذرت“ يا ”بڇاءُ جي تقرير“ جي پڙهڻ جو شرف
نصيب
ٿيو. جنهن ۾ فلسفي جي پهرئين شهيد، آزاد خياليءَ جي حق جي حمايت
۽ ان جي اهميت جو بي خوف بيان ڪيو آهي. ڏاڍ جي
لٺ اڳيان پنهنجي عقيدي جو بي ڌڙڪ اعلان ڪيو
آهي ۽ تعصب ۽ جهالت جي انڌ ۾ ورتل انهيءَ
انبوهه کان پنهنجي جان جي امان پنڻ کان انڪار
ڪيو آهي، جنهن جي سڄي عمر هو نندا ڪندو ٿي
رهيو. هنن کي کيس معافي ڏيڻ جو اختيار هو، پر
سقراط کين منٿ ڪرڻ پنهنجي شان کان گهٽ سمجھيو،
اِها هن جي سياسي اصولن جي حيرت وجھندڙ ۽
شاندار تصديق هئي، جو ججن هن کي ڇڏڻ ٿي گهريو،
پر غصي ۾ ورتل انبوهه هن جي موت جي فتويٰ صادر ڪئي. ڇا هن ديوتائن جو انڪار
نه ڪيو هو؟ سچ پچ ته اُن شخص جي حالت دردناڪ
آهي. جيڪو عوام کي سندن سمجهھ
جي رفتار کان تکو وڌي. علم جا موتي ٿو آڇي.
(1)
ڏسو فرينچ فيلسوف، واٽيئر جي آکاڻي، جنهن
۾ اٿينس جا ٻه رهواسي سقراط بابت ڳالهائين
ٿا: اهو ملحد
(Atheist)
جيڪو چوي ٿو ته خدا واحد آهي.“