سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي

باب: --

صفحو :4

ڏسو ته مٿئي ٽڪري ۾ ڪيئن نه افلاطون، آدم شماري جي ضبط ڀاڄين ۽ ميون تي گذآرو ڪرڻ ۽ قدرتي سادگيءَطرف واپس ورڻ بابت اشارا ڪري ٿو. پوءِ وري هو سوال پڇي ٿو ته ڪهڙو سبب جو اهڙو سادگيءَ وارو بهشت، ڌرتيءَ تي قائم ڪري نٿو سگھجي؟

هو جواب ڏئي ٿو ته منجھن لوڀ، لالچ ۽ عيش پرستيءَ سببان ائين ناممڪن ٿئي ٿو. انسان سادگيءَ جي زندگيءَ تي قناعت نٿا ڪن، هو وڌيڪ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، وڏيون مرادون رکن ٿا، چٽا ڀيٽي ڪرڻ گهرن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان حسد ڪن ٿا. جيڪي ڪجهھ وٽن آهي، تنهن منجھان بيزار ٿي پن ٿا ۽ جيڪي ڪجهھ کين ميسر نه آهي، انجي پٺيان جھرن ۽ پَسرن ٿا. هميشه ٻين کان کسڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. نتيجو اهو ٿو نڪري جو هڪ گروهه ٻين جي زمين تي مداخلت ڪري ٿو. زمين جي پيدائش بابت رقابت ٿئي ٿو، ۽ آخرڪار جنگ ڇڙي ٿي. واپار ۽ سرمائي جي وڌڻ ڪري، انسانن ۾ درجا فرقا پيدا ٿين ٿا. ”هرهڪ رواجي شهر حقيقت ۾، ٻن شهرن جو ٺهيل آهي، هڪ غريبن جو شهر ۽ ٻيو شاهوڪارن جو . هڪ ٻئي سان لڙائي هميشه جاري آهي. انهن ۾ وري مختلف فرقا ۽ گروهه آهن، تنهن ڪري ڪنهن به شهر ۾ هڪ حڪومت سمجھڻ تمام وڏي غلطي آهي. ”انهن منجھان هڪ واپاري طبقو پيدا ٿئي ٿو، جنهن جا ميمبر دولت ۽ ڳرن خرچن ذريعي، معاشرتي بلندي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. ”هو پنهنجين زالن تي ڳريون رقمون خرچ ڪندا.“ دولت جي ورهاست ۾ تبديلي اچڻ ڪري، سياسي تبديلي پڻ اچن ٿيون، جڏهن هڪ واپارين جي دولت، هڪ زميندار جي دولت کان وڌي ٿي وڃي ٿي، تڏهن وڏيرڪي حڪومت ختم ٿي وڃي ٿي ۽ ان جي جاءِ تي چند سرمائيدارن جي حڪومت برپا ٿئي ٿي. سياسي تدبر ۽ دور انديش، جنهن مطابق معاشرتي قوتن کي هڪ جاءِ تي جمع ڪري، کين منظم ڪري، ترقيءَ جي راهه تي آڻبو آهي، سا غائب ٿيو وڃي. ان جي جاءِ تي، سياسي عياري ۽ مڪاري، پنهنجو منهن ڏيکاري ٿي، جنهن جو مطلب آهي ته ڪيئن هڪ گروهه، طاقت هٿ ڪرڻ جا ابتا سبتا طريقا استعمال ڪري ٿو ۽ سرڪاري عهدن جون بيجا موجون ماڻي ٿو.“

هر ڪنهن قسم جي حڪومت جڏهن پنهنجي بنيادي اصول کي عمل ۾ آڻڻ ۾ زيادتي ڪندي آهي. تڏهن تباهيءَ ڏانهن قدم وڌائيندي آهي. اميرن جي حڪومت، سياسي طاقت وڌيڪ محسوس ڪري، پنهنجي برباديءَ جو ٻج پوکيندي آهي. دولتمندن جي حڪومت، بي احتياطيءَسان، دولت ڪمائڻ جي پٺيان پوندي آهي ۽ آخرڪار زوال کي ويجهو پوندي آهي، هرهڪ حالت ۾ انقلاب اچڻ جو انديشو آهي، جڏهن انقلاب اچي ٿو، تڏهن انسان ائين ڀائين ٿا ته سندس سبب بلڪل خسيس آهن. پر در حقيقت انقلاب هميشه سياسي اڳواڻن جي غلطين  ۽ سياه ڪارين جو گڏيل نتيجو آهن. جڏهن انسان صحت جا اصول نظرانداز ڪري، پنهنجي جسماني قوتن کي ڪمزور ڪري ڇڏيندا آهيون. تڏهن صرف ٿوري ئي ڪارڻن جي ڪري ڪنهن ڳري مرض ۾ مبتلا ٿي ويندا آهيون، پوءِ نيٺ ”جمهوريت“ اچي ٿي. غريب ماڻهو، پنهنجي دشمنن مٿان غالب پون ٿا. ڪن کي مارين ٿا ۽ ڪن کي جلاوطن ڪن ٿا ۽ عام ماڻهن کي طاقت ۽ آزادي ۾ هڪ جيترو حصو ملي ٿو.

 پر جمهوريت به  پنهنجي پاڻ ۾ اضافو آڻي، پنهنجي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ٿي. ان جو بنيادي اصول هيءُ آهي ته عهدي حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ عوامي پاليسي بابت فيصلي ڪرڻ لاءِ سڀ ڪنهن کي هڪ جيترو حق آهي. جمهوريت به نيٺ تباهيءَ جي راهه وٺي ٿي. ڇاڪاڻ ته عام ماڻهو. علمي لحاظ کان، ان قابل نه آهن جو سياسي اڳواڻ چونڊين ۽ حڪمت عمليءَ جا طريقا ٺاهين. ”عام ماڻهن کي ڪوبه فهم ڪونه آهي ۽ هو فقط اهو ئي دهرائن ٿا، جيڪو ڪجهھ سندن حاڪم کين چون ٿا.“ ڪنهن به نظرئي کي قبول ڪرڻ يا رد ڪرڻ لاءِ صرف اهو ڪافي آهي ته ڪنهن عام مقبول ناٽڪ ۾ ان کي ساراهيو وڃي. يا ان تي چٿر ڪئي وڃي. حڪومت جي ٻيڙيءَ لاءِ، عوامي حڪومت هڪ لهرن واري سمنڊ سمان آهي، فصاحت ۽ بلاغت جو سڀ ڪو طوفان، ان پاڻيءَکي جوش ۾ آڻي ٿو ۽ صحيح طرف کان هٽائي ٿو. اهڙي قسم جي جمهوريت جي انتها آهي. جابريت ۽ هڪ هٽي. عوام کي خوشامد اهڙي ته پسند آهي ۽ ماکي جهڙي مٺي زبان لاءِ عوام اهڙو ته شائق آهي جو آخرڪار، ڪي مڪار ۽ خودمطلبي، محض پاڻ کي عوام جا نگهبان ۽ محافظ سڏائي، اعليٰ اختياريون حاصل ڪندا آهن. اسان کي روم جي تاريخ مان سبق پرائڻ گهرجي.

افلاطون، جيئن هن نقطي تي وڌيڪ غور ڪري ٿو، تيئن هن کي ان ڳالھه جي بيوقوفي محسوس ٿئي ٿي ته وهم پرست ۽ جاهل هجوم کي سياسي عهديدارن جي چونڊڻ جو حق ڏنو وڃي. اها حد درجي جي بيوقوفي ٿيندي. جيڪڏهن اسان اهو ڪم، انهن بي اصول دولت پرستن جي حوالي ڪريون، جي جمهوريت جي نالي ۾ پيسي جو جوهر ڏيکاري رهيا آهن. (پيسن جي وسيلي ووٽ حاصل ڪري رهيا آهن.) افلاطون اعتراض ڪري ٿو ته، عام روزمرهه جي معاملن ۾ (مثلاً بوٽن ٺاهڻ جي ڪم ۾) اسان ائين سمجھون ٿا ته صرف خاص تربيت يافته ماڻهو، اسان جو مقصد پورو ڪندا، پر سياست متعلق اسان سمجھون ٿا ته ڪوبه بني بشر، جنهن کي ووٽ حاصل ڪرڻ جو طريقو اچي ٿو،  سو اسان جي ملڪ جو ڪاروبار هلائي سگهندو، جڏهن اسان بيمار ٿيون ٿا، تڏهن هڪ تربيت يافته ۽ تجربي ڪار ڊاڪٽر کي سڏيون ٿا. سندس اعليٰ ڊگري، اسان کي يقين ڏياري ٿي، ته جسماني درد دور ڪرڻ لاءِ، هن خاص تعليم ۽ تربيت ورتي آهي. اسان هڪ خوبصورت ڊاڪٽر جي طلب نٿا ڪريون ۽ نه هڪ فصيح ۽ بليغ جي. پوءِ جڏهن سڄو ملڪ مرض ۾ مبتلا آهي. تڏهن اسان ڇو نه هڪ. سڀ کان وڌيڪ عاقل ۽ اعليٰ هستيءَ جي خدمت ۽ رهبري لاءِ پڪاريون؟ اهڙو ڪو طريقو سوچجي جو نااهل ۽ فريب ڏيندڙ سياسي عهدا ماڻي نه سگهن. اچو ته صرف اعليٰ هستين کي ڳولهي هٿ ڪريون ۽ انهن کي اهڙي تعليم ۽ تربيت ڏيون، جو هو فقط ملڪ ۽ ملت جي بهتري لاءِ حڪومت هلائن. اهو آهي سياسي فلسفي جو اهم مسئلو.

نفسياتي مسئلو:  The Psychological Problem

پر انهن سياسي مسئلن پٺيان، انساني فطرت لڪل آهي. سياست جي سمجھڻ لاءِ اسان کي پهريائين نفسيات کي سمجھڻ گهرجي. ”جھڙا ماڻهو، تهڙو ملڪ“ جيئن جيئن انساني اخلاق بدلبو رهي ٿو، تيئن تيئن، حڪومتون به بدلبيون رهن ٿيون. ملڪ، مختلف انساني طبيعتن جو گڏيل نالو آهي. ملڪ جي موجوده حالت، شهر واسين جي موجوده حالتن تي دارومدار رکي ٿي. تنهن ڪري ايستائين اسان کي، بهتر ملڪن جي اميد رکڻ نه گهرجي، جيستائين ملڪن اندر بهتر انسان موجود نه آهن. جيستائين انسانن جي دلين  ۽ نفسن ۾ انقلاب نه آيو آهي، تيستائين ڪوبه سياسي انقلاب، اسان ۾ سڌارو نه آڻيندو. ”ماڻهو ڪهڙا نه دلچسپ آهن! هميشه پنهنجي بيماريءَ کي وڌيڪ پيچيده ڪندا رهن ٿا. هميشه انهيءَ اميد ۾ غلطان آهن ته ڪونه ڪو ڊاڪٽري نسخو، کين ضرور شفاياب ڪندو. هنن جي حالت ڪڏهن به بهتر نٿي ٿئي، پر هميشه بدتر ٿيندي رهي ٿي. ڇا هو ناٽڪي ڍونگ نه رچائي رهيا آهن؟ قانون ساز مجلسن ۾ ڪي قاعدا قانون پاس ڪري، هو ائين تصور ڪرڻ شروع ڪن ٿا، ته بس هاڻي اسان انسانن جي بي ايماني ۽ بدعنوانين جو خاتمو ڪيو. ڇا هو نٿا سمجھن ته هڪ مصيبت دور ڪرڻ لاءِ هو هزارين نيون مصيبتون کڙيون ڪن ٿا؟

اچو ته هڪ گهڙيءَ لاءِ ڏسون ته انساني فطرت ڇا آهي، جنهن سان سياسي فلسفي جو اهڙو گهرو تعلق آهي؟

افلاطون چوي ٿو ته انساني هلت چلت جا ٽي مکيه سرچشما آهن. اُهي آهن خواهش، جذبو ۽ علم، خواهش، بک، حرص ۽ جبلت، اهي سڀيئي هڪ سر چشمي جون شاخون آهن. جذبات، جوش ۽ خروش ۽ همت ٻئي سرچشمي جون شاخون آهن ۽ علم، خيال، فهم ۽ عقل ٽئين سرچشمي جون شاخون آهن. خواهش جي جڳھه پيٽ ۾ آهي، اها قوت جو پرجوش ذخيرو آهي، جتان خاص ڪري جنسي تمنائون اڀرن ٿيون، جذبي جي جڳهھ دل ۾آهي جيڪا رت کي طاقت ۽ وهڪرو ڏئي ٿي. علم جي جڳهه دماغ ۾ آهي، علم، خواهش جي اک آهي ۽ روح کي راهه تي وٺي ويندڙ ٿي سگهي ٿو.

اهي قوتون ۽ خاصيتون، سڀني انسانن ۾ سمايل آهن. پر هر انسان ۾ مختلف درجن تي آهن. ڪي انسان، صرف خواهش جا مجسما آهن، هو پنهنجي مادي ۽ جسماني ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۾ محو آهن. هو شهواني عيش جي راحت ۾ ٻرندا رهن ٿا ۽ هر ڳالهھ ۾ ظاهر نمائش جا شوقين آهن. هڪڙيون خواهشون پوريون ڪري، ٻين جي پٺيان پون ٿا. اهڙِءَ طرح هنن جون خواهشون ڪڏهن به گهٽجن ڪين ٿيون ۽ هو ڪڏهن به راضي نٿا ٿين. اهڙِ قسم جا ماڻهو، اسان جي صنعتي ادارن مٿان حڪمران آهن، ٻيا وري اهي آهن، جن کي احساس ۽ همت جا مندر سڏي سگهجي ٿو. انهن کي اها خبر نه  آهي ته اهي ڪهڙن اصولن خاطر لڙي رهيا آهن. پر فقط فتح حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۾ آهن. هو طاقت تي غرور ۽ فخر ڪري رهيا آهن، مگر کين حقيقي حاصلات جو ڪوبه خيال ڪونهي. هو جنگ جي ميدان تي خوش آهن. بجاءِ اقتصادي ۽ تجارتي معاملن جي، دنيا جو بري ۽ بحري لشڪر اهڙن ئي ماڻهن جو ٺهيل هوندو آهي. آّخر ۾ ڪي چند انسان آهن، جن جو مشغلو آهي، ذڪر، فڪر، سوچ ۽ ويچار. اهي انسان دنياوي مال ملڪيت يا جنگي فتح جا خواهشمند نه آهن. پر علم جا خواهشمند ، اهي تجارتي معاملا ۽ لڙائيءِ جو ميدان ترڪ ڪري، گوشه نشيني اختيار ڪن ٿا ۽ خاموش و پر سڪون فضا ۾ ذڪر ۽ فڪر ۾ محو ٿي وڃن ٿا. سندن ارادو روشنيءَ مثل آهي ۽ نه ڪي باهه وانگر. هو حق جا ڳولهائو آهن ۽ نه طاقت جا. اهي آهن، اهل دانش جي هڪ طرف بيٺا آهن ۽ دنيا انهن مان فيض حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نٿي ڪري.

شخصي ڪمن جي حالت ۾، جيڪڏهن اسان چاهيون ته پنهنجي حاصل ڪيل علم مان ڪو خاطر خواهه نتيجو حاصل ڪريون، ته پوءِ اسان کي گهرجي ته پنهنجي خواهشن کي علم جي رهبريءَ هيٺ هلايون، جيتوڻيڪ جذبو ڪجهھ قدر گرم جوشِ پياد ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح  هڪ معياري حڪومت ۾ صنعتي قوتن کي صرف، زندگي لاءِ ضروري شيون پيدا ڪرڻيون آهن. صنعتي ادارن جو ڪاروباري ڪمن سان ڪو واسطو هئڻ نه گهرجي. فوجي قوتون صرف، ملڪ جي حفاظت ڪن ۽ نه حڪومت، علمي، فني ۽ فلسفي جي قوتن کي خاص تربيت ڏيئي، سندن مڪمل حفاظت ڪري. کين حڪومت هلائڻ جي لائق ڪجي. جيستائين علم، رهبري نٿو ڪري، تيستائين هجوم ۾ ڪوبه نظم پيدا ڪونه ٿو ٿئي. اهو هجوم غير منظم خواهشن مثل آهي. جهڙيءَ طرح خواهش کي، علمي روشنيءَ جي ضرورت آهي، اهڙِءَ ريت، ماڻهن کي فلسفين جي رهبريءَ جي، جڏهن هڪ واپاري، جنهن جي تمنا آهي، پيسو ڪمائڻ، حڪومت جو مالڪ ٿئي ٿو، تڏهن ملڪ جي بربادي ويجھي ٿئي ٿي. جڏهن هڪ فوجي عملدار، فوجي راڄ قائم ڪرڻ لاءِ، پنهنجو لشڪر استعمال ڪري ٿو، تڏهن پڻ سماج ۾ زواليت جا آثار ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪارخاني وارو اقتصادي ميدان ۾ پنهنجو جوهر ڏيکاري ٿو ۽ جنگي جوڌو لڙائي جي ميدان ۾، پر اهي سياسي عهدي جي قابل نه اهن، انهن جي هٿن ۾ سياسي تدبر عياري ۽ مڪاريءَ جي صورت وٺي ٿو. سياسي تدبر هڪ خاص علم ۽ فن آهي، ان جي حاصلات لاءِ پنهنجي زندگيءَ جو ڪافي حصو نذر ڪرڻو آهي ۽ ڪافي عرصي تائين تربيت وٺڻي آهي، فقط اهو حاڪم، جو ساڳئي وقت فلسوف به آهي. قوم جي رهبريءَ واسطي لائق آهي، ”جيستائين، فيلسوف حاڪم نه ٿيا آهن، يا دنيا جا حاڪم فلسفي جي قوت ۽ روح سان مالا مال نه ٿيا آهن، حڪمت ۽ سياسي اڳواڻي ساڳئي شخص ۾ موجود نه آهي، تيستائين اسان جا شهر ۽ انساني نسب، تباهيءَکان بچي نه سگهندا.“

افلاطون جي خيالي محلات جو هيءُ مکيه پٿر آهي.

 

نفسياتي حل: (The Psychological Solution)

پوءِ ڀلا ڇا ڪرڻ گهرجي. اسان کي شروعات هن ريت ڪرڻ گهرجي، جو جيڪي به ڏهن سالن کان مٿي جي ڄمار وارا شهر واسي آهن. انهن کي ٻهراڙِيءَ ۾ موڪلي، انهن جي ٻارن کي پنهنجي قبضي ۾ رکجي ۽ انهن جي، اهڙِ نگهباني ڪرڻ گهرجي. جيئن هو، پنهنجي والدين جي خراب عادتن کان پاسو ڪن. جيڪڏهن ننڍا ٻار، زندگيءَ جي هرهڪ ڏاڪي تي پنهنجن وڏن جي مثالن مان برو سبق پرائيندا، ته پوءِ کين سڌارڻ، هڪ معياري رياست قائم ڪرڻ، ڪجهھ مشڪل ڪم ٿي پوندو. اسان کي گهرجي ته جيترو ٿي سگهي، اوترو من جي صاف تخطيءَ سان شروعات ڪريون، اسان کي روشن خيال حڪمران اهڙِون اختياريون ڏئي، جو اسان هن جي حڪومت جي ڪنهن حصي ۾ اهڙِ ڪم جي شرعات ڪريون، هر ڪنهن حالت ۾ اسان کي گهرجي ته ابتدائي دور کان ڪم وٺي. هر هڪ ٻار کي، تعليم پرائڻ جو هڪ جهڙو موقعو ڏجي. ائين چوڻ مشڪل آهي ته ڪهڙو ٻار اڳتي وڌي، اعليٰ قابليت يا اعليٰ دماغ جو مالڪ ٿيندو. اسان کي بنا ڪنهن پاسخاطريءَ جي. اهڙِ فرد کي، هر هڪ طبقي ۽ نسب ۾ ڳولهڻ گهرجي. مسافريءَ جي پهرين منزل آهي. عام تعليم، جا قوم جي سڀني ٻارن لاءِ لکيل هجي.

زندگيءَ جا پهريان ڏهه سال، گهڻو ڪري جسماني تعليم تي، وڌيڪ توجھه ڏيڻ گهرجي. هرهڪ اسڪول ۾ آکاڙو ۽ راندين جو ميدان هئڻ گهرجي. رانديون رونديون ۽ ڪسرتون، تعليمي نصاب جو خاص حصو هئڻ گهرجن، جيڪڏهن هن عرصي اندر ٻار مڪمل تندرستي حاصل ڪئي، ته پوءِ ساري زندگيءَ ۾ دوائن جي ضرورت ڪانه پوندس. ڇاٰ هيءَ شرم جهڙِ ڳالهھ نه آهي ته غفلت ۽ عيش عشرت جي زندگي بسر ڪري، اسان پاڻ کي اهڙو ڪري ڇڏيو، جيئن ڪني پاڻيءَ جو چشمو، جنهن مان، بدبوءَ واريون گئسون نڪريديون رهن ۽ پوءِ هميشه هو. دوائن جي طلب ڪندو رهي؟ اسان جو، موجوده دوا درمل جو طريقو پاڻ بيماريءَ ڦهلائڻ ۾ مدد ڪري ٿو، شفا جي بدران پاڻ، مرضن کي وڌيڪ اينگهائي ٿو. جڏهن ڪو ڪاسبي بيمار ٿئي ٿو ته هو ڊاڪٽر کي چوي ٿو ته سادي سودي، مگر ترت فائدو وڏيندڙ دوا ڏي جيئن ته کيس قيءِ (الٽيون) آڻيندڙ دوا، جلاب يا ته وري کيس، جراح جي چاقوءَ جي ضرورت ٿئي ٿي. جيڪڏهن ڪو هن کي صلاح ٿو ڏئي ته ڪجھ عرصو، پرهيز ڪر ۽ پنهنجي مٿي تي پٽيون ٻڌ، ته هو جواب ڏئي ٿو ته هن کي وقت ڪونه آهي، جو هو پنهنجو پيشو ڇڏي، ايترا سارا ڏينهن، بيماريءَ جي پرگهور ڪندو رهي، پوءِ اهڙن حڪمين کي الوداع چئي، دستور مطابق کاڌو کائي ٿو. پوءِ يا ته هو تندرست ٿي وڃي ٿو ۽ پننجي دستوري ڪم ڪار کي لڳي ٿو يا وري سندس جسماني نظآم درهم برهم ٿي وڃي ٿو ۽ هو دنيا کي خير آباد چئي قصو ختم ڪري ٿو. اسان مريضن ۽ روڳين جي قوم ٺاهڻ نٿا چاهيون. معياري رياستن جي شروعات انساني جسم اندر ٿيڻ گهرجي.

پر فقط رانديون (Athletic) ۽ ڪسرتون (Coymnastic) پڻ، انسان کي هڪ طرف ترقي ڏيارينديون. ”ڪيئن اسان هڪ نرم طبيعت انسان ڳولهيون، جنهن ۾ ساڳئي وقت بلند همت ۽ بردباري پڻ هجي؟ ائين نظر اچي ٿو، ڄڻ ته اهي مختلف خصلتون، هڪ انسان ۾ سمائجي نٿيون سگهن. اسان انعام خاطر ملهه وڙهندڙن ۽ بار کڻندڙ جي قوم ٺاهڻ نٿا گهرون. شايد موسيقي اسان جو مسئلو حل ڪري، موسيقيءَ جي وسيلي روح جي تنظيم ٿئي ٿي ۽ منجھس موزونيت (Harmony) پيدا ٿئي ٿي. نه فقط ايترو، پر روح، موسيقيءَ جي اثر هيٺ، انصاف ڏانهن پڻ مائل ٿئي ٿو. ڇا! جنهن جي روح ۾ تنظيم ۽ موزونيت آهي، اهو ڪڏهن بي انصافيءَ کان ڪم وٺندو؟ موزونيت ۽ تنظيم، روح جي مخفي حصن تائين پيهي وڃن ٿيون. انهن جي حرڪتن زيب ۾ زينت ۽ خوش اسلوبي سمايل آهي، جنهن ڪري روح کي زيب ۽ زينت ڏيڻ ۾ موسيقي، اهم حصو وٺي ٿي. موسيقي اخلاق کي پڻ سنواري ٿي. ان ڪري سياسي ۽ معاشرتي، معاملن جي نبيري ۾ پڻ، سندس ڪافي حصو آهي. جڏهن موسيقيءَ جا نمونا بدلجن ٿا، تڏهن حڪومت جا بنيادي قاعدا ۽ قانون پڻ، انهن سان گڏ بدلجن ٿا.

موسيقي نه فقط انهيءَ لاءِ مفيد آهي، ته هوءَ اسان جي جذبن ۽ اخلاق کي زينت بخشي ٿي، مگر ان لاءِ پڻ، ته هوءَ اسان جي صحت کي برقرار رکي ٿي. ڪيترا مرض اهڙا آهن، جن جو سنئون سڌو واسطو دماغ سان آهي ۽ دماغ جي ذريعي ئي، سندن علاج ٿي سگهي ٿو. (1) انهيءَ ڪري ئي، هڪ پادريءَ هسٽيريا ۾ مبتلا ٿيل عورتن جو علاج، هن ريت ڪيو، جو پهريائين انهن کي، بانسريءَ جا مٺا آلاپ ٻڌايائين، جن جي اثر هيٺ، هنن نچڻ شروع ڪيو. هنن ايتري قدر ته ناچ ڪيو، جو ٿڪجي زمين تي ڪري پيون ۽ کين ننڊ وٺي ويئي، جڏهن اٿيون، تڏهن هو بلڪل شفاياب هيون. انساني خيال جا ڪي ڳجھا سرچشما آهن، جن کان، انسان واقف ڪين آهن، موسيقيءَ جي ذريعي، اهڙن چشمن تي اثر پوي ٿو. ۽ دماغي ڪاوش، راحت جي صورت اختيار ڪري ٿي. ظاهر هلت چلت ۽ جذبن جي پويان، ڪي لڪل تهه آهن، جن ۾ ئي، اسان جي شخصيت جون پاڙون کتل آهن. ڪنهن اعليٰ هستيءَ جي ڏاهي هجڻ جو ڪارڻ، اهي ئي، ڳجھا سرچشما آهن، جڏهن انسان بلڪل سجاڳ آهي. تڏهن هن کي، ڪڏهن به الهام نٿو ٿئي ۽ نه وري حقيقت ئي، هن جي آڏو، پاڻمرادو حاضر ٿئي ٿي، پر جڏهن ظاهر عقل کي ننڊ يا بيماري يا جنون (Demantia) جي ذريعي قيد ڪريون ٿا، تڏهن ئي اسان حقيقت جو اصلي روپ ڏسون ٿا، هڪ پيغمبر يا اعليٰ دماغ انسان ۾ به جنون (Madmas) سمايل آهي. (1) افلاطون، نفسياتي تحليل  (Psyoho – Analysis) جي نمايان طرح، پيش قدمي ڪري ٿو. هو بحث ڪري ٿو ته اسان جي سياسي نفسيات (Political Psychology) منجھيل آهي، ڇاڪاڻ ته اسان انساني ضرورتن ۽ جبلتن جو پوريءَ ريت اڀياس نه ڪيو آهي. شايد خواب، اسان کي اهڙِن نازڪ ۽ عقل چرخ ڪندڙ طبيعتن کي سمجھن ۾ مدد ڪن.

ڪن غير ضروري مزن ۽ رغبتن کي، غير قانوني سمجھيو ويندو آهي. اهي مزا ۽ رغبتون، هرهڪ انسان ۾ سمايل آهن، پر ڪن انسانن ۾ اهي قاعدي ۽ عقل جي قبضي هيٺ هونديون آهن، انهن مٿان، وڌيڪ ڪارآمد خواهشون، قابض هونديون آهن. جنهن ڪري انهن کي يا ته بلڪل روڪيو ويندو آهي، يا وري انهن جي قوت ۽ انداز کي گهٽايو يوندو آهي. ٻين انسانن جي حالت ۾ وري اهڙِون رغبتون ۽ مزا، وڌيڪ مضبوطيءَ ۽ گهڻائيءَ سان غالب پئجي ويندا آهن. منهنجو اشارو خصوصاً. اهڙِن خواهشن طرف آهي. جيڪو بيدار هونديون آهن. جڏهن ڪنهن شخص جو عقل يا مطيع ڪرڻ وارو جذبو، خوابيده هوندو آهي، اهڙيءَ حالت ۾ اسان جي فطرت ۾، جو جھنگلي جانور آهي، سو کائي پيءُ ڍؤ ڪندو آهي، علائقا گهمڻ شروع ڪندو آهي ۽ مرضي مطابق، خوب جسماني مزن مان سير حاصل ڪندو آهي. اهڙو ڪوبه بيوقوفيءَ جو ڪم يا جرم نه آهي. جو انساني نفس، اهڙيءَ حالت ۾ نٿو ڪري. جڏهن رواجي طرح انسان پورو تندرست ۽ توانو آهي. هو ٿڌي دماغ ۽ اطمينا سان ننڊ ڪري ٿو ۽ جڏهن هو پنهنجي خواهشن کي پوري ڪرڻ ۾ عقل ۽ حياءَ جي حد نٿو ٽپي، تڏهن اهڙيءَ حالت ۾ هو نفسياني، غير مهذب ۽ غير منظم نظرين جي هٿن ۾، هڪ رانديڪو نٿو بڻجي ۽ ننڊ جي حالت ۾ به هو. غليظ خوابن کان آجو رهي ٿو، نه فقط اسان مان هرهڪ ۾ بلڪ هر نيڪ انسان ۾ پڻ، اهڙي جھنگلي فطرت لڪل آهي. جا ننڊ ۾ ٻاهر جھاتيون پائي ٿي.

موسيقي ۽ موزونيت،ا سان جي روح ۽ جسم کي لطف ۽  صحت بخشين  ٿيون، پر ساڳئي وقت موسيقيءَ جي زيادتي به ايتري قدر ئي خطرناڪ آهي، جيتري قدر، جسماني ڪسرتن جي گهڻائي، فقط هڪ پهلوان بنجڻ، تقريباً هڪ جھنگي بنجڻ برابر آهي. فقط موسيقيءَ ۾ ماهر بنجڻ به، پاڻ کي حد کان وڌيڪ رجائي، نرم بنائڻ آهي، جنهن مان ڪابه چڱائي ڪانه رسندي، انهن ٻن خوبين کي هڪ هنڌ جمع ڪرڻ گهرجي، سورهن سالن جي عمر کان پوءِ، موسيقيءَ جي شخصي تربيت بند ڪرڻ گهرجي، جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ڀلي، جماعتي راڳ روپ يا رندين روندين ۾ سڄيءَ زندگيءَ تائين بهرو وٺن، ساڳئي وقت، موسيقيءَ ذريعي، علم رياضيات، تاريخ ۽ سائنس جهڙن خشڪ مضمونن کي وڌيڪ وڻندڙ بنائڻ گهرجي، ڇو نه، اهڙي مشڪل حاصلاتن کي ، شعر جي من موهيندڙ صورت ۾ پيش ڪجي. تنهن کان پوءِ به اهڙي حاصلاتن کي شاگردن جي غير رضامند دلين تي، مڙهڻ يا ٿاڦڻ نه گهرجي، حد اندر آزاديءَجي فضا برپا ڪرڻ گهرجي. (1) تعليم ۽ تربيت جا ابتدائي جزا، ٻاراڻيءَ اوستا ۾ ئي، سندن آڏو پيش ڪجن، پر زور زبردستيءَ کان هرگز ڪم وٺڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته هڪ آزاد فرد کي، علم جي حاصلات ۾ پڻ آزادي ڏيڻ گهرجي، علم جيڪو زبردستيءَ سان حاصل ڪيو وڃي ٿو، ان جو دماغ تي دائمي تسلط نٿو رهي. تنهن ڪري زبردستي نه ڪريو. اوائلي تعليم،  هڪ قسم جي وندر هئڻ گهرجي، اهڙيءَ ريت برتاءَ ڪرڻ سان توهان کي معلوم ٿيندو، ته شاگرد جو فطرتي لاڙو ڪهڙِ طرف آهي.

جڏهن دماغ، اهڙيءَ ريت آزاديءَ سان ترقي ڪندو ۽ جسم، راندين ۽ ٻاهرين زندگيءَ ۾ مان حاصل ڪيل تجربن سببان مضبوط ٿيندو. تڏهن ئي اسان جي مڪمل رياست جو نفسياتي ۽ جسماني بنياد پڪو ٿيندو. پر اڃا به اخلاقي بنياد جي ضرورت آهي. قوم جا فرد ، پاڻ ۾ ٻڌي پيدا ڪن. انهن کي، سکڻ گهرجي ته هو هڪ ٻئي جا جزا آهن ۽ کين هڪ ٻئي ڏانهن  ڪي حق ۽ فرض آهن. هاڻي جڏهن فطري طور، ماڻهو ڦرمار ڪندڙ، حاسد، جهيڙو ۽ فساد ڪندڙ ۽ شهوت پرست آهن ته پوءِ ڪيئن کين چڱي رستي اختيار ڪرڻ لاءِ راغب ڪريون؟ ڇا! هڪ پوليس واري جي ڏنڊي سان، جو هر هنڌ موجود آهي؟ اهو هڪ حيواني طريقو آهي. اهو طريقو قوم لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيو آهي ۽ ان سبب، قوم اندر ڪاوڙ ۽ جوش پيدا ٿين ٿا. ان کان سواءِ، هڪ بهتر طريقو پڻ آهي. اسان ماڻهن کي ٻڌايون ته هڪ غير جسماني قوت، جيڪا انساني فطري قوتن کان بالاتر اهي، سا دنيا مٿان حڪمران آهي. جنهن جي ڊپ ۽ عزت سببان ئي، هر هڪ فرد کي اخلاقي ضرورتون پوريون ڪرڻ گهرجن. ٻين لفظن ۾ اخلاقي زندگي براقرار رکڻ لاءِ، مذهب جو هئڻ نهايت لازمي آهي.

افلاطون، قبول ٿو ڪري ته ڪابه قوم ايستائين مضبوط نه ٿيندي، جيستائين ان جو خدا ۾ اعتماد نه آهي. ڪابه ڪائنات جي قوت يا پهريون سبب يا زندگيءَ جو متو، جنهن ۾ ڪا خاص شخصيت نه آهي، سا مشڪل سان ئي اميد، عقيدت يا جان نثاري پيدا ڪري سگهندي. اهي، نااميديءَ ۾ متبلا ٿيل دلين کي، آرام هرگز آڇي نه سگهندا، ۽ نه ئي وري، ڪشمڪش ۾ گرفتار ٿيل روحن کي تسڪين پهچائيندا. فقط دائم ۽ قائم، هڪ خدا تعاليٰ هستي ئي آهي، جيڪا ائين ڪري سگهندي. اها هستي ئي، هڪ خود غرض انفراديت پسندا انسان کي تلقين ڪندي يا ڊپ ڏياريندي، ته هو پنهنجي خواهشن ۾ ڪجهه قدر ڪمي ڪري ۽ پنهنجي هوس ۽ حواسن تي غالب پوي. جيڪڏهن ماڻهو، خدا ۾ ايمان سان گڏوگڏ، پنهنجي شخصي روح جي لافاني هئڻ جو يقين رکن، ته جيڪر نهايت خاطر خواه نتيجا نڪرن. هڪ ٻي زندگيءَ، جي اميد، اسان ۾ همت پيدا ڪري ٿي. جيئن اسان موت جو مقابلو مردانگي سان ڪري سگهون ۽ پنهنجي عزيزن خواه قريبن جا موت به صبر سان برداشت ڪريون. جڏهن اسان ايمان سان جنگ جوٽيون ٿا ته اسان جي قوت ٻيڻي ٿئي ٿي. فرض ڪريو ته اسان جي انهن اعتقادن جي ڪابه ظاهري ثابتي ٿي نٿي سگهي. خدا تعاليٰ، صرف اسان جي اميد ۽ عشق جو معياري مجسمه آهي ۽ روح، هڪ سرود جي سُر سمان آهي ۽ اهو سر، ان سرود سان گڏ ئي ختم ٿي وڃي ٿو. جنهن ان کي صورت بخشي. پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود، انهن اعتقادن مان اسان کي ڪوبه ضرر (اهنج) ڪونه رسندو، اسان کي ۽ اسان جي ٻارن کي بيحد فائدو حاصل ٿيندو.

جيڪڏهن اسان هر ڪاشيءِ، پنهنجي ٻارن جي اٻوجهه دماغن کي سمجھائينداسون ۽ ثابتيون ڏيئي، کين ذهن نشين ڪرائينداسون، ته اسانکي، ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش اينديون، خاص ڪري جڏهن هو ويهن سالن جي  عمر تائين پهچندا، ته پوءِ اسان لاءِ مصيبت جو وقت شروع ٿيندو. انهيءَ وقت تائين، جيڪي ڪجهه انهن پرايو آهي، ان بابت کين پهرين آزمائش ڏيڻي پوندي. ان کي اسان وڏو امتحان سڏي سگهون ٿا. ان بعد، اهڙن تي ڪوبه رحم نه آندو ويندو ۽ کين خارج ڪيو ويندو. اهڙي آزمائشي محض علمي ڪمن جو امتحان نه، بلڪ عملي ڪمن جو امتحان پڻ هوندي. انهن لاءِ پورهيو، درد ۽ جهاد پن مقرر ڪيو ويندو ۽ هر ڪنهن قسم جي قابليت کي نمائش جو موقعو ڏنو ويندو ۽ هر ڪنهن قسم جي بيوقوفي غور سان پروڙي ويندي. جيڪي انهيءَ آزمائش ۾ ڪرندا، تن جي حوالي قوم جا اقتصادي معاملا ڪيا ويندا. اهي ڌنڌي وارا، منشي، ڪارخانن م ڪم ڪندر ۽ هاري هوندا. اها آزمائش، نهايت بي ريائيءِ سان، شخصي نقطه نگاهه کان بالاتر رهي، ڪئي ويندي. ان ڳالهه جو فيصلو ته ڪنهن کي هاري ٿيڻو آهي ۽ڪنهن کي فلسفي، سواءِ ڪنهن طرفداري، اقربانوازي ۽ پسند جي، ٿيڻ گهرجي. هيءَ چونڊ، موجوده جمهوري نظام کان وڌيڪ، جمهوريت جي صحيح اصولن تي مبني هوندي.

جيڪي هن آزمائش مان ڪامياب ٿي نڪتا، تن کي وري، ڏهه سال جسماني، ذهني ۽ اخلاقي، تعليم ور تربيت ملندي، تنهن کان پوءِ وري به هنن کي، هڪ ٻيءِ آزمائش جو مقابلوڪرڻو پوندو. اهڙيءَ آزمائش ۾ جيڪي ڪرندا، سي سياسي ۽ ڪاروباري ڪمن ۾ معاون ۽ مددگار ٿي رهندا، منجھائن ڪي فوجي عهديدار به ٿيندا، جيڪي به مٿين ٻن آزمائشن ۾ ناڪامي سبب ڪڍيا ويندا، انهن کي عقل، هوشياري ۽ نهايت خبرداريءَ سان، آماده ڪيو ويندو ته هو پنهنجي قسمت، سياڻپ ۽ صلح سانت سان قبول ڪن. ڪهڙن طريقن سا، اسان اهڙن تڙيل شخصن کي، جيڪي اڪثريت ۾ آهن، روڪيون، جيئن هو هٿيارن سان مسلح ٿي، اسان جي معياري حڪومت کي ناس نه ڪن. ڪيئن اسان، هنن کي روڪيون، جو هو، صرف تعداد ۽ طاقت جي بنياد تي قائم ٿيل حڪومت، وري نئين سر قائم نه ڪن؟ ڇا! هو ڪوشش نه ڪندا ته نام نهاد، مصنوعي جمهوريت قائم ٿئي؟ پوءِ صرف مذهب ۽ ايمان ئي، اسان کي نجات ڏياريندا. اسان انهن نوجوانن کي ٻڌائينداسون، ته جن جن گروهن ۾ اهي آيا آهن، يا شمار ڪيا وڃن ٿا، سي خدا جي مرضيءَ مطابق آهن ۽ بدلجي نٿا سگهن. هنن جو بيحد روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ، الاهي حڪم جو هڪ اکر به مٽائي نٿو سگهي. اسان کين، ڌاتن جي هيءَ ڏند ڪٿا ٻڌائينداسون:

”شهر واسيو! توهان سڀ هڪ ٻئي جا ڀائر آهيو. ان هوندي به خدا تعاليٰ، توهان کي مختلف نموني ۾ بنايو آهي. اوهان مان ڪن کي حڪم هلائڻ جي اختياري آهي. انهن کي هن سون مان ٺاهيو آهي. انهيءَ ڪري ئي کين وڏي عزت عطا ٿيل آهي. بيا وري، چانديءَ مان ٺاهيا ويا آهن، انهي ءَ لاءِ ته هو ڪاروباري ڪمن ۾ معاون ٿي رهن. ٻيا وري آهن، هاري ۽ هنرمند، جن کي پتل ۽ لوهه مان ٺاهيو ويو آهي. عام طرح، اهي قسم ۽ درجا، ٻارن ۾ پڻ قائم رکيا ويندا. پر جيئن ته اوهين اصل ۾، ساڳئي ئي، هڪڙي ڪٽنب مان آهيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن، چڱن پيٽان ڍلا ۽ ڍلن پيٽان چڱا پيدا ٿين ٿا. ساڳيءَ طرح سوني والدين مان روپا ۽ روپي والدين مان سونا بار ٿين ٿا. خدا جي دعويٰ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن سوني يا روپي والدين جي اولاد ۾ پتل ۽ لوهه جي ملاوت آهي، ته پوءِ قدرت جي تقاضا آهي، ته ان جو درجو به بدلجي وڃي. حاڪم کي پنهنجي ٻار تي رحم ڪرڻ نه جڳائي، ڇاڪاڻ ته سندس درجو گهٽجڻو آهي ۽ هن کي مجبوراً! هڪ هاري يا هنرمند ٿيڻو آهي. اهڙيءِ طرح هنرمند طبقي وارن مان ڪن جا ٻار ترقي ڪري عزت وارو درجو حاصل ڪن ٿا ۽ ملڪ جا محافظ يا مددگار ٿين ٿا. الاهي آواز اهو انڪشاف ڪري ٿو ته جڏهن پتل يا لوهه وارو آدمي ملڪ جي سنڀال ڪري ٿو، تڏهن ملڪن تباهه ٿئي ٿو.“ (1)

شايد هن شاهاڻي ڏند ڪٿا سان پنهنجي تجويز کي ترقي ڏيارڻ لاءِ، اسان عوام جي رضامند حاصل ڪريون، پر جيڪي چند نصيب وارا آزمائش جي لهرن مان لنگهي پار پيا آهن، تن کي ڪهڙي قسم جي اعليٰ تعليم ڏني وڃي؟

انهن کي فلسفو سيکاريو وڃي. اهي هاڻي ٽيهن سالن جي عمر جا آهن، اهو عقلمنديءَ جو ڪم نه ٿئي ها، جيڪڏهن انهيءَ عمر کان اڳ ۾ ئي. انهن کي فلسفي جي راحت جو سواد وٺائجي ها. ڇاڪاڻ ته ”جڏهن نوجوان فلسفي جو ذائقو چکن ٿا ته پوءِ محض مزي خاطر بحث ڪن ٿا ۽ هميشه هڪ ٻئي جي مخالفت ڪندا رهن ٿا، ڄڻ ته هو ننڍڙا گلر آهن، جن کي جيڪي ڪجهه پنهنجي ويجهو نظر اچي ٿو، ان کي ڇڪڻ ۽ ڦاڙڻ ۾ خوشي حاصل ڪن ٿا.“ (2)

هن راحت يعني فلسفي جا ٻه مقصد آهن، هڪ صفائيءَ ۽ چٽائيءَ سان تصور ڪرڻ صلاحيت، جنهن کي علم مابعدالطبعيات چئجي ٿو ۽ ٻيو عقلمندي سان حڪومت هلائڻ، جنهن کي سياست سڏجي ٿو. تنهن ڪري پهريائين انهن چند چونڊيل شخصن کي سکڻ گهرجي، ته ڪيئن چٽائيءَ سان تصور ڪن. ان لاءِ انهن کي تصورن جا اصول سکڻ گهرجن.

افلاطون جو هيءُ خيالن جو نظريو، جنهنکي هن تصور توڙي شعر جي وسيلي، نه فقط سينگاريو آهي، پر ساڳئي وقت مبهم به رکيو آهي. سو موجوده زماني جي شاگردن لاءِ، هڪ بي همت ڪندڙ سُرنگهه سمان آهي. مٿين ٻن آزمائشن مان بچي نڪتل شاگردن لاءِ پڻ، ان نظرئي هڪ وڌيڪ سخت آزمائش پيش ڪئي هوندي. ڪنهن به شيءِ جو خيال  ان شيءَ جي درجي جو عام خيال هجي جهڙوڪ جان ڍڪ يا هئري جو تصور آهي، انسان يعنيٰ اهي سڀ انسان ذات جا جدا جدا نالا آهن خيال جو ٻيو مطلب آهي قاعدو يا قاعدا، جن مطابق اها شيءِ ڪم ڪري ٿي. جھڙوڪ: ”جان جو خيال“ ان جو ٻيو مطلب آهي، سندس هلت چلت کي قدرتي قانونن جي ماتحت ڪري، ان کي ويچار ۾ آڻڻ، خيال جو ٽيون مطلب آهي مڪمل ارادو ۽ منزل مقصود، يعني جنهن طرف اها شيءِ يا ان جي ذات رجوع ٿئي ٿي. جھڙوڪ: ”جان جو خيال“ تنهن جو مطلب آهي، هڪ معياري دنيا ۾ رهندڙ، هڪ مڪمل انسان، جنهن جو نالو جان آهي. گهڻو ڪري جان جا اهي سڀ مطلب آهن يعني ذات جو تصور. قاعدو ۽ مقصد. انساني زندگيءَ ۾ سطحي طور ڪي خاص خاص حادثا ۽ واقعا پيش اچن ٿا. جن کي اسان جا حواس پروڙين ٿا. مگر انهن حادثن ۽ واقعن اندر زندگي جا عام اصول، قاعدا قانون ۽ ترقيءَ جون راهون سمايل آهن. تن کي پروڙن ۽ سمجھڻ کان اسان جا حواس قاصر آهن. اهو فقط انساني عقل ۽ خيال ئي آهي، جو انهن کي تصور ۾ آڻي سگهي ٿو ۽ سمجهي سگهي ٿو ۽ سمجهي اهي خيال، قاعدا ۽ معياري اصول، خاص خاص شين ۽ واقعن کان وڌيڪ مستقل ۽ وڌيڪ حقيقي آهي. جھڙوڪ:

1.                  ”انسان“ ٽام، ڊڪ ۽ هئري کان وڌيڪ مستقل آهي.

2.                 هيءُ خاص گول جو نشان، ڪنهن پينسل سان نڪتل آهي، جيتوڻيڪ اهو نشان، ڪنهن تيز شيءِ يا رٻڙ سان گهي غائب ڪري يا مٽائي سگهجي ٿو، مگر گول جو دماغي تصور مستقبل آهي.

3.                 هيءُ خاص وڻ بيٺو آهي ۽ ٻيو خاص وڻ ڪري پيو آهي. پر اهي قدرتي قانون، جن مطابق شيون ڪرن ٿيون، جن مطابق اسان اندازو لڳائي سگهون ٿا، ته ڪهڙيون شيون ڪرنديون ۽ڪڏهن ڪرنديون، سي سواءِ ڪنهن ابتدا يا انتها جي مستقل آهن.

نرم دل ”اسپنوزا“ جي چوڻ مطابق، هڪ دنيا آهي، شين جي، جنهن کي اسان جا حواس پروڙي سگهن ٿا ۽ ٻي دنيا آهي قاعدن جي، جنهن جي پروڙ، صرف خيال ئي ڪري سگهي ٿو. اسان قدرت جا قاعدا ڏسي نٿا سگهون، پر اهي هرهنڌ موجود آهن. ڪنهن به شيءِ جي، شروعات کان اڳ اهي قاعدا موجود هئا ۽ جڏهن جسماني دنيا ختم ٿي ويندي، تڏهن پڻ اهي قاعدا موجود رهندا، ڏسو هيءَ آهي هڪ پل. اسان جي حواسن لکين ٽن لوهه ۽ ڪانڪريٽ جا ڏسن ٿا، پر هڪ رياضي دان پنهنجي من جي اک سان ڏسي ٿو ته ڪيئن نه مادي شين يعني لکين ٽنن کي علم جو مڪينڪس، رياضي ۽ انجنيئري جي قاعدن مطابق همت، هنر ۽ لطف سان ڪم ۾ آندو ويو آهي. سڀ عمديون پُليون، اهڙن ئي قاعدن مطابق ٺاهڻ گهرجن. فرض ڪريو ته هڪ رياضي دان، جو ساڳئي وقت شاعر پڻ آهي، سو جڏهن اهڙي پل ڏسندو تڏهن هڪدم سندس خيال ۽ تصور ۾ اهي قاعدا قانون ايندا، جن مطابق اها پل ٺاهي ويئي آهي. جيڪڏهن اهي قاعدا ڀڃبا يا ٽوڙبا ته يقيناً نديءَ ۾ ڪري پوندي، سڀ قاعدا قدرت جي مثال آهن، اها قدرت آهي، همٿ جي تريءَ تي پل کنيو بيٺو آهي. ارسطو به انهيءَ ڳالهه ڏانهن اهڙو اشارو ڪري ٿو. جڏهن هو چوي ٿو ته افلاطون جو مطلب خيالن بابت ساڳيو هو. جھڙو فيثاغورث جو عدد بابت فيثاغورث سيکاري ٿو ته هيءَ دنيا عدد جي دنيا آهي يعني هيءَ دنيا، رياضي جي نسبت ۽ همواري ماتحت هلي ٿي. ”پلوٽارچ“ (Plutarch) اسان کي ٻڌائي ٿو ته افلاطون جي خيال مطابق، خدا تعاليٰ هميشه جاميٽريءَ جي اصولن موجب دنيا کي هلائي ٿو. ”اسپنوزا“ به ساڳئي خيال جي هن ريت تشريح ڪري ٿو. ته خدا، جسماني بناوت ۽ عمل جا عالمگير قاعدا ساڳي ڳالهه آهن، ”برٽنڊرسل“ (Bertrand Russell) وانگر افلاطون لاءِ پڻ رياضي، فلسفي جي هڪ اهم تمهيد آهي ۽ رياضي، فلسفي جي سڀ کان اعليٰ صورت آهي. پنهنجي تعليم گاهه جي درن مٿان، دانتي (Dantesgue) وانگر، افلاطون به هيءُ لفظ لکائي ڇڏيا، ”جنهن کي جاميٽريءَ جي واقفيت نه آهي، سي اندر نه لنگهن.“

سواءِ انهن خيالن، عموميت، ترتيب ۽ مقصدن جي، سڄي ڪائنات اسان کي ائين نظر ايندي، جيئن هڪ نئين ڄاول ٻار کي، جيڪو پنهنجيون اکيون کولي ٿو ۽ دنيا کي هڪ غير منظم ۽ بي مقصدن حقيقتن ۽ احساسن جو هڪ مجموعو سمجھي ٿو. محض شين جي درجه بندي ۽سندن تنظيم ذريعي اسان کين معنيٰ ڏيئي سگهون ٿا. اسان کي گهرجي ته سندن هستيءَ جا قاعدا قانون ڳولهيون ۽ سندن حرڪتن جا مقصد جاچيون. خيالن کان سواءِ، دنيا ڪتابن جي نالن جو هڪ ڍڳ آهي، جي سواءِ ڪنهن ترتيب جي، ڪتابن جي فهرست مان ورتا ويا آهن. ان جي برعڪس دنيا، جنهن ۾ خيالن کي اهميت ڏني وڃي، سا ائين آهي، جيئن ڪتابن جي نالن جي درجه بندي ڪري، انهن ۾ تسلسل پيدا ڪجي ۽ مقصد پيش ڪيا وڃن. خيالن کان سواءِ، دنيا ڄڻ ته هڪ غار ۾ پاڇن وانگر آهي ۽ خيالن سان ڀرپور دنيا، هڪ حقيقي دنيا آهي، جنهن تي سج جي روشني پوي ٿي ۽ جنهن جا پاڇا غار جي اندر پون ٿا، جيڪي عار اندر هڪ عجيب ۽ غريب صورت وٺي، من کي ٺڳين ٿا. ان ڪري اعليٰ تعليم جو مقصد آهي خيالن جي ڳولا، عموميت ۽ ترتيب جي جستجو، تسلسل جي قاعدن جي پروڙ ۽ ترقيءَ جي اصولن جي حاصلات، جسماني شين جي پٺيان جيڪا نسبت ۽ مطلب آهي، تنهن کي سمجھڻ ضروري آهي، حرڪت يا عمل ڪرڻ جا طريقا ۽ قاعدا، فرض ۽ مقصد جيڪي سرانجام ٿين ٿا، تن بات معلومات نهايت اهم آهي، اسان کي جڳائي ته اسان جيڪو به آزمودو پنهنجن حواسن ذريعي حاصل ڪيو آهي، تنهن جي درجه بندي ۽ تربيت ڪري، ان کي قاعدن ۽ مقصدن جي صورت ۾ پيش ڪريون. هڪ قيصر ۽ هڪ احمق جي وچ ۾ اهوئي فرق آهي، جو هڪ قيصر انهيءَ ريت پنهنجي آزمودي کي منظم ڪرڻ جو قابل آهي.

اهڙيءَ ريت پنج سال ڪنهن خيالن جي نظريه ماتحت اعليٰ تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي. احساسن جي افراتفري ۽ جوکي جي وچ ۾ معنيٰ دار صورتون، تسلسل ۽ معياري قوتون نظر اچن. پنج سال هيءُ اصول انساني چال چلت ۽ رياست جي رهنمائي لاءِ استعمال ڪجي. ٻاراڻي اوستا کان وٺي پنجٽيهن سالن جي بلوغت تائين، هيءَ ڊگهي تربيت جاري رکجي. ان کان پوءِ ئي ڪامل انسان رچي راس ٿيندا ۽ سياسي زندگيءَ جا اعليٰ فرض سرانجام ڏيئي سگهندا. ڇا! اهي ئي فلسفي، شهنشاهه ثابت ٿيندا، جن جو ڪم آهي، حڪومت هلائڻ ۽ انساني ذات کي نجات ڏيارڻ!

پر افسوس، اڃا نه، انهن جي تعليم اڃا مڪمل نه ٿي آهي. گهڻو ڪري اها تعليم اڃا نظرياتي آهي. کين هڪ ٻيءَ شيءِ جي به ضرورت آهي. وقت آيو آهي، جو اهي فلسفي جا ڄاڻو، فلسفي جي بلنديءَ کان لهي هيٺ اچن ۽ انسانن ۽ جسماني مشين جي غار ۾ قدم رکڻ فرمائين. جيستائين عمومي ۽ تجرديدي خيالن کي عملي دنيا جي آزمائش گاهه ۾ ثابت نه ڪيو ويو آهي، تيستائين اهي بلڪل بيڪار آهن. ڇڏيو ته ڀلي اسان جا شاگرد، دنيا جي گهيڙ ۾ گهڙن. سندن ڪابه پاسخاطري ڪرڻ نه جڳائي. ڀلي ته اهي ڌنڌي ۾ ٻين سان چٽا ڀيٽي ڪن. تُند مزاج، حريص، زور آور ۽ چالاڪ شخص جو مقابلو ڪن. هن مقابلي جي بازار ۾، زندگيءَ جي دفتر ما، هُو ڪجهه نه ڪجهه ضرور پرائيندا. هنن جون آڱريون زخمي ٿي پونديون ۽ دنيا جي سخت حقيقت سان پنهنجي فلسفي وارا هڏ گسائيندا. پنهنجي پگهر جي پورهئي سان روزي حاصل ڪندا. هيءَ آخري پر سڀ کان تيز آزمائش، بي قياسيءَ سان، سڄا سارا پنڌرهن سال هلندي رهندي. اسان جي مڪمل ٿيل زخيرن مان ڪي، هيءُ داٻ سهي نه سگهندا ۽ هيءَ وڏي لهر کين خارج ڪري ڇڏيندي. اهڙيءَ طرح باقي  رهيل کُهلي، پنجاهه سالن جي عمر وارا جوڌا، جيڪي زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ زخمي ٿيا هوندا، سي ئي پاڪيزه ۽ پنهنجي ذات تي اعتماد رکندڙ هوندا. زندگيءَ جي بي رحم ڪشمڪش ۾ سندن تدريسي غرور ڪافور ٿي ويندو هوندو. مڪمل حڪمت، جيڪا روايت ۽ آزمودي، تمدن ۽ ڪشمڪش گڏجي هنن کي آڇي آهي، سا ئي سندن خاص هٿيار ٿيندي. اهڙا انسان، پاڻمرادو رياست جا حڪمران ٿي پوندا.

 

سياسي حل The Political Solution:

اهڙا حڪمران پاڻمرادو حڪومت جون واڳو سنڀاليندا، کين مڪاريءَ سان ووٽن حاصل ڪرڻ جي ضرورت ڪانه رهندي، جمهوريت جو مطلب آهي، ته سڀ ڪنهن کي ترقي ڪرڻ جو هڪ جيترو موقعو ڏنو وڃي. خاص ڪري تعليمي ڳالهين ۾. جمهوريت جو مطلب، اهو هرگز نه آهي ته هرهڪ ڪرڙ، ڪانڊيرو، جنهن کي سياسي عهدي ماڻن جي ذري ماتر به لياقت نه آهي، سو وزارت جون واڳون وٺي. سڀ ڪنهن کي هڪ جيترو موقو ڏنو وڃي ته هو پاڻ ۾ ڪاروباري ۽ انتظامي ڪمن جي پيچيده معاملن سان مقابلو ڪرڻ جي قابليت پيدا ڪري. مگر ياد رهي ته صرف اهو مجاهد ئي حڪومت ڪرڻ جي قابل آهي. جيڪو مٿين سخت آزمائشن مان ڪامياب ٿي نڪتو آهي ۽ پنهنجو جوهر ثابت ڪري چڪو آهي، سياسي  عهديدار، ووٽن ذريعي چونڊڻ نه گهرجن ۽ نه اهڙن شرارت انگيز سياسي گروهن جي زير اثر، جيڪي جمهوريت جي نالي ۾ عوام  جي اکين ۾ ڌوڙ وجهن ٿا. مگر اهو ضروري آهي، ته جيڪي به سياسي عهدن ماڻڻ جي سڌ رکندا هجن، سي پنهنجي قابليت ۽ عقلمنديءَ جي پوري پوري ثابتي ڏين. سڄي قوم جي هر هڪ فرد کي هن باري ۾ هڪ جيترو حق هئڻ گهرجي، ايستائين ڪهن به شخص کي عهدو نه ڏنو وڃي، جييستائين هن کي، انهيءَ عهدي سنڀالڻ جي پوري پوري تربيت نه ڏني وڃي ايستائين ڪنهن به شخص کي اعليٰ عهدو نه ڏنو وڃي، هن ان کان گهٽ عهدو ايمانداريءَ ۽ لياقت سان نه سنڀاليو هجي.

ڇا! هيءَ اشرافياجي حڪومت (Aristocracy) نه آهي؟ اسان کي انهيءَ لفظ کان ڊڄڻ جي گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان لفظ ۾ انسان ذات لاءِ آخر ڪار چڱائي  ئي آهي. عقلمندن ماڻهو اکرن ۾ نٿا اڙجن، خالي لفظ هنن لاءِ ڪابه وقعت نٿا رکن. لفظن جي قيمت، فقط انهن وٽ هوندي آهي، جي يا ته سياسي نعرا بلند ڪري، عوام کي ٺڳيندا آهن يا ته وري انهن وٽ، جيڪي لفظن جي ڦندي ۾ ڦاسي، ڀورڙن وانگر، پنهنجو مستقبل، پنهنجن هٿن سان ئي برباد ڪندا آهن. اسان چاهيون ٿا ته بهترين انسان، اسان تي حڪومت هلائين. اشرافيا جي حڪومت جو مطلب اهو ئي آهي. ”ڪار لائيل“ (Carlyle) وانگر اسان اها دعا نه گهري آهي ڇا؟ يا اهڙي آرزو ظاهر نه ڪئي آهي ڇا؟ ته اسان جا حڪمران بهتري شخص هجن.

بدقسمتيءَ سان، اسان اشرافيا جي حڪومت جو اهو مطلب ڪڍيو آهي ته اها حڪومت، جا نسل به نسل هلندي اچي، پر اسان کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته افلاطون جو اهو مطلب اصل نه آهي، افلاطون جو مطلب آهي، جمهوري اصولن تي قائم ٿيل، قابل ۽ اعليٰ شخصيتن جي حڪومت. اڄڪلھه جي جمهوري نظام ماتحت، ڪي شر انگيز، سياسي گروهه، ڪن اميدوارن کي چونڊن ۾ بيهارين ٿا. عام  ماڻهو، مجبور ٿي پون ٿا ته اهڙن  بيهاريل بدمعاش  اميدوارن مان ڪنهن به هڪ کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏين. ڇا! انهيءَ کان بهتر ائين نه ٿيندو، جو هر هڪ شهر واسي، هڪ مڪمل تعليم ۽ تربيت ذريعي، پاڻ کي سياسي عهدي ماڻڻ جو لائق بنائي. ان ۾ ڪنهن به ذات پات ۽ نسل وغيره کي ڪوبه دخل ڪونه آهي. هڪ نيچ ذات وارو پڻ اُسري سگهي ٿو. هڪ حاڪم جو پٽ، پڻ هڪ ڪمذات وانگر، پنهنجي زندگيءَ جو ابتدائي دور ساڳئي سطح تان شروع ڪري ٿو، هن سان به ساڳئي هلت ڪئي وڃي ٿي ۽ کيس به ساڳيو ئي موقعو ڏنو وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪو حاڪم جو پٽ، احمق ثابت ٿئي ٿو، ته هن کي پهرين آزمائش ۾ ئي ٿڏيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪو غريب جو ٻار نيڪ ۽ قابل انسان ٿئي ٿو، ته هن جو رستو بلڪل صاف  آهي، ته جيئن هو آخرڪار ملڪ ۽ قوم جو نگهبان ٿئي. مطلب ته هڪ قابل شخص لاءِ، ڪامياب زندگيءَ جا دروازا هميشه کليل آهن. هيءَ آهي تعليمي جمهوريت، جيڪا چونڊن واري جمهوريت کان  هزار دفعا وڌيڪ اعليٰ افضل آهي.

اهڙي ريت ٻيا سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي، اهي نگهبان پنهنجي ساري زندگي، آزاديءَ جي نگهباني ڪرڻ ۾ صرف ڪندا. هيءُ انهن جو پيشو هوندو. جنهن به ڳالهه جو انهن سان تعلق نه هوندو، ان کان منهن موڙيندا، ڪاروباري‘ انتظامي، عدالتي ۽ قانون سازيءَ جا ڪم، سڀ هو سنڀاليندا. هنن کي اختيار هوندو، ته ڦرندڙ گهرندڙ، حالتن مطابق، هو اڳوڻن قانونن ۾ ترميم ڪن، هنن جي حڪومت اهڙي قسم جي هوندي، جو هو، وقت جي گهرجن ۽ حالتن مطابق، پنهنجي بي انتها قابليت ۽ حڪمت وسيلي، ملڪ جا  قاعدا  قانون سولائيءَ سان ڦيرائي سگهن. هو ڪڏهن به اڳئين مثال يا روايت سان ٻڌل نه رهندا.

پر ڇا! پنجاهه سالن جي ٻڍن حڪيمن جا دماغ اهڙآ آزاد، ڪشادا ۽ وسيع ٿي سگهن  ٿا، جو هو هنگامي حالتن هيٺ، ملڪ جي قاعدن قانون ۾ سهنجائيءَ سان ترميم آڻي سگهن؟ ڇا! ڊگهي عرصي جي يڪسان عمل ۽ رسم و رواج جي پابنديءَ ڪري، هنن جون دماغي قوتون ٺوٺ ته ڪين ٿي ويون آهن؟ اڊمينٽس (Adeinmintus)  (افلاطون جي گهر ۾ هڪ ڀائيپي واري بحث ۾ حصو وٺندي) اعتراض اٿاري ٿو ته ، فلسفي يا ته احمق آهي يا ته بدمعاش. جنهن ڪري يا ته هو بيوقوفيءَ سان حڪومت هلائيندا يا ته وري خود غرضيءَ سان، يا ته وري اهي ٻئي خاميون، هنن جي حڪومت ۾ نظر اينديون. فلسفي جا چيلا، جيڪي پنهنجي مطالعي کي،  نه فقط جوانيءَ جي عرصي تائين محدود رکن ٿا، پر بلوغت جي زماني ۾ پڻ پڙهندا رهن ٿا، سي آخرڪار، عجيب و غريب  انسان ثابت ٿين ٿا ۽ محض فلسفي جي حاصلات سببان، دنياوي معاملن ۾  بيڪار ثابت ٿين ٿا.“ (1)

هيءُ بيان موجوده زماني جي عينڪي (Bespectacle) فلسفين سان پورو ٺهڪي اچي ٿو. مگر افلاطون جواب ڏئي ٿو، ته انهيءَ ڏکيائن جو هن اڳ ۾ ئي، پورو پورو تدارڪ ڪيو آهي. اسڪولي تعليم سان گڏ، اهو لازمي آهي، ته فلسفين کي زندگيءَ جي تجربيگاهه مان فيضياب ٿيڻ گهرجي. هنن کي اهڙي تربيت پڻ ڏيڻ گهرجي، جو هو زندگيءَ جي سنوارڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهن. ان ڪري هو نه فقط خيالي ۽ وهمي دنيا جا فلسفي ٿيندا، پر ساڳئي وقت عملي دنيا جا پڻ غازي ثابت ٿيندا، ڊگهي تجربي ۽ آزمائش سببان، هو اعليٰ ارادن ۽ شاندار طبيعت جا مالڪ  ٿيندا. افلاطون جي خيال موجب، فلسفي جو مطلب آهي اهو اعليٰ تمدن حاصل ڪرڻ، جنهن جي ذريعي، عملي معاملن ۾ اهم حصو ادا ڪري سگهجي.

فلسفي ۾ اها حڪمت آهي، جنهن جي وسيلي، روزمره  جي ڪاروباري زندگيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي. هڪ  فلسفيءَ  جو مطلب اهو نه آهي، ته هو اڪيلائيءَ ۽ تنهائي اختيار ڪري ۽ علم مابعد الطبيعات (Metaphysis) ۾ مهارت حاصل ڪري. ان لحاظ کان افلاطون جي شخصيت ”ڪانٽ“ کان مختلف آهي ۽ اها بيشڪ افلاطون جي خوبي آهي. اهڙيءَ ريت، نااهليت کي سياسي زندگيءَ مان ٿڏي سگھجي ٿو. پر بدمعاشي ۽ خود غرضيءَ کي ڪيئن تڏي ڪڍجي؟ ان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ جي نگهبانن کي منظم ڪري، هڪ خاص قسم جي مساوات قائم ڪجي.

پهريائين ته انهن مان ڪنهن کي به وڌيڪ ملڪيت نه هجي. انهن کي ڪوبه اهڙو ذاتي گهر نه هجي، جنهن جا دروازا ۽ دريون بند رکيا وڃن ۽ اندر داخل ٿيڻ لاءِ، ارادو رکندڙ کي روڪيو وڃي. انهن جو کاڌو ۽ خوراڪ اهڙي قسم جي هئڻ گهرجي، جنهن جي انهن  تربيت يافته مجاهدن کي ضرورت ٿئي، جيڪي همت وارا ۽ اعتدال پسند هوندا آهن. انهن کي شهر واسين طرفان مقرر شده پگهار ملڻ گهرجي. جيئن هو پنهنجي  سالياني خرچ جو پورائو ڪري سگهن. انهن کي گڏجي کائڻ ۽ گڏجي رهڻ گهرجي. جهڙيءَ طرح ڇانوڻيءَ ۾ سپاهي زندگيءَ گذاريندا آهن. اسان انهن کي ٻڌائينداسون ته خدا وٽان، انهن کي ڪافي سون ۽ چاندي، ذهني قابليت جي صورت عطا ٿيل آهي ۽ هو روحاني دولت سان اڳيئي مالامال ٿيل آهن. انهن کي دنياوي سون ۽ چانديءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي. متان هو پنهنجي خدائي قابليت ۽ روحاني دولت، دنياوي حرص ۾ وڃائي ويهن. دنياوي سامان آهي، جنهن سبب، انسان دنيا ۾ بڇرا ڪم ڪن ٿا. مگر سندن روحاني دولت خالص آهي، سڀني شهر واسين مان صرف، رياست جي نگهبانن لاءِ ضروري آهي، ته هو سون ۽ چانديءَ کي نه ڇهن ۽ نه وري انهن ڌاتن سان ڪو وهنوار ئي رکن. هو انهن ڇتين هيٺيان به نه سمهن جن هيٺان سون ۽ چاندي رکيل آهي. هو سون ۽ چانديءَ جا زيور به نه پائين ۽ نه وري سون ۽ چانديءَ جي ٿانون ۾ کاڌو ئي کائين. ان ريت هو نه رڳو پنهنجي روحن کي نجات ڏيندا، پر پنهنجي رياست کي پڻ، صحيح نموني ۾ آزاد ڪندا. جيڪڏهن هو به ٻين وانگر زر، زمين ۽ مڪان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، ته هو پڻ ٻين وانگر گهر ڌڻي ٿي پوندا ۽ رياست جا نگهابان ڪڏهن به بڻجي نه سگهندا. ان حالت ۾ هو ٻين کان نفرت ڪندا ۽ ٻيا کانئن نفرت ڪندا، هو ٻين خلاف گهاٽ گهڙيندا ۽ ٻيا هنن خلاف گهاٽ گهڙيندا. مطلب ته هو ٻين شهر واسين جا دشمن ۽ ظلم ڪندڙ ثابت ٿيندا ۽ نه سندن دوست ۽ مددگار. ان ڪري سندن سڄي عمر ملڪ جي اندروني دشمنن جي ڊپ ۾ گذرندي. جلد ئي پوءِ سندن شخصي تباهي ۽ ان بعد سڄي ملڪ جي زواليت جو وقت ويجھو ايندو.


(1)  ڪتاب ڪارميڊس (Charmides) صفحو 175، ليکڪ: افلاطون

(1) ڪتاب فياڊرس(Phaedrus)، صفحو 244، ليکڪ افلاطون.

(1)  ڪتاب ريپبلڪ، صفحو 2- 571، ليکڪ: افلاطون.

(1)  ڪتاب رياست (Republic) صفحو 415، ليکڪ افلاطون.

(2)  رياست صفحو 639.

(1)  رياست، صفحو، 487

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org