سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب:
فلسفي جي ڪهاڻي |
باب:
-- |
صفحو :14 |
هتي اهو ساڳيو اڳوڻو ماڻهن جو بڇڙو گروهه هو.
ماڻهو ادارن کي ٺاهن ٿا ۽ ادارا ماڻهن کي ٺاهن
ٿا. هن دائري ۾ تبديلي ڪهڙيءَ ريت اچي سگهي
ٿي؟ والٽيئر ۽ آزاد خيال وارن جو رايو هو، ته
ذهن، تعليم تربيت ۽ تبديليءَ ذريعي پراڻن
ادارن کي ٽوڙي سگهيو ٿي، پر اهو ڪم آهستي
آهستي، صلح ۽ سلامتيءَ سان ئي ممڪن ٿي سگهيو
ٿي. روسيو ۽ سندس انقلابي پوئلڳن محسوس ڪيو،
ته اهڙن ادارن کي جبلت جي جوش ۽ جذباتي عم سان
ئي پرزا پرزا ڪري سگهبو، دل جي حڪم هيٺ نوان
ادارا قائم ڪري سگهبا. جن ۾ آزادي، مساوات ۽
برابري حڪومت هلائينديون. شايد سچ انهن مخالف
ڌرين کان بلند هو جبلت کي گهرجي ته پراڻن
ادارن کي ناس ڪري، پر فقط ذهن ئي نوان ادارا
تعمير ڪري سگهندو. روسيو جي انقلابي مان رجعت
پسنديءَ جو ٻج زرخيزيءَ سان ڦٽي ظاهر ٿيو هو،
ڇاڪاڻ ته جبلت ۽ جذبو آخرڪار قديم زماني سان
وفاداريءَ جواظهار ڪندا آهن. انقلاب جي
صفائيءَ کان پوءِ، دل جي تقاضا، فطرت کان
مٿانهون مذهب، پراڻن طريقن ۽ امن ۽ سلامتيءَ
کي واپس آڻيندي.
انجام:
Denouement
ان ساڳي وقت ۾ هيءُ ڪراڙو کلندڙ فلسفي فرني
(Ferney)
۾ پنهنجو باغ پوکي رهيو هو. سندس قول مطابق
ڌرتيءَ تي اهو ئي بهترين پورهيو آهي، جو اسان
ڪري سگهون ٿا. هو هميشه وڏيءَ زندگيءَ لاءِ
دعا گهرندو هو. ”مون کي ڊپ آهي، ته مان سواءِ
ڪنهن خدمت سرانجام ڏيڻ جي مري ويندس.“ پر
يقينن هاڻي هن پنهنجو حصو پورو ڪيو هو. سندس
سخاوت جا قصا بي انداز آهن. ”هرهڪ، ويجهو يا
پري، سندس خدمت حاصل ڪندو هو. ماڻهو هن سان
صلاح مصلحت ڪندا هئا، پنهنجا ڏک ڏاکڙا سندس
آڏو بيان ڪندا هئا ۽ قلمي ۽ مالي مدد لاءِ عرض
ڪندا هئا. غريب، جيڪي ڪنهن ڀُل چُڪ سبب ڏوهاري
ٿيندا هئا، تن تي سندس گهڻو هٿ هوندو هو، هو
کين معافي وٺي ڏيندو هو ۽ ايمانداري وارو ڌنڌو
اختيار ڪرڻ لاءِ سندس هر ممڪن مدد ڪندو هو. ان
عرصي ۾ هو انهن تي نظر رکندو هو ۽ کين صلاح
مصلحت ڏيند هو. هڪ دفعي هڪ نوجوان جوڙي سندس
چوري ڪئي. هو گوڏن تي نوڙي کانئس معايفءَ جي
طلب ڪرڻ لڳا. هن پاڻ نوڙي کين اٿاريو ۽
چيائين: ”مون ته توهان کي اڳيئي معاف ڪيو،
هاڻي نوڙي خدا کان معافي حاصل ڪيو.“ سندس خاص
چڱن ڪمن مان هڪ هو ڪارنيل[هڪ ناٽڪ نويس] جي
معزور ڀائٽيءَ جي پرورش ڪرڻ، ان کي تعليم ڏيڻ
۽ ڏاج مهيا ڪري ڏيڻ. هن چيو ”هيءُ ننڍو چڱو ڪم
جو مون ڪيو آهي، سو منهنجو بهترين ڪم آهي،
جڏهن مون تي حملو ٿئي ٿو، تڏهن مان شيطان
وانگر لڙان ٿو، مان ڪنهن جي به آڻ ڪونه ٿو
مڃان. پر اندر ۾ مان هڪ نيڪ شيطان آهيان،
سموري ڳالهه کي کلي ختم ڪريان ٿو.“
سن 1770ع ۾ سندس دوستن سندس نيم مجسمه کڙو ڪرڻ
لاءِ پيسه گڏ ڪرڻ جو انتظام ڪيو. شاهوڪارن کي
تاڪيد ڪئي ويئي، ته هو ننڍي کان ننڍو سڪو ڏين،
ڇاڪاڻ ته هزارين ماڻهن ان عزت حاصل ڪرڻ لاءِ
درخواست ڪئي، فريڊرڪ پڇيو، ته هو گهڻو ڏئي.
کيس ٻڌايو ويو، ته صرف هڪ سڪو ۽ سندس نالو بس
آهي. والٽيئر هن کي مبارڪباد ڏني، ته هن ٻين
علمن جي واڌاري سان گڏوگڏ جسم جي تشريح واري
علم جي پڻ همٿ افزائي ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته هڪ
هڏن جي پڃري واري جسم جي مالڪ انسان نيم مجسمه
ٺهرائڻ جي ڪم ۾ هن پڻ مالي امداد ڏني هئي. هن
سڄي مهم تي ائين چئي اعتراض پيش ڪيو، ته هن جو
چهرو هڏا ٿي چڪو هو، جنهن ج نقش بنائڻ بيڪار
ٿيندو. ”توهان مشڪل سان چئي سگهندو، ته منهنجو
چهرو ڪڙي هنڌ آهي. منهنجو اکيون ٽي انچ اندر
پيهي ويون اهن، منهن ڳل پراڻي ڪاغذ مثل آهن...
جيڪي ٿورا ڏند مون کي بچيا هئا، سي به هاڻي
غائب ٿي ويا آهن.“ تنهن تي ڊي اليمبرٽ جواب
ڏنو، ”هڪ غير معمولي ذهين کي اها صورت عطا ڪيل
آهي، جيڪا صرف ساڳي قابليت وارو ذهين انسان ئي
سڃاڻي سگهندو.“ جڏهن سندس پاليل بيليٽ بوني
کيس چمي ڏني، تڏهن هن چيو، ته ”زندگي موت کي
چمي ڏئي رهي آهي.“
هو هاڻي 83 ورهين جو هو. سندس خواهش ٿي ته مرڻ
کان اڳ پئرس ڏسي. ڊاڪٽر کيس صلاح ڏني، ته اهڙي
جوکائتي مسافريءَ کان باز اچي. هن جواب ڏنو،
”جيڪڏهن مان بي عقليءَ جو ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو،
ته پوءِ مون کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. هو
ايتري ته عمر گذاري چڪو هو ۽ ايترو ته ڪم ڪيو
هئائين، جو شايد هو هاڻي محسوس ڪرڻ لڳو، ته هن
کي هن ريت مرڻ جو حق هو. خصوصاً مشرقي پئرس ۾
جتان هو جلاوطن ٿي گهڻو عرصو پري رهيو هو.
آخرڪار هن سفر اختيار ڪيو ۽ هرهڪ ميل کيس وڌيڪ
ٿڪائيندو رهيو. جڏهن سندس گاڏي گادي واري شهر
۾ داخل ٿي، هن جا هڏا سور ۾ چور چور ٿي رهيا
هئا. پنهنجي جوانيءَ جي يار ڊي آجينٽال وٽ
هڪدم گهڙي ويو. ”مون توکي ڏسڻ لاءِ موت کي
ملتوي ڪيو آهي.“ هن چيو. ٻئي ڏينهن هن جي
ڪمري ۾ ٽي سو ملاقاتي جمع ٿيا، جن سندس ائين
استقبال ڪيو، ڄڻ ته هو شهنشاهه هو. لوئي
سورهين بغض ۽ ساڙ جي باهه ۾ جلڻ لڳو. بينجامن
فرئنڪلن به ملاقاتين مان هڪ هو، جنهن پنهنجو
پوٽو ساڻ ان لاءِ آندو، ته والٽيئر کيس دعا
ڪري. هن ٻڍي ماڻهو ان ٻار تي مٿي ٿي هٿ رکيا ۽
کيس تاڪيد ڪيائين، ته هو خدا ۽ آزادي لاءِ
پنهنجي زندگي ارپي ڇڏي.
هو هاڻي اهڙو ته بيمار ٿي پيو هو، جو ڏوهن
بخشائڻ لاءِ هڪ پادري هن وٽ آيو. والٽيئر
کانئس پڇيو، ”بزرگ پادري تون ڪٿان آيون آهين.“
جواب مليس ”خدا وٽان.“ وري چيائينس، ته
”تنهنجي تعارف جي سند ڪٿي آهي؟“ ويچارو پادري
منجھي پيو ۽ شڪار حاصل ڪرڻ بغير روانو ٿيو.
تنهن کان پوءِ والٽيئر هڪ ٻئي پادريءَ هاتئر
کي گهرايو، ته هو اچي سندس ڏوهن جو اعتراف
ٻڌي. گائتر آيو، پر والٽيئر جا ڏوهه بخشائڻ
لاءِ ايستائين انڪار ڪيائين، جيستائين هو
ڪئٿولڪ فرقي جي متن ۾ اعتقاد رکڻ جي تحريري
تصديق نه ڏئي. والٽيئر اهڙي حالت ۾ به بغاوت
ڪئي. هن هڪ بيان لکيو، جيڪو پنهنجي سيڪريٽري
وئگنر کي ڏنائين. ”مان خدا جي ثنا ڪندي، دوستن
سان محنت ڪندي، دشمنن سان نفرت نه ڪندي ۽ وهم
کي نندي مران ٿو.“
والٽيئر 28- فيبروري 1778ع.
جيتوڻيڪ هو بيمار ۽ ڏٻرو هو، پر تنهن هوندي به
هن کي ائڪيڊمي طرف وٺي هليا. ماڻهن جا انبوهه
سندس مرحبا ڪرڻ لڳا. ڪي ماڻهو سندس گاڏيءَ تي
چڙهي آيا ۽ جيڪو چرغو کيس رشيا جي ڪئٿرائين
ڏنو هو، تنهن کي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري پاڻ وٽ
يادگيريءَ طور سانڍي رکڻ لڳا. اهو ان صدي جو
هڪ تاريخي واقعو و. ڪنهنبه سپهه سالار کي جو
خطرناڪ جنگيون جوٽي ۽ فتح جو سهرو ٻڌي وطن
واپس آيو هجي، ايترو آڌر ڀاءُ نه مليو، جيترو
والٽيئر کي، ائڪيڊميءَ ۾، هن رٿ پيش ڪئي ته
فرينچ لغت کي وري سڌرايو وڃي، جوانيءَ واري
جوش سان هن تقرير ڪئي ۽ ان ڪم لاءِ هن پنهنجي
خدمت آڇي ۽ ظاهر ڪيائين، ته پهرين اک
A
ماتحت جيڪو ڪم هن تي مڙهيو وڃي، سو هو پورو
ڪرڻ لاءِ تيار هو. نشست جي آخر ۾ هن چيو
”عزيزو! مان الف بي جي نالي ۾ توهان جو شڪريو
ادا ڪريان ٿو.“ ان تي صدر چيسٽلڪس
(Chastellux)
وراڻيو، ۽ اسان سڀ اکرن جي نالي ۾ توهان جا
شڪر گذار آهيون.“
ان ثنا ۾ سندس ناٽڪ ’ارين‘ اسٽيج تي پيش ڪيو
پئي ويو. وري به ڊاڪٽرن جي صلاح خلاف هن ناٽڪ
گهر ۾ حاضر ٿيڻ تي ضد ڪيو. ناٽڪ پورو سارو هو.
ماڻهو ان تي عجب کائڻ لڳا، ته 83 ورهين وارو
ٻڍو ڪيئن هڪ ناٽڪ لکي سگهيو ٿي، جيتوڻيڪ کڻي
ان جومعيار ڪيترو به گهٽ هجي. مصنف جي عزت
افزائيءَ لاءِ ماڻهن ايڏي ته زور سان نعرا
بلند ڪيا، جو اداڪارن جون تقريرون مشڪل سان
ٻڌڻ ۾ پئي آيون. هڪ اوپرو ماڻهو داخل ٿيو ۽
سمجھائين ته اهو هڪ چرين جو آستان هو، ڊپ وچان
وٺي واپس گهٽيءَ جو رخ رکيائين.
جڏهن ان رات جو اهو ٻڌو ويو ته اديبن جو سردار
واپس گهر ويو آهي، تڏهن ئي هو موت سان رضانامو
ڪري چڪو هو. کيس خبر هئي، ته هو نهايت ٿڪل هو
۽ قدرت جيڪا عجيب ۽ شوخ قوت کيس عطا ڪئي هئي،
تنهن مان پورو فائدو وٺي چڪو هو. تنهن هوندي
به جڏهن هن ڏٺو، ته زندگي هن کان زبردستيءَ
کسي پئي وئي، تڏهن هن ڪشمڪش ڪئي، پر موت،
والٽيئر جهڙي مرد کي به ليٽائي سگهيو ٿي. مئي
جي 30 تاريخ 1778ع ۾ هو دارالبقا طرف روانو ٿي
ويو.
پئرس ۾ سندس جنازي جي عيسائي رسم ۽ رواج مطابق
تدفين کان انڪار ڪيو ويو. سندس دوستن تلخيءَ
سان کيس هڪ گاڏيءَ ۾ سوار ڪيو ۽ ان بهاني سان
ته هو اڃا حيات هو، کيس شهر کان ٻاهر آندو
ويو، شيلپرس وٽ کين هڪ پادري مليو، جو سمجھي
سگهيو، ته قاعدا قانون هڪ غير معمولي ذهن واري
شخص لاءِ نه هوندا آهن. اهڙيءَ ريت پاڪ مڪان
تي سندس جنازي کي زمين ۾ نيو ويو. سن 1791ع ۾
فتحياب انقلاب جي قومي مجلس لوئي سورهين تي
زور رکيو، ته هو والٽيئر جو جنازو ڪڍائي،
پئنٿئان ديول ۾ آڻي. هڪ اعليٰ شعلي جي فاني
خاڪ وري پئرس جي گهٽين مان لنگهي، هڪ لک مرد ۽
عورتن جي جلوس سندس جنازي جي نگهباني ڪئي ۽
ڇهن لکن انسانن گهٽين ۾ گڏ ٿي، ان جي مرحبا
ڪئي. آخري سفر واري گاڏيءَ تي هيءُ لفظ لکيل
هئا: .انساني ذهن کي هن مرد اعليٰ قوت بخشي،
هن اسان کي آزاديءَ لاءِ تيار ڪيو. سندس مقبره
جي پٿر تي صرف هيءُ لفظ ڪافي آهن. هتي آهي
والٽيئر.
باب ڇهون
ايمينيوئل ڪانٽ ۽ جرمن خيال پسندي
Immanuel Kant and German Idealism
ڪانٽ ڏانهن رستا
Roads to Kant
ڪڏهن به خيال جي نظام ڪنهن وقت ايترو قبضو
ڪونه ڪيو، جهڙو ايمينيوئل ڪانٽ جي فلسفي
اڻويهين صديءَ تي قبضو ڪيو. سٺ ورهين تائين هو
اڪيلائيءَ ۾ خاموشيءَ سان مطالعو ڪندو رهيو.
تنهن کان پوءِ، سن 1781ع ۾ ان پراسرار
ڪونگسبرگ
(Konigsberg)
جي سڪاٽ، مشهور ”نج عقل تي تنقيد
(The Critique of Pure Reason)“
لکي دنيا ۾ اٿل پٿل پيدا ڪئي. ان سال کان وٺي
اڄ ڏينهن تائين يورپ جي فڪر تي تنقيدي فلسفو
حڪمران آهي، سن 1848ع ۾ جيڪا روحاني لهر يورپ
جي سرزمين تي لڳي، تنهن شاپينهاور جي فلسيف کي
عارضي اقتدار بخشيو. سن 1859ع کان وٺي ارتقا
جي نظرئي سڀ ڪنهن شيءِ کي ميساري ڇڏيو. جيئن
اڻويهين صدي ختم ٿي رهي هئي، تيئن نٽشي جي جوش
واري غير روايت پسندي، فلسفي جي اسٽيج تي
مرڪزي جڳهه حاصل ڪئي، پر اهي ثانوي اهميت
رکندڙ ۽ مٿاڇريون تحريڪون هيون، انهن جي هيٺان
ڪانٽ جي فلسفي جو مضبوط ۽ مستحڪم وهڪرو جاري
هو، جنهن ججي وسعت ۽ گهرائي هميشه وڌي رهي
هئي. هن زماني تائين سندس اهم نظريا هر مڪمل
فلسفي جا ابتدائي اصول ٿي ڪم اچن ٿا. نٽشي
ڪانٽ کي فرض ڪري وٺي ٿو ۽ پوءِ اڳتي قدم وڌائي
ٿو. شاپينهاور ڪانٽ جي ڪتاب کي جرمن ادب جي سڀ
کان اعليٰ تصنيف ڪري تسليم ڪري ٿو ۽ هو هر
ماڻهو کي ٻار ڪري سمجھي ٿو، جيستائين هن ڪانٽ
کي نه سمجھيو آهي. اسپينسر ڪانٽ کي سمجھي ڪونه
سگهيو ۽ ان ڪري ئي هو مڪمل فلسفي بڻجي ڪونه
سگهيو. مطلب ته هيگل جيئن اسپنوزا بابت چيو،
تيئن اسان پڻ چئي سگهون ٿا، فلسفي بڻجڻ لاءِ
پهريائين اسان کي ڪانٽ جو پوئلڳ ٿيڻ کپي.
تنهن ڪري اچو، ته يڪدم ڪانٽ جا پوئلڳ ٿيون.
پر يڪدم ائين ٿيڻ ممڪن نه آهي، ڇاڪاڻ ته فلسفي
۾ توڙي سياست ۾ ٻن نقطن جي وچ ۾ وڏي ۾ وڏي
مفاصلي کي ئي سڌي ليڪ سڏبو آهي. ڪانٽ هن دنيا
۾ آخري ماڻهو آهي، جنهن ذريعي ڪانٽ کي پڙهي
سگهجي ٿو. هو ڪڪرن مان ڳالهائي ٿو، پر روشنيءَ
کان سواءِ، هو سنوان سڌا مثال پيش ڪرڻ کان
نفرت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته اهي سندس ڪتاب کي حد
کان وڌيڪ وڏو ڪن ها. تنهن هوندي به سندس ڪتاب
اٺ سو صفحن تي مشتمل آهي. صرف فلسفي کي سندس
ڪتاب پڙهڻ جو حق هو ۽ انهن کي مثالن جي ڪهڙي
ضرورت؟ تنهن هوندي به جڏهن ڪانٽ ان ڪتاب
جونسخو پنهنجي هڪ دوست هرز کي ڏنو، جيڪو هڪ
صاحب فڪر هو، تڏهن ان اڌو گابرو پڙهي ڪتاب
ائين چوندي واپس ڪيو، ته جيڪڏهن اڃا به هو ان
کي پڙهي ها، ته شايد هو چريو ٿي پوي ها. اهڙي
فلسفيءَ سان اسان ڇا ڪيون؟
اچو ته خبرداريءَ سان ۽ ڊگهي رستي سان اسان ان
جي ويجهو اچون. عزت سان ۽ سلامتيءَجي خيال سان
ڪجهه قدر هن کان پاڻ دور رکون ۽ پوءِ ڏاڪي به
ڏاڪي سندس پراسرار ڳجهي خزاني کي پروڙڻ جي
ڪوشش ڪريون.
والٽيئر کان وٺي ڪانٽ تائين:
From Voltaire to Kant
هيءُ رستو آهي ’بغير مذهبي ايمان جي، نظرياتي
عقل‘ وٽان ’بغير نظرياتي عقل جي، مذهبي ايمان‘
تائين. والٽيئر معنيٰ روشني. انسائيڪلوپيڊيا ۽
عقل جو دؤر. فرانسز بئڪن جي گرمجوشيءَ يورپ ۾
اتساهه جاڳايو هو. سواءِ روسيو جي هرهڪ عالم ۽
فلسفيءَ کي سائنس ۽ منطق ۾ اعتقاد ٿي ويو هو.
هو سمجھڻ لڳا، ته سائنس ۽ منطق هر مسئلي کي حل
ڪري سگهندا ۽ انسان کي ڪماليت تي پهچائيندا.
ڪانڊرس جيل ۾ هڪ ڪتاب ”انساني روح جي ترقيءَ
جو تاريخي منظر“ لکيو. ان ڪتاب مان صاف ظاهر
آهي، ته ارڙهين صديءَ جي عالمن جو علم ۽ عقل ۾
ڪيترو ته اعليٰ اعتقاد هو. مثالي رياست قائم
ڪرڻ لاءِ صرف عالمگير تعليم جي ضرورت آهي.
مستقبل مزاج جرمنيءَ جي رهواسين ۾ به هڪ عقل
جو مريد ڪرسچن وولف ۽ هڪ بااميد ليسنگ پيدا
ٿيا. انقلابي زماني جا جوشيلا پئرس جا رهواسي
هاڻي عقل جي ديويءَ جي باقاعده پوڄا ڪرڻ لڳا.
اسپنوزا جو پڻ عقل ۾ ايمان هو، جنهن ڪري هن
جاميٽري ۽ منطق جو اعليٰ عمارتون کڙيون ڪيون،
سندس خيال موجب سموري ڪائنات هڪ رياضياتي نظام
آهي، تسليم ٿيل بيانن مان استخراج (دليلن
ذريعي نتيجو ڪڍڻ) ذريعي اسان سموري ڪائنات جو
بيان سولائي سان ڪري سگهنداسون. هابس وري بيڪن
جي عقليت کي اٽل دهريت ۽ ماديت جي رنگ ۾ پيش
ڪيو، جوهر ۽ خال کان سواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ کي
هستي ڪونه آهي. اسپنوزا کان وٺي ڊڊيرو تائين
عقليت جي وڌندڙ اثر ڪري مذهبي ايمان مٽجي رهيو
هو. آهستي آهستي ۽ هولباش دهريت کي ايترو ته
عام مقبول بڻايو جو خود ڪيترا پادري به ان جو
شڪار ٿي پيا. لاميتري دهريت کي پرشيا جي
بادشاهه جي سهاري هيٺ مشهور ڪيو. جڏهن سن
1784ع ۾ ليسنگ پاڻ کي اسپنزا جو پوئلڳ سڏايو،
تڏهن جئڪوبي کي سخت صدمو پهتو. ان مان صاف
ظاهر هو، ته ايمان پنهنجي زواليت کي پهچي چڪو
هو ۽ عقل فتحيابي جو سهرو ٻڌي چڪو هو. ڊيوڊ
هيوم، جنهن فرانسسي روشني جي دوران فطرت کان
مٿاهين اعتقاد خلاف سخت جهاد ڪيو هو، چيو ته
جڏهن عقل ڪنهن شخص خلاف هوندو آهي، تڏهن اهو
شخص جلد ئي عقل جوجاني دشمن ٿي پوندو آهي.
مذهبي ايمان ۽ اميد جونعرو يورپ جي سرزمين تي
ٺهيل هزارين منارن مان بلند ڪيو وڃي ٿو، تن جو
پاڙون سماج جي ادارن ۽ انسانن جي دلين ۾
اهڙيون ته پختيون ٿي ويون آهن، جو عقل جي
مخالفاڻي فتويٰ تي ڪڏهن به ڪنڌ نه
جھڪائينديون. اهو اڻٽر ٿيندو، ته جڏهن ايمان ۽
اميد کي ڏوهي ٺهرايو ويندو، تڏهن اهي قاضي
(عقل) جي اختيارن تي اعتراض واريندا ۽ ائين
چوندا ته عقل جو به مذهب سان گڏ امتحان ورتو
وڃي. هي ڪهڙو ذهن آهي جو چاهي ٿو، ته هزارين
سالن ۽ لکين انسانن جي اعتقادن کي محض هڪ
منطقي قياس ذريعي ختم ڪري؟ ڇا عقل خطا ڪري نه
ٿو سگهي؟ ڇا عقل پڻ هڪ انساني عضوي وانگر نه
آهي، جنهن جون اختياريون ۽ قوتون محدود آهن؟
وقت اچي چڪو هو جو ان مصنف جو امتحان ورتو
وڃي، جنهن قديمي اميد تي سختي ۽ بي رحميءَ سان
موت جي سزا عائد ڪئي هئي. عقل تي تنقيد ڪرڻ جو
دور اچي چڪو هو.
لاڪ کان وٺي ڪانٽ تائين
From locke to Kant
اهڙي قسم جي تحقيق لاءِ لاڪ، برڪلي ۽ هيوم
رستو تيار ڪري ڇڏيو هو. تنهن هوندي به ظاهري
طور سندن نتيجا مذهب جي خلاف هئا.
جان لاڪ (1632- 1704) جي تجويز هئي، ته فرانسز
بئڪن جا تجربا ۽ طريقا نفسيات سان لڳايا وڃن.
”انساني فهم تي مضمون“ ۾ موجوده زماني جي فڪر
۾ پهريون دفعو، عقل خود پنهنجي خلاف جنگ جوٽي
۽ فلسفي ان اوزار جي جاچ ڪرڻ شروع ڪئي، جنهن
تي ڪيتري عرصي کان ان اعتبار ڪيو هو. فلسفي ۾
هيءُ اندروني تحقيق جي تحريڪ آهستي آهستي زور
وٺن لڳي. رچرڊسن ۽ روسيو جي ناولن مان ان
تحريڪ جو پتو پوي ٿو، وقت اچي چڪو هو جو ادب ۽
فلسفي ۾ جبلت ۽ احساس کي ذهن ۽ عقل مٿان فوقيت
ڏني وڃي.
علم ڪيئن شروع ٿئي ٿو؟ ڇا اهو سچ آهي، جيئن ڪي
نيڪ انسان سمجھندا آهن، ته نيڪي، بدي ۽
خدابابت تصور اسان جي دلين ۾ اڳيئي سمايل آهي،
ڄائي ڄم کان وٺي اهي تصور اسان جي دماغن ۾
ويٺل آهن ۽ اهي هر آزمودي کان اڳ جا تصور آهن؟
مذهبي پيشوائن کيڊپ ٿيو، ته جنهن صورت ۾ اڃا
خدا کي دوربينيءَ سان ڏٺو ڪونه ويو هو، تنهن
ڪري متان ماڻهن ۾ خدا جو اعتقاد صفا مٽجي وڃي.
ان ڪري انهن خيال ڪيو، ته ايمان ۽ اخلاق کي
زور وٺائڻ لاءِ اهو ضروري آهي، ته ائين
سمجهجي، ته انهن جا مرڪزي ۽ بنيادي تصور هرهڪ
رواجي انسان جي روح ۾ ڄائي ڄم کان موجود آهن.
لاڪ وري اهي مفروضا قبول ڪونه ڪيا، جيتوڻيڪ هو
هڪ نيڪ عيسائيءَ وانگر عيسائيت جي اصولن کي
عقلي رنگ ۾ پيش ڪرڻ جو خواهشمند هو. هن
خاموشيءَ سان اعلان ڪيو، ته اسان جي علم جو
دارومدار حواسن سان حاصل ڪيل آزمودي تي آهي ۽
ذهن ۾ سواءِ ان جي ٻيو ڪي به ڪونه آهي، جيڪو
حواسن ان ۾ گڏ ڪيو آهي. ڄمڻ وقت ذهن هڪ صاف
ڪاغذ مثل آهي، حواسن جو آزمودو ان تي هزارين
طريقن سان اکر لکي ٿو. آهستي آهستي احساسن
حافظي کي پيدا ڪري ٿو ۽ حافظو تصور کي. اهي سڀ
دليل ان عجيب نتيجي تي وٺي وڃن ٿا، ته جنهن
صورت ۾ اسان جا حواس صرف مادي شين کي پروڙي
سگهن، تنهن ڪري اسان کي صرف مادي بابت معلومات
حاصل ٿي سگهي ٿي. اسان کي ماديتي فلسفو قبول
ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن احساس خيال جو مواد آهي، ته
پوءِ مادو پڻ ذهن جو مواد آهي.
بشپ جارج برڪلي (1684ع- 1753ع) چيو، ته ائين
هرگز ڪونه آهي. لاڪ جيڪو علم جو تجزيو ڪيو سو
ته پاڻ ثابت ڪري ٿو، ته مادي کي ذهن جي هڪ
صورت کان سواءِ ٻي ڪابه صورت ڪونه آهي. اهو هڪ
روش خيال هو. اسان کي مادي جهڙي شيءِ بابت
ڪابه سنيئن سڌي خبر ڪانه آهي. تنهن ڪري ماديت
کي ڪابه حقيقت ڪانه آهي. سموري يورپ ۾ صرف
گيلٽ جو تصورئي اهڙي مابعدالطبيعياتي جادو کي
ذهن ۾ پالي سگهيو ٿي. بشپ چيو، ته ڏسو، ته
ڪهڙو نه صاف آهي! حالانڪ اسان کي ڪونه ٻڌايو
هو، ته علم احساسن جي ذريعي حاصل ٿئي ٿو؟ ان
مان ظاهر آهي، ته ڪنهن شيءِ جو علم معنيٰ ڪنهن
شيءِ جا احساس ۽ اهڙن احساسن جا تصور. ڪابه
شيءِ معنيٰ ادراڪن جو جھڳٽو جن کي اسان درجا ۽
تنظيم ڏئي سمجھاڻي پيش ڪيون ٿا، توهان دليل
ڏيو ٿا، ته طعام کي ادراڪن جي جھڳٽي کان وڌيڪ
مادو آهي ۽ هڪ مترڪو جيڪو توهان کي لوهارڪو ڪم
سيکاري ٿو، تنهن کي وڌيڪ جسم آهي. پر ٿورو
ويچار ڪيو، ته ڇا توهان جو طعام محض ڏسڻ،
سنگهڻ، ڇهڻ ۽ ذائقو وٺڻ جي مجموعي احساس جو
نالو نه آهي؟ تنهن کان پوءِ طعام صرف هڪ
اندروني آرام ۽ گرمائش جي احساس جو نالو آهي.
ساڳيءَ ريت هڪ مترڪو پڻ رنگ، ماپ، صورت، تور ۽
ڇهڻ جي احساس جو نالو آهي. ان جي حقيقت سندس
ماديت ۾ سمايل نه آهي، پر انهن احساسن ۾ جيڪي
هٿ جي ذريعي حاصل ٿين ٿا، جيڪڏهن توهان کي
حواس نه هجن ها، ته توهان جي لاءِ مترڪو هجي
ئي ڪو نه ها. توهان جي مئل هٿ کي کڻي هزارين
ڀيرا مترڪو هڻجي،پر توهان ان صورت ۾ ان طرف
ڪوبه توجهه ڪونه ڏيندا. مطب ته مترڪو محض هڪ
احساسن ۽ يادگيرين جو جھُڳٽو آهي. اهو ذهني
حالت جو هڪ نالو آهي. سڀ مادو، جيتري قدر اسان
کي ڄاڻ آهي، هڪ ذهني حالت جو نالو آهي، حقيقت
جنهن بابت اسان کي علم آهي، سا ذهن کان سواءِ
ٻي ڪانه آهي. اهو ٿيو ماديت جو خاتمو.
پر ان آئرلينڊ جي بشپ، اسڪاٽلينڊ جي شڪ پرست
ڊيوڊ هيوم جي صلاح مصلحت کان سواءِ فلسفي جا
قلعا اڏيا هئا. ڇويهن ورهين جي ڄمار ۾ ڊيوڊ
هيوم (1711ع – 1776ع) پنهنجي ڪتاب ”انساني
فطرت تي مقالو“ سان ساري عيسائيت کي لرزائي
ڇڏيو. ڊيوڊ هيوم چيو: اسان ذهن ان ساڳي ريت
سان سڃاڻو ٿا، جهڙي طرح اسان مادي کي سڃاڻون
ٿا، يعني ادراڪ جي وسيلي، جيتوڻيڪ هن حالت ۾
ادراڪ اندروني آهي. اسان ڪنهن به اهڙيءَ شيءِ
کي نه ٿا ڏسون، جنهن کي ذهن سڏيو وڃي ٿو. اسان
فقط خيالن، يادگيرين ۽ جذباتن کي ڏسي سگهون
ٿا. ذه ڪا شيءِ ڪانه آهي. اهو ڪو عضوو ڪونه
آهي، جنهن وٽ خيال هجن، اهو فقط خيالن ۽ تصورن
جي سلسلي جو هڪ خيالي نالو آهي. ادراڪ،
يادگيريون ۽ جذبا خود ذهن آهن. خيالن جي
ڪاروبار هيٺان ڪو روح ڪونه آهي جيڪو ڏسي
سگهجي، ان جو نتيجو اهو نڪتو جو جهڙي ريت
برڪلي مادي کي برباد ڪيو هو، اهڙيءَ ريت ڊيوڊ
هيومن ذهن کي به برباد ڪيو. باقي ڪجهه به ڪونه
رهيو. فلسفو هاڻي ان تباهي ۽ برباديءَ جي وچ ۾
چهل قدمي ڪري رهيو هو. جيڪا هن خود پيدا ڪئي
هئي، هڪ حاضر جواب ان مخالفت کي ختم ڪرڻ لاءِ
ائين چيو: ”نڪي مادو آهي ۽ نه وري ڪڏهن به ذهن
کي ڪو وجود ٿي سگهندو.“
پر ڊيوڊ هيوم فقط ان ڳالهه تي گذارو نه ڪيو،
ته هو روح کي ميساري تنگ مذهب کي ناس ڪري.
برونو ۽ گئليلو جي زماني کان وٺي سائنس به
فلسفي وانگر قدرتي قانون ۽ ضرورت جي ذريعي سبب
مٿان اثر کي وڏي اهميت ڏئي رهي هئي. اسپنوزا
پنهنجي اعليٰ مابعدالطبيعيات جو بنياد پڻ هن
تصور تي وڌو. پر ڊيوڊ هيوم چيو. ڏسو، اسان سبب
يا قاعدا ڪڏهن به نٿا پروڙيو. اسان فقط واقعا
۽ سلسلي ڏسون ٿا ۽ انهن مان سبب ۽ ضرورت جو
استخراج ڪريون ٿا. قاعدو ڪو دائمي يا جبري حڪم
نه آهي. جنهن جي پيروي واقعا ڪن ٿا. اهو فقط
اسان جي رنگ برنگي آزمودي (تجربي) جو ذهني
نتيجو آهي، اسان کي ڪڌهن به يقين نه آهي، ته
اهي سلسلا جيڪي اسان جي هن وقت تائين پروڙيا
آهن، سي وري ٻيهر آئينده جي آزمودي ۾ بنا ڦير
گهير جي نمودار ٿيندا. قاعدو واقعن جي سلسلي ۾
هڪ پروڙيل ريت آهي، پر ريت ۾ ڪابه جبريت ڪانه
آهي. فقط رياضياتي جدولن ۾ ئي جبريت آهي.
جدولون ئي بنا ڦير گهير جي ازخود سچيون
هونديون آهن. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ساڳي ڳالهه کي
مختلف لفظن يا انگن ۾ دهرايو ويندو آهي. مثلاً
3x3=9
هن ۾ 3x3
۽ 9 ساڳئي انداز جا ٻه مختلف بيان آهن. تنهن
ڪري سائنس رياضيات ۽ سنئين سڌي تجربي تائين
محدود هئڻ گهرجي. ”قاعدن“ مان استخراج اعتبار
جوڳو ڪڏهن به ڪونه ٿيندو، اسان جو پراسرار شڪ
پرست چوي ٿو: ”جڏهن اسان لئبررين مان ڊڪندا،
اهڙن اصولن کي مڃيندا ٿا وڃون، تڏهن اسان ڪهڙي
نه بربادي پيدا ڪيون ٿا؟ جيڪڏهن ڪو
مابعدالطبيعيات جو ڪتاب هٿ ۾ ٿا کڻو، ته پوءِ
اسان کي پڇڻ گهرجي، ته ڇا ان ۾ عدد يا مقدار
بابت ڪو عقلي دليلي آهي؟ نه. وري ٻيو سوال پڇڻ
گهرجي، ته ڇا حقيقت ۽ هستيءَ متعلق ڪو ان ۾
تجرباتي دليل آهي؟ نه. پوءِ ان ڪتاب کي باهه
جي حوالي ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهڙي ڪتاب ۾
سواءِ دوکيبازي ۽ سوفسطائيت جي ٻيو ڪي ڪونه
آهي.“
تصور ڪيو، ته اهڙن لفظن هڪ مذهبي تنگ خيال
انسان جي ڪنن کي ڪيئن نه لرزايو هوندو!
علمياتي روايت، جنهن جو مقصد آهي علم جي فطرت،
اصليت ۽ صداقت بابت تحقيقات ڪرڻ، هاڻي مذهب جي
حمايت ڪرڻ ڇڏي ڏني. اها ترار جنهن سان برڪلي
ماديت جي راڪاس کي ماري مات ڪيو. هاڻي غير
مادي ذهن ۽ لافاني روح خلاف کڙي ڪئي وئي،
ڪشمڪش ۾ سائنس کي پڻ سخت زخم رسيو. جڏهن 1775ع
۾ ڪانٽ، ڊيوڊ هيوم جي تصنيفن جو جرمن زبان ۾
ترجمو پڙهيو. تڏهن کيس گهڻو صدمو پهتو. ڇا
سائنس ۽ مذهب جا بنيادي اصول سچ تي مبني ڪونه
آهن، جيئن هو هن وقت تائين سمجھي رهيو هو؟ ڇا
هو برداشت ڪري سگهيو ٿي، ته ايمان ۽ علم جا
اصول هڪ شڪ پرست آڏو ڪنڌ جھڪائن؟ مذهب ۽
سائنس کي بچائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
روسيو کان وٺي ڪانٽ تائين:
From Rousseau To Kant
فرانس جي روشن خيال فلسفين دليل پيش ڪيو هو،
ته عقل اسان کي ٻڌائي ٿو ته ماديت حق تي آهي.
ان جي جواب ۾ برڪلي چيو، ته مادي کي ڪو وجود
ئي ڪو نه آهي. تنهن تي ڊيوڊ هيوم وري چيو، ته
جيڪڏهن مادو ڪونه آهي، ته ساڳي طرح اهو پن
ثابت ڪري سگهبو، ته نفس کي به ڪو وجود ڪونه
آهي. ٻيو هڪ جواب به ممڪن هو: عقل آخري ڪسوٽي
نه آهي. ڪيترا فڪر نتيجا آهن، جن خلاف اسان جي
ساري هستي آواز بلند ڪري ٿي. اسان کي ائين
سمجھڻ جو ڪو حق ڪونه آهي، ته منطق جي حڪم هيٺ
اسان جي ساري فطرت کي ڪچليو وڃي. منطق ته اسان
جي ساري هستيءَ جو هڪ ضعيف ۽ فريب ڏيندڙ ڌاڳو
آهي. جو اسان پاڻ تازو بنايو آهي. ڪيترا دفعا
ننه اسان جو جبلتون، منطق قياسن کي هٽائڻ چاهن
ٿيون! ڇا اهو ضروري آهي. ته انساني به
جاميٽريءَ جي شڪلين وانگر هلت چلت ڪري ۽
رياضياتي ضابطي ماتحت عمل ڪري؟ ان ۾ ڪو شڪ ڪو
آهي، ته شهري زندگيءَ جي پيچيدهه ۽ بناوتي
حالتن هيٺ ڪڏهن ڪڏهن عقل بهتر رهبر ثابت ٿيندو
آهي. پر زندگيءَ جي نازڪ گهڙي وقت جڏهن اخلاق
۽ ايمان جا ڳرا مسئلا درپيش ٿيندا آهن، تڏهن
اسان کي پنهنجن جذبن ۽ جبلتن تي وڌيڪ اعتبار
ڪرڻ جڳائي. جيڪڏهن عقل مذهب خلاف وڃي، ته حيف
آهي ان عقل تي!
جيئن جئڪ روسيو اهڙو ئي دليل پيش ڪيو. هو هڪ
اڪيلو ئي شخص هو، جو فرانسي روشن خياليءَ واري
مادهه پرستي ۽ دهريت خلاف وڙهيو. جڏهن
انسائيڪلوپيڊيا تيار ڪندڙ فلسفي عقليت ۽ لذت
پسند جون پاڙون پختيون ڪري رهيا هئا، تڏهن
سندن وچ ۾ روسيو پنهنجو ڪم شروع ڪيو. روسيو هڪ
مرضيل نوجوان هو جيڪو جسماني ڪمزوري سبب پهه
پچائڻ ۽ پنهنجي اندر پرکڻ جو عادي ٿي پيو. کيس
استادن ۽ والدين جي ڪڏهن به همدردي نصيب ڪونه
ٿي. حقيقت جي ڏنگ کان ڊڄي ڪري، هو وڃي خوابي ۽
تصوري دنيا ۾ داخل ٿيو. زندگي ۽ محبت جي ميدان
مان هار کائي هاڻي خيالي دنيا ۾ فتح جا سهرا
ٻڌڻ لڳو. سندس تصنيف ”اعتراف“ ڏيکاري ٿي. ته
سندس جذبا ڪهڙا نه پاڪيزه هوندا هئا ۽ ساڳي
وقت کيس عزت ۽ آبروءَ جو ڪهڙو نه احساس هوندو
هو.
خود فلسفين جو ئي قول آهي، ته جيئن ته پڙهيل
ماڻهو گهڻا پيدا ٿي پيا آهن، تنهن ڪري
ايماندار ماڻهو عدم موجود ٿي ويا آهن .”مان ان
اعلان ڪرڻ جي به جرئت ڪريان ٿو، ته فڪر ڪرڻ جي
حالت غير فطرتي آهي ۽ مفڪر هڪ ڪريل جانور
آهي.“ اهو اسان لاءِ بهتر ٿيندو، ته ذهن جي
تيز ترقي تي روڪ وجهون ۽ دلي رغبتن جي ترتيب
تي وڌيڪ توجهه ڏيون. تعليم انسان کي نيڪ نه
ٿي بنائي، اها صرف انسان کي ڏاهو ٿي بنائي.
جيئن هو وڌيڪ شرارت ڪندڙ ٿئي، جذبا ۽ جبلتون،
عقل کان وڌيڪ اعتبار جوڳيون آهن.
ان زماني ۾ روسيو جيڪي قصا ۽ ڪهاڻيون لکيون،
تن جو مول مقصد صرف هيءُ هو ته جيتوڻيڪ عقل
اسان کي خدا ۽ ابدي زندگيءَ جو مفڪر بنائي ٿو،
پر ساڳي وقت جبلت اسان کي ايمان ۽ اعتقاد
سيکاري ٿي. شڪ پرستيءَ جي مايوسي ۽ نراسائي
کان بچڻ خاطر ڇو نه اسان جبلت تي اعتبار
ڪريون؟
جڏهن ڪانٽ روسيو جي تعليم تي لکيل ڪتاب
”ايميلي“ پڙهيو، تڏهن هن وڻن هيٺان چهل قدمي
ڪرڻ جي عادت ۾ ان لاءِ رخنو وڌو، ته هو يڪدم
ڪتاب پڙهي ختم ڪري. هيءُ سندس زندگيءَ ۾ هڪ
نئون واقو هو. هن محسوس ڪيو ته هڪ ٻيو شخص به
دهريت جي اونداهيءَ مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ
هٿوراڙيون ڏئي رهيو هو. هڪ ٻيو انسان به
بهادريءَ سان اعلان ڪري رهيو هو، ته انهن
معاملن ۾، جيڪي حاوسن جي پروڙ کان بالاتر آهن،
اچو ته جذبن کي فڪري عقل تي ترجيح ڏيون. هيءُ
هو دهريت کي سنون سڌو جواب. نيٺ مذهب تي ٺٺولي
ڪندڙ ۽ شڪ پرست ڇڙوڇڙ ٿي ويندا. اهي سڀئي ڌاڳا
ڳنڍڻ، پرڪلي ۽ هيوم جا تصور روسيو جي جذبن سان
ملائڻ، مذهب کي عقل کان بچائڻ ۽ ساڳي وقت
سائنس کي شڪ پرستيءَ کان بچائڻ. اهو هو ڪانٽ
جو مقدس ڪم، پر امينيوئل ڪانٽ هو ڪير؟
ڪانٽ پاڻ خود:
Kant Himself
هو سن 1724ع ۾ پرشيا جي ڪونسبرگ شهر ۾ ڄائو.
فقط ٿورو وقت لاءِ هڪ ويجھڙي ڳوٺ ۾ سکيا وٺڻ
خاطر ويو، نه ته هن ڪڏهن به پنهنجي جنم وارو
شهر ڪونه ڇڏيو. کيس ڏورانهن ملڪن جي جاگرافي ۽
علم الانسان تي تقريرون ڪرڻ ڏاڍو پسند هوندو
هو. هو هڪ غريب ڪٽنب جو ٻار هوندو هو. سندس
ڄمڻ کان اٽڪل هڪ سئو ورهيه اڳ سندس ڪٽنب
اسڪاٽلينڊ ڇڏيو هو.
سندس ماءُ سختيءَ سان سڀ مذهبي پابندين تي عمل
ڪندي هئي. صبح کان وٺي رات تائين اسان جو اهو
فلسفي مذهب ۾ ٽٻٽار هوندو هو، جنهن جو رد عمل
اهو ٿيو جو وڏي ڄمار ۾ هو ڪليسا کان دور رهڻ
لڳو. ٻئي طرف وري هو اهڙو ته گنڀير پرهيزگار
ٿي پيو، جو جيئن هو ٻڍو ٿيڻ لڳو، تيئن سندس دل
۾ اها خواهش وڌيڪ تڙپڻ لڳي، ته ايمان ۽ اعتقاد
کي برقرار رکيو وڃي. پر هڪ جوان لاءِ اهو
ناممڪن هو، ته هو ان وقت جي شڪ پرستيءَ کان
پاڻ کي الڳ رکي. ڪانٽ تي انهن ماڻهن گهرو اثر
ڪيو، جن جي پوءِ هن ترديد ڪئي. شايد سڀ کان
وڌيڪ هن تي هيوم جو اثر ٿيو. اسان ڏسنداسون،
ته ڪيئن پنهنجي بلوغت جي رجعت پسندي کان اڳتي
وڌي ستر ورهين جي ڄمار ۾ هو هڪ جوشيلو حريت
پسند ٿي پيو. شايد هو شهادت جو جام نوش ڪري
ها، پر سندس وڏي عمر ۽ شهرت کيس بچايو. مذهب
جي حمايت ڪندي ڪڏهن ڪڏهن هو اهڙا گفتا پيو
ڪڍي، جو اسان کي غلط فهمي ٿي پئي وڃي، ته اهي
گفتا سندس آهن يا والٽيئر جا. شاپينهاور
سمجھيو، ته اها ڳالهه فريڊرڪ جي اعليٰ ڳڻن جو
داد ڏئي ٿي، جو سندس حڪومت ۾ اهڙو فلسفي پلجي
سگهيو ٿي، جنهن کي ”خالص عقل تي تنقيد“ ڇپائڻ
جي همٿ ٿئي، ٻي ڪنهن به حڪومت هيٺ هڪ پگهاردار
پروفيسر اهڙي همٿ ساري ڪونه سگهي ها. ڪانٽ کي
به فريڊرڪ جي جانشين سان مجبور ٿي انجام ڪرڻو
پيو. ته هو وري ٻئي ڪتاب لکڻ کان باز ايندو.
اهڙي قسم جي آزادي کي ساراهيندي هن پنهنجو
مشهور ڪتاب، فريڊرڪ جي دروانديش ۽ ترقي پسند
وزير تعليم زيڊلز کي ارپڻ ڪيو.
سن 1775ع ۾ ڪانٽ ڪونسبرگ جي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ
خانگي ليڪچرار جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. پندرهن
سال هن ان ننڍي عهدي تي گذارو ڪيو. آخرڪار سن
1770ع ۾ هن کي منطق ۽ مابعدالطبعيات جو
پروفيسر مقرر ڪيو ويو. ڪيترن سالن جي تجربي
کان پوءِ هن هڪ ڪتاب تعليم تي لکيو، جنهن بابت
هو هميشه چوندو هو. ته انهن ۾ ڪيتريون ئي
اعليٰ نصيحتون هيون. جن مان هڪ جي به هن پيروي
ڪانه ڪئي هئي. تنهن هوندي به هو هڪ مصنف کان
هڪ استاد جي حيثيت ۾ وڌيڪ ڪامياب ثابت ٿيو.
شاگردن جا ٻه نسل سندس ادب ڪرڻ سکيا. سندس
عملي احوالن مان هڪ اهو هو، ته وچٿري قابليت
وارن شاگردن ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏيندو هو. هو
چوندو هو ته ڪند ذهن وارن سان مغز ماري ڪرڻ
اجائي آهي ۽ اعليٰ ذهن وارا پنهنجي مدد پاڻ
ڪندا.
ڪنهن کي به اميد ڪانه هئي، ته هو هڪ نئين
مابعدالطبعياتي نظام قائم مڪرڻ سان دنيا کي
عجب ۾ وجهندو. اهڙي حليم ۽ سانتيڪي پروفيسر
لاءِ اهو مشڪل ڪم هو، ته هو دنيا کي لرزش ۾
آڻڻ جو گناهه ڪري. ٻائيتاليهن سالن جي ڄمار ۾
هن لکيو ته، ”مان خوش نصيب آهيان، جو
مابعدالطبيعات هڪ اونهي کڏ آهي، جنهن کي ترو
ئي ڪونه آهي يا هڪ سمنڊ آهي، جنهن کي ڪنارو ئي
ڪونه آهي. هو ڪڏهن ڪڏهن فلسفي تي حملا پڻ ڪندو
هو ۽ چوندو هو ته فلسفي هميشه فڪر جي اوچن
منارن تي ويٺا آهن، جتي گهڻو ڪري هوا جي
گهڻائي هوندي آهي. کيس خبر به ڪانه هئي، ته هو
پڻ مابعدالطبعيات تي طوفان برپا ڪرڻ وارو هو.
ان خاموشيءَ واري زماني ۾ سندس گهڻو چاهه علم
طبعي سان هو. گرهن، زلزلن، باهه، هوائن، ايٿر،
ٻرندڙ جبلن، جاگرافي، علم الانسان ۽ اهڙين ٻين
سوين شين تي مقالا لکڻ لڳو، جنهن جو گهڻو ڪري
مابعدالطبعيات سان واسطو ڪونه هوندو آهي. سندس
فلڪيات تي نظريو لئپليس جي نظرئي وانگر آهي.
جنهن مطابق سڀ گرهه هڪ ٻاڦ جهڙي مادي مان پيدا
ٿيل آهن. هن ڪوشش ڪئي، ته تارن جي حرڪت ۽
ارتقا بابت ميڪانيڪي سمجھاڻي پيش ڪري. ڪانٽ
سمجھيو، ته سڀ گرهه يا ته ساهوارن سان آباد
آهن يا ته وري اهي آباد ڪيا ويندا. جيڪي گرهه
سج کان گهڻا پري آهن، تن ۾ شايد وڌيڪ ترقي
يافته ساهوارا هجن، ڇاڪاڻ ته انهن گرهن جي عمر
وڏي هوندي. سندس ”انسانيات“ [جيڪو سن 1798ع ۾
گڏ ڪيل تقريرن جو مجموعو آهي] ۾ انسان جي
اصليت بابت سمجھاڻي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
آهي. ڪانٽ دليل پيش ڪيو، ته جيڪڏهن انساني
ٻار، اوائلي زماني ۾ جڏهن انسان اڃا جهنگلي
جانورن جي رحم ڪرم تي هو، زور سان روئي ها، ته
پوءِ جهنگلي جانور ان کي ڳولي پنهنجو لقمو
بنائن ها. تنهن ڪري پهريون انسان ضرور هن وقت
جي انسان کان مختلف هوندو. تنهن کان پوءِ اٽڪل
سان ڪانٽ اڳتي وڌيو. چيائين ته ”قدرت ڪيئن
اهڙي ترقي آندي ۽ ڪهڙن سبب ڪري انساني ترقيءَ
زور ورتو، ان بابت اسان کي ڪابه خبر ڪانه آهي.
پر هيءَ ڳالهه اسان کي ڏور وٺي وڃي ٿي. اسان
اشاري طور سمجھون ٿا، ته شايد ڪو اهڙو زمانو
اچي جو هڪ ڀولڙي کي اهڙا عضوا پيدا ٿين، جن
سان هو گهمي ڦري، ڇهي، ڳالهائي سگهي، تان جو
ان جي شڪل شبيهه بلڪل انسان جهڙي ٿي پوي ۽
انسان وانگر ان ۾ هڪ مرڪزي نظام [دماغ] پيدا
ٿي پوي. هوريان هوريان شايد اهو ڀولڙو به
معاشرتي ادارن جي تربيت هيٺ ارتقا ڪندو رهي.“
ڇا اهو ڪانٽ جو اڻ سڌو طريقو ان نظريي پيش
ڪرڻ جو نه هو، ته درحقيقت انسان حيوانيت مان
ارتقا ڪري انسانيت جي درجي تي پهتو آهي؟
اهڙيءَ طرح سان ڏسون ٿا، ته ڪيئن هڪ سادي
معمولي ماڻهوءَ ذهني ترقي ڪئي. هو قدر جو صرف
پنج فوٽ هو ۽ ساڳي وقت حليم، نماڻو ۽ ضعيف پڻ
هو. پر سندس اعليٰ دماغ جيڪي ڪنهن وقت ڏورانهن
ملڪن ۾ وڃي مضبوطي سان پلجي رهيا هئا. جيڪي
ڪنهن وقت ڏوارنهن ۾ وڃي پنهنجو اثر ڄمائيندا.
ڪانٽ جي زندگي هميشه باترتيب ۽ باقاعده گذرندي
هئي. هين
(Hiene)
چوي ٿو ته ”اٿڻ، ڪافي پيڻ، لکڻ، تقرير ڪرڻ،
طعام کائڻ ۽ گهمڻ مطلب ته هرهڪ ڳالهه جو مقرر
وقت هوندو هو. جڏهن ڪانٽ ڀوري رنگ جو ڪوٽ پهري
هٿ ۾ لڪڻ کڻي پنهنجي گهر جي دروازي وٽ ظاهر
ٿيندو هو ۽ وڻن جي قطار وچ ۾ چهل قدمي ڪندو
هو، تڏهن پاڙيسري سمجھندا هئا، ته ساڍا ٽي لڳي
ويا آهن،. سڀ ڪنهن موسم ۾ هو هيٺ مٿي ”اچ وڃ
ضرور ڪندو هو. جڏهن آسمان تي بادل ڇائنجي
ويندا هئا ۽ بارش جو ڊپ هوندو هو، تڏهن سندس
ٻڍو نوڪر لئمپ ڇٽي ڪڇ ۾ کڻي، انتظار سان سندس
پويان ايندو هو، ڄڻ ته هو ڏاهپ جي نشاني هو.“