سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي

باب: --

صفحو :19

ذهن جي عزم تي قوت کي ڄاڻي ٻجھي وڌائي سگهجي ٿو. خواهش کي علم جي ذريعي گهٽ ڪري سگهجي ٿو ۽ خاموش ڪري سگهجي ٿو. سڀ کان وڌيڪ جبريت جي فلسفي ذريعي اهو مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو. جبريت جو فلسفو ڏيکاري ٿو، ته هرهڪ شيءِ اڳين حالتن جو اٽل نتيجو آهي، جيڪڏهن اسان شين جا سچا سبب معلوم ڪريون، ته هو نه اهي گهڻي قدر اسان کي خفي نه ڪن، جيئن شرير گهوڙي لاءِ واڳ، تيئن ارادي جي لاءِ عقل. اندروني توڙي باهرين ضرورتن جي حالت ۾ ڪابه شيءِ اسان کي راضي نه ڪندي، سواءِ صاف علم جي. جيترو اسان کي پنهنجن حرسن حواسن بابت وڌيڪ خبر پوي ٿي. اوترو گهٽ اهي اسان تي قبضو ڪن ٿا. ٻاهرين مجبورين کان صرف اسانکي هيءَ ڳالهه پناهه ڏيندي، ته اسان پنهنجي پاڻ تي قبضو رکون. جيڪڏهن تو سڀني شين کي پنهنجو محتاج بنائڻ چاهين، ته پهريائين پنهنجي پاڻ کي عقل جو محتاج بناءِ. سڄي دنيا تي قبضو ڪرڻ معجزو ڪونه آهي، پر پنهنجي پاڻ تي قبضو ڪرڻ معجزو آهي.

اهڙيءَ ريت فلسفو عزم کي پاڪ ڪري ٿو. پر فلسفو آزمودي ۽ فڪر جو نتيجو سمجھڻ گهرجي ۽ نه محض پڙهڻ ۽ خاموش مطالعي جو.

هميشه ٻين جي خيالن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري، پنهنجا خيال محدود ٿين ٿا ۽ روڪجن ٿا ۽ آخرڪار پنهنجي خيالي قوت معذور ٿي وڃي ٿي. گهڻن عالمن جا ذهن خالي آهن، ان ڪري اهي مجبور ٿي ٻين جي ذهنن مان فيضياب ٿين ٿا. ڪنهن به موضوع تي فڪر ڪرڻ کان سواءِ ڪتاب پڙهڻ خطرناڪ آهي. جڏهن اسان ڪوبه ڪتاب پڙهون ٿا، ته ٻيو انسان اسان جي واسطي خيال ڪري ٿو، اسان فقط ان جي ذهني ڪارروائي کي دهرايون ٿا. جيڪڏهن ڪو سڄو ڏينهن پڙهڻ ۾ صرف ڪري ٿو، ته هن جي ذهن خيال ڪرڻ جي قوت غائب ٿي وڃي ٿي. دنيا جو آزمودو پڻ هڪ ڪتاب وانگر سمجھن گهرجي، جنهن تي فڪر ۽ علم تنقيد آهن. جتي به ذهني علم ۽ فڪر جي گهڻائي آهي ۽ تجربي جي ٿورائي اتي نتيجو اهڙو ٿو نڪري، جهڙو ڪجهه ڪتاب جن ۾ هرهڪ صفحي تي ٻه سٽون اصلي سٽون هجن ۽ چاليهه سٽون تنقيد جون.

تنهن ڪري پهرن نصيحت هيءَ آهي، ته زندگيءَ کي ڪتابن کان اول سمجھڻ گهرجي، ۽ ٻيءَ نصيحت هيءَ آهي، ته اصلي ڪتابن کي تنقيدي ڪتابن کان اول سمجھڻ گهرجي. ڪتابن جي اصلوڪن مصنفن کي تشريح ۽ تنقيد ڪندڙن کان پهريائين پڙهڻ گهرجي. فقط مصنفن کان ئي اسان کي فلسفياڻا خيال ملندا. فلسفي جي عاشقن کي گهرجي، ته هو اعليٰ ڪتابن جي ذريعي لافاني استادن جي ڳولا ڪن. هڪ غير معمولي ذهن اري جو صرف هڪ ڪتاب هزار تنقيدن کان بهتر آهي.

انهن حدن اندر، تهذيب ۽ تمدن جي ڳولا ڪتابن ذريعي پڻ اهميت رکي ٿي. اسان جي خوشيءَ جو دارومدار جيڪي ڪجهه اسان جي ذهنن ۾ آهي، ان تي آهي ۽ نه ان تي جيڪو اسان جي کيس ۾ آهي. مشهوري به بيوقوفي آهي. ٻين ماڻهن جا ذهن ڪنهن به انسان جي سچي راحت لاءِ هڪ دل لڀائيندڙ ڪڏهن به ٿي نه ٿا سگهن.

هڪ انسان ٻئي انسان واسطي گهڻو ڪجهه ٿي نه ٿو سگهي. آخرڪار هرهڪ کي پنهنجن پيرن تي بيهڻو آهي. ضروري سوال هيءُ آهي، ته ڪير اهو آهي جيڪو اڪيلو بيهي سگهي ٿو؟ خوشي جيڪا اسان کي پاڻ وٽان حاصل ٿئي ٿي، سان ان کان وڌي آهي، جيڪا اسان کي پنهنجي ماحول وٽان ملي ٿي. جنهن دنيا ۾ انسان رهي ٿو، سان گهڻو ڪري ڪنهن صاحب نظر جي طريقه نظر مطابق صورت اختيار ڪري ٿي. هر ڪا شيءَ جيڪا موجود ٿي. يا انسان لاءِ واقع ٿئي ٿي. سان فقط انسان جي شعور ۾ رهي ٿي ۽ فقط هن لاءِ واقع ٿئي ٿي. تنهن ڪري انسان لاءِ سڀني کان اهم شيءِ سندس شعور جو دستور آهي. ارسطو هڪ عظيم سچ چيو آهي. ”خوشي حاصل ڪرڻ معنيٰ پنهنجي پاڻ تي ڀاڙڻ.“

بي انتها خواهشن ۽ ارادن جي بڇڙائي کان بچن لاءِ فقط واحد رستو هيءُ آهي، ته زندگيءَ تي عقلمنديءَ سان فڪر ڪجي ۽ سڀني وقتن ۽ ملڪن جي عظيم ترين هستين جي حاصلات مان فيض حاصل ڪجي. اهي عظيم هستيون صرف محبت ڪندڙ ذهنن جي فلاح ۽ بهبوديءَ خاطر ئي دنيا جي تختي تي آيون آهن. عزم جي دنيا جي  غلطين ۽ بيوقوفين مٿان، ذاتي فائدن کان  بلند  عقل، خوشبوءِ وانگر مٿي چڙهي ٿو. گهڻا ماڻهو شين کي صرف خواهشن جا اوزار ڪري ٿا ليکين، پر نجات حاصل ڪرڻ لاءِ اهو يقين رکڻ لازمي آهي، ته دنياوي شيون انسان جي سمجھڻ خاطر ئي خلقيون ويون آهن.

جڏهن ڪو ٻاهريون سبب يا ڪو اندروني لاڙو اسان کي اوچتو عزم جي بي انتها ڊگهي ۽ گهري لهر کان ڇڪي ٻاهر ڪڍندو آهي ۽ علم کي عزم جي غلاميءَ کان بچائيندو آهي، تڏهن اسان جو ڌيان عزم جي نيتن طرف نه ٿيندو آهي پر اسان جو فهم، عزم جي تعلق بنا، شين تي سوچ ويچار ڪندو آهي. اهڙيءَ ريت فهم دنياوي شين کي سواءِ ڪنهن شخصي غرض جي ڏسندو آهي. نفس، سواءِ ڪنهن داخليت جي، شين کي ايتري قدر ڏسي ٿو، جيتري قدر اهي فقط خارجي تصور آهن ۽ نه ارادن کي پوري ڪرڻ جا وسيلا. ان کان پوءِ صلاح ۽ سڪون، جنهن لاءِ اسان اڳي ايترو تڙپي رهيا هئاسين، پر اهو خواهشن جي اڳئين راهه تي هميشه اسانک ان ڀڄي رهيو هو، پاڻمرادو اچي اسان وٽ ظاهر ٿئي ٿو. ايپيڪيورس اهڙي ئي بغير غم جي حالت کي هڪ اعليٰ چڱائي ڪري تسليم ڪيو هو ۽ سندس خيال هو، ته ديوتا اهڙي ئي پرسڪون حالت ۾ رهن ٿا. اسان هاڻي عزم جي تڪليف واري ڪشمڪش کان آزاد ٿيون ٿا. خواهشن ڪرڻ ۽ ارادن ڪرڻ جي سخت سزا ڀوڳي، هاڻي اسان آڙام جو ڏينهن ملهايون ٿا. زندگيءَ جي ڪشمڪش جو چڪرو هاڻي ساڪن آهي.

 

(ب) غير معمولي ذهن: Genius

غير معمولي ذهن بنا عزم جي علم جو اعليٰ نمونو آهي. زندگيءَ جا بلڪل نيچ نمونا سڄا عزم جا ٺهيل هوندا آهن، جن کي علم اصل ڪونه هوندو آهي. عام طور انسان ۾ به عزم گهڻو ۽ علم تمام ٿورو هوندو آهي. هڪ غير معمولي ذهن واريءَ هستيءَ ۾ گهڻو علم ۽ عزم تمام گهٽ هئڻ گهرجي. هڪ اعليٰ هستي ۾ عٿلم حاصل ڪرڻ جي قوت خواهش جو ڪم سرانجام ڏيڻ کان وڌيڪ ترقي ڪئي آهي. ان حالت ۾ توليدي حرڪت  کان ذهين حرڪت طرف قوت جي رواني ٿئي ٿي. ان ڪري ئي هڪ عورت ۽ هڪ ذهن واري شخص جي وچ ۾ دشمني ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته عورت توليد ۽ ذهن جي ڪمزوري جي نشاني آهي. عورتون ڪيترو به کڻي قابل هجن، پر اهي ذهن واريون ٿي نه ٿيون سگهن، ڇاڪاڻ ته اهي هميشه داخليت پسند آهن. انهن جي لاءِ هرهڪ شيءَ شخصي نقطه نگاهه کان پرکي ويندي آهي. ٻئي طرف وري هڪ اعليٰ ذهن وارو شخص نفس جو خارجي لاڙو پيش ڪندو آهي. هن ۾ هڪ اهڙي قوت ٿيندي آهي، ته هو پنهنجي شخصي غرضن کي ڦٽو ڪري، پنهنجي نظر کي صاف رکندو آهي ۽ خالص علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڻ کي لائق بنائيندو آهي. سندس نفس اندر علم عزم تي هميشه غالب پوندو آهي. سندس شڪل مان ائين پيو بکندو، ته هو خواهش يا ارادي جو غلام ڪونه آهي، پر علم ۽ عقل سان هر شيءَ جو فيصلو ڪري ٿو. هن لاءِ عل م۽ عقل فقط عزم کي راضي ڪرڻ جا اوزار ڪونه آهن، پر اهي شخصي غرضن ۽ خواهشن مٿان هر طرح حڪمران آهن.

اهڙيءَ ريت خواهش کان آزاد ٿي ذهن هر شيءِ کي اصلي رنگ ۽ روپ ۾ ڏسي سگهي ٿو. ذهن اسان جي آڏو هڪ جادوءَ جو آئينو جهلي ٿو، جنهن ۾ جيڪي ڪجهه ضروري ۽ پر معنيٰ  آهي، سو گڏ ڪري، اسان جي واسطي صرف روشنيءَ ۾رکيو ويو آهي. غير ضروري ۽ ڌاريون شيون ٻاهر ڪڍي ڦٽيون ڪيون ويون آهن. جيئن سج جي روشني ڪڪر مان لنگهي ٿي، تيئن خيال حرص حواس جي ڌنڌ مان لنگهي پار ٿئي ٿو ۽ شين جي دل ظاهر ڪري ٿو. خيال انفراندي ۽ خاص شيءِ مان لنگهي ’افلاطوني تصور‘ يا ’ڪلي جوهر‘ تائين پهچي ٿو. ساڳيءَ ريت هڪ مصور ڪنهن خاص فرد جي شخصيت يا رنگ روپ کي نه ٿو ڏسي، پر ڪلي خاصيت ۽ دائمي حقيقت پروڙي ٿو. اصلي حقيقت جي اظهار واسطي هڪ انفرادي شي صرف ذريعو آهي. اعليٰ هستي هميشه خارجي، اصيلي ۽ ڪلي حقيقت کي صاف۽ غير جانبدار ادراڪ سان پروڙيندي آهي. ان ۾ ئي سندس ڏاهپ جو راز آهي.

شخصي غرضن کي وسارڻ ڪري، هڪ اعليٰ انسان دنيا کان بلڪل نرالو ٿي پوندو آهي. ڇاڪاڻ ته هيءَ دنيا عزم ۽ عملي شخصي ڪمن سان ڀري پئي آهي. پري پري ڏسڻ ڪري، سندس نظر ويجهن شين کي نظرانداز ڪري ٿي. اهو اهڙو ته عجيب آهي، جو سندس نظرون هيشه آسمان ۾ کتل آهن ۽ هو زمين جي خطرن کان بي خبر آهي. ان ڪري اهو طبيعت جو رلڻو ملڻو ڪونه ٿيندو آهي. هو هميشه ابتدائي ڪلي ۽ ابدي حقيقت بابت فڪر ڪندو آهي. ٻيا هميشه عارضي، خاص ۽ موجوده دنيا بابت سوچ ويچار ڪندا آهن. سندس ذهن ٻين ماڻهن جي ذهنن سان ڪڏهن به هموار نه ٿو ٿئي. قاعدي موجب صرف اهو انسان رلڻو ملڻو ٿيندو آهي، جيڪو ذهني لحاظ کان ڪمزور ۽ ڪمذات ٿيندو آهي. ذهن واري ماڻهوءَ کي پڻ قدرت معاوضو ڏئي ٿي. کيس اهڙن ماڻهن وانگر سنگت جي ضرورتن ڪانه آهي، جيڪي هميشه ٻاهرين شين جا محتاج آهن. قدرت جو حسن، جمال ۽ انساني فن، جيڪو هن کي تسڪين بخشي ٿو، سي هن  کي زندگيءَ جي ڳڻتين وسارڻ جي قابل ٿا ڪن. ذهن جي صفائيءَ ڪري ۽ اڪيلائيءَ جي زندگي گذارڻ ڪري جيڪي ڏک هن کي ڀوڳڻا ٿا پون، تن جي بدلي ۾ قدرت هن کي ڪافي معاوضو ڏئي ٿي.

ان جي باوجود نتيجو اِهو ٿو نڪري، جو هڪ ذهن واري شخص کي دنيا کان تعلقات ٽوڙڻا ٿا پون، جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن هو چريو به ٿي پوي ٿو، سندس مزاج  ۾ شديد حساسيت هئڻ ڪري هو تصور ۽ وجدان سان گڏ غم به هاصل ڪري ٿو ۽ اڪيلائي ۽ ناهمواريءَ ڪري اهي بندشون ٽوڙڻ جي لائق  نه ٿو رهي جن سندس ذهن کي جڪڙي ڇڏيو آهي. ارسطوءَ وري به سچ چيو آهي ته فلسفي، سياست، شعر ۽ فن جا ماهر گهڻو ڪري سڀ طبيعت جا اداس نظر ايندا آهن. عظيم هستين جي مطالعي کان پوءِ اسان کي معلوم ٿي ويندو، ته اعليٰ ذهن ۽ چريائيءَ جي وچ ۾ هڪ گهرو تعلق آهي. ”چرين جي آستانن ۾ مون وڃي تحقيق ڪئي آهي، جنهن مان ان نتيجي تي پهتو آهيان، ته انهن مان گهڻا وڏي قابليت جا مالڪ هئا، جن جي قابليت سندن چريائيءَ مان صاف نظر اچي رهي هئي.“

اهي اڌ چريا ماڻهو ئي دنيا جون چند ناياب هستيون آهن، قدرت فقط چند انسانن کي اعليٰ ذهن سان نوازيو آهي. ڪنهن به ملڪ ۾ ڄم، رتبي، دولت ۽ ذات جي فرقن کان ذهن جا فرق وڌيڪ اهميت رکن ٿا. قدرت اعليٰ زهن فقط چند انسانن کي ان ڪري ڏنو آهي، جو اهڙي قسمجي طبيعت دنيا جي رواجي معاملن اندر خلل آڻي  ٿي. ”حقيقت ۾ قدرت جي نيت هئي، ته عالم به زمين کيڙين. فلسفي جي دعويٰ رکندڙ کي به ان معيار جي ذريعي پرکڻ گهرجي، ته هو دنياوي معاملن سان ڪيتري قدر وهنوار رکن ٿا، جيڪڏهن ڪو فلسفي دنيا سان به منهن ڏئي سهگي ۽ پنهنجي فڪر ۽ ذڪر ۾ به مگن هجي ته پوءِ حقيقت ۾ ڪُوٽَ کٽيو.

 

(ت) فن: Art

فن جو ڪم آهي، علم کي عزم جي غلاميءَ کان آزاد ڪرڻ، جيئن فرد پنهنجي پاڻ کي دنياوي غرض کي وساري، پنهنجي ذهن کي وڌائي ۽ سچ جي خواهش بنا فڪر ڪري. سائنس جو مقصد آهي، ڪلي حقيقت پيش ڪرڻ، جنهن ۾ ڪيتريون ئي خاص خاص حقيقتون سمايل آهن. فن جو ڪم آهي، ڪا خاص حقيقت پيش ڪرڻ جنهن مان ڪلي حقيقت ظاهر ٿئي. جانورن جي تصويرن مان اها تصوير سڀ کان وڌيڪ خوبصورت لڳندي آهي، جيڪا سڀ کان وڌيڪ خصوصي هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته اها نوع کي بهترين نموني ظاهر ڪندي آهي. جيتري قدر وڌيڪ ڪو فن جو ڪم افلاطوني تصور يا ڪٺي حقيقت ظاهر ڪندو، اوتري قدر وڌيڪ اهو ڪامياب ٿيندو، ڪنهن به ماڻهوءَ جي تصوير چٽڻ مهل اهو ارادو هئڻ نه گهرجي ته تصوير ۽ ان خاص ماڻهوءَ جي وچ ۾ هڪ جهڙائپ پيش ڪئي وڃي، پر ڪنهن خاص تصوير ذريعي انسان ذات جي ڪا ضروري يا ڪلي خاصيت ظاهر ڪرڻ گهرجي. فن سائنس کان وڌيڪ اهميت ان ڪري رکي ٿو، جو سائنس محنت سان مواد ڪٺو ڪري ٿي ۽ جلدي پنهنجي نصب العين تي پهچي ٿي. سائنس واسطي ظاهري قابليت ڪافي آهي، پر فن لاءِ غير معمولي ذهانت هئڻ لازمي آهي.

اسان کي قدرت، شعر ۽ مصوري مان راحت ان ڪري حاصل ٿئي ٿي، جو اسان سواءِ ڪنهن شخصي غرض جي ڪنهن به شيءِ جي اصليت تي فڪر ڪريون ٿا. هڪ مصور لاءِ ڪابه ندي خوبصورت دلڪش نظارن جو سلسلو آهي، جيڪا حواسن ۽ تصور کي، حسن بابت اشارا ڏئي جوش ۾ آڻي ٿي، پر هڪ مسافر جيڪو شخصي غرضن ۾ غلطان آهي، سو فقط ائين سمجهندو، ته هڪ ندي صرف هڪ ليڪ آهي ۽ ان تي پليون به صرف ليڪون آهن، جيڪي پهرين ليڪ کي ڪٽين ٿيون. هڪ فنڪار پاڻ کي شخصي معاملن کان ايترو ته آزاد ٿو ڪري، جو جيڪڏهن هو سج جو لهڻ هڪ قيد خاني مان ڏسي يا هڪ محل مان ته به هو ٻنهي حالتن ۾ قدرت جي حسن مان ساڳيو ئي فيض حاصل ڪري ٿو. لالچ بنا ادراڪ ۾ اهڙي ته خاصيت آهي، جو اسان کي گذريل زمان جا واقعا ۽ نظارا به تازا پيا محسوس ٿين، اٽلو انهن جو حسن ۽ جلوو وڌيڪ دل لڀائيندڙ پيو لڳي. جڏهن اسان مخالف شين تي به لالچ ۽ خطري جي احساس بنا فڪر ڪريون ٿا، تڏهن اهي پڻ الاهي رنگ ۾ رتل پيون لڳن. ساڳيءَ ريت هڪ المناڪ واقعي کي پڻ جمالياتي اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته ان تي فڪر ڪندي، اسان پنهنجي شخصي ارادي جي ڪشمڪش کان آزاد ٿيون ٿا ۽ ساري انسان ذات سان وسيع پيماني تي ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ سکون ٿا. فن زندگيءَ جي پيڙائن ۽ تڪليفن ۾ اضافو ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو  اسان کي ڏيکاري ٿو، ته عارضي ۽ انفرادي حقيقت پٺيان ابدي ۽ عالمگير حقيقت لڪل آهي. اسپنوزا سچ چيو هو، ته ”جيتري قدر نفس شين جي ابدي حيثيت کي ڏسي ٿو، اوتري قدر هو ابديت جو حصيدار آهي.“

موسيقيءَ ۾ ٻين سڀني فنن کان اها قوت وڌيڪ آهي، ته اسان کي شخصي ارادن جي ڪشمڪش کان بالاتر ڪري. موسيقي تصورن يا شين جي جوهر جو نقل ڪونه اهي، موسيقي خود عزم جو نقل آهي، اها اسان کي هميشه چرندڙ، ڪوشش ڪندڙ ۽ ڦرندڙ عزم کان آگاهه ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي، جو موسيقي جو اثر پاڇولي جو ذڪر ڪندڙ علمن کان وڌيڪ گهڻو ۽ تيز آهي ۽ اها شين کي بيان ڪري ٿي. اها ٻين فنن کان پڻ مختلف آهي، ڇاڪاڻ موسيقي سڌو اثر ڪري ٿي، اها تصورن ۽ خيالن جي ذريعي گفتگو نه ٿي ڪري پر ڏاهپ کان به سنهي ۽ لطيف ذريعن وسيلي گفتگو ڪري ٿي. جيئن جيئن سنگ تراشيءَ جي فن وسيلي شڪل تراشڻ واري هنر ۾ هڪ جهڙائي آهي، تيئن موسيقي ۾ ترنم. تنهن ڪري تعمير جو فن ۽ موسيقي هڪ ٻئي جي ابتڙ آهن. گيٽي چيو آهي، ته عمارت ڄميل موسيقي آهي ۽ تناسب خاموش ٿيل ترنم.

(ث‌)         مذهب Religion

جڏهن شاپينهاور رَچي راس ٿيو، تڏهن کيس معلوم ٿيو، ته سندس ارادي کي هٽائڻ ۽ ابدي ۽ ڪلي حقيقت تي فڪر ڪرڻ وارو فني نظريو ساڳي وقت مذهبي نظريو پڻ هو. جواني ۾ کيس مذهبي تربيت بلڪل گهٽ ملي هئي ۽ سندس طبيعت کيس وقت جي مذهبي ادارن کي عزت ڏيڻ لاءِ آماده  نه ڪيو. هو وقت جي ملن کي ڌڪاريندو هو ۽ مذهب کي عوام جي مابعدالطبيعات ڪري سمجھندو هو. پر پوين ڏينهن ۾ هو مذهبي متن ۽ ريتن رسمن اندر هڪ گهرو مطلب ڏسڻ لڳو. فرمائي ٿو ته موجوده زماني ۾ مافوقيت ۽ عقليت ۾ ڇڪتاڻ ان ڪري زور ورتو آهي، جو اسان مذهب جي تمثيلي معنيٰ سمجھڻ ۾ آهي، ابتدائي گناهه وارو متو ۽ نجات وارو متو عيسائيت جو جوهر آهي. ابتدائي گناهه جو مطلب آهي، عزم جو اقرار ۽ نجات جو مطلب آهي، عزم جو انڪار، روزي رکڻ ڪري اسان انهن خواهشن کي ڪمزور ڪريون ٿا. جيڪي ڪڏهن به سچي خوشي نه ٿيون ڏين، پر اٽلو وڌيڪ خواهشون ۽ غم پيدا ڪن ٿيون. اها طاقت جنهن سان عيسائيت، يهوديت، يونانيت ۽ رومانيت کي ماري مات ڪيو. سا هئي نااميديءَ جو فلسفو، عيسائي ظاهر ظهور تسليم ڪيو، ته انسان جي فطري الت بدبخت ۽ گنهگار آهي. پر يهودي، يوناني ۽ روماني اميد پسند سمجھندا هئا، ته مذهب الاهي طاقت کي رشوت ڏيڻ وانگر آهي. جنهن جي ذريعي کين دنياوي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. عيسائيت سمجھيو، ته مذهب انسان کي دنياوي خوشيءَ جي اجائي جستجو کان روڪيندو. دنياوي عيش عشرت ۽ قوت جي وچ ۾ عيسائيت حضرت عيسيٰ عليہ السلام جو مثال پيش ڪيو، جيڪو هڪ ڀورڙو ۽ اٻوجهه درويش هو.جنهن جنگ جوٽڻ کان انڪار ڪيو ۽ جنهن مڪمل طور انفرادي عزم کي الاهي علم جي ماتحت رکيو.

گوتم ٻڌ جو ڌرم عيسائيت کان وڌيڪ گهرو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو عزم جو عدم وجوديءَ کي مذهب جو مول متو ڪري سمجھي ٿو ۽ نرواڻ جي تبليغ عالم وڌيڪ اونها هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته سندن دنيا جي سمجھاڻي اندروني ۽ الهامي هوندي هئي ۽ نه ٻاهرين ۽ عقلي، عقل هرهڪ شيءَ کي تقسيم ڪري نفاق جو ٻج ڇٽي ٿو. الهام هر شيءَ کي متحد ڪري. وحدانيت جي تبليغ ڪري ٿو، هندن ڏٺو، ته ”آءُ“ هڪ فريب آهي، فرد صرف ظاهري روپ آهي. ۽ ”اوم“ ئي هڪ واحد حقيقت آهي. جنهن جي به نظر ۽ آتما اهڙي صاف آهي، جو هو سڀني جيون کي هڪ حقيقت آهي. جنن جي به نظر۽ آتما اهڙي صاف آهي. جو هو سڀني جيون کي هڪ حقيقت جا عضوا ڪري ڏسي، اهو هڪ نيڪ بندو آهي ۽ الاهي رحمت ۽ مڪتي جو حقدار آهي. شاپينهاور اها ڳالهه قبول نه ٿو ڪري، ته عيسائيت مشرق ۾ ٻڌ ڌرم جي جاءِ وٺندي. ان جي ابتڙ سندس رايو آهي، ته وقت ايندو جو هندوستان جي فلسفو يورپ جي سرزمين تي نهرون ۽ نارا ڍاهي وهندو، ان ريت يورپ جي علم ۽ فڪر تي گهرو اثر ڪندو، جهڙي طرح پندرهين صديءَ ۾ يوناني ادب جي موٽ (ورجاءُ) يورپ تي پنهنجو اثر ڄمايو، اهڙيءَ ريت سنسڪرت ٻوليءَ ۾ لکيل ادب پڻ يورپي زندگي اندر داخل ٿي ويندو.

آخري ڏاهپ آهي نرواڻ يعني پنهنجي نفس جي خواهش گهٽ ۾ گهٽ ڪجي. دنيا جو عزم اسان جي شخصي عزم کان وڌيڪ مضبوط آهي، اچو ته يڪدم ان جي آڏو پيش پون. جيترو پنهنجي عزم کي گهٽ جوش ڏياربو، اوترو ڏک گهٽ ڀوڳيو. مصورن جون اعليٰ تصويرون اهي آهن، جن ۾ مڪمل علم جو اظهار آهي، ان علم کي ڪن خاص شين حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪيو ويو آهي، پر خواهشن کي خاموش ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو آهي. اهو سڪون جيڪو عقل کان بالاتر آهي، اها  روح جي هيڪڙائي آهي، اهو گهرو آرام، اهو اعتماد ۽ پاڪائي، جنهن کي ڪوبه ٽوڙي نه ٿو سگهي، جنهن کي ريفيل ۽ ڪاريگيو پنهنجين تصويرن ۾ پيش ڪيو آهي، سا ئي مڪمل حقيقت آهي، فقط علم ڪاريگيو پنهنجين تصويرن ۾ پيش ڪيو آهي، سا ئي مڪمل حقيقت آهي، فقط علم زنده رهي ٿو، عزم غائب ٿي ويو آهي.

 

موت جي ڏاهپ: The Wisdom of Death

هڪ ٻئي شيءِ جي پڻ ضرورت آهي. نرواڻ جي رستي انسان لاطمع ۽ لاغرض هئڻ جو سڪون حاصل ڪري ٿو ۽ نجات حاصل ڪري ٿو. پر هڪ فرد کلي ٿي. زندگي سندس پونيئرن ۽ ٻين جي پونيئرن ۾ موجود رهندي. جيڪڏهن زندگيءَ جي هيءَ نهر خشڪ به ٿي پوي، ته به ٻيون هزارين نهرون آهن، جيڪي هر وقت ويڪريون ۽ اونهيون ٿي رهيون آهن. انسان کي ڪيئن بچائڻ گهرجي، ڇا ساري انسان ذات لاءِ به ڪو نرواڻ آهي؟

عزم تي فتح حاصل ڪرڻ جو آخري طريقو ته هيءَ آهي. ته زندگيءَ جو سرچشمو بند ڪجي، يا اولاد پيدا ڪرڻ کان انڪار ڪجي. توليدي جذبي جو راضپو پنهنجي سر ڦٽڪار جي لائق آهي. ڇاڪاڻ ته اهو زندگيءَ لاءِ شهوت وڌائي ٿو. ويچارن ٻارن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو انهن کي زندگيءَ جي سزا ڏني وڃي؟

جيڪڏهن اسان هاڻي زندگيءَ جي گوڙگهمسان تي خيال ڪريون، ته اسان کي معلوم ٿي وڃي، ته سڀ انسان زندگيءَ جي گهرجن ۽ مفلسي دور ڪرڻ ۾ مصروف آهن. هو پنهنجيون سڀ قوتون، بي حد ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ بي انداز غم دور ڪرڻ ۾ لڳائين ٿا. کين سواءِ ان جي ٻي ڪنهن جي به اميد رکڻ جي همٿ نه ٿي ٿئي. ته هو ٿوري عرصي لاءِ ان تڪليف واري زندگيءَ جي حفاظت ڪن. ان گوڙ گهمسان ۾ اسان ڏسون ٿا، ته ٻه عاشق معشوق محبت سان پاڻ ۾ ملن ٿا، پر ڇو لڪي ڇڀي، ڏڪندي ڪنبندي ۽ چوري چوري؟ ڇا اهي غدار نه آهن، جيڪي زندگيءَ جي مفلسي ۽ بار کي دائمي ٿا ڪن؟ جيڪڏهن هو پاڻ ۾ نه ملن ها، ته جيڪر تيزيءَ سان زندگيءَ جو خاتمو اچي وڃي ها. توليدي علم ڪهڙو نه شرمناڪ آهي؟

عورت ئي هن حالت ۾ ڏوهي آهي. جڏهن علم عزم تي غالب پئجي چڪوآهي، تڏهن عورت جا ناز ۽ نخرا ئي مرد کي فريب ڏئي مجبور ڪري توليدي ڪم ڪرائين ٿا. نوجوانن کي اڃا ايترو عقل نه آهي، جو هو سمجھن ته اهي مزا ڪهڙا نه عارضي آهن، جڏهن عقل اچي ٿو. تنهن کان اڳ ئي زندهه رهڻ جو عزم پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏي ٿو.

قدرت جوانيءَ جي عرصي ۾ ڇوڪرين کي حسن جي دولت سان سينگاري ٿي. جيئن هو ڪنهن نه ڪنهن مرد کي محبت جي دام ۾ گرفتار ڪن. مرد پوءِ انهن مان هڪ پنهنجو بنائي، ان جي سارسنڀال لهي ٿو. ڇا اها دلڪشي عورت ۾ آخر تائين رهي ٿي؟ جيڪڏهن مرد جي خيالن تي صرف عقل جي حڪومت هلي ها، ته جيڪر مرد ۽ عورت جي سنگت ساري ڄمار هلي ڪونه سگهي ها. هن حالت ۾ پڻ قدرت پنهنجي ضرورت کان ڪم وٺي ٿي. جيئن مادي ماڪوڙي حامله ٿيڻ کان پوءِ پنهنجا پر وڃائي ويهي ٿي. ڇاڪاڻ ته هاڻي اهي پر آنن لاهڻ ۽ ٻارن جي پرورش ڪرڻ ۾ رنڊڪ آهن، تيئن عام طور هڪ ٻن ٻارن ڄڻڻ کان پوءِ عورت پنهنجو حسن وڃائي وهي ٿي، شايد ٻنهي حالتن ۾ سبب ساڳيا ئي هجن.

جوان مردن کي خيال ڪرڻ گهرجي، ته جيڪڏهن سندن محبوبا، جنهن جي حسن جو هو گيت ڳائيندا وتن ٿا، ارڙهن سالن اڳ ڄمي ها، ته هو جيڪر هن تي هڪ نظر به ضايع ڪونه ڪن ها. آخرڪار جسم ۾ ته مرد عورتن کان وڌيڪ سهڻا آهن.

صرف اهو مرد، جنهن جي ذهن تي شهوتي غلبي جو ڌنڌ ڇانيل آهي، ڇوٽي قد، سوڙهن ڪلهن، ويڪري سيني ۽ ننڍين ڄنگهن واري جنس کي صنف لطيف جو لقب ڏيندو. انهن کي سهڻيون سڏڻ جي بدران اهو وڌيڪ درست ٿيندو، جيڪڏهن کين بدصورت جنس جو نالو ڏجي، انهيءَ ڪري نه موسيقيءَ لاءِ نه شعر لاءِ ۽ نه لطيف فن لاءِ کين ڪو سچو احساس آهي. هو فقط ٺٺولي ٿيون ڪن، جڏهن مردن کي خوش ڪرڻ لاءِ هو انهن ۾ دلچسپي وٺڻ جو بهانو ٿيون ڪن. هو ان ڳالهه جي قابل نه آهن، ته ڪنهن به شيءِ ۾ خارجي چاهه وٺن. وڏن دماغن واريون عورتون به لطيف فن ۾ ڪا حقيقي ۽ اصلي ڪاميابي حاصل ڪري ڪونه سگهيون آهن يا ڪنهن به حلقي اندر دنيا آڏو ڪا دائمي قيمت واري شيءِ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪونه ٿيون آهن.

عورتن جي هيءَ عزت عيسائيت ۽ جرمن نرم مزاجيءَ جو نتيجو آهي ۽ اها روماني تحريڪ جو سبب آهي، جيڪا احساس، جبلت ۽ عزم کي ذهن تي ترجيح ڏئي ٿو، ايشيا وارن کي وڌيڪ خبر آهي، هو صاف صاف عورت جي ڪمتري محسوس ڪن ٿا. جڏهن قاعدي ۽ قانون عورتن کي مرد جهڙا حق ڏنا. تڏهن ان کي کپندو هو، ته عورتن کي به مردن جهڙو عقل ڏئي، شاديءَ جي اداري ۾ پڻ ايشيا وڌيڪ ايمانداريءَ کان ڪم ورتو آهي. مرد کي گهڻين عورتن سان شادي ڪرڻ جو عام طور قانوني حق آهي، يورپ ۾ پڻ غير قانوني طور هڪ مرد کي ڪيتريون ئي عورتون آهن. ڪٿي آهي اهو يورپ واسي جيڪو صرف هڪ عورت تي راضي رهي؟ مطلب ته شاديءَ جي باري ۾ يورپ ۾ فقط منافقي آهي. عورتن کي شخصي ملڪيت رکڻ جو حق ڪهڙو نه بيوقوفيءَ جو ڪم آهي؟ گهڻو ڪري سڀ عورتون هٿ ڦاڙ ۽ خرچاؤ ٿينديون آهن، ڇاڪاڻ ته کين هميشه حال جي ڳڻتي هوندي آهي ۽ سندن خاص وندر ٻاهرين راند هوندي آهي، دڪانن تي وڃي خريداري ڪرڻ کي ئي هو سڀڪجهه سمجھنديون آهن، ان ريت هو سمجھنديون آهن، ته مردن جو ڪم آهي، پيسو ڪمائڻ ۽ عورتن جو ڪم آهي، پيسو کپائڻ، هيءُ آهي سندن ڪم جي ورهاست جي تصور ”تنهن ڪري مان ان خيال جو آهيان، ته عورتن کي گهرو ضابطو هجي، پوءِ کڻي مرد پيءُ هجي يا مڙس يا پٽ يا حڪومت، جيئن هندوستان ۾ آهي، کين ان ملڪيت جي وڪڻڻ جو حق نه هئڻ گهرجي، جيڪا هنن خود حاصل ڪونه ڪئي آهي.“ لوئي تيرهين جي درٻار جي عورتن جي عيش عشرت ۽ فضول خرچيءَ، حڪومت ۾ بداخلاقي جو ٻج ڇٽيو، جنهن جو آخري نتيجو هو فرانس جو انقلاب.

عورت سان جيترو تعلق گهٽ رکجي اوترو بهتر. کين ”ضروري بدي“ ڪري به تسليم نه ڪجي. انهن کان سواءِ جيڪڏهن زندگيءَ وڌيڪ سلامت واري ۽ هموار ٿئي. مرد کي گهرجي، ته هو عورتن جي ’حسن‘ جي ڦاهي کان خبردار ٿين. پوءِ نسل وڌائڻ جو احمقاڻو چرچو ختم ٿي ويندو. ذهن جي ترقي نسل وڌائڻ واري عزم کي ڪمزو ۽ نااميد ڪندي ۽ اهڙيءَ ريت آخرڪار انسان ذات ختم ٿي ويندي. پريشان عزم جي مستاني ۽ المناڪ ناٽڪ جو خاتمو ڪهڙو نه دلچسپ ٿيندو! ڇو بار بار زندگيءَ جون غمناڪ صورتون دنيا جي اسٽيج تي پيدا ٿينديون وڃن، ڪشمڪش ڪنديون وڃن ۽ هار کائينديون وڃن؟ اسان ڇو ظاهري حسن جي فريب ۾ اچي هڪ فضول دنيا جي بي معنيٰ مقصد لاءِ وري وري ڏک ڀوڳيندا رهون؟ اسان کي ڪڏهن اهڙي همت ٿيندي، جو دنيا جي عزم  جو بهادريءَ سان مقابلو ڪري سگهون؟ اسان ڪڏهن دنيا کي همٿ سان ٻڌائينداسون، ته زندگيءَ جي دلڪشي هڪ ڪوڙ آهي ۽ سڀني لاءِ سڀ کان اعليٰ نعمت موت آهي.

تنقيد: Criticism

 اهڙي فلسفي جو قدرتي جواب ٿيندو، ان دؤر ۽ ان شخص جي طبي سڃاڻپ يا تپاس.

اچو ته اسان وري محسوس ڪريون، ته هاڻي حالتون ساڳيون ئي هيون، جهڙيون يونان ۽ روم ۾ سڪندر ۽ سيزر کان پوءِ پيدا ٿيون ۽ جن جي ذريعي پهريائين يونان ۾ ۽ پوءِ روم ۾ يورپ جي سرزمين تي مشرقي عقيدن ۽ نظرين پنهنجو قبضو ڄمايو. مشرقي عقيدن جي اها خصوصيت آهي، ته قدرت ۾ خارجي عزم آهي، تنهن کي انسان کي اندروني عزم کان وڌيڪ طاقتور سمجھي، رب جي رضا تي گذارو ڪجي ۽ پنهنجين شخصي خواهشن متعلق نااميد ٿجي. جيئن يونان جي تباهي اسٽائڪ فلسفي جي ڦڪائي ۽ ايپيڪيورين نظريي جي بيماريءَ واري زرداڻ هيلاز جي ڳلن تي آندي، تيئن نيپولين جي جنگين جي وڳوڙ يورپ جي روح اندر ڏک ورتل ٿڪ پيدا ڪيو، جنهن جو آواز هو شاپينهاور جو فلسفو. سن 1815ع ۾ يورپ جي دماغ ۾ خوفناڪ سور هو.

شاپينهاور قبول ڪيو، ته انسان جي خوشيءَ جو دارومدار سندس اندروني ذهني حالت تي آهي ۽ نه ٻاهرين ماحول تي. سندس جسم ڏٻرو ۽ سندس عصبي سرشتو پريشان هو. سندس زندگيءَ هڪ ڊگهي فرصت هئي، جنهن ۾ سواءِفڪر جي هن کي ٻيو ڪوبه ڪم ڪرڻو ڪونه پيو، جنهن ڪري هن هميشه بيزاريءَ ۽ اداسي محسوس ڪئي. اهڙي ذهني حالت نااميد پسنديءَ ۽ مايوسيءَ کي ضرور پيدا ڪندي. کيس ايترو پيسو هو جو هو مسلسل فرصت جي زندگي گذاري سگهي ۽ هن ڏٺو، ته مسلسل ڪم کان مسلسل فرصت وڌيڪ بيزار ڪندڙ آهي، شايد فلسفي ماليخوليا جو شڪار ان ڪري ٿو ٿئي، جو خاموشيءَ ۽ اڪيلائي غير فطري شيون آهن.  جيڪي انساني ذهن تي برو اثر ڪن ٿيون ۽ هو ڇتو ٿي زندگيءَ جي هر پهلو تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ٿو.

نرواڻ ان ماڻهوءَ جو نصب العين آهي، جنهن زندگيءَ جي شروعات بي انداز خواهشن سان ڪئي ۽ پوءِ هار کائي زندگيءَ جو باقي حصو زندگيءَ جي چرپر کان سواءِ، بي حس ۽ حرڪت بدمزاجي ۽ بيزاريءَ ۾ گذارين. جيڪڏهن عقل عزم جو خدمتگار ٿي ظاهر ٿئي ٿو، ته پوءِ اها عقل جي پيداوار، جنهن کي اسان شاپينهاور جو فلسفو ڪري سڏيون ٿا، سندس بيمار ۽ ڪاهل عزم جو اعتراف آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، ته سندس مردن توڙي عورتن سان اوائلي آزمودن سندس نفس ۽ غير معمولي شڪ ۽ حساسيت پيدا ڪئي. هو تلخ مزاج ۽ خاموش طبع ٿي پيو. هو لکي ٿو، ته ”اهو دوست جيڪو وقت سر ڪم اچي سو سچو دوست ڪونه آهي، هو فقط اڌار وٺندڙ آهي.“ ٻئي هنڌ لکي ٿو، ته ”جيڪڏهن تون ڪا ڳالهه پنهنجي دشمن کان لڪائڻ چاهين، ته پوءِ اها ڳالهه پنهنجي دوست کي به نه ٻڌاءِ.“ هو هڪ خاموش يڪ رنگ ۽ يڪسان، درويش واري سادي زندگيءَ جي تلقين ڪري ٿو. کيس انساني ميل ميلاپ جي اهميت ۽ خوشيءَ جو ڪوبه  احساس ڪونه آهي. خوشي جنهن ۾ ٻيا انسان ڀاڱي ڀائي نه ٿا ٿين سان ختم ٿي وڃي ٿي.

اِهو پڪ آهي ته نااميد پسندي ۽ خودبينيءَ جو وڏو مقدار موجود هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته دنيا اسان لاءِ چڱي نه آهي، تنهن ڪري اچو، ته ان تي لعنت ۽ ڦٽڪار وجهون. پر اسان اسپنوزا جو سبق وساري ڇڏيو آهي، ته اسان جي اخلاقي نڪتچيني ۽ پسنديدگي فقط انساني فتوائون آهن، جڏهن انهن کي ساري ڪائنات جي نظام سان لڳائجي ٿو، تڏهن اهي غير مناسب نظر اچن ٿيون. شايد اسان جي زندگيءَ سان تڪبر واري نفرت ڏيکاري ٿي، ته اسان ڳجهيءَ طر پنهنجي پاڻ سان نفرت ٿا ڪريون. اسان پنهنجي زندگيءَ کي پنهنجن هٿن سان ڏنگو ڦڏو ڪري، پوءِ وٺي ٿا دانهون ۽ ڪوڪون ڪريون، ته هائي ڙي دنيا! لعنت اهڙي ماحول تي! افسوس قوم جي اخلاق تي! دنيا يا ماحول يا قوم کي ڪا زبان ڪانه آهي.، جنهن سان پنهنجي بچاءَ ۾ ڪجهه چئي. هڪ عقلمند ماڻهو زندگيءَ جي حدن کي قبول ڪري ٿو. هو اها توقع نٿو ڪري، ته قدرت هميشه سندس فائدي وٽان ڪم ڪري، طرفداريءَ جو ثبوت ڏئي. ڪارلائيل وانگر  هو سمجهي ٿو، ته سج تي ان ڪري ڦٽڪار وجهڻ اجائي آهي،  جو هو اسان جي سگريٽن کي نه ٿو دکائي، جيڪڏهن اسان ايترا هوشيار آهيون، ته پوءِ سج کان اهو ڪم به وٺي سگهون ٿا. هيءَ غير جانبدار ڪائنات جيڪر اسان لاءِ هڪ خوشگوار جڳهه ٿي پوي،، جيڪڏهن اسان ڪجهه قدر پنهنجي ذهني ۽ اخلاقي روشني ان ۾ پلٽيون. حقيقت ۾ هيءُ دنيا نه اسان جي دوست آهي ۽ نه وري دشمن، اها اسان جي هٿن ۾ هڪ ڪچي مواد جهڙي آهي ۽ اسان جي ذهني حالت مطابق جنت به ٿي سگهي ٿي ۽ جهنم به.

شاپينهاور ۽ ان جي هم عصر مفڪرن ۾ نااميد پسندي (Pessimism) جو سبب هيءُ به ٿي سگهي ٿو، ته سندن نظريا ۽ اميدون رومانيت سان وابسته هيون، جواني هميشه چاهي ٿي، ته دنيا سدائي سندس تمنائون پوريون ڪندي رهي. اُميد پسندي کان پوءِ نااميد پسندي هڪ صبح سمان نمودار ٿئي ٿي. جيئن سن 1789ع جي اميد پسندي  جو عيوضو سن 1815ع جي نااميد پسندي ڏنو.رومانيت احساس، جبلت ۽ عزم کي ساراهيو ۽ انهن کي آزاد ڪيو. رومانيت ذهني ضابطي ۽ نظام کي ڌڪاريو. رومانيت جي پوئلڳن کي ضرر سزا ملڻي هئي. وريس والپول (Horace Walpole) چيو آهي، ته هيءَ دنيا انهن لاءِ چرچو آهي، جيڪي خيال ڪن ٿا، پر انهن لاءِ ماتم آهي، جيڪي محسوس ڪن ٿا. شايد ڪنهن به تحريڪ ايترو گهڻو غم پيدا نه ڪيو آهي، جيترو جذباتي رومانيت جو پوئلڳ آخرڪار ڏسي ٿو، ته سندس خوشيءَ جو رستو نيٺ وي غم جي منزل تي دنگ ڪري ٿو. تڏهن هو پنهنجي اهڙي نزاڪت سان منظم ٿيڻ جي لائق ڪونه آهي، جهڙي نزاڪت سان سندس ذهن منظم ٿيل اهي. ڪنهن وهمي نفس کي ڪا وهمي ڪائنات ڪيئن راضي ڪري سگهندي؟

نيپولين جو شهنشاهيت طرف اسرڻ جو نظارو، روسيو جو ذهن کي نندڻ ۽ ڪانٽ جي ذهن تي تنقيد، ۽ خود سندس جوشيلي طبيعت ۽ آزمودن شاپينهاور کي ان ڳالهه تي آمد ڪيو، ته عزم سڀ کان اول ۽ اهم آهي، شايد واٽرلو ۽ سينٽ هيلينا به سندس نااميد پسنديءَ کي زور وٺايو، جيڪا سندس شخصي زندگيءَ جي ڏنگ ۽ ڏنڀن مان پيدا ٿيل هئي. شاپينهاور نيپولين جي هستيءَ ۾ تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ زوردار انفرادي عزم ڏٺو، جيڪو اعليٰ شان شوڪت سان ملڪن مٿان حڪمران هو. پر تنهن هوندي به سندس انجام اهڙو اٽل ۽ شرمناڪ هو. جهڙو هڪ زمين جي ڪيڙي جو، جنهن جو ڄم ساڳي ئي ڏينهن تي سندس اٽل موت آڻي ٿو. شاپينهاور ڪڏهن به محسوس نه ڪيو، ته جدوجهد ڪرڻ ۽ هار کائڻ ان کان بهتر آهي، ته سڄي زندگي نڪمي ۽  سست گذارجي. هن قوتمند ۽ مردانگيءَ واري هيگل وانگر، ڪڏهن به ڪشمڪش جي فضيلت ۽ اهميت محسوس ڪونه ڪئي. کيس محسوس ڪونه ڪئي. کيس هميشه امن امان جي آرزو هئي. پر هُو سدائين هنگامي حالتن اندر رهيو. لڙائيءَ جي پويان هو پاڙيسرين جي گڏيل امداد، ٻارن ۽ نوجوانن جي موج مستي، زنده دل ڇوڪرين جا ناچ، والدين ۽ عاشقن جون رضامنديءَ واريون قربانيون ۽ ڌرتيءَ جي صبر واري رحمت، ڏسي ڪونه سگهيو. کيس خبر ڪانه هئي، ته سياري جي ڦڪائي کان پوءِ سرسبز بهار اچڻ وارو آهي.

فڪر نه آهي، جيڪڏهن هڪ خواهش پوري ٿيڻ شرط، اسان جي من ۾ ٻي خواهش پيدا ٿئي، شايد اهو بهتر آهي، ته اسان ڪڏهن به راضي نه ٿيون. اسان کي هيءُ پراڻو سبق ياد ڪرڻ گهرجي، ته خوشي ڪنهن شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشمڪش ۾ آهي. ۽ نه ان جي مالڪ ٿيڻ ۾. صحتمند انسان حقيقت ۾ خوشيءَ جي تقاضا نه ٿو ڪري، پر هو هميشه پنهنجين قابليت کي ميدان ۾ آڻڻ لاءِ تڙپي ٿو. جيڪڏهن آزادي ماڻڻ خاطر ۽ قوت ظاهر ڪرڻ خاطر کيس مصيبتن سان منهن ڏيڻو پوي، ته پوءِ اهو خوشيءَ سان غم ڀوڳي ٿو. اها ڪا ڳري قيمت نه آهي، زنده رهڻ جي. مقابلو ئي اسان کي بلند ڪري ٿو، جيئن رڪاوٽ ئي هوائي جهاز ۽ پرندي کي بلند مقام بخشي ٿي. روڪون ۽ رنڊڪون ئي اسان جي قوت کي تيز ڪن ٿيون ۽ اسان جي واڌاري کي متحرڪ ڪن ٿيون. غم بنا زندگي هڪ انسان جي لائق ڪا اهميت نه ٿي رکي.

اها حقيقت آهي، ته جيڪو انسان پنهنجي علم کي وڌائي ٿو، سو پنهنجي غم کي پڻ ساڳئي وقت وڌائي ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ منظم هستيون ئي سڀ کان وڌيڪ غم ڀوڳين ٿيون. پر اهو پڻ سچ آهي، علم جو واڌارو سرور ۽ غم کي وڌائي ٿو. والٽيئر، حق تي هڪ برهمڻ جي تڪليف ڏيندڙ سياڻپ کي هڪ مزدور عورت جي خوشيءَ واري جهالت تي ترجيح ڏني. اسان چاهيون ٿا، ته زندگيءَ جي تيزيءَ ۽ گهرائيءَ جو تجربو آسانيءَ سان پرايون، جيتوڻيڪ کڻي ان جي عيوض اسان کي ڏک ڀوڳڻو پوي. اسان چاهيون ٿا، ته همت ڪري زندگيءَ جي اندروني رازن تائين پهچي وڃون، جيتوڻيڪ کڻي ساري حقيقت بي نقاب ٿي پوي. روم جي شاعر ورجل جنهن زندگيءَ جو هر مزو چکيو هو ۽ شاهاڻي راضپي جي عيش عشرت ماڻي چڪو هو، آخرڪار ذهني راحتن کان سواءِ ٻين سڀني راحتن مان ڪڪ ٿي پيو. جڏهن حواس اسان کي راضي نه ٿا ڪن، تڏهن اسان محنت ۽ مصيبت ذريعي پڻ فنڪارن، شاعرن ۽ مفڪرن سان دوستي رکڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، جن کي فقط بالغ نفس سمجھي سگهي ٿو. ڏاهپ هڪ ڪڙي مٺي راحت آهي. زندگيءَ جي هم آهنگ سرن جي ميلاپ ۾ جڏهن ڪو غير سُرُ رخنو وجهي ٿو، تڏهن ئي ڏاهپ نهايت گهري ٿئي ٿي.

ڇا خوشيءَ کي صرف نفي اهميت آهي؟ ڇا خوشي صرف غم جي عدم موجودگيءَ کي سڏجي ٿو؟ محض هڪ زخمي ٿيل روح، جنهن کي دنيا جو تلخ تجربو حاصل هجي، زندگيءَ کي اهڙن لفظن ۾ بيان ڪري سگهي ٿو. ڇا جبلتن جا باترتيب ڪم ڪرڻ کي خوشي نه ٿو سڏي سگهي؟ ان ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي ته خطري کان ڀڄي وڃڻ، آرام ڪرڻ، هار مڃڻ، سلامتي حاصل ڪرڻ، خاموشي ۽ اڪيلائي اختيار ڪرڻ جون خوشيون نفي حيثيت رکندڙ آهن ڇاڪاڻ ته جبلتون جيڪي اسان کي ائين ڪرڻ تي آمادهه ڪن ٿيون، سي نفي آهن، يعني ڀاڄ ۽ ڊپ جون صورتون آهن. پر ٻئي طرف وري اسان کي اهڙيون به خوشيون حاصل ٿين ٿيون، جڏهن اثابتي جبلتون حڪمران آهن، جهڙوڪ: حاصل ڪرڻ، عمل ڪرڻ، راند ڪرڻ، رلڻ ملڻ ۽ محبت ڪرڻ جون جبلتون، ڇا کلڻ جو مزو، ٻارن جو ڪڏڻ، محبت ڪندڙ پکيءَ جو گيت، ڪڪڙ جي ٻانگ يا فن جي تخليقي مستي محض نفي آهي؟ زندگي خود هڪ مثبتي قوت آهي ۽ ان جي هرهڪ رواجي عمل ۾ خوشي سمايل آهي.

اهو سچ آهي، ته موت جو نظارو ڀيانڪ آهي، پر جيڪڏهن اسان زندگي صحيح نموني ۾ گذاري آهي، ته پوءِ موت جو خوف غائب ٿي وڃي ٿو. خوشيءَ سان موت جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ نيڪ زندگي گذارڻ لازمي آهي. ڇا جيڪڏهن موت هجي ئي نه ته پوءِ اسان خوش رهي سگهون؟ آهاسيورس (Ahasurus) کي لافاني زندگي ۾ سخت سزا طور ڏني وئي.ڇا اسان سندس قسمت تي رشڪ ڪريون ٿا؟ ڇا موت ان ڪري ڀيانڪ نه ٿو لڳي جو زندگي مٺي آهي؟ اهو ضروري آهي، ته نيپولين وانگر اسان پڻ چئون، ته جن کي موت جو ڊپ آهي، سي درحقيقت دهريا آهن. پر اسان کي ائين چوڻ جو حق آهي، ته ستر سالن جي ڄمار کان پوءِ انسان جي دل مان نااُميد پسندي عدم موجود ٿي وڃي ٿي. گيٽي پڻ چيو هو، ته ٽيهن سالن کان پوءِ ڪوبه ماڻهو نااُميد پسندي جو پوئلڳ لڀندو. نااُميد پسندي صرف خود بين ۽ پاڻ کي اهميت ڏيندڙ جوانيءَ جو عيش آهي. نوجوان جڏهن گڏيل ڪٽنب جي گرم ڇاتيءَ کان ڇڄي، انفرادي چٽا ڀيٽي ۽ طمع جي سرد فضا اندر داخل ٿين ٿا، تڏهن سندن دلين ۾ اها آرزو جاڳي ٿي، ته هو وري وڃي ماءُ جي شفقت ڀري ڪڇ والارين. نوجوان جڏهن دنيا جي گرد ۽ غبار سان ٽڪرجن ٿا، تڏهن سندن خواب، عزم ۽ ارادا پاش پاش ٿيو وڃن. پر ويهن سالن کان اڳ جسماني راحت آهي ۽ ٽيهن سالن کان پوءِ ذهني راحت. ويهن سالن کان اڳ ۾ سنڀال ۽ سلامتيءَ جو خوشي آهي ۽ ٽيهن سالن کان پوءِ گهر ٻار هئڻ جي راحت.

اهڙو ماڻهو نااُميد پسنديءَ کان ڪيئن پاسو ڪري سگهي ٿو، جيڪو ساري زندگي بورڊنگ هائوس ۾ رهيو هجي ۽ جيڪو پنهنجي اڪيلي ٻار کي ڦٽو ڪري ناجائز گمنامي اختيار ڪري؟ شاپينهاور جي ناخوشيءَ جو بنيادي سبب هيءُ هو، ته هن سماجي زندگيءَ کي ٺڪرائي ڇڏيو، يعني هن عورتن، شادي ۽ ٻارن کان منهن موڙيو. هو سمجھي ٿو، ته والدين بنجڻ وڏي ۾ وڏوو گناهه آهي، پر هڪ صحتمند  سمجھي ٿو، ته محبت ۾ لڪ ڇپ ان ڪري ٿئي ٿي جوعاشق ۽ معشوق انساني نسل کي مستقل ڪرڻ ۾ شرم محسوس ڪن ٿا. ڇا ان کان وڌيڪ بيوقوفي ٻئي ڪنهن بڪي آهي؟ هو ڏسي ٿو، ته محبت ۾ صرف فرد جي قوم خاطر قرباني سمايل آهي، پر هو ان ڳالهه کي نظرانداز ڪري ٿو، ته اها جبلت ان قربانيءَ جي عيوض ڪيتريون نه راحتون عطا ڪري ٿي ۽ اهي راحتون اهڙيون ته اعليٰ آهن، جو دنيا جي شاعريءَ جو ڳچ حصو، انهن راحتن جي زير اثر ئي چيو ويو آهي. هو ڄاڻي ٿو، ته عورت هميشه جهڳڙالو ۽ گهنگار آهي. هو سمجھي ٿو، ته مرد جيڪو عورت کي سنڀالي ٿو، جيڪي ڪنواري رهڻ جي پرجوش تبليغ ڪن ٿا. هو عورت جي ’حسن‘ تي ٺٺولي ڪري ٿو. ڇا هر نموني جو حسن اسان جي زندگيءَ کي سنواري نه ٿو ۽ سندس سڳنڌ ۾ واڌارو نه ٿو ڪري؟ هڪ بدنصيب جي روح اندر، صرف هڪ ناخوشگوار واقعي، عورتن لاءِ ڪهڙي نه نفرت پيدا ڪئي؟

هن قابل ذڪر ۽ جوشيلي فلسفي اندر ٻيون ڪيتريون ئي مشڪلاتون آهن، جيڪي وڌيڪ فني ۽ گهٽ اهميت رکندڙ آهن. ان دنيا ۾ خودڪشي ڪيئن ٿيندي، جنهن ۾ زندهه رهڻ جو عزم ئي هڪ اڪيلو حقيقي زور آهي؟ ذهن، جيڪو عزم جو نوڪر ٿي ڄائو ۽ پليو آهي، سو ڪيئن آزاد ۽ معروضي حيثيت حاصل ڪري سگهندو؟  ڇا هڪ غير معمولي ذهن وارو شخص علم کي عزم کان بلڪل علحده ڪري ٿو يا عزم کي زندگيءَ جو خاص زور ڪري، تسليم ڪري ٿو، جنهن ۾ شخصي خواهش ۽ خود بيني پڻ سمايل آهي؟ ڇا چريائپ جو غير معمولي ذهن سان ڪو تعلق آهي يا فقط رومانيت جا پوئلڳ (بائرن، سيلي، پوءِ، هيني، سوئين برن، لسٽرين برگ، دوستووسڪي وغيره) ئي چريا ٿي سگهن ٿا؟ ۽ گهرا بنياد وجهندڙ اعليٰ ذهن چريا نه ٿا ٿي سگهن (سقراط، افلاطون، اسپنوزوا، بيڪن، نيوٽن، والٽيئر، گوئٽي، ڊارون وغيره) ذهن ۽ فلسفي جو صحيح عمل عزم جي ترديد ڪرڻ نه آهي، پر خواهشن کي مرتب ڪري هڪ يڪمشت ۽ منظم عزم پيدا ڪرڻ. ڇا عزم اهڙي ترتيب جي گڏيل پيدائش ڪونه آهي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org