فصل ڇهون
]١
[ اڀـِي پڇي ڏس، سسئي واٽ وڻن کان
گهوٽ گهرنديءَ مس، آن ڪو ڏٺو ساٿ سان.
]٢[ دايون پڇن دڳ، ٻايون پاس ٻروچ جي
سنئين واٽ ســرڳ، من قاسم ملان ڪيچـِيين.
]٣[ اپاڙيو آسونهن، ڪڍي پار پنهونءَ جا
ڦوڙائي فراق جـِي، ونڊي منڌ ورونهن
سندي پنهونءَ سونهن، قاسم ڪٺيون ڪيتريون.
]٤[ پهرئين پهر پنهونءَ جا، گاذر پڇي گس
ٻپهرن ٻروچ جا، ڏونگر ڏنا ڏس
ٽــِئي پهر پرين جي، وؤڙي رسي وس
چکيائـِين چوڏول ۾، چوٿين پهر چس
قاسم لٿا ڪس، ڦوڙائي فراق جا.
]٥[ آن ڪو ڏٺو ساٿ سان، تان مون ڏس ڏهو
معذوريون مارين جي، ساڻس توڏ تـِهو
سورن ساڻ سـِهو، اچـِي ٿـِئڙم اوچــِتو.
]٦[ سور نه سڃاڻان، ڪوه ڄاڻان تان
ڪير هئا
گهڙي آيا گهٽ ۾، پريندي پاڻان
پنهونءَ پڄاڻان، سـِنڌا ٿـِيڙم سرتيون.
]٧[ سـِج ڪڍندي ڪنڙي، مون ڪڍندي پار
ڦٽو
اڄ فقير جو، قاسم من قرار
جا وئي ڪالهه قطار، آءٌ اوساريان ان لاءِ.
]٨[ آري مون ارواح، تن جدائي م ٿـِئي
ويهي رات وڍي ويا، ساٿي منهنجو ساه
مرن ڪارڻ ماه، قاسم ڇڏيو ڪيچـِيين.
]٩[ اوجل ڀڳو اڄ، منهن مونگهٽ ناهه ڪو
سندو سيج سهڄ، ويچاريءَ وڃائيو.
]١٠[ ڏائي نيا ڏور، جـِيڻا جهل جتن کي
مــِرگهه مالارو ٿـِئي ندي پاڻي پور
دائــِي اِن دستور، من قاسم مـِلي
ڪيچـِيين.
]١١[ ڏائي ڏور نيا، جـِيڻا جهل جتن کي
مالاري مين کي، اچي مان اڳيا
اِن سڳڻ جي سببا، قاسم ملان ڪيچيين.
]١٢[ جـِئن جـِئن ڪريان سڏ، تئن تئن وڃن تڪڙا
ڪنهن پر ٿيان گڏ آيل! ٻاروچن سان.
]١٣[ جئن جئن سڏ سڻـِين، تئن تئن وڃن تڪڙا
اوٺِي مٽ نه ٿـِين، جي ماري معذورين جا.
]١٤[ ڳاڙهي ۾ ڳاڙهو، ساوج ڪٺو سسئي
دوڙي منڌ دٻائـِيو، هلان سين هاڙهو
ڌوٻِڻ ڪـِيو ڌاڙو، ٻانهپ منجهه ٻروچ سان.
]١٥[ ساوج کڻج ساڻ، بَــر ۾ بورائو ڪري
مـِرون ماري ممڙا، ٻــِئي جـِي ڪڍم ڪاڻ
پنهونءَ پرني پاڻ، هلج هاڙهي سامهين.
]١٦[ رڻ، راڱا، رنگريز، ٽيئي پرتا پاڻ ۾
سڃ ۾ ساوج گـَڏيا، خونامـِي خونريز
موم ڪيا مهميز، سـِجهائي سورن جي.
]١٧[ بَبَــر ڀِنيءَ رات، سڃ ۾ ڏٺا سسئي
ڏکـِي پسـِيو ڏيپـِلا، ٿا ٻانهن وجهن وات
ڪڍي قرب ڪات، پاڻان معذور ماريا
]١٨[ روجهه وهاڻيءَ رات، سامهان گڏيا سسئي
پڇيائين پنهونءَ جو، مارڳ مـِٺي وات
پڄاڻان پرڀات، آن ڪي اوٺي گڏيا.
]١٩[ جئن سي روجهه رمن، تئن رڻ ۾ رمي سسئي
بَــر ۾ بــِرهامڻ سان، روڏ رهاڻيون ڪن
صدقو ساٿـِيڙن، ماه آڇـِيائين ان کي.
]٢٠[ روجهن راڙو راڙ، منڌ رئندي ماريا
سڻي دانهن درد جي، ڀڳا سڀ بَگهاڙ
ساوج سور سـِجهائـِيا، اڀيو ڪن اوناڙ
معذورين جـِي ماڙ، بَــر ۾ نينهن بلوچ جو.
]٢١[ پڳ جـِهيڻا، پنڌ ڏور، اڳ نه سونهين سسئي
چـِٻون، چـِيٽا، چمڙا، جبل منجهه جنبُور
روجهه اوناڙن رڻ ۾، لنبي پڇ لنگور
ساڻـِي ٿيڙس سور، ثابت مـِلي سڄڻين
]٢٢] فوقل سنگ فقير جا، رجِل ڪيڙا راف
وٺِتا ويچاريءَ جا، آرياڻي انصاف
قاسم
لنگهي قاف، ستي سنگهر پٽيين.
وائي -١
منهنجا آرياڻي اِن پارين، ان ڪي ويندا ڏٺڙا
١. گاديون پوش گولن سان، موتين جهوڙ مهارين
٢. سائي رنگ سونهريون، سونهن بيٺِ سوارين
٣. چوئي مشڪ چندن جي، عطر اوت اوتارين
٤. اهڙا هوت هٿن مان، نيندا اٺ اسارين
٥. منڌ الاهي ميڙئين، قاسم ساٿ سنهارين
وائي -٢
ڪنديس پانهنجو عرض احوال ڪيچين
کي، آيل! هوتن کي
١. اٺ چارينديس ان جا، جهلڙي پٻ پهال
٢. رهو راتِ ڀنڀور ۾، ساٿي
مڃي سوال
٣. مٿي پيرن هٿڙا، ڳچيء پاند رومال
٤.
قاسم لهندم ڪارڻي، سنگهر منجهه سنڀال
وائي – ٣*
مون سان ڳالهڙيون، اي هوت هلندي
جي ڪيون
١. پــِريان سنديون ڳالهڙيون، مٿي
من پــِيون
٢. هلان هاڙهي سامهين، ڏيئي ٻن ٻــِيون
٣. ڳالهڙيون ڳڻن جهڙيون، سي تان سور ٿـِيون
٤. قاسم ڪيچ ڌڻين ري، جيڏيون جاڙ جـِيون
فصل ستون
]١
[ نينهن شـِينهان ئـِي اڳرو، شينهن ماري هيڪار
ساعت ۾ سؤ وار، معذور مرڻ آئيو.
]٢ [
معذوريون مارين، مون لهه لڳو تن سان
گهڙي جا گهارين، سا پڻ سورن گاڏئـين.
]٣ [
ٻاروچاڻـِي ذات سان، جي ٿي لايوءِ نينهن
ته ڪــر سانڍيئي شينهن، کيندوءِ ماه مغز
جو
]٤ [
ٻاروچاڻي ذاتِ جو، اسر ُ مون آهي
حامي ٿيندو هب ۾، ڪوهيارو ڪاهي
نيندو نـِباهي، ناتو نـِماڻـِيءَ سان.
]٥ [
ڇپر ڪونهي ڇيه ڏيه ڏوريندينءَ ڪيترو
نهن اقربُ اِليه من حبْل الوريد، پرڀونء
منڌم پيه
وک هٽائي ويه، پس پاڙيچا سپرين.
]٦ [
پس پنهون ٿي پاڻ، سڃ م ڏورج سسئي!
وڃيو ڏونگر ڏوريين،قاسم ڪـِنين ڪاڻ!
سوتان توهـِي ساڻ، جنهن لئي جفائون ڪريين.
]٧ [
جو ڪم سندو ڪور، سو تان سـِک م سسئي
نحن اقرب اليه من حبل الوريد، ڀيڙو منجهه ڀنڀور
قاسم ڏيه م ڏور، ڪايا ۾
]ئي[
ڪيچ ٿيو.
]٨ [
ڏکان سک ســرن، سک نه اوڏا ڏک ري
مارڳ جي مــرن، جت جـِياري تن کي.
]٩ [
ڏکـِي مرين سک کي، ته وڃـِي ڏکـِي ٿـِيءُ
جي ڀائين جـِيئري ملان، تان تون هڏ م
جـِيءُ
موت پيالو پيءُ، ته ويجـِهي تـِئين وصال
کي.
]١٠ [
ڏکـِي بُکـِي پــِرين جي، ڪـِين نه ڀانئي قوت
منڌ ڀريو مضبوط، اندر پنهنجو عشق سان.
[١١
[
سسئي سک مٽائـِيا، ڏکن تي
ڏيئـِي
جِن ذليخا زوال ڪـِي، سوديائين سيئي
وڃڻ کي ويئـِي، منڌ نه موٽـِي پوئـِتي.
]١٢ [
نه ڪين منڌ مئي، نه ڪـِين آهي جـِيئري
لايموت فيها ولا يحيٰ، وچان وچ هئي
جي وئڙا ڪالهه ڪهـِي، ته هوند نه ڏٺم
ڏکڙا.
[١٣
[ پڇ م واٽون پيچـِرا، ڪڙ م پنهونءَ پير
ويهه وساري سسئي، ڏاگهن سوڌا ڏيرڍ
قاسمٰ منجهه ڪپير، سوجـِهه ته پسين سپرين.
]١٤ [
پڇ م واٽون پيچــِرا، م ڪـِين رڙ م روءِ
قاسم ڪنهن پر نه ٿـِئين، جتن
ڀيڙي
جوءِ
طالـِبْ الموليٰ مذڪر، اِي سڱ سنڍورج سوءِ
هاڙهي هوت نه هوءِ، ويهـِي پس وجود ۾.
]١٥ [
ويٺي ور نه هون، پري ڇڏ پهاڙ کي
آڻج اکڙين ۾، خاص پنهنجو خون
َليضحکو اقليلا وليبـِکوا ڪثيرا، چانگن چڙهيو چون
پاڻ وڃائي پون، قاسم پيش پنهونءَ جي.
]١٦ [
تو ڏوريندي ڏيه، ڇيهه نه ڇتو ڇپرين
پرڀونءَ پنڌ پهاڙ ۾، پاڻ وساري پيه
پير وڃائي ويه، قاسم ڪيچ ڌڻيءَ جو.
]١٧ [
پاڻ م کڻجِ پاڻ سان، پٺيءَ پڳ م لڳ
پنهون ڇڏئو پوئتي، آڙون پائين اڳ
قاسم! دوئيءَ دڳ، ”آءُ“ ”تون“ اٺ
وڃائـِيا.
]١٨ [
”آءٌ“ ”تون“ اوري ڇڏ، رڙهه روحانئي سسئي!
پٻ ۾ پـِيادن جا، هئڻ ڀڃي هڏ
”لا“ سان لاهي لڏ“ جيڪـِين آڏو سڄڻين.
]١٩ [
جيڪـِين آڏو سڄڻين، سو تان کڻ م ساڻ
من عــرف نفسه فقد عــرف ربه، پڙهـِي سـِٽ سڃاڻ
نيئي منجهه نـِئاڻ، قاسم ڪڙجِ پيرڙا.
]٢٠ [
ڏوري ڏوري ڏونگرين، آيس منجهه اِعراف
لايموت فـِيها ولايحيٰ، نڪو ڪيچ نه قاف
مرڻ جـِئڻ ناه ڪو، جـِت عدل نه اِنصاف
قاسم! سفر صاف، ملئو معذورين کي.
]٢١ [
گاذر ڪـِيو گم، هوت وهاري هنج ۾
رائيت ربي بــِربي، ڌڙ ۾ متـِي ڌم
سري صم بُڪم، قاسم ڪڇڻ ناهه ڪو
]٢٢ [
گاذر گم ڪيو، هوت وهاري هنج ۾
نحن اقربُ اِليه من حبْل الوريدد، رچي رنگ
پــِيو
قاسم قلزم ڪن ۾، ٻوڙي ڇڏ ٻـِيو
وچان غير ويو، ٿـِئو صلح سنگهر پٽيين
]٢٣ [
سسئي نالو سـِڪ جو، سڪ صفت جي سونهن
احمد جي ارشاد سين، محّمد مڃيو مون
قاسم ڏس م ڏون، حد ٻنهي جي هيڪڙي.
وائي-١
ڪيچ رسنديس ڪاهي، آهي هوت حـِماتي منهنجو
١. قلم قادر هٿ ۾، پاڻ وڻندڙو واهي
٢. ڏونگر جيڏا ڏکڙا، لالڻ ميڙيو لاهي
٣. پورهيت نيندو پاڻ سان، ڏور وڌي جيئن ڏاهي
٤. هوت حـِماتي جن جو، ڇپرڙو تن ڇاهي
٥. قاسم ڪنيزڪ سان، نيندڙو نينهن نباهي
وائي -٢
آتڻ
اوتارا،
ايندا شال اڏيندا
١. اوٺي آري ڄام جا، ڏيندم شال ڏيکارا
٢. موليٰ مونکي ميڙيين، ساٿي سونهن سونهارا
٣. اچي وهندم اوڏڙا، لائي نينهن نظارا
٤. هاڙهي، وندر واٽڙيين، ڪـِيڙم نيڻ نهارا
٥. ايندا، اٿم آسرو، قاسم جيءَ جيارا
وائي -٣
ايندم
آسرو
آهي – وو آهي
مون نه ڇڏيندا ڇپرين
١. آءٌ ڪيئن وهانان تان، لاڳاپاڙو لاهي – وو
لاهي.
٢. ڪه ۾ ڪميڻيءُ تي، ڪيچي ايندم ڪاهي – وو
ڪاهي.
٣. ڇپر روئـِي رت سان، پِريتِ رتڙو پاهي – وو
پاهي
٤.
آيل! آري ڄام جي، ڳـــُڻن وڌڙيس ڳاهي – وو ڳاهي
٥.
لڪن پاسي لڙ ڪڙا، قاسم ويٺڙي واهي – وو واهي.
سر سورٺ
فصل پهريون
]١
[ ”الف“ آيو اڄ، گن گـَويو گـِرنار ۾
ويهي تنهن وڄائيو، منجهان ساز سهڄ
ڌوم مچائي ڌڄ، قاسم تند ڪماچ جي.
]٢
[ ’بي‘ بَرتڻ
نه کڻي، موران مڱڻهار
سرجنديئي سـِکيو، وڌڻ جو واپار
سڏ سڻندي اٿـِيو، مٿان کٽ کنگهار
اِنهيءَ تند توار، قاسم موهيا ڪيترا.
]٣
[ ’تي‘ توڪل تندڙي، ويٺو وڄائي
قاسم گن گـِيان سان، ٿو گرناري گهائي
اڀو اونائي، راجا ڪوڪ قوال جي.
]٤
[ ’ثي‘ ســرندو هٿ۾، مٿس لال لباس
آلاپيائين اوچتو، ڀيرم راڳ ڀڀاس
جا رکي آيو آس، سا پوري ڪندو پانهجـِي
]٥
[ جاجِڪ جوناگڍ ۾، اوچتو
آيو
ستي لوڪ سروز کي، تنهن ويهـِي وڄايو
قـِلعو تند ڪماچ جي، قاسم ڪنبايو
سڻندي سنڀايو، مٿو ڪارڻ مڱڻي.
]٦
[ جاجڪ جونا گڍ ۾، آيو سـِڄ اڀار
ڏاريندو ڏياچ جو، هڻـِي ڪند ڪپار
قاسم! اِن ڪٽار، ڪوڙين ڪٺا ڪيترا.
]٧
[ جاجـِڪ جوناگڍ ۾، اڳ نه
آيو
اِي ُ
قاسم! اِن قوال جو، سورٺِ چڙهيو سـِي ُ
جاجـِڪ نيندو جـِي، ماري آيو مڱڻو.
]٨
[ مهتِ پسندين مڱڻا، جاجڪ آئين جي
جو گهريئي سو گهوريان، حال منهنجو هي
ٻولـِي وار م ٻي، ته مٿو ماناتو ٿئي
]٩
[ مٿو لهي مان، تون پڻ تسين مڱڻا!
مٿو گهوريان تو مٿان، جاجڪ! سوڌو جان
تو
ڀلائيءَ ڀان! مون منهن مٿاهون ٿـِئي
]١٠
[ تون ڏاتار، آءٌ منگتو، تون سروريو سلطان
سخِي سخاوت جـِي، تو در ڪمـِي ڪانه
ـجو گهريم سو گهور تون، سرو سنگ سبحان
ڏي دبارو دان، ڪاٽي ڪنڌ قوال کي.
]١١
[ سورٺ مهندان مڱڻي،
ٿي
جانا ڀري جوءِ
جـِهڙي سـِٽيئـِي سارنگـِيا! تِهڙي ڪري نه ڪوءِ
آڀي نه مناسبُ هوءِ، جيئن مٿو گهريوءِ
مڱڻا.
]١٢
[ سورٺ مهدان مڱڻي، ٻڌي ٻانهون هٿ
سريم جا سهاڳ جي، سا نڪان لاهه م نٿ
جنهن سان سونهي سٿ، سو تان مار م مڱڻا!
]١٣
[ سورٺ مندان مڱڻي، آزيون ڪري اٺ
راجا عوض راڳـِيا! ٻيا سـِر ڏيان سٺ
قاسم! پيش قوال تان، گهور نه ڏيان گهٽ
وڍيو ويٺو وٺ، ڌڙ تان مڇي مٿڙا.
]١٤
[ قاسم! قدر جؤ، منت نه مڃي مڱڻو
مٿو مور نه مٽيان، جي ٿي آڇئين سؤ
سورٺ سمجهه ڳالهڙي، چوري چپ م چؤ
ڀور نه ترس ڀؤ، جاجـِڪاڻي ذات کي.
فصل ٻيو
]١
[ پِيس ڪن پڙاءُ، آڌيءَ رات آواز جو
ڪوٺيائين قوال کي، آءُ تنبيرا آءُ
توشو تو هـِي لاءِ، مون سنـِي تند سنڀائيو
]٢
[ توشي ڪارڻ تند، هڏ نه هڻان هيڪڙي
تو در آيس راڄـِيا! پرڀونءِ ڪري پنڌ
مٿي ڌاران مورهين، پــِٿون ناهه پسند
ڪلـِهئان مٿي ڪنڌ، قاسم ڏج قوال کي.
]٣
[ توشي ڪارڻ تند هڏ نه هيڪ هڻان
هٿ نه ڇهان هاٿيين، گهوڙا گهر گهڻان
مٿو ڏي مراد سان، ته کـِلي ڏان کڻان
قاسم در ڪڻان، پاند نه ٻڌان پانهـِجي.
]٤
[ توشي ڪارڻ تند تي، هڏ نه ڇئان هٿ
مٿي ڌاران مورهين،
وار نه کڻان وٿ
ڪاتيءَ آئي
ڪٿ، ڪبـِي ڪانه قوال سان.
]٥
[ اپر قلعي آئيو، جاجـِڪ جوت جمال
ننهن
چوٽيءَ سين ڍڪيو، قاسم قرب ڪمال
وائي گم وصال جـِي، ماسو کڻي نه مال
پاڻهي ڪوٺي پادشاه، لڌي سڌ سنڀال
اڙدابيگيون
آئيون، اڳيؤن استقبال
ات انايو راڄــِئي، جـِتي قيل نه قال
ڪاتـِي، ڪنڌ، قوال، همه ئي هيڪ ٿيا.
]٦
[ سو تنبيرا ارنگيا، ڳـــَڙهه پاسي ڳائين
ڪلهي پايو ڪـِينرا، ويٺا وڄائين
ڏهاڻـِي ڏياجچ
کي، سائل سندائين
سوڌو سڻائين، ’لن ترانـِي“ تن کي.
]٧
[ سهسين مـِڙيا سارنگيا، ڪوڙين لک قوال
ويهـِي تن وڄائيا، طمع ڪارڻ تال
تيلهه وڌي تن کي، وچان وٿ وصال
رسي منجهه رومال، ’لن ترانـِي‘ تن کي.
]٨
[ اوپر قـِلعي آئيو، جاجڪ جوت جهار
ترڪ طمع تن تارڪـِي، قاسم ڪلاندار
اڳ نه آيو اهڙو، ڪو گـــُن گـــَويو گرنار
ڪوٺي وير وهاريو، کوڻي منجهه کنگهار
اتي ملڪ نه جن ڪو، نڪا طبــر توار
جاجڪ جمعدار، هردوئـِي هيڪ ٿيا.
]٩
[ هردوئي هيڪ ٿيا، وڍيو دوئيءَ دنگ
نه ماري، نه مڱڻو، نڪو ڪات ڪــرنگ
بي رنگــِي ۽ رنگ، هردوئـِي هيڪ ٿيا
]١٠
[ نڪـِي تنبي تند، نڪـِي ريڌو راڳ تي
پِيس ڳالهه پسند، جاڳجهـِي ڳائـِي مڱڻي
]١١
[ راڳائي راضي ٿـِيو، ڏنو سـِر ڏياچ
ڪاتـِي، ڪنڌ، ڪماچ، ٽيئـِي پرتا پاڻ ۾.
وائي*
جيڏل جـِينءَ نه ڪـِجن، لو الو لو لو
جي ڪـِجن تان پاربـِيون
١. سڻـِي سر ڀر سڄڻين، مــر جان کــر کـِجن
٢. ڳالهڙيون مون پرين جون، وارڙيو ور وجهن
٣. مٿي سـِيني سـِسـِيون، ڏهه ڏهه ڏينهن ڏجن
٤. قاسم آئي جن جي، سڀئي ڪاڄ سجن
|