سيڪشن: شاعري

ڪتاب: خليفي صاحب جو رسالو

باب:

صفحو:19 

پنهنجي راءِ ڏيندي منشي عطا محمد چوي ٿو ته: ”بلوچن جي عجب بي وقوفي، جو ميدان جنگ ۾ گهوڙن تان لهي، پيادا ٿي، تلوار هٿ ۾ ۽ چپ وات ۾ ڪري نعرا هڻندا، ڊوڙندا بي تحاشا ٽڪريءَ ڏانهن رخ ٿي رکيائون ۽ چوٽيءَ تي رسڻ کان اڳ مخالفن جي تير ۽ تفنگ جو نشان بنجي پنهنجيون زندگيون پئي ضايع ڪيائون. ”ظاهر آهي ته ويچارو افغان مؤلف ۽ منشي، وطن جي حب جي بي پناه جذبي ۽ سنڌ جي سورهين جي قومي غيرت ۽ مردانگيءَ جو پورو اندازو نه ڪري سگهيو آهي. دنيا ۾ اهڙي سورهيائيءَ جا ڪي ٿورا مثال ٿا ملن! سنڌ جا پهلوان ٿورا هئا، مگر ان هوندي به حياتين بچائڻ جي ڪٿ ئي ڪانه ڪيائون ۽ مرد ٿي منهن ڏئي، موت سان مقابلا ڪيائون. ’تازه نواي معارک‘ جو مصنف به ايترو مڃي ٿو ته، ”ميان غلام مرتضي شاه، عاليجاه سيد محمد ڪاظم شاه، عالم خان مريءَ ۽ شجاعت نشان جهان خان مريءَ جهڙا دلير ۽ بهادر مڙس هن جنگ ۾ ائين مرڻ جا ڪين هئا، پر تقدير ائين هئي.‘

(٢) مير رستم خان جي درٻاري ۽ همعصر شاعر ملا محمد عالم پنهور خيرپوريءَ هن جنگ بابت هڪ فارسي مثنوي ”شاهانامه عالم يعني وقائع جنگ کرڙي“[1] نالي لکي آهي، جنهن جو خلاصو هن طرح آهي:

”عجب اهو جو شاه شجاع بادشاه، جو خانه جنگيءَ سببان پنهنجي ملڪ مان تڙجي چڪو هو، تنهن سمندر جي سپهه سالاريءَ هيٺ روهيلن جي بي انداز فوج چاڙهي موڪلي، جا درياءَ جي پريان اچي صف آرا ٿي. ساڻن توبون هيون ۽ ٻي گهوڙي سوار فوج هئي، جن ٽڪريءَ مٿان اوچتو حملو ڪيو. هتان مير نامدار مير رستم خان مقابلي لاءِ فوج موڪلي.

خونخوار جنگ لڳي، جنهن ۾ جڏهن سيد ڪاظم علي شاه صفون چيري ڇڏيون ته دشمن کانئس ڀڄي پري کان مٿس بندوقون ڇوڙيون ۽ کيس شهيد ڪيو. ان بعد سندس چاچو سيد ابوالحسن تلوار کڻي ميدان ۾ ڪڏي پيو ۽ بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿيو. ابراهيم خان صفون چيري چوٽ ڪري توب هڻندڙن تي حملو ڪري  وڃي ڪن کي ماريو. جهان خان پرواني مثل ميدان ۾ ٽپي پيو. جهڙو سندس پيءُ (عالم خان) جنگ جو جهونجهار هو، تهڙو ئي جهان خان ٿيو، جو سورهيائيءَ سان سر ڏئي سرهو ٿيو. ساڻس گڏ سندس رفيق ۽ خاصخيلين جو سردار هاشم شهيد ٿيو. پهلوان بهادر (خدمتگار) پڻ بهادريءَ سان وڙهندي ماريو. وزير مشير ۽ امير ڪبير دريا خان (نظاماڻي) درياءَ جي موجن وانگر پلٽ ڪئي ۽ پنهنجن رفيقن سان گڏ سر گهوري ميدان جنگ ۾ گهڙي پيو ۽ سيف الدين جينيزي لڳڻ سان مري مانائتو ٿيو. پر آفرين هجي غلام مرتضيٰ شاه جي، جو پنهنجي پوري اٽالي سميت ميدان ۾ شهيد ٿيو.

غلام مرتضيٰ شاه جي مارجڻ تي باقي لشڪر بي دليو ٿي پوئتي هٽيو. جي مقابلو جاري رکن ها ته فتح سندن ٿئي ها. جي پوئتي ڀڳا، تن مان گهڻا درياءَ ۾ ٻڏا. هاڻي سندس فرزند ارجمند کي ڌڻي شل پنهنجي حفاظت ۾ رکي...... اي عالم! سنڌيءَ ۾ گهڻن شاعرن شعر چيا آهن، پر تنهنجو هيءُ شعر يادگار رهندو.

(٣) اسان کي روهڙيءَ جي قاضين مان ڪنهن بزرگ جي بياض ۾ ’کرڙي جي جنگ‘ جا هيٺيان واقعا تاريخن سميت لکيل مليا، جن مان ظاهر آهي ته نواب عالم خان مري ۽ سندس ساٿي هفتو اڳ پهرئين حملي ۾ شهيد ٿيا ۽ خاص ’کرڙيءَ واري جنگ‘ تاريخ ٢٧- شعبان، اربع ڏينهن، سنه ١٢٤٩هه تي لڳي، جنهن ۾ سنڌ جا سورهيه سپه سالار بهادريءَ سان حملو ڪري مٿي ٽڪر [2]تي چڙهي وڃي دشمن تي ڪڙڪيا ۽ اتي ئي وڙهندي شهيد ٿيا.

”٢٠ ماه شعبان روز چهار شنبه سنه ١٢٤٩هه: عالم خان مري، چاڪر خان جسکاني، رحيم خان کوسه، و ديگر بلوچان در مقباله جنگ از آخوند زاده الهداد در لشڪر شاه شجاع الملک شهيد شدند.

٢٧ ماه شعبا روز چهار شنبه سنه ١٢٤٩هه: ديگر مقابله - امير الامراءَ العظام اسود الکبار الفخام، شاه وهمدة خوانين عظام بهادر جنگ جهان خان مري و دريا خان نظاماڻي و بهادر خدمتگار وغيرهم بلوچان در صف جنگ خان والا شان دارا شکوه سکندر حشمت سمندر خان و ديگر افغانان لشکر شاه شجاع الملک بنزديکي شهر بالاي کوه شهيد شدند – انا لله وانا اليه راجعون.“

بياض جو لکندڙ، جو روهڙيءَ جي قاضين مان هو، ان جي آڏو اهي واقعات رونما ٿيا. سندس جذبات جو اندازو بياض ۾ ٻي جاءِ تي هڪ مسخ شده عبارت مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن جا هيٺيان لفاظ پڙهڻ ۾ آيا:

’باشجا ]ع[ سمندر خان افغان

سمندر ز آتش دوزخ نتر سد.“

فصل -١

(١)     شجاع = اي شاه شجاع!

(٢)    نجهرا = جايون – جهوپڙا.

(٣)    راوت رند = اڻ موٽ مرد. قلعي ڪوڏئا = جنگ جا جهونجهار

(٤)    مرتضيٰ = خيرپور جي مير علي مراد خان طرفان موڪليل فوج جو سپهه سالار غلام مرتضيٰ شاه، گولي شاهه جو پٽ هو، جنهن جو نالو فصل -٢ بيت (٧) هيٺ آيل آهي. ميان گولو شاهه، ڪهيري بلوچن جي قبيلي جو هڪ باهمت سردار ۽ مير سهراب خان جو وزير ۽ سپه سالار هو. انهيءَ عهدي ۽ عزت سببان کيس ’شاهي‘ جو لقب مليو ۽ ذاتي نالي ’گولي‘ جي بدران ’گولا شاه‘ جي خطاب سان مشهور ٿيو. اهو  خطاب سندس اولاد ۾ پڻ پشت به پشت هلندو آيو، ۽ انهيءَ ڪري سندس اولاد ’شاهاڻي‘ سڏجڻ لڳو. سندس وفات تي کيس قبرساتن ’قادر بخش جا قبا‘ (خيرپور کان اٺ ميل اوڀر طرف) ۾ دفنايو ويو. قادر بخش فقير جي قبي کان اولهه طرف وڏي قبي ۾ وچين قبر گولي شاه جي آهي، جنهن تي اسان (٢١- آڪٽوبر ١٩٥٥ع) سندس وفات جي تاريخ هيٺينءَ طور ڪاري مس سان لکيل ڏٺي، ”تربت مرحوم ميان گوله شاه رحلتش ٢٢- صفر ١٢٣٧هه.“

ميان گولي شاهه کي پنج پٽ ٿيا: غلام مرتضيٰ شاهه وڏو هو، جو مير علي مراد جي دربار سان وابسته رهيو، ۽ سندس خاص وزير ۽ سپه سالار ٿيو. غلام مرتضيٰ شاه کرڙيءَ واري جنگ ۾ شهيد ٿيو ۽ کيس پنهنجي پيءُ جي قبي ۾، پيءُ جي قبر سان لڳولڳ اوڀر طرف دفن ڪيو ويو. اسان سندس قبر تي وفات جي تاريخ ڪاريءَ مس سان هن طرح لکيل ڏٺي: ”تربت مرحوم مغفور جنت جا يگاه ميان غلام مرتضيٰ شاه عليه رحمة- تاريخ شهادتش ٢٨ ماه شعبان المبارڪ ١٢٤٩ روز چهار شنبه شهيد شد‘ اها ٢٨ تاريخ غلط آهي ۽ صحيح ٢٧ ماه شعبان اربع ڏينهن ئي آهي. غلام مرتضيٰ شاه پويان ٻه پٽ ڇڏيا، گولو شاه ثاني۽ غلام شاه، جن جو اولاد اڃا تائين خيرپور ۾ موجود آهي.[3]

(٥)     کرڙي = ’کرڙي‘ جي ميدان واري جنگ.

(٧)    دنگ ٻڌي = جنگ جي سختيءَ جو سڻي.

(٨)    ڪونڌ = ڪونڌر – پهلوان. نونڌ = سسيءَ کان سواءِ ڌڙ – لوٿون. نونڌ نچندا پس = لوٿون لڇنديون ڏس.

(٩)    ڪا نئين = ڪيٻائڻ واري ڳالهه – هيڻائيءَ واري پچار. مٿان تن = بدن تان – سر تان.

(١٠)   علم طوق = سهڻا شاندار جهنڊا. لوٿون لڇن = سسين لٿل ڌڙ ڦٿڪن.

(١١)   پوه = پهه – ارادو. ماڻ = ماپو (ان ڀرڻ جو) يعني همت ۽ حوصلو. راه ڀرڻ = ان جي راه کي ماڻ (ٽوئي وغيره) سان مئڻ، راه ڀريندو رڪ جي = توارين (رڪ) سان جنگ (راه) کي توريندو.

(١٢)   آرڻ = جنگ. ڀيٽو = ڪانئر = گيدي. سائو = صبر وارا سورهيه.

(١٣)   پڙ ۾ = ميدان ۾ پوڙيءَ رنگ = ’پوڙي رنگ‘، جو واڍا کٽن جي ڀاڳن کي ڏين – کهنبو رنگ: هت معنيٰ ڳاڙهو رنگ (رت سان ڀريل زخميل مٿا). مانجهين = سورهين. مولهيا = پٽڪا. ترنگ = گهوڙا (سهڻا ۽ طاقتور). راماڻا = سراڙا – جلهه وارا تکا حملا.

(١٤)   مڇائيا = وڍائيا.

 

فصل -٢

(٣)    سپجي = پيدا ٿئي، حاصل ٿئي.

(٤)    لوڀ = کٽيو – نفعو.

(٦)    اگهوري = وڏا پهلوان ۽ سورهيه. پسماند = ضعيف – هيڻو. پاسي ٿي پسماند = اي هيڻا ضعيف تون ڀڄي پري ٿيءُ. سرواهيون = تراريون.

(٧)    گولو شاه = مرتضيٰ شاهه جو پيءُ. ’هيءُ گل گولي شاه، پرکا ڪارڻ پوکيو‘. = يعني گولي شاه جي گهر سندس پٽ مرتضيٰ شاه ڄڻ پرکا واسطي پيدا ٿيو هو.

(٨)    منير = روشن بخت وارو.

(٩)    ڪيڪاڻ = گهوڙو

(١٠)   رت ڀڪليا = رت سان ڀريل. دس = بندوقن ۽ توبن جا فير

(١٢)   آڱرا = عضوا

(١٧)   تو سيڱا = تو جيڏا

(٢١)   چٽ چٽائي مانگ = عورتن وانگر سينڌ ويهي سينگار.

 

فصل – ٣

(١)     مادر زاد = مائن جا پٽ – يعني هيڻا ۽ ڊڄڻا. رانئيا = يعني جنگ قبولي شهيد ٿيا. (رت ۾ ڳاڙها ٿيا) سرفروشن = سر ويچن. شجاعي = شاه شجاع جا ماڻهو.

(٢)    مامري = معاملي. مٿان آئي مامري – الخ. = ڪا تڪليف مٿي تي اچي وئي ته مڙڻ واري وائي نه ڪندا. ڪونئر = شهزادا – نوجوان

(٤)    ترنگ = گهوڙو (سهڻو ۽ طاقتور). پڙ = ميدان (جنگ جو). پاهورو = توبرو. پاهوروڪرڻ = (توبري مان) داڻو کائڻ – قوت ڪرڻ. رت جهٻيلون = رت سان پسيل ۽ ڀريل. سرنگ = رنگدار (ڳاڙهي رت سببان سنجن جو رنگا رنگي ٿيڻ). درنگ = دورنگا – دغاباز، هن بيت ۾ خليفي صاحب جنگجو پهلوان کي طاقتور گهوڙي سان تشبيهه ڏني آهي، جو جنگ جي ميدان ۾ جوش مان تير ڪرٽي پيو کائي ۽ رت سان پنهنجي سنج پيو رڱي.

(٥)     مڙي ذات مريءَ جي- الخ = مري بلوچ قبيلي جو سردار (جهان خان مري) انهيءَ جنگ جي ميدان واري ڳليءَ ۾ ڀلا ڪيئن پوئتي موٽي يا ڊڄي! چينه = سوري. ڪلنگيون جن ڪپار ۾ = جنگ جا اڳواڻ شهزادا.

(٦)    پائي تن پرک = انهن کي نظر ۾ رکي (مٿن حملو ڪري).

(٨)    پاکر = زرهه.

(٩)    تن توڪل پاکرئو = اي سورهيه تنهنجو جسم توڪل جي زهر سان ڍڪيل آهي.

(١٠)   رڻ = جنگ جو ميدان. راوت = جنگجو پهلوان. رڪ = ترار. سيف = ترار. تيموري ترڪ = تيمور شاهي پٺاڻ.

 

سر سسئي

مقصد: ١- پنهونءَ سان منهنجو ازل جو انگ لکيل هو. سهڻا ساٿ ڌڻي آيا، جي منهنجو سڄڻ ساڻ وٺي ويا.

 

 

فصل -٢

(١)    ڀؤ ڀوارئون = خوف وارو – هيبت وارو.

(٢)    ٻئي ورن = ٻئي رنگ وارا – دو رنگا.

(٣)    دوري دس = ڏوراهين ڏيهه.

(٤)    ڪرهه لڏيندي = ڪرهن پلاڻيندي – اٺن لڏيندي.

(٥)    جيٿي = جيڪر – جي هوند. چائيان = چوائيان.

(٦)    اساري = ويسري.

(٨)    مولدان = ]بلوچڪي = ٻانهيون (جمع)[ ٻانهي.

(٩)    ڇمان = ]بل.[ اکيون. جان = ]بل.[ حلقو – ماڳ. روان =  ]بل.[ وڃان. هلڪ روان = انهيءَ ماڳ وڃان – انهيءَ ساٿ سان وڃان. گوانڪا = ]بل. سڏڻ. گوانڪ = سڏ[  سڏ. گڏا = ]بل.[ پويان. ورناهي وريام = نسخن جي پڙهڻي ائين آهي، پر غالبا اصل صحيح پڙهڻي ’ورنائي وريام‘.

(١٠)  نند = ]بل.[ ويهه. ايذا = ]بل.[ هتي – هيڏانهن. ٻيا =  ]بل.[ اچ. مئي گرا = ]بل.[ اسان وٽ. نند ايذا بيا مئي گرا = هتي اچي اسان وٽ ويهه.

(١١)   ٻه پوت = ٻه ڏر – ٻه ڀاڱا.

(١٢)  بِل = ]بل.[ ڇڏ. ٿؤ = تون. بل ٿؤ + تون ڇڏ. قمچي =  ]ترڪي.[ چهوڪ – چابڪ. ڪوچ = پلڻ – پاکڙو. لوچ = ڳولا.

(١٣)   ٻالو پڻ ٻنڌان = ٻالاپڻ جو نينهن – ننڍي هوندي جو ناتو.

(١٤)  ڦاذا = ]بل.[ اٿ. اٿڻ. بل ٿؤ ڦاذا باتڙي = ١- اٿڻ يا وڃڻ جي تون وائي ڇڏ. ٢- تون ٻي وائي ڇڏ ۽ اٿي هل. دوشي = ]بل.[ گذريل رات. دوس = دوست. ڪيا = ڪيئن. بانگوا = ]بل.[ صبح جو سوير – پرهه ڦٽي.

(١٥)   م ڪنون = ]بل.[ م ڪر – نه ڪر. رم = هل – وڃ. مروشي = ]بل. مروچي[ اڄ. روش = ]بل. روچ[ ڏينهن. م ڪنون بانگوا باتڙي – الخ. = سڀاڻي صبح جي وائي ڇڏ، اڄوڪي ڏينهن هل.

(١٦)  برو ڦاذا = ]بل.[ هل اٿ.

وائي-١: هٿ پڳڙين = پيرن تي هٿ. مين = مين کي – اٺن کي.    قلات = ڪلات = قلعو= ڪيچ قلات = ڪيچ جو قلعو

وائي -٢: سندي ڏونگر ڏور = جبل جو پنڌ ۽ ڳولا. اتور = سڻا        (سپرين).  هور = ڊپ. سڪ اتور = گهڻي حب.

وائي -٣: پيزار = جتي. انهن جي = اوهانجي. ڪه = پنڌ جي منزل.   ڪارڻي = ڪارڻ ڪندڙ وسيلا.

وائي -٤: اي تون ڀينر – الخ. = اي ادي تون ڳهلڙي ۽ اويسري 

ٿئين، تڏهن هينئر پرينءَ آڏو پلئه پائي پئي آزيون ڪرين. ٻنڀان تو نه ٻري =  منڍان توکي اڻ تڻ نه ٿي.

 

فصل -٣

(٢)    پهائيان = سمجهايان ۽ مڃايان.

(٣)    سنڀوڙا = سنڀريا. سرواڻ = ساٿ ڌڻي. پٿ پلائڻو = ساٿ سنڀاهيو. انهيءَ پوه پرياڻ = انهيءَ پهه ۽ سوڻ سان.

(٨)    هيڪاند = گڏ.

(٩)    ڪاڪل = وار. بگ بري بوتا = بَر جا بگا اٺ. ڪلاتي = ڪيچ ڪلات جا رهاڪو. ڀڃو = گذاريو.

(١١)   ات = انتِ راز. ڪرم = نصيب. نوم = ننڊ.

(١٢)  امارو = پڪو پهه ۽ پوري تياري (اشارو)

(١٤)  کنڊئو = جانچيو

(١٧)  سافرن کي = سفر وارن کي. مهند = اڳتي

(١٨)   هاڻو = ڌاڙيوال

(١٩)  آيل = اي ماءُ. آنهن = اوهان کي

(٢٠)  ڪان تان = جان تان. ڀيڙي ڀون = مري، زمين اندر مدفون ٿينديس.

وائي-١: درد ڌوڻيس ديهي = سور ڏيل ڏڪايس. ديهه = جسم

وائي-٢: مارڳ = واٽ. ڏوري = ڳولائو

وائي-٣: ڪري ڪيسريا = ڪيسر – رتا ڪپڙا پائي.

 

 

فصل-٤

(٢)    لڏم = ڊج نه. سڏان = سڏجي آوز کان.

(٣)    ورچي = ٿڪي. وراند = موٽ مانڌ = ماندگي. تڪليف. پهڻ = جبل.

(٤)    ساڌڻ = پوڄڻ. ورائي ورائي سارڻ يا پڙهڻ (’جهاڙون ساڌبيون آهن‘). سور ساڌي = سور ساري – سور سهي ۽ پنڌ جو ڪشالو ڪري.

(٥)    سورن واڳيون = سورن ڀيڙيون

(٦)    ڏک نه ڏڌڙيون = ڏک کين مهميز نه ڏني.

(٧)    تين = تڏهن. تنهن ڪري ڏي م ڀر = ڀروسو نه ڪر. پاڄياڻين پر = خادمن واري ريت.

(٩)    ڏوريان ڏور = پري کان پري

(١٠)  مڇڻ = متان. ورهه وهائيين = نينهن خريد ڪرين. اتوري = اڻ توري – گهڻي. الٽ = اٽل.

(١٢)  لس = گهڻا – بي انت. هبس = ١- سوڙهه – گهٽ – مونجهه. ٢- هنبس – واويلا.

(١٣)   منهان = مون کان. مقادي = مقاطعي تي – ٺيڪي تي.

(١٤)  سول = (سور – سورج) سج. لٿي سول = سج لهڻ بعد

(١٥)   اڏيو ڇڏي = اجهو ڇڏي – گهر ڇڏي.

(١٦)  ڏک = شاديءَ وقت ڪنوار جو سينگار، ڏک چڙهڻ، ڏک ويهڻ = ڪنوار ٿي سينگارجڻ. ڏکئون چڙهندينءَ ڏک = ڏکن کان پوءِ سهاڳ جا سک ماڻيندينءَ.

(١٧)  اليوم = اڄ.

(١٨)   ڪرهه پلاڻيان = ڪرها پلاڻيا – اٺ پلاڻيا. قد قبي = قبي جي قد جيڏا – وڏا قداور.

(١٩)  جپ = جمعيت – ماٺ

(٢١)  ملا = وٽان

(٢٢)  مرڻ سيئن = موت تائين

(٢٣)  ميڙائي جي = وصال جي. سمن = مقرر جاءِ تي هڪ ٻئي سان ملڻ جو وعدو. سنگهر = پٻوڻيءَ جي لڪ کان پريان ۽ ’منهار‘ جي ڍوري جي اوريان هڪ جوءِ يا ايراضيءَ جو نالو، جتي سسئيءَ جي قبر آهي. سنگهر پٽيين = ’سنگهر‘ واري ماڳ تي.

(٢٤)  ووءِ ووءِ = واويلا. وڙن = نڪارن. ماند = نست – ڪمزور.

وائي -١: پوت = ٻه اڌ – اڌواڌ.

وائي-٢: ڏيئي تن تڪڙا = ڏيل کي ڏنڀ ڏئي – جان کي ڏک ۽سور        ڏئي.  چارا سڀ چڪڙا = سڀ حيلا رد ٿيا.

وائي-٣: وڃي پاهه پرينءَ کي = سڄڻن کي وڃي منٿون ڪري        مڃاءِ.

وائي-٤: ميان ڏوهه نه ڪوئي = اٺن جو ڪوبه قصور ڪونهي. ڏاگهان آڇ نه ڏوئي = ڏاگهن کي پٽ پاراتو نه ڏي.

 

فصل -٥

(١)    اڌاڻي = قصد ڪري اٿي. سڳر = واٽ.

(٢)    مارڳ = واٽ. رومن = ذرا ساه کڻن ۽ ترسن: اولاڻي = اٺن تان بار لاهي.

(٦)    سانگ = آسانگو – لڳ لاڳاپو. ٻڌي ٻوٿ = يڪيءَ سٽ – بنا ساهيءَ. ٻڙانگ = ٻيرانگ = وڏي وک. لانچيو = جانچيو. لڪن لانگ = لڪن جا لنگهه. گڙانگ = اٺ. ماري = ماريندڙ.

(٧)    ڏکندو = بلا – مصيبت. ڪور = انڌا. هور = ڏک ڏاکڙو. اڳي جي نه ائين ٿيو = جي ازل جوانگ ائين لکيل نه هجي ها.

(١١)   ڏيل گدازو = جسم ڳاريندڙ – سخت گرم.

(١٢)  پرنيا = سپرد ڪيا – حوالي ڪيا.

(١٤)  ڏکاڪن = آڏو جهلون ڪن. نهارن = بگهڙن – مروئن (مرن).

(١٥)   داڙو = مددگار – وسيلا.

 

فصل -٦

(١)    گهرنديءَ مس = سونهاري  جي ريهه سان – سهڻو جوان.

(٥)    ساڻس توڏ تهو = ساڻس اهڙو ساٿ. سهو = سنگت. سٺو.

(٩)    اوجل = اوجر. زيب. مونگهٽ = موڙ. ڍڪ. حجاب.

(١٠)  ڏائي = ڏائي پاسي کان ٻوليندڙ تتر (جو پهرئين پهر ٻولي ته بد سوڻ اهي). جيڻا = اي سڄي پاسي کان ٻوليندڙ تتر (جو پوئين پهر ٻولي ته چڱو سوڻ آهي). مرگهه مالارو ٿئي = مرگهه ۽ مالارو ٿئي (يعني هرڻ ۽ مالاري پکي جو ڪ سوڻ ڏيرن کي ٿئي، جيئن اڳتي وڌي نه سگهن). نديءَ پاڻي پور = آڏو نئن ڀريل هجي، جيئن اڪري نه سگهن. دائي ان دستور = ١- هي ٻانهي انهيءَ طرح. ٢- ان طرح من ڪا ڌائي پوي. (آڏو رنڊڪ يا تڪليف پيدا ٿئي).

(١٤)  ساوج = ٻيلائي شينهن.

(١٥)   بورائو = سونهون. پنهونءَ پرني پاڻ = پنهونءَ کي پان سونپي.

(١٦)  راڱا = مرون. ٻيلائي شينهن. موم ڪيا مهميز – الخ = سورن جي سٽ (مهميز) پوري طرح (سجهائي) هيڻا ڪيا (موم ڪيا).

(١٧)  ببر = ڪيهر شينهن. ڏيپلا = چيٽا (شينهن).

(١٩)  روڏ = جبل جا وڏا ڪارا ڪانءَ.

(٢١)  پڳ جهيڻا = پير آهستي (ٿڪ وچان) – آهستي وکون. جنبور = جهنگلي ڪتا.

(٢٢) فوقل سنگ = (فوق = مٿان. سنگ = پٿر) پٿرن مان. رجل =         پير. راف = نرم – هيڻا. قاف = جبل. ستي سنگهر پٽيين =    ’سنگهر‘ جي جوءِ ۾ وڃي زمين داخل ٿي.

وائي-١: سونهريون = تراريون. بيٺ = چيلهه وارو سندرو.

 

فصل -٧

(٢)    لهه = ناتو

(٣)    سانڍيئي = پاليئي

(٧)    ڪور = انڌو

(١٢)  لايموت فيها ولا يحيٰ (آيت) = نڪي ٿو ان ۾مري، نڪي جيئي.

(١٣)   ڪڙم = (پير ڪڙڻ = پيرن کڻڻ وقت پيرن جي نشانن جي چوڌاري ليڪ ڪڍڻ) ليڪ نه. ڪپير = ڪپيري – ڪواٽ.

(١٤)  طالب الموليٰ مذڪر = موليٰ جو طالب مرد (باهمت) آهي.

(١٥)   فليضحڪوا قليلا – الخ (آيت) = پوءِ مر ته ٿورو کلن، ۽ مر ته گهڻو رئن.

(١٦) ڇيهه نه ڇتو = انت نه لڌو.

(١٧)  آڙون = آهڙون (پير کڻڻ وقت، جنهن طرف پيرو وڃي، ان طرف آڏو وڃي پير جانچڻ پير آهوڙڻ.

(١٩)  من عرف نفسه - الخ = جنهن پنهنجو پاڻ سڃاتو، تنهن بيشڪ پنهنجي رب کي سڃاتو، نئان = پاڻيءَ جي هيٺاهين وهندي. ڪڙج پيرڙا = پيرن جي نشانن کي چوڌاري ليڪا ڏج.

(٢١)  رايت ربي بربي = مون پنهنجي رب کي ڏٺو پنهنجي رب جي وسيلي. سري صم بڪم = مون کي ٻوڙاڻ ۽گونگائي پلئه پيئي.

(٢٢)  قلزم ڪن ۾ = اونهي سامونڊي ڪن ۾. ٻيو = ٻيائي

وائي-٢: حماتي = حمايتي مددگار. ڪنيزڪ = ٻانهي.

 

سر سورٺ

مقصد-١: وڏي گن وارو ساز وڄائيندڙ منگتواوچتو اچي جهونا ڳڙهه ۾ سهڙيو، ۽ پنهنجي گن گيان سان اهڙو ته سرندو وڄايائين، جو سندس تند جي تنوار راءِ کنگهار کي موهي وڌو ۽ چيائين ته جو سر توگهريو، سوئي توتان گهوريندس. سورٺ گهڻيون آزيون ڪيون،مگر منگتي چيو ته، مٿي ڌاران ٻيو ڪي به ڪين قبوليندس. ٢- راجا، منگتي کي ڪوٽ تي مٿي سڏايو ۽ کيس سر ڪاٽي ڏنائين: ”ڪاتي، ڪنڌ، ڪماچ، ٽيئي پرتا پاڻ ۾.“

پس منظر: هن سر جو پس منظر راءِ کنگهار، منگتي ۽ سورٺ جو مشهور داستان آهي.

فصل-١

(١)    گن گويو = وڏي گن وارو ڳائيندڙ.

(٤)    ڀيرم راڳ = يعني ڀيرو يا ڀيرؤن راڳ، جو ڇهن راڳن مان هڪ مکيه راڳ آهي. بباس يا ڀڀاس = ڀيرون ٺاٺ جي راڳڻي: ڀيرون جا ٻه سر (نکاد ۽ مڌم) ڪٽبا ته ڀڀاس راڳڻي ٺهندي، جا صبح جي راڳڻي آهي، ۽ ’صبح جي سوال‘ جي لحاظ سان موزون آهي. ڀيرم راڳ بباس = ڀيرون ٺاٺ جي بباس راڳڻي.

(٩)    تسين = تحفو.

(١٠)  سرو سنگ سبحان = ڌڻيءَ (سبحان) لڳ سر گهوري ڏي.

 

فصل – ٢

(١)    توشو = تحفو.

(٢)    پٿون = ذرو (ذرا ذرا).

(٦)    سندائين = ستائين. مڃائين.

(٨)    کوڻي = ڪنڊ -  خاص جاءِ. طير = پکي.

وائي:  مرجان کرکجن = ڀل ته رقيب سور سهن. سڀئي ڪاڄ سجن = سڀ ڪم سهڻا ٿين.

 

 

سر بيراڳ هندي

مقصد: هن سر جو مول مقصد هڪ ڌڻيءَ جي طلب ۽ سچي سڄڻ جي تلاش آهي.

پس منظر: هن سر ۾ ’رام ڀڳتيءَ‘ جي اوائلي موحدانه تحريڪ جو عڪس نمايان آهي، جنهن موجب ’رام‘ جو تخيل، ’رام پٽ دسرت‘ نه، بلڪ هڪ ڌڻي آهي.

(١)    پان = پن. رام رمي هر چند = هر وقت ’رام‘ (ڌڻي) سمايل آهي. کلي آپ کلاري هووي = پاڻ کيڏي ٿو ۽ پاڻ کيڏاري آهي.

(٢)    دهائي = پڪار – سڏ. رام دهائي = ڌڻيءَ جي نالي جي تنوار – ڌڻيءَ جي وائي.

(٥)    پان، ڦول – الخ = پن توڙي گل پاڻيءَ جي پيدائش آهن، ۽ ڏانڊي خود پاڻي آهي. ڀيدڪي = راز جي. ڦل لڪڙي ڪا باپ ميوو (ٻج) ٿڙ جو پيءُ آهي.

(٦)    سپنا! = اي خواب! باپ = پرين. اب = هينئر.

(٧)    سو گندهي = قسم آهي. پِي = پرين. تم پر وارون جي = توتان جند قربان ڪريان.

(٨)    من ڪي کولون گانٺ = من جي ڳنڍ کوليان – دل جو راز ظاهر ڪريان. سؤ من شڪر – الخ = سؤ مڻ کنڊ پير جي مڃتا طور يڪدم ورهائي ڏيندس.

وائي-١: جام جام = ڄام ڄام – سردار. تج دي = ڦٽي ڪر. ڇڏي ڏي.

وائي-٢: جوڀنان = جوڀن – جواني. رمت رمت = گهمڻ ڦرڻ. دنڙا =   ڏينهن. رين گمائي سو = رات سمهي وڃائي.

 

سر جوڳ

مقصد: محبت ۽ مجاز هن سر جو مکيه مقصد آهي.

پس منظر: هن سر جو پس منظر هير – رانجهي جي محبت جو      داستان آهي.

فصل -١

(١)    جوڳ = جوڳ جي راڳڻي، جنهن جو مضمون محبت ۽مجاز آهي. پيرين = پوڙهن کي.

(٤)    مليندا = ملائي ٿو.

(٥)    دردي = (محبت جي)درد وارو. محبت ٻاجهؤن = محبت کان سواءِ.

(٦)    لڳي لڙهه تيڏي = تنهنجي دامن لڳي.

وائي – ١: پيڙان دا = سورن جو.

وائي-٢: ٿيان = ٿي آهيان – سڏي آهيان، دن رينون = رات ڏينهن.

وائي-٣: اين ٻيلي وسدا = هن ٻيلي ۾ رهي ٿو.

وائي-٤: موچيان والي = جتي – پادر.

وائي-٧: ڀاوي = پسند اچي – وڻي. منجهين دا = مينهن وارو.

فصل-٢

(١)    منهن مسڙيانرا = منهن تي ڏاڙهيءَ جي نئين ريهه وارو.

(٢)    کيڙا تروڙ پتل دا پيڙا = کيڙي کي، جو پتل جي ڪوڙي ڪنڍي آهي، ٽوڙي. ويرا = ڀاءَ.

(٣)    مراد ميڏي شه ماهي = منهنجي من جي مراد ماهي سردار آهي. کوءِ تلي پيا = کوهه جي تري ۾ پوي.

(٥)    سڀ سيالي = ذات جا سڀئي سيال. لک واري نت وارون = لک ڀيرا سدائين قربان ڪريون.

(٦)    ڇٽا ڪبيرئون = ڪبيري (وڏي) گناهه کان آزاد ٿيو.

(٨)    ڪٿ شهر پپل ملڪاڻا = ڪٿي ملڪن يعني کيڙن سردارن جو ’پِيل‘ شهر.

وائي-١: نتي = واسطي. راهه ڀليندي = واٽ نهاري ٿو. چاڙهه ڀلا     ڪجهه چتي = ڀلا ڪجهه چِت لاءِ. لوڪ پٽي پٽ لڀتي = ِتل         پٽ، ماڻهن اکيڙيا (ڍڪيل عيب ماڻهن پڌرا ڪيا). مول نه    پوون پتي = دل تي بلڪل اثر ئي ڪين ٿا ڪن.

وائي-٣: جهيڙيان = جهيڙو ڪيائون. ڪول اساڏي = اسان وٽ.       ڌتيان دا ويڙا = ڌوتين جو پاڙو. منجهين وال = مينهن واري.      سر اساڏي – الخ = رنون طعني وارو تار اسان جي سر تي اچي         ٿيون چڪائين. بديان ڇايان = تهمتون مڙهيون.

وائي-٥: لهه پئي هول = ڊپ ڊاءَ لهي پيا. گردول =ڪن. ڍول = دهل.

وائي-٦: برهه پڙهايم باني = نينهن مونکي وظيفو پڙهايو. ويکڻ     سيتي = ڏسڻ سان

 

سر جهنگلو

مقصد: دوست جي دلاسي سان غم ويو ۽ خوشي آئي، دوست آيو ته مبارڪون مليون ۽ خوشيءَ جون محفلون مچي ويون.مردانگيءَ وارو فقير آهي اهو، جو پنهنجو پاڻ ترڪ ڪري ۽ دنيا جي پرواه نه ڪري، نڪي سوال ڪري ۽ نڪي مال ميڙي، عشق کي پنهنجو رهنما بنائي ۽مراد ميسر نه ٿيڻ ۾ ئي پنهنجي خوشي سمجهي ۽ جو توڪل جي تند وڄائي ۽ ڌڻي ريجهائي.

پس منظر: حقيقي دوست جي طلب، تن ۽ طمع کي ترڪ ۽ ڌڻيءَ تي توڪل وارا رندانه خيال هن سر جا مکيه سرچشما آهن.

(١)    متا = موڪليو.

(٢)    پيڙ = درد.

(٣)    گهليا = موڪليو.

(٤)    درون په آيا = اندر گهڙيو آيو. مطرب = ساز وڄائيندڙ.

(٥)    رن دا = دنيا جو.

(٦)    عشق رکي هٿ عاصا = عشق جي عصا هٿ ۾ رکي.

(٧)    عالم خوش مرادين دي وچ = ماڻهو مرادن پڄڻ ۾ خوش. زاغ زغن اشيان زمين تي = ڪانون جو آکيرو زمين تي.

وائي-١: ڌتي ڪنهن ڀرمائي = ڪنهن ڌوتپڻي ڪندڙ کيس   برغلايو. رک بيٺا ڪٿ رائي = ڪٿي دل لائي ويٺوآهي.      ڍولڻ   ٻاجهون = دوست کان سواءِ.

وائي-٣: بشهير = ڪارو زهري نانگ. اڪاڻي = ختم ٿئي.

وائي-٥: سمنان ڪون = رکيل وعدن کي.


[1]  ھي قلمي نسخو اسان کي محترم عطا محمد صاحب حاميءَ (خيرپور) جي مھربانيءَ سان مليو، جنھن جي آخڙ م ڪتابت جي تاريخ ھن طرح ڄاڻايل آھي: از يد حقير پر تفصير آثم فتح چند ولد ديوان ٽھلورام سيوستاني نانواني واقع خيرپور جناب مير صاحب بھار بتاريخ ٢٩ ماه رمضان سنھ ١٢٨٦ھ، بروز يکشنبه تمام شد.“

[2]  غالبا شھر لڳ موجوده واٽ رورڪس واري ٽڪري.

[3]  ھن پوئين  وقت ۾ منجھائن ميآڻ شاھ مردان (پٽ نور شاھھ پٽ حسين شاھ پٽ غلام پٽ غلام مرتضيٰ شاھح٩ سان اسان جي ١٩٥٥ع ۾ ملاقات ٿي جو نھايت مھمان نواز، خوش خلق ۽ ھڪ ھمت ڀريو پھلوان مڙس ھو جنھن کي ڏسي قدري سندس وڏي ڏاڏي غلام مرتضيٰ  شاھھ جو خيال دل تي تري ٿي آيو. ٽي سال کن ٿيا جو ميان شاھ مردان ڪنھن منصوبي سسبان بي گناھقتل ٿي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org