سيڪشن: شاعري

ڪتاب: خليفي صاحب جو رسالو

باب:

صفحو:3 

پنهنجي مربي ۽ دوست مير باگي خان جي وفات کان پوءِ خليفي صاحب کي بڊام وارن پڊن ۾ رهڻ ذرا ڏکيو ٿي پيو هو. انگريزن جي قبضي بعد ٽالپور اميرن جو اڳيون اوج باقي نه رهيو ۽ انگريزن پڻ پنهنجي رٿيل منصوبي سببان کين خانداني جهيڙن جهڳڙن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري انگريزن جي قبضي بعد، خليفي صاحب بڊام وارا پڊ ڇڏي اچي ٽنڊي باگي شهر کان ٦ ميل اوڀر طرف باگي واه جي اترئين ڪپ تي موجوده ڳوٺ (تعلقو ٽنڊو باگو) ٻڌو. سندس فرزند مراد علي ۽ احسان علي ان وقت زنده هئا. اصل ڳوٺ ’مٺيءَ‘ جي نالي سان هن نئين ڳوٺ جو نالو پڻ ”مٺيءَ وارا خليفا“ مشهور ٿيو،[1] جو خليفي صاحب ڳوٺ تي پنهنجو نالو رکڻ مناسب نه سمجهيو.

سن ١٢٦٤هه ۾ جناب پير صاحب علي گوهر شاهه صاحب ”اصغر“ وفات ڪئي ۽ مرشد مربيءَ جي قرب محبت وارين صحبتن کان محرومي خليفي صاحب لاءِ هڪ وڏو روحاني صدمو نبي. جناب پير صاحب ’اصغر‘ جن کان پوءِ سندن فرزند پير صاحب حزب لله شاه (تخت ڌڻي) سجاده نشين ٿيو. سجاده نشينيءَ وقت سندن عمر اڃا پورا پنج سال به ڪانه هئي. خليفي صاحب جي عمر ان وقت ٧٣ سال کن هئي. جناب حزب لله شاه جن جي تربيت ۽ تعليم جي باري ۾ خليفي نبي بخش صاحب وڏو بهرو ورتو. هڪ ڀيري خليفو صاحب درگاه تي ويو ته ڏٺائين نوازيو نالي ڪامي (خادم) ۽ ٻيا، بلبلين ڦاسائڻ خاطر پيا پير صاحب جن سان گڏ ڍٻ اڏارائين. خليفي صاحب کين زبردست تنبيهه ڪئي ته: ’اڙي نمڪحرام! اوهان به ڪامي ٿيا آهيو، جو اهڙا ڪم پيا ڪريو، اوهان ته هن کي پير جو پٽ سمجهي پيا راند ڪرايو، پر هن صاحبزادي ۾ اها مڻيا آهي، جو جيڪي جيئرا هوندا سي ڏسندا، اوهان کي ڪو عالم ڪونه ٿو ملي، جو پير صاحب جن کي سندس حوالي ڪريو، جيئن استاد جي اجازت کان سواءِ ڪنهن به ٻيءَ ڳالهه ۾ مشغول نه ٿئي.“ ان بعد جيستائين پير صاحب جن جي تعليم جو انتظام نه ٿيو، تيستائين خليفي صاحب درگاه ڪانه ڇڏي.

خليفي صاحب جو وڏو فرزند مراد علي ڪجهه اڳ ۾ لاولد فوت ٿي چڪو هو. ان بعد سندس ٻئي فرزند خليفي احسان علي پڻ خليفي صاحب جي آخري عمر ۾ وفات ڪئي. خليفي صاحب لاءِ هاڻي باقي سهاور سندس پوٽا (خليفي احسان عليءَ جا پٽ) غلام نبي ۽ علي بخش وڃي بچيا. زندگيءَ جي هن پوئين دور ۾ خليفو صاحب فقط مرشد ۽ درگاه جي زيارت لاءِ ويندو هو، باقي سندس سڄو وقت ڳوٺ ۾ ئي ٿي گذريو، جتي سندس ساٿرين، درگاه جي خليفن ۽ جماعت جي فقيرن اچي ٿي ساڻس صحبتون ڪيون. سڄي عمر جي دستور موجب آخر دم تائين عبادت ۾ مشغول رهيو. نماز جا پنجئي وقت تهجد ۽ اشراق سميت پڙهندو هو ۽ رمضان شريف جي مهيني کان سواءِ پڻ هر مهيني جا اڪثر ڏينهن روزي ۾ گذاريندو هو. پنهنجن پوٽن، غلام نبي ۽ علي بخش جي تربيت ۽ تعليم طرف آخري دم تائين سندس توجهه رهيو. سندس وڏو پوٽو غلام نبي، عاقل، بالغ ۽ نوجوان هو، جو خليفي صاحب وفات ڪئي.

خانداني روايتن موجب خليفي نبي بخش صاحب ڪافي وڏي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ وفات وقت سندس عمر ڪم از ڪم نوي سال هئي. انهيءَ اندازي موجب خليفي صاحب سنه ١٢٨٠هه (١٨٦٣ع) ڌاري وفات ڪئي. وفات واريءَ رات جي شام جوسندس صحبتي ۽ ساٿياري، ڳوٺ ’مور‘ (لڳ ڏندي) جو ميون (ذات جو ترڪ) کيس ملڻ لاءِ آيو. خليفو صاحب بيمار هو ۽ ٻاهر نڪرڻ جهڙو ڪونه هو، سو پنهنجي پوٽي غلام نبيءَ کي سڏي چيائين ته: ’ٻاهر وڃي ميين سان مل ۽ ڪچهري ڪر. منهنجو وقت پورو ٿيڻ وارو آهي، انهيءَ ڪري ميين سان اهڙي ته سهڻي مجلس وڃي ڪر، جو ائين نه سمجهي ته خليفي کان پوءِ پويان ڪا پهر باقي نه آهي. منهنجا کيس سلام ڏج۽ چئج ته هن وقت ٻاهر اچڻ جهڙو ڪونه آهيان، باقي صبح جو ملنداسون. غلام نبيءَ کي ايتري تعليم ۽ تربيت ملي چڪي هئي، جو هن خليفي صاحب جي منشا مطابق ميين سان وڃي سهڻي ڪچهري ڪئي. خليفي صاحب رات جو وفات ڪئي ۽ صبح جو ميون سندس جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيو. خليفي صاحب کي سندس ٻاهرين اوطاق ۽ مسجد لڳ اتر طرف دفن ڪيو ويو، جتي سندس مزار اڄ تائين موجود آهي.

خليفي صاحب جو اولاد

خليفي نبي بخش صاحب کي ٻه پٽ ٿيا: مراد علي۽ احسان علي، جي ٻئي خليفي صاحب جي حياتيءَ ۾ فوت ٿيا. مراد علي وڏو هو ۽ لاولد فوت ٿيو. ننڍو احسان علي ١٢٥٩هه کان پوءِ به ٻه ٽي سال زنده هو، هڪ روايت موجب خليفي صاحب سندس شادي ڳوٺ مير خان لغاري (تعلقي سڪرنڊ) جي ’سير ڪاڻي‘ لغارين مان ڪرائي ۽ اها خاتون اتان جي مشهور شاعر حمل خان جي ماسات هئي. احسان عليءَ کي ٻه فرزند ٿيا: غلام نبي ۽ علي بخش، جن جي تربيت خود خليفي صاحب پنهنجي عمر جي آخري دؤر ۾ ڪئي. خليفي صاحب جا هي ٻه پوٽا، پير صاحب پاڳاري جي جماعت ۾ وڏي نالي وارا ٿيا: خليفي غلام نبيءَ جماعت ۾ ’فرق‘ جو بنياد وڌو ۽ خليفو علي بخش ’سلام جماعت‘ ۾نالي وارو فقير ٿي گذريو.

خليفو غلام نبي

غلام نبي سنه ١٢٥٥هه ڌاري ڄائو. ستن اٺن سالن کن جو هو، جو سندس والد وفات ڪئي. سندس تعليم ۽تربيت سندس ڏاڏي خليفي نبي بخش صاحب جي زير نگراني ٿي. رپ (تعلقي بدين) جي مدرسي ۾ مولوي لطف علي صاحب وٽ فارسي تعليم حاصل ڪيائين. نهايت ذهين، عقلمند ۽ انقلابي خيالات جو هو. خليفي نبي بخش صاحب جي وفات وقت سندس عمر ٢٥ سال کن هئي. سندس ذهن ۽ ذڪاوت تي خود خليفي صاحب کي اعتماد هو، جو پنهنجي وفات واريءَ رات کيس ’ميين ترڪ‘ سان مجلس ڪرڻ لاءِ موڪليائين.[2]

 

شجره

خليفو نبي بخش صاحب ۽ سندس اولاد

بالاچ خان

 

  

غلام نبي نهايت ذهين ۽ عاقل هو، مگر ان سان گڏ خود خيال ۽ انقلابي جذبات وارو هو. جناب پير صاحب حزب لله شاهه کان ٽي سال کن وڏو هو ۽ خليفي نبي بخش صاحب جي پوٽي جي حيثيت ۾ ٻالجتيءَ کان پير صاحب موصوف جن جي صحبت ۽ خدمت ۾ گذاريائين، ۽ وڏو ٿيو ته ساڻس هڪ سچي سرويچ مريد وارو ناتو ڳنڍيائين. پر صاحب حزب لله شاه پنهنجي وقت جو وڏو سخي مرد، سخن سنج، شاعر (تخلص ’مسڪين‘)[3] ۽ شاهاڻي شان شوڪت جو مالڪ هو. انهيءَ ڪري رياست جي والي مير علي مراد خان توڙي پنهنجي خاندان جي ڪن فردن جون ساڻسن رقابتون شروع ٿيون. خليفي غلام نبيءَ سوچ ويچار بعد جماعت کي هن اصول تي منظم ڪرڻ شروع ڪيو ته: ”درگاه ۽ مرشد جي مدد ۽ حفاظت جي ذميواري جماعت تي آهي. انهيءَ لاءِ مرشد جي چوڻ يا کانئس پڇڻ جي ضرورت ڪانهي. وقت سر اهو فيصلو جماعت جي مکيه ماڻهن کي ڪرڻو آهي، ۽ هر قرباني ڏئي ان تي قائم رهڻو آهي. ٻيو ته جيئن خدا هڪ۽ رسول هڪ آهي، تيئن مرشد به هڪئي تسليم ڪرڻو آهي. مرشد جي ويجهي ۾ ويجهي عزيز جي عزت ڪري سگهجي ٿي، مگر ارادت ۽ عقيدت فقط هڪ مرشد سان ئي ٿي سگهي ٿي. انهيءَ ارادت ۽ عقيدت ۾ مرشد ۽ ڪنهن ٻئي (مرشد جي ويجهي ۾ ويجهي عزيز توڙي ٻئي ڪنهن رئيس. سردار يا حاڪم) جي وچ ۾ ’فرق‘ ڪرڻ لازمي آهي.‘

   انهن اصولن جي بنا تي خليفي غلام نبيءَ ’فرق‘ جو بنياد وڌو. جن انهن اصولن کي قبول ڪيو، تن خليفي غلام نبيءَ کي پنهنجي طريقي جو ’مک‘ (مکيه اڳواڻ) ڪري تسليم ڪيو ۽ ’فرق وارا‘ سڏجڻ لڳا، ۽ جن چيو ته مرشد جي چوڻ يا کانئس پڇڻ کان سواءِ ڪوبه قدم کڻڻ جائز ناهي، سي ’سالم‘ (صلح پسند) سڏجڻ لڳا. ارادي جي آزادي ۽ سر جي قربانيءَ ۾ ’فرق وارا‘ برک ٿيا ۽ مرشد جي حڪم جي پيرويءَ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ ’سالم‘ سرس ٿيا. ’فرق وارن‘ جان جي قربانيءَ جي بناءَ تي پاڻ کي اڳين ’حر مجاهدن‘ جو جاءِ نشين بنايو ۽ عام طور ’حر‘ سڏجڻ لڳا، حالانڪ ڌارين جي غلاميءَ کان نفرت ۽ انهيءَ بناءَ تي خصوصا انگريزن خلاف حقارت وارو جذبو مجاهد اول جناب پير صاحب صبغت لله جي تلقين بعد درگاه جي سڄي جماعت (فرق خواه سلام) ۾ يڪسان طور رائج رهيو. بهرحال خليفو غلام نبي هڪ خود خيال ۽ انفرادي شخصيت جو مالڪ هو، جنهن ’فرق‘ جو بنياد وڌو ۽ حر تحريڪ کي ’مکن‘ جي اڳواڻيءَ هيٺ نئين نظام جي بنياد تي مستحڪم ۽ مضبوط ڪيو. انهيءَ تنظيم جي بنيادن تي ئي ’حرن‘ انگريزن جي بي پناه طاقت سان چوٽون کاڌيون، ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي غلاميءَ خلاف بغاوت جي جهنڊي کي جهڪڻ نه ڏنو.

خليفي غلام نبيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ ’فرق وارن‘ پهريون ڀيرو پير صاحب پاڳاري جي مخالفن ۽ انگريزن جي حامين خلاف ڪاروايون شروع ڪيون، جنهنڪري کيس ست سال وطن ڇڏي وڃي حرمين شريفين رهڻو پيو. اتان هڪ ’وڻ‘ جي صورت نقش ڪري پنهنجي استاد مولوي لطف عليءَ ڏي موڪليائين. ان وڻ جي ٽارين ۾ پن ’ابجد‘ جي حساب موجب رکيل هئا، جن مان مولوي صاحب عبارت معلوم ڪئي ته ”ڪاتب غلام نبي از مدينه.“ باوجود انقلابي ۽ عملي زندگيءَ جي ڪشمڪش جي، خليفي غلام نبيءَ پنهنجي ادبي ذوق ۽ شاعرانه شعور کي قائم رکيو. سندس سرويچساٿين مان فقير احمد لغاري هڪ معرڪي ۾ سر ڏئي سرهو ٿيو هو، انهيءَ ڪري سندس نالي پويان پنهنجو تخلص ’احمد‘ اختيار ڪيائين. سندس ڳچ جيترو ڪلام قلمي صورت ۾ سندس پوٽي خليفي احمد صاحب وٽ محفوظ آهي ۽ پڻ خليفي نبي بخش صاحب جي رسالي جي نسخي ’ڌ‘ جي آخر ۾ قلمبند ٿيل آهي. اهو ڪلام هيٺين عنوان تي مشتمل آهي: مناجات نبي صلي لله عليه و آله وسلم، مناجات حضرت علي رضي لله عنه، ابيات راڳ ڪليان (در بيان رموز عاشق ومعشوق)، ڪافيون (مختلف سرن مان جملي سورهن)، حمد (هڪ)، ٻه فرد فارسي، مثنوي (تصوف) زبان هندوي، ڀڄڻ (هندي، يارهن) راسوڙا (ڏهه)، سٻڌ (سبد) زبان گجراتي (هڪ)، دوهو (هڪ) ۽ نظم فارسي بعنوان ”عريضي عاشق در حضور معشوق“. سنس ڪلام مان ڪي مثال نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:

ابيات در مدح حضرت پير سائين

اول لله چان اڪبر، جنهين خلقي خلق خوشتر، سڀن کان پاڪ آ پرور

وڏائي هيبت و حشمت، جڳائي نت جباريءَ کي،

هزارين رحمتون هر دم، ’لڪياريءَ‘ جون ’لغاريءَ‘ تي...

سمند تي سوار ٿي آيو، رکيائين عشق جو رايو، ڪيائين دين جو سعيو،

نبي اچي نور سان پنهنجي، اجالو ڪيو انڌاريءَ کي،

هزارين رحمتون، هر دم ’لڪياريءَ‘ جون ’لغاريءَ‘ تي....

مچي ميدان ۾ بيهه تون، پاڻيءَ جان رت جگر پي تون، حسيني حال ۾ ٿي تون،

نشو وٺ نامراديءَ جو، قطع ڪر ڪامگاريءَ کي،

هزارين رحمتون هردم، ’لڪياريءَ‘ جون ’لغاريءَ‘ تي....!

جتي مردن سندا ميڙا، ڪرن خونيون کنا کيڙا، اتي ڀيٽو نه ٿيا ڀيڙا،

ڪپائن سر اچي سائو، رکن هردم هوشياريءَ کي،

هزارين رحمتون هردم، ’لڪياري‘ جون ’لغاريءَ‘ تي....!

مرڻ جي ويل جي مرڪيا، ڪسڻ ۾ ڪينڪي ڪرڪيا، خدا سي ’حيدري حر‘ ڪيا،

پسند پرين ڪيو آهي، تني جي جان نثاريءَ کي،

هزارين رحمتون هردم ’لڪياريءَ‘ جون ’لغاريءَ‘ تي....!

مڙئي مذڪور ڇڏ ماضي، توڪل رک سدا غازي، رضا تي رهه ادا راضي!

خزان جي خوف کان لنگهه تون، سدا ڏس بو بهاريءَ کي،

هزارين رحمتون هردم، ’لڪياري‘ جون ’لغاريءَ‘ تي!

سي حرفي سسئي

الف اکــر هيڪــڙو، سسئي تــون ســاريــــج،                     ٻيون ٻيائيءَ جون، وهلي وساريــج،

ونءُ  تون پٺيءَ ور جي، هت گهڙي نه گهاريج،            پيرو پنهونءَ ڄام جو، نمي نهاريج،

رڻ ۾ رات رهيج، متان وجهي وڃين وس کي....!

يي ئون ڪيم يار، هادي هر دو جهان جو،          شافع شان وڏي سان سڀني جو سردار،

وهلن سندو واهرو، اڙين جو آڌار، ’وما ارسلناڪ الا رحمة للعالمين‘، پس پنهون جا پار،

’ليــــــس کـــمثـــله شـــــــيءُ‘،     مـــــــٽ نــڪــــو مــخـــتـــار،

’انا من نور لله وڪل شيءِ من نوري‘، ڏس جانب جا جنسار،

سڄڻ جي سينگار، سوين موهيون سسيون!

بيت سر ڪلياڻ

تون مالڪ ميخان جو، تون سري جو سردار،

تونموکي مٽن جو، تون مڙني جو مهندار،

تون هي مربي مئي جو،تون مڌ سندو مختار،

تون ڏيند تون ڏاتار، ٻيا سڀ پينو پڪ جا.

---

محبت جي ميدان ۾، پاهون پير م پاءِ،

ڪنڌ م ڦيرج ڪيڏهين، رک نينن منجهه نگاه،

سوريءَ مٿي سامهون، امالڪ تون آءُ!

قريبن جي قدم تان، صدقو ڪجا ساه،

ڪسڻ ڌاران قرب ۾، ٻيا سڀ ٺلا ٺاه،

جتي سوري سڏ ڪري، ات گرو ٿيڻ گناه،

تون احمد ڪنڌ ڪپاءِ، چڙهه سوريءَ، ٿيءُ سنرو.

 

بيت سر سسئي

ڪيچي رٺا ڪوه، سڌ نه پييم سرتيون،

مادر! وئو مٺيءَ کي، ڏئي آرياڻي اندوه،

وڻيا ڪين ور کي، جيڪس ڏکيءَ ڏوه،

انگ نه مٽي اديون، جيڪي لکيو لوح،

پڇاڻا پيا پنهونءَ لاءِ، هن رليءَ کي روه،

ڪر تبارڪ! توه، ته موٽي ملان سڄڻين.

ڪافي سر ڪاموڏ

هو جي وڳر وڇوڙي ڪيا ويڇون، والي آڻ وطن تي واري!

١.   ديس ڇڏي پرديس پکي ويا، چوڻ چوڳت ڪنهن چاري....

٢.   سر سڃو ڏسيو هئي هئي هنجهن ري، هينئڙو هنجون ٿو هاري....

٣.   جني هنجهن جا تار ۾ تڪيا، سي ترن ڪيئن تانگهاري....

٤.   جني پليا سان پيچ پرت جا، سا سنگت ساه ٿو ساري....

٥.   احمد آسڻ ڏسيو ان جا، جيءُ جهڄي جهونگاري....

ڪافي سر پاؤڙي

آءُ مل جاني! تون مشتاقن سان، وو عشاقن سان!

١.   رسڻ ريتيون يار پيارا، دلبر نه ڪر تون ديوانن سان....

٢.   کرن سان هر دم خوش کلين ٿو، ڪڏهن مرڪين نا مستانن سان....

٣.   سڪڻ سوري يار سڄڻ لئي، اندر ڀريو آزارن سان....

٤.   آ پير ڀري تون ڏس ڏکيءَ کي، جا نڌر ماريئي وو نظارن سان....

٥.   احمد عاشق جي تون آهين، رکج سچ تون سچارن سان....

ڪافي سر

مديون ڪيائون مباح، پرين اڄ پرتا، سڄن اڄ سرتا!

١.   اڄ مڙيئي معافي ٿيڙا، گوليءَ جا به گناهه، دلبر جي در تا....

٢.  ڪرم ڪري ڪيائون ڏاه ڏکيءَ جي کڻي نين نگاه، گهوري ان نظر تا....

٣.  پاڻ ڀلائي پرين اڄ آيا، جنهن لاءِ سڪيو ٿي ساه، وري آيو ورتا! ....

٤.  لٿو فرق فراق جو، اکين ۽ ارواح، ڪٽيو آزار اندر تا....

٥.   اڱڻ آيم عيدان ٿيڙون، وصل ٿيو وه واه، کامي ويا کر تا....

٦.  احمد عاشق جي تون آهين، وٺ رندن جي راه، محب اڳيان مرتا....

فرد فارسي

تا سر و پا غرق ام در چاه نفسي مرسلا!

دست گيرد لطف تو تا من شوم بيرون زبير

دوهو

جس پارس سين سونا ڀئيا، وه پارس کچا،

حس پارس سين پارس ڀيئا، وه پارس سچا.

مقصد ته خليفي صاحب جي پوٽن مان خليفي غلام نبيءَ رنديءَ، سورهيائيءَ ۽ سرويچيءَ جي راه اختيار ڪري ’فرق جماعت‘ جو بنياد وڌو. ۽ خليفي علي بخش ’سالم جماعت‘ جي سلسلي ۾ صلح پسنديءَ ۽ فقيريءَ کي پنهنجو شيوو بنايو. منجهائن هر هڪ جي اولاد تي پڻ اهو رنگ غالب رهيو. خليفي علي بخش جو اولاد ’سالم جماعت‘ جي روايات تي قائم رهيو. کانئس پوءِ سندس وڏو پٽ مرحوم فيض محمد (وفات ١٩٤٠ع) خليفو ٿيو، ۽ هن وقت سندس ننڍو فرزند حاجي شير محمد صاحب سڀني ۾ وڏو (عمر ستر ورهيه)، جهان ديده ۽ ڪچهريءَ جو مور آهي. ذاتي ورونهن خاطر ’عمر – مارئي مثنوي‘ جوڙي شاعريءَ جي روايات کي زنده رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. خليفي فيض محمد جو پٽ خليفو محمد هاشم جماعت جو هڪ باهمت ڪارڪن آهي.

خليفي غلام نبيءَ جي اولاد مان ’فرق جماعت‘ جا سورهيه ۽ سرويچ مرد پيدا ٿيا، جن انگريزن جي حڪومت جي غلاميءَ واري دور ۾ وڏيون سختيون سٺيون. خليفي جي ٽنهي پٽن انهن سختين سببان ڪو وقت وطن ڇڏي وڃي ڪاٺياواڙ کي وسايو ۽ ٽنهي وفات به اتي ڪئي. سندس ننڍي پٽ احمد سنه ١٣١٠هه ۾ شهر ڌوراجيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ سيد عبدالقادر جي روضي ۾ مدفون ٿيو، انکان وڏي مراد علي سنه ١٩٣١ع ۾ وفات ڪئي ۽ شهر گوندل جي ”نوان پير مقام“ ۾ سندس مامي خان محمد سان گڏ مدفون ٿيو. سڀني کان وڏي فرزند احسان عليءَ کي انگريزن سن ١٩٣٢ع ۾ سنڌ مان جلا وطن ڪري شهر ڌوليا (خانديش) جي ’حر ڪئمپ‘[4] ۾ موڪليو، جتي سنه ١٩٣٦ع ۾ انگريزن جي نظر بند قيديءَ جي حيثيت ۾ وفات ڪيائين ۽ ’ننڍي نديءَ‘ جي ڪناري تي، ’مومن واڙي‘ جي سامهون مدفون ٿيو، جتي سندس قبر تي پٿر جو قبو آهي.

خليفي غلام نبيءَ جي اولاد مان هن وقت خليفو احمد صاحب (عمر ٥٨ ورهيه) سڀني ۾ وڏو آهي. جوانيءَ کان وٺي مجاهد ثاني پير صاحب صبغت لله شاه شهيد جي خدمت ۽ انگريزن خلاف نفرت ۽ بغاوت جي جدوجهد ۾ مشغول رهيو، جنهنڪري ڇهه سال سنڌ کان جلاوطن ٿي انگريزن جي ڪئمپن ۾ نظر بند رهيو. جنوري ١٩٣٠ع ۾ کيس جلاوطن ڪري بيجاپور ڪئمپ ۾ موڪليائون، جاتن سندس باغيانه پرچار سببان ڇهنمهينن بعد کيس ’ود ڪئمپ‘ ڏانهن موڪليائون. ڇهن مهينن بعد اتان ڪڍي کيس ’دوهد ڪئمپ‘ ڏانهن اماڻيائون، جتي ٽي سلانظر بند ڪيائون، جتان ٻن سلان بعد آزاد ٿي ١٩٣٦ع ۾ واپس سنڌ آوي. جناب پير صاحب صبغت لله شاه ثانيءَ جي شهادت بعد انگريزن پير صاحب پاڳاري جي گاديءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انهيءَ مقصد پوري ٿيڻ کان اڳ کين مجبور ٿي ملڪ ڇڏڻو پيو. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد دوباره پير صاحب پاڳاري جي گادي قائم ڪرائڻ ۾ خليفي احمد صاحب جماعت جي اڳواڻي ڪئي، سندس ڪوششون بالآخر ڪامياب ٿيون ۽ موجوده پير صاحب پاڳارو جناب سڪندر شاه صاحب عرف شاهمردان شاه ثاني گادي نشين ٿيو. هن وقت خليفو احمد صاحب انهيءَ خوشيءَ ۾ مست آهي ۽ گمناميءَ جي گوشي ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ زندگيءَ جا باقي ڏينهن بسر ڪري رهيو آهي.

(ب) خليفي صاحب جي شاعري

 

شاعريءَ جا دور

خليفي صاحب جي سوانح جي تجزيي ۽ تفصيل جي بناءَ تي سندس شاعريءَ کي مجموعي طور تيٽن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. (الف) شروعاتي دور (١٢٠١ – ١٢٣٠هه)، جڏهن سندس جواني هئي ۽ کيس محبت ۽ مجاز جي چوٽ لڳي. مداحون (ص ٢٠٤-٢١٣) جي روايتي رنگ ۾ رچيل آهن، سي هن دور جي بلڪل شروعات ۾ ابتدائي مشق طور چيل ٿيون ڀانئجن. مجازي محبت جي چوٽ لڳڻ بعد ئي خليفي صاحب جي صحيح معنيٰ ۾ شاعري شروع ٿي. سندس ماسات قاسم هڪ ته هن محبت جي داستان جو رازدان هو ۽ ٻيو ته خليفي صاحب جي ساڻس دلي پريت هئي: ”آوي قاسم جنهن ڪاڻ سڪان“ (ص ٢٢٧). انهيءَ ڪري پنهنجي نالي بدران (جو اوائلي مداحن ۾ آندائين) ’قاسم‘ جو نالو تخلص طور چونديائين. ’هير ۽سندس ماءُ جي سوالن جوابن واري سي حرفي (ص٢٢-٢٢٥)، جا سنئون سڌو مجازي محبت جو مڪالمو آهي، سا انهيءَ اوائلي دور جو ڪارنامو ۽ ان سان گڏ شاعرانه فن جي ڪمال جو مظاهرو آهي. سرائڪي زبان ۾ مجازي محبت جا ٻيا بيت (صه ٢٣٢ – ٢٣٣) ۽ ڪي ڪافيون پڻ انهيءَ دور جون ٿيون ڀانئجن. (ب) وچون دور (١٢٣٠-١٢٥٠هه) جنهن ۾ خليفي صاحب جي حضرت روضي ڌڻيءَ سان عقيدت ۽ ارادت ٿي ۽ رياضتون ڪيائين ۽ ان بعد روحاني فيض کي عام ڪرڻ خاطر سنڌ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف سفر ڪيائين. زندگيءَ جي هن دور ۾ پڻ کيس قاسم ڪم آيو، جنهن کيس مرشد مڪمل سان ملائي خلافت جي منزل تائين پهچايو: ”قاسم گهن آيا گهر هادي“ (صه٢٣٠). انهيءَ ڪري هن دور وارو سڄو ڪلام ’قاسم‘ جي تخلص سان چيل آهي. رسالي جي بيتن ۽ واين وارو گهڻو ڪلام، توڙي مرشد جي صفت ۽ ساراه وارو شعر (لولي، صه ٢٢٦-٢٣١) ۽ ڪي ڪافيون هن دور جون آهن. مختلف صنفن تي مشتمل هندي ۽ اردوءَ واري ڪلام جو گهڻو حصو پڻ ڪاٺياواڙ – گجرات طرف صحبتن جي اثر هيٺ هن دور جو چيل آهي. ’سر ڪيڏارو‘، جو کرڙيءَ واري جنگ (١٢٤٩هه) بابت چيل آهي، سو غالبا هن دور جو آخري ڪارنامو۽ رسالي جو آخري باب آهي. (ج) ٽيون ۽ آخري دور (١٢٥٠-١٢٦٥هه) جنهن جي شروعات ۾ توڙي قدري ان کان اڳ جناب مرشد مربي حضرت ’اصغر‘ صاحب جي صحبت جي فيض کان متاثر ٿي ڪافيون جوڙيائين. مثنوي ’سسئي پنهون‘ هن دور جو اعليٰ ڪارنامو آهي. خانداني روايت مطابق خليفي صاحب سسئي پنهون چئن سالن جي عرصي ۾ چئي پوري ڪئي. [5]۽ انهيءَ لحاظ سان غلابا هيءُ داستان ١٢٥١-١٢٥٤هه وارن چئن سالن جو ثمر ۽ ڄڻ خليفي صاحب جي زندگيءَ جو ماحصل آهي، جنهن ۾ حسن ۽ جمال جي جلوه آراين، عشق جي ڪارفرماين، محبت جي رسمن، درد جي داستانن، وڇوڙي ۽ وصل جي لذتن، مجاز ۽ حقيقت جي نڪتن، شريعت ۽ طريقت جي راهن کي دلي صداقت، دلپذير انداز، بلند تخيل ۽ اعليٰ شاعريءَ ذريعي روشن ڪيو ويو آهي. تصوف بابت سنڌي ۽ اردو نظم (صه٢١٤-٢١٩) ۽ پڻ رسالي جي مختلف سرن جا ڪي معنوي بيت توڙي ڪي وايون ۽ ڪافيون جي وحدت ۽ ڪثرت جي ڳوڙهن نڪتن تي مشتمل آهن، سي پڻ غالبا هن آخري دور جو سرمايو آهن.

اسان جي خيال ۾ سواءِ ’سسئي پنهونءَ جي داستان‘ جي، رسالي جا بيت ۽ وايون توڙي خليفي صاحب جو ٻيو متفرقو ڪلام سمورو اسان تائين نه پهتو آهي. خانداني روايت موجب، خليفي صاحب سڄو رسالومسلسل جوڙي راس ڪري قلمبند ڪونه ڪرايو، بلڪ وقت بوقت بيت ۽ وايون جي پنهنجن ساٿين ۽ جماعت جي فقيرن آڏو پئي چيئاين، سي هو جدا جدا قلمبند ڪندا ويا. رسالي جي ترتيب وقت غالبا اهو سڄو ڪلام سهيڙجي نه سگهيو ۽ ڪي بيت ۽ وايون ڪن فقيرن وٽ رهجي ويا. ا.هه[6] رسالي جي مختلف قلمي نسخن ۾ اهڙن ڪن جدا جدا بيتن ۽ واين جو اضافو انهيءَ روايت جي تصديق ڪري ٿو. خليفي صاحب جون ڪي ڪافيون خود بنده راقم ٻڌيون، جي رسالي جي قلمي نسخن ۾ موجود نه آهن. مثلا حاجي اسماعيل مرحوم بڊاڻي مري (ويٺل لڳ ڀٽ ڀائٽي، تعلقو کپرو) خليفي صاحب جو هڪ ڪلام چوندو هو، جنهن جي آخري مصرع هئي ته:

قاسم ڪنهن ديس جا جوڳي آيا، صورت وند سيلاني وي!

چا مک مرلي آلاپ اليندا، ڪامل صفت قرآني وي!

               نچدا ناز عجائب ڪر ڪر[7]

معاصر ۽ شاعرانه خصوصيات

خليفو صاحب، ڀٽائي صاحب جي وفات (١١٦٥هه) کان ٢٥ سال کن پوءِ ڄائو ۽ تاريخي لحاظ سان سندس تعلق ڀٽائي صاحب کان پوءِ واري سنڌي شاعريءَ جي دور سان آهي. اهو دور، ڀٽائي صاحب ۽ ان کان اڳ واري دور جي هڪ ڪڙي هو، جنهن ۾ شعاري اڃا محض فن طور طبع آزمائيءَ جي مشق نه بني هئي، بلڪ جذبات ۽ احساسات سان لبريز دلين جي حال جي فطري اظهار ج هڪ ذريعو هئي. انهيءَ ڪري هن دور جا اعليٰ شاعر اڪثر حال وارا درويش هئا، جن مان روحل، مراد، عبدلله فقير ڪاتيار، سچل ۽ فقير محمد صديق سومرو خليفي صاحب جا وڏا معاصر هئا ۽ بيدل، سيد قنبر علي شاهه ڀاڏائي ۽ ٻيا همعصر هئا،[8] سچل (١١٥٢-١٢٤٢هه) جي وفات وقت خليفي صاحب جي عمر ٥٢ سال کن هئي ۽ فقير محمد صديق جي وفات (١٢٦٥هه) وقت سندس عمر ٧٥ سلال کن هئي. هن دور جي انهن بلند پايه شاعرن، بيتن، واين ۽ ڪافين واري ڪلاسيڪي شاعريءَ جي اعليٰ معيار کي برقرار رکيو، حالانڪ هر هڪ جي ڪلام تي سندس ماحول ۽ شخصيت جو مخصوص رنگ چڙهيو.

شخصيت: خليفو نبي بخش صاحب هڪ بااثر بلوچ سردار جي گهر ۾ ڄائو نپيو ۽ ٽالپوري عهد جي جوانيءَ ۾ جوان ٿيو. ان وقت حيدرآباد ۾ پهرين چؤياري جي اميرن ۽ خيرپور ۽ ميرپورخاص جي سندن ساٿين سردارن متفقه محاذ قائم ڪري سنڌ جي سرحدن کي جوڌپور، بهاولپور، ڪابل ۽ قلات جي قبضي کان بزور شمشير آزاد پئي ڪرايو ۽ سنڌ ۾ چوڌاري فتح ۽ ڪاميابيءَ جون نوبتون پئي وڳيون. ٽالپورن جو اوائلي دور همت ۽ مردانگي، حوصلي ۽ ڪاميابيءَ جو دور هو، جنهن نوجوان نبي بخش جي شخصيت تي وڏو اثر وڌو. سندس صورت ۽ سرت، علمي لياقت ۽ فضيلت کيس سرداريءَ جي درجي تي پهچايو ۽ راڄن ۾ مقبول ڪيو. انهيءَ منزل تي کيس مجازي محبت جي مهميز آئي، جنهن ڪري سرداري ڇڏيائين، پنهنجي اباڻي ڳوٺ کي الوداع چيائين، پر محبت جي ميدان ۾ قدم پوئتي نه هٽايائين. ان بعد جڏهن مجازي محبوب کانئس هميشه لاءِ جدائي ڪئي ۽ سندس زندگيءَ تي وڇوڙي ۽ وره جا ڪڪر ڇانئجي ويا ته خوش نصيبيءَ سان وقت جي عالم ۽ ولي حضرت روضي ڌڻيءَ سندس رهبري ڪئي ۽ خليفي صاحب جي زندگيءَ جو رخ ڦري مرشد ڏانهن ٿيو. مرشد سان دلي محبت ۽ عقيدت شرعي احڪام تي سندس قدم پختا ڪيا ۽ سندس جذباتي زندگيءَ ۾ جوابداريءَ جو احساس پيدا ڪيو. اصلاح نفس ۽ اصلاح خلق خاطر عبادت ۽ رياضت، فرض شناسي ۽ فرض بجاوري، تبليغ ۽ تلقين جي ميدان ۾ قدم رکيائين ۽ ان ۾ پڻ وڏي ڪاميابي حاصل ڪيائين. انهيءَ ڪري همت ۽ حوصلو، ڪوشش۽ ڪاميابي خليي صاحب جي فڪر ۽ ڪردار جا لازم ملزوم جز بنياد، ڪامراني سندس قدم چميا، ۽ نااميدي ۽ نامراديءَ کي ڄڻ ويجهو اچڻ ئي نه ڏنائين. سندس شخصيت جو اهو مخصوص رنگ سندس ڪلام تي پڻ چڙهيل آهي. هيڻائي ۽ بي حاليءَ بدران همت ۽ مردانگي، نابودي ۽ نيستيءَ بدران هوش ۽ بيداري، ’آءٌ‘ ۽ ’مئن‘ واري ’خوديءَ‘ بدران خود اعتمادي ۽ خود داري ۽ نااميدي ۽ قنوطيت بدران اميد ۽ ڪاميابي، خليفي صاحب جي ڪلام جون خاص خصوصيتون آهن، جي سندس معاصرن مان ڪن ٿورن جي ڪلام ۾ ايترو نمايان نظر اچن ٿيون.

سسيءَ لٿي سوڀ، جي هوند پايان پاند ۾،

هي جڳ سوڌو لوڀ، هو پڻ گهوريون گهوريان.

---

هڻ ڪٽارو ڪات، ويري ويرم نه سهي،

مڇڻ ڪا مصلحات، ڪانئر وجهيئي ڪن تي.

(ڪيڏارو)

---

اڄ هين ماروين مڇ کي، صبح ماري ڪير،

وٺ وهلو وير، ته پري ٿيئي ئي پڌري.

(گهاتو)

---

جونءِ سرندي جان ۾، جڏهن پسين جت

تڏهن وهي تت، پسي ڪڍ پليت کي.

(آسا)

---

سڻي جي نه سڻي، ته پڻ ساعت سڏ نه لاهيان

جي ڌڻي مون نه ڌڻي، پر مون تان ڌڻي ڌڻيو.

(بروو)

مجاز ۽ حقيقت: سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ مجازي عشق جي اپٽار ۽ مجازي حسن جي کلي تعريف، موجوده ڄاڻ موجب، سڀ کان اول ميين شاهه عنايت ڪئي: ‘’سر کنڀات‘ ۾ چانگي تي چڙهي محبوب جي ملاقات جو مانڊاڻ منڊيائين ۽ ’سرود مومل راڻي‘ ۾ مومل جي مجازي حسن کي چمڪايائين.[9] ان نئين روايت جو عڪس ڀٽائي صاحب جي رسالي ۾ سر کنڀات، سر بروي توڙي ’مومل جي مجاز‘ ۾ نطر اچي ٿو، حالانڪ مجموعي طور سان ڀٽائي صاحب مجازي عشق ۽ مجازي محبوب جي حسن کان حقيقت عشق ۽ حقيقي محبوب جي حسن کي وڌيڪ چمڪايو. [10]ڀٽائي صاحب کان پوءِ واري دؤر جي شاعرن حقيقت عشق جي مضمون کي ’حال‘ يا محض ’قال‘ طور ڳايو ۽ مجاز کان ڪناره ڪشي ڪئي، البته فقير عبدلله ڪاتيار ۽ سچل، جي خليفي صاحب جا وڏا معاصر هئا، تن مجازي حسن جي مضمون کي وري ورجايو:[11]

قريبن ڪمان، ڌاڙي خاطر ڌاريا،

زهان چاڙهين زور جون، غازي ريءَ گمان،

هن ڀر بڙڇيون بره جون، هن ڀر قهري ڪان،

اڏرندي، عبدلله چئي، نين ڇٽن نيشان،

طرحين طرحين تان، گهايو گهمن گهور سين.

(عبدلله فقير)

اکيان باز عقاب سهڻي ديان، شور گهتن شهزوريان.

مست هوون مستانيان ڏنهين، ڏاڍي ڪيف ڪڪوريان

منهن وچ ڏون مهتاب ني روشن، يا وت نور ڪٽوريان،

خوني خون ڪرينديان ’سچل‘، تان ڀي سدا سڳوريان.

(سچل)

خليفي صاحب کي مجازي عشق موهي مهميزون ڏنيون هيون: ”قاسم، پيم ڪمند، ڪاڪل زلف ڪاڪ جو“، ۽ ”نگهن وجهي نينهن، ڇڙيو ڇڳيرن کي.“ انهيءَ حال جو عڪس سندس قال تي پڻ پيو ۽ ’سر بروي سنڌي‘ ۾ محبوب جي حسن ۽مجازي محبت جي سمان کي جنهن تفصيل سان خليفي صاحب ويهي چٽيو آهي، سو ٻين معاصر شاعرن جي ڪلام ۾ ناپيد آهي. سر کنڀات، مومل راڻي، جوڳ ۽ سر ڍولا مارو ۾ ساڳيو مضمون ڀريل آهي:

رنگ ڳوڙهو رخسار، سرو قدارا سپرين،

جانب جلوي دار، سو سي سورج جهپيا.

(کنڀات)

---

قمر شمس شعاع، حاصل ڪجيو حبيب کؤن

موهن روپ مهاءِ، ماکيءَ ميٺ پرائيو.

(بروو سنڌي)

---

ڪاڪل ڪنوارين جي، ڏنو ڪلاهه ڪهڪ،

ڌڪن مٿي ڌڪ، لڳم لطيفن جا.

حق ۽ حقيقت جي گفتار، خصوصا وحدت ۽ ڪثرت واري نڪتي جي اپٽار ۾ حجت ۽ ببيباڪي، رندي ۽ راستيءَ واري رسم جو بنياد سنڌيءَ ۾ غالبا پهريائين عبدلله فقير ڪاتيار وڌو، جو هن دور جو هڪ مست ۽ مجذبوب شاعر هو.[12] عبدلله، پير صاحب حضرت محمد راشد (روضي ڌڻيءَ) جي فيض کان سرشار ٿي، دنيوي لاڳاپا لاهي، ٺيڙهي (خيرپور رياست) لڳ لوڙهو ڏئي گوشه نشين ٿي ويٺو هو. هي درويش سچل جو پاڙيسري ۽ معاصر هو ۽ سچل جي ساڻس دلي محبت هئي، انهيءَ ڪري سندس حال توڙي قال جو سچل تي وڏو اثر پيو. [13]جيئن ته عبدلله فقير حضرت روضي ڌڻيءَ جو مريد هو، انهيءَ ڪري خليفو نبي بخش صاحب پڻ سندس ڪلام کان متاثر ٿيو. حق جي سڃاڻپ خاطر ڀٽائي صاحب ۽ کانئس اڳ جي درويش شاعرن ’من عرف نفسه فقد عرف ربه‘ واري نڪتي کي ورجائي ’پاڻ سڃاڻڻ‘ جي ترغيب ڏني. البته ڀٽائي صاحب خود شناسيءَ واري منزل کي اتي پهچايو ته ”نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتها.“ اها سندس معجز بياني هئي، جو هڪ نازڪ نڪتي کي ٿورن ۽ سهڻن لفظن ۾ ادا ڪري ڇڏيائين. ڀٽائي صاحب کان پوئين دور جي درويش شاعرن مان روحل ۽ مراد اڪثر ’پاڻ سڃاڻڻ‘ واري نڪتي کي ورجائيندا رهيا، مگر عبدلله فقير قدم اڳتي وڌائي رندن جا اهڃاڻ ڏنا ته:

’لا‘ جا لائي لنگ، موٽي ڪن نه مسحو،

آڌوتن عبدلله چئي، دل تي پيتا دنگ،

ڪوثر نه آيا ڪاپڙي، گر کي گڏيا جنگ.

وحدت ۽ ڪثرت جي حقيقت ورجائيندي چيائين ته:

الک انسان اڄ يارو، آيو انسان جي چولي.

---

سر سارو اِسرار ڇپايئي، صورت سانگ بنائي آئين.

---

ڄاڻ مسلماني ڪير ڄاڻي، عشق وڌو منجهه ڪفر جي آڻي،

عبدلله عاشق محض مشرڪ، ريءَ شرڪ رب ڪير سڃاڻي.

پڻ پنهنجي مخصوص انداز ۾ عبدلله فقير ’خود شناسيءَ‘ کي ’خود اثباتيءَ‘ سان همڪنار ڪندي چيو ته: ’عرب‘ ’عين‘ ري سمجهه ته ڇاهي، عبدلله ڇڏ ’عبد‘ کي لاهي،

ترڪسنت طغيان.

ظاهر آهي ته عبدلله فقير ’عبدلله‘ مان’عبد‘ کي ڇڏي ’لله‘ کي اثبات ڪرڻ جي ترغيب ڏني، مگر ڪافي رمز ۽ نزاڪت سان اهو نڪتو بيان ڪيائين. پنهنجين ٻين ڪافين ۾ واضح ڪيائين ته رندي رمز جي مام پروڙڻ مشڪل آهي: ’رمز رنديءَ جو رخ ڪاڏي، آهي مشڪل پروجهڻ مام‘، ۽ پڻ سچن سالڪن کي ’رندي رمز‘ جي ’سهڻي‘ طور طريقي تي پوري رهڻ جي ترغيب ڏنائين ته:

رمزن واري سهڻي رند، سالڪ رهيا سمجهه سان پورا

رند انهيءَ تي رمزن واري، چندين بهوڙيا چند

سچل کي عبدلله فقير ئي ’واٽ وندر جي ڏسي‘ هئي، مگر سچل پنهنجي موج ۽ مستيءَ ۾ خود شناسيءَ ۽ خود اثباتيءَ کان وڌي وڃي ’آءٌ‘ ۽ ’مئن‘ واري ’خوديءَ‘ جي حد تي پهتو ۽ پڻ ’عبد‘ بابت شوخيءَ سان چيائين ته:

اٿو عبديت عذاب، آهيو هزاران حجاب

خليفونبي بخش صاحب سالڪن وانگر ’رمزن واري سهڻي رند‘ تي پورو رهيو شوخي ۽ شطحيات واري راه ڪانه ورتائين. البته ’عبد‘ واري گمان لاهڻ ۾ عبدلله فقير کان متاثر ٿي، خود اثباتيءَ واري ميدان ۾ قدري اڳتي وک وڌائي چيائين ته:

آسا ڇڏ ’لله‘ جي، در در پن م دان،

پاڻ وڃائي پانهنجو، ثابت ڪر سبحان،

’ميم‘ ٻڌي سر مولهيو، ’الف‘ ٿي اڳوان،

’گولپ‘ جو گمان، قاسم ڪٽر اک ۾.

’لله‘ واري محض رسمي نالي کان اڳتي وڌائڻ وارو نڪتو هن دور جي شاعرن مان فقط فقير محمد صديق نروار ڪيو ته:

’لله‘ اوراهون ڇڏي، پري پنڌ پيا،

بنا نالي سپرين، اڃان ڪي ٻيا،

واڪيندا ويا، صادق ٻڌيو سندرا.

مختلف زبانن جو استعمال: ميين شاه عنايت ڀٽائي صاحب کان اڳ جي ڪن سنڌي شاعرن سنڌي ۽ هندي – اردوءَ ۾ شعر چيو، پر بنيادي طور اهي فارسي زبان جا شاعر هئا. اهڙا بزرگ جن بينادي طور سنڌيءَ ۾ شعر چيو هجي ۽ ان سان گڏ ٻين ٻولين ۾ پڻ شاعري ڪئي هجي، تن جا مثال ميين شاه عنايت ۽ ڀٽائي صاحب کان اڳ واري دور ۾ نمايان طور نظر نٿا اچن. ڀٽائي صاحب فارسي ۽ هندي شعر سان مانوس هو، ۽ غالبا پنهنجن مجلسن ۾ فارسي توڙي هندي بيت گاهي بگاهي مثال طور پئي آندائين، مگر پاڻ انهن زبانن ۾ شعر ڪونه چيائين. البته ’بلوچي زبان‘ جي ڪن لفظن ۽ فقرن کي فطري طور سسئيءَ جي سنڌي زبانيءَ ۾ پوتائين. ڀٽائي صاحب کان پوءِ واري دور جي شاعرن ئي غالبا پهريون ڀيرو عمدا ۽ ارادتا سنڌيءَ سان گڏ ٻين مقامي ٻولين ۾شعر چيو. موجوده معلومات جي بناءِ تي چئي سگهجي ٿو ته سڀ کان اول روحل ۽ مراد سنڌيءَ سان گڏ سرائڪي، هندي ۽ مارواڙي محاوري ۾ ڪافي پختو شعر چئي، هن نئين روايت کي محڪم ۽ مضبوط ڪيو. عبدلله فقير اردو – هنديءَ جا ڪي لفظ ۽ فقرا پنهنجي ڪلامن ۾ استعمال ڪيا ۽ سرائڪي زبان ۾ پختا ۽ دلپذير ڪلام چيا. سچل سنڌيءَ سان گڏ سرائڪي ۽ اردوءَ ۾ ڪافي شعر چيو ۽ ان سان گڏ فارسي شاعريءَ جي قديم روايت کي پڻ قائم رکيو. سندس حلقي جي ناميارن شاعرن مان بيدل پڻ اها واٽ ورتي.


[1] صڼ کۆس ڷإڎ ۆإڎإ كڵۑڢإ ښڊضڼ ڵکۆ. ”ڷإڎ“ ڈڎۑإ٪ ضۆ ێڥ إکۆڼۆ ڣإخ ێۆ، ضڷێڷ ضۑ ۆێڥڎۑ ۆإڎۑ صۑخ ضإ ڷڛإڷ إفإ جإیۑڷ كڵۑڢڷ ضۑ کۆس ضۑ إجڎ إۆڵێێ ڞڎڢ ڶۆضۆڈ آێڷ. ښڷێ ١٨٧٦ڠ ۆإڎۑ ښۑخڵڶۑڷخ بڠڈ ێڷ کۆس ضۆ ڷإڵۆ كڵۑڢۑ ڠڵۑ بكڛ (بڷ كڵۑڢۑ إقښإڷ ڠڵۑ بڷ كڵۑڢۑ ڷبۑ بكڛ ضۑ ڷإڵۑ صۆۑإڷ ڣڎۑ ”کۆس كڵۑڢۆ ڠڵۑ بكڛ“ (ڈۑێێ إڷڏڥۑ، جصۆ بڦۆ غإڷڋۑۆ) حۑۆ.

[2] ڊښۆ ڶحۑ ڜ

[3]  صۑڎ قڐب إ^ ”ڶښڥۑڷ“ ضۆ ڥڵإڶ صڼ فصۑڵ آێۑ. (إڈإڎۆ)

[4] ڢڎڤ ۆإڎڷ قڎڷ، إڷڧڎۑڐڷ كڵإڢ ڷڢڎج إڷڧڎۑڐڷ ضۑ ڤإڠڈۑ ڤإڷۆڷ ڦۑ خۆڏڼ ۆإڎۑ بإڡۑإڷێ جقڎۑڥ ڦۑ ضإڎۑ ڎڦۑۆ، ضڷێڷ ڥڎۑ إڷڧڎۑڐڷ ۆڤج بۆڤج قڎڷ ضإ خۆڵإ ښڷډ ڶإڷ ضڵإۆڞڷ ڥڎۑ تإێڎ ڥیڶصڷ (Hur concentration Camps) ڊإڷێڷ صیۑ ڎۆإڷإ ڥۑإ. ضجۑ ڶڷضێإیڷ ڥۑجڎإیۑ ښإڵڷ ضإ ښإڵ ښكجۑۆڷ ښێڷڈإ ڏق:آ ٧ ڶڎڼ ڦۑ ڶڎۑ ۆۑإ، صڎ ”ڢڎڤ“ فڊۑ إڷڧڎۑڐڷ ضۑ ڤإڷۆڷ آ-ۆ ښڎ ڷێ ضێڥإۑإیۆڷ. ێڷڈښجإڷ ڞڎڢ ێڷ ڤښڶ ضۆڷ ”ڥیڶصۆڷ“ ێۑسۑڷ ڛێڎڷ ۾ ێۑۆڷ. ١- غإڎإ ڷڧڎ (إقڶڈ آبإڈ ڦإڷ ٣ ڶۑڵ، ڷڐڈۑڥ ڷڎۆڏإ) ٢- ڈۆێڈ (ڝڵڠ ڧۆڈڎإ، ڷڐڈۑڥ بڏۆڈإ) ٣- إڶبڎڷإح (ڥڵۑإڼ، بڶبیۑ ڦإڷ ٣ ڶۑڵ) ٤- ډۆڵۑإ (كإڷڈۑڛ) ٥- ڶێۆڈ (صڷڋڵ صۆڎ ڦإڷ ڊێێ ڶۑڵ) ٦- بۑضإصۆڎ، ٧- ڛۆڵإصۆڎ ٨- آڥڵۆج (ڝڵڠۆ إقڶڈ ڷڧڎ)

[5]  ڐبإڷۑ  كڵۑڢۆ قإضۑ ڛۑڎ ڶقڶڈ ڜإقب، صڼ غۑإیۑڷ جێ ښښیۑ٪ ضۆ صێڎۑۆڷ كڞۑ ڷښكۆ بإجڜۆۑڎ ێۆ. ڶضإڐ ضإ ڶإڎۑڵ ۽ ڊڦڷ ضإ ڊډڵ، ضڷ ښښیۑ٪ ضۆ ڈإښجإڷ حۑ تډۆ جێ ڶڷضێإیڷ ڥۑ ڶڞڶیڷ ۽ ښڷێۑإڷ، صڎ ڧێڼإ ڶښج ۽ ڈۑۆإڷإحۑ حۑإ . إڷێۑ٪ ڥڎۑ كڵۑڢۑ ڜإقب إێۆ ڷښكۆ ڣإڏإیۑ فڊۑۆ. إڵبج ێڥ ڶڎۑڈ صڵڷڈڎۑ (صۆڎ بڷڈڎ ضۆ) ێۑ ڷښكۆ ڷڤڵ ڥڎۑ ۆۑۆ ێۆ، ضڷێڷ صۆ٭ كڵۑڢۑ ڜإقب ضۑ ۆڢإج بڠڈ ۆعۑ بڶبیۑ ڶإڷ فإصڎإۑۆ.

[6] إۑڝإً

[7] كڵۑڢۑ  ڜإقب ضۆ ێۑ۝ ڥڵإڶ صۆۑڷ ڛإڠڎڷ ضۑ ڞبڠ آڐڶإیۑ٪ ڵإ٭ ێڥ ڷڶۆڷۆ بڷۑۆ. ڶشڵإً:

ضإڶإ ڐڎ ڢڛإڷۑ ۆۑ، ڶڎڜڠ جإض ڶبإڎڥ بڎښڎ (ڶڜڎۑ ڛإێێ)

ضإڶإ ڐڠڢڎإڷۑ ۆۑ، ڶڎڜڠ جإض ښێۑڷڈۑ ښڎۆڎ (ڥۆ تۑۆ ڛإڠڎ؟)

[8]  إڷێڷ بڐڎڧڷ ڶإڷ ڠبڈ^ ڢڤۑڎ ڥإجۑإڎ ۽ ڤڷبڎ ڠڵۑ ڛإێێ صإڊإیۑ٪ ضۑ ښۆإڷق ۽ ڥڵإڶ ڦإڷ ڠڵڶۑ قڵڤإ إعإ جإیۑڷ ڷإۆإڤڢ آێڷ. ڠبڈ^ ڢڤۑڎ ضإ ڥۑ حۆڎإ ڎێۑإ آێڷ. إڵبجێ ڥإڢۑۆڷ ڤڈڎۑ ڐۑإڈۏ إڷڈإڐ ۾ ڎإیض آقڷ. ڤڷبڎ ڠڵۑ ڛإێێ صإڊإیۑ ڠڎڢ ”ڛإێێ ڛڎۑڢ“  ضۆ ڎښإڵۆ إڵجبێ ڤڵڶۑ ڜۆڎج ۾ ڶۆضۆڈ آێۑ.

ڷۆخ: ێۑ ڎښإڵۆ صڼ ڋإڥخڎ ڜإقب جڎجۑب ڊیۑ فصإۑۆ آێۑ (إڈإڎۆ)

[9] ڊښۆ  ”ڶبۑڷ ڛإێێ ڠڷإۑج ضۆ ڥڵإڶ“ ، ڶڞبۆڠێ ښڷډۑ إڈبۑ بۆڎڋ، ١٩٦٥ڠ، ڶڤڈڶێ ڜ ٨٣

[10]  ضۑیڷ  جێ ښڎ ڦڷثإخ، ښڎ بڎۆۆ ښڷډۑ ۆڡۑڎۏ ښڎڷ ضۑ ڶڝڶۆڷڷ ڶإڷ ۆإڝق آێۑ.

[11]  ښغڵ ضۑ ښڷډۑ ڥڵإڶ ۾ إێۆ ڶڝڶۆڷ ڷښبجإً ڧێخ آێۑ. إڵبج ښڷڈښ ښڎإیڥۑ بۑجڷ ۾ إڷ ضۆ آب ۆ جإب ڷڞڎ إغۑ حۆ.

[12] ڠبڈ^ ڢڤۑڎ صۑڎ ڜإقب صإکإڎۑ قڝڎج ڜبڠج ^ ڛإێێ إۆڵ ضۑ آكڎۑ إۑإڶ  ۾ إڷڈإڐإً ١٢٤٠- ١٢٤٥ێێ ډإڎۑ ۆڢإج ڥیۑ.

[13] ښغڵ ضۑ  ښۆإڷق ۽ ڥڵإڶ ضۑ ێڷ صێڵۆ٪ ڦۑ إعإ جإیۑڷ ڎۆڛڷ ڷێ ڥۑۆ ۆۑۆ آێۑ. ښغڵ ضۑ ڠبڈ^ ڢڤۑڎ ښإڷ ضآ ۾قبج ێیۑ. إڷ ڦإڷ كۆڈ ښغڵ  ضإ صۆۑإڷ ښضإڈۏ ڷڛۑڷ بڐڎڧ بإكبڎ ێیإ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org