[وائيهاي*]
وائي: سور سارنگ
سجن ٽک کر کرم، ديکهوڻ ديد تمهارا
بچهوڙڍ کيا هڍ بدن بيقرارا
١. جهاڻ جائڍ بيٽها ميرا پي پيارا
چلو آڄ سياڻ ديکهوڻ آو دوارا
٢. سجن بن باغ ميڻ بلبل هڍ کرتا پکارا
هڍ سعادت تب اس کي جو کهيلا گل هزارا
٣. کهڍ سوال قاسم هادي سن همارا
درسن ديکهايو منگڍ بيکهه بيچارا.
وائي: سر سارنگ
ماهي کوڻ هڍ، جو کرتا گگن ميڻ آُاز
١. کوڻ بجري، کون بادرا، کون برتا مينهن
کون رادها، کون شاما، کون کرنتا هڍ ناز
٢. کوڻ باجڍ، کون بجڍ بجيا، کون ناچڍ تها تها تهيا
کون گاوڍ تان گويا، کون قسم کون ساز
وائي: سر بلاول
بولنڍ والا وه يار سيڻ کيا جانا کون هڍ
١. مجنون بن کي واڻ سڍ آيا، ليلي سيتئين نيه لگايا
روز روتا زارو زار
٢. حسن کي چڙهه فوج آئي، نين سڍ کرتي لڙا.ي
لوٽ ليتا شه سوار
٣. سمجهه قسم هو سبجان، بهيد جاني کوڻ پهچان
ميڻ کهوڻ تجهه باربار
[ريخته]
�
ريخته: تلنگ*
جا هوني سا هو رهي، سن بات يه هي ميڻ سو رهي
انهونڍ کي هونڍ خاطر کتنڍ عالم رو رهي
جو هونا سو هو رها جو کهونا سو کهو رهي
ايک بهول تب پهچاني، آنکهه ديکهه جب دو رهي
لاکهه سوار دوڙاتڍ گهوڙڍ، هواڻ کي وهاڻ سا گو رهي
قاسم بن ٽهن عشق بقالن باغ بقا کا بو رهي.
ريخته پاؤڙي *
رهتي شب و روز پريزاد ميرڍ دام سيڻ دور
لاؤڻ ميڻ کس طرح اپنڍ پيا آغوش ميڻ حور
کوئي بتلاوڍ مجهڍ تو نه جاؤڻ ميڻ کامرو ديس
کروڻ فرمان ميڻ پنڍ بهلا حور ضرور
ريخته*
سکهي ري ميڻ کسڍ سنگ بيجهونگي سنديسوا
پريم رهڍ تم اب تو بديسوا
آون کهه گئڍ ابهوڻ نه آئڍ، ڏهونڊ رهي ميڻ پورب
ديسوا
اٽهه چل قسم پيا کوڻ لاؤڻ، کرکڍ جوگن بيسوا
ريخته*
پيٽهه نه دڍ جا، هو جانڍ والي لا لا
ذرا تو کهڙڍ رهو، هو جانڍ والڍ لا لا
سامنڍ کهڙڍ رهو بين بجانڍ، ميڻ سنتي هون هو گانڍ
والي
چهپ چهپ کي کهاتي هو پانوڻ کي بيڙيان، قاسم کوڻ
ديجاؤ
کهانڍ والڍ لالا
ريخته*
بچهڙن کي نه کهو بات، پيا بات بري هڍ
هجرت کي ميرڍ تن ميڻ تيري تيز چهري هڍ
ايک لٽک مين ميڻ لونٽ گيا شوق سين اسوار
آس ناز پر کڍ نيچڍ، بس تيز تري هڍ
پري رو کا ملن جگ ميڻ مشڪل هنوز هڍ
رو باره ميڻ پايا نهيڻ سب خشک تري هڍ
قاسم لٽک کڍ چمن ميڻ کرڍ سير سريجن
شرمنده اوس کڍ آگڍ سو آج پري هڍ.
[راگهاي]
�
ملاري کانرا*
ديکهو لا چکتر بين لالچ ميري بلاج سهت هڍ
مانگ کي دهنک بان، دامني کرت تان
آؤ ري سکهيوا، گگن ميڻ گهمت هڍ
چنچلا کي چوري چال، لال هونسي بهي لال
ادهراکڍ بهنم لال، لال ايسي هست هڍ
ملاري کانرا*
ميڻ تو پائي پيا کڍ دهن دهن نيو نيه
ميٽهڍ ميٽهڍ بچن تم کو کهنڍ آئي
چلو تو پهچاؤن تم کو، او نه آوت، نيو نيه.
ملاري کانرا*
کر پکري موري، جرا جوري، ماکر سيني
کر پکري موري چڙيا فوري، انگيا کي لر توري، ماکر
سيني
جنجونتي*
ميرا کب جاء سڍ لبهانا هڍ، کانو کب جاءِ سڍ لبهانا
هڍ
سکهي آج نه آيا ميڻ جانا هڍ، ميڻ سنيا يار لبهانا
هڍ
سو کن کي داؤ سڍ، مستانه ديوانه.
دادره*
بلتا ڀنسياڻ موڙنا، اچهنکهياڻ باتاڻ کرلو
موسيٰ جگت- پير وا، بر زوري کرکڍ نندو کو نوروا
کرکڍ چوڙياڻ پهوڙنا
دادره*
سونڍ دياڻ چوڙياڻ، مارو جي کهڙا دڍ
مينا دياڻ چوڙيا، موتيڙا جڙادي
سن مياڻ قاسم اپنڍ پيا سنگ
آنکهه سڍ انکهڙي لڙا دڍ
بلما کهڙا دڍ سونڍ دياڻ چوڙيا.
ٽپه
[١]
چلتي ٽهمک ٽهم، چلتي ٽهمک تهم
گوري گيند گات
ادهرنا کي بهنبهال، کنچنا کي بکهن لال
چين ميڻ گجر پهري پيا سنگ دم دم
مرگهون سڍ تيکهڍ نين، کوئيلا سڍ ميٽهڍ بين
باجت پايل جهم جهم
اٽهه ديکهه قاسم، دهوم مچي دهم دهم
ناچت گوري طبلوا کڍ بم بم
[٢]
رمتڍ رمتڍ جوگهي جمنا جايئڍ کاهڍ کوڻ کرت تم بسرام
من کي لڍ مالا، تن کي تپت بهجانڍ کوڳڻ جب رام رام
کا نام
راسوڙه
ارڍ آڙ کانکا کب آوينگڍ
خبر لڍ آ ميرڍ جاني کي
١. آون کهه گيو نهيڻ آيو رڍ، ميرو لالن کنڍ برمايو
رڍ
ميرڍ يه دکهه کٽ جاوينگڍ
٢. کاگورا کهڍ ميڻ اڙ جاؤن، تيرڍ پاس پيا کو لڍ
آؤڻ
تجهڍ هنس هنس گرهو لگاوينگو
٣. تيرو لالن آيو ري گوري، تم کهيلو پيا سنگ اب
هوري
تيرڍ تن کي آگ بجهاوينگڍ
٤. قاسم جن کي هوڻ ميڻ داسي، ميرڍ من کي انپريه
آسي
مجهڍ کلمڍ سڍ پاس بلاوينگڍ
سهرا
[١]
الله کي نام پر ميڻ بل جائوڻ
کبريٰ کڍ گهر احمد آيا، سيد کي سهرڍ گائوڻ
پنجتن پاک، دوازده امام، محمد کان درسن پائوڻ
[٢]
آج دهن دهن رڍ آج دهن دهن
ميرڍ هجي مندروا آوينگڍ نوشا نما
شبهه دن شبهه گهڙي، پرڳٽيو محمد
چين سيڻ بهري سب دهرتي گهن گهن
عبدالله کي گهر، آنند بدهائي
ناچت پري حور پايل کي جهن جهن
گندلڍ ري مالن! پهلون کا سهرا
نيه کي سچي دهوم، قاسم بن بن.
بهجن
[١]
مت بسارو رڍ هو، من من هري کي بات
بهاني بهن کٽم قبيله، کوئي نه چليگا سات
رام نام کي سمرن جپنڍ يه هي چليگا سنگات
گنگا جمنا کاهڍ کوڻ جانا، گهٽ ميڻ بسڍ تيرڍ ناتهه
صاحب کي بندگي کرلڍ قاسم، آنسون بهري دن رات.
[٢]
سر کانرا
رام کي سادهو رام جچورڍ اور سود کيا تيرا کام
سب جگ چلنا تم بهي چلوگڍ کون کرت بسرام
گنگا قاسم کاهو کوڻ جانا رام بسڍ بس تيرڍ گام
[٣]
آدم نام کهالانا کون
کون هڍ کهاتا، کون هڍ پيتا، کون جيتا هڍ مرجاتا
کون
١. عيسيٰ کون، هڍ موسيٰ کون، بن فرعون ستاتا کون
ابوجهل احمد کي سامنڍ، کافر تيغ چالاتا کون
٢. يوسف کون زليخا عاشق، نيند ميڻ نيه لگاتا کون
شاهه کنعاني يوسف بيٽا، مصر کڍ بيچ بکاتا کون
٣. بامهن کون، ته جوشي پتلا پهتر کاٽ، بناتا کون
جوگي کون، سناسي تيرتهه گنگا ميڻ ڊوب نهاتا کون
٤.
اوهان سڍ چل فردوس ميڻ آيا، چب چب گندم کهاتا کون
اس نگري ميڻ نيه لگاکڍ، هٽ پيچڍهو پهر جاترا کون.
٥. الٽ بيده کي بات بروبر، سنتا کون، سناتاکون
تال مول سيکهه لڍ قاسم، بجتا کون بجاتا کون.
هوري*
بهاگن کڍ دن چار سکهي ري،
ميڻ اپنا لال منگا نه دونگي
١. سونا بهي دونگي، واري روپا بهر دونگي
کنٽهه نه دونگي ادهار سکهي ري
٢. هيرا بهي دونگي، واري موتي بهي دونگي
دونگي پهولوڻ کان هار سگهي ري.
مختصر سمجهاڻي ۽ اشارا
سر ڪلياڻ
مقصد: سر جي قربانيءَ کان سواءِ سڄڻ
جو وصال مشڪل آهي: ‘پرين جي پڇن، ڪاتي پڇي تن کي‘.
ڪلالن وٽ اڏي ۽ ڪات آهي. سچا عاشق سر ڏئي سرو پيئندا: ’جيءَ ڪڙا ڪيا
جن، پيتيون تن پياليون.‘ وڏا بخت تن جا، جن کي الاهي جام جو سڏ ٿئي ٿو، اهي مست
موحد آهن، جن جا ’نيڻ نشي سين واڳئا، سيني منجهه صمد‘، هو حقيقي جام پي، خوديءَ کي
وڃائي بيخود ٿيا، ۽محبت جي ميدان ۾ سر ڏئي سرها
ٿيا.
پس منظر: معشوق ۽ عاشق جي ناتي کي مختلف تمثيلن ذريعي ورجايو ويو آهي،
سڄڻ
جي سختي ۽ بي
پرواهيءَ
کي قاصائي ۽ ڪلال جي ڪهڻ ۽ ڪاٽڻ واري ڪار، ۽
ساقيءَ جي بي نيازيءَ واري رسم سان ڀيٽيو ويو آهي.
ساقي ۽ ميخاني جو پس منظر، سنڌ جي مشهور داستان
موکي ۽ متارا جي تمثيل ذريعي چٽيو ويو آهي. موکيءَ
جي مٽ ۾ نانگ سري اچي پيو ۽ شراب وه گاڏئو ٿي ويو،
پر متارن اهي وه گاڏئون وٽيون پيتيون ۽ انهيءَ سٽ
۾ سر ڏنائون.
فصل -١
(١) ناهي ريت رکات
=
رک رکان يا مهلت جي رسم ئي
ڪانهي.
(٣) لهسيا پهرينءَ لوءِ
=
باهه جي پهرينءَ ڄڀيءَ ڄراٽيا. ڪوءِ
=
گهٽي
(٥) نـِگهه، نگهون
=
اکريءَ جي بجاءِ مزين۾ کوٽيل
خاص قسم جي ننڍي گول کڏ، جنهن ۾ چانور (يا ٻيو ان)
وجهي ڇڙين. ڇڳير
=
طريل – وڏي مرتبي وارا. نگهن
وجهي نيه. الخ
= عشق ۽ محبت، مٿير مردن کي به ڄڻ ان مثل نگهن ۾ مهرين جي
ڌڪن سان
مهميزون ڏنيون.
(٦) سيڱون
=
ڪمانون (يعني تير)
وائي: ڪهه ۾
=
سختيءَ واري واٽ يا سفر ۾.
ڪارڻي
=
ڪارڻ ڪندڙ، واهر – وسيلو.
فصل – ٢
(١) ڪڪوه
=
شراب. گهٽ گهٽي ٿو گهٽ
=
هڪ ڍڪ به نڙي وڃيو جهلي. سرو
=
شراب.
(٣) ڪٿ ڪرڻ
= اندازو لڳائڻ، جنهن ۾ ذرا دير لڳي ڪٿ
=دير
(٥) سوٺي سڃيائون
=
قصد ڪري پيش ڪيائون. ٻي پڙهڻي
(ش نسخي جي) ’سوٿـِي سڃيائون‘. سنت شيرڻيون
= مٺايون جي سنت طور ورهائجن. هئڻ
=
هستي.
فصل – ٣
(١) ڪاري
= ڪاري نانگ، وترو
=
ويتر وڌيڪ. زوال
=
فنا.
(٢) پيرا
= پيلا ننگ. پرڙ
= نانگ
(٣) جال
= گهڻو
فصل -٤
(١) طالع
= بخت
(٢) پنج – تور
= ڀرپور (جن ۾ يڪا پنج زن هجن). پوڄ
=
گهڻا.
(٣) دنگ
= مٽ
(٥) سوٺائون
= رٿيائون، قصد ڪيائون. نظر ۾ رکيائون. منڌ
=
شراب.
(٦) جهت
=
طرف، رخ، اتو
=
چيو. ’الصوفي لا مذه له‘ هي
قول آهي ۽ نه حديث. مڇڻ
= متان. ماءَ
= پاڻي. ڪٽر
= مک يا ٻيو ڪو جيت، جو پاڻي، کير وغيره (پيڻ واري شيءِ)
۾ پيل هجي. مڇڻ پسين ماءِ- الخ
= متان پاڻي ڏي ڏسي ڪٽر واري خيال ۾ مبتلا ٿئين().
وائي: ڪبير
= ڪبيرا گناه - وڏا گناه.
سر کنڀات
مقصد:
١- سا اوندهاي رات ڀلي، جنهن پرينءَ سان ملاقات ويل پرده پوشي
ڪئي. اها چانڊوڪي گهوري، جنهن ۾ پرده پوشي نه ٿي ۽
وڇوڙو پيو.اي چنڊ هاڻي تون ڀل اڀري آءٌ ته
من
تنهنجي سهائيءَ ۾ پري کان ئي دلبر جو ديدار نصيب ٿئي. پر اي
چنڊ!- سڄڻ
جي سونهن آڏو سورج به سهميل آهي، حبيب جي حسن سان
تنهنجي جلوي جي جاءِ ڪانهي. انهيءَ ڪري اڀرندي ئي
ادب سان سڄڻ کي سنيها ڏج ته، ’صبح، شام، اسور،
اکيون انهن جي آسري‘. ٢- سر سڀئي سڦرا، پر کنڀات جو
سر مڙني ۾ برک آهي، جو ان جو مضمون محبت ۽ مجاز
آهي. ميي تي چڙهي راتو رات سڄڻ
سان ملاقات لاءِ پنڌ پوڻ هڪ عجيب سمان آهي. هن
ڪرهي کي پرينءَ جي باغ
۾ وڻن ۽ ولين، گلن ۽ ڦلن مان ڪو جو قوت سريو، جو
ٻي ڪائي ول نٿي وڻيس ۽ ان پار ڏي پيو واجهائي.
پس منطر: سر کنڀات جو مضمون سراسر محبت ۽ مجاز جو داستان آهي. سڪ وارن
جا سمن، چانگي تي چڙهي دور دراز پنڌ تي پرينءَ وٽ
پهچڻ، اونداهيءَ يا چانڊوڪيءَ ۾ ملڻ جا آسرا ۽
ارمان ۽ رقيبن جون رنڊڪون هن سر جي مضمون جا مکيه
پهلو آهن.
فصل-٢
(١) ور سا ڪاري رات
= اها اونداهي رات ويتر ڀلي.
(٣) ڀري موتين مانگ
=
سينڌ کي موتين سان سينگاري.
وڙانگ
=
نالائق.
(٤) ڌوراڻا
= پري.
(٦) سوسي سورج جهپيا
= سجن کي سوگهو ڪري جهڪايو.
(٨) ته پڻ نيم – نهار – الخ.
= ته به پرين جي اڌ نظر جي بربار به ناهين.
(١١) سري
= پلئه پئي.
(١٢) وهيون وانچيائون
= لکيل ڪاغذ غور سان پڙهيائون.
(١٤) ناسيندي
=
ڪني ڪڍندي، سرجيو سورهينءَ ماه
=
سورهينءَ جي رات جو چنڊ افق
تان پڌرو ٿيو.
وائي: سڌايا
= ويا، روانا ٿيا، تياڪ
= ترياق، مفيد ٻڪي.
فصل -٢
(١) سينگاري سغلات
= سهڻن سازن سان سينگاري، جمل
=
اٺ
(٢) ٻور
= نوجوان ڪنواٽ.
(٣) پڳ سنهون – الخ. اٺ جون وصفون: پير ننڍو ۽
سهڻو ۽ ڳچي کڙي. ڪاڇي
= اٺ جو قسم (سنڌ واري ڪوهستاني علائقي جو اٺ). ڀنيءَ رات
=
وهاڻيءَ رات.
(٤) ڪونئر لتاڙيا
=
نوان گل ۽ ٻور آل جال چِنا،
ريهي پئي
= رونشي لڳي، ناز ڪري.
(٦) مڪوليا
=
مکيا – واسيا. سا سوٺائين جوءِ
=
اها اراضي تاڙيائين. انهيءَ
ماڳ جو قصد ڪيائين.
اگر جيائين اپجي
= جتي خوشبوءَ دار اگر پيدا ٿئي.
(٧) وياري
= ڀيلي، پر ڪيائين پاس
= پيٽ ڀريائين. اڪاس
= تانگهه
(٨) سون – ورن
=
سوني رنگ جهڙيون. سنبل
=
ڪاري گل جو قسم. ڪاڻيٺا رڱايا
=
ڏاٺون رڱيون (ڏند رڱيا).
(٩) ڪاڪ
= وار، رانئيو
= ريجهايو. (رتو ڪيو، ڳاڙهو ڪيو).
سر سر
راڳ
مقصد:
اي
وڻجارا! تون سچن صرافن سان سودو ڪر، جن وٽ هيرا،
موتي ۽ مرجان آهن، وهائج ته ڪو سڦرو سون وهائج، جو
ڪچ مان ڪي ڪين ورندو. پاڻيٺ جي پارکن سان پريت
رکج، جن مان ئي توکي نفعو حاصل ٿيندو. املهه ماڻڪن
لاءِ اونهي عميق ۾ ٽپو ڏي، مـِٽيءَ جي دڙن
۾ هٿوراڙيون ڏيڻ سان ڇا حاصل ٿيندو! تن کي ڏوري
ڏس، جي سمنڊ جا ساڪن آهن:
وڏا
طالع تن جا، جهاجه جهاري جن‘!
پس منظر: آڳاٽي سمي ۾ سنڌ جا سوداگر وڻج ۽ واپار لاءِ ٻيڙا سنباهي
پرڏيهه پوريندا هئا، تاريخ شاهد آهي ته ديبل بندر
واري سامونڊي شاهراهه اوڀر طرف سلون، جاوا ۽ چين
سان ڳنڍيل هئي. ميين شاه عنات هن ساڳئي سر ۾ لنڪا
يا سلون ۽ جاوا جا نالا کنيا آهن، پر خليفي صاحب
چين جو به ذڪر ڪيو آهي: ’ماڻڪ ڏيندءِ موڙيون، چنڊي
منجهان چين‘. هن سر جو عنوان ’سر راڳ‘ آهي، جو سري
راڳ جو مخفف آهي، ۽ سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي
انهيءَ مختصر نالي سان مروج ۽ مشهور آهي.
فصل -١
(١) وانءُ – ونءُ – وڃ.
(٢) هوه
= هئو.
(٣) پئي سوڙ
= سوڙهه وقت – ڏکئي وقت ۾. آزقو
=
ثمر – توڻ.
(٤) لاڳو
= سنگ – محصول
(٥) لاري لڳڻ
= آسري لڳڻ. چنڊي
= چونڊي.
فصل -٢
(١) ڪلاب
=
وڏي ڍنڍ. اونهو پاڻي، سمنڊ.
گهوري
=
پاڻيءَ ۾ پئي – ٽٻيون هڻي
ڳولي. غواص
= ٽوٻا.
(٢) وڙن
=
نادانن – نڪمن. منجهان ڀڪ ڀڙن
=
مٽيءَ جي سڪن دڙن مان. ساڪن
=
رهاڪو.
(٣) پاڳ
= واٽ (پڳ
= پيرو).
(٤) سنجيون
=
مک ڏئي مضبوط ڪري، سامان وجهي،
هاڪارڻ لاءِ تيار ڪيون. ٻار
= پاڻيءَ جي اونهائي ۽ ڇڪ.
(٥) اوهريا
= روانا ٿيا.
(٦) جهاجهه جهاري
=
اونهون پاڻي جهاڳيو. تانگهي
=
ننڍي پاڻي. ڪوڏيون تن لئي
=
تن کي موتين جي بجاءِ ڪوڏيون
پلئه پونديون.
وائي: توه
=
ٻاجهه – ڪرم. انگي لاهي اڱان
=
بدن تان چولي لاهي: درڱان
=
دورنگا – دشمن. سرڱان
=
سهڻي رنگ وارا. لڱان
=
منڊا – ناقص – هيڻا – ڪمزور.
سر ساموندي
مقصد: ١
- ٻيڙا مکي تيار ڪري، وکر سان ڀري ڀرپور ڪري، وڻجارا سودي واپار
خاطر سڙه سانباهي، لله جي آسري هاڪاري هليا. اڳيان
سمنڊ جون ويرون، ڪن ڪارونڀار ۽ عميق اوڙاه ٿا سڄن.
اي منهنجا موليٰ! ڪو واءُ سڻائو وارين، سندن جهونا
ٻيڙا خير سان پار پهچائين ۽ وري سلامت واپس آڻين! ٢- وڻجارن جون ونيون کين ويندو ڏسي
پيون ليلائين ته اسان کي وڇوڙو ڏئي اوهين ولايت نه
وڃو! خير سان سندن واپس ورڻ تي غورابن جا گهنڊ
وڄندا ٻڌي، واڌايون ڏئي پيون وهسن ته، ’کاري
کيڏارا، کٽي موٽيا خير سان.“
پس منظر: سر سامونڊيءَ جو سڄو سمان، وڻجارن جي واپار خاطر ولايت
ڏانهن سنبت ۽ موڪلاڻي ۽ خير سان واپس وطن ورڻ واري
ماحول تي ٻڌل آهي. هن سر ۾ خليفي صاحب چٽا اهڃاڻ
ڏنا آهن ته سنڌ جا واپاري ڪاٺياواڙ جي ڪناري (هالار،
پور بندر)، سيلون (لنڪا – لڪا) ۽ بنگال طرف ويندا
هئا ۽ سندن آخري منزل چين هئي.
فصل -١
(١) زورق
= ٻيڙي.
(٢) پرنيا
=
سپرد ڪيا. ڀاڏيلين
= سڄاڻ عورتن. ڪارونڀار
= خطري وارو اٿاهه سمنڊ.
(٥) ڀوين
=
سونهن ساٿين. نظر ناکئن جي
آهي منجهه عرفات
= حاجين جي حرمين وڃڻ ۽ حج جي رسم لاءِ عرفات پهچڻ ڏانهن
تمثيلي اشارو. سرين
= حاصل ٿين.
(٦) چين مهه – چين
=
يعني ننڍي چين ۽ وڏي چين، جنهن
مان مراد غالبا چين کان اوريان ملڪ ۽ ان بعد خاص
چين ولايت. ناءَ
=
ٻيڙي.
وائي: جهاجهه
=
سمنڊ جو اوڙاهه پاڻي. تاري
=
آڌر – آسرو. ڍيم ڍري
=
وڏي ٻيڙي به ماٺي هلي (؟)
فصل -٢
(١) ويهون
=
گهڻيون ٽوليون. ڍيم ڍريون
=
وڏا غوراب به ماٺا هلن (؟).
تاڙي لڳي نه تن
= تن جي ڪانه هلي. اتارن
= اڻ تارن.
(٢) واهڻ
=
سکاڻ. نوح جني جو ناکئو – الخ
=
حضرت نوح ۽ سندس ٻيڙي ڏانهن
تلميحي اشارو.
(٣) پر بندر
= پور بندر (جو ڪاٺياواڙ جو مکيه بندر آهي). آخري منزل
(٤) گمائي
=
وڃائي. سکاڻن
=
ٻيڙيءَ کي سنئين رخ تي هلائڻ
لاءِ سکاڻ جهلڻ وارا – ناکئا.
(٦) ڪلاب
=
(ڪولاب
=
ڍنڍ) اونهو ۽ اجهاڳ پاڻي.
معلومن
=
معلمن يا سونهن کان.
(٧) آر
= پاڻيءَ جي تک.
(٨) دگولي
= دنگي – ٻيڙي. درماند
= هيڻي.
(٩) اتارا
= اڻ تارو.
وائي: ڌڄيون
=
وانئٽيون – ٻيڙين جون جهنڊيون.
ڌاريچن جون
= سڄڻن
ساٿين جون.
فصل -٣
(١) زيريون
=
زنجيرون. پڳهه پايان پنج
=
پنجن پڳهن (ڪاٺ جي منن) سان
ٻيڙيءَ جون رسيون ٻڌان.
اوهري
= هاڪاري.
(٢) سميٽيا
= ختم ڪيا.
وائي: جرناريل پيا
=
’ڏياري‘ جي ڏڻ تي پاڻيءَ ۾ ناريلن وجهڻ جي رسم:
يعني ته اونهارو پورو ٿيو ۽ سيارو اچڻ وارو: هاڻي
سمنڊ ۾ طوفان جو زور ٽٽو ۽ ماٺائي شروع ٿي. اهو
وقت واپارين لاءِ سمنڊ جي سفر جو آهي. کوهو
=
ٻيڙيءَ جي وچين ڊگهي ٿنڀ مثل
اڀي ڪاٺي. کوها کڻڻ
= سڙهن ٻڌڻ لاءِ کوها اڀا ڪرڻ.
فصل – ٤
(٢) وهون
= ننهون – وريتيون، ور واريون.
(٣) کاري کيڏارا
= سمنڊ جي سفر جا ماهر.
وائي: ١- اکا ڏيڻ
=
پوڄا خاطر پاڻيءَ ۾ چانور يا
ان وجهڻ. ناڀون پايو ني
= نهنڊون
هڻي کنيو وڃي.
وائي: ٢- ناکائڻو
=
ناکئن جو. کلي ڏيندم کيئن
=
خوش ٿي واڌائي ڏيندم.
سر توڏي
مقصد: ١- ساهڙ جي سڪ ۾، سهڻي بنا ترهي، سيڻهه يا ٻئي ڪنهن سنڊ جي، ڌڻيءَ
جي آسري تي اچيو درياءَ ۾ گهڙي. ٢- اي سهڻي! تون
ساهڙ کي وساري ڏم سان ڏينهن
۾
گهار. ٣- گهڙو ڀڳو، وسيلو وچئون ويو، تڏهن سهڻيءَ
۽ ساهڙ جو پاڻ ۾ دائمي وصال ٿيو.
پس منظر: هن سر جو پس منظر سهڻي ۽ ميهار جو داستان آهي. ميين شاه عنات
جي ڪلام ۾ پڻ هيءُ سر ’توڏي‘ جي عنوان سان لکيل
آهي. لفظ ’ٽوڙي‘
جي هڪ معنيٰ آهي خوبصورت زال يا سهڻي عورت ۽ ٿي
سگهي ٿو ته انهيءَ لحاظ سان اهو عنوان قائم ڪيو
ويو هجي. ’توڏي‘ جي ٻي معنيٰ ”توڏي راڳڻي آهي‘، ۽
ٿي سگهي ٿو ته آڳاٽي وقت ۾ سهڻيءَ جو سر انهيءَ
راڳڻيءَ ۾ آلاپيو ويندو هو (حالانڪ هن وقت رائج
’سهڻي‘ جي راڳڻي بلڪل ’ڀيروي‘ سان مشابهه آهي) ۽
انهيءَ ڪري اهو عنوان قائم ڪيو ويو. ’توڏي‘ جي
معنيٰ آهي ننڍي نوجوان اٺِ. کاري (ميرپور ساڪري ۽
ڪيٽي بندر) طرف اٺيون سمنڊ جا واهڙ تري وڃي اندر
ٻيٽئارن ۾ چرن.
فصل -١
(٢) مڏ
= گاه يا ڪکن جو وڏو موڙو، ’تر‘ کان ٿلهو. ڪلاب
=
اونهو پاڻي.
(٣) نوڙ ٻڌڻ
=
ڪنهن ننڍي واهه مان هٿ وجهي
اڪرڻ لاءِ رسو ٻڌڻ، يا ڪنهن وڏي ويڪري واه مان
ٻيڙيءَ جي پتڻ خاطر وڏو نوڙ ٻڌڻ.
(٤) ڇينهرو
=
پاڻيءَ جي ڇڄڻ واري حالت –
تانگهي پاڻيءَ واري حالت. مڪري
= ٻيڙي. تر
= گاه يا ڪکن جو ٿلهو فرش
وائي -١: سنگهار
=
مال وارو ڀاڳيو. گهنڊار
=
وڏا چڙا.
وائي -٢: مانگرڙيون
=
ننڍڙا مانگر اتاري
=
اڻ تارو. ناءُ
=
ٻيڙي. آر
=
درياءَ
جي سير. آڳه
= آڌار.
فصل -٢
(١) ڀرڻ
= راضي ٿيڻ – خوش ٿيڻ. مڇڻ
= متان
وائي: ڀـِڄي
= وهامي. ساهڙ سيئن
= ڌر ساهڙ تائين.
سر سارنگ
مقصد: ١- مينهن جي مند آئي، وسون ٿيون ۽ عالم آسودو
ٿيو. ٢- وڇڙيل سڄڻ ۽ سانگي وس ۾ وري اچي گڏيا:
’وريو وصل ڏينهن، مينهن ميڙيا سپرين‘. ٣-
مينهن
الاهي
رحمت آهي، جو بک، ڏک ۽ ڏڪار ميٽي ٿو. اها رحمت
ڌڻيءَ جو راضپو ۽ هادي مرشد جي هدايت آهي، جنهن جو
فيض سڀني کي نوازي ٿو.
پس منظر:
ماضيءَ ۾ هڪ وڏي عرصي تائين سنڌ جي ڪافي حصي جي زرعي آباديءَ
توڙي مال جي پرورش جو مدار مينهن تي رهيو آهي، انهيءَ
ڪري سانوڻ جي وس کي ڌڻيءَ جو راضپو ۽ رحمت تسليم
ڪيو ويو آهي. ٻئي نڪته نظر کان نبي صلي لله عليه و
آله وسلم جي آمد سان اسلام جو فيض ملڪان ملڪ عام
ٿيو ۽ انهيءَ ڪر اهل دل صوفين ۽ درويشن سارنگ کي
نبي صلي لله عليه و آله وسلم جي آمد ۽ فيض جو هڪ
منظر ڪري مڃيو آهي. مولانا رومي توڙي سنڌ جي بزرگ
شاعرن مثلا: شاه عنات، لطيف، خليفي صاحب ۽ ٻين
انهيءَ معنوي نڪتي کي
تمثيل طور بيان ڪيو آهي.
فصل -١
(١) ابر
=
جهڙ – ڪڪر، آثار
=
نمونو. سج پڙي
=
آسمان ۾ غبار سببان سج جي چوڌاري گول هيري وارو
پٽو. ڪس ڪڪرين
=
ڪڪرن جي ڪاراڻ. چؤ وايو
=
چئني طرفن جو واءُ، جو مينهن
جي اچڻ جي نشاني آهي.
(٢) موگهون ڪڍيون
=
ڪڪرن جي ابن جون لاٽون. پتين
لنڀ پچي پيا
= ميدانن ۾ لنڀ گاه نسريو.
(٣) ٻني
=
ڪڇ جو هڪ ڀاڱو، جو عام طرح
’ڏاڏي آدم جي ٻني‘ سڏجي. سامڊهو
= ڪڇ جي هڪ اراضي.
سيم
=
جوءِ. اراضي. ڪورڙ
=
هرن ڪاهڻ کان سواءِ مٿان ريج ۾
ڇٽيل ٻج.
(٤) پنهوار
= ٻڪرين جا ڌنار
(٥) هالار
=
ڪاٺياواڙ ۾ ڄام نگر رياست وارو
ڀاڱو، ڀِٽارو
= ٿرپارڪر ضلعي ۾ موجوده نئين ڪوٽ اسٽيشن کان ڏکڻ ۽ ڍوري
جي اڀرندي طرف واري اراضي
(٦) ڏنڙين کي
= مٿاهين ٻنين کي
(٧) ٻهر
=
ڪنهن به ڍوري درياءَ جي ڪپ يا
ڪنڌيءَ جي چوٽيءَ کان ٻاهر واري لاڳيتي زمين.
ڀري ڀٽاري – الخ
= ڀٽاري جو ڍورو تار ٿي اٿلي پيو ۽ ڪنڌين کان ٻاهر واري
زمين ٻوڙيائين.
وائي: موگر موڙ
= مگر ول جا گونچ ۽ گل.
فصل -٢
(١) نالون
= دانهون
(٣) ڌٻڙوال
= ٿلها کهرا کٿا ڍڪيندڙ، کير جون
=
واڌائيءَ جون
(٤) (٥) سڀني نسخن ۾ اصل پڙهڻيون ’سولي
وار‘ ۽ ’سولي‘ ڏينهن آهي، جن جي معنيٰ ٿيندي،
’سڻائي ڏينهن‘. پر غالبا صحيح لفظ ’سرلي‘ آهي.
’سرلو‘ معنيٰ جهڙ: ’سڄو صاف نه اڀري، سرلي وچان
سج‘ (ڀٽائي: سر سارنگ). انهيءَ لحاظ سان ’سرلي
وار‘
= جهڙ واري سمان ۾، ۽ ’سرلي ڏينهن
=
جهڙ واري ڏينهن.
(٦) سئائن
=
کير ڏيندڙ ڳئن ۽ مينهن. پارا
=
ٺڪر جون وڏيون دکيون – تس،
پارڙا.
(٧) موهر
= مهراڻو. واڳيو
= ٻڌو – وڪوڙيو.
(٨) اهاءَ
=
تجلو. ڪامڻ کڻندي کنج
=
حسن واري عورت جيئن ئي پنهنجي
چوڙي واري ٻانهن مٿي ڪري ٻانهينءَ کي سولو ڪري.
(٩) ڏوگاهو
= ڏڪار.
(١٠) کوي
= کنوڻ جا تجلا ڪري.
(١٢) دلهن
=
ڪنوار. ڌنڪيا (هندي: ڌنڪ
=
ڪمان – انڊلٺ) انڊلٺ. استعاري
طور معنيٰ ’وارن جي سينڌ‘.
(١٣) موهن روپ
=
(موهن
=
ڪرشن جو رنگ سانورو هو. سانورو
سڄڻ. مهتابان
= چنڊ کان. پايل
= پير جي ڇير – پازيب.
وائي -١: مانگ
=
سينڌ.
وائي -٢:پپيهو
=
تاڙو پکي.
فصل -٣
(١) سڃي
= ڏيکاري – ڏئي
(٢) سرلي
= جهڙ
(٣) اتور
= گهڻو
(٥) تسياريون
= اڃايل. پهيڙا
= قاصد – پانڌي
(٦) ڏهر
=
ٻن ڀٽن جي وچ واري هيٺاهين
سنئين زمين، جنهن ۾ آبادي ٿئي.
وائي: جهار
= بندگيون ۽ سلام.
ڪونين ۾
=
ٻنهي جهانن ۾.
سر ڪيڏارو
مقصد: ١- اي شاه شجاع! سنڌ کي پنهنجو اڏو نه بناءِ، جو هتي جا مٿير مرد
مڙڻ وارا نه آهن. سنڌ طرفان اميرن جي لشڪر کرڙيءَ
جي ميدان ۾ آڻي پنهنجا خيما کوڙيا. مردن لاءِ کرڙي
آزمائش جي جاءِ آهي: ”کرڙي کائي رت، ڀت نه وجهي
وات ۾.“ اميرن جي لشڪر جا جهنڊا شان سان پئي
جهليا، پر افغانن جي لشڪر، بنا جنگ جي اعلان جي،
اوچتو اچي چوريءَ مٿن حملو ڪيو. مرتضيٰ شاه ميدان
۾ گهڙي پيو ۽ ساڻس ٻيا ڪونڌر به ڪڏندا آيا. ٢- سو
مير ڀل مرڪي، جنهن جو سپه سالار مرتضيٰ شاه جهڙو
پهلوان ۽ سورهيه مرد آهي. مرتضيٰ شاه سوڀ ڪارڻ سر
ڏئي سرهيو ٿيو: ”سوڀون سر گهرن، سر ري سوڀ نه
سپجي.“ مرتضيٰ شاه هڪ گل هو، جنهن کي سندس پيءَ
گولي شاه ڄڻ پرکا خاطر پوکيو هو. هن چئني طرفن کان
حملو ڪري، دشمنن
منجهان پاڻ جهڙن پهلوانن کان پتيون ورتيون. ڀيچين
کان ڀڄڻ
مردن جو ڪم نه آهي. اي جوان مرد! دشمن سان مڙس ٿي
منهن ڏي ۽ پنهنجو هر هٿيار استعمال ڪر. مقابلي وقت
متان ڪنهن ڪانئر جي ’مصلحت‘ واري صلاح ڪن ڪرين:
’ڪانئر سندي ڪن تي، ٻولي هڏم ٻنڌ‘. (جنگ وقت غيرت
واري زال جو اهو ئي آلاپ آهي ته:) اي منهنجا ڪانڌ!
ميدان ۾ مرد ٿي مر ته آءٌ مانائتي ٿيان: ‘’جي تون
ڀڄي آئيين، ته اوڏو مون م اچ
/
مون سهائي سچ، ڪوڙيون ڪانڌن
ڪوڏيون‘. ٣- پِيئن جا پٽ ميدان ۾ مارجي وا ۽ مائن
جا پٽ ڀڄي گهر آيا. شاه شجاع جا ساٿي سبق سکيا ۽
کين معلوم ٿيو ته سنڌ جا سورهيه موت کان مڙڻ وارا
نه
آهن.
(جهان خان) مري بيشڪ هڪ مٿير مرد هو، جنهن مرڻ کي
مرڪ ڀانيو. قضا ائين هئي: قضا آڏو ڪوٽ ۽ قلعا به
ڪا شيءِ ڪانه آهن. تيموري افغان هاڃو ڪري ويا، پر
مرتضيٰ شاه جهڙا مڙس سر ڏئي سوڀارا ٿيا: ’رڻ، راوت
۽ رڪ، ٽيئي پرتا پاڻ ۾.‘
پس منظر: خليفي صاحب هن سر ۾ سنڌ جي انهن سورهيه مردن کي ڳايو آهي، جي
کرڙيءَ واري جنگ ۾ شهيد ٿيا. اها جنگ سنه ١٢٤٩هه
/١٨٣٤ع
۾ سنڌ جي اميرن ٽالپور جي لشڪر ۽ شاه شجاع طرفان
چاڙهيل فوج جي وچ ۾ کرڙيءَ واري ميدان ۾ لڳي.
درياءَ کان لاڳيتو اتر ۽ پراڻي سکر شهر کان ڏکڻ
اولهه واري ايراضي سڄو جنگ جو ميدان هو. موجوده
جيل جي اتران پوليس جو ٿاڻو اڃان تائين ’کرڙيءَ
وارو ٿاڻو‘ سڏجي ٿو، جو اڳئين کرڙيءَ واري ميدان
جي نالي جو يادگار آهي. هن وقت اها ايراضيءَ جا
کرڙيءَ جي نالي سان سڏجي ٿي، ان جون حدون هي آهن:
ڏکڻ کان درياءُ، اوڀر طرفان دنگ، شاه جو اوتارو ۽
ڀائي ٻالي جو مندر، اولهه طرف جي حد ’واٽر ورڪس‘
کان قدري اولهه، ۽ اتر طرفان پراڻي ۽ نئين سکر
واري وڏي رستي ۽ کرڙي پوليس ٿاڻي کان به قدري اتر
اولهه وارو ڀاڱو. هيٺيون نقشو کرڙيءَ جي انهن حدن
کي قدري نروار ڪري ٿو.
(١) کرڙيءَ جي جنگ بابت جن مصنفن لکيو آهي، تن مان منشي عطا
محمد (جو ان وقت شڪارپور هو) پنهنجي لکيل تاريخ
’تازه نواي معارک“ ۾ تفصيلي بيان ڏنو آهي.
جو هن ريت آهي:
”ٽالپر اميرن سنڌ ۾ حڪومت جي نظام کي ڀختي ڪرڻ بعد ڪابل جي ڪاڻ
ڪانه ٿي ڪڍي. انهيءَ ڪري سنه ١٢٤٨هه ۾ افغانن
طرفان سنڌ جي اترين سرحد تي زور پيو ۽ اميرن جي
حاڪم نواب عالم خان مريءَ شڪارپور جي بدران اچي
سکر ۾ پنهنجو محاذ پختو ڪيو. افغانن جي طرفان
هدايت لله اچي گوسڙجيءَ ۾ پنهنجو اڏو ڄمايو، ۽
وجهه وٺي اڳرائي ڪري، نواب عالم خان مريءَ تي حملو
ڪيائين ۽ عالم خان شهيد ٿي ويو. عالم خان جو پٽ
جهان خان مري هڪ وڏو بهادر ۽باهمت جوان هو، جنهن
پوءِ هدايت لله تي چڙهائي ڪئي ۽ هدايت لله مارجي
ويو. انهيءَ تي ڪابل طرفان سمندر خان افغان فوج
ساڻ ڪري اچي شڪارپور پهتو.
نواب عالم خان مريءَ جي بي گناه قتل تي سنڌ ۾ ڪافي شورش ٿي، ۽
ويتر جو سمندر خان چڙهي آيو ته سنڌ جي اميرن سندس
مقابلي لاءِ فوج تيار ڪئي. مير رستم خان طرفان
محبت خان مري، ڌڱاڻو خان مري، جلال خان مري، فضل
محمد خان مري ۽ نظاماڻين، جلباڻين ۽ باگراڻين جا
دستا روانا ٿيا، مير علي مراد جي طرفان گولي شاه
ڪهيريءَ جو پٽ سورهيه سپهه سالار غلام مرتضي شاه
فورا روهڙيءَ
مان درياءُ اڪري اچي سکر پهتو. حيدرآباد طرفان
آغا اسماعيل شاهه جو فرزند سيد محمد ڪاظم شاهه ان
کان اڳ خيرپور آيل هو ۽ کيس حڪم مليو هو ته
’لاڙڪاڻي ۾ وڃي بهادر خان کوکر سان ملي. هو ٽنڊي
لقمان خان مان لاڙڪاڻي ڏانهن روانو ٿيڻ وارو هو،
جو کيس نواب عالم خان مريءَ جي شهادت جي خبر پهتي،
۽ هن لاڙڪاڻي جو خيال لاهي موٽي اچي مير رستم خان
سان
مشورو ڪيو ۽ پوءِ اتان پاڻ ۽ سندس ڀاءُ سيد محمد تقي شاه پنهنجي
سپاهين سميت روهڙيءَ آيا ۽ اتان فورا
درياءَ اڪري سکر پهتا.
خيرپور جي اميرن طرفان سندن سپهه سلار پنهنجن فوجي دستن سميت
موجود
هئا، مگر حيدرآباد طرفان فقط سيد ڪاظم شاه ۽ سيد
محمد تقي شاه پنهنجن ساٿي سپاهين سان بروقت پهتا.
وقت جي تنگيءَ سببان حيدرآباد طرفان پوري اهتمام
سان ڪو وڏو لشڪر ڪونه پهتو. هوڏانهن سمندر خان
پوريءَ تياريءَ سان آيو هو ۽ شڪارپور مان ست توپ
گاڏيون ۽ ٽي هزار سوار ۽ پيادا ساڻ ڪري چڙهيو ۽
اچي سکر جي پريان چئن ميلن کن تي ڳوٺ جعفر آباد ۾
ڇانوڻي هنيائين. سنڌ جي لشڪر جو هڪ حصو آڏو لال
واه جي پيٽ ۾ اڙ ڪري ويٺو. سمندر خان سامهون ميل
کن تي ڏيکائي ڏئي، جنگ جو جهنڊ وڻ تي چاڙهي، ٿورڙو
لشڪر اتي بيهاري، کين جنگ جي طبل وڄائڻ جو حڪم
ڏنو. انهيءَ چال سان سنڌ جي لشڪر کي ڌوڪي ۾ رکي،
پنهنجي ٻي فوج ڦيرائي پوئين پاسي کان آهستي آهستي
ٿي ٻه توبون آڻي ٽڪريءَ تي چاڙهيائين. سنڌ جي لشڪر
جي مکيه ڇانوڻي اتان توبن جي مار ۾ هئي، ۽ افغانن
بنا دهل دمامي جي اتان مٿن توبون وسائڻ شروع ڪيون.
باوجود انهيءَ اوچتي بيمباريءَ جي سنڌ جو لشڪر ڇڙوڇڙ يا پوئتي
هٽڻ جي بدران مقابلي لاءِ تيار ٿيو. غلام مرتضيٰ
شاهه سنڌ جي فوج کي سورهيائيءَ جي سبق سيکارڻ لاءِ
سڌو ٽڪريءَ طرف حملو ڪيو. حيدرآباد جي دستن جو
سپهه سالار سيد محمد ڪاظم شاه، جو غلام مرتضيٰ
شاهه جو دوست هو، تنهن گهوڙي جون واڳون ڇڪي اڳواٽ
وڌي دليريءَ سان حملو ڪيو ۽ دشمن جي پيادل فوج جون
پتيون ڪڍي ڇڏيائين ۽ آخر دم تائين وڙهندي
ميدان ملهايائين. سيد محمد ڪاظم جي ڪرڻ تي، غلام
مرتضيٰ شاهه پڻ مست هاٿيءَ واري حالت
۾ تلوار هٿ ۾ ڪري ميدان ۾ اڳتي گهوڙو ڪڏايو، پر
اتفاق سان توبه جي نشان جو شڪار ٿي شهيد ٿيو. سندس
ڪرڻ تي حيدرآباد جي اميرن جي وزيرن مان خاص ملازم
دريا خان نظاماڻي اڳواڻ ٿي اڳتي وڌيو ۽ آخر سمندر
خان جي ڀائٽي هٿان شهيد ٿيو. ان بعد جهان خان مري
پنجاه - سٺ جنگجو جوانن جي دستي سان اڳتي وڌيو.
هنن سورهين هڪ ٻئي جي پهراڻن جا پلو ٻڌي ڇڏيا هئا
ته صف بنجي آخر دم تائين مقبالو ڪن. مردن ترارين
هڻڻ سان انصاف ڪري ڇڏيو ۽ روهيلن جون پتيون ڪڍي
ڇڏيائون. جهان خان جنهن مردانگيءَ سان وڙهيو، ان
جو مثال ڪونه هو. باوجود دشمن جي وڏي تعداد جي هي
مڙس ڪين مڙيا ۽ آخر دم تائين وڙهندي
ميدان کي پنهنجي رت سان رڱيائون.“
|