سر بروو
سنڌي
مقصد: ١- سڄن سونهن جي هٿيارن سان مشتاقن کي ماري منزل تي پهچائي ٿو. اي
سڄڻ! مون کي تنهنجي تات طلب آهي، آءٌ ته پرچون پاڻ
۾. سڄڻ
پرتا ۽ عيد ٿي، ڏجهڻ ويا ۽ ڏک لٿو: ”جانب جو جمال،
ڏٺي ڏک لهي ويا.“ ٢- اي ڪتا! تون ڪرهه ڪري ڀونڪ
نه، جو آءٌ سڄڻ جي وصال لاءِ آسائتي
آهيان، تون اونايون ڪري ٻين کي نه اٿار ۽ مونکي رتيءَ جي رهاڻ
کان نه رنڊاءِ. ڪتو گس جهليو ويٺو آهي ۽ساڻس ٻي
ڪتي پڻ جوڙيوال آهي، پر پرين ٻاجهه پئي ٻنهي کي
پليو، ڪتن جو ڀلا ڪهڙو ڏوهه، جو ڌڻين پاڻ ڌاريا
آهن. بالآخر سڄڻ
صلح واريو ۽ ڪتن جي ڪاڻ لٿي. ٣- سڄڻن جي سونهن سج
چنڊ سلامي ڪيا: چنڊ ۾ ته ڪاراڻ آهي، پر پرينءَ جو
پرتوو سج کان به سرس
آهي:
”جڳ ۾ جوت جهون، پسان ڪونه پرينءَ جي.“ حقيقي
محبوب يعني ڌڻيءَ کي جو سڏي ٿو ته هو سڏ سڻي ٿو،
پر ”سڻي جي نه سڻي، ته پڻ ساعت سڏ نه لاهيان.“ اي
ڪانگل! سڄڻن کي وڃي سنيهو پهچاءِ، ۽ ”جي سڄڻ وئڙا
سانگ، اڄ اڏائي آڻ تون.“
پس منطر:
هن سر جو پس منظر محبت ۽ مجاز آهي.
فصل-١
(١) بڙودائي بان
=
بڙودي شهر جو ٺهيل تير. رونسيو رڱي هٿڙا
=
زخمن سان سلهيو سٽيو، رت مان
پنهنجا هٿ لال ڪري (رونسڻ
= (سنڌي ٻوليءَ جو ڪچي محاورو ڪيرائڻ – پڇاڙڻ – گهڻو مارڻ
۽رت ۾ ڳاڙهو ڪرڻ).
(٢) واڍوڙيا
= زخمي ٿيا.
(٣) ونجهل
= جهوري. چتر ساڻ
= ١- چيٺ سان – حيلي سان. ٢ - قرب ۽ محبت سان. نجيب
=
اي عالي نسب!
(٦) لکمڻ ساڙي سيت
= لڇمڻ سيتا کي ساڙيو.
(٨) تاب توڏ
= دڙڪو ۽ آڪڙ.
(١٠) گهري سات
= گهڙي ساعت.
(١٢) لٿي مون تان لک
=
مون تان سختي ۽ تڪليف لٿي.
ڏجهڻ پاسي ڏک – الخ
= ڏکن اچي رقيب وٽ ديرو دمايو.
(١٣) وڍيوسون وسواس
= شڪ گمان پليوسون.
(١٤) ڏيهي
= هم وطن دوست.
(١٦) ڇڏي کر کپت
= رقيب جهيڙو ڇڏيو.
(١٧) تغير ڪيا
= بدلايا – دفع ڪيا.
وائي-١: سانگ ويا
=
سانگ تي ويا – اصل جاءِ رهائش
ڇڏي ڪنهن سانگي سان ٻيءَ جاءِ ويا. وهلڙي
=
سگهي. وراڻ
=
موٽ
وائي-٢: ڀِري
=
خوش ٿي – راضي ٿي.
فصل -٢
(١) ڀچر جون باهون
=
ڪتي جون بَهڪون. ڪڍي
ٿو ڪرڙن ۾ - الخ. ڪتو چاري ٿي، محبوبن جي گهر جي
چوڌاري ڪڪڙن ۾ پيو ڦري. ڪرڙج
=
ڪاوڙ مان ڀونڪون نه ڪج.
(٢) راڱا!
=
اي راڱي (ڳاڙهيرڙي) رنگ
جا ڪتا! ڪر م باه
= ٻهڪ نه ڪر. لوڪ لک پئي
=
ماڻهن کي خبر پوي.
(٤) پان ورني
= پان جي رنگ جهڙي ڳاڙهي.
(٥) پسي پڇ لڏائيين
=
مونکي ڏسي سڃاڻي، خوشيءَ مان
پڇ لوڏين. ڪري پئين ڀاڏ ۾
= ڪنهن وڏيءَ کڏ ۾ ڪري پئين (جتان نڪري نه
سگهين).
(٦) ڏجهڻ پئي م ڏاءَ
=
دشمن کي خبر نه پئي. رمان رات
رهاڻ ۾
= سڄڻ سان ڪچهريءَ ۾ رات پوري ڪريان.
(٧) پرنون
= پارتون.
(٨) ڌوتي
= ڌتاري.
(٩) روازي
= بي لڇڻو – لوسي. مجازي
= محبت وارو سڄڻ.
(١٠) روڙ
=
ڪاه (رومڙ). سوڙ ڪڍي
=
سوڙهه ڪري. جلهه ڪري. ڪارايل
=
ڪارو
ڪتو.
(١١) ٻهڙو جهليو ٻنڀ
=
ٻهڙي رنگ جو (ڪمرو) ڪتو گهر جو
در جهليو ويٺو آهي. لنب
= بي لحاظ – ڪميڻو.
(١٢) پونچي
= ڪتيءَ جو نالو.
(١٤) کجڻ ٻڌو کاه
=
جهيڙاڪار اچي جهيڙو ٻڌو. ڪنهن
ڏجهڻ وڌو ڏاهه
= ڪنهن دشمن (رقيب) منهنجي اچڻ جي خبر سڻائي.
وڳي ويچارن تي
=
مسڪينن تي ٿو بَهي ۽ ڪٽڪيون
ڪري.
(١٥) راڱي ملا – الخ
=
رات جو هن راڱي ڪتي کان ڪنهن
حيلي به لڪي نٿو سگهي.
(١٦) ڳوٺ ڳري
= ڳوٺ جي گهٽي.
(١٧) سو لهه لڌائون
=
محبوبن اهڙو بلو ڪيو. خوف خزان
ٿيو
=
ڊپ دفعي ٿيو. ڪڙنو
=
لوهو گول ڇلو.
(٢٠) ڀچر خچر خارجي
=
ڪرڙو ڌاريو ڪتو (شيطان ڏانهن
اشارو). واڻي
در
وحي
= جبرئيل در جهلي بيٺو. سهو
=
سونهون – مددگار.
(٢١) سينڌو
= واقف، دوست.
(٢٤) گير نه ڪن
= گرن نه. توڏ
= آڪڙ. سگن سين
= ڪتن سان.
فصل – ٣
(٢) سونهن ملار
=
سارنگ جي بادلن جي رنگا رنگي
سونهن وارو.
(٣) موهن روپ مهاءَ- الخ
=
سهڻي سڄڻ جي وات جي پڪ کان
ماکيءَ کي ميٺاج مليو.
(٤) پونم
=
چوڏهين جو چنڊ. ميٽي ويڄ وري
=
طبيب (سڄڻ) ڦٽ جي ور کي ختم
ڪيو.
(٥) پونم پاڇويون
=
چوڏهينءَ جي چنڊ ۾ ته ڇانيون
(ڪاراڻ) آهن (پاڇا وان آهن). جوت جهون
=
سندن سونهن
جي لالائيءَ جهڙو.
(٧) ڌڻيءَ ڌئا جي
=
جيڪي ڌڻيءَ جا چونديل ٻانها
آهن، جن تي ڌڻيءَ جي مهر آهي.
(١١) سر ٻڙانگ
= ٻيسانگ تي – ٻن انگهن واري ٿوڻيءَ تي.
وائي-١: بيراڳڻ
=
ويراڳ واري – درد فراق واري.
وائي-٢: دکي جامن ڌون
=
جا (درد جي) دونهين دل ۾ دکيل
آهي.
سر راڻو
مقصد-١: مومل جي حسن جي هاڪ سڻي ڪئين
مشتاق آيا، پر ڪي انهيءَ ماڳ مئا، ڪي گوندر گاڏوان
موٽيا. هڪ سامي، جو سور پرئاي موٽيو هو، تنهن راڻي
مينڌري ۽ سندس ساٿين سان حال اوريو ته ”گجر سڀ
گنوائيا، لوڌي لک هزار“. ٢- مومل هڪ پري ذات پدمڻي
آهي، پر سندس ملڻ مهانگو آهي: ”راڻا ڀانءَ م راند،
هيءَ سڱ سورن گاڏئون“. پر راڻو ۽ سندس ساٿي ڪهي
اچي ڪاڪ تي پهتا، ۽ سوڍي سڀ طلسماتي تال معلوم ڪري
وڃي مومل ماڻي: ”مومل ۽ مشتاق، هردوئي هيڪ ٿيا“.
٢- سوڍي کي ڪو جو شڪ پيو، جو ڪاڪ تان آسرو پلي
ويو: راڻو رسي ڄڻ
مومل کي ماري ويو. مومل پڻ راڻي جي سڪ
۾ فنا کائي
خود مينڌرو بنجي وئي.
پس منظر: هن سر جو پس منظر مومل ۽ راڻي جو مشهور داستان آهي، جنهن جا
ٽاڻا خليفي صاحب هن طرح ڏنا آهن ته: مومل ’نادول‘
شهر جي گجر شهزادي هئي، جتان پنهنجون ڀيڻون ساڻ
ڪري اچي ڪاڪ ڪنڌيءَ تي هڪ طلسماتي محل تيار
ڪرايائين. سماجي،
جنهن راڻي ۽ سندس ساٿين کي مومل جي خبر سڻائي، سو
گرنار (جهونا ڳڙهه) جو هڪ
جهان ديده جوڳي هو، جو مومل جي هاڪ هالا (ڄام نگر
رياست واري ايراضي) مان سڻي، ڪهي اچي ڪاڪ تي پهتو،
پر اتي سندس هنر حيلو ڪونه هليو ۽ هي گودڙيو گوندر
پِرائي پوئتي موٽيو. راڻو (جنهنجو نالو ’مينڌرو‘
هو)سوڍو (ذات جو) ٿر جي ڍٽ واري ايراضيءَ جو سردار
هو ۽ مڙني سوڍن (ساڏورن، ماڏن، موڏورن وغيره) جي
مٿس پڳ هئي.
فصل-١
(١) وڄ ورنيون
=
سونهن ۾ کنوڻ جي تجلن جهڙيون.
نڱيون نادولا
= ”نادول‘ شهر مان روانيون ٿيون، سر چيرا
=
مٿن تي پٽ جا ’چيرا‘ (روا)، ڳل
پيپنيون
=
ڳچيءَ ۾ پيپني رنگ جا رومال.
(٣) زنده طعامون – الخ
=
مومل ۽ سندس سٿ کي بازن وانگر،
گهوٽن شهزادن جوماه تازي طعامي (قوت) طور گهرجي.
(٤) سو سينهائين اڳرو
=
(هيبت ۾) هڪ سؤ شينهن کان به وڌيڪ آهي. تني چاڙهي
چيئن
= تن کي سوريءَ تي لٽڪائي.
(٥) ڪهڪ – دوال
= ڪاڪ جي محلات جي ديوار.
(٧) ڪوار
= گلا.
(١٠) سوس
= خيال. آسرو. لوڌي
= شڪار ڪندڙ.
(١٣) خدنگ
= تير.
(١٥) ساوج گير
= شينهن جهليندڙ.
(١٩) ناني
= ’ناني‘ جبل
۾ جوڳين جو تڪيو ’هنگلاج‘.
(٢٢) اونچي روه
= اچي جبل (گرنار)تي.
(٢٣) ٻرڙي منجهه ٻهڪ
= بيٺڪ يا ديرو ’ٻرڙي‘ جبل ۾ آهي.
فصل-٢
(١) ڪوڪبان
= سينڌ. حمال
= تائٿ.
(٢) مير مواس
= مهمير – همت ڀريا شهزادا.
(٣) جاءِ - نماءَ - قطب نما مثل، ماڳ ڏيکاريندڙ اوزار.
(١٣) دئي درڪ
= روشني ۽ پرک.
(١٤) ڪعبي پوش
= (ڪارو) غلاف.
(١٥) فڪان قاب قوسين او ادنيٰ (آيت)
= معراج وقت، نبي صلي لله عليه و آله وسلم جي
ذات حق سان ويجهڙائيءَ ڏانهن اشارو ته: ’ٻن ڪمانن
جي وٿيءَ جيترو، بلڪ اڃا به ويجهو هو.“
(١٧) ملام
= ملامت – گلا.
(١٨) ساڏور، ماڏا ۽ موڏر
=
ٽيئي سوڍن جا پاڙا. موکي
=
عزت ڏئي چونڊي.
(١٩) ڪنار
=
وڏيون ديڳون. چڙهيا ڪالهه ڪنار
=
مومل
۽ راڻي جي ملڻ جي خوشيءَ ۾ ڪاڄ ٿيا ۽ ديڳيون
چڙهيون. سليدار
=
(اسلح + دار
=
هٿيارن وارو) سپه سالار. بهادر
مڙس. ويراڳين جا وارئا جي اڳ مومل ماريا هئا، تن
جا وير ورتائين.
وائي: ڳاج
= ڳيچ. ڳائون ڏيئي
= ڳاوڻ ڳائي. (ڳاهوي، ڳائي)مون گهر
لايو
=
منهنجي گهر وٺي اچو. سائڙو
=
سعيڙو.
فصل -٣
(٢) ڪڄ
=
ڪڍ. پائي ڇاڻ ۾ ڇڄ
=
مدي ميري پڌري نه ڪر (ڇڄ ۾
ان ڪلڪائي مٿي ڪچرو جدا ڪرڻ ڏانهن اشارو)
(٥) لٿو سهو سجود
=
سهو جو سجدو معاف ٿيو – ڀل چڪ
جو حساب ئي ختم ٿي ويو.
(٧) نينهن نهو
= محبت جو بنياد.
سر کاهوڙي
مقصد: ڏوٿين جو ڌنڌو ئي آهي ڪشالا ڪري ڏٿ ڏورڻ. اهي اڻ ورچ کاهوڙي
بُک، لک ۽ اڃ کان بيپرواه آهن ۽ جهر جهنگ جهاڳي
اهڙين ويڙهين ۾ وڃي ٿا وڻ چوندين، جتي جيتن ۽
جانورن جو جيئڻ به مشڪل آهي. مقصد ته حق جا طالب
سڀ آسانگا پلي، پنهنجي جان کي جفا ڏئي حق جي ڳولا
۾ مشغول آهن.
پس منطر: آڳاٽي دور ۾ جڏهن ملڪ ۾ آبادي گهٽ هئي ۽ اناج جي ڪمي هئي، تڏهن
غريبن
جو گذر ڏٿ (گاهن
جي ٻج، پڪن، پيرن وغيره جهنگلي ميون) تي هو. هو
کها (يا کاها
=
ننڍيون ڪوڏريون) کڻي صبح جو ڏٿ
ميڙڻ خاطر نڪرندا هئا ۽ جهر جهنگ ووڙي ٻچن جو وقت
آڻيندا هئا. اهڙا اڻ ورچ، ’کاهوڙي‘ (کهن يا کاهن
وارا) سڏجڻ لڳا، جن کي اڃ، بک ۽ لک جي پرواه ئي
ڪانه هئي ۽ ڏٿ ڏورڻ سندن روزمره جو ڌنڌو هو. سالڪن
۽ شاعرن حق جي طالبن کي کاهوڙين سان تشبيهه ڏئي،
سنڌي شاعريءَ لاءِ هي نئون مضمون نروار ڪيو.
(٢) ڏڌوڙيا
=
ستايا. ڌوم دهوڙيا
=
گهڻو هلاڪ ڪيا. سنڊ
=
اوزار (ڏٿ ميڙڻ جا). سپ
=
ڇڄ.
(٣) ڏوريندڙا
ڏور ٿيا
= ڏٿ جي تلاش ۾ پري هليا ويا.
(٤) ڪونڌر
=
ساندرا (پاڻيءَ جا). ڪور
=
وهندڙ ڪڙيو يا ڪسي.
(٥) کرڪڻ
=
ڪکن يا چم جا سادا سڪل جوتا.
ڀڃيو
=ڪٽيو.
ڪوڙ
=
گهڻيون. (ڪروڙ)
(٦) ٻٿ
=
گاه جا ٿلها ٻوڙا. (گاهه جي
پاڙن وارو مٽو، جنهن جا پن، تاندورا ۽ ڏاريون مال
چري ويندو آهي).
(٧) سميٽيو
= گڏ ڪيو.الک
= ڌڻي. اماڻ
= امانت
(٨) ماءُ
=
پاڻي. سوٺو
=
چِتايو. ڏٿ ڪريندا
=
ڏٿ گڏ ڪندا، ميڙيندا.
(١١) تؤڻ لڌائون تن مان
=
پنهنجو قوت پنهنجي جسم مان هٿ
ڪيائون.
(١٢) سپ نه سپجي
=
نانگ بلا به پيدا نه ٿئي – جي
نه سگهي. ويڙ
= وڻن۽ ٻوڙن واري ايراضي.
(١٣) راڱا
=
ٻيلائي شينهن. ڏاهه نه سڄي
ڏيپلين
=
چِيٽن جي وائي ڪانه
ٻڌجي.
(١٥) ڇپر ڇڳا ڇاڻيا
=
جبلن ۽ پهاڙن مان جهنگلي ميون
۽ ڦلن جا ڇڳا ڇاڻيان.
(١٦) الا ان اولياءَ لله - الخ
= بيشڪ لله جي دوستن تي نڪي ڪو خوف آهي ۽ نڪي ڪو ڏک
ڏسندا.
وائي: تنگون ڪيڙم تي
=
انهيءَ ڪري آهون پڪارون ڪيم.
ڪونڌر جن سان
=
پاڻيءَ جا ساندارا جن سان ساڻ
آهن.
سر رامڪلي
مقصد: ١- ’رامڪلي‘ جي سامين بنا هرگز نه سري، ۽ هوءَ جوڳياڻي ٿي ساڻن
گڏجي وڃي گرو گور کناٿ کي ملي. ٢- اهي جوڳي حق جا
طالب آهن، هنن دنيا جا سڀ آسانگا ترڪ ڪري پنهنجي
حقيقي محبوب کي ڳولي لڌو.
پس منطر: ’هٺ يوگين‘ جي تحريڪ ١٣ يا ١٤ صدي عيسيءَ ۾ اسلام جي توحيد
واري نظريي جي زير اثر هندوستان
۾ شروع ٿي. چون ٿا ته گرو مڇندر ناٿ ان جو باني
مباني هو،پر سندس چيلي گرو گورکناٿ جي رهنمائيءَ
هيٺ هن تحريڪ زور ورتو. ’هٺ جوڳي‘ پنٿ جي فقيرن جو
ويساهه هڪ خلقڻهار ۾ هو، ۽ سندن عملي زندگي
مجردانه ۽ سير سفر واري هئي. سنڌ طرف به هي جوڳي
فقير آيا ۽ هنگلاج (لس ٻيلي ۾، هڱور نديءَ لڳ
’ناني‘ جي جبل
۾) کي پنهنجو تڪيو بنايائون. گرو ۽ چيلي جا آداب ۽ ’جوڳ‘ يعني
جان کي جفا وارو تخيل هنن سيلاني فقيرن ذريعي سنڌ
وارن کي معلوم ٿيا، ۽ سنڌ جي بلند خيال شاعرن،
’سچن طالبن
جي حقيقي مطلوب (هڪ ڌڻي) لاءِ تلاش‘ واري
مضمون کي جوڳي پنٿ جي سچن فقيرن جي عملي ڪاوشن ۽
عادتن اطوارن ذريعي ورجايو. ميين شاه عنات جي ڪلام
۽ شاه عبداللطيف جي رسالي وانگر، خليفي صاحب جي هن
‘سر رامڪلي‘ ۾ ’جوڳي پنٿ‘ توڙي ’رام ڀڳتي‘ وارين
ٻنهي تحريڪن جو پسمنظر سمايل آهي. فصل پهرين ۾
’رامڪلي‘ نالي عورت جي سچي گروءَ لاءِ تلاش جو
مضمون سٽيل آهي. اهو مضمون صرف خليفي صاحب ئي آندو
آهي، جنهن جو بنياد ڪنهن عوامي روايت تي آهي، جا
شايد خليفي صاحب گجرات ۽ ڪاٺياواڙ طرف ٻڌي. ٻئي
فصل ۾ سچن جوڳين فقيرن جي حقيقي گرو (هڪ ڌڻي) لاءِ
تلاش، توڙي
سچن سامين ۽ سناسين جي حقيقي ’رام‘ (هڪ ڌڻي) لاءِ
ڳولا وارا ٻئي مضمون گڏوگڏ ورجايل آهن.
فصل -١
(١) رام ڪلي
+ حقيقي يا فرضي عورت جو نالو. چو
=
چوي.
فصل -٢
(١) فاينما تولوا – الخ
=
جيڏانهن
منهن ڪندؤ ته ڌڻي کي سامهون ڏسندؤ. جاٽون ڪن
=
زيارتون ڪن. نچن اقرب اليه -
الخ
=
(ڌڻي تعاليٰ جو قول ته) بنديءَ کي اسين سندس ساه
کڻڻ واري رڳ کان به ويجها آهيون. ناني گڏي نجهري
=
بيبي ناني (هنگلاج جي سانئڻ) گهر ويٺي ملي.
(٣) تڪبر تارڪي
= هٺ کي ترڪ ڪندڙ.
(٤) ذالک فضل لله - الخ
=
اهو لله جو فضل آهي، جنهن کي
گهري، تنهن کي عطا ڪري. من له الموليٰ- الخ
=
جنهن جو لله اهي، تنهن جو سڀ
ڪي آهي. سر ئون
= حاصل ٿيون.
(٥) جهليندي جڳ
=
ساري لوڪ پئي کين جهليو (ته نه
وڃو). نڱئا
= روانا ٿيا. منجهان ناٿ نرڳ – الخ
=
انهن ڪاپڙين کي ڌڻيءَ (ناٿ)
دوزخ مان ڪڍيو.
(٦) هئڻ جي حد
=
پاڻ ڀانئڻ يا هستيءَ وارو دنگ.
اوڏهين
= ڌڻيءَ ڏي. من عرف نفسه -
الخ
=
جنهن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو،
تنهن تحقيق پنهنجي رب کي سڃاتو. من طلب شيئا- الخ
=
جنهن ڪا شيءِ چاهي ۽ پوءِ ان
لاءِ ڪوشش ڪيائين ته اها کيس ملي.
(٧) مليندي
=
مکيندي – بت کي لائيندي. روز
ميثاق
=
وعدي واور ڏينهن، جڏهن روحن رب
کي مڃيو – از کان.
(٩) ذڪر خفي
=
اندر جي هڪ مخفي ذڪر جو نالو.
جهر جاڳايو
= (خفي، يا جلي ذڪر) وڏي آواز سان ڪيو. ٢- (خفي ذڪر کان
سواءِ) آواز وارو ظاهر جلي ذڪر پڻ جاري ڪيو. ڇڏي
اب اخي
= پيءُ ۽ ڀاءُ ڇڏي – سڀ سڱ سياڪا سٽي.
(١٠) موءَ
= وار.
(١١) العشق نار لله
=
عشق لله جي آگ آهي. موتوا قبل
ان تموتوا
= مرڻ کان اڳي مرو.
(١٢) ترڪ تڪيا تن تارڪين
=
تن تارڪن تڪيا ۽ آسڻ ترڪ ڪيا.
سيواگر سڪاج
= سوڌا سالم پوڄاري.
(١٣) الانسان سري – الخ
=
(ڌڻيءَ جو قول ته) انسان منهنجو راز آهي ۽ آءٌ
سندس راز آهيان.
(١٤) ولله مع الصابرين
=
لله صبر ڪندڙن ساڻ آهي. مونا
=
گوڏا. نائين
=
نمائين.
(١٥) فاقة الفقر – الخ
=
فقر جي بک فقيرن جومعراج آهي.
(١٦) الا ان اولياءَ لله لايموتون
= تحقيق لله جا دوست ڪين ٿا مرن (هميشه حيات
آهن). خضر خوءِ سندن
=
سندن طور طريقو سدا حيات خضر
وارو آهي.
(١٧) فتحنا الجهاد – الخ
=
اسان ننڍي جنگ فتح ڪئي ۽ وڏي
جنگ ڏانهن ورياسون.
(١٨) لم يلد ولم يولد (آيت)
=
نه ڪنهن کي ڄڻيائين، نه ڪنهن
جو ڄڻيوآهي. (يعني ڌڻيءَ جي ذات والدين خواه اولاد
کان پاڪ آهي). ماڪان محمد ابا احد (آيت)
=
محمد صلي لله عليه وآله وسلم
ڪنهن جو پيءُ ڪونه هو.
(١٩) سڀني سنيون – الخ
=
ڌڻي تعاليٰ انهن بندن کي هر ڪم
۾ سنئون رستو ڏيکاريو.
(٢٠) اعملوا ماشئتم – الخ
=
جيڪي وڻيو سو ڪريو، بيشڪ اوهان
کي سڀ معاف آهي. حسنات الابرار – الخ
=
ڀلن جون نيڪيون، قرب وارن
ويجهن جي عمل جي ڀيٽ ۾ مديون آهن. مول
= اصل – اصليت. وترو
= وڌيڪ، سولو.
(٢١) وما ارسلناک الا رحمة اللعالمين (آيت: اي
نبي اسان توکي محض جهانن جي رحمت ڪري
موڪليو.
(٢٢) انا من نور لله - الخ
=
معنيٰ لاءِ ڏسو مٿي سر سسئي
فصل ٻيو بيت
]٢[.
ارگ اتل
=
اڻ مئي خوشبوءِ.
(٢٣) لانگوئٽان ڌار
=
لانگوٽيءَ کان سواءِ. ان
اوليائي – الخ
= بيشڪ منهنجا دوست منهنجي دامن هيٺ آهن، ۽ کين مون
کانسواءِ ٻيا نٿا سڃاڻن.
(٢٦) منجهه
= اندر ۾.
(٢٨) لڪياري پير
=
جناب حصرت محمد راشد (رحه) غرف
’روضي
ڌڻيءَ‘ ڏانهن اشارو.
(٣٠) الفقير لا يحتاج الا الي لله
= (سچو) فقير لله پاڪ جو ئي محتاج آهي.
وائي: سڱڙين سامين
= سامين جي سڱڙين.
سر رپ
مقصد: سڄڻ
جي سڪ ۽ فراق وارو وقت سڄو سورن گاڏئون آهي.
سڄڻ ملي ته صحت سري ۽
لهن
سور.
پس منطر: هن سر جو پس منظر درد ۽ فراق، سڪ ۽ وصال وارو
سچي محبت جو سمان آهي.
(١) سوا سير
=
گهڻا – ڳورا. گهٽ ۾
=
اندر ۾ - دل ۾. سڃيندو
=
ڏيندو.
(٣) وماس
= ڳڻتي – فڪر.
(٤) ڪنڀر نهائينءَ جان
=
ڪنڀر جي نهائينءَ ياآويءَ
وانگر.
وائي: سانگ
= وڇوڙو. (واسطو، ڪم)
سر ليلان چنيسر
مقصد:
ليلان وٺي گهڻو ستائڻ لڳي، ۽ ڀانيائين ته سندس سڀيئي خطائون
چنيسر کي معلوم نه آهن. جڏهن چنيسر کيس سندس ڪيل
ڏوهه پڌرا ڪري ٻڌايا، تڏهن ماٺ ڪري ڏهاڳ
قبوليائين.
پس منطر: هن سر جو پس منظر ليلان ۽ چينسر جو مشهور داستان آهي، جنهن جو
اهم نڪتو اهو آهي ته چنيسر ليلان کان انهيءَ ڪري
رٺو، جو کيس ليلان جون مڙيئي مسلسل خطائون معلوم
ٿي چڪيون هيون.
(١) ڪين
=
ڪي ڪجهه. ٻجهان
=
آءٌ سمجهان ٿو – ڀانيان ٿو. ڪن پيوس
=
ليلان جي ڪن پيو. ليلان کي
معلوم ٿيو.
وائي: رب ارني
=
اي رب! مونکي پنهنجو پاڻ
ڏيکار. لن تراني
= (رب کان آواز آيو ته) مونکي تون هرگز ڏسي نه سگهندين.
ڏاري
=
خطاوار – گنهگار. پاڻان پاسي
=
پاڻ کان پاسي ڪري. تاري
=
اجهو – آسرو.
سر بلاول
مقصد: جو سخي ڏاتار آهي، تنهن کي بُخل آهي ئي ڪونه: ”اٺئي پهر عام
تي، وسي مينهن مثال“. اي مڱڻا! تون ٻئي در م وڃ ۽
انهيءَ هڪ ڏاتار کان جيڪي گهرين سو گهر.
پس منظر: سنڌ جي سخي مردن ۽ ڏاتارن جا منگتن ۽ محتاجن کي دل کولي ڏان
ڏيڻ ۽ خصوصا لس ٻيلي جي والي ڄام سپڙ رونجهي جي
سخاوت اڪثر رسالن ۾ ’سر بلاول‘ جو خصوصي پس منظر
آهي، جنهن سان گڏ هيءُ حقيقي نڪتو نروار ڪيل آهي
ته ڏيهن جو ڏاتار، خلقڻهار ۽ پالڻهار هڪ ڌڻي
تعاليٰ اهي، ۽ بدني کي جڳائي ته انهيءَ سائين در
سوال ڪري ته کيس مالا مال ڪري ڇڏي. هن سر ۾ خليفي
صاحب پنهنجي مرشد حضرت پير صاحب پاڳاري جي ظاهري
سخا توڙي روحاني فيض ڏانهن اشارو ڪيو آهي.
(١) منگ
= گهر. لک ۾
= گهڙيءَ ۾.
(٢) ڏند ڀيڙڻو
= شوم – بخيل.
(٤) پاڳارو پير
= حضرت پير صاحب پاڳارو.
(٥) ڏوليءَ چاڙهيا
= گهڻو سکيا سهنجا ڪيا.
(٦)
حاتم
=
يعني (تلميح طور) پير صاحب
پاڳارو. پٽ
= پيالا – خيرات وٺڻ لاءِ ٿانو.
سر ڏهر
مقصد: ١- لاکو ۽ سندس ساٿي جاڙيجا جوان پانچاواڙي گهوڙن تي سوار ٿي،
ريٻارين جا وڳ پيا هڻن: ڪنهن کي مجال ڪانه هئي،
جوج ساڻسن سامهون ٿي مقابلوڪري. جڏهن لاکي لوڙون
هڻڻ ڇڏيون، تڏهن ريٻارين کي امن واري زندگي نصيب
ٿي. ٢- بهادر همت سان مال ملڪيتون هٿ ڪن، ۽ واڻيا
هٽن تي ويهي خلق ڦرين. بهادرن حملو ڪري هٽ واڻين
(کيمن ۽ ڪمن)جو مال ڦري سندن وياج خوريءَ جي
خوشيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو. ٣- ويچاري ڪونج شال
ماريءَ جي منهن نه پئي، کيس
ڪان م لڳي، ۽ پنهنجي ولر مان نه ڇڄي. مارين
اچي پنهنجا ڍٻ اڏيا ۽ ڪونج ڪڇ ۾ ٻچا ڇڏي روه ڏي
رواني ٿي. شال سلامت وڃي پنهنجي وڳر ساڻ ملي. ٤-
ڪيهر شينهن هاٿي ماري: گدڙ ان سان ڪهڙو مقابلو
ڪندو! ٥- مال وارا سنگهار نه معلوم ڪهڙي طرف سانگ
خاطر مال ڪاهي روانا ٿيا، جو اڄ انهن ڀيڻين تي
سندن پکا نظر ئي نٿا اچن! مينهون، ڪچي ۾ درياءَ جي
ڪنڌين تي سونهن. پر اي ميهار! ڪچي ۾ کين چيهو گاه
نه چار، جو متان مرض وگهي مري وڃن! شال سانوڻ ٿين
۽ منهنجا ساٿي ميهار سکيا ساوا هجن!
پس منظر: فصل -١ جو پس منظر لاکي ڦلاڻيءَ جي سورهيائي ۽ سوڀ
آهي.
فصل -٢ جوپس منظر غالبا
ڪن ڌاڙيوالن جو کيمن۽ ڪمن نالي وياج خور ڪراڙن تي
حملو آهي. فصل -٣ جو پس منظر ڪونج آهي، جا سياري
جي موسم ۾ سنڌ (خصوصا لاڙ ۽ ڪڇ واري ايراضيءَ) ۾
قوت خاطر اچي ٿي، ۽ مارين جي منهن پوي ٿي. فصل – ٤
جو پس منظر شينهن جي ڏک ۽ ڏيا آهي، جو وڙهي ته وڏن
جانورن کي ماري ۽ ننڍن کي نه ستائي. فصل -٥ جو پس
منظر مالدار ڀاڳيا (سڪي جا سنگهار ۽ ڪچي جا ميهار)
آهن.
فصل-١
(١) جاڙيجاڻي
=
ڄام لاکي ۽ سندس ساٿين جاڙيجن
(ڪڇ جي سمن) جي فوج جي. اوٺار
= جن وٽ اٺن جا وڳ آهن. (خصوصا سنڌ ۽ ڪڇ جي
سرحد تي رهندڙ ’ريٻاري‘ قبيلي جا اوٺار). لوڙائو
= مال (اٺن، مينهن وغيره) جا ڌاڙا هڻندڙ –
هاڻو. ٻي
=
ڪڇ جي الهندين ڀاڱي وارو هڪ
علائقو (جو ’ڏاڏي آدم جي ٻني‘ سڏجي). لڳو لوڙائن
جو – الخ
=
هاڻن کي خصوصا ٻنيءَ واري
علائقي مان (مال هڻڻ جو) پورو وجهه لڳو. گورا
=
ننڍا ڪنواٽ (نر). توڏ
=
مادي ڪنواٽ. گڙنگ
=
وڏا اٺ. هڻيو هيڪاندا ڪري
=
زوريءَ ڦري ڪاهي گڏ ڪري.
(٢) لاکاين
=
ڄام لاکي جي ساٿين. واڏين
=
گهوڙين. ات نه لڌو عام – الخ.
=
لاکي ۽ سندس لوڙون هڻندڙ ساٿين
جو راز عوام کي معلوم نه ٿي سگهيو.
(٣) سڳڻ ٿين سواءِ
=
سولا سوڻ ٿين – چڱا سوڻ ٿين.
جمڻو ٻوليو
= ساڄي پاسي کان تتر ٻولي ڪئي.
(٤) سلهيو
=
سٽيو – چٽيو. واگهه
=
شينهن (سورهيه ڄام لاکو). پلي
ٿو واهرو
= واهر (مال ورائڻ) لاءِ پويان ايندڙ ماڻهن
کي ماري موٽائي ٿو.
(٥) ڪيڪان
=
گهوڙا. پاچاواڙي
=
پانچاواڙ جا گهوڙا. غنيم
=
دشمن. ماريو ڪن مساڻ
=
ماري مات ڪن. ٻاپڙا
=
سردار.
(٦) لاکائي
=
ڄام لاکي ۽ سندس ساٿين جا
طاقتور گهوڙا. لکيا
= سڃاتا.
(٧) وسواس
=
الڪو – ڳڻتي. لوڙائن جو
=
لوڙن هڻندڙن جو – مال جي ڌاڙي
هڻندڙن جو.
(٨) لوڙو
= مال جو ڌاڙو.
وائي: وانڍ وانڍيون
=
پکن يا کرڙ کٿين سان اڏيل گهرن
واري عارضي بستي
]مالوند ماڻهو، ساوڻ جي موسم ۾، مهي مڇر کان بچڻ لاءِ، ڳوٺ ڇڏي مال ڪاهي وڃي
گاهه وارين ڀيڻين ۾ پوٺن يا ڀٽن تي واسري (واءَ
واري هنڌ) تي ڪجهه وقت لاءِ پکن يا کرڙ کٿين سان
گهرڙا ٺاهي ڪجهه
عرصي لاءِ ويهندا آهن، سندن اهڙي بستيءَ کي ’وانڍ‘
چئبو.[
فصل – ٢
(١) هاڻو
=
ڌاڙيوال. هڻي پاس
=
ڳوٺ کان پاسي پسگردائيءَ ۾
ڌاڙا هڻي. لاڏڪا
= (ڪڇ جي اصطلاح موجب ’مسلمان واپاري‘ مگر هت معنيٰ)
سورهيه گهوٽ. رزق ڪيائون راس
=
پنهنجو وقت پورو ڪيائون. وسواس
=
الڪو. اڻهوند
=
سڃائي. ڪراڙ
=
(ٿر طرف هندن جي هڪ خاص ذات، ۽ هت معنيٰ) وياج خور
واڻيو. ساڳاين جا
=
ڌاڙو هڻندڙ بهادرن جا. گهوڙا
پسيو
=
ڌاڙيوالن جا گهوڙا ايندي ڏسيو.
جهنگ ٻراڙ
= جهنگ ٻلو. سندو سود سهج
=
وياج جي خوشي.
فصل -٣
(١) ماري
= ماري شڪاري.
(٣) مڇڻ ملا ماءَ
= متان ماءَ کان.
(٤) ڍور اڏيائون ڍٻڙا
=
ڍورن (هيٺاهين نمندين) ۾ ڪونجن
کي ڦسائڻ لاءِ ڍٻ اڏيائون.
(٨) پرني
= سونپي – حوالي ڪري.
فصل -٤
(١) جنبو
= گدڙ.
فصل -٥
(٤) سانڌايون
=
١- مينهن جا وٿاڻ ٢- کير سان ڀريل اوهن واريون (اڻ
ڏڌل) مينهون. تڙين ٻنهي ڪنڌيين
=
درياءَ جي ٻنهي ڪپن جي گهاٽن
تي. ڪنڍيون
=
مينهون، جن جا سڱ ڪنڍا (گول
وريل) هجن. ڪونهن
= پاڏن (مينهن جا نر ڦر).
(٥) ڪهري
=
درياءَ
جي ڪنڌيءَ لڳ، ڍنڍ مثل پاڻي سان ڀريل اونهي کڏ
(جا آب ڪلاڻيءَ ۾ درياءَ اٿلي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏي
هجي). چيهو
= ڪچي جو هڪ گاهه
]جنهنجي کائڻ سان خصوصا مينهن جي جيري ۾ جائون (بيماري جا جيت) پون.[ هور پرائي هليا
= ڏک ڏسي روانا ٿيا. نقصان پرائي ويا.
(٦) سنگهار
=
مالوند ڀاڳيا. جنب
=
حياتي. گورس
=
(ڳئون +
رس) کير يا مهي. پهيڙا
= ساٿي سڄڻ.
سر ڪاپائتي
مقصد: چرخو ڪتيندي سي ساهيڙيون ياد پيون، جن مون کي ڪتڻ سيکاريو
۽ جن سان آتڻ ۾ گڏ ويهي ڪتيو هئم. سندن جدائيءَ
بعد نڪي ٿو ارٽ اولاڻجي ته نڪا ٿي ٽڪ تي تند ڪڍي.
اڻ ڄاڻڻ سان گڏ ويهي آتڻ ۾ ڪتڻ ئي نٿو اجهي.
پس منظر: هن سر جو پس منظر ڪپڙي جي ڪارخانن کان اڳ واري دور جو
آتڻ وارو سمان آهي، جڏهن پاڙي واريون چرخا کڻي آتڻ
(گڏجي چرخا ڪتڻ واري جاءِ) ۾ گڏجي ويهي سٽ
ڪتينديون هيون، جنهن
مان گهر وارن جا ڪپڙا اڻبا هئا ۽ وڌيڪ سٽ واپاري
وٺندا هئا.
(١) اوريندي ارٽ
=
چرخي سان ورونهن ڪندي – چرخو
ڪتيندي. پهو
= ڪپهه جي پوڻيءَ جو باقي رهيل ذرو.
(٣) وٽي وڌم – الخم
=
جي واڙا وٽي ڇڄ ۾ وڌم، سي واءَ
کڻي ويو.
(٥) ويا اولاڻي اوهري
=
سي ڪتي حياتي پوري ڪري ويا.
سر گهاتو
مقصد:
ملاحن مڇ کي مارڻ جو پهه ڪيو ۽ اونهي پاڻيءَ ۾ گهڙيا، پر وڙهي
نه ڄاتائون ۽ مڇ کين گهيري ويو. گهڻا گهاتو مپ کي
مارڻ اءِ ڪلاچيءَ جي ڪن تي آيا، پر پوري نه پيا.
آخرڪار مورڙي پهلوان اچي مڇ کي ماريو. اها سوڀ
مورڙي کي ئي نصيب ٿي.
پس منظر: هن سر جو پس منظر ’مورڙي ۽ مڇ‘ وارو مشهور قصو آهي.
فصل -١
(١) اڄ هين
= اڄ ئي.
(٢) تانگهو گهوريو گهاتئين
=
ملاحن تانگهي پاڻيءَ ۾ گهڙي
گهمرا ڏنا.
(٣) سندي پانيءَ پچ
=
تمام ننڍو پاڻي. تني سندا رڇ –
الخ
=
تن جي ڄارين ڏيڏرين جا ننڍا
ٻچا (پونئرا) ۽ ٻيا پاڻيءَ جا ننڍڙا جيت جهليا.
(٦) رپ
= آفت (مانگر مڇ)
(٧) سير
= واٽون.
(١٠) ڏئيت
= ديو (مانگر مڇ)
(١١) مل مهائين
=
وڏو هنر مند ۽ هوشيار
پهلوان. دڳو
= پروانو (جاگير وغيره جو).
(١٢) دل
= گهڻا.
فصل -٢
(١) لاٿي آڳ اڳين جي
=
اڳين کي آيل شڪست جي تلافي ڪئي
– اڳين جا وير ورتا.
(٣) قلعي جو ڪوڏيو
= جنگ جو جهونجهار.
(٥) مور
=
مورڙي. تتي مانگر تڪيو – الخ
=
مانگر مڇ جي رهڻ جي جاءِ اتي
آهي، جتي پاڻي اٿاهه آهي.
(٦) مزار
=
شينهن (مڙس). تانگهه نه تارئين
=
جيڪي تاروآهن. تن جي به پڄڻ
ڀيڻي ڪانهي.
(١٣) ڌائي جيڻي
= کٻي سڄي
(١٤) ڏجهڻ
= دشمن.
سر ڍولو مارو
مقصد: عاشق ۽ معشوق جي هڪ ٻئي کان جدائي، درد ۽ فراق ۽ آخر ۾ وصال هن
سر جو مکيه مضمون آهن.
پس منطر: هن سر جو پس منظر ڍول- مارو جو مشهور عشقيه داستان
آهي.
خليفي صاحب جي روايت موجب ڍولو ’نرور‘ شهر جو
رهاڪو هو ۽ مارو ’ٿر‘
جي هئي.
(١) نرور
=
مارواڙ جي اڀرندين علائقي
’نرور‘ جو مکيه شهر. نرور سيريين
= ”نرور‘ شهر جي گهٽين ۽ واٽن (۾ پيو گهمي). ٿر ٻاٻڙا
=
ٿر جا ٻاٻيها (ڳيري جي قسم جا)
پکي. آڙهر پياس مرين
= آرهڙ جي لک ۽ جهولي ۾ اڃ وگهي پيا مرن.
گوري جوئي باٽڙي
=
ڳوري (مارو) واٽون پئي نهاري.
(٢) ماروماٿي ميڍيون
=
ماروءَ جي مٿي ۾ مينڍيون ڳتل
آهن. اوڀي ماٿي لڪ
= ڀِٽ جي لنگهه
تي بيٺي.
(٣) سون سريکا
= سون جي رنگ جهڙا. سوچ
= ارهه.
(٤) مول
=
مولهيو – پٽڪو. ٿاري
=
تنهنجي. ڦول سريکي تور
=
گل جيتري تور اٿس.
(٥) مرگڙا
= هرڻ.
(٧) ٻيڙلو
= پان جو ٻيڙو.
(٨) کوڏ ۽ ڀرنٽ
=
گاهن جا نالا، جن جو ٻج ڏٿ طور
کائجي. کڙ
= پس.
(٩) پانا جيسي پاتلي
=
پنن جهڙي باريڪ سنهي. آنگڻ
=
اڱڻ. جيم
=
جيئن. جوئي
=
نهاري.
اوڀي آنگڻ تڙڦڙي ڌ الخ
= آڱڻ تي بيٺي ڪر موڙي ۽ انتظار ڪري، ڄڻ ڪاريهر نانگ
(وارن سان تشبيهه) ڦڻ ڪڍيو پيو نهاري.
(١٠) گم گم پائي گونگهرا
=
ڇم ڇم ڇيرون ٻڌي (پئي ٽلي).
جان اليو گيند(؟)
= ١- ڄڻ هاٿي پيو هلي (سهڻي ٽور سان تشبيهه).
جيم ڀني بادر چند
=
جيئن ڀڳل (وسندڙ) ڪڪر مان چنڊ
چمڪي.
(١١) اوٽا اوتري
=
اڱڻ تان لٿي. ڪڙيين
لاوي ڪيس
= وار چيلهه تي پيا لڳنس (سهڻن ۽ ڊگهن وارن
ڏانهن اشارو). ڇتر پتي راجيو
=
راجا ’ڇتر پتي‘. مارڻ چليو ديس
=
ڪنهن ملڪ تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ
سنڀريو.
(١٣) ڪاڳد
=
ڪاغذ – خط، لاک سريکي لاج
=
لکن جهڙي لڄ – لاثاني ونـِي.
(١٤) وانچتي
= پڙهندي. لاگو ٻاڻ
= نينهن لڳو.
(١٥) گڙتي مانجم رات
= ڳرندي يعني گذرندي پوئين رات.
(١٦) اڪنڊئا تنگ تاڻئا
=
اڪنڊئي (سڪايل) ڍولي (اٺ جو)
تنگ ڪشيو (ته چڙهي ماروءَ ڏانهن روانو ٿئي).
(١٧) ڪاڪر ڪاڍلي
=
(ڄڻ اٺ ٿو ڍولي کي چئي ته منهنجي) پيرن مان ڪڪر
ڪڍ. (هڪ مالهڻ، ڍولي کي پنهنجي دام ۾ گرفتار ڪيو
هو، پوءِ جڏهن ڏٺائين ته ڍولو نٿو رهي ۽ پنهنجي
ماروءَ کي ملڻ لاءِ اٺ پلاڻيو اٿس، تڏهن اٺ جي
پيرن ۾ ڪليون هنيائين ته جيئن کيس منزل مقصود تي
نه پهچائي). ڏي مهارين ڍيل
=
مهارون ڍريون ڇڏ. ڪين سوڪ
لڳايا کيل
= ڪنهن ڪشي
ڪليون هنيون آهن. هن ساڳي معنيٰ ۾ هن داستان جو هڪ
دوهو آهي ته:
ڪڍ پڳان ري ڪاڪرين، ڍيلي ڇڏ مهار
هلان ڍولي ري ساسري، گهر گهر ڏيان جهار.
(١٨) پگلين ڪاڍي ڪاڪري
=
(ڍولي اٺ جي) پيرن مان ڪڪريون ڪڍيون. ڪرهي لاگي
ڪام
= اٺ کي لڪڻ لڳو. گڙتي مانجم رات – الخ
=
گذرندي، پوئين رات وڃي ماروءَ
جي ڳوٺ کي نظر ۾ ڪيائين.
(١٩) ڏيڌي تڻ مهار
=
مهار کي ڇڪ ڏنائين. پڳ پون سي
مل گئي
= ا
ٺ
جا پير هوا سان هم قدم ٿي ويا.
(٢٠) ڪرهي باڍي ڪوسڙي
=
اٺ (پنڌ جا) ڪوه وڍيا. ارڙي
ڀاگي ايس
= (ماروئي جيئن ٽپ ڏئي اٿي ته گهر (اورڙي) جي (کٽ جي) ايس
ڀڄي پئي.
(٢١) روم روم سيتل ڀئي
=
جسم جي رڳ رڳ ٺري پئي. جو امني
ڏيڌو ٻاپ
= جو مونکي پنهنجي پيءَ (مڙس طور) ڏنو.
(٢٢) ڍاڙئو ڍولئو
= کٽ تي ليٽيو، ڍريو.
(٢٣) جن ڪي جوئي ٻاٽ
=
جنهن جي مون واٽ نهاري. کلن
لاگي کاٽ
= کٽ به کلڻ لڳي.
وائي: ڪيسريا
=
اي لال (ڪيسري رنگ جي ڪپڙن
وارا يا لال ڳوري رنگ وارا). ريساڻي
= رٺا آهيو. پيروا
= اي پرين! اي پيارا.
سر مارئي
مقصد: ١- جن
مارن جا مون تي ڪوڙين ڪرم آهن، تن جي وڇوڙي ماري
آهيان ۽ تن کي ملڻ لاءِ ماندي آهيان. مارن جا
غريباڻا کل۽ پٽ، محلن۽ پلنگن
کان ڀلا ٿي ڀانيان. هت مارو سانوڻ جي وس ۾ سرها
آهن ۽ آءٌ هت سندن سڪ ۾ ويڳاڻي آهيان. ٢- ڪٿ
سانگين جو ساڻيهه ۽ سندن پکن جون سٽائون، ڪٿ
آءٌ بندياڻي بند ۾! آءٌ پنهنجي ڪانڌ بنا ٻيو ڪين قبولينديس. ڌڻي
ائين ڪري، جو پنهنجن
مارن سين وڃي مندائتي ملار ماڻيان! ٣- ’جهڙو قيد ڪمند، تهڙو بند
نه ڪو ٻئو.‘ ڌڻي شال ڪنهن کي وڇوڙو نصيب نه ڪري!
مون کي هر ويل ۽ هر وقت پنهنجن سانگين جون ڳڻ ۽
ڳالهيون هنيين ۾ پيون هرن. منهنجي ڪايا هت، پر من
ماروءَ سين واڳيل آهن. ’سو ڪو وري واءَ، جينءَ
موٽي ميڙائو ٿئي‘. ٤- مون پرهه ڦٽندي ويڙهيچن جي
وصال لاءِ فال وڌي ۽ ڌڻيءَ طرفان اميد ڀريو آسرو
مليو. مون خواب ۾ پنهنجن مارن کي ڏٺو. اي عمر! مون
کي لائين آڇ م آڇ، متان سڀاڻي سرتين آڏو لڄي ٿيان.
اجهي ماروئڙن مون ڏي
سنيها سلام موڪليا، ۽ ”اِجهي آيم آجڙوال، ٿاريلا
ٿر ڌڻي: سڻي سڏ سوال، موهر ڌڻي موٽئا.“
پس منطر: هن سر جو پس منظر مارئي ۽ عمر جو مشهور داستان آهي.
فصل-١
(١) ڀتين ڀتين
=
قسمين قسمين. ڀال
=
ٿورا. مهربانيون. ڪونين کي
=
ٻنهي جهانن کي (يعني جملي
دنيائن جي مال اسباب کي).
(٢) ڏورا
= ڪنن جا سڳا. سانڀي
= ساٿي.
(٣) وجهل
= جهوري.
(٤) ويٺي سوريان سير
= واٽونويٺي نهاريان.
(٥) فيضحڪوا قليلا – الخ (آيت)
= پوءِ مر ته ٿورو کلن ۽ گهڻو روئن.
(٧) سونئون ڀلا سپ
=
(عمر جي) سون(جي سڳن ۽ واڳين) کان نانگ ڀلا آهن.
هميراڻي هٿ سان – الخ
=
همير گهراڻي (=
عمر) جي هٿ لڳڻ سان جسم تي تپ
چڙهي ٿو.
(٩) جهروڪن
=
واحد. جهروڪ، جهروڪو
=
بادشاهي محل جي سامهين ديوار ۾ ننڍڙي برج هيٺان
بادشاه جي ويهڻ واري جاءِ.
فصل -٢
(١) ملار
= سانوڻ جي وس.
(٢) پلر
= مينهن جو تازو پاڻي.
(٣) کائڙ
=
ڇاڇري تعلقي جو سرحدي علائقو،
هت معنيٰ ’ماروئڙن جو ملڪ‘. پائر
= يا ’پاور‘، ننگر پارڪر تعلقي جي سرحد پريان
ڏکڻ اوڀر طرف وارو آباد علائقو، هت معنيٰ ’ماروئڙن
جو ملڪ‘.
(٤) ساڏوهيون
=
ڄارين (کٻڙين) جو هڪ
قسم، (جن جا ڏار ڏنگا ٿيندا آهن) سيڙڪا يا سيڙهڪا
=
پيرن جو قسم. پهون
=
ٻڪريون. ڪوڍير
=
١- ’ڪوڍير ‘ جي ول. ٢- ’ڪوڍير‘ جي ول جي پاڙ ۾
زمين اندر ننڍو بصر جهڙو ۽ جيڏو ڦر، جو ڪچو توڙي
رڌي کائجي. ڦاندي
=
بندخاني. ڪبير
=
ڪبيرا گناه - وڏا گناه.
(٥) موهر
=
مهراڻو (کپري ۽ عمر ڪوٽ تعلقن
۾، سنڌ جي آباد خطي ۽ ٿر جي ڀٽن واري ڪس جي سرحدي
ايراصي).
(٦) سائيءَ ريل
=
دڙن ۽ ڀٽن
لڳ گاهه واري سبز، سنئين ۽ ڊگهي ايراضي. ڀاروڙي
ڀاروڙيون
=
ننڍي قد واريون ٿر جون رڍون
(هڪڙيون ’گـــُليون‘ جن جي ان صاف اڇي، ٻيون ’ڪار
ڪنڌيون‘ وغيره) سيل
=
سيلهه ڪنڊا.
(٧) لوير
= ليڙون ٿيل ڦاٽل ڪپڙا.
(٨) ڪارڙا
=
هڪ ننڍڙي سنهي جيت جو قسم، (جو
ڪپڙن اندر جسم تي خارش جهڙو سرڪاٽ ڪري).
(٩) موگر
=
”مگر‘ ول جو ڦر. تليين
=
تلين ۾ - ڀٽن جي وچ وارين
هيٺاهين تارين ۾. پپون
= ڊگهيون کاريون کٽيون ڏانڊيون (جي سانوڻ جي
وس ۾ اڪثر ڪرڙن ۽ ٻين ٻوڙن جي وچ ۾ (پاڙن وٽ مچا
ٿي نڪرن) جي مارو ماڻهو کائين.
(١٠) مارن
ماڳ مٽائيا – الخ
= مال وارا ماڻهو گاه جي سانگي وڃي ڪنهن
ڀيڻيءَ ويهندا ۽ اتي پاڻيءَ خاطر ڪچيون کوهيون
کڻندا. جڏهن مال اتي جو گاه چري پورو ڪندو، تڏهن
اتان لڏو کڻي ٻئي گاه واري جوءِ ۾ ويندا. وڃڻ وقت،
کوهين جا منهن مٿان ڪاٺين سان واڻي، گاه
وجهي،مٽيءَ سان ڍڪي (ڏلهي) ڇڏيندا، ۽ وري ٻئي سال
جڏهن انهيءَ جوءِ ۾ ايندا ته ان ڪچي تڙ جو منهن
کوليندا. تڙڪوليون
= ڀِٽ جو اهو پاسو، جنهن تي سج اڀرڻ سان تڙڪو
پوي. گوچر
=
ڀٽ جي منڍي هيٺ تري ۾ ڇانءَ
واري ايراصي،
جا اڪثر آباد ۽ وسئن واري (ٿئي، جتي گئون چرن).
سمن
=
ملڻ واري جاءِ ۽ وقت جو وعدو.
وائي: امان
= انب. ڪارڻي
= واهرو – مددگار. هام
= هٺ – هوڏ.
فصل -٣
(٥) ڇپر کٽ
=
وڏي کٽ، جنهن جي مٿان چئني
پاڳن تي ڊگهين ٽيڪن
سان تختي مثل هڪ ڇت بيٺل هجي – ڇٽر واري کٽ.
(٧) اينڌا
= اوپرا – اجنبي ماڻهو. سينڌا
=
واقف ۽ سڃاڻو.
(٩) اسير
= قيدي.
(١٠) ماني کن
= مانيءَ جي کن يا ننڍو ٽڪر – مانيءَ ڳڀو.
(١١) ابر
= سئي
(١٢)
ڳم
=
ڳم جو ٻج (جو پيهين ان جي ٿوري
اٽي سان ملائي ماني پچائي کائجي). راڇڙين
=
رڇن ۾
=
ٿانون (ڪنن) ۾. گندم (فارسي)
=
ڪڻڪ.
(١٣) نه سي ڍنڍ ڍرن
=
اهي ڍنڍن ۾ (وهنجڻ يا مال
پيارڻ لاءِ) ڪين اچن. آڙين هيروان
= اهي آنهن (تڙن ۽ کوهن لڳ ٻنن ٻڌل پاڻيءَ جي
ننڍڙن حوضن، جن ۾ مال پيارڻ لاءِ کوه مان پاڻي ڪڍي
وجهجي) جا هيراڪ
آهن. گندا
= مال جي ننڍڙن ڦرن جا واڙا. جهرن
=
واحد جهر
=
واريءَ ۾ کوٽيل وڏي چر، جنهن ۾
مال جا ڦر واڙجن (ان کي ’جهر‘ توڙي ’جهرٻ‘ چون).
(١٦) ڪايا
= جسم. ڪڙن
= بندن.
وائي: است
= لسي. لوٽ
= لوٽو. جوٽ
= گوڏو ۽ سٿر.
فصل -٤
(١) پيڙا
= پهيڙا – پانڌي – قاصد.
(٥) سهڻي ۾
=
خواب ۾. جِيسس
=
(اهو سڏ ٻڌي) جي پيس – نئين حياتي اچي ويم – خوش
ٿي پيس.
(٦) تجارن
= شاهوڪارن. سيڻ
= مائٽ
(٩) اينڌو عالم ڀانئين
= سڄو جهان
اجنبي يا ڌاريو ٿي ڄاڻان. کوماڻا يا کماڻا
=
پهرينءَ وس جا ڪچا گاه (جنهن کي ’ٻاڦ‘ پڻ چون). |