وائي – ٣
*
لک ڀلايون هودن ڀانئيان، پـِريم موڙ مهار
١. ره اڄوڪي راتڙي، ڪرهل ڪيم قطار
٢. اڱڻ آسروند جي، واري اٺ وهار
٣. نائي ناگر ولڙيون، ڏاگهن چاريان ڏار
٤. هٿين پيرين ڳل پاندڙا، پايان وات پيزار
٥. ٻانهي گولي آنهنجي، وارث ڪيم وسار
٦. ڪه ۾ قاسم ڪارڻي، سيد لهج سار
وائي – ٤
اي تون ڀينر ڀورڙي، تيلهه پلڙو پايئين
پريان کؤن
١. تيلهه پلڙو پايئين، ٻنڀان تو نه ٻري
آن کي سڌ نه سور جـِي، آءٌ تان جهوريس جهورڙي
٢. آئـِين جي ورن واڳڙيون، وڃو سڀ وري
مر مران، مر مارجان، آءٌ تان گهوريس گهورڙي
٣. جيڪا هئڙن من ۾، سائـِي ان سري
جيڏيون جاڙ جتن جي، مان سان ٿـِيڙي نه ٿورڙي
٤. قاسم ڪـِين پريان جا، وڃن ٺپ ٺري
هڻي هٿ مٿن تي، ڪـِج هئي هئي هورڙي
فصل ٽيون
]١[
ڪو جو لڳـــُس ڪان، ڪيچين سندي قربَ جو
مٺيءَ سان مهمان، هاڃو ڪري هليا
]٢[ جيڪس رٺا راتِ، مونکان منهنجا سپرين
ڪنهن سڻائـِي سڄڻين، حاسد هيڻي ذاتِ
پنهونءَ کي پرڀاتِ، پائي پاند
پهائـِيان.
]٣[ سنڀوڙا
سرواڻ، اوٺين پٿ پلاڻـِئو
الله! وسي اوچــِتو، مين ســِر
مهراڻ
تِريون تـِرڪن تن جون، پسن مان
پلاڻ
اِنهيءَ پوه پرياڻ، قاسم مـِلي
ڪيچيين.
]٤[ پنهون پاراتو ڏيان، سڻـِج ساٿ ڌڻـِي!
الله شال عمر ڏئي، توکي گهوٽ
گهڻـِي
جا تو ور وڻـِي، سا مون مڃي
سپرين!
]٥[ پنهون پاراتو ڏيان، سڻج ربّ ستار!
جو مون ٻاروچو مڃيو، تنهن وڏي ڄام
ڄمار
سوين گهوريان سسيون، مٿان هوت
هزار
ونگو ٿـِئي م وار، قاسم ڪيچ ڌڻيءَ
جو.
]٦[ پانڌي چئج پـِرين کي، قدم تيز ڪري
ڏوري ڏونگر وٽِ ۾، جي ٿـِي منڌ
مري
ته پنهون پير ڀري، پڙهـِج جنازو
جبل ۾.
]٧[ جنازو جبل ۾، پنهون پڙهي پاڻ
ته ڪر سيڻن ساڻ، ٿـِي هيڪاندي
سسئي.
]٨[ ڏير م وڃو ڏور، جتا! جدا م ٿيو
اٺـِي پسـِي اوڏڙا، نيڻن ٺري نور
هيڪند منجهه حضور، گڏ گذاريون
ڏينهڙا.
]٨[ هلو م هوتا! وهو، وڃڻ نه سهان
وٽي ڪاڪل ونگـِيان، بَگ بَري بوتا
ڪلاتـِي ڪو تا، ڀڃو ڏيهن ڀنڀور ۾.
]٩[ سهسين مـِنت زاريون، لک لک پايان پاند
رهو اڄوڪي راتـِڙي، ڪلانداري ڪانڌ
ديوانـِي درماند، ڏسـِي لاهي
ڏکڙا.
]١٠[ سهسين مـِنت زاريون جانا مڃي نه جت
مونکي ڳجـِهي مام جـِي، اوٺي ڏين
نه آت
ڏنم ڪــرم ڪمت، راتِ ندوري نؤم
جـِي.
]١١[ روڪيان تان نه رهن، اڄ امارو اوٺـِئين
سي تان سور سهن، جن مسافر سپرين.
]١٢[ پـِٽيان ڪٽيان پار کڻان، لٿـِي ستــر لڄ
وجهان وارن وچ ۾، سندا ڇائيءَ ڇڄ
اڀاڳيءَ جو اڄ، لالڻ لڏي هليو.
]١٣[ ووءِ ووءِ! وئڙا نـِڪري، هاڻي هٿ هڻان
پٻ ۾ پنهونءَ ڄام جا، کنڊئو پير
کڻان
گهڙي سور گهڻا، مو ڏي مڪا سڄڻين.
]١٤[ ووءِ ووءِ! وئڙا نڪري، هاڻي
هٿ هڻان
ستيس پير ڊگها ڪري، تيلاه ويم وٿ
سپيريان جي سٿ، منڌ اِلاهي!
ميڙئين.
]١٥[ اڄ اوٺارن لڏيو، صبح سنبَهه تون
اڄ هـِي لاهـِجِ آسرو، مادر مٿان
مون
جا ڀؤ ڀوارين ڀون، سو ڏيه ڏورڻ
آئيو
]١٦[ اڄ اوٺارن
لڏيو، صبح تو سعيو
سفر ُ سافــِرن کي، اوچتو آيو
مهند ميڙائو، موٽـِي ڪو مس ٿئي.
]١٧[ مهند ملان سڄڻين، ته مون وڏو ڀاڳ
آيل! آريچن جـِي، وس نه منهنجي
واڳ
آڌيءَ ڏيئي آڳ، هاڻو هاڙهي هليا.
]١٨[ آيل! سڌ نه آنهن، جا لوري لائـِي سڄڻين
ڪيئن ڪريان، ڪيڏهن وڃان، ڪنهن کي ڏيان دانهن
مونکي جهلي ٻانهن، ٻاريو هوت هٿن
سان.
]١٩[ صبر شڪر واٽــِڙي، آيل! آڇِ م تون
وچان وٿِ وصال جي، ماء! نه گهرجي
مون
ڪان تان ڀيڙي ڀون، جان تان ڀيڙي
سڄڻين.
٢٠١[ صبر ۽ شڪر کي توڙئون ترڪ ڪيوم
آرياڻيءَ سان اوچتو، اچــِي پهه پيوم
وڍي ماءَ! ويوم، هـِنيڙو هوت هٿن
سان
]٢١[ صبر شڪر ميٺ، مون موران ئـِي نه وڻي
بُکئي جـِهڄي جِندڙو، ڍايل کنهي
پيٽ
جان هونديس ڀون هيٺ، جان قاسم ڀيڙي ڪيچئين.
وائي – ١
ڪوهه ڄاڻان تان ڪيهي ووڪيهي، جيجل ان جي من ۾
١. رات سڄيائي ساٿ سان، هوند وهايم ويهي
٢. هوند نه ڇڏي هليا، ڏير هئڙم جي ڏيهي
٣. سور پِريان جا سرتيون! پاڙي آيم پيهي
٤. تيلهه ڏونگر ڏوريان، پرينءَ ڪئم پرڏيهي
٥. قاسم! قريبن جي، درد ڌوڻيس ديهي
وائي –
٢*
آيل! مان ڀوري، جيجل! مان ڀوري
تون ڪـِينءَ پلڻ پائيين زوري
١. مادر ڪل نه مام جي، جا مون لڳڙي لوري
٢. منجهان سڳر ساٿ جي، شل م ڇڄي ڇوري
٣. مٿي مارڳ سڄڻين، آءٌ ميائي گهوري
٤. قاسم ڪيچ ڌڻين جي، آهي اصل کان ڏوري
وائي -٣
جيجل! جهل م پاءِ، آيل! جهل م پاءِ
هوت هلندا، آءٌ نه ويهندڙي
١. تيلهه پلؤ پائـيين، سـِڪ نه آيئي ساءِ
٢. جيجان! جوڳياڻي ٿيان، ڪري ڪيسريا
٣. ڪنين ڪنـِر پائـِيان، لال ٻاروچي لاءِ
٤. اوٺين اٺ پلاڻـِيا، جتن جاتيرا
٥. منهنجـِي ٻاروچن ري، قاسم واه نه ڪا.
وائي – ٤
منهنجا هاڙهي هوت ويا، آيل ماء
آءٌ نه وهندڙي ان ري
١. ڏور ته ڏوريون ان کي، هوءِ جي هت هئا.
٢. وڃي ڪيچ قراريا، جانبَ جوڙي جاءِ.
٣. هوت مٽائي اڳيان، ڪنديس ڪين ٻيا.
٤. قاسم ڪيچ ڌڻين ري، جيئڻ مون نه جڳاءِ.
فصل چوٿون
] ١[ پر، م پنڌ وسار، ورچـِي ويهه م سسئي!
مري منڌ ميار، لوچي لاهه لڪن ۾.
]٢[ لڏ م لهرين کاءِ،
ٻڏ م سڪي پٽ ۾
نحن اقرب اِليه من حبْل الوريد،
پري پيرم پاء
آري توسين آه، سڏان ويجهو سسئي.
]٣[ ورچـِي منڌ وراند، اوري ِڪج م ڪيچ کان
تو مٺـِيءَ تي ماند، پهڻ سندي پنڌ
جي
]٤[ سمهه م سڄي راتِ، اوڳي ڍڪ م اِکيون
تو جني سان نـِينهڙو، سي زوراور
ذاتِ
پڄاڻان پرڀاتِ، سور ساڌي سسئي.
]٥[ سمهن سڌڙيون، سچيون سورن واڳــِيون
پر ۾ پنهونءَ ڄام جي، ٻولن ٻڌڙيون
جي ڏکن ڏڌڙيون، تن روندي وڃي
راتڙي
]٦[ ڏک نه ڏڌڙيون،
سک سڱيڻـِيون جيڏيون.
اڌ مان اڌڙيون، مون کان ڇـِني
موٽـِيون.
]٧[ ستـِينءَ پير ڊگها ڪري، ڏٺئي تين ڏونگر
ٻاروچاڻي سڱ تي، ڀوري! ڏي م ڀر
پاجـِياڻـِين پر، سـِک ته ملين
سسئي!
]٨[ الله اوءِ اچن، جنـِي ڏوري آهيان
اٺ اوٺـِي يگ بودلا، بوتا شال
بَچن
سندي ساء سچن، مــرجان ڏونگر
ڏوريان.
]٩[ ڏوريان ڏور ويا، اڄ نه اوڏا سپــِرين
وڃي ڪيچِ ڪـِيا، ماء! اوتارا
اوٺئين.
]١٠[ ماءَ! هوتاڻي هٽ، مڇڻ وره وهائيين
نه سا تڪ نه تور ڪا، نڪو وجهن وٽ
اتوري الٽ، ڏيئي وئڙا ڏک جــِي
]١١[ اڳ نه سونهين دڳ، پڳ نه پٿــر هيروان
سنئين واٽ سرڳ، الله ڪـِج اٻوجِهه
کي.
]١٢[ آءٌ ايڏيائي آهـِيان، سور ساماڻا لس
ڪيئن ڪريان، ڪيڏنه وڃان، واڳ نه منهنجي وس
هنيڙي منجهه هبَس، ڦوڙائي فراق
جو.
]١٣[ آءٌ ايڏيائي آهـِيان، سور وڌي ٿيا وڻ
منهان ماسو نه کڄي، هوتن مڪا مڻ
منڌ! مقادي کڻ، جيڪـِين مڪو
سڄڻين.
]١٤[ سسئي لٿي سول، پوندءِ پنڌ پهاڙ جو
اچـِي موت قبول، ته جئري مـِلين
جت کي.
]١٥[ هو لڏيا تون لڏ، آتڻ آڏ م نـِجهرو
اڏيو ڇڏي گڏ، پنهنجو پاڻ پنهونءَ
سان.
]١٦[ ويهه م، کڻج وک، هل ته ملين هوت کي
ڏکؤن چڙهندينءَ ڏک، سيج پسندينءَ سسئي.
]١٧[ نيڻين ڏج م نوم، سمهڻ گهوريو سسئي!
سنج ڪشيائون، سنڀيا، آرياڻي اليوم
ڪهل نه ڀري قوم، ٻانڀڻ ٻاروچن جي.
]١٨[ تون پڻ سنبَهه، سنڀيا ساٿـِي سوارا
قاسم
ڪــره پلاڻـِيا، قد قبي ڪارا
معذورين مارا، سيڻ ڪـِيا تو سسئي!
]١٩[ تون پڻ سنبَهه، سنڀيا، جتن جپ نه ڪاءِ
آيا جنهين لاءِ، سا پوري ڪندا پانهنجي.
]٢٠[ جڳ وچان ئي جت، سيڻ ڪـِئا تو سسئي
منڌ رئندينءَ رت، ٿوري گهڻي
ڏينهڙين
]٢١[ اوٺـِي ڪندا ايئن، جي هوند ڀانيم جيڏيون!
ته ڪيچين ملا ڪيئن، سرتيون! سور پــِرائـِيان.
]٢٢[ جتن ڪـِيڙو جيئن، آءٌ ڪا اهڙيائي ڪريان!
منهنجون مرڻ سيئن، ٻولون ٻاروچن
سان.
]٢٣[ اڄ اوٺارن لڏيو، مون کي پل م پاءِ
مورت ملڪ الموت جي، سامهين گڏيم
ساءِ
مورت ملڪ الموت جي، سامهين گڏيم
ساءِ
ميڙائي جي ماءِ! سمن سنگهر پٽئين.
]٢٤[ ووءِ ووءِ گهر وڙن، جن پاڻيان پري نجهرا
سي ڪيئن ماندمڙن، جي ڀيڻيان ڀيڙيون نه ٿيون.
وائي – ١*
هوند نه ويڙا هوت، جي هوند جاڳيون اکڙيون
١. هاڙهي وندر وچ ۾، پاڻ نه ٿيڙس پوت
٢. جيڏيون! منهنجي جندڙي، جتن ٻارڙي جوت
٣. قاسم! سانوڻ مينهن جان، اکين آندڙي اوت
وائي – ٢*
اي ماءِ!
ٻاروچاڻي ذاتِ، مونکي ماريو رات
١. ڪهڙا ڪندينءَ ڏکڙا، ڪيچين تي
ڪمذات
٢. موليٰ مونکي ميڙيين، جنگن جي جمات
٣. ڪــره ڪڻڪون نه سڻان، جي وروهن وات
٤. هوءِ نه نـِين پاڻ سان، توءِ تنـِي جي
تات
٥. قاسم چوي ڪيچ ڏي، پرين ويا پرڀات
وائي – ٣**
ڪهڙا ڪنديس ڏکڙا، جـِيجل ماءِ
هوتان تي
١. ويا ويساهي نـِڪـِري، ڏيئـِي تن تڪڙا
٢. سور سنڀاهي سڄڻين، مون ڏي اڄ مڪڙا
٣. ويٺي ڳوڙها ڳاڙيان، سارئو آءٌ سکڙا
٤. دعويٰ سندا دوست سان، چارا سڀ چڪڙا
٥. قاسم قريبَن کي، ساريو ڀري سڏڪڙا.
وائي-٤
پس پنهنجا هوت پير ڀري، پير ڀري تو نه سري
١. ڇڏ سانگو، چڙهه چوٽيين،
تان
تو سوڀ سري
٢. ووڙيندي وڻڪار ۾، مر ُ سا منڌ مري
٣. وڃي پاهه پرين
کي،
اکيون آب ڀري
٥. قاسم چئي، ڪر ڳالهڙيون، لڳـِي هوت ڳري
وائي – ٥
هاڙهي جي هوت کي دل ساري ساري ڪـِينءَ وساري
١. هيڏي شهر ڀنڀور ۾، پنهل پِيم پناري
٢. آءُ اوٺي ڪر ڳالهڙي، اي
ندا ڪـِين اوتاري
٣. ويو ٻاروچو نڪري، گهايل هت گهاري
٤. قاسم چئي ڪيچ
ڏي، وئڙا
ڪره قطاري
وائي – ٦*
هوتان دي هٿ واڳ، دوستان دي هٿ واڳ
ميان ڏوه نه ڪوئـِي
١. واڳ هوتان دي هٿڙي، ڏاگهان آڇ نه ڏوئي
٢. جنهن در پورهيت سسئي، نيندا نال نه سوئي
٣. قاسم ڪارڻ سڄڻين، ڇوڙيم سانگ سڀوئي
v
فصل پنجون
]١[
آڌيءَ
آُڌاڻـِي، سسئي ٻڌي سندرو
ڪڻڪـِي
ڪونجڙين جيئن، روه چڙهـِي راڻـِي
سڳر سڃاڻي، هلـِي هاڙهي سامهـِين.
]٢[
وڃان ٿـِي وڻڪار، ڇــِنو سڱ ڀنڀور جو
مارڳ وسن مـِينهڙا، مٿان ٿئي ملار
ترڪي تڙ اوتڙ تان، ڪـِري مان قطار
مان ورمن وچ ۾، اولاڻي اوٺار
سو په ڪر ستار! جنهن په جدا نه ٿـِيان.
]٣[
هلو جي نه هلو، مون تان وڃڻ وارئو
آن کي آريءَ ڄام جو، جيڏيون ناه جلو
آنهجو ٿـِئي ڀلو، مونکي منع م ڪرهو.
]٤[
اڄ م الهه سج، ته ڪو پري پنڌ ڪريان
پهر لڪائي ليل جا، ڏينهن پنهنجي کي ڏج
ڪام لهڻ جي ڪـِج، ته سورج ملان سڄڻين.
]٥[
سـِج لٿو، سانجهي ٿـِي، مٿان وري مير
رڻ ۾ پـِيم راتڙي، ڪيئن پسبو پير
آيل! اِن اوير، مونکي اڄ منجهائـِيو.
]٦[
ساٿين ڇڏيو سانگ، پڄن ڪيئن پيـِاديون
ڏنائون سـِر ڏونگرين، ٻڌي ٻوٿ ٻِڙانگ
آءٌ ٿي چڙهان چوٽئين، لانچيو لڪن لانگ
گاذر لاءِ گـــَڙانگ، ماري
مڪا سڄڻين.
]٧[
چانگن بَڇيان
چور، ڏيرن بَڇيان ڏکندو
جني مونکي ماريو، سي ڪيچ م رسن ڪور
هوند نه ڏٺم هور، اڳي جي نه ائين ٿيو.
]٨[
جي مهند آءٌ مياس، پوءِ سنڀوڙا سپرين
سڌر سورن وچ ۾، هوند نه هيئن هياس
جيلهه نڪ نه ناس، تيلهه جـِيان جيڏيون!
]٩[
مهند م مــرڻ هوءِ، پوءِ م جـِيان پــِرين ري.
سببُ گهران سوءِ جيئن هلڻ هيڪاندو ٿئي.
]١٠[
الله آهين تون، اوٺين تان ايئڻ ڪيو
جِيئڻ گهورئو جت ري، مرڻ وس نه مون
ڀيڙي ڪري ڀون، هوت نه هاڙهي هلـِيا!
]١١[ اڀ تتو، ڀون ٽامـِڻـِي، ڏيل – گدازو ڏينهن
قاسم! قدم پانهنجا، تيز اپاڙي تيئن
پهتي پنهونءَ سـِيئن، سمن پوري سسئي.
]١٢[
اڀ تتو، ڀون ٽامـِڻـِي، سورج ســِر ڪپار
الله! م لڳي ان جي، ڪوسو واءُ قطار
اوٺي ۽ اوٺار، مون پـــَرنـِيا ربّ کي.
]١٣[ رات وهامـِي ڏينهن ٿـِيو، پــِره ڇــنو پاند
ور ڪوهيارا ڪانڌ! پورهيت پنا ڏينهڙا.
]١٤[ رات وهامـِي ڏينهن ٿيو، ڏونگر ڏکا ڪن
تڪيو نهارن، قاسم مڙهه معذور جو.
]١٥[ رات وهامـِي ڏينهن
ٿيو، داڙو ڪـِجِ م دير
ور ڪوهيارا ڪارڻي، ٿـِي واهــر جـِي وير
ڪانڌي ٿـِيندم
ڪير، قاسم ڪيچ ڌڻيءَ
ري.
وائي-١
ڪوه ڄاڻان ڪيهـِي، وو ڏير نه مون ڏيهي
ماءَ ٻاروچي من ۾
١. مڇڻ ڪا منڌ ڪري پــِرين پرڏيهـِي
٢. سنجهي ساٿ پلاڻئو، وٽان مون ويهـِي
٣. مونکي ڇڏي ڇپرين، پرڀونءَ ويا پيهـِي
٤. جني پکا اوڏڙا، سيڻ ڪجن سيهـِي
٥. قاسم ڪيائون پڌري، هئي جتن من جيهـِي
وائي – ٢*
پنهل! پنڌ پاري، ڪيئن ڪندي منڌ ڪيچـِيان
١. سا ڪيئن جـِيي جيڏيون، مين جا ماري
٢. آڏا ڏونگر لڪـِيون، واٽن تي واري
٣. ڏير چڙهـِي ويا
ڏونگرين، ڌڪي هيءَ ڌاري
٤. آهي آري ڄام جـِي، وجهل ويچاري
٥. قاسـِم! ڪيچ ڌڻين سان، ضعيفن زاري.
وائي-٣
ڇڏي هوت م هل، اي دوست جت ميان!
آءٌ اوهان جي آهيان
١. اندر آريءَ ڄام جي، صورت ڪيڙا سل
٢. ٻاروچاڻي ذات کان، جان پــِرايا جل
٣. اوٺي آري ڄام جا، جهليا ڏين نه جهل
٤. پنهون پاٿاريءَ کان، پاسي ٿيءُ م پل
٥. هوت هلندي ننڊ ۾، قاسم پئي نه ڪل
وائي-٤
پريم! مون من توري، جهوري جهورڙي رانئيو
١. پيرين آن نه پڄـِڻي، آءُ آرياڻي اوري
٢. پسـِي پاهڻ پٻ جا، هـِنيڙو پيو منجه هوري
٣. ڇــِنا مون نا ڇڏيا، ظاهر ويڙا زوري
٤. مٿان پرين جندڙو، گهور نه ڄاتم گهوري
٥. قاسم قريبن جا، ويٺڙي سڳـــَــر سوري
|