سيڪشن: شاعري

ڪتاب: خليفي صاحب جو رسالو

باب:

صفحو:15 

نظم: قافيو الف اشباع

]نڪتا تصوف جا[

صفت ڪر سبحان جي، جنهن کي جوڙ جڳاءِ

جو خالق گهڻي خلق جو ملڪ ڌڻي موليٰ

جنهن اپايو آدم کي، مولي مهر منجهان

آگي آدم کي ڏني توڙان تعظيما

الانسان سري و انا سره، عجب اسرارا

قوم گهڻي قدرت سان، ٿئي پرس منحهان پيدا

ڪي عابد ڪي عادل، ڪي ظالم ڪن ظلما

ڪي عالم ولي اوليا، ڪي ملان مسجدا

ڪي گنگا ويندا گودڙيا، گرگز هندوئا

آهي ڪل عالم جو اصل احمدا

جمع منجهه فرق جي ٿيو رايو رحمانا

ته آهري ڪجي هٿ ۾ پسڻ پنهنجي لاءِ

جا هيڪڙي منجهان ٻه ڪري فرق في الحالا

ته مرجان رسي روح کي سندو صحبت سا

ته منهن پنهنجي جو اکيون ڪن درست ديدارا

تيلاه ڪيو هٿ ۾ آئنو ان سببا

ته صورت شور اٿاريو اڌميو اوڙاه

ڳڻي ڳڻيا ڪيترا عجب آگي جا

پر اچي آدم ۾ پئي موج محبتا

سو ڪين ميائي ڪوزي ۾ ثابت سمونڊا

جيئن ڀري ماٽي ان جي، تِڙڪي ماڙهوءَ تا

ڪي شيشو ڪري شراب جو پئي پهڻ مٿا

ڪي قصا ساڻ ڪنوار جي ڇنو هار هٿا

ڪي ٺهڪي سان ٺڪريون ٿيو داڻا دور پيا[1]

عشق آدم سين ايئن ڪيو جا پر پسو ٿا

پئي ڪارائي ڪاٺ ۾ ٿيا ڦرها ڦرها

هاڻي هيڪ وجود مان لکين لک ٿيا

ٿيو حسن هوت حبيب جو ظاهر ظهورا

اصل منڊيو معاملو مولي محبت لاءِ

هاڻي گهرجي ڪينڪي توکي سڪ سوا

گل ڦل کليا ڪيتڪي مينهن ملارا

بجلين برساتون ڪيون چمڪيون چوڌار

آڻي لايا عاشقين نيڻين نظارا

ڪنڍا ڪاڪل سڄڻين ڪيا سيني سٽڪارا

اٺو پهر عشق جا دل ۾ ڌنڙيارا

سـِر سودي ۾ آئيا گڏيا وڻجارا

سينا گڏيا سڄڻين هنيان هيڪ ٿيا

من ۾ مشتاقن جي مقصد محبتا

اوڏا اڏيم پکڙا عقل سي اصلا

عقل عشق پاڻ ۾ وڏا وچ پيا[2]

عقل تابع سي ٿيا مخنث مردودا

ماضي مسئلا اڄ سين پلي تن پيا

ٻيا پڻ لکين ان جي گهڻا صحبت سجهاتا

ويچارا وصال کان موڳت منجهايا

ڪهڙو قدر موتيئن ڪوڙن ڪانيرا

ڪانگ ڪرڙي وات ۾، للو لالون کاءِ

جي ٿو ماڻڪن ميڙائو گهرين تا هنجهن پاڻ هيراء

سنگت ڦٽي ڪر سانهه جِي جا گوجون گانگٽ کاء

جا ڊينڊن ڪاڻ ڊهن ۾ ٿي پاڻي پير پساءِ.

ڪيئن ٿو پڇين ڪانڌ جي ڪر ڪنواريءَ کاء

رسيو نه تنهن جي روح کي سندو صحبت سا.

پر رنڊائيندي رنڙي اٻوجهه ويچارا

جنهن جو مڙس مري ويو، ٿي سڪي سينگارا

ذڪر تنهن جي من ۾، ماضي موجدا

سڄر سپيرين جي سا ڳالهه نه ڪندي ڪا.

پر پوندي ڪا پرڻيءَ کان پِرين جي پرجها

هوت جنهن جي هنج ۾ هردم حياتا

نت نت تازا نينهن جا ٿي ڳاج هنيين سين ڳاءِ

وچان وچ وصال جي سا لئن ڪين سماء[3]

رهيو نه رتيء جيترو ڪو هن وٽ حجابا

قرب ڪمالت رسيو وچان غير وئا

ڪري فرض مريض تي، صحت سڀڪڀين کاء

”اِعملوا ماشئتم قد غفرت لڪم“ سڀڪين تني لاءِ

ترت لطيفي طعام جو سالڪ چکن ساء

کٽو کير مٺو ٿيو مليو ماکي ساء

جنهن کي صحت سرير ۾ آگي ڏونه اصلا

بادي ترشي طعام جو تنهن کي ڊپّ نه ڊاء

”يبَدل الله سيئا تهم في الحسنات“ قادر جا ڪرما

ويا روزا، عيد ٿي، جيئن کائي تئن کاءَ

روزن سندي عيد مان ڪثر ڇڏ م ڪا

روزو رکڻ عيد ۾ وڏو غير گناه

نڪين مومن سو ٿئو محض مجوسي آه

ميرا تون منسوخ ڪر، مٽي اوڍ اڇا

ٻڌ ٻِيڙو گل ٻانهن ۾، ڪجل ڪاني پاء

مر کٿوري مينڍن ۾ تون لوئي لالڻ لاءِ

دوئي ورق دفعي ٿيو خوني خبيثا

جنهن وڌو وچ وصال ۾ هئي هئي حجابا

سا ڪيئن وڻي سڄڻين جنبِي هوندي جا

غير غباران گاڏئون پرين پاڪيزا

رات وهامي ڏينهن ٿيو، ڪيو شمس شعاع

سج چوٽي سر آئيو سجدو ڪين سماء

نڪا رهي ان وقت ۾ نفل نمازا

ڌنڌ دوئي جو وڍيو سندي شمس شعاع

تون هڏ آهيين ڪونه ڪو، جو آهي سو آه

جيڪين آڏو سڄڻين سو سڀ لاٿو ”لا“

”انا احمد بلاميم“ اتو احمد شاه

”فاينما تولوا فثم وجه الله“ چوڏس نورنگاه

لالڻ ڌارا لکڙي قاسم! پس م ڪا

قادر ڪلمون راس ڪيو مٿي محمد شاه

لا اله الا الله محمد رسول الله

 

نظم: صنف کينهون

]نڪتا تصوف جا[

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

ڪريان سائينءَ جي ساراه      جنهن سائينءَ وڌم ساه

مڃان محمد مختيار   جنهن جا چار چڱا يار

سونهن ساڻ صحابن  ڀلا پاڪ پنج ئي تن

هادي حسن ۽ حسين  سچا سيد ثقلين

منهنجو روهڙي وارو پير       هادي مهدي همه گير

مهدي مٿئون محي الدين     داڙو جنهن جياريو دين

آهيان آءٌ تنهن جو سڳ       جنهن تي پيرن سندي پڳ

مٿس پير سندو پوش  آهي مهدي مي فروش

جن جو پِير سان پيوند سي تان نوري نقشبند

نبي سوا لک چون             احمد موڙ مرسلن

احمد الله سندو نور             قاسم! ڪونه ات قصور

منجهان محمد جي نور        خلق فلڪ ٿيا ظهور

’انا من نور الله‘       ’وڪل شيءِ من نوري‘ آه

نور نبين ۾ جيئي     پِير پِيرن ۾ ٿِيئي

گوهر صدف ۾ آيو             پيس عشق جو رايو

مليو رنگ ۾ رنگ    متي عشق سندي جنگ

کليو ”چون“ ۾ ”بي چون“      قاسم! ڏس ۾ ادا ڏون

’نحن اقربُ‘ موجود            ويٺو وارث منجه وجود

پسو آب منجهه حباب سوئي راڳي سو رباب

’بلاميم‘ چيو شاه     وڍيو دوئيءَ کي داناه

جنهن جي صفت تنهن جي ذات      جنهن جو ڏينهن تنهن جي رات

همه نور جو ظهور      ڪٿي صحت ڪٿي سور

آهي همه جا حبيب    گهي مرض گه طبيب

لکين لهريون لک حباب       آهي اصل سندن آب

هتان هلي آيو هت     لڳو نينهن نغارو نت

مليو رڳ رڳ ۾ روح  تنهن لاءِ ٻولي سنجهه صبوح

وارث ويٺو منجهه وجود        مڙيو ملڪ ڪن سجود

پسو پرت سندا پار     ڪيئاين ڪڻي منجهان ٻار

پسو پرت سندا موڙ    ڪيائين ڪڻي منجهان ڪوڙ

پئـِي ڦوڙائي جي فال   وري ٿيندو ڪئن وصال

منهنجو وطن آهي ويڙ جهڙي ڀاناڻي جي ڀيڙ[4]

جتي ڊپ نه ڪو ڊاء   نه ڪا ڀيڻ نه ڪو ڀاء

نه ڪي موت سان مرن ٻڪر چاڳ سان چرن

نه ڪو موت نه ڪو مرض     نه ڪا سنت نه ڪو فرض

نه ڪو دوزخ دستور    نه ڪو ملڪ نه ڪا حور

نه ڪو بهشت نه ڪو باغ     نه ڪو بلبل نه ڪو زاغ

نه ڪو جِن پريزاد       نه ڪو آتشي نه باد

آبي خاڪي ڪونه ڪم       نه ڪو استخوان لحم

مون کي کنيو ڪنهن خيال   تڏهن لوئي اوڍيم لال

کلي آيس مٿي کوه    تتي ٽهڪيا ڏٺم ٽوه

عمر ايندو ڏٺو مون     ڀانيان ڀيڙي ٿيان ڀون

اڀي هويس مٿي آنهن اچي عمر جهلي ٻانهن

مونکي هاڻو هٿ م لاءِ        توکي ڄڻيو منهنجي ماء

آهيان آءٌ تنهنجي ڀيڻ صبح ڪيئن کڻندين نيڻ!

قلم قضا آنديس ڪوٽ       منهنجي کٿيءَ لڳي کوٽ

اکيون واٽڙيون ڏسن    سدا سنديون سنگهارن

مونکي موليٰ ميڙيين سي     جيڏيون چار چڱيون جي

پڄِي آيس پرڀون[5]              ڇڏي ’چون‘ کي ’بي چون‘

مونکي عشق آندو ات جتي ڀونء نه ڪا ڀِت

عمر عشق جو نالو     ڪيائين ’چون‘ ۾ چالو

العشق نارالله   نه ڪي رهيو ري الله.

 

سي حرفي در ]بيان[ جنگ هير و مادر او[6]*

]ٽيهه اکري، هير ۽ سندس ماءُ جي جهيڙي بابت[

 

الف آپ ستار ستاري ڪري، رب کي رقيبان دي جنگ ڪنون

سڙ پڪ ٿئي دل ڪڪ ميڏي، اِنهان جهنگ سياليان دي ننگ ڪنون

کيڙي خر ڪنون شلا مر وڃان، انگ انگ ڪنبي جنهن دي انگ ڪنون

اڄ ڪل کيڙا مري ڀل ڀيڙا، وڃي موت پِرا وڏي کنگهه ڪنون

رانجهو نال نهال ڪمال ٿِيوي، دل دوڙ پئي لنگهه دنگ ڪنون.

 

الف آک ڌيا! مينون ساک سچي، ڪٿان چاڪ ڏٺئي وچ خواب دي ڙي!

متان جاڳدي جاد منائي هئـِي، پلؤ کول نڪار نقاب دي ڙي![7]

کيڙي خان ڪنون بي ايمان ٿيوين، در دان گهني بَد آب دي ڙي!

ڪوڙين عشق دي خيال خوار ڪيتي، لک تاب حسن مهتاب دي ڙي!

مدپِي مباد مبِيد والـِي، دنگ لنگهيٰ هئين ڏوه ثواب دي ڙي![8]

 

بي بان لڳا تينون ڪان ڪيها، نعرا مار نقاري تي لڙديئين

ڦٽيي سور وانگون ڪر شور سڃِي! ڪن ڇنڊ اڳون کپ کڙديئين

کيڙي نال نهال خوشحال ٿيوين، رانجهو ڏيک سدا نت سڙديئين

ڪر ٽور چنڊور انگور پٽي، اسي وانگ اسان نال اڙديئين

آؤسئي ڪم قيام دي ڏينهن کيڙا، جنهندي ڪاڻ جهنم وڙديئين.

بي بار بره سر سيئي چائن، سيني هانء رکن نر شينهن دي ڙي!

پهلون آپ ڪنون پاسي آپ ٿـِيون، پــِڇين نانءَ ڳهنن شه نـِينهن دي ڙي!

سٽ دور خودي خود خاص ٿيون، سرمي صاف وانگون تن پِيهندي ڙي!

ڪاورنڀار بَدل ڪپار چڙهيي، ابر آ وٺي مند مينهن دي ڙي!

تون تان لڪ پووين پکي ڪڪ وانگي ڄڪ ڄڪ ڏيکـِين ڄٽ ڏينهن دي ڙي!

 

تي طعنا مـِٺا مئن نون چاڪ دا، آتين چاڪ مٺا کنڊ کير ڪنون[9]

ماڻي چاڪ چناه دي ڄٽي شالا! جو مئن منگ ڳــِڌا وڏي پير ڪنون

ٿِيوم عشق نباه نصيب سدا، ملي دان داڙو دستگير ڪنون

منجهينوال دي منجهين دا کير مئن نون گهن پِير ڏتا سچ سير ڪنون[10]

راضي رب رحيم ڪريم ٿِيوي، بَچي هير توڙان تقصير ڪنون.

 

تي تن تيڏي متان رت تتِي، سٽ مت ڪمت پِرائي آئي ڙي!

مر ڦٽ اڦٽ اگهٽ وڃين، پڳ ٻاپ دي پٽ ڪرائي آئي ڙي!

منجهينوال مهوال محتاج ماني، کيڙا ڄٽ شريڪ سرائي آئي ڙي!

کيڙي خان جوان سجان ڪنون، ڦـِڪي دوڙ ڪيون دل ڦرائي آئي ڙي!

ڊنگ ڊنگ ڍنڍوري دا ڍول وڄي، ڏيندي بَديان ڀيڻ ڀِرائي آئي ڙي.

 

ثي سڪ سچِي سچي يار دي مئن نون، تين ڪوڙنمـِي تن تـِل دا ڙي!

الله ايوين ڪيتي جـِيوين آکديان، اکيين نال ڏيکان ماهي ٽـِلدا ڙي!

شه تخت هزاري دا چاڪ بَنا، ڪـِسي ڀاڳ واليين کـِل مـِلدا ڙي!

منجهينوال مـِهوال مئن نال شالا کيڙا ڏيک سڙي خوش کـِلدا ڙي!

در دام ميڏي شهباز پـِيا، ٻِلي کا ڳــَئـِي ٻچا هـِل دا ڙي!

 

ثي سچ نصيب تِنان ڪون ٿـِيوي جيڪي حب رکن گر پِيردي ڙي![11]

ڪنون پير ملي دلڌير ٿئي، اڪ سون ڪيتي اڪسير دي ڙي

منجهينوال دي نال خِيال تيڏا، جهڳ جهڳ چٽين جهڳ کير دي ڙي!

سمهي لوڪ سڀــِو سک رين ساري، نيڻين ننڊ ڦٽي هڪ هـِير دي ڙي!

سڻ! وير مباد مريسي تئن نون، تڪ تڪ بَٿـِي تن تـِير دي ڙي![12]

 

جيم جهولـِي وڙيا سج چنڊ ميڏي، زد خوف ٿئي ظلمات دي ڙي[13]

منجهينوال وچولي مئن شاه ڏٺا، مد نور ڀريا سج ذات دي ڙي!

تيڏي شڪ اکيين ڪنون حق نيتا، ٿِڙ ثاٻي کاوين آڌي رات دي ڙي!

ڏيندي ڏوه تڏان اکئين ڏٺا نوي جو مئن ڏاج لڌا ڳجهي ڏات دي ڙي!

قاسم! رين ڳئي دن هو رهيا، پکـِي ٻول ٻيٺي پِرڀات دي ڙي!

 

جيم جڳ جهلي جس دڳ ڪنون، گهن دڳ اڳون ول وڳدي ڙي!

اِهين ٺڳ تيڏي دل ٺڳ نيتِي، سٽ جڳ اسي ڳل لڳدي ڙي!

رڳ رڳ دونهين دک ڌڳ پئي جب جنگ لڳــِي جهڳ مڳ دي ڙي!

ٻن گهت دنيا والي دوستي ڪون، جب رک غنيمت اڳ دي ڙي

اسان آپ ٽوڪان ڪرون جڳ اتي، هڻ ٽوڪ پئي ساري جڳ دي ڙي!

جي حد عمل دي رد ٿئي، وک وڌ پئـِي وڃ يار ڏهين

ڪران بس ڪيوين، نهين وس ميڏا دل دوڙ ڳئي دلدار ڏهين

خس خار دي ڪنب آزار ڪنون، بلبل اڏ ڳئي گلزار ڏهين

جي تون ماء سڏي، گهن ان ماهي، منجان ميڙ تئن نون منٺار ڏهين

شلا خير هووئي، ڪر خير ڪوئي، دارو ڀيڄ دوا بيمار ڏهين.

 

خي هٺ سڃـِي! سٽ بَٺ تلي، منهن مٽ بُري بد خيال ڪنون

کيڙي ور دي گهر سهاڳ ماڻين، وڃن مر اهين منجهينوال ڪنون

جنهان حق ڀني حق واليان دي، رنڊيان لنڊيان سي ربّ وصال ڪنون

تينون لٽ الٽ پلٽ لڳي، تاڙي گٿيئي تال چؤتال ڪنون

قاسم نال وصال بحال ٿيوي، ربّ رکي جدائي دي جال ڪنون.

 

خي خوش وتان اهو ڏينهن سڄا، جنهن ڏينهن سڻان مهڻين يار دي مئين

لک لک بديان، لک مهڻي طعني، پلئه پاء جهلان اس پار دي مئين

اِهين خر منافق ور ڪنون وڃان مر اڳون منٺار دي مئين

جنهن وار سڀاڳڙي يار آوي، ٻيٺِي ڏينهن ڳڻان اسي وار دي مئين

گهتي حيف سدا صف عاشقان دي، ڳاني تروڙ ٻهان دلدار دي مئين!

 

خي خون خنام خطائي ڪنون ڪر بس سدا هنس رس ولي![14]

لڳي ڪيڙ ڪنون ڪيهي چيڙ تينون، ڏتئي ڏات ڪيها ڏنڀ ڏس ولي!

کيڙي نال نڪاح پڙهايون تيڏا، سونهي سيج سونهاري سس ولي!

پڇين کيل ڌمال مجاز والي، منهن تي مل ٻهين ڪالي مس ولي!

قاسم لاڪي نينهن نڀايا جنان، جهولي پا ٻيٺي جڳ – جس ولي!

 

دال دم قدم تي ياد ماهي، رهيا رم صنم سرير ميڏي

هڪ دل نتي دلدار هـِڪي، پنج ست نهين ڪجهه پـِير ميڏي

دل شير دلير دي پير کتي، شمشير سٽـِي مڻ وير ميڏي

هڪ جؤ جيتِي نهين ڀؤ توڙي لک سؤ سٽو سر تير ميڏي

قاسم ڪم سڀي تل تم ٿئي، لـِکي توڙ ڪنون تقدير ميڏي.

 

دال ديڳ سمل دي سڏ ڪيتا، آوي مجنون ٻي نون کاوڻا ڪيا[15]

جيڪو لائي ته نينهن نڀائي، نتان ستا شينهن ڏي چوڪ جڳاوڻا ڪيا!

چڪي تال چؤتال دي تال ڪنون، اسي تال بيتال تي ڳاوڻا ڪيا!

لڀي لال ڪيهي ڳت نال ڪيوين، ڀتا ڀاڻ ڀري ٻڌ چاوڻا ڪيا!

قاسم ڪون قضا ڪنون ڪنڌ ڪڍي، سر آئي قضا، ته سجاوڻا ڪيا!

 

ذال ظن ڪنون ڪيها ڌن کٽيئي، رن ٻن پيا ظن پيٽ داڙي!

ڏيوان ڏنڀ تينون هڻ ڏيک ماهـِي ميڏي پيٽ اتي نـِت ليٽدا ڙي!

دل ڀڄ کڙي جنهن لڄ ڪنون، لٽا لاهه سٽان پٽ هيٺ داڙي!

شلا جهنگ دا ننگ نصيب ٿِيوي، انگ اوڍ ٻهان ٻوٽا ٻيٽ داڙي!

لنگهه ريل آويل سويل وڃان، ڀِني رات ڏيکان رنگ ريٽ دا ڙي!

 

ذال زنجير زليخا والي، تيڏي ڪاڻ سينگاريم ست ولي!

اِهين مت ڪمت دي ڳت ڪنون، هن هٿ هٿوڙيان گهت ولي!

گهتان بند بلند ڪمند تينون، هنڌ هنڌ رووين رتِي رت ولي!

ڪوه ڪاف دي لاف نه مار سڃـِي! ڏيندا عشق ڪسي ڪون نه ات ولي!

قاسم! شمس دي کل چون ئي ڪلهه اڃان رڱ عشق سـِيتـِي سهڻي نت ولي!

 

ري راند برهه دي رمديئان، رم رم سکـِيئان صنم ڪنون

خم خم ڪنون مد پـِي ميڏي دل صاف ٿئـِي جام جم ڪنون

پيدا لوح قلم جنهن دم ٿيا، لڌا رم صنم تنهن دم ڪنون

کيڙي خر ڪنون سڃ بَر ڀلا، وڃان مر اِهين مدي مم ڪنون

قاسم ڪيتاهي يار شڪار سانون، سٽ ڄال ميڏي سر ڄم ڪنون.

 

ري رنگ برنگ دي طور تيڏي، ڏيندي رنگ برنگ ڏکاليان ڙي!

نت رنگ برنگ دي راند رمـِي، نت رنگ برنگ ديان چاليان ڙي!

مونڍي رنگ برنگ دي لال چيري، ڪنين رنگ برنگ ديان واليان ڙي

ڏندين رنگ برنگ مساڳ ملـِين، ليين رنگ برنگ ديان لاليان ڙي!

ڏيکي رنگ برنگ دي ويس ماهي، ڪري رنگ برنگ ديان ڳالهيان ڙي!

 

زي زنگ دورنگ دي جنگ متـِي ڪش تنگ ترنگ اٿاونديئين

ڀر تير فقير تون هير اتي، ڪش ڪان ڪمان ڪيون اونديئين

گم عيد پليد يزيد ڪيتي، تيغان عشق امام تي چاونديئين

تون ته رن بَني بني اميه دي، زيرا پٽ صحاب دا کاونديئين

مليي کڏ اهڏ ڪن هڏ تيڏي، اڄ ڪلهه جهنم جاونديئين.

 

زي ذري ڀوري سمجهاونديان ٻيٺي ڳائون ديان ڳالهين مت ديان[16]

ندي لنگهه نسنگ نه ننگ والي، تيڪون ننگ دي ونگ مين گهتديان

ڀڄي ڪنڌ تيڏا سنڌ سنڌ ڪنون، گلا چير پِيوان وٽيان رت ديان

ٻوڙين لت ڏي پت ڪپت تيڏيان متيان مڙهيائن مفت سمت ديان

قاسم درد فراق دي دونهين دکيي، ڪنهن دي نال ڪران ڳالهين ات ديان.

 

سين سينڌ ميوي گهن چاڪ دي چوڻي تين عشق ڏتيان ڳنڌ ڳنڍيان ڙي!

منجهينوال دي نال مجاز ميڏا، لڳا نينهن نچان گهت گهنڊيان ڙي!

جوڳي يار دي نال بازار گهمون، هٿ مار لڏون اسان لنڊيان ڙي!

جوڳي يار دي نال بازار گهمون، هٿ مار لڏون اسان لنڊيان ڙي!

گهنڊ گهنڊيان ٻڌن لنڊيان، لڳن لنڊيان دي پِڇون ڀنڊيان ڙي!

قاسم ڪون ستيان دي سنگ چلي، ڏينديان چور ڪتي واليان چنڊيان ڙي!

 

سين سهيليان تؤ سٽيان مٽيان، ]چلين نت نويان[ چتر چاليان ڙي!

هٽ هٽِيان هليان ڄٽِيان دي وچ ]پٽ[ پِٽِيان ڏتِيان ڳاليان ڙي![17]

چيچ پاليان تيڏيان ٻاليان ]سي[ ڪل ڪيتياني سياليان ڪاليان ڙي![18]

هل چِين مچِين سچين پِيا، راند مچـِي وچ ريزاليان ڙي!

قاسم جنگ آندي جِنهان عاشقان تي، ڏيوان ٽنگ ڦاهي وچ ٽاليان ڙي!

 

شين شالا شد نينهن ٿِيوي، اوهو ڏينهن الله ڪنون منگديان

ڪڇ، ڪيچ، قصور مشهور ٿيان، ڳالهين سڻيان جڳ ]اين[ جنگ ديان

وچ رنگ بيرنگ دي جنگ لڳـِي، گهت ونگ نسنگ نه سنگديان

هٽ هٽ ]تي ڀٽ[ دي گهت وڄي، ڌوم ڌوم بَنيان مرڌنگ ديان[19]

قاسم لنگهه دورنگ دي دنگ ڪنون، پڳان ٻڌ شتاب سرنگ ديان.

 

شين شير شاهين شڪار ڪيتا، سڻ بِين لکين ٿِيان بانوريان

جند جان ]سنان[ نشان ڪـِيتِي، اکين ڏيک سلوڻيان سانوريان[20]

متـِي رنگ بيرنگ دي جنگ جِٿان، رک دنگ دوئـِي ٽريان ٽانوريان

هيرا هير مٽين ڪيون هٽيان تي، جهولي پاموتي جهل جهانوريان[21]

قاسم! تال سنڀال چؤتال والا، گن پڇ ڪنون گــُن گانوريان.

 

صاد سچ پـِيا پلي ڪچ نهين، ٻليا مچ لڳا نينهن نچديان

نچ نچ پتنگ پيا مچ تلي، ڪنون مچ تـِڏيان ڀڄ بَچديان

بَچ بَچِ پِراوڻ ڪچ ڪيها، ڪنون سچ سپچ رنگ رچديان[22]

لٽ پٽ ڪٽڪ اٽڪ پئي، گهر گـِيان ]گهمر گهر[ گچديان[23]

 

صاد سڏ سهيليان گڏ ڪيتيان، پٽان اڏ توڏ ديان ماڙيان ني[24]

جِن ڀوت اڌوت ڀڀوت متان ماري تال بيتال تي تاڙيان نـِي

سڪـِي ڀيڙدي سيڙه ڪون چيڙ لڳـِي، جهنگ جهيڙ ڄلي پٽ ڄاڙيان ني[25]

ڏيکو بُوم دي قوم دي ڌوم متي، جنگ آندي عقاب تي آڙيان ني

قاسم! ڪون سيوي دلدار بِنئون پوتيان عشق فراق ديان ڦاڙيان نـِي.


[1]  خ ڌ ڪ، ته ڪي سان، د ڪ . ”ڪھ ٿٻه ڪي سان“

[2]  اصل ”عقل احمد پاڻ ۾.“

[3]  خ ڪ ”سالو ڪين سماءُ ش. ”سالون ڪين سما“

[4] ڀاناڻي جو ڀوڻو، نوابشاھھ ۽ سنجھوري جي وچ واري ايراضي ۾ آڳاٽي وقت ۾ ھڪ بر بيابان ھوندو ھو جتي پاڻي نڪا پھر.

[5]  خ ڌ. ”پنڃي، ڪ د ”بنجي، ش ”پنجي“

[6] * ھر حرف جا ٻھ بيت آھن، جن مان پھريون ھير جي زباني ۽ ٻيو سندس ماءُ جي زباني جواب آھي.

[7]  جاد منائي ھئي= چو وڍائي اٿئي.

[8]  اصل. ”موحدي والي“.

[9]   اص ”تي طعنا مينون چاڪ دا مٺا.

[10]  منجھينوال = ميھار، منجھين دا= مينھن جو

[11]  اص ”جيڪو حسب رکي“

[12]  مباد = مبادا- متان

[13]  وڙبيا = پيو- جھليو.

[14]  ولي = اڙي- ٻڙي!

[15]  اصل ”سنبل دي ”سل = سم الفار = زھر.

[16]  ڳائون= ڳوٺ- راڄ.

* ”سين جي ھن بيت کان وٺي ”صاد“ تائين، اھي پنج بيت فقط ٻن نسخن خ ڌ ۾ آھن، جن ۾ ڪن جاين تي ڪيلف ظ کٽل آھن ۽ صورتخطي پڻ ناقص آھي. خليفي صاحب جي اسلوب بياني کي مد نظر رکندي پنھنجي طرفان حتي المقدور کٽل لفظن جو اضافو  ڪيو ويو آھي. اھو اضافو چورس ڏنگين ذريعي نروار ڪيو آھي.

[17]  اصل.  ھٽ ھٽيان ھليان ڄٽيان دي وچ پٽيا ڏنيان ڳالياڙي.

[18]  خ ”چيچ پاليان تيڏيان ٻاليان جو ڪل- الخ، ڌ. ”چيچ پاليان تيڏ٠يان پاليا جو ڪل الخ.

[19]  خ ”ھٽ ھٽ جھمٽدي گت وڃي“ ، ڌ. ”ھٽ ھٽ ..... گت وجي“

[20]  اص. ”جند جان ضعان نشان ڪيتي الخ“ ، ”سنان = نيزو – ڀالو.

[21]   خ. ھيرا ھير کيون مثن ھٽيان تي“ . ڌ ”ھيرا ھير ڪيون مٽن ھٿيان تي“.

[22]  اصل ڀج بچ پيراون ڪچ ڪھا، ڪنون سچ سچ رنگ رچديان.

[23]  اصل گھر گيان ڪر گچديا.

[24]  اصل ”پٽيان اڏ توڏ دي ماڙيان تي.

[25]  خ. سکھي پھير دي سيڙ کون چيڙ لگي جھنگ جھڙ چلي پٽ چاڙياني. ڌ سکھي پھيڙدي اسيڙ ڪون چيڙ لگي جھنگ جھڙ چلي ڀٽ ني!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org